سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب: محمد ايوب کهڙو

باب-9

صفحو : 9

باب نائون

 

سنڌ ۾ مسلم ليگ جو قيام

الله بخش سومري صاحب 23  مارچ1938ع تي وزيراڻي ۽ سندس گروپ جي ڏهن آزاد هندو ميمبرن ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي اٺن ميمبرن سميت سترهن ٻين ميمبرن، ٽن يورپين ۽ ٻن آزاد ميمبرن جي سهڪار سان پنهنجي وزارت جوڙي. کيس ڪانگريسي ميمبرن جي حمايت پڻ حاصل هئي. چيف سيڪريٽريءَ پنهنجي سرڪاري رپورٽ ۾ ڄاڻايو:

”8 1  مارچ1938ع تي جيڪو گرانٽ تي ووٽ ڏيڻ جو آخري ڏينهن هو، ڪانگريس پارٽي ”جنرل ائڊمنسٽريشن“ لاءِ گرانٽ ۾ هڪ رپئي جي ڪٽوتيءَ جي رٿ پيش ڪئي ۽ بعد ۾ سڄي گرانٽ رد ڪري ڇڏيائين. اهو سڀ ڪجهه ڪانگريس پارٽي، آزاد هندو پارٽي ۽ ساڳئي ڏينهن ٿورو اڳ وزارت تان استعيفيٰ ڏيندڙ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي اٺن ميمبرن جي گڏيل موقف وسيلي ئي ممڪن ٿيو. ان هدايت الله وزارت خلاف وڳوڙ پئدا ڪيو ۽ ڪجهه هٻڪ کان پوءِ وزارت 1 2  مارچ 1938ع تي استعيفيٰ ڏني. ساڳئي ڏينهن خان بهادر الله بخش محمد عمر اوبي اي وڏي وزير طور حلف کنيو جڏهن ته نهلچداس سي وزيراڻي ۽ پير الاهي بخش صاحب وزارتون سنڀاليون.“ (1)

مخالف ڌر جي مرڪزي قيادت هاڻ هدايت الله صاحب، کهڙو صاحب، شيخ عبدالمجيد صاحب ۽ هاشم گذدر صاحب تي ٻڌل هئي. اها هڪدم مسلمان عوام جي پنهنجي مفادن جي تحفظ ڪندڙ حڪومت جي برطرفيءَ تي پيدا ٿيل ناراضگيءَ مان لاڀ پرائڻ لاءِ متحد ٿي وئي. جونس (Jones) سندس ورتاءُ بابت تبصرو ٿو ڪري:

”هو ان تي تلخ هئا ته الله بخش صاحب جي ڌر عهدا ماڻڻ خاطر انتهائي اورچائپ سان پيدا ڪيل مسلم ٻڌي ۾ ڏار وجهي ڇڏيا، هنن الله بخش سومري صاحب جي هندن ڏانهن لاڙي ۽ سندس حمايت تي انحصار کي غداري ٿي ليکيو ۽ کين خدشو هو ته سندس ڪانگريسي اثر رسوخ وارو پروگرام سنڌ ۾ به ڪانگريسي ڏاڍ جو اهو ئي دڳ اختيار ڪندو جيڪو مسلم اقليتي صوبن ۾ ٿي چڪو آهي.“(2)

کهڙي صاحب، شيخ عبدالمجيد صاحب ۽ هاشم گذدر صاحب ڪانگريسي پٺڀرائيءَ واري حڪومت خلاف عوامي راءِ عامه هموار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ سومري صاحب جي وزارت جڙڻ جي ڪجهه ئي مهينن کان پوءِ ڪراچيءَ ۾ هڪ عوامي اجتماع ڪوٺايائون. گڏجاڻيءَ جي صدارت جهوني سياستدان شيخ عبدالمجيد صاحب ڪئي جنهن ۾ انتهائي جوش ڀرئي موٽ واري سنڌ ۾ ڪانگريس اثر کي منهن ڏيڻ لاءِ مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ جي گُهر ڪئي وئي. هڪ ٻئي بحال ڪيل ٺهراءُ ۾ سومري صاحب کي غدار ليکيندي سندس حڪومت کي ڪانگريس ۽ مهاسڀا جو محتاج ۽ سنڌي مسلمانن جي مفادن جو مخالف سڏيو ويو. ايندڙ ڏينهن (9 2  مارچ تي) سرڪاري ڌر خالق ڏنو هال ۾ هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي، عوام آڏو پنهنجي پوزيشن جي وضاحت ڪئي. ان گڏجاڻيءَ جو هڪ منتظم جي ايم سيد صاحب ان بابت ڪجهه هيئن ٿو ڄاڻائي:

”ان گڏجاڻيءَ ۾ پير الاهي بخش صاحب ۽ علي محمد راشدي صاحب پڻ موجود هئا. اسان ماڻهن آڏو پنهنجي حيثيت جي وضاحت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر مسلمان سر غلام حسين صاحب جي حڪومت ڊهڻ سان مسلمان يڪجهتيءَ ۾ پيل ڏار تي ايترو مڇريل هئا، جو پير الاهي بخش صاحب ماڻهن جي ڊپ کان کسڪي ويو ۽ راشديءَ صاحب جي ڳالهه نه ٻڌي وئي. جڏهن ته منهنجي تقرير دوران وقفي وقفي سان دانهون ڪيون ويون. جنهن ۾ مون تسليم ڪيو ته سر غلام حسين صاحب جي وزارت ڊهڻ جي سڄي ذميواري منهنجي آهي ۽ واضح ڪيم ته اهو قدم اعليٰ مقصدن تحت کنيو ويو آهي، جنهن لاءِ ماڻهن کي خاطري ڪرايم ته هو جلد ئي حڪومت جي اپائن سان انهن جو لاڀ پروڙيندا.(3)

اهو ڄاڻندي ته سندن قدم سڄي سنڌ ۾ مسلمان راءِ عامه کي ناراض ڪيو آهي، سيد صاحب ۽ راشديءَ صاحب فيصلو ڪيو ته عوامي جذبات کي ٿڌو ڪرڻ لاءِ حڪومت جي پروپيگنڊا ئي واحد ذريعو آهي.. تنهن ڪري پير الاهي بخش صاحب، راشديءَ صاحب سان گڏجي عوامي رابطي خاطر سنڌ جو دوئرو شروع ڪيو. سنڌ جي طوفاني دوري دوران هنن عوامي اجتماعن ۾ تقريرون ڪيون ۽ آزمايل طريقو آزمائيندي درخواستون گهريائون ته جيئن ماڻهن جا مسئلا حل ڪري سگهجن. سيد صاحب ان دوري بابت ٻڌائي ٿو:

”انهيءَ دوري دروان وزير غريبن سان گڏجي فرش تي ويٺا ۽ ساڻن گڏجي ماني ٽڪي کاڌائون. جنهن عمل منجهن هڪ نئون جوش ۽ جذبو پيدا ڪيو. هو انتهائي متاثر ٿيا ته پراڻو وهنوار تبديل ٿي چڪو آهي.“ سيد صاحب وڌيڪ ڄاڻائي ٿو ”ان طريقي سان اسان مسلمانن جي جذبات کي ٿڌو ڪيو ۽ نئين وزارت لاءِ هڪ وڻندڙ شروعات جي خاطري ڪئي سين.“

سيد صاحب ڄاڻائي ٿو ته عوامي مسئلن جي حل لاءِ وزير کي ڪو ڏهه هزار کن درخواستون مليون. راشدي صاحب اڳتي هلي اعتراف ڪيو ته درخواستن جي تعداد حڪومت لاءِ وڏو مسئلو پئدا ڪيو، ڇاڪاڻ جو انهن کي منهن ڏيڻ ناممڪن هو، تنهن ڪري هن انهن کي ڪچري جي ٽوڪريءَ ۾ ڦٽو ڪرڻ جو مشورو ڏنو.(4 )

يونائيٽيڊ پارٽي قانون سازيءَ جو هڪ پروگرام تيار ڪيو، جيڪو گهڻي ڀاڱي اڳوڻي وقت جي لاڳو ڪيل پروگرام جهڙوئي هو، پر ڄاتائين ته حڪومت جا هندو حمايتي حڪومت کي اهڙي قانون سازي ڪرڻ نه ڏيندا. سومري صاحب ڄاتو ٿي ته هو انهن حمائتين ۽ ڪامورا شاهيءَ جي ساک تي انحصار ٿو ڪري ۽ ان ڪري سيد صاحب ۽ راشديءَ صاحب جي جوڙيل پروگرام جي پورائي کان قاصر هو.

”جڏهن آءٌ سندس (سومري صاحب) جي سوچ کي سمجهي سگهيس ته فطري طور تي ساڻس سخت رويو اختيار ڪيم. جو عوام سان ڪيل واعدن جو پورائو منهنجي لاءِ مذهب جيترو اهم هو .“(5)

سومري صاحب ڀليءَ ڀت ڄاتو ٿي ته سندس ٺوس حمائتي ڪانگريس ۽ هندو آزاد ميمبر هئا ۽ ان لاءِ کين ناراض ڪري نه پئي سگهيو. پوءِ ڀل ان جي عيوض سيد صاحب ڪيترو به مڇر جي.

کيس سگهو ئي نئين ترقي ڏياريل بيراجي علائقي  ۾ محصولي اگهن جي نظرثاني ڪيل ۽ وڌايل ڪٿ متعارف ڪرائڻ جي وڌيڪ ڳنڀير مسئلي کي منهن ڏيڻو پيو. سنڌ جي عليحدگيءَ مهل هندستاني حڪومت آڏو اهم مامرن مان هڪ اهو هو ته صوبو سکر واري لائيڊ بيراج جي اڏاوت جو خرچ ڪيئن ڀريندو. گذريل سال سيڪريٽري آف اسٽيٽ وائسراءِ کي ياد ڏياريو هو ته، ان مامري کي منهن ڏيڻو ئي پوندو.(6) اهو مامرو عليحدگيءَ جو جائزو وٺڻ لاءِ جوڙيل ڪيترن ئي سرڪاري ڪميٽين آڏو رکيو ويو هو. مالياتي جاچ ڪميٽي ته ٻڏتر ڀري رهي پر برائن ڪانفرنس ۽ سنڌ انتظامي ڪميٽي (ڊائو ڪميٽي) ٻنهي فيصلو ڪيو ته اگهن ۾ لاٿ ۽ چاڙهه تي ٻڌل ”گهٽ وڌ ٿيندڙ ساهمي“ (Sliding Scale) واري ڪرت ۽ زميني محصولن ۾ اضافي سان ضروري فنڊ حاصل ڪري سگهجن ٿا. هاڻ جو خود مختياري ملي چڪي هئي، ان مان توقع رکي پئي وئي ته بيراج جو ملهه چڪائڻ لاءِ محصول وڌائجي.

جولاءِ 1938ع ۾ سنڌ جي حڪومت گور والا رپورٽ پڌري ڪئي جنهن گهٽ وڌ ٿيندڙ ساهمي (Sliding Scale) جي صورت ۾ محصولي اگهه مقرر ڪرڻ جي سفارش ٿي ڪئي، جنهن موجب جڏهن اگهه وڌيل هوندا ته زرعي پئداوار جي ڪٿ به پاڻ مرادو وڌي ويندي. ڪاڳرن ۾ ته سرڪاري رقم وڌائڻ واسطي اها سٺي اسڪيم هئي پر دراصل ان آبادگارن کي امڪاني طور تي ملندڙ سموري لاڀ کان محروم ٿي ڪيو. سنڌ جهڙي غريب ديس ۾ انهيءَ سرشتي هارين ۽ آبادگارن جي معيار زندگيءَ ۾ ڪنهن بهتريءَ جا دڳ بند ٿي ڪيا، ڇاڪاڻ جو اگهن ۾ اضافن جو سمورو لاڀ سرڪار کي ٿي حاصل ٿيو. مجموعي طور تي عليحدگيءَ واسطي سموري پتوڙ جو مقصد ماڻهن جي حالت بهتر بنائڻ هو ۽ ان حوالي سان خود بيراج جي اڏاوت انهن لاءِ معاشي بار ٿي پئي، جن کي ان مان لاڀ پرائڻو هو. هدايت الله صاحب جي حڪومت ان معاملي کي تعطل ۾ وجهندي وقتي طور تي ان کي سرد خاني ۾ وجهڻ ۾ ڪامياب پئي ٿي، پر وائسراءِ ۽ سيڪريٽري آف اسٽيٽ جي لکپڙهه واضح ٿي ڪري ته بيٺڪي حاڪم ان مامري جي نبيري لاءِ ڪيترو بيچين هئا. معاملي جي تڪڙ بابت گورنر صاحب تي زور بار وڌو ويو.

”ائين  ٿو لڳي ته ڄڻ گراهام صاحب حالتن جي مناسب هئڻ دوران ڪٿ ۾ اضافي تي اثر انداز ٿيڻ جي اهميت کي نه ليکيو آهي، جيئن گذريل سال ڦٽين جي اگهه ۾ لاٿ دوران ٿيو. هاڻ اهو واضح آهي ته هاڻوڪو وقت ڍلن وڌائڻ لاءِ موزون نه آهي. لنليٿگو سان ڳالهه ٻولهه جي نتيجي طور گراهام صاحب هاڻ مڪمل طور تي معاملي جي اهميت کان واقف آهي ۽ جيئن اوهان کي ڄاڻ هوندي ته پنهنجي موڪل به جولاءِ جي آخر تائين معطل ڪري ڇڏي اٿائين. سو ڪنهن قسم جو فيصلو مستقبل قريب ۾ ٿي ويندو ۽ اهو ڪو سولو نه ٿو نظر اچي.“(7)

رٿيل اضافو هندو ۽ مسلمان ٻنهي جي راءِ عامه رد ڪيو، خاص طور تي مسلمانن ان جي شديد مخالفت ڪئي، جيڪي زرعي شعبي جو گهڻو تڻو حصو هئا. هندو قيادت جي رسمي گرم جوشيءَ ان معاملي کي خالص مسلمان مسئلو بنائڻ ۾ مدد ڪئي جن اضافي خلاف يڪراءِ ٺوس موقف ٿي رکيو. ان سنڌ ۾ مسلمان سياسي موقف کي متحد ۽ سگهارو بڻايو ۽ مسلم ليگ جي جهنڊي هيٺ گڏ ڪيائين جنهن جي زراعتي شعبي وارن حمايت ٿي ڪئي. سومرو صاحب ڏچي ۾ ڦاٿل هو. هن ڄاتو ٿي ته اضافي جي مزاحمت ڪرڻ گهرجي، پر گورنر صاحب آڏو بيوس ۽ مجبور هو. کيس اهو به احساس ٿيو ته انتهائي سگهاري هندستاني حڪومت جي پٺڀرائي ماڻيل گورنر صاحب اضافي مڙهڻ جي ڏس ۾ انتهائي سنجيده هو ۽ ڪابه مزاحمت سندس حڪومت وڃائي سگهي ٿي. هن مسلمانن خاص طور تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سان تعلق رکندڙ گروپ جي حمائت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اضافي لاءِ سهمت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي جي ايم سيد صاحب جي اباڻي ڳوٺ پڻ ويو پر هڙ حاصل ڪجهه به نه ٿيس. آخرڪار هن فيصلو ڪيو ته هندو ميمبرن جي حمايت ئي سندس وڏ وزارت جي خاطري ڪرائي سگهي ٿي ۽ ان ريت محصول وڌائڻ واري سرڪاري گُهر آڏو گوڏا کوڙيائين. جي ايم سيد صاحب ان واقعي بابت تلخيءَ سان لکي ٿو:

”خان بهادر الله بخش صاحب سن اچي پهتو ۽ مون کي اضافي جي اصول سان سهمت بنائڻ جي ڪوشش ڪيائين. مون مٿس واضح ڪيو ته اهو هن لاءِ مناسب نه ٿو لڳي ته مون مان ڪٿ ۾ اضافي واري معاملي ۾ ڌر بڻجڻ جي توقع رکي. پر کيس زور ڀريندي صلاح ڏني مانس ته هن لاءِ مناسب اهو ٿيندو ته پارٽيءَ کي اعتماد ۾ وٺي ۽ جيڪڏهن اڪثريت کي پنهنجو هم خيال بڻائي ويو ته پوءِ کيس منهنجي اختلاف جي پرواهه نه ڪرڻ گهرجي.

سن ۾ ساڻس ڳالهه ٻولهه دوران ادراڪ ٿيم ته خان بهادر پنهنجي ڳالهه تي ڳنڍ ڏئي بيٺل آهي ۽ سوچيم ته هن مون کي رڳو ٻين ميمبرن کي راضي ڪرڻ لاءِ پنهنجو هم خيال بنائڻ تي زور ٿي ڀريو. پير علي محمد راشدي صاحب سندس ايلچيءَ طور مون وٽ آيو ۽ ڪراچي هلڻ لاءِ زور ڀريائين. پر اڳتي هلي واضح ٿي پيو ته هن ڪٿ ۾ اضافي لاءِ اڳيئي پنهنجو ذهن جوڙي ڇڏيو هو، رڳو پارٽيءَ کان ڳالهه لڪائي هئائين ۽ ظاهري طور تي کيس اقتدار ۾ آڻيندڙ جماعتن جو موقف ڄاڻڻ جو ڏيک ڏئي رهيو هو. آخرڪار حڪومتي حڪم منظور ڪيا ويا، زمين جي ڪٿ ۾ اضافو انهن مختلف جماعتن جي موقف جي ابتڙ هو جن حڪومت جي حمايت ٿي ڪئي.

نتيجي طور سنڌ يونائيٽيد پارٽي، جنهن ڪٿ جي اضافي خلاف ٺهراءُ منظور ڪيو هو، ڌڙي بنديءَ جو شڪار ٿي ۽ اسان وٽ مخالف ڌر ۾ شامل ٿيڻ کان سواءِ ڪو ٻيو چارو نه رهيو.“(8)

اهو واضح آهي ته سيد صاحب اهو نه ڄاتو ته عليحدگيءَ کان پوءِ واري عرصي ۾ سنڌ کي سندس ڏڦيڙي سياست ڪيڏو وڏو نقصان رسايو. کهڙي صاحب کي بهر صورت ڪا خوش فهمي نه هئي ته ڪو ڪانگريسي پٺڀرائي واري ڪا حڪومت سنڌ جي مسلمانن لاءِ ڪا بهتر سوچي سگهي ٿي ۽ سومرو صاحب هاڻي مڪمل طور تي ڪانگريس ۽ هندو ميمبرن جو محتاج هو.

جي ايم سيد صاحب نبيري جي ڪوشش طور آل انڊيا ڪانگريس جي هاءِ ڪمان جي سردار پٽيل ۽ مولانا آزاد کي سنڌ اچڻ لاءِ چيو. آگسٽ1938ع ۾ سندن دورو ڪو ٺاهه ڪرائي نه سگهيو ۽ هو مسلمان اڪثريتي صوبي ۾ ڪانگريس تي انحصار ڪندڙ حڪومت تي زور وجهڻ کان ڪيٻائي رهيا هئا. ۽ ”سنڌ جي سرزمين تي آل انڊيا سطح جي تڪرارن جا در کوليا.“(9)

صورتحال جي معروضي حقيقتن جو تت ايلن جونز صاحب هيئن ٿو ڪڍي:

”سنڌي مسلمان عليحدگيءَ کان پوءِ پنهنجي سياسي بالادستيءَ وارو اختيار پنهنجي شخصي ۽ ذاتي سياست جي اڏيءَ تي قربان ڪري چڪا آهن. ۽ سندن جاءِ تي سندن حريف سنڌي هندو صوبي جي وزارتي سياست ۾ طاقت جو توازن حاصل ڪري ويا آهن.“(10)

عوامي لحاظ کان مسلمانن ۾ سومري صاحب جي حڪومت جي غير مقبوليت ۽ ڪانگريس تي ان جي واضح انحصار مسلم ليگ کي سنڌ ۾ منظم ٿيڻ جو سونهري موقعو مهيا ڪيو. مسلم ليگ سنڌين لاءِ اڻڄاتل نه هئي، ان تنظيم جي هڪ شاخ 6 0 9 1 ع کان ئي سنڌ ۾ موجود هئي ۽ غلام محمد ڀرڳڙي صاحب ۽ شيخ عبدالمجيد صاحب سميت ڪيترائي اهم سنڌي اڳواڻ ان جا ميمبر رهي چڪا هئا. مسلم ليگ کي سنڌ ۾ منظم ڪرڻ واسطي خاص طور تي شيخ عبدالمجيد صاحب ۽ ڪن ڪراچيءَ مان مسلمان اڳواڻن ڪي ڪوششون پڻ ڪيون هيون پر اهي مسلم ليگ جي مرڪزي قيادت جي اختلافن ۽ سندن طرفان سنڌ جي مسئلن لاءِ عدم دلچسپيءَ سبب نسري نه سگهيون. سنڌ جا اهم اڳواڻ شيخ عبدالمجيد صاحب، عبدالله هارون صاحب ۽ کهڙو صاحب سالن کان جناح صاحب کي سڃاڻندا هئا ۽ هندستاني مسلمانن جي حقن جي سرگرم وڪيل طور سندس عزت ڪندا هئا. پر دراصل هاڻ ڪانگريس جو سنڌ ۾ جڙون ٺاهي رهي هئي ۽ هندو پنهنجي مقصد جي حمايت واسطي آل انڊيا سطح تي حمايت لاءِ ڪانگريس تي انحصار ڪري رهيا هئا، سو مسلم قيادت پڻ ٻاهرين حمايت لاءِ واجهائڻ لڳي ۽ اها بلاشڪ مسلم ليگ کان ئي مليو پئي سگهي. سنڌ ۾ ڪانگريس جون سرگرميون، اسيمبليءَ ۾ ڪانگريسي ميمبرن جي گروپ جي تشڪيل ۽ صوبي خاص طور تي ڳوٺاڻي آباديءَ ۾ ڪانگريس کي مقبول بنائڻ لاءِ ڊسمبر1937ع ۾ ڪانگريسي اڳواڻن ولڀ ڀائي پٽيل ۽ بمبئي جي گهرو معاملن واري وزير ڪي ايم منشيءَ جي سنڌ ياترا مسلمانن ۾ ڳڻتيءَ جي لهر ڊوڙائي، جيڪي پنهنجي مسئلن بابت ڪانگريس جي سچائيءَ تي شڪي هئا.

اوستائين جناح جي قيادت ۾ نئين سر منظم ڪيل مسلم ليگ گهڻي ڀاڱي اقليتي صوبن جي مسلمانن لاءِ تحفظ ۽ رعائتون حاصل ڪرڻ لاءِ پتوڙي رهي هئي. ان پنجاب ۽ بنگال صوبن ۾ حمايت پئدا ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون هيون ۽ اڃان سنڌ ڏانهن ڌيان نه ڌريو هئائين. هدايت الله صاحب وزارت جي ڊهڻ کان پوءِ مسلمان اڳواڻن خاص طور تي کهڙي صاحب، هارون صاحب ۽ شيخ عبدالمجيد صاحب صوبي ۾ ڪانگريسي اختيارن کي مڏو ڪرڻ لاءِ مسلم ليگ منظم ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي. 3  آگسٽ 8 3 9 1 ع تي پنهنجي پراڻي دوست ۽ گهڻگهري ميان قادر کي جنهن سنڌ ۾ مسلم ليگ قائم ڪرڻ تي زور ڀريو هو، لکيل خط ۾ کهڙي صاحب لکيو:

”منهنجا پيارا قادر ميان،

اوهان جي 0 3  جون واري خط جي مهرباني، جنهن جي وراڻي وقت سر نه ڏئي سگهيس ۽ انهيءَ تاخير تي دل جي گهراين سان معذرت ٿو ڪريان. آءٌ جيئن ته اوهان جي ڄاڻ ۾ هوندو، سنڌ ۾ سياسي اُٿل پٿل ۾ مصروف هئس. اوهان جي خط ۾ لکيل هر لفظ سان سهمت آهيان. هندستان جي مسلمانن لاءِ عزت ۽ احترام ڀريو واحد دڳ اهو ئي بچيو آهي ته هو مسلم سياسي جماعت يعني مسلم ليگ کي منظم ڪن. شروعات ۾ ته سنڌ جا ڪيترائي مسلمان جيڪي ڪانگريسي لاڙي وارن هندن جي طريقي ڪار کان چڱي طرح ناواقف هئا سولائي سان سندن زهريلي ۽ بي بنياد پروپيگنڊا جو شڪار بڻيا ته مسلم ليگ فرقيوار تنظيم آهي، جنهن تي ڪجهه سهل پسند مسلمان وڏن ماڻهن جو ڌاڪو آهي ۽ ان کي ڪابه عوامي سهائتا حاصل ناهي. ان قسم جي پروپيگنڊا اسان جي صوبن ۾ ڪجهه عرصي لاءِ ئي ڪي قدر ڪاميابي ماڻي. پر سر غلام حسين وزارت جي ڊهڻ کان پوءِ ۽ ان عمل ۾ ان جماعت (ڪانگريس) جي ڪردار وائکي ٿيڻ تي هر عقلمند مسلمان پروڙي ويو آهي ته ڪانگريس ڀيانڪ ترين فرقيوار تنظيم آهي. گهڻي ڀاڱي انتها پسند هندو جيڪي ٻاهرين ڏيک ۾ مٺا ٿا نظر اچن، پر ذاتي بنيادن تي مفاد پرست آهن، سنڌ ڪانگريس تي قابض آهن. آءٌ سنڌ ۾ ڪانگريسين کي گهٽ درجي ۾ ٿو رکان. جيڪڏهن منهنجو موقف معلوم ڪرڻ چاهيندا ته آءٌ اتحادي طور هندو مهاسڀا کي ڪانگريس تي ترجيح ڏيندس. ڇاڪاڻ جو هو پنهنجي پاليسيءَ ۾ واضح آهن ۽ اسان کي هرکائڻ جي ڪوشش نه ٿا ڪن.

وقت بوقت بمبئي ايندڙ سنڌ جي اسان جي دوستن اوهان کي گوش گذار ڪيو هوندو ته سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڏهن ڄڻن واري ڪانگريسي گروپ جنهن جي واحد آئيني حيثيت حڪومت جي مخالفت ۾ رهڻ آهي، عملي طور تي دوغلي پاليسيءَ تي عمل ڪندي الله بخش صاحب جي وزارت قائم رکڻ لاءِ پتوڙي رهي آهي ته جيئن اها وزارت پنهنجي برادري (مسلمانن) جي ماڻهن جا حق غضب ڪندي، هندن لاءِ ضرورت کان وڌيڪ مراعتون حاصل ڪري. سنڌ مسلم ليگي پروپيگنڊا لاءِ زرخيز ميدان آڇي ٿي. آءٌ ۽ منهنجا ساٿي گذريل چئن پنجن مهينن دوران سنڌ ۾ ليگ کي مضبوط بنائڻ لاءِ جوڳي پروپيگنڊا ڪري چڪا آهيون ۽ اوهان کي اها ڄاڻ ڏيندي خوشي ٿي ٿئيم ته ان ۾ گهڻي قدر ڪاميابي ماڻي اٿئون. ايندڙ چونڊن ۾ انشاءَ الله سڄي سنڌ ۾ مسلم ليگي اميدوار بيهارينداسين ۽ پڪ اٿم ته صوبي ۾ مسلم ليگي حڪومت جوڙڻ لاءِ گهربل اڪثريت حاصل ڪري وٺنداسين. ايستائين جو هينئر به محسوس ٿو ڪريان ته ايندڙ مهيني ٻن ۾ اسيمبليءَ اندر 5 3  مسلمان ميمبرن مان 5 2  کن مسلم ليگ پارٽيءَ جا ميمبر بڻبا.

جناح صاحب سان ملاقات ۽ ساڻس صوبي ۾ ليگ جي سياست بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جي وڏي خواهش اٿم. ان ڪري اوهين جيڪڏهن آگسٽ مهيني دوران سندس پروگرامن کان جلد کان جلد واقف ڪريو ته ٿورائتو رهندس. جيڪڏهن ان مهيني دوران هو شملا ٿو وڃي ته مون کي ضرور ٻڌائجو ته جيئن وٽائنس ڀيرو ڪري اچان. هونئن به سر عبدالله هارون صاحب اتيئي هوندو ۽ شيخ عبدالمجيد صاحب به متان مون سان گڏ هجي. اسين جناح صاحب کي سنڌ جي فوري دوري جي دعوت ڏيڻ جو ارادو رکون ٿا ۽ اسين مسلم جذباتن کي بيدار ڪرڻ ۽ سندس دوري دوران وڌ کان وڌ پروپيگنڊا ڪرڻ چاهيون ٿا، اهو ليگ کي منظم ڪرڻ لاءِ سونهري موقعو هوندو. اوهان جو ٿورائتو رهندس، جيڪڏهن جناح صاحب سان ملي کيس منهنجي احساسن کان واقف ڪندا. هو مون کي چڱيءَ ريت سڃاڻي ٿو ۽ مون کي پڪ آهي ته اسين سندس مڪمل سهڪار ۽ مدد ماڻي سگهنداسين. آءٌ سمجهان ٿو ته اسين ڪجهه ئي مهينن اندر مسلم ليگي حڪومت ٺاهڻ لاءِ گهربل اڪثريت حاصل ڪري وينداسين. آءٌ ان ڏس ۾ ڪم پيو ڪريان.“(11)

سنڌ جي دوري لاءِ دعوت سان گڏ اهو خط جناح ڏانهن اماڻيو ويو. جنهن ڄاتو ته جيتوڻيڪ سنڌ ۾ سندس اڳوڻيون اڌو گابريون ڪوششون ڪو ٻوٽو ٻاري نه سگهيون پر هڪ ٻي ڪوشش جي مهل اچي وئي آهي. نه رڳو هارون صاحب ۽ مجيد صاحب سان وقت به وقت رابطا ٿي رهيا هئا، جن ڪيڏي ڪيڏي مهل کيس سنڌ ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺڻ لاءِ ٿي چيو پر هاڻ کهڙي صاحب جي خط ۾ اهي تفصيل هئا، جن وسيلي مسلم ليگ کي سنڌ جي مسلمانن جي مسئلن جو حل ٿي ليکيو ويو. ساڳئي وقت عبدالله هارون صاحب جو به هڪ خط آيو جنهن ۾ جناح صاحب کي جلد کان جلد سنڌ اچڻ لاءِ زور ڀريل هو ۽ ان ۾ صورتحال جي معروضيت کان شايد وڌيڪ خيالي تصوير چٽيل هئي:

”آءٌ واضح طور تي ڏسان پيو ته 4 3  مسلمان ميمبرن مان 7 2  ليگ جي ميمبري وٺڻ لاءِ تيار آهن. آءٌ سمجهان ٿو ته سڀني مسلمان ميمبرن جي شامل ٿيڻ جا امڪان رکي سگهجن ٿا. جيڪڏهن مسلمان راءِ عامه کي هلندڙ مهيني جي آخر ڌاري ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿيندڙ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس ذريعي وڌيڪ هٿي ڏني وڃي. مان سمجهان ٿو ته اِن دوران ڪجهه ٻين علائقن جو دورو پڻ مناسب ٿيندو ته جيئن ماڻهن کي ليگ ڏانهن متوجهه ڪري کين ان جماعت سان وابسته ڪري سگهجي. منهنجي سمورن دوستن جو خيال آهي ته اوهين ان ڪانفرنس جي صدارت ڪريو ۽ دوري لاءِ وقت ڪڍو.“(12)

دراصل هارون صاحب ۽ مجيد صاحب جون مهيني ۾ بمبئي وڃي جناح صاحب سان نه رڳو سنڌ ۾ مسلم ليگ جي نئين سر تنظيم ڪاريءَ بابت ڳالهايو هو، پر ان جو به جائزو ورتو هئائون ته، جيڪڏهن سومري صاحب کي يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي مسلمانن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ لاءِ جنهن جا هو ۽ هارون گڏيل اڳواڻ هئا، ڪانگريس سان ناتو ٽوڙڻ ۽ مسلم ليگ سان الحاق لاءِ دٻاءُ وجهي سگهجي. گورنر صاحب جي بقول اها اڻٿيڻي ڳالهه هئي:

”ان بابت اڄ صبح جو الله بخش صاحب کان ڏاڍي دلچسپ معلومات ملي اٿم. هن مون کي هارون صاحب کي لکيل جناح جي هڪ خط جو نقل ڏيکاريو جيڪو الله بخش صاحب کي ڏيکارڻ جي نيت سان لکيل هو. جناح صاحب جي هٿ اکرن واري اصل خط ۾ هارون کي ڄاڻايل هو ته سر غلام حسين صاحب ۽ عبدالمجيد صاحب گڏجي الله بخش صاحب جو ساٿ ڏيندا ۽ وزارت جي هاڻوڪي جوڙجڪ کي برقرار رکندي حمايت ڪندا، بس جيڪڏهن الله بخش صاحب حتمي کلي طرح پنهنجو پاڻ کي مسلم ليگ سان وابسته ظاهر ڪري.“

الله بخش صاحب مون کي ٻڌايو ته کيس اها آڇ ٿڏڻ ۾ ڪا هٻڪ نه ٿيندي. هو پنهنجو پاڻ کي هڪ باهوڙيل فرقيوار اداري سان وابسته ڪرڻ بدران ڪانگريس جي پٺڀرائيءَ واري هاڻوڪي هندو مسلم اتحاد سان سلهاڙيل هئڻ کي ترجيح ڏيندو. ان جو نتيجو ڇا نڪرندو سو ته آءٌ نه ٿو چئي سگهان پر الله بخش صاحب تي اعتماد ٿو رهي ۽ آءٌ اهو سوچڻ تي مجبور آهيان ته هو غير مناسب طور تي پر اعتماد آهي.“(13)

ان جي وسيع تر توقع ڪئي پئي وئي ته سومرو صاحب مسلم قوت کي ترجيح ڏيندو ۽ ايستائين جو پنجاب جي وڏي وزير سر سڪندر حيات صاحب پنجاب جي گورنر صاحب کي ڄاڻايو ته اهو قدم کڄڻ وارو آهي پر هو ان دوران اهو وساري ويٺا ته سومرو صاحب ڪيتري قدر نه ڪانگريس سان جڪڙيل هئو. ڪانگريس کي احساس هئو ته سندس سنڌ اندر حڪومت هڪ اتفاق هو. ڇاڪاڻ ته سنڌ مسلمان اڪثريت وارو صوبو هو.

جناح صاحب، جيڪو انهن صوبن ۾ جتي مسلم ليگ لاءِ حمايت مضبوط ترين هئي، ڪانگريسي وزارتن کي منهن ڏئي رهيو هو، اقليتي صوبن جي مسلمانن جي حيثيت مضبوط ڪرڻ جا دڳ ڳولهي رهيو هو. جناح صاحب جي محسوس ڪيل گهري ڳڻتي وقتي وائسراءِ بري بارن صاحب جي لارڊ زيٽلينڊ صاحب کي لکيل خط مان واضح ٿئي ٿي.

”جناح صاحب ممڪن حد تائين معمول کان وڌيڪ تلخ هو. هن تمام گهڻو وقت انهن قهري ڪاررواين جو ذڪر ڪرڻ ۾ سيڙايو، جيڪي سندس بقول مختلف ڪانگريسي صوبن ۾ مسلمانن خلاف ٿي رهيون هيون. سندس گهڻي ڀاڱي پيش ڪيل مثال، مسلمان ٻارن کي بندي ماترم ڳائڻ تي مجبور  ڪرڻ، اردو پڙهائڻ ۽ سيکارڻ جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن، مسلم آباديءَ جي گهٽ هئڻ وارن علائقن ۾ مسجدن ٻاهران پيش ايندڙ اڻ سهائيندڙ واقعن ۽ ڪانگريس طرفان مڪاني ادارن ۾ مسلمان عيوضين جي چونڊجي اچڻ ۾ رڪاوٽون وجهڻ بابت هئا. کيس ان تي اعتبار نه ٿي آيو ته لنلٿگو ڪانگريس سان ڳالهين ٻولهين ۾ رڌل ناهي. هن تجويز ڏني ته مرڪز کي هاڻي هينئن رکجي، ته جيڪڏهن اسين مسلمانن کي ڪانگريسي صوبن ۾ ”تحفظ“ ڏيندي ساڻن دوستي رکنداسين ته ان جي عيوض مسلمان اسان کي مرڪز ۾ تحفظ مهيا ڪندا.“(14)

سومري صاحب جي وزارت وڏين اميدن خاص طور تي گورنر صاحب جي حوالي سان پنهنجو وهنوار شروع ڪيو. هن (گورنر صاحب) وڏي وزير کي اهڙو شخص ٿي ليکيو جنهن سان ”خوشگوار طريقي سان“(15) ڪم ٿي پئي سگهيو. ”بس کيس هڪڙي ئي شڪايت هئي ته هو پنهنجي هندو وزير وزيراڻيءَ جي اثر ۾ تمام گهڻو آهي.“(16) آگسٽ جي شروعات ۾ گراهام صاحب جي موڪل تي وڃڻ کان پوءِ بڻيل وقتي گورنر صاحب گيريٽ جو به وزارت بابت ساڳيو موقف هو:

”نهلچلداسُ انتهائي بالادستي ڀريو اثر رسوخ ٿو رکي، جڏهن ته ٽيون وزير (پير الاهي بخش صاحب) پنهنجي ساٿين وٽان عزت احترام کان محروم آهي.“(17) سڀ کان وڌيڪ اهم اهو ته سومرو صاحب ڪٿ جا نظرثاني ڪيل اگهه لاڳو ڪرائڻ تي راضي هو، جيڪي هندستاني حڪومت سنڌ جي عليحدگيءَ کان وٺي مڙهڻ لاءِ بيچين هئي.

جيتوڻيڪ هندو مفاد سڌو سنئون زرعي شعبي سان لاڳاپيل نه هئا، ڇاڪاڻ ته هو بنيادي طور تي شهري آبادي هئا. پر ڪانگريسي اڳواڻن کي احساس ٿيو ته اهو اضافو حڪومت کي اڪثريتي آباديءَ ۾ غير مقبول بڻائيندو ۽ ان ڪري هو ان تي راضي ٿيڻ کان هٻڪي رهيا هئا. پر گورنر صاحب ان بابت حتمي فيصلو ڪري چڪو هو. انتهائي مٿانهين سطح تي اسيمبلي معطل ڪرڻ ۽ گورنر صاحب طرفان پنهنجي خاص اختيار استعمال ڪرڻ تي بحث پڻ ٿي چڪو هو. پر وائسراءِ اهي اختيار استعمال ڪرڻ بدران اهو گندو ڪم چونڊيل حڪومت کان وٺڻ جي حق ۾ هو. ان ريت سومري صاحب کي ڄڻ عملي طور تي هڪ چتاءَ کي منهن ڏيڻو هو: محصول وڌاءِ يا ڪرسي ڇڏ. هن يونائيٽيڊ پارٽيءَ جي ساٿين کي هم خيال بنائڻ جي بي ثمر ڪوشش پئي ڪئي، پر جيئن جي ايم سيد صاحب لکي ٿو ته ان ۾ ناڪام ٿيو ۽ جيتوڻيڪ هن پنهنجي ساٿين جي هڪ گڏجاڻي پڻ ڪوٺائي پر هنن تڪڙي اضافي خلاف فيصلو ڏنو. سومري صاحب ان فيصلي کي مڃڻ جو ڏيکاءُ ڏنو، پر دراصل هو پنهنجو ذهن جوڙي چڪو هو ته هو ان مامري تي پنهنجي ڪرسي نه ڇڏيندو ۽ گورنر صاحب پنهنجي اعليٰ عملدارن کي وڏي وزير جي رويي بابت هيءُ ڪجهه لکڻ لڳو:

هو مون کي خاطري ٿو ڪرائي ته هو ڊنل ناهي.... ۽ اهو ته هو بيراجي ايراضيءَ جي نئين سر جوڙجڪ کي اڳتي وڌائڻ کان نه ڪيٻائيندو. هو انتهائي جوش سان چوي ٿو ته هن خيالن جي ڏي وٺ دوران هر ڪنهن کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته منهنجي وزيرن تي منهنجي زور بار وجهڻ جو ڪو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ جو اسان وچ ۾ خيالن جي مڪمل هم آهنگي آهي ۽ هو نين تجويزن لاءِ ذميواري کڻڻ واسطي مڪمل طور تي تيار آهي.“(18)

6 1  جولاءِ تي انهيءَ اعلان وارو سرڪاري پريس نوٽ جاري ٿيو ته نوان اگهه محصولي سال 39 - 1938 ع کان عمل ۾ ايندا. سومرو صاحب ايترو ذهين ضرور هو، جو هن ڄاتو ٿي ته سندس اهم ۽ مستقل مزاج حمايت ڪانگريس وٽان ٿي ملي ۽ اها جماعت مسلم اڪثريتي صوبي سنڌ ۾ انتهائي ڀلي ڀاڳ تحت مليل وزارت کي لت نه هڻندي. سومري صاحب کي پڪ هئي ته هو سرڪاري پٺڀرائيءَ سان ميمبر پنهنجي پاسي ڪري ويندو، جو چڱي خاصي مسلم حمايت جو دعويدار بڻجي سگهي. ان ڪري آگسٽ جي شروعات ۾ وقتي وائسراءِ سيڪريٽري آف اسٽيٽ کي اهو لکي سگهيو:

”توهان ڪاغذن/ دستاويزن مان پروڙيندا ته گراهام صاحب جي پنهنجي وزيرن سان ڊگهي عرصي کان ڪٿ جي سوال تي هلندڙ بحث مباحثو پڄاڻيءَ تي پهتو آهي. سندس پورهئي جا نتيجا اڄڪلهه گريگ ۽ ناڻي وارو کاتو جاچي رهيا آهن ۽ هن مهل اهو ٻڌائڻ کان قاصر آهيان ته اهي ڪيتري ماليت جي برابر آهن. آءٌ سمجهان ٿو ته اهو اخذ ڪيو ويندو ته نوان اگهه هن مهل ته محصول ۾ اضافو نه آڻيندا، پر اهي اوڏي مهل چڱي هٿي ڏيندا، جڏهن ڦٽين جا اگهه وڌندا. گراهام صاحب جا وزير جيئن اوهين پاڻ ڄاڻيندا، نوان آرڊر جاري ڪرڻ تي راضي ٿيا آهن. ان دوران سندن حمايتي هنن آڏو دانهون ڪري کانئن وزارتن تان استعيفائون ڏيڻ جي گهر ڪري رهيا آهن ۽ اطلاعن موجب الله بخش صاحب پنهنجي پارٽيءَ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. سنڌ ۾ ڪانگريس انهيءَ سونهري موقعي کي استعمال ڪندي پاڻ کي مسڪينن ۽ محصولن جي شڪار هارين جو چيمپئن ظاهر ڪرڻ شروع ڪيو آهي. نيٺ سياسي نتيجو ڇا نڪرندو، هنن جي هن مهل اڳڪٿي ڪرڻ کان قاصر آهيان. وڏي وزير جي ترڪيب هيءُ پئي ڏسڻ ۾ اچي ته جيستائين هي طوفان ڪجهه جهڪو ٿئي تيستائين هو اسيمبلي ميمبرن سان ملڻ کان لنوائي ٿو ۽ گورنر کي ٻڌايو اٿائين ته نومبر جي پڇاڙيءَ ۾ سندس واپسيءَ تائين سنڌ اسيمبليءَ جو ڪوبه اجلاس نه ٿيندو.“(19)

اهو واضح هو ته گورنر صاحب پنهنجا خاص اختيار استعمال نه ڪري سگهڻ جي متبادل طور جوڳي حمايت حاصل ٿيڻ تائين اسيمبلي اجلاس نه ڪوٺائڻ سميت سومري صاحب جي هرڪا مدد ڪرڻ لاءِ تيار هو. سومري صاحب جي ان قدم يونائيٽيڊ پارٽيءَ کي اڌو اڌ ڪري ڇڏيو ۽ اهو ڄاڻيندي ته ڪانگريس مسلمانن جي پٺ ۾ ڇرو هنيو آهي، مسلمان اڳواڻ جناح صاحب ۽ آل انڊيا مسلم ليگ لاءِ وڌيا. جناح صاحب آڪٽوبر ۾ سنڌ لاءِ وقت ڪڍيو ۽ ان ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ تيار ٿيو، جيڪا نهايت شاندار نموني ۾ ڪوٺايل هئي.

اپريل1938ع کان کهڙي صاحب پنهنجي سنگتين ساٿين سان گڏجي خاص طور تي سنڌ ۾ مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو هو. هن لاڙڪاڻي ضلعي ۾ شاخون قائم ڪيون ۽ پهرئين ڌڪ ۾ ڏهه هزار ميمبرن جي حدف جو اعلان ڪيائين. نوابشاهه سان تعلق رکندڙ علي ڳڙهه جو پڙهيل نوجوان وڪيل ۽ لاڙڪاڻي ۾ ٿانيڪو ٿيل قاضي فضل الله صاحب سندس ”نائب“ هو، جيڪو کهڙي صاحب جي سرپرستيءَ ۾ سرگرم سياسي ڪارڪن بڻبو رهيو. هو ايندڙ ڪيترن ئي سالن تائين کهڙي صاحب جو ”ساڄو“ هٿ بڻيو هو. لاڙڪاڻي جي تجر باغ ۾ هڪ عوامي جلسو ڪوٺايو ويو جتي ٻين کان سواءِ ويهن ميونسپل ڪائونسلرن ۽ لوڪل باڊيز ميمبرن ليگ جي چارٽرن تي صحيحيون ڪيون، منجهائن اڪثر مقامي سياست ۾ انتهائي بااثر هئا. هن نيون ڀرتيون ڪرڻ لاءِ اڳوڻي خلافت تحريڪ جي ڪارڪنن کي استعمال ڪيو ۽ ان ريت ڪارڪنن ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿيو.

شهري مسلمانن کي به ادراڪ ٿيو ته موجوده حڪومت ۾ مسلمان مفادن جو تحفظ ممڪن ناهي، ڪراچيءَ جي سلاوٽ برادريءَ سان تعلق رکندڙ محمد هاشم گذدر صاحب(20) شهري آباديءَ کي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ تي همٿائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. مسلم ليگ جي تنظيم ڪاريءَ آڏو هڪ وڏي رڪاوٽ سگهاري مذهبي جماعتن جي مخالفت هئي. جن ۾ جهڙوڪ جمعيت العلماءِ هند، جنهن خلافت تحريڪ لاءِ پاڻ ملهايو هو. سنڌ۾ مسلم ليگ جي اپيل جو مذهب سان دراصل گهٽ واسطو هو. جڏهن ته محروم مسلمان عوام جي روزي روزگار سان گهڻو تعلق هو.

آڪٽوبر1938ع ۾ سنڌ مسلم ليگ جو هڪ اجلاس ڪراچيءَ ۾ ٿيڻو هو. اها جناح صاحب جي قيادت ۾ مسلم ليگ جي نئين جنم لاءِ بانيڪار گڏجاڻي ٿي بڻي. ان جي تياريءَ لاءِ ڪراچيءَ سميت سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ابتدائي اجلاس ٿيا. سڄي هندستان کان ايندڙ مسلم ليگي اڳواڻن جي آڌر ڀاءُ لاءِ وڏي پئماني تي انتظام ڪيا ويا. سر سڪندر حيات خان پنجاب جو وزير اعلي،ٰ بنگال جي مولوي فضل حق، مولانا شوڪت علي، محمود آباد جي نوجوان راجا صاحب، نوابزادي لياقت علي خان، بمبئي جي سر ڪريم ڀائي ابراهيم ۽ مولانا عبدالحامد بدايوني سميت سمورن اهم مسلمان اڳواڻن کي دعوت ڏني وئي. کهڙو صاحب ڪانفرنس جي اهم منتظيمن مان هڪ هو ۽ وفدن لاءِ مهماني، ڪانفرنس لاءِ ايجنڊا جي تيارين ۽ سڄي صوبي مان وفد جي جوڳي تعداد ۾ شرڪت کي يقيني بنائڻ ۾ رڌل هو.

7  آڪٽوبر تي جناح صاحب هڪ خاص ريل گاڏيءَ وسيلي ڪراچي پهتو ۽ شايان شان آڌر ڀاءُ ماڻيائين. ريل گاڏيءَ تي گلن جون پنکڙيون ڇٽڻ لاءِ هڪ هوائي جهاز مسواڙ تي ورتو ويو. ريلوي اسٽيشن کان کيس هڪ خاص سينگاريل اُٺ گاڏيءَ تي سوار ڪري دهلن شرناين سان ٽي ميل ڊگهي جلوس جي سرواڻي ڪرائيندي ڪراچيءَ جي اهم رستن تان گذاريو ويو. اهو جلوس ڏسڻ لاءِ ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پيو. ڪانفرنس ايندڙ ڏينهن رات جو اٺين وڳي شروع ٿي ۽ آڌيءَ رات کان پوءِ ٻين وڳي ڌاري ختم ٿي. ”پنهنجي شان مان وقار ۽ حاضريءَ سببان جهڙي تحريڪ تاريخ ۾ ڪا ٻي نه ٿي.“(21)

ڪانفرنس چڱو موچارو اثر وڌو ۽ چيف سيڪريٽريءَ پنهنجي پندرهين ڏينهن واري رپورٽ ۾ لکيو:

پندرنهن ڏينهن جي واقعن جي اهميت کي مسلم ليگ جي هن ڪانفرنس گهٽائي ڇڏيو جيڪا 8  آڪٽوبر تي ڪراچيءَ ۾ شروع ٿي ۽ 2 1  آڪٽوبر تائين جاري رهي. هندستان جي مختلف حصن کان آيل پري پري جي مسلمانن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي، جن ۾ بنگالي ۽ پنجاب جا وزير اعليٰ، مولانا شوڪت علي، راجا صاحب محمود آباد، نوابزادو لياقت علي خان ۽ سر ڪريم ڀائي ابراهيم نمايان هئا. چونڊيل صدر مسٽر جناح جو 7  آڪٽوبر تي ڪراچيءَ پهچڻ تي پرجوش استقبال ڪيو ويو. سندس اعزاز ۾ ڪيتريون ئي سماجي تقريبون منعقد ڪيون ويون ۽ ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن ۽ ڪراچي ڊسٽرڪٽ بورڊ طرفان کيس سپاسناما پيش ڪيا ويا. ڪانفرنس جي ويهڪ دوران جوش خروش ڏسڻ ۾ آيو. مسٽر جناح جي صدارتي خطاب ۾ مسلم ٻڌيءَ لاءِ جذباتي اپيل ۽ ڪانگريس تي شديد تنقيد اهم پهلو هئا. سنڌ کان ٻاهران ايندڙ ڪيترن ئي مهمانن ۾ ان جا تاثرات ڏسڻ ۾ پئي آيا. جڏهن ته مسلم ليگ جي مقامي رهنمائن اڪثر طور تي سنڌ ۾ سياسي منظرنامي تي خيالن جو اظهار ڪيو ۽ وزارت تي شديد تنقيد ڪئي. هندوستان جي حڪومت جي ”فرنٽيئر پاليسي“، بيراجي قرضن جي ادائگي ۽ فلسطين معاملا ڪجهه اهڙا ٻيا موضوع هئا جيڪي ڪانفرنس ۾ بحث هيٺ آندا ويا.“(22)

سر عبدالله هارون استقباليه ڪميٽيءَ جي چيئرمين جي حيثيت سان ڀليڪار جو خطاب ڪيو ۽ سنڌ ۾ مسلمانن جي اهم ڏکيائين جا تفصيل بيان ڪيا. هن هندو طبقي سان ڪيل مفاهمت خاطر ورتل ڪوششن جو حوالو ڏنو ۽ منجهن ڪشادگيءَ ۽ فياضيءَ جي اڻاٺ جو ذڪر ڪيو ۽ خبردار ڪيو ته جيڪڏهن روين ۾ تبديلي نه آئي ته ”هندوستان کي ٻن الڳ وفاقن جي تحت هندو هندستان ۽ مسلم هندستان ۾ ورهائجڻ کان بچائڻ ناممڪن ٿيندو.“ بنگال جي وزير اعليٰ مولوي فضل الحق هڪ جذباتي تقرير ڪندي مسلمانن کي مسلم ليگ هيٺيان گڏ ٿيڻ تي زور ڀريو. هندستان جو وڏن مسلمان سياسي رهنمائن جي تقريرن دوران سنڌ جي سامعين ۾ جوش ۽ ولولو پيدا ٿيو، جن اڳ ۾ ئي ڪجهه روايتي افسانا ٻڌا هئا. ڪانفرنس سنڌ جي مسئلن بابت ڪن قراردادن سان پڄاڻيءَ کي پهتي ۽ انهن مان ”فرقه وار بندوبست“ جي نالي سان مشهور قرارداد نمبر 5  هئي جنهن ٻن اڻ ٺهندڙ تهذيبن يعني ٻن قوميتن جي نظريي کي هٿي ڏني. قرارداد جو آخري حصو هي هيو:

”هيءَ ڪانفرنس وسيع ننڍي کنڊ جي امن ڀري جيوت ۽ لامحدود ثقافتي واڌ ويجهه جي مفادن، معاشي ۽ سماجي بهتري ۽ هندو ۽ مسلمان سڏجندڙ ٻن قومن جي سياسي خود مختياريءَ لاءِ اهو  آل انڊيا مسلم ليگ هيءَ تجويز ڏئي ٿي ته هوءَ هن اندروني سوال تي تبصرو ۽ نظرثاني ڪري ته هندستان لاءِ مناسب آئين ڪهڙو ٿي سگهي ٿو.“

اهو ٺهراءُ گهڻو تڻو شيخ عبدالمجيد صاحب ۽ هارون صاحب گڏجي راشديءَ صاحب جي سرگرم مشورن سان لکيو هو. کهڙو صاحب انهيءَ ٺهراءَ جي ضرورت سان سهمت نه هو ۽ ان کي گهڻي اهميت نه ڏنائين، جيتوڻيڪ هو ان لاءِ بيچين هارون صاحب جي جذبات کي مان ڏيندي ان کي ڪانفرنس آڏو سفارشن کان سواءِ پيش ڪرڻ ۾ شامل هيو. جيتوڻيڪ جناح صاحب اهو اجلاس ۾ جزوي طور تي منظور ٿيڻ ڏنو، ڇاڪاڻ جو اهو صوبائي مسلم ليگي اجلاس هو ۽ ان ڪري هو ان سان هروڀرو ٻڌل نه هئو، پر جناح صاحب ان کي حقيقت تي مبني ٺهراءُ نه سمجهو ۽ سندس خيال موجب اهو هوائي هو. سياستدان ۽ وڪيل طور جناح صاحب ممڪنات تي زور ڀرڻ جو تربيت يافته هو ۽  ”ٻه قومي“ تجويز کيس وقت کان اڳي ۽ شايد غير پئداواري پڻ ٿي لڳي جو هن هارون صاحب جي خواهشن پٽاندڙ ان کي پنهنجي آل انڊيا پروگرام ۾ شامل ڪرڻ کان ڪيٻايو ٿي. جناح صاحب ٺهراءُ کي سنجيدگيءَ سان وٺڻ واري مامري کان لنوائيندي تجويز ڏني ته ان اسڪيم جي ڪٿ لاءِ تفصيلي اڀياس ڪيو وڃي ۽ کيس اها مڪمل طور تي سهيڙي پيش ڪئي وڃي، ان کان پوءِ ئي هو ان کي پارٽي پروگرام لاءِ جوڳو ليکجڻ جي حيثيت ۾ هوندو.

هارون صاحب اسڪيم جي جائزي جي ذميواري هڪدم راشديءَ صاحب کي سونپي ۽ بعد ۾ هو پنهنجو مسودو کڻي لاهور پهتو ۽ ”اڇرا“ ۾ رهندي پنجاب جي ناميارن مسلمان ليکڪن ۽ ڏاهن سان صلاح مشورا ڪري انهيءَ ڪچڙي تجويز جا تفصيل مڪمل ڪندي ان کي حتمي شڪل ڏني.

سنڌ ۾ انهن حادثاتي ۽ ننڍڙين شروعاتن وسيلي پاڪستان جي رٿ نسري، ايستائين جو مارچ 0 4 9 1 ع ۾ مسلم ليگي اجلاس تائين ڪيتريون ئي اسڪيمون جناح صاحب ۽ سندس ساٿين جي نظرثاني واسطي تيار هيون. حتمي شڪل لاهور ٺهراءُ ورتي، جيڪو 3 2  مارچ 1940ع تي مسلم ليگ جي لاهور واري اجلاس ۾ منظور ڪيو ويو (32)

ڪراچي اجلاس ماڻهن سان گڏوگڏ سنڌ جي مسلمان سياستدانن ۾ پڻ جوش خروش پئدا ڪيو. ٻن عظيم الشان مسلم اڪثريتي صوبن جي وڏن وزيرن کين مسلم ليگ جي جهنڊي هيٺ متحد ٿيڻ جو سڏ ڏنو هو. هارون ۽ سيد صاحب سميت سنڌ جي ڪجهه سياستدانن جو خيال هو ته هو اجلاس جي پئدا ڪيل جوش خروش کي سمورن مسلمان ميمبرن کي مسلم ليگ ۾ آڻڻ، سومري صاحب کي مسلم ليگي قيادت قبولڻ ۽ سندس حڪومت کي مسلم ليگي بنائڻ لاءِ استعمال ڪري سگهندا. هارون صاحب ته جناح صاحب سان پنهنجي لکپڙهه ۾ هڪ هڪاڻي جي خاطري ڪرائي هئي ته اسيمبليءَ ۾ اڪثريت حاصل ڪرڻ جو وقت ڀرجي آيو آهي. کهڙو صاحب انهيءَ پر اميد سوچ بابت ڪنهن حد تائين ٻڏتر جو شڪار هو. هن ڄاتو ٿي ته جيتوڻيڪ ميمبرن کان ڪنهن حد تائين حمايت حاصل ٿي سگهي ٿي پر سرڪاري پٺڀرائي ٻين ميمبرن کي هرکائڻ لاءِ ڪافي ٿيندي. کيس اهو به پتو هو ته محصول جي ڪٿ وڌائڻ جا آرڊر جاري ڪرڻ تي گورنر صاحب جو سومري صاحب تي چاهه هو. سندس ڪانگريس کان وفاداريون تبديل ڪري مسلم ليگ سان گڏجڻ جا ڪي به عملي سبب نه ٿي نظر آيا ڇاڪاڻ جو مسلمان آبادي ۾ سندس غير مقبوليت ڪو فوري مسئلو ان ڪري نه هئي جو چونڊن ٿيڻ ۾ اڃان گهڻو وقت هو.

کهڙو صاحب ڪانفرنس ۾ شرڪت کان پوءِ جناح صاحب جي اندرون سنڌ واري دوري جا انتظام ڪرڻ لاءِ اتر سنڌ روانو ٿيو ۽ سومري صاحب کي موقف تبديل ڪرائڻ جو فرض هارون صاحب ۽ سيد صاحب جي حوالي ڪيائين.

رٿيل ڳالهه اها هئي ته سومري صاحب کان ليگ جي موقف تي صحيح ڪرائي مٿس وڌيڪ مسلمان وزير شامل ڪرڻ لاءِ زور ڀرجي ته جيئن وزارت مسلم ليگ جي سهڪار واري بڻجي سگهي. 9  آڪٽوبر تي جناح صاحب جي صدارت ۾ هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ فضل حق صاحب، سر سڪندر حيات خان، الله بخش سومري صاحب، سندس وزير پير الاهي بخش، سر غلام حسين هدايت الله، مير بنده علي ٽالپور، جي ايم سيد صاحب ۽ شيخ عبدالمجيد صاحب شرڪت ڪئي. پنهنجي هٿ اکرن سان گڏجاڻيءَ جي ڪاروائي نوٽ ڪندي جناح صاحب چوي ٿو:

”ان تي سهمت اختيار ڪئي وئي ته اسيمبليءَ جي مسلم ميمبرن جي ٺوس متحد پارٽي اسيمبليءَ اندر ”مسلم ليگ پارٽي“ طور قائم ڪئي وڃي ۽ پارٽيءَ ۾ شامل ٿيندڙ سمورا ميمبر مسلم ليگ جا ميمبر بڻبا ۽ ان جي منشور تي صحيح ڪندا ۽ مسلم ليگ جو پروگرام ۽ پاليسي قبوليندا ۽ گڏوگڏ عمومي عهدنامي تي صحيح ڪندا.

2 - نئين وزارت جوڙڻ جي حوالي سان هاڻوڪن مسلمان وزيرن پنهنجن استعيفائن ڏيڻ تي راضپو ڏيکاريو ۽ اهي استعيفائون نئين وزارت جوڙڻ لاءِ مسلم ليگ پارٽيءَ جي اڳواڻ جي تجويز سميت گڏجي گورنر صاحب کي پيش ڪيون وينديون.

3 - مسلم ليگ جي پارٽيءَ ۾ هيل تائين شامل ٿيل يا شموليت تي راضپو ظاهر ڪيل ميمبرن جي گڏجاڻي 2 1  آڪٽوبر تي صبح يارهين وڳي سر عبدالله هارون جي گهر تي ٿيندي ۽ جيڪي ميمبر هن مهل ڪراچيءَ ۾ ناهن تن کي ڪراچي پهچڻ جي درخواست ڪئي ويندي جڏهن ته 7 2  ميمبر اڳئي ئي ڪراچيءَ ۾ موجود آهن-“(24)

سومري صاحب جي نه چونڊجي اچڻ جي صورت ۾ پارلياماني اڳواڻ لاءِ جناح صاحب چار نالا درج ڪيا:

1 - کهڙو صاحب (اڳوڻو) چيف پارلياماني سيڪريٽري 2 - شيخ عبدالمجيد صاحب 3 - گذدر صاحب 4 - مير غلام علي صاحب ۽ نالن هيٺان لکيائين:

”اوهان جي (پنهنجي پراڻي) اڳواڻ جي غير موجودگيءَ ۾ اوهان ڪنهن کي اڳواڻ ڪندا؟“

واضح ڳالهه آهي ته تجربيڪار ۽ تيز جناح صاحب ان تي مڪمل هرکيل نه هو ته سومرو صاحب پنهنجي ڳالهه تي بيهندو ۽ ڪنهن ٻئي اعتماد جوڳي اڳواڻ کي سندس جاءِ تي آڻڻ ٿي چاهيائين. مسلمانن جي اهم ترين مسئلي محصولي ڪٿ ۾ اضافي جي ڏس ۾ جناح صاحب سان صلاح مشورا ڪري پنجاب جي وڏي وزير سر سڪندر حيات صاحب کي مسئلي جي اڀياس ڪرڻ ۽ ان جو حل ٻڌائڻ جو فرض سونپيو ويو.

”بيرا جي علائقي ۾ محصولي نبيري ۽ ڪٿ جي مامري تي مختلف نقطي نظر سامهون اچڻ سبب اهو معاملو سر سڪندر حيات صاحب جي حوالي ڪيو ويو ته جيئن هو ان جو جائزو وٺي پارٽيءَ کي صلاح ڏئي ۽ پارٽي ان ڏس ۾ سندس رٿيل حل کي قبولڻ تي راضپو ڏيکاريو آهي.“

اهي سفارشون 2 1  تاريخ طئي ٿيل گڏجاڻيءَ ۾ پيش ٿيڻيون ۽ سر سڪندر جون تجويزون پارٽي ”حتمي“ طور تي قبول ڪرڻيون هيون پارٽيءَ جو سربراهه يڪراءِ ووٽ سان چونڊجڻو هو ۽ ”ڪنهن نقص جي صورت ۾ سندس نامزدگي جناح صاحب ڪندو ۽ پارٽي سندس چونڊ کي قبوليندي.“ جڙندڙ وزارت جي اميدوارن جي چونڊ به ساڳئي ريت ڪئي ويندي، ته پارٽي ان بابت يڪراءِ فيصلو ڪري ۽ ان ۾ ناڪاميءَ جي صورت ۾ پارٽي جناح صاحب جي چونڊ کي قبولي اها فهرست اڳواڻ گورنر صاحب کي پيش ڪندو.

ان دستاويز تي هدايت الله صاحب، جي ايم سيد صاحب، مير بنده علي صاحب، شيخ عبدالمجيد صاحب ۽ پير الاهي بخش صاحب وزارت طرفان صحيحيون ڪيون. اهو به فيصلو ڪيو ويو ته پارٽي ٻين گروپن سان پڻ لهه وچڙ ۾ ايندي بشرط هو مسلم ليگ جي پروگرام جي حمايت لاءِ تيار هجن.

ان ريت صوبي ۾ مسلم ليگ وزارت وسيلي سنڌ ۾ مسلمانن جي هڪ وسيع تر گڏيل محاذ لاءِ اسٽيج تيار ٿيندي نظر پئي آيو پر اها پر اميديت وقت کان اڳي هئي. مسلم ليگي هڪ پاسي ڪانگريس جي ثابت قدميءَ جو مڪمل ادراڪ نه ڪري سگهيا هئا ته ٻئي پاسي وڏي وزير جي ڪمزوري ۽ ڦرڻي گهرڻي طبيعت به پروڙي نه سگهيا هئا. ان کان اڳ جو 2 1  تاريخ واري رٿيل گڏجاڻي ٿئي سومرو صاحب ڦري ويو ۽ غرور ڀري ۽ تيُز ٻولي استعمال ڪندي جناح صاحب کي لکيل خط ۾ پنهنجي ٺاهه کان ٿيڙ کاڌائين. اهو سمجهيو ٿي ويو ته اهو خط سندس هندو ساٿين کائنس لکرايو هو، جن سندس مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ تي ساٿ ڇڏڻ جو دڙڪو ٿي ڏنو. سومرو صاحب ان خيال جو ٿي لڳو ته آزاد هندو ۽ ڪانگريسي ميمبرن جي ڀيٽ ۾ کيس مسلمان ميمبرن جي حمايت جي گهٽ خاطري هئي. سومري صاحب جو بيان نئين مسلم ليگ پارٽيءَ جا سمورا تفصيل طئي ڪرڻ واري گڏجاڻيءَ جي ڏينهن تي شايع ٿيو. هو مسلم ليگ جي حمايتن کان وڌيڪ ڪانگريسي پٺڀرائي سان پنهنجو اقتدار قائم رکڻ لاءِ اتاولو ٿي لڳو، ڇاڪاڻ جو جناح صاحب چٽيءَ ريت اهو واضح نه ڪيو هو ته سومرو صاحب ئي پارلياماني پارٽيءَ جو قائد هوندو. جناح صاحب پنهنجي توهين محسوس ڪندي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ کهڙي صاحب سميت پنهنجي ساٿين کي سومري صاحب جو خط ڏيکاريو. مسلم ليگي سومري صاحب جي سڀاءُ ۽ مسلمان اڪثريت جي مفادن خلاف وڃڻ تي صدمي جو شڪار هئا. هارون صاحب ۽ سيد صاحب خاص طور تي ان ڪانفرنس سان تمام گهڻيون اميدون وابسته ڪيون هيون، جيئن جي ايم سيد صاحب ان ڏڦيڙ کان پوءِ ڄاڻايو:

”سندس (سومرو صاحب) پنهنجي وزارت جي تحفظ جي انتهائي خواهش سندس سڀاءُ مان ظاهر هئي جو هن اڳي جيان ڪانگريس ۽ هندو گروپن جي حمايت کي پنهنجي اقتدار جي بقا لاءِ سولو ۽ مناسب دڳ ٿي ليکيو، کيس ڊپ هو ته مسلمانن جي حمايت پوءِ ڀل اها ڪيڏي به ٺوس يا سگهاري هجي، سدائين وزارت جي استحڪام لاءِ خطري ڀري هئي.“ (26)

مسلم ليگ جي سومرو صاحب وزارت سان جنگ هاڻ ختم نه ٿيڻ واري بڻجڻي هئي ۽ جلد کان جلد وزارت ڊاهڻ سندن عزت جو مسئلو هو.

وقتي گورنر گيريٽ، واقعن تي تبصرو ڪندي 2 1  آڪٽوبر تي بري بارن صاحب کي لکيو:

”2 1  آڪٽوبر  سڄو ڏينهن جناح صاحب ۽ الله بخش صاحب جي پارٽيءَ جي ميمبرن ۾ بحث مباحثي ۾ گذري ويو.

جناح صاحب، الله بخش صاحب ۽ سندس حمايتن تي ڇهن وزيرن واري مسلم ليگي حڪومت جوڙڻ لاءِ زور ڀريو. نون مسلمان وزيرن جا نالا ويچار هيٺ آيا پر الله بخش صاحب جو چوڻ هو ته رٿيل نوان وزير سندس اعتماد تي پورو نه ٿا لهن. جناح وزيرن طرفان ڪو مسئلو پيدا ڪرڻ جي صورت ۾ پنهنجي مڪمل حمايت ۽ اختيار جو واعدو ڪيو. جناح صاحب الله بخش صاحب کي ڄاڻايو ته سنڌ جي ڪانگريس پارٽيءَ هاڻوڪي وزارت جي هر صورت ۾ حمايت ڪرڻ لاءِ اجازت واسطي هاءِ ڪمان کي تار ڪئي آهي ۽ ان لاءِ اجازت حاصل ڪئي اٿس.

الله بخش صاحب منجهند جو مون سان ملاقات ڪئي ۽ ڄاڻايائين ته ڳالهه ٻولهه جاري رهندي ۽ اهو ته سندس حمايتي جناح صاحب جي رٿ قبولڻ تي راضي ناهن. سندس چوڻ آهي ته سنڌ ۾ ليگي حڪومت قائم ٿيڻ ۾ ناڪاميءَ جي صورت ۾ جناح صاحب ذاتي طور تي ان کي پنهنجي شڪست ليکيندو. الله بخش صاحب بلند ڪردار جو مالڪ ناهي پر سندس خيال معتدل آهن ۽ هو پنهنجي هندو حمائتين کي ڌڪ ڪڍڻ کان لنوائي رهيو آهي. هو بيشڪ انتهائي دٻاءُ هيٺ آهي پر هو منهنجي خيال ۾ پنهنجي هاڻوڪي موقف تي قائم رهندو.“(27)

ليگي حڪومت ۾ نظر ثاني ڪيل ڪٿ جي خطري ۾ پوڻ سبب گيريٽ کيس پنهنجي مڪمل پٺڀرائيءَ جي خاطري ڪرائي. 9  ۽ 12 تاريخ جي وچ وارا ٻئي ڏينهن ڪانگريس سومري صاحب تي جوڳو دٻاءُ وجهڻ لاءِ اثرائتي انداز ۾ استعمال ڪيا. جناح صاحب کي ان بابت مڪمل ڄاڻ هئي ته ڪانگريسي هاءِ ڪمان صورتحال کي جيئن جو تيئن برقرار رکڻ لاءِ سنڌ ڪانگريس کي سومرو صاحب حڪومت جي ڀرپور حمايت ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون آهن. ٺاهه ٽٽڻ ۽ هدايت الله جي سربراهيءَ ۾ مسلم ليگ پارلياماني پارٽي قائم ٿيڻ کان پوءِ جناح صاحب 5 1  آڪٽوبر تي وقتي گورنر صاحب سان ملاقات ڪئي:

”ڪراچيءَ ۾ جناح صاحب جي سرواڻيءَ ۾ ٿيل ڳالهيون في الحال پڄاڻيءَ تي پهتيون آهن ۽ سندس سنڌ جي تڪڙي دوري کان پوءِ ٻيهر شروع ٿينديون.

3 - ڇنڇر 5 1  آڪٽوبر تي جناح صاحب ملاقات لاءِ درخواست ڪئي. الله بخش صاحب کان معلوم ڪيم ته کيس ان تي ڪو اعتراض ته نه ٿيندو ۽ سندس مڪمل راضپي کان پوءِ جناح صاحب سان ملاقات ڪيم جيڪا هڪ ڪلاڪ جاري رهي.

4 - هن تقريباً 5 2  ميمبرن جي حمايت سان پارٽي ٺاهڻ ۽ آزاد هندو ۽ يورپي ميمبرن کي گهڻي حد تائين سهمت بنائڻ جي دعويٰ ڪئي. منهنجو هندو وزير نهلچداس ڪنهن به وقت مسلم ليگ حڪومت ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار آهي. جيتوڻيڪ جناح صاحب انتهائي ٿورائتو ۽ ضابطي هيٺ هو پر شڪايت ڪيائين ته الله بخش صاحب پهرين فضل حق صاحب ۽ سڪندر حيات صاحب جهڙن اڳواڻن جي موجودگيءَ ۾ مسلم ليگ کي قبولي ٻئي ڏينهن (2 1  آڪٽوبر) تي ڦري ويو آهي.

6 - هن ڪانگريس پارٽيءَ طرفان ڪنهن به غير مسلم ليگي حڪومت جي حمايت ڪرڻ تي پنهنجي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. هن ڄاڻايو ته مسلم ليگ هاءِ ڪمان وسيلي ڪنهن وزارت تي ڪنٽرول ڪرڻ وارو ڪانگريسي طريقو اختيار نه ڪندي. هر مسلم ليگي وزارت خود مختيار هوندي ۽ مسلم ليگي اصولن جي ڀڃڪڙيءَ جي صورت ۾ سندن خلاف کڄندڙ واحد قدم ليگ کان اخراج هوندو.

7 - هن دليل ڏنو ته جيڪڏهن الله بخش صاحب ۽ سندس پيروڪار پارٽيءَ ۾ شامل ٿين ها ته مستحڪم وزارت جي خاطري هجي ها. هن ڄاڻايو ته هو هندن کي خارج ڪرڻ جو ارادو نه ٿو رکي پر کيس اعتراض هاڻوڪي صورت تي جنهن ۾ سنڌ حڪومت اڪثريتي جماعت وسيلي نه پر اڪثريتي برادريءَ جي هڪ ننڍڙي ۽ اڻ عيوضي ٽولي ذريعي هندن هٿان پئي هلي.

8 - ان کان پوءِ هن جلد کان جلد اسيمبليءَ جو اجلاس گهرائڻ تي زور ڀريو.

9 - جناح جي مون سان ملاقات جا سبب بڻجندڙ منهنجي خيال ۾ هيءَ آهن:

1 - سندس دورن جي پيل اثرن جي تازي هئڻ دوران جلد کان جلد اسيمبلي اجلاس گهرائڻ ۽

2 - مون کي ان تي سهمت ڪرڻ ته الله بخش صاحب اعتماد ڪرڻ جوڳو ناهي.“(28)

مسلم ليگ طرفان جناح صاحب جي صلاح هيٺ هاڻ اختيار ٿيندڙ حڪمت عملي سنڌ ۾ پارٽيءَ جي تنظيم ڪاريءَ تي ڌيان ڏيڻ ۽ عوامي سهائتا حاصل ڪرڻ واري هئي جنهن وسيلي اسيمبلي ميمبرن تي دٻاءُ وجهڻو هو. هن سنڌ جي مسلمان اڳواڻن کي خاطري ڪرائي هئي ته مسلم ليگ ۾ شامل ٿيندي هو پنهنجي خودمختياريءَ تي ڪا سودي بازي نه پيا ڪن ۽ جيئن هُن گورنر صاحب کي ٻڌايو هو ته ”هر مسلم ليگ وزارت خود مختيار هوندي.“ جناح صاحب پروڙيو ته هن مهل اها توقع ڪرڻ اجائي آهي ته مسلمان ميمبرن جي صفن ۾ ايتري ايڪتا آهي جو عهدن ۽ وزارتن جي لالچ ڏئي ڪجهه مسلمان ميمبرن کي پاڻ سان شامل ڪري ويندڙ ڪانگريس جي سامهون حڪومت ٺاهي سگهجي ٿي.

جناح صاحب ۽ مسلم ليگ هاڻي سنڌ ۾ مسلم ليگ کي منظم ڪرڻ لاءِ ور کنجها. صوبي ۾ مسلم ليگ جي بنيادي تنظيم ڪاريءَ لاءِ هارون صاحب جي سربراهي ۽ شيخ عبدالمجيد صاحب جي سيڪريٽري طور هڪ ڪميٽي جوڙي وئي ۽ مسلم ليگي پارليماني پارٽي چونڊڻ لاءِ هارون صاحب جي گهر تي چونڊون ڪرايون ويون. هدايت الله صاحب سربراهه، مير گروپ جو مير بنده علي صاحب ڊپٽي اڳواڻ، کهڙو صاحب سيڪريٽري جنرل ۽ گذدر صاحب، مير غلام علي صاحب ۽ نور محمد شاهه اسسٽنٽ وهپ چونڊيا ويا. پارلياماني پارٽي ۽ اسيمبليءَ کان ٻاهر مسلم ليگ جي تنظيم وچ ۾ ويجهو رابطو قائم ڪرڻ لاءِ سمورا وس ڪيا ويا. پارلياماني پارٽيءَ جي اهميت ان ڪري به سوائي هئي جو لڳ ڀڳ سموريون اهم ۽ بااثر شخصيتون اسيمبليءَ جون ميمبر هيون.

پارٽيءَ جو بنيادي ڍانچو جوڙڻ کان پوءِ جناح صاحب سنڌ جي طوفاني دوري تي اُسهيو. سومرو صاحب حڪومت اهڙيون هدايتون جاري ڪيون هيون ته جيئن دوري ۾ رڪاوٽون پئدا ڪيون وڃن ۽ ان کي ڪنهن به ريت ڪامياب ٿيڻ نه ڏنو وڃي. اها پاليسي جوڳن ميزبانن ۽ منتظيمن تائين رسائي وئي جيڪي اقتداري ڌر سان ڦٽائڻ جو جوکم کڻي نه پئي سگهيا. نتيجي طور جناح صاحب لاڙڪاڻي کان سواءِ جتي کهڙي صاحب ۽ سندس ساٿين ان جي ڪاميابيءَ لاءِ ڏينهن رات هڪ ڪيو هو، ڪٿي به جلسو ڪري نه سگهيو. جلسي ۾ حڪومت جي مخالفت کي مڏو ڪرڻ لاءِ کهڙو صاحب جوڳي با اثر شخصيت هو ۽ جلسو انتهائي ڪامياب رهيو. ٻي واحد اهم تقريب جنهن ۾جناح صاحب تقرير ڪري سگهيو سا جيڪب آباد ۾ مير جعفر خان جماليءَ جي گهر تي ٿيل ”مانجهاندي“ واري هئي. انهن ننڍڙين شروعاتن کان مسلم ليگ کي سنڌ ۾ اهم مسلم جماعت ۾ تبديل ٿيڻو هو.

1 2  تاريخ تائين جناح پنهنجو  سنڌ وارو دورو مڪمل ڪري سگهيو ۽ سنڌ ۾ پنهنجي پارٽيءَ وارن ۾ اتساهيندڙ پيغام ڇڏي بمبئي اُسهيو.

هاڻ مسلم ليگ آڏو بنيادي ڪم پنهنجا مستقل عهديدار چونڊڻ جو هو ۽ ان مقصد لاءِ نومبر1938ع جي آخر ڌاري مسلم ليگ ڪائونسل جي هڪ گڏجاڻي ٿي. ان گڏجاڻيءَ جي صدارت کهڙي صاحب ڪئي ۽ ان جو اهم ترين اسم سنڌ مسلم ليگ جو صدر چونڊڻ هو. هارون صاحب ۽ شيخ عبدالمجيد صاحب وچ ۾ مقابلو هو، شيخ صاحب جي پٺڀرائي هدايت الله صاحب ٿي ڪئي جيڪو هارون صاحب جو ڇتو مخالف هو. ٻنهي کي هڪ جيترا ووٽ مليا ۽ کهڙي صاحب پنهنجو ووٽ هارون صاحب کي ڏنو جنهن بابت سندس خيال هو ته نئين اسرندڙ پارٽيءَ جي سربراهيءَ لاءِ مناسب شخص هو. هدايت الله صاحب اهڙو صدر ٿي چاهيو جنهن کي هو پنهنجي اشارن سان هلائي سگهي  ۽ شيخ عبدالمجيد صاحب کي ان لاءِ مناسب ٿي سمجهيائين. کهڙو صاحب جيڪو هدايت الله صاحب جي انتهائي ويجهو هو، هاڻ کانئس پرڀرو ٿيڻ لڳو جو هُن (هدايت الله صاحب) پنهنجي برطرفيءَ کان پوءِ ۽ جناح صاحب جي دوري دوران مسلم ليگ جي تنظيم ڪاريءَ مهل پنهنجو پاڻ کي ذاتي مفادن تحت هلائيندڙ ٿي ثابت ڪيو، ان ڪري صوبائي عهديدارن جي چونڊ ۾ کهڙي صاحب هارون صاحب جي حمايت ڪئي. شيخ عبدالمجيد صاحب پارٽيءَ جو سيڪريٽري جرنل چونڊيو ويو.

پارٽيءَ جي ذمي پهريون ڪم اسيمبليءَ جو اجلاس سڏرائڻ ۽ سومري صاحب خلاف بي اعتماديءَ جي رٿ پيش ڪرڻ هو. ٻئي پاسي سومري صاحب اجلاس کي وڌ کان وڌ معطل رکڻ پئي چاهيو ڇاڪاڻ جو هن ڄاتو ٿي ته کيس وڌيڪ مسلمان ميمبرن کي پنهنجو حمايتي بنائڻ جي ضرورت آهي جو جيڪڏهن مسلمان ميمبرن جي اڪثريت مسلم ليگ سان گڏجي وئي ته سندس وزارت ڊهي پٽ اچي پوندي. ڪانگريس ان خطري کي ڀليءَ ڀت پروڙيندي ڪانگريسي پٺڀرائيءَ واري حڪومت بچائڻ لاءِ پنهنجا اهم اڳواڻ سنڌ جي دوري تي اماڻيا. ولڀ ڀائي پٽيل آگسٽ جي چوٿين هفتي ۾ آيو، آزاد اچڻ وارو هو ۽ سنڌي اڳواڻ ۽ مستقبل ۾ ڪانگريس جو صدر بڻجندڙ آچاريا ڪرپلاڻي پڻ دوري تي آيو. سندن بنيادي مقصد مسلم ليگ ڪانفرنس جي نتيجي ۾ صورتحال جي ڪٿ، مسلم ليگ تنظيم ۽ سومري صاحب جي وفاداري   ۾ تبديليءَ جي امڪانن جو جائزو وٺڻ هو. پٽيل سومري صاحب ۽ ڪانگريسي ميمبرن سميت سنڌ جي ناميارن سياستدانن سان ملاقاتون ڪيون. کهڙو صاحب ۽ سيد صاحب نظرثاني ڪيل ڪٿ بابت حڪومتي پاليسي خلاف احتجاج ڪرڻ ۽ اهو ڄاڻائڻ ته ڪانگريس هڪ اهڙي حڪومت جي پٺڀرائي ڪري رهي آهي جيڪا پنهنجي مقبوليت ۽ مڃتا وڃائي چڪي آهي، واسطي ساڻس مليا. انهن دليلن ڪانگريسي قيادت جي موقف ۾ ڪا گهڻي تبديلي نه آندي جنهن سومري صاحب جي حڪومت جي راهه ۾ ڏکيائيون پئدا ڪرڻ جو ڪو ارادو نه ٿي رکيو.

8 3 9 1 ع جي آخري ڪجهه مهينن نه رڳو مولانا آزاد ۽ پٽيل جي دورن جو مشاهدو ڪيو پر ان دوران اندرون سنڌ جو دورو ڪندڙ سباش چندر بوس هو، سروجني نيڊو ڪراچيءَ ۾ ٻه ڏينهن ترسي، ڪيترن ئي اجتماعن ۾ شريڪ ٿي جتي هن وفاق جي مخالفت ۽ مختلف برادرين وچ ۾ ايڪتا تي زور ڀريو. ڪانگريس جي ميمبر ٿيڻ ۽ هنديءَ کي رابطي جي ٻولي طور اختيار ڪرڻ تي زور ڀريندڙ(29) سروجني نائيڊو ۽ بمبئي جو هڪ اهم سوشلسٽ يوسف مهر علي صاحب پڻ ڪانگريس جي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ واسطي سنڌ ياترا تي آيا. ڪانگريس ماڻهن ۾ مقبوليت ماڻڻ ۽ مسلم ليگي اثر کي رد ڪرڻ ۽ ساڳئي وقت سومرو صاحب جي حڪومت کي هٿي ڏيڻ لاءِ سنڌ ۾ هڪ ”عوامي جدوجهد“ شروع ڪئي هئي. هاءِ ڪمان نظرثاني ڪيل ڪٿ کي تعطل ۾ وجهڻ جي خواهشمند هئي ته جيئن صوبي ۾ راءِ عامه کانئن متنفر نه ٿئي. دراصل سومري صاحب جو اقتدار ۾ رهڻ ڪانگريس لاءِ انتهائي اهم هو ڇاڪاڻ جو سنڌ واحد مسلم اڪثريتي صوبو هئي جتي نه رڳو ان جي غير فرقيوار ساک بڻجي ٿي سگهي پر مسلم ليگ به اقتدار کان محروم ٿي پئي سگهي. هي هڪڙو سچو پچو مسئلو هو ۽ ڪانگريس جا اڳواڻ ان موقف تي ڏڦيڙ جو شڪار هئا. سومري صاحب کي ڪانگريسي هاءِ ڪمان سان ڳالهائڻ واسطي بمبئي گهرايو ويو. هن گورنر کي اعتماد ۾ ورتو جنهن کيس چيو ته هو يا ته بمبئي وڃي ئي نه، يا اهڙي ڪنهن شرط نه مڃڻ لاءِ خبردار رهي جيڪو نظرثاني ٿيل اگهوتري ۽ بيراجي علائقي جي نئين سر جوڙجڪ کي ڦٽائي وجهي. ابوالڪلام آزاد ان موقف تي سخت گير هو ته ڪانگريسي ميمبرن کي ان قانون جي حق ۾ ووٽ نه ڏيڻ گهرجن پر پٽيل ۽ سنڌ ڪانگريس ڪنهن خالص ”محمدن يا مسلم ليگ وزارت“ جو جوکم کڻڻ بدران حڪومت جي حمايت ڪرڻ جي حق ۾ هئا. سومرو صاحب هاءِ ڪمان وٽان ڪا حتمي هدايت ماڻڻ کان سواءِ موٽي آيو ۽ اچي گورنر صاحب کي ڄاڻ ڪيائين.

”بمبئي کان موٽڻ تي الله بخش صاحب اڄ مون سان ملاقات ڪرڻ آيو. ابوالڪلام آزاد جي موجودگيءَ ۾ سندس سفر جو ڪو کڙ تيل نه نڪتو. هن صحت جي خرابيءَ ڪري وارڌا (گانڌيءَ سان ملاقات واسطي) وڃڻ کان نابري واري هندو اڳواڻ سندن غير موجودگيءَ ۾ ابوالڪلام آزاد کي نظر انداز ڪرڻ کان پاسو ڪيو.

ان ڪري صورتحال اڳي وانگر ئي آهي. ڪانگريس سڄي معاملي کي هڪ سال لاءِ معطل ڪرڻ چاهي ٿي ته جيئن اعتراضن تي نظرثاني ڪرڻ ۽ اسيمبليءَ ۾ بحث هيٺ آڻڻ لاءِ کيس وقت ملي سگهي. ان کان پوءِ حڪومت جيڪڏهن ضروري سمجهيو ته هاڻوڪن حڪمن تي نظرثاني ڪندي ۽ آخر ۾ معاملي کان اڳ حڪومت پنهنجا حڪم ناما مقامي ڪانگريس سان بحث هيٺ آڻيندي.

اهي مطالبا بيراج جي نبيري واري سوال کي واپس جولاءِ واري جاءِ تي ٿا اماڻين. هو رڳو هڪ سال تائين ملتوي ڪرڻ کان به اڳتي ويندا.

الله بخش صاحب مون کي خاطري ڪرائي آهي ته هن گانڌي صاحب، ولڀ ڀائي صاحب ۽ ٻين اڳواڻن سان ڳالهين دوران ڪا ڳالهه طئي نه ڪئي آهي. هو بهرحال اهڙن وڏن اڳواڻن سان پنهنجي ٿيل ملاقاتن ۾ انتهائي متاثر ٿيل آهي.“(30)

ابوالڪلام آزاد حڪومت سان طاقت جي مظاهري تي ذهن ٻڌل ۽ گورنر صاحب کي پنهنجا خاص اختيار استعمال ڪرڻ تي مجبور ڪرڻ تي راضي ٿي لڳو جيڪو عمل هندستان ۾ قوم پرست تحريڪ کي لاڀ رسائي ها پر ان سان سنڌ جي حڪومت کي ڪو فائدو نه ٿئي ها. سومرو صاحب هر صورت ۾ ان معاملي تي ڪو حتمي موقف اختيار ڪرڻ جي ڏس ۾ ڪمزور هو ۽ ڪانگريسي اڳواڻن کي اهو ڏيکاءُ ڏنائين ته اهو معاملو اڃا تائين بحث مباحثي لاءِ کليل آهي، جيتوڻيڪ هن گورنر صاحب کي هر هر حتمي طور تي ڄاڻايو ٿي ته هو ان کي ملتوي ڪرڻ نٿو گهري. گيريٽ ان تي تبصرو ٿو ڪري:

”اها انتهائي بدشگوني آهي ته الله بخش صاحب اهو تاثر ڏنو آهي ته هو هڪ اهڙي معاملي تي بحث لاءِ راضي آهي جيڪو سندس حڪومت اڳيئي طئي ڪري چڪي آهي. هاڻ اهو گراهام صاحب جي هٿ وس آهي ته هُو معاملي کي منهن ڏي.“

گيريٽ انتهائي بد دل هو ته گراهام صاحب جي چئن مهينن واري غير حاضريءَ واري عرصي دوران نظر ثاني ڪيل ڪٿ ۾ اضافي واري مامري تي اڃان تائين حڪومت ۽ ان جي ڪانگريسي حمايتن ڪوبه حتمي فيصلو نه ڪيو هو پر کيس پريشان ٿيڻ جي ڪا ضرورت نه هئي جو جڏهن وزارت وڃائڻ يا گورنر سان ڪيل واعدو پاڙڻ جو سوال اٿڻو هو ته سومري صاحب وزارت کي ترجيح ٿي ڏني ۽ سنڌ جي ڪانگريسي وزيرن آزاد جي نه ته به پٽيل جي آشيرواد سان سندس حمايت ٿي ڪئي.

موڪل تان واپسيءَ کان پوءِ گراهام صاحب سومري صاحب سان سختيءَ سان پيش آيو:

”مون کيس انتهائي واضح انداز ۾ ٻڌايو آهي ته آءٌ ڪانگريسي صورتخطي وٺڻ بدران پنهنجي وزارت وڃائڻ کي ترجيح ڏيندس ۽ اهو ته اها توقع رکڻ انتهائي اڻ ٿيڻي ڳالهه ٿيندي ته منهنجي حڪومت نظرثاني ٿيل نبيري وارن حڪمن تي عمل درآمد کي هڪ اڪيلي مسلمان (آزاد) جي مسلمان برادريءَ ۾ ڪانگريس جي ساک ٺاهڻ واري خواهش جي پورائي لاءِ ملتوي ڪري.“(32)

گورنر صاحب وزارت طرفان مسلمان ميمبرن ۾ پنهنجي حمايت پيدا ڪرڻ پتوڙڻ دوران اسيمبليءَ جو اجلاس ملتوي ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو ۽ نيٺ 4  جنوري1939 ع تي اجلاس ڪوٺايو ويو. مسلم ليگي اڳواڻن به سومرو صاحب حڪومت خلاف بي اعتماديءَ واري رٿ پيش ڪرڻ لاءِ پنهنجا حمايتي هٿ ڪرڻ لاءِ وسان ڪين گهٽايو. سر سڪندر حيات صاحب سنڌ ۾ انتهائي گهڻا پيروڪار رکندڙ ملتان جي هڪ اهم پير نواب مريد حسين قريشيءَ کي ان مقصد سان سنڌ اماڻيو. اسيمبليءَ جو اجلاس شروع ٿيندي ئي مسلم ليگ بي اعتماديءَ واري رٿ پيش ڪئي جنهن تي بحث لاءِ 0 1  جنوريءَ جي تاريخ مقرر ٿي.

وزارت ٿرٿلي ۾ هئي. ان کي پنهنجي مسلم حمايت جي خاطري نه پئي ٿي سگهي ۽ اها ڪانگريسي پٺڀرائي بابت پڻ غير يقينيءَ جو شڪار هئي ڇاڪاڻ جو ڪانگريسي هاءِ ڪمان نظرثاني ڪيل ڪٿ جي مامري تي پنهنجي حتمي حمايت بابت سومري صاحب کي ڪا ضمانت نه ڏني هئي. سومري صاحب کي محسوس ٿيو پئي ته کيس ڪانگريس يا مسلم ليگ جي مدد کان سواءِ ڪنهن غير معقول  مقصد لاءِ حمايت حاصل ڪرڻي هئي. گهوٽالي مان نڪرڻ جو واحد دڳ وزيرن جي تعداد ۾ اضافو آڻڻ ۽ ساٿ ڏيڻ کي يقيني بنائڻ لاءِ ڪجهه مسلمان ميمبرن کي رشوت آڇڻ هو. هو جن سان ڳالهيون ڪري رهيو هو سي مخالف ڌر جو اڳواڻ ۽ مسلم ليگي پارلياماني پارٽيءَ جو سربراهه سر غلام حسين هدايت الله ۽ ڊپٽي ليڊر مير بنده علي ٽالپر هئا.

هدايت الله اقتدار کان ٻاهر ائين هو جيئن پاڻيءَ بنان مڇي. هو حڪومت سان ڳجهيءَ ريت ڳالهين ۾ رڌل هو جيئن وزيراڻي اڳيئي گيريٽ کي ڀڻڪ ڏني هئي. انهن ڳالهين هاڻ لاڀ ڏنو ۽ هن بنده علي ٽالپر جي سرواڻيءَ واري ”مير گروپ“ سميت پنهنجي دوستن سان گڏ وفاداريون تبديل ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو. گورنر صاحب انهن ڳالهين ۾ ڀاڱي ڀائيوار هو ۽ نون انتظامن بابت وائسراءِ کي ڄاڻ ڏنائين:

”ڪنهن مرڪزي جوڙ لاءِ ڳالهيون هاڻ ان مرحلي تي اچي رسيون آهن جو ڪنهن ٺاهه کي سهيڙي سگهجي ٿو. پنهنجي وڏي وزير جي رٿ تي مون پنهنجي اڳوڻي وڏي وزير سر غلام حسين صاحب سان ڊگهيون ڳالهيون ڪيون آهن ۽ سندس ڳالهه مان پروڙي سگهيو آهيان ته هو مسلم ليگ جي ورتاءُ مان ايترو ته دلشڪست آهي جو منهنجي وزارت ۾ شموليت لاءِ تيار آهي ۽ پاڻ سان گڏ انهن کي به وٺي ايندو، جيڪي جنوني طور تي مسلم ليگ سان لاڳاپيل ناهن، انهيءَ رسائي سان منهنجي وزارت جو تعداد پنجن يا ڇهن تائين وڌي سگهي ٿو.

3 - وزيرن جي تعداد ۾ اضافو وزارت جي بنياد کي وسيع ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ۽ اهو عمل منهنجي وزيرن کي ذاتي طور تي تحفظ جو احساس ڏيندو جيڪو کين سندن هاڻوڪي حيثيت موجب آفيسن جي سخت ٿڪائيندڙ ۽ خشڪ مصروفيت جي ابتڙ سڪون ۽ آرام سان بهتر پاليسيون جوڙڻ ۽ لاڳو ڪرڻ ۾ مددگار ٿيندو.“

وزارت کي ”بهتر پاليسيءَ“ تي ڪم ڪرڻ لاءِ فرصت مهيا ڪرڻ سان گڏوگڏ گورنر صاحب پنهنجي نظرثاني ڪيل نبيري جي خاطري ۽ خاص اختيارين جي استعمال کان بچاءُ ماڻي رهيو هو، جيڪو نون جوڙيل آئيني سڌارن تي اُگرو داغ بڻجي ها.

ان ريت گورنر جنهن پنهنجو پاڻ کي ڪجهه مهينا اڳ سر غلام حسين صاحب طرفان پنهنجي وزارت بچائڻ لاءِ گهربل ساڳي رعايت ڏيڻ کان قاصر ٿي ليکيو، سو هاڻ اک ڇنڀڻ کان سواءِ ان تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار هو:

”4 - الله بخش صاحب ۽ غلام حسين صاحب ٻنهي مون کي خاطري ڪرائي ته  مون کي ڪٿ جي معاملي تي هاڻ ڪنهن به ڏکيائيءَ جو منهن ڏسڻو نه پوندو. ”بي اعتمادي“ واري رٿ (مخالف ڌر جي اڳواڻ) غلام حسين صاحب جي نالي تي نه پر ڪنهن سرواڻ مسلم ليگيءَ جي نالي تي پيش ٿيندي ۽ سر غلام حسين مون کي ٻڌايو آهي ته سندس مقصد اهو آهي ته هو چئن يا پنجن ميمبرن سان گڏ يا سڀاڻي پيش ٿيندڙ رٿ کان اڳ مخالف ڌر تان استعيفيٰ ڏيندو. جيڪڏهن اهو ٿئي ٿو ته آءٌ نه ٿو سمجهان ته اهو رٿ پيش ڪرڻ کي روڪيندو،  پر ان جي شڪست يقيني ٿي ويندي.“(34)

سسومري ۽ هدايت الله ٻنهي گورنر کي ڄاڻايو ته وزيرن جي تعداد ۾ اضافي جو اعلان فيبروريءَ ۾ بجيٽ جي سفارشن تي ويچارڻ لاءِ اسيمبليءَ جي مختصر وقت لاءِ ملتوي ٿيڻ تائين نه ڪيو وڃي. گورنر لاءِ حڪومت کي ڪنهن ڀونچال کان بچائڻ هڪ اهم ضرورت هئي ڇاڪاڻ جو ٻي صورت ۾ کيس نظرثاني ڪيل ڪٿ قبول ڪرائڻ لاءِ نئين حڪومت سان معاملا پهرين ڏاڪي کان شروع ڪرڻا پون ها يا وري پنهنجا خاص اختيار استعمال ڪرڻا پونس ها:

”منهنجي لاءِ هن حڪومت کي بي اعتماديءَ جي رٿ کان بچائڻ کان سواءِ ٻيو ڪو چارو نه آهي، نه ته هڪ ٻي نئين وزارت ٺهندي جيڪا نئين ڪٿ کي معطل ڪرڻ جو شرط وجهي سگهي ٿي.“ (5 3 )

مسلم ليگ جي ٻن سينئر اڳواڻن سميت درجن کن ميمبرن جي وفاداري تبديل ڪرڻ جي مسئلي ايوان جو ڄڻ ساهه منجهائي ڇڏيو ۽ مخالف ڌر وٽ هاڻ رڳو ست سخت گير مسلم ليگي کهڙو صاحب، سيد صاحب، گذدر صاحب، شيخ عبدالمجيد صاحب، خير شاهه، نور محمد شاهه ۽ اسراڻ صاحب ئي رهيا هئا. بي اعتماديءَ واري رٿ 2 1  جنوري تي ووٽ لاءِ پيش ٿي ۽ 2 3  جي مقابلي ۾ 7  ووٽن تان شڪست کائي وئي. وزارت کي ملندڙ ووٽ هدايت الله گروپ، هندو آزاد پارٽي ۽ يورپي ميمبرن جا هئا جنهن مان ظاهر ٿو ٿئي ته گورنر صاحب جون همدرديون ڪنهن سان هيون. ڪانگريس پنهنجي اصولن تان هٿ کڻڻ ۽ مولانا آزاد کي ناراض ڪرڻ کان پاڻ بچائيندي اڻ ڌري رهي.

مسلم ليگين لاءِ اها صورتحال وڏو شاهي سبق پرائڻ واري هئي. سون کان ڪٽ ڌار ٿي چڪو هو. اهو واضح هو ته صوبي ۾ تنظيمي ڪم ۽ راءِ عامه هموار ڪرڻ جو ڪو نعم البدل نه هو. اها حڪمت عملي سنڌ جي عليحدگيءَ واري جدوجهد دوران اختيار ڪئي وئي هئي، جنهن لاڀ ڏنو هو. بهرحال هاڻ هڪ اهم فرق هو، ان وقت سڄي مسلم قيادت متحد هئي ۽ هندو ۽ غير مسلم موقف جو ڪجهه حصو به ساڻس گڏ هو ان جي ڀيٽ ۾ هاڻ صورتحال بلڪل مختلف هئي. مسلم ليگي قيادت پنهنجو پاڻ کي ويڳاڻو ۽ اختيارن کان سواءِ ڏٺو. ويري هاڻ ڏورانهين بمبئي ۾ ويٺل ڪامورا شاهي ۽ سنڌ ۾ سگهاري ۽ انتهائي منظم اقليت نه پر خود مسلم قيادت هئي جيڪا هاڻ ورهائجي چڪي هئي. عهدي جي لالچ ۽ لست گهڻن چونڊيل ميمبرن لاءِ هرکائيندڙ ثابت ٿي. صورتحال جو الميو اهو هو ته خود مختياري صوبائي حڪومت جو ڪنٽرول اڪثريتي آباديءَ کي سندن ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ لاءِ کين ڏنو هو پر اقتدار جي مسند تي ويٺل حڪومت نه رڳو اقليت جي هٿن ۾ پتلي هئي پر ان جن ماڻهن جي خدمت ان جو مقصد هئڻ کپندو هو، انهن ئي ماڻهن جي قيمت تي بيٺڪيتي گورنر جي تابعدار خادم جو ڪردار ٿي ادا ڪيو. اهو کهڙي صاحب ۽ سندس دوستن لاءِ تلخ ثمر هو جن خود مختياري حاصل ٿيڻ کان پوءِ نواڻ جي اميد ٿي لڳائي. هن پاڻ کي اپريل 6 3 9 1 ع کان وڌيڪ بي پهچ ٿي محسوس ڪيو، پر خود مختياريءَ جي ڦل تان هٿ کڻڻ ايڏو سولو نه هو. مان مريادا ۽ سگهه وڃايل مسلم ليگ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ ۽ اڪثريتي آباديءَ جي مفادن کي ڇيهو رسائيندڙ حڪومت کي پاڙان پٽڻ لاءِ پرجوش انداز ۾ مستقل مزاج هئي. سنڌ جي مسلمانن کي مزاحمت آڏو نه جهڪندڙ قوت پويان منظم ٿيڻو هو، ڪو سبب ڳولهي لهڻو هو ۽ صوبي کي ٻيهر پنهنجو بنائڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي جوڙڻي هئي. اهو ٿورڙي ئي عرصي ۾ اڳواڻن جي درن تي ٺڪ ٺڪ ڪرڻ وارو هو. هنن هيڏانهن هوڏانهن جهاتي پاتي ۽ مسجد منزل گاهه جي روپ ۾ اهو ماڻي ورتائون.

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org