انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي ڪتاب
`The wild Palms` ۾ به اهڙا موضوع اچي ويا آهن، جن جو هڪٻئي سان ڪو به تعلق نه
آهي. تو انهن ٻن موضوعن کي ڪنهن خاص مقصد تحت گڏ
ڪيو آهي ڇا؟ ڪجهه مشهور نقادن جو چوڻ آهي، اِها
جمالياتي تمثل آهي. اِها واقعي جمالياتي تمثيل آهي
يا اتفاقن سڄيءَ ڪهاڻيءَ جي جوڙجڪ ائين بيهي رهي
آهي؟
فاڪنر: نه، ائين نه آهي. اِها هڪ ئي ڪهاڻي آهي، جيڪا چارلوٽ
رٽين ميئر ۽ هيري ولبورن جي آهي. اهي ٻئي ڄڻا پيار
لاءِ هر شيءِ قربان ڪري ڇڏين ٿا. پوءِ اڳتي هلي
اهو پيار نٿو رهي. ڪتاب شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ مون کي
اها خبر نه هئي ته اهي ڌار ڌار ڪهاڻيون ٿينديون.
ڪتاب جو پهريون حصو
`The wild palms` لکي پورو ڪيم ته محسوس ڪيم ته ڪهاڻيءَ ۾ ڪا کوٽ رهجي ويئي آهي.
ڪٿان ڪا تانَ ڪو سُر رهجي ويو آهي. اها ڳالهه ڌيان
۾ ڌري سُر سُر ۾ ملائڻ لاءِ ڪتاب جو ٻيو حصو
`Old man`
لکيم ۽ ائين ٻئي ڪهاڻيون وارڙيون ٿي پني تي آيون.
انٽرويو وٺندڙ: تنهنجي لکڻين ۾ ڪيترو ۽ ڪهڙو حصو تنهنجي ذاتي
تجربي جي پيڙهه تي ٻڌل هوندو آهي؟
فاڪنر: ان باري ۾ ڪجهه به چئي نٿو سگهان. مون ڪڏهن به ويهي ان
ڳالهه جي پرواهه نه ڪئي ته منهنجين لکڻين جو ڪيترو
حصو ذاتي تجربي تي ٻڌل آهي. اهڙي قسم جي ڳڻپ ڪرڻ
جي ڪڏهن ضرورت ئي محسوس نه ڪئي اٿم. بس! اها پڪ
اٿم ته لکڻ لاءِ ٽن شين جي ضرورت آهي هڪ تجربو،
ٻيو مشاهدو ۽ ٽين تصور جي قوت. انهن ٽنهي شين مان
ڪا به ڪسي هوندي ته ٻن ٻين کي ڌڪي وجهندي.
منهنجيءَ ڪهاڻيءَ جي ابتدا ڪنهن خيال يا ڪنهن ياد
يا ذهن ۾ آيل ڪنهن تصوير سان ٿيندي آهي. جنهن وقت
ائين ٿيندو آهي، تيئن وقت ئي ان تي ڪم شروع ڪري
ڏجي ۽ پوءِ اهو سمجهائجي ته ائين ڇو ٿيو ۽ ان جو
ڪارڻ اڳتي هلي ڇا ٿيندو؟ سٺي ليکڪ جي هميشه اِها
ڪوشش هوندي آهي ته جيڪي ڪرادر تخليق ڪيا وڃن، اُهي
حقيقي هجن ۽ حقيقي صورتحال ۽ پنهنجيءَ فطرت مطابق
چرپر ڪري اڳتي وڌن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو ليکڪ کي
اُهو ئي ماحول تخليق ڪرڻو پوندو آهي، جيڪو سندس
ڏٺل وائٺلڱ هجي، جنهن جي کيس پروڙ هجي. جيڪڏهن
اِها ڳالهه کڻي ويهي سوچجي ته منهنجي خيال ۾ اظهار
جو سولو ذريعو سنگيت آهي. ڇاڪاڻ ته سنگيت ماڻهوءَ
جي تجربي ۽ تاريخ ۾ اڳ ۾ ئي آيل آهي، پر منهنجي
ڏات سُرن جي بدران لفظ آهن. مڃيان ٿو ته سُرن جي
جاءِ تي لفظن وسيلي اظهار وڌيڪ ڏکيو ۽ اڍنگو آهي،
پر ان هوندي به آءٌ لفظن کي وڌيڪ اهميت ڏيندو آهي.
ٻڌڻ بدران پڙهڻ وڌيڪ پسند ڪندو آهيان. خاموشيءَ کي
آوازن تي ترجيح ڏيندو آهيان، تصور لفظن ۾ تڏهن
ايندو آهي جڏهن چُپ هوندي آهي. نثر جي گجگوڙ ۽
موسيقي ماٺ ۾ ئي جنم وٺندي آهي.
انٽرويو وٺندڙ ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته تنهنجيون لکڻيون ٻه ٽي
ڀيرا پڙهڻ کان پوءِ به سمجهه ۾ نٿيون اچن، انهن کي
ڪهڙي صلاح ڏيندين؟
فاڪنر؛چوٿون ڀيرو پڙهن.
انٽرويو وٺندڙ؛تو تجربي، مشاهدي ۽ تصور جي قوت کي ليکڪ لاءِ
ضروري ڄاڻائو آهي. انهن شين ۾ انسپائريشن جو اضافو
نه ڪندين ڇا؟
فاڪنر؛انسپائريشن متعلق مون کي ڪابه خبر نه آهي. ڇاڪاڻ ته مون
کي ته اهو به پتو آهي ته انسپائريشن ڪهڙيءَ بلا جو
نالو آهي. ان جي باري ۾ ٻڌو ته گهڻي ئي اٿم، پر
اڃا اکين سان ڏٺي ڪانه
اٿم.
انٽرويو وٺندڙ؛ چيو وڃي ٿو ته ليکڪ جي حيثيت ۾ تنهنجو ذهن مار
ماران ۾ ورتل آهي؟
فاڪنر؛اهو چوڻ ائين ئي آهي، جيئن ڪو چئي ته هاري پنهنجيءَ ڪوڏر
۾ ورتو پيو آهي، خير هاري ته ڪوڏر مان ڪم ڪڍيو
وڃي، پر ليکڪ لاءِ ٻيا به گهڻا اوزار کپن.
انٽرويو وٺندڙ؛ تنهنجي ليکڪ بنجڻ شروعات ڪيئن ٿي؟
فاڪنر؛آءُ نيو اوزلئين ۾ رهندو هوس. ٻه پئسا ڪمائڻ لاءِ ڪونه ڪو
ڌنڌو پيو ڪندو هوس. اتي ئي منهنجي سنگت شيروڊ
اينڊرسن سان ٿي. ٻئي ڄڻا گڏجي روز ٽپهريءَ جو شهر
۾ گهمڻ نڪرندا هئاسين. ايندن ويندن ماڻهن سان وات
ٽُڪاڻي پيئي ٿيندي هئي. جڏهن رات ڍرندي هئي ته ٻئي
ڄڻا بوتل کڻي ويهي رهندا هئاسين ۽ پاڻ ۾ ڪچهري
ڪندا هئاسين، هو ويهي ڳالهائيندو هو ۽ آءُ ٻڌندو
هوس. صبح جو همراهه غائب رهندو هو، ڪٿي ڪو گوشائتو
ڌنڌو ڌاڙي پيو ڪندو هو. اسان جي روز جي اها ڪار
هوندي هئي. سوچيم ته جيڪڏهن ليکڪ جي اِها ئي
زندگيءَ آهي ته پوءِ واهه واهه. سو پنهنجو پهريون
ڪتاب لکڻ شروع ڪيم. لکندي خبر پيم ته لکڻ وڏي وندر
آهي. سو پورا ٽي هفتا لکڻ ۾ لڳو رهيس. اينڊرسن جو
يڪا ٽي هفتا مون کي غائب ڏٺو. سو ڪهي اچي منهنجو
در جهلائين، اڳي آءُ سندس در تي هليو ويندو هوس.
هن ڀيري لاچار کيس اچڻو پيو. اچڻ سان پڇيائين
”ڪهڙي مار پئي اٿئي؟ ڪاوڙجي ته نه پيو آهين؟” جواب
ڏنو مانس، ”ڪتاب پيو لکان،” رڙ ڪيائني ”حق منهنجا
مولا!” ۽ ائين چئي ٻاهر نڪري ويو. جڏهن اهو ڪتاب
`Soldier`s Pay`
لکي پورو ڪيم ته واٽ ويندي
اينڊرس جي زال ملي. ملڻ سان پڇيائين ”ڪتاب جو ڇا
ٿيو؟” ٻڌايومانس، ”لکي پورو ڪيو اٿم.” ٻڌايائين،
”اينڊرسن ڪنهن پبلشر سان ڳالهائي تنهنجو ڪتاب
ڇپائڻ چاهي ٿو.” چيومانس ”جيڪا سنگت جي مرضي.”
انٽرويو وٺندڙ؛ تو جيڪو ٻڌايو ته توهن به پئسا ڪمائڻ لاءِ ڪو نه
ڪو ڌنڌ ڌاڙي پيو ڪندو هئين، اِهي ڌنڌا آخر هئا
ڪهڙا؟
فاڪنر؛جيڪو ڌنڌو منهن ۾ ايندو هوم اهو پيو ڪندو هوس. ٻيڙي
هلائڻ، گهرن جون ڀتيون رڱڻ، هوائي جهاز اڏائڻ.
مطلب ته گهڻي ئي ڌنڌا ايندا هئم. انهيءَ زماني ۾
شهر ۾ ڏاڍي سستائي هوندي هئي. مون کي به ايترن
گهڻن ڏوڪڙن جو کپ نه هوندو هو. پاڻ کي ته سمهڻ
لاءِ مختصر جڳهه ۽ پيٽ ڀرڻ لاءِ ٿورو گهڻو کاڌو
ٿي کتو. تماڪ جو سوٽو ۽ وسڪيءَ جو ڍڪ ٿي کتو. سو
پورت پيئي ٿيندي هئي. ان ڪري ٻه ٽي ڏينهن، ڏينهن
رات هڪ ڪري ڌنڌ ڪندو هوس ۽ پوءِ مهينو ويهي ڪري
ڪمائي کائيندو هوس. طبيعتن رولاڪ ماڻهو آهيان.
پئسي جي پويان ڊوڙان ئي ڪونه، اها ته وڏي بي
شرمائي آهي جو دنيا ۾ رڳو ڪم ئي ڪري سگهجي ٿو.
دنيا ۾ ڪو به ماڻهو اٺن ڪلاڪن لاءِ کائي نٿو سگهي.
پي نٿو سگهي ۽ پيار ڪري نٿو سگهي. بس رڳو ڪم ئي
ڪري سگهجي ٿو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو دنيا ۾ هر ڪو
ماڻهو ڏکارو ۽ ناخوش ڏسڻ ۾ اچي ٿو. انٽريو وٺندڙ؛
اها ته پڪ آهي ته تون شيروڊ اينڊرشن جا ٿورا
ڳائيندين، پر هو ليکڪ جي حيثيت ۾ توکي ڪيئن ٿو
لڳي؟
فاڪنر؛ منهنجي همعصر ليکڪن گڏجي آمريڪي ادب جي جيڪا ريت وڌي
آهي، جنهن ريت کي کڻي ايندڙ نسل جا ليکڪ اڳتي
وڌندا. شيروڊ ان ريت جو ۽ منهنجو ۽ منهنجي همعصر
ليکڪن جو پيءُ آهي. کيس صحيح معني ۾ اڃا مڃوتي نه
ملي آهي. لکڻين جي لحاظ کان، ڊريزيئر سندس وڏو
ڀاءُ لڳي ۽ مارڪ ٽوائن وري ٻنهيءَ جو پيءُ لڳي.
انٽرويو وٺندڙ؛ پنهنجي همعصر يورپي ادبين جي باري ۾ ڇا خيال
اٿئي؟
فاڪنر؛ منهنجي يورپي همعصر ليکڪن ۾ ٿامس مئن ۽ جيمس جوائس تمام
وڏا اديب آهن. جوائس جو ناول
`Ulysses`
ته ائين ويهي پڙهجي جيئن پڪو پادري وڏي عقيدي سان
ويهي
`Old Testament`
پڙهندو آهي.
انٽرويو وٺندڙ؛ تنهنجي پس منظر ۾ بائيبل جو ڪيترو دخل آهي؟
فاڪنر؛ منهنجو پڙ ڏاڏو هيري اسان ٻارن لاءِ هڪ پيار ڪندڙ ۽
مهربان شخص هو. جيتوڻيڪ اسڪاٽ ماڻهو هو، پر ان
هوندي به اسان سان نه ايترو کهرو پوندو هو ۽ نه
وري مذهب تي ايترو خاص زور ڏيندو هو. البت پڪن
اصولن وارو ماڻهو هو. ان جي باوجود سندس هڪ خاص
اصول هوندو هو ته روز جڏهن به اسين صبح جي پهر
ناشتي جي ميز تي گڏ ٿيندا هئاسين ته هر ڪنهن کي
بائيبل مان ڪا نه ڪا سِٽ ٻڌائڻ پوندي هئي. جيڪڏهن
ڪنهن کي سِٽ ياد نه هوندي هئي ته ان کي بنا ناشتي
جي ايستائين ڪمرو ڇڏڻو پوندو هو، جيستائين هو ڪا
سِٽ ياد نه ڪري. اها سِٽ بلڪل صحيح نموني ۾ پڙهڻي
پوندي هئي. اسان لاءِ هر صبح انهيءَ ڍنگ ۾ گذرندو
هو. پڙ ڏاڏو مرحوم پنهنجين نيرين اکين سان اسان
ڏانهن ڏاڍي پاٻوهه ۾ پيو ڏسندو هو ۽ سِٽ ٻڌندو هو.
نيٺ وڏا ٿياسين ۽ هن دنيا ۾ گهڙياسين.
انٽرويو وٺندڙ؛ پنهنجن همعصرن جون لکڻيون پڙهندو آهين”
فاڪنر؛ نه. آءُ گهڻو ڪري اُهي ڪتاب پڙهندو آهيان، جيڪي جواني ۾
پڙهيم ۽ پسند ڪيم. انهن ڪتاب ڏانهن آءُ ائين ئي
موٽ کائيندو رهندو آهيان. جيئن ڪنهن پراڻي يار
ڏانهن موٽ کائبي آهي. آءُ هر سال بائيبل
Don quixot, Old Testament
۽ ڊڪنز ۽ ڪوانراڊ جا ڪتاب پڙهندو آهيان. ساڳيءَ
طرح فلابرٽ ۽ بالزاڪ کي به پڙهندو آهيان. بالزاڪ
ته پنهنجي اهڙي دنيا ويهي تخليق ڪئي آهي، جيڪا رت
ڌارا وانگر ويهن ڪتابن مان پار ٿيندي آهي. دوستو
وسڪي ۽ ٽالسٽاءِ به پڙهندو آهيان. ان کان سواءِ
ڪڏهن ڪڏهن ميلوائيل کي به پڙهيو آهي. شاعرن سان
مارلو، ڪيمپئن، جانسن، هيرڪ، ڊوني، ڪيٽس ۽ شيليءَ
کي پڙهندو رهندو آهيان. اهي ڪتاب مون ايترو ته
گهڻو پڙهيا آهن جو هاڻي ڪڏهن به ائين نه ڪندو
آهيان ته پهرين صفحي کان شروع ڪري آخر تائين پڙهي
وڃان. ڪڏهن به ائي نه ڪندو آهيان ته پهرين صفحي
کان شروع ڪري آخر تائين پڙهي وڃان. ڪڏهن هڪ اڌ سين
پڙهندو آهيان يا هڪ اڌ ڪردار، بس ائين ئي هوندو
آهي جيئن ڪنهن دوست سان چند منٽن لاءِ ملاقات تي
ٿوري گهڻي ڳالهه ٻولهه ڪبي آهي.
انٽرويو وٺندڙ: ڀلا فرائيڊ؟
فاڪنر: آءُ جڏهن نيواورليئنس ۾ رهندو هوس ته هرڪو دانشور فرائڊ
جي باري ۾ پيو ڳالهائيندو هو، پر مون کيس ڪڏهن به
نه پڙهيو. نه ئي وري شيڪسپيئر کي پڙهيم.
انٽرويو وٺندڙ: پراسرار ڪهاڻيون پڙهندو آهين؟
فاڪنر:آءُ سائيمنون کي پڙهندو آهيان ته هو مون کي چيخوف جي ياد
ڏياريندو آهي.
انٽرويو وٺندڙ؛ پنهنجي پسند جي ڪردارن جي باري ۾ ٻڌاءِ؟
فاڪنر؛ مون کي ساراهه گيمپ جو ڪردار وڻندو آهي. هوءَ هڪ ظالم ۽
بي رحم عورت آهي. نشي ۾ ٻڏل، خود غرض ۽ بي گري
عورت آهي. سندس ڪردار خراب هئڻ جي باوجود اصلي
ڪردار آهي. ان کان سواءِ مسز هيرس، فلاسٽاف، پرنس
هال، ڊان ڪئڪزاٽ، سانچو اوڦيليا ۽ باٽم پڻ وڻندا
اٿم. ليڊي ميڪبيٽ جو ڪردار به ساراهه جوڳو آهي.
مرڪيوٿيو ۽ مسز گيمپ جا ڪردار زندگيءَ جي نمائندگي
ڪن ٿا ۽ مدد لاءِ نٿا ٻاڏائين. هڪفن ۽ جم به وڻندا
اٿم. ٽام سوايئر ڪونه وڻيم، جو اهو تنگدل ڪردار
آهي. جارج هارٽ 1840ع يا 1850ع ڌاري ٽينيسي جبلن
جي باري ۾ هڪ ڪتاب لکيو هو. ان ڪتاب جو ڪردار سوٽ
لونگ گُڊ به مون کي ڏاڍو وڻيو. کيس پنهنجي باري ۾
ڪوبه مونجهارو نه آهي. هن کان جيڪي پڄي ٿو، اهو
ڪري ٿو. ڪن خاص وقتن تي کانئس گڏ هيڻو به ٿي وڃي
ٿو پر ان جي باوجود هو ڦڪو نٿو ٿئي. هو ڪڏهن
پنهنجي بدقسمتيءَ کي نٿو لوئي ۽ نه وري الله
سائينءَ تي ڪا ميار ٿو رکي.
انٽرويو وٺندڙ؛ ناول جي مستقبل جي باري ۾ ٻڌاءِ؟
فاڪنر؛يا جيستائين ناول لکڻ وارا لکندا رهندا. تيستائين پڙهڻ
وارا پڙهندا رهندا. اهو قصو ايستائين هلندو
جيستائين وڃي با تصوير رسالا ۽ ٽوٽڪن جا ننڍا ڪتاب
ماڻهن جي پڙهڻ ۾ گهٽتائي آڻين. حقيقت اِها آهي ته
ادب واپس غارن ۾ چٽيل تصويرن ڏانهن موٽ پيو کائي.
انٽرويو وٺندڙ؛ نفادن جي ڪارڪردگيءَ جي باري ۾ ڪهڙو خيال اٿئي؟
فاڪر؛فنڪار وٽ ايترو وقت ئي نه آهي، جو ويهي نفاد جي ڳالهه ٻڌي.
اُهي ماڻهو جيڪي نالي جا ليکڪ بنجڻ گهرن ٿا، اهي
تبصرا پڙهندا اهن، پر جيڪي ماڻهو صحيح معني ۾ لکڻ
گهرن ٿا اُهي نفاد جي ڳالهه تي ڪن نٿا ڏين، نفاد
جو مخاطب فنڪار نه هوندو آهي. فنڪار نفاد کان
مٿانهون آهي. ڇاڪاڻ ته هو اهڙي شيءَ تخليق ڪندو
آهي جيڪا نفاد کي تحريڪ ۾ ٿي آڻي. نفاد جيڪي ڪجهه
لکي ٿو اها لکڻي ٻئي ڪنهن ماڻهوءَ کي تحرڪ ۾ آڻي
سگهي ٿي، پر خود فنڪار کي متحرڪ نٿي ڪري.
انٽرويو وٺندڙ: ان جو مطلب اهو ٿيو ته تون پنهنجي لکڻي جي باري
۾ ڪنهن سان بحث ڪرڻ نٿو گهرين؟
فاڪنر؛نه. آءُ لکڻ ۾ مصروف آهيان، منهنجي لکڻي مون کي مزو ڏئي
ٿي. جڏهن اُها ئي لکڻي مزو ڏئيم ته ٻئي سان اُن تي
ڇو ويهي ڳالهايان. ڀلا سمجهه ته جيڪڏهن پنهنجي
لکڻي نٿي مزو ڏئيم ته پوءِ ان تي ٻئي سان ڳالهائڻ
۾ سڌارو ته نه ايندو. ان جو سڌارو صرف ان صورت ۾
ايندو ته ان تي وڌيڪ ويهي ڪم ڪريان. آءُ ڪو ادبي
چغاداري نه آهيان، بس هڪڙو ليکڪ آهيان. پنهنجيءَ
لکڻيءَ جي باري ۾ ڳالهائڻ مان مون کي مزو نه ايندو
آهي.
انٽرويو وٺندڙ؛ نفادن جو چوڻ آهي ته رت جا رشتا تنهنجن ناول ۾
مرڪزي حيثيت رکن ٿا؟
فاڪنر؛اهو به هڪڙو نڪته نگاهه آهي.توکي ٻڌايو اٿم ته آءُ نفادن
کي نه پڙهندو آهيان. جيڪڏهن ڪڏهن ڪردار جي نڪ جو
گهاڙيٽو ڪهاڻيءَ کي اڳتي وڌائي ٿو ته آءُ نه ٿو
سمجهان ته ليکڪ نڪ جي گهاڙيٽي کي ڇڏي رت جي رشتن
جي ڳالهه ڪرڻ شروع ڪندو. مسئلو ڪهاڻيءَ کي اڳتي
وڌائڻ جو آهي. نڪ جي گهاڙيٽي يا رت جي رشتن جو نه
آهي. ليکڪ جو اصل مسئلو سچ ۽ انساني دل آهي، نڪن
جي گهاڙيٽي ۽ رت جي رشتن متعلق حقيقتن ۽ ويچارن جي
حيثيت ثانوي آهي. انهن شين جو سچ سان تمام ٿورو
واسطو آهي.
انٽرويو وٺندڙ؛ نفادن جو چوڻ آهي ته تنهنجن ڪردارن جي نفسيات ۾
بري ۽ ڀلي جي پرک نه آهي؟
فاڪر؛زندگيءَ بري ۽ ڀلي سان ٻڌل نه آهي. ڊان ڪئڪوزاٽ لاڳيتو
بري ۽ ڀلي مان چونڊ ۾ رڌل هوندو آهي، پر ان لاءِ
ته کيس خيالي دنيا ٺاهڻي پيئ ٿي. هڪ هڪ چريو
ماڻهو آهي. هو خيالي دنيا مان نڪري حقيقت ڏانهن
صرف تڏهن اچي ٿو، جڏهن هن جو واسطو ماڻهن سان پوي
ٿو ۽ ان وقت کانئس بري ۽ ڀلي جي فرق جي پرک ڦرجيو
وڃي. جيستئاين انسانذاٽ جو وجود برقرار آهي.
تيستائين ماڻهو رڳو زندهه رهڻ لاءِ وقت ٿو گذاري.
زندگيءَ تحرڪ آهي ۽ اهو تحرڪ ماڻهو کي لوڀ، طاقت ۽
آسودگي حاصل ڪرڻ ڏي وٺي ويندو آهي. تحرڪ ماڻهوءَ
کي ان طرف ڏانهن وٺيو پيو وڃي ته پوءِ ماڻهو وٽ
ٽائيم ئي ڪهڙو ٿو بچي جو هو اخلاقيات جي پويان
ڊوڙندو وتي. خبر ائين آهي ته اڄ يا سڀاڻي ماڻهو ان
ڳالهه تي مجبور آهي ته چڱي ۽ بري مان چونڊ ڪري،
ڇاڪاڻ ته اها کائنس اخلاقيات جي ضمير جي گهر آهي
ته جيئن هو سڀاڻي پنهنجو پاڻ سان رهي سگهي. انسان
جي اخلاقيات جو ضمير ديوتائن جو ڏنل هڪ سراپ آهي.
انٽرويو وٺندڙ؛ تو ’فنڪار‘ ۽ ’تحرڪ‘ جي تعلق جي ڳالهه ڪئي ، ان
جي وڌيڪ چٽائي ڪندين؟
فاڪر؛ فنڪار جو مقصد آهي تحرڪ جي جهٽڻ، ڇاڪاڻ ته تحرڪ زندگي
آهي، فنڪار اهو تحرڪ جهٽي پنهجيءَ تخليق ۾ اهڙي
طرح ڏئي ٿو، جئين سؤ سال پوءِ ڪو به تخليق کي ڏسي
چوي ته واقعي زندگيءَ اِها آهي. ۽ هو ان زندگيءَ
کان پاڻ ئي پاڻ متحرڪ ٿي ويندو. جيستائين انسان
فاني آهي، تيستائين کيس پويان اهڙي شيءَ ڇڏڻ کپي،
جيڪا لافاني هجي ۽ جيڪا ايندڙ زندگيءَ ۾ تحرڪ پيدا
ڪندي رهي.
انٽرويو وٺندڙ؛ مالڪولم ڪائولي چوي ٿو ته تنهنجا ڪردار قسمت جا
ٻانها آهن، تون ڇا ٿو چوين؟
فاڪنر؛ اهو ڪائوليءَ جو نقطه نگاهه آهي. آءُ ته ائين چوندس ته
منهنجا ڪي ڪردار قسمت جا ٻانها آهن ته ڪي وري نه
به آهن.
انٽرويو وٺندڙ؛ ڪائوليءَ جو اهو به چوڻ آهي ته تنهنجي جيڪي
ڪردار 20 سالن کان 40 سالن تائين جي ڄمار جا هوندا
آهن، اُهي همدرديءَ لائق نه هوندا آهن. اِهو ڇا
آهي؟
فاڪنر؛20 سالن کان 40 سالن تائين جي ڄمار جا ماڻهو همدردي لاءِ
هوندا آهن. ٻار ۾ ڪجهه ڪرڻ جي لياقت آهي، پر سمجهڻ
جي نه، 40 سالن کان مٿي ڄمار جا جيڪي ماڻهو هوندا
آهن، انهن ۾ سمجهڻ جي لياقت نه هوندي آهي پر ڪجهه
ڪرڻ جي نه رهندي آهي. وچ واري جيڪا عمر آهي، ان
عمر ۾ ماڻهو وڌيڪ طاقتور ٿيڻ ۽ وڌيڪ خطرناڪ ٿيڻ
جي اهليت رکندو آهي، پر سندس سمجهڻ جي اڃا شروعات
هوندي آهي. ان وقت ۾ ماڻهوءَ ۾ ڪجهه ڪرڻ جي نئين
نئين اهليت پيدا ٿيڻ شروع ٿيندي آهي ۽ ماڻهو ماحول
جي پيش نظر ڌار ڌار دٻائن هيٺ اچي برائيءَ جي واٽ
ڏانهن ايستائين ڌڪيو ويندو آهي، جيستائين مري نٿو.
دنيا کي جيڪا پيڙا ملي آهي، اُها 20 کان 40 سالن
جي عمر تائين جي ماڻهن ڏني آهي. منهنجي پاڙي ۾
ايمينٽ ٽِل جو جيڪو خون ٿيو، ان جا گورا جوابدار
هجن يا اُهي شيدي هجن جيڪي ضد ۾ اچي گوريءَ عورت
سان زوري زنا ٿا ڪن، ڳالهه ساڳي آهي. هٽلر هجي،
نيپولين هجي يا لينن وارا هجن، اهي سڀ ماڻهو دنيا
۾ ايندڙ تڪليفن ۽ پيڙائن جا جوابدار آهن ۽ اهي
سڀئي 20 کان 40 سالن تائين جي عمر جا هئا.
انٽرويو وٺندڙ؛ تنهنجي پاڙي ۾ ايمينٽ ٽِل جو جيڪو خون ٿيو، جنهن
جي باري ۾ تو اخبارن ۾ به بيان ڏنو آهي، ان باري ۾
وڌيڪ ڪجهه ٻڌائيندين؟
فاڪنر؛ ان ڏس ۾ جيڪا ڳالهه مون کي چوڻي هئي سا چئي ڇڏي. اٿم. ان
کي ٻيهر ورجائيان ٿو. اسان آمريڪين کي جيڪڏهن
زندهه رهڻو آهي ته اسان کي کپي ته اسين جيڪي ڪجهه
به هجون، اُهي سڀ کان اڳ آمريڪي ئي آهيون، اسين
ڀلي کڻي گورا هجون، ڪارا هجون يا ساوا نيلا هجون
پر پهرين آمريڪي آهيون. منهنجي پاڙي ۾ ٻن نوجوانن
کي گورن جيڪو ڪاريءَ ننڍيءَ ٻارڙي جو خون ڪيو،
اِهو بيحد دکدائڪ واقعو آهي. اِهو واقعو اسان جي
وجود ڏانهن اشارو ٿو ڪري. ڇاڪاڻ ته آمريڪا جي
ثقافت پنهنجي مايوسيءَ جي ان حد تائين پهچي ويئي
آهي. جو ننڍڙا ٻار پيا مارجن. اهڙا واقعا اسان کي
جيئڻ جو ڪوبه حق نٿا ڏين، قطعي نه.
انٽرويو وٺندڙ؛
`Soldiesr`s Pay`
۽
`Sartoris`
لکڻ واري عرصي دوران توکي ڇا ٿيو جو تون پنهنجي
علائقي يوگنا ڦاٽا وڦا جو تذڪرو کڻي ويهن رهين؟
فاڪنر؛
`Soldier`s Pay` ته وندر طور لکيم، پر ان کان پوءِ مون کي معلوم ٿيو ته نه رڳو
ڪتاب کي پنهنجي هڪ الڳ صورت آهي، پر خود ليکڪ جي
سڀني لکڻين جي هڪ گڏيل صورت آهي.
`Soldier`s Pay`
۽
`Mosquitoes`
ته ائين سمجهي لکيم ته بس ڪتاب لکڻو آهي ۽ پنهنجو
پاڻ کي وندرائڻو آهي. پر جڏهن
`Sartoris`
لکڻ شروع ڪيم ته پتو پيم ته منهنجي لکڻ لاءِ
پنهنجي علائقي ۾ تمام گهڻو مواد موجود آهي ۽ اهو
مواد مون پاڻ ۾ موجود آهي. ان کي ٻاهر نه ڪڍيم ته
اڳتي هلي ئي نه سگهبو. ان سڄي اعليَ مواد کي
پنهنجي ڏات ذريع ٻاهر آڻڻ وڏو ڪم ٿيندو. ان ڪري
مون پنهنجي علائقي کي سون کاڻ سمجهي پنهنجي دنيا
پاڻ تخليق ڪئي. اِها منهنجي مرضي هئي ته پنهنجن
تخليق ڪيل ڪردار کي فاصلي توڙي وقت ۾ سفر ڪرايان.
اهو ئي ڪارڻ آهي جو مون کي پنهنجي اندازي مطابق
پنهنجن ڪردارن کي ڪاميابيءَ سان وقت ۾ سفر ڪرايو
آهي. وقت هڪ وهندڙ پاڻي آهي، ان ڪري اُهو ’اَهي‘،
’نه ڪه ’هو‘. مون جيڪا دنيا تخليق ڪئي آهي، اها
ڪائنات جي پيڙهه ۾ پٿر آهي، اِهو پيڙهه جو پٿر
تمام ننڍو آهي، پر ان کي ڪڍي ڇڏيندين ته پوري
ڪائنات ڦهڪو اچي ڪندي. منهنجو جيڪو آخري سونو ڪتاب
هوندو اهو ياڪنا پاٽاوڦا علائقي متعلق هوندو، ان
کان پوءِ آءُ قلم ڀڃي ڇڏيندس ۽ چپ ٿي ويندس. |