سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مئڪسم گورڪي جي آتم ڪهاڻي (منهنجا درسگاهه)

باب-7

صفحو :7

باب ستون

 

        مان ڊابرنِڪا اسٽيشن جي گدامن تي رات جو چوڪيدار هوس. شام جو ڇهين وڳي کان وٺي صبح جو ڇهين وڳي تائين هٿ ۾ ڏنڊو کنيو، چوڪي ڏيندو وتندو هوس. بُٺ ميدان مان اهڙي شور سان هوا هلندي رهندي هئي، ڄڻ هڪ ئيوقت هزارين واتن مان آواز اچڻ لڳندا هجن. هوا پاڻ سان برف جي ڪڪرن جا ڪٽڪ اڏايو ايندي هئي، جن جي تهن مان انجڻيون ڏکيائيءَ سان هيڏي ۽ هوڏي وڏا ساهه کڻنديون ۽ پنهنجي پٺيان اونداهن دٻن جون قطارون گهلينديون اينديون ۽ وينديون هيون. اهو ايئن لڳندو هئو ڄڻ ڪو بي خياليءَ سان سڄيءَ دنيا کي هڪڙي اڻ کٽندڙ زنجير ۾ جڪڙيندو ويندو هجي ۽ ان کي آسمان ۾ لڙڪائي ڇڏڻ گهرندو هجي. برف جي مٿان لوهه جو چيڪٽ، ڪڙن جو کڙڪڻ، ٿورو شور ۽ عجيب رينگٽ ٻڌڻ ۾ پئي آيو. گدام جي ويجهو برف جي واچورن ۾ ٻه اونداهيون شڪليون ”لامارا ڏينديون ڏسڻ ۾ پئي آيون-اهي قزاق هئا، جي اٽي جي چوريءَ لاءِ آيا هئا. مون کان لڪڻ لاءِ برف جي اڙي پًيان لڪي ويهي رهيا. ڪجهه وقت کان پوءِ برف جي طوفاني هوا جي جهوٽن ۽ شور ۾ هنن جون التجائون، رشوت جون اڇون ۽ گاريون اچڻ لڳيون. ”ڪجهه به نه.“ مون چينِ.

        انهن مون کي ڪَڪِ ڪري ڇڏيو. مون نه ٿي چاهيو ته ڪون هنن جون ڳالهيون ٻڌان، ڇاڪاڻ ته مون کي پتو هئو ته اهي غربت جي ڪري نه پر عورتن ۽ شراب لاءِ پئسن جي لوڙ ڪري چوري ڪري رهيا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ڳالهين هلائڻ لاءِ ليوسي گرافووا نالي خوبصورت رن زال کي، جنهن جو قزاق مڙس سينٽ پيٽرزبرگ ۾ ڪم ڪندو هئو، موڪليندا هئا. هوءَ چوڪيدارن جي اڳيان پنهنجي ڇاتي اگهاڙي ڪري ڇڏيندي هئي، جنهنڪري هن جا سخت ۽ سيٽيل بُبا ظاهر ٿيڻ لڳندا هئا.

        ”ڏس بلڪل توب وانگر اڀا بيٺا اهن.“ هوءَ ڊاڙ هڻي چوڻ لڳندي هئي. ”چڱو ڪڻڪ جي هڪ ڳوڻ جي ڳالهه مڃ، ٻئي درجي جي، قبول؟ نه؟ چڱو ٽئين دريجي جي ڳوڻ؟“

        مذهبي خيالن وارو بئيڪوف جيڪو تامبوف جو رهاڪو هئو ۽ پنگلو ابراهيم، جيڪو عثمان شهر جو تاتار هو، هن سان سودي بازي ڪندا هئا.

        هوءَ هنن جي اڳيان ڇاتي اگهاڙي ڪريو بيٺي هوندي هئي ۽ ڪرندڙ برف هن جي گرم چمڙيءَ مٿان پئي رجندي هئي. پنهنجا ڪلها لوڏي هنن کي ڇينڀيندي چوندي هئي، ”جلدي فيصلو ڪريو. توهان جهڙن ڪتن جي ڪاڙهه کي مون وانگر سهڻي عورت ڪٿان ملندي!؟“

        هوءَ روسي ڳوٺاڻن کان نفرت ڪندي هئي. هن جو آواز ڳرو ۽ ڪڙڪيدار هوندو هئو. هن جي موهيند منهن ۾ ٻليءَ جهڙيون معذور اکيون پيون چمڪنديون هيون. هن جا ساٿي ڳوڻيون کڻي سليج تي پيا رکندا هئا ۽ ابراهيم هن کي اندر ڪوٺيءَ ۾ وٺي ويندو هئو.

        هن عورت جي اهڙيءَ بي حيائيءَ تي مون کي ڏاڍي ڍڙ لڳندي هئي ۽ هن جي مضبوط ۽ خوبصورت جسم جي غلط استعمال تي افسوس ٿيڻ لڳندو هوم. ابراهيم هن جي ڀاڪرن کي ياد ڪندي، ٿڪون اڇلڻ لڳندو هئو ۽ هن کي ”ڪتي“ ڪري ڪوٺيندو هئو ۽ بئيڪوف خيال ۾ ٻڌي چوندو هئو ”ان قسم جي عورتن کي خون ڪرڻ گهرجي“

        وڏن ڏينهن تي هوءَ پاڻ کي سينگاري، پيرن ۾ چيڪاٽ ڪندڙ چمڙي جو بوٽ پائي، ڳچيءَ جي چوگرد قر مزي رنگ جو رومان ويڙهي، وارن جا زلف بنائي، دانشور نوجوانن کي، جن کان هوءَ نفرت ڪندي هئي، ڦاسائڻ لاءِ شهر ويندي هئي.

        جڏهن هن پنهنجو جادو مون تي هلائڻ گهريو ته مون ڀڄائي ڪڍيس. هڪڙي چانڊوڪيءَ رات جو گدام جي ڏاڪڻ تي ويٺي اک لڳي ويم، اک کلڻ تي ليوسيءَ کي پنهنجي اڳيان ڏٺم. هن جو سهڻو جسم چانڊاڻ ۾ ٻهڪيو پئي. هوءَ ڀروون تاڻيو ۽ کيسن ۾ هٿ وجهيو ويٺي هئي. ”ڊڄ نه“، هن چيو، ”مان توکي ڇرو ڪين هڻنديس. مان ته گهمڻ لاءِ ٻاهر نِڪتي اهيان.“

        ستارن جي بيهڪ مان پتو پئي پيو ته اڌ رات لڙي چڪي هئي. ”ڇا گهمڻ لاءِ اويلو وقت ناهي؟“

        ”عورت رات جي راڻي آهي.“ منهنجي ڀرسان وهندي ليوسيءَ جواب ڏنو. ”تون ڇو ننڊ پيو اهين؟ ڇا توکي انهيءَ لاءِ مقرر  ڪيو اٿن؟“

        هوءَ پنهنجي کيسي مان سورج مکيءَ جو بج ڪڍي چٻاڙيندي چوڻ لڳي، ”چون ٿا ته تون پڙهيل اهين. او بولاڪ جو شهر ڪٿي آهي؟“

        ”مون کي پتو ڪونهي.“

        ”اهو انهيءَ شهر جو نالو آهي جتي ”مقدس ميريءَ“ جو ظهور ٿيو هئو. مجسن ۾ ميريءَ کي اهڙيءَ ريت پيش ڪيو ويو آهي، جو هن جي گود ۾ ٻار آهي ۽ هن جي هڪ ٻانهن هن جي مٿي مٿان آهي.“

        ”ابلا ترڪ. مان تنهنجو مطلب ڪهڙو آهي؟“

        ”اهو ڪٿي آهي؟“

        ”ارلاس يا سائبيريا ۾.“

        پنهنجا چپ چٽيائين ۽ چوڻ لڳي، ”ڪاس ۾ان اوڏانهن وڃان، پر تمام پري آهي.....ته به هڪ ڏينهن ضرور وينديس.“

        ”ڇو؟“

        ”توبهه ڪرڻ. مان گنهگار آهيان. توهان مردن مون کي ان اوڙاهه ۾ ڦٽو ڪيو. ٻيڙي اٿئي؟“

        جيئن سگريٽ دکايائين ته مون کي آگاهه ڪندي چيائين، ”متان قزاقن سان هيءَ ڳالهه ڪرين. هو عورتن جي ٻيڙي ڇڪڻ جي خلاف آهن.“ هن جو چهرو سياري جي سرد هوا ۾ گلاب جي گل وانگر سرخِ ۽ سهڻو هئو. هن جي اکين جي سفيد ڪٽورين ۾ هن جون ڪاريون ماڻڪيون مڻين وانگر پئي چمڪيون.

        ستاري ڪري لاٽ ڪئي ۽ گهڙي کن لاءِ آسمان ۾ روشني ٿي ويئي. پاڻ تي صليب جو نشان بنائيندي، چوڻ لڳي، ”خدا ان جي روح تي رحمت ڪندو. هڪڙي ڏينهن منهنجو روح به ايئن نڀڪري ويندو.“ تون پاڻ کي ڪهڙين راتين جو اڪيلو محسوس ڪندو آهين، اونداهين يا چانڊوڪين ۾؟“ سگريٽ کي ٿڪ هڻي اڇلي ڇڏيائين. وڏي اوٻاسي ڏئي، چوڻ لڳي، ”موج ڪرڻ بابت ڇا خيال آهي؟“

        جڏهن مون انڪار ڪيو، تڏهن چيائين، ”سڀ ماڻهو چوندا آهن ته هنن کي مون مان ڏاڍو مزو ايندو آهي.“

        مون هن کي ڏاڍي نرم ۽ سهڻي نموني هن جي نفرت ڏيندڙ بيحيائيءَ بابت سمجهايو، پر ٻئي پاسي نهاريندي سنجيده ۽ هيٺاهينءَ واري لهجي ۾ وراڻيائين. ”بي مزگيءَ کي دور ڪرڻ لاءِ ئي مان انهيءَ پاسي ڇڪجي وئي آهيان. جناب! منهنجو وقت ڪهڙو نه بي مزيد پيو گذري.“

        ”جناب“ جو لفظ هن جي چپن تي عجيب پئي لڳو، ۽ ان مان بلڪل بي معنيٰ جي جهلڪ پئي آئي. پنهنجو ڪنڌ پٺتي جهڪائي آسمان ڏانهن نهاريندي، خيال سان چوڻ لڳي، ان ۾ منهنجو قصور ڪونهي. اها ڳالهه ڪجهه ته ٺيڪ هوندي، جو ماڻهو چوندا اهن ته اها خدا جي ئي مرضي ته عورت کي ن جي ڄنگهن تي پرکيو وڃي. ان لاءِ مون تي ملامت ڪانهي.“

        ڪجهه منٽ ماٺ ڪري ويهڻ کانپوءِ اُٿي پاڻ کي چڱيءَ طرح ڏٺائين ۽ چوڻ لڳي، ”اسٽيشن ماسٽر ڏانهن ٿي وًان.“

        مون ڏٺو ته چانڊاڻ ۾ چمڪندر چانديءَ جهڙي ريل جيرستي تي هوريان هوريان وکون وجهندي هلندي ويئي ۽ مان هن جي انهن لفظن، ”جناب منهنجو وقت ڪهڙو بي مزي ٿو گذري.“ جي بار هيٺ پائمال ٿيو اتي جو اتي ويٺو رهيس.

        ان وقت مون کي انهيءَ ماڻهوءَج ي ”بي مزگي“ سمجهه ۾ ئي نه پئي آئي. جنهن جي زندگي اهڙي نموني گذرندي هجي، جو هن کي پنهنجي خسيس پڻي ۽ نيچ هجڻ جو ڏکوئيندر احساس هجي پر پوءِ دنيا جي امنگ کي تازگي بخشيندي هجي.

        اهي ماڻهو جيڪي سڀني ماڻهن لاءِ اوپرا هوندا هئا، مون کي يقين آهي ته منهنجي دل ۾ پنهنجو پاڇو ڦٽو ڪندا هئا. انهن پاڇن جي لڳاتار پوڻ ڪري ”مان سمجهه ۾ نه ايندر ڳالهين کي سمجهڻ“ جي ڪوشش جي عذاب ۾ مبتلا ٿي ويندو هوس. هن وقت منهنجي اکين جي اڳيان انهيءَ طوفاني واچوڙي ۾ ڪشادي ڇاتي ڊگهين ٻانهن وارو رانديگر افريڪان پيٽرو وسڪي اسٽيشن ماسٽر نظر پيو اچي. هن جون اکيون گانگٽ وانگر ٻاهر نڪتل ۽ ڪاريون هيون. هن جي ڏاڙهي گهاٽي ۽ ڪاري هئي ۽ هن جو جسم جانورن وانگر سڄو وار وار لڳو پيو هوندو هئو. هو نڙيءَ تي زور ڏئيڏاڍي بڇڙي نموني ڏاڍيان ڳالهائيندو هئو. ڪاوڙ ويل پنهنجن ڦاٽل ۽ ڪلمڪن جهڙين سڄيل ناسن مان ڦوڪارا ڏيڻ لڳندو هئو. هو چوري ڪندو هئو. مال ڍوئيندڙن کي چوندو هئو ته ڪئپين سمنڊ مان ايندڙ مال جي گاڏن کي ڀڃي ڪڍي وٺو. اهي هن کي مشرقي ملڪن جو ريشمي ڪپرو ۽ مٺايون آڻي ڏيندا هئا. جن جي وڪري مان پنهنجي ڪمري ۾ ”راهباڻي رنگ جون دعوتون“ معقد ڪندوهو. هو ڏاڍو طالم هئو، چوندا هئا ته پنهنجي زال کي ايتري مار ڪڍي هئائين. جو هوءَ مري ويئي هئي. چوڪيدارن سان به هن جو برتاءُ برو هوندو هئو. آفيس جي وقت کان پوءِ هو راند ڪندو هئو. راند ويل هن کي بت تي ڳاڙهي ريشمي قميص ۽ بخملي پتلون، پيرن ۾ موروڪو جا جڙيل تاتاري قسم جا سبز بوٽ ۽ گهنڊيدار ڪارن وارن جي مٿان پت ۽ زريءَ جي ڪم واري تاتاري توپي پائيندو هئو. پنهنجي انهيءَ ڏيک ويک مان شراب خاني جي انيءَ راڳ واري وانگر لڳندو هئو، جو قديم زماني جي امير جو ٻهروپ ڪري آيو هجي.

        ملاسلاف نالي هڪرو پوليس آفيسر هن وت گهڻو ايندو هئو. ملاسلاف جو مٿو گنجو، ڏاڙهي مڇون بلڪل صاف ٿيل، منهن جي رونق پادرين جهڙي، نِڪ باز جهڙو ۽ اکيون ننڊڙيون ۽ لومڙ جهڙيون هونديون هيون. هن کي ”ائڪڙيس.“ جي نالي سان سڏيندا هئا. ٻيو ماڻهو جو هن وٽ عام جام ايندڙ هئو اهو صابڻ جي ڪارخاني وارو ”تيخان اسٽيپاخن“ هئو. هن جي شڪل سهڻي، وار ڳوٺاڻن وانگر ڳارها ۽ هلڻ جي تور ڏاند وانگر ڍلي هوندي هئي. هن جي ڪارخاني جي ڪم ڪندڙن کي هوريان هوريان پيو زهر ملندو هئو ۽ هنن جي حياتي زنده درگور هئي. ڪيترائي ڀيرا هن تي انهيءَ ڪري مقدمو هليو هئو ۽ ڏنڊ به ڀيريا هئائين. هنن جون ٽيون جگري دوست پادري ووروشلاف هئو. هو شرابي ۽ گدلو هئو. هن جي ماتا جي داغن واري منهن جون کڙٻاٽيون ٻاهر نڪتل هونديون هيون. جنهن تي ڄاهي جي سوئن جهڙا سخت ۽ سفيد وار بيٺا هوندا هئا. هو ستار ۽ هارمونيڪا وڄائڻ ۾ ڀڙ هئو. هجن جا هٿ عورتن وانگر نزاڪت وارا ۽ صاف ٿيل هوندا هئا. هن جون اکيون ڏائيون چمڪندر ۽ نيريون هونديون هيون. جن کي ”چورايل اکيون“ ڪري سڏيندا هئا.

        ٻنين تي ڪم ڪندر ۽ ڳوٺ جون قزاق عورتون، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ليوسي به، هنن سان اچي شريڪ ٿيندي هئي. ننڍڙي ڪمري ۾ جيڪو ڪوچن سان ڀريو پيو هوندو هئو. سڀ گڏجي هڪڙي وڏي ڳوريءَ ميز تي رکيل کاڌي ۽ اڱرن تي پڪل تترن، سوئرن جي ران، رڌل صوفن، مربي ۽ هنداڻن کي کائڻ لڳندا هئا. انهيءَ دعوت کي وڌيڪ شاندار بنائڻ لاءِ وودڪا جي بوتل وچ تي پئي هوندي هئي. پيٽرو وسڪي ۽ هن جا ساٿي خاموشيءَ سان کاڌو پيا کائيندا هئا ۽ وچ تي رکيل صراحيءَ مان ووڊڪا جا پيالا چاڙهيندا هئا. جڏهن هنن جا پيٽ ڏلهجي ويندا هئا، ته اسٽيپاخن لڳاتار پيو  اوڳرايون ڏيندو هئو ۽ پاڻ تي صليب جو نشان بنائيندو هئو. پادري پنهنجن چپن تي مرڪ آڻي ستار کي وڄائڻ شروع ڪندو هئو. سڀ پئي ڪمري ۾، جنهن ۾ سوا3 ڪن ٿورين ڪرسين جي ٻيو ڪوبه فرنيچر نه هوندو هئو، هليا ويندا هئا ۽ راڳ شروع ٿيندو هئو.

        راڳ بيحد سٺو هوندو هئو. پيٽرووسڪيءَ جو اواز سڀ کان سٺو هئو. پادريءَ جو اواز گرم ۽ سٽيپاخن جو مٿي هوندو هئو. ملاسلاف تمام سهڻي نموني گهر جي طرح قزاق جي زال ڪيوبا سووا جو آواز تعريف جوڳو هئو. ليوسيءَ جو آواز چيٽ جهڙو هوندو هئو. تنهِنڪري گهڻو ڪري پادري هن کي خار مان آڱر جو اشارو ڪندو هئو. اهي هڪ ٻئي ڏانهن، سواءِ اسٽيپاخن جي، جو ڪنڌ جهڪايو ويٺو هوندو هئو، اهڙي سنجيده نموني نهاريندا هئا، ڄڻ چرچ جي راڳ ڳائڻ واري توليءَ جا ماڻهو هئا. اسٽيپاخن جي چهري تي اهڙو عجب ڇانئيل هوندو هئو. ڄڻ هن کي انهيءَ ڳالهه تي اعتبار ئي نه ايندو هئو ته اهو مٺو آواز هن جي گلي مان نِڪري رهيو هئو. راڳ گهڻو ڪري اداسائيءَ ڀريل هوندا هئا. ڪي چرچ جا گيت هوندا هئا. جي هو ڏاڍيءَ سنجيدگيءَ سان چوندا هئا. گهڻو ڪري ”توبه“ جو گيت.

        پيٽرو وسڪيءَ جي گانگٽ جهڙين اکين جي سفيدي رت جهڙي ڳاڙهي ٿي ويندي هئي. هو ڊرل ڪندر سپاهيءَ وانگر سڌو ٿي رنڀ ڪندو هئو. ”پادري-ناچ! ٽخان هلي آءُ! دوستو، ڪجهه رنگ مچي!“

        ”تيار آهيو!“ ستار جي تارن تي ڪاريگريءَ سان تڪڙيون آڱريون هلائيندي. پادري جواب ڏيندو هئو ۽ بازيگر واري پڙتائيءَ سان ”ٽرپڀاڪ“ روسي قومي ناچ جي ڌن شروع ڪندو هئو، جنهن تي اسٽيپاخن نچڻ شروع ڪندو هئو. صابڻ واري جي بي رحم چهري تي ننڊاکي مرڪ پکڙجي ويندي هئي، هن جو ڳورو جسم ڏاڍي سهڻي ۽  لچڪدار نموني جنبش ۾ اچي ويندو هئو. هو اونداهيءَ ۾ پاڻيءَ جي مڇي وانگر سڄي ڪمري ۾ تڪڙو تڪڙو ڦرڻ لڳندو هئو. هن جي بت جا عضوا سُر ۽ تار سان وڻندڙ نموني هيٺ مٿي ٿيڻ لڳندا هئا. هن جا پير، جن مان ذرو به آواز نه نِڪرندو هئو، ور وڪڙ شڪليون ڪڍندا ويندا هئا ۽ هو پنهنجي چوگرد ويٺل ماڻهن ڏانهن سرهائيءَ سان پيو نهاريندو هئو ۽ بيحد دلڪس نموني نچندو رهندو هئو. جيتوڻيڪ ڪيوبا سووا به هن جي چوگرد هلڪڙيون چيتون ڪندي هن جي چوگرد ڏاڍي موهيندڙ نموني ناز ۽ نخري سان نچندي، ۽ ڦيريون پائيندي رهندي هئي، پر اسٽيپاخن جي رقص اڳيان هن جي هر ادا بي مزي پئي لڳندي هئي. هيءُ ناچ سڀ کنهن کي نشو ڏئي ڇڏيندو هئو. پيٽرووسڪي خوشيءَ ۾ چريو ٿي رڙيون ڪندو هئو. سيٽيون وڄائيندو هئو. ڪنڌ پيو لوڏيندو هئو ۽ هن جي مسرت ڀريل اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳنداهئا. پادري ساز وڄائڻ بند ڪري استيپاخن کي ڀاڪر پائي، خوشيءَ ۾ گهٽيل آواز ۾ چوندو هو ”تخان.....بي مثال....منهنجا دوست تنهنجا سڀ گناه معاف آهن.“

        ۽ ملاسلاف هنن جي چوگرد ڦيرو ڏئي، رڙ ڪندو هئو، ”تخان، تون زار، تون ماهر، تون اسان جو قاتل آهين.“

        ان مهل مون کي اهي ماڻهو جن ووڊڪا جي بوتل کي تپ چاڙهيو هئو، نشي ۾ ٻڏل نظر ايندا هئا، ايئن لڳندو هئو ته اهو نسو هنن کي خوشيءَ، هڪٻئي جي قرب ۽ واکاڻ ڪرڻ جي ڪري پيدا ٿي ويندو هئو عورتون به نشي ۾ چُور لڳنديون هيون. هنن جي اکين ۾ آرزو ۽ ارمان چمڪڻ لڳندا هئا، هنن جا ڳل سرخ ٿي ويندا هئا. هو پاڻ کي پکو هڻڻ لڳنديون هيون، هو انهن اڻ آزمودگار گهوڙين وانگر جن کي بهار جي موسم ۾ اونداهن طنڀيلن مان ٻاهر ڪڍي ڪشادن روشن ميدانن ۾ بيهاربو آهي، جوس جي ڍوٽ ۾ اچي وينديون هيون.

        ليوسيءَ جو وات پٽجي ويندو هئو. هوءَ پنهنجي شوخ ۽ ڀنل اکين سان اسٽيپاخن ڏانهن نهاريندي هئي، ڪرسيءَ تي پئي جهولندي هئي ۽ پنهنجي بوٽ جي کڙين سان فرش تي پئي ٺڪ ٺڪ ڪندي هئي.

        ٻاهر هوا جا سوساٽ ۽ چمنيءَ ۾ هوا جو شور ۽ اسٽيپاخن پنهنجي نراڙ تان پگهر اگهندي ڏوهارين وانگر اداس لهجي ۾ بيهي چوندو هئو. ”هن ناچ جي ڪري ئي توهان جا عزتدار ماڻهو مون کان نفرت ڪن ٿا.“ پيووسڪي پوءِ ماڻهن کي مختلف قسمن جي گارين جا دَسَ ٻڌائيندو هئو، ۽ عورتون ڏيکءَ ڪرڻ لاءِ ته هنن کي اهي گاريون ٻڌي شرم وٺي ويو، رڙيون ڪرڻ لڳنديون هوني. هنن انهن چيدن جي لفظن جي آزاداڻي استعمال مان روسي زبان جي لچڪ جو اظهار ٿيندو هئو.

        پادري وري ساز کي ڇيڙيندو هئو ۽ پوءِ پيٽرووسڪيءَ جي نچڻ جو وارو ايندو هئو. هو اهڙي جوش ۽ جنون ۾ رڙيون ڪري زمين تي پير ۽ لتون هڻڻ لڳندو هئو، ڄڻ پنهنجي رستي ۾ پيل ڪنهن شيءِ جون جناکون ڪڍندو هجي. ليوسي به وري اٿي نچڻ لڳندي هئي ۽ ملاسلاف جن ورتل ماڻهوءَ وانگر ٺينگ ٽپا ڏيڻ لڳندو هئو. سڄو ڪمرو پيرن جي کرڪي، سيٽين، واڪن ۽ عورتن جي چوغن جي جي چمڪي ۽ سڀ کان زياده پيٽرووسڪيءَ جي کڙين جي کڙڪي ۽ هن جي جهيڙي جهرين رڙين ”الا، الا! مان تباه ٿي ويس!“ جي واڪن سان ڀرجي ويندو هئو. هنن جي ڏندن ڪُرٽڻ جو اواز هر ڪنهن کي ٻڌڻ ۾ ايندو هئو.

        پر هن چريائپ ڀريل تماشي ۾ صحيح خوشي ڪانه هوندي هئي. هنن ۾ اها دلي مسرت ڪانه هوندي هئي، جيڪا ماڻهوءَ کي رش تان عرش تي پهچائيندي آهي، انهن ۾ مذهبي ولولي وارو جوش نظر ايندو هئو. جن کي ڏسي ڪوهه قاف جي صوفين جي سماع واريون محفلون به ياد اچي وينديون هيون. جسمن جي هنن قلابازين جي واچوي ۾ ڪا تباهيءَ جي قوت ڏسبي هئي ۽ انهن جي اڻ ختم ٿيندڙ بي آرام مون کي نرسائي ڏئي ڇڏيندي هئي. هر ماڻهو پنهنجي پنهنجي ڪرتب ۾ ماهر لڳندو هئو ۽ اهي هڪٻئي کي موسيقيءَ، ناچ ۽ عورتن جي جسم جي اڇانگن سان بيخود بنائي ڇڏيندا هئا. انهن جون اهي سڀ ڳالهيون نشئي ماڻهن جي بي مطلب جنوني مجلسن جهڙيون لڳنديون هيون.

        پيٽرووسڪي مون کي ڪم تان انهيءَ لاءِ معافي ڏئي ڇڏيندو هئو ته مان سندن ان ”راهباڻي“ زندگيءَ ۾ حصو وٺي سگهان. مون کي ڪيئي راڳ ياد هئا. جن کي مان پاڻ وڌيڪ سهڻي نموني ڳائي سگهندو هوس ۽ ووڊڪا جنهن جي پيئڻ مان مون کي مزو ئي نه ايندو هئو ۽ ان ڪري آءُ پيئڻ کان پوءِ به پنهنجي آپي ۾ رهندو هوس.

        ”پيشڪوف، شروع ڪر!“ هو رنڀ ڪندو هئو، جڏهن هو عورتن کي چميون ڏيندو هئو تڏهن ڀي پيو رنڀندو هئو. هن جي لاءِ جانورن وانگر رنڀڻ ضروري ڳالهه هئي.

        پوءِ ڀت کي ٽيڪ ڏئي مان شروع ٿي ويندو هوس. ڄاڻي واڻي مان پُر اثر راڳ ڳائڻ شروع ڪندو هوس. ڇو ته اهي راڳ دراصل پاڻ لاءِ ڳائيندو هوس. مان انهن راڳن جي لفظن ۾ لڪل خوصروتي ۽ جذبن کي کولي اظهاريندو هوس.

        مان هنن جي خسيس هوسي غمگينيءَ جي آن نه مڃيندو هوس، جنهن کان منهنجو ڪاوڙ ڀريل عقل انڪاري هئو......ڇو ته اُن جو سطح پڻو منهنجي دل ڄاڻيو ويٺي هئي.

        ”منهنجا خدا!“ پادري، رکي رکي چوندو هئو. هن جو ڪنڌ هن جي هٿن ۾، ۽ هن جون آڱريون هن جي وارن جي چڱن ۾ سوگهيون هونديون هيون. اسٽيپاخن جي حيرت ڀريل نظرن ۾ حسن ڀري جهل هوندي هئي ۽ مان ڏسندو هوس ته هن جو منهن اڻ وڻندڙ نموني مروٽجي ويندو هئو. پيٽرووسڪيءَ جا ڏند اهڙيءَ ريت مڙي ويندا هئا، جو هن جي ڳلن جا هڏا باهر نِڪري ايندا هئا. ملاسلاف جيڪو ڪيوبا سووا کي پنهنجن گوڏن تي ويهاريو ويٺو هوندو هئو، تنهن کان ٻيو خيال لهي ويندو هئو ۽ بيمار ڪتي وانگر ڪنڌ جهڪايو پيو هيٺ نهاريندو هئو.

        مون کي پتو ناهي ته مان ڪهڙي خيال کان هنن کي ڏسندو رهندو هوس؟ ڪڏهن ڪڏهن مان خيال ڪندو هوس ته جيڪڏهن هنن جون دليون موسيقيءَ سان ٽمٽار ٿي وڃن، ته هنن ۾ ڪنهن نه ڪنهن ريت تبديلي اچي سگهندي ۽ ذري گهٽ مون جهڙا ٿي ويندا.

        هو منهنجي چوگرد ڪٺا ٿي ويندا هئا ۽ بي انتها خوشيءَ مان مون کي ڀاڪر ۽ چميون ڏيڻ لڳندا هئا.

        ”بدمعاض“، ملاسلاف منهنجي هٿ جي مٿان هٿ گهمائي چوندو هئو، اسٽيپاخن مون کي چمي ڏئي، ماٺ ٿي ويندو هئو.

        ”مهربان پيءُ ، ماڻهو ڇا به ڪري پر سڀني جو خاتمو هڪ جهرو ٿيڻو آهي.“ پيٽرووسڪي چوڻ لڳو.

        ليوسيءَ پنهنجا هٿ لووڏ رڙ ڪئي، ”مان هن جي محبت ۾ گرفتار ٿي وئي آهيان. مان اها ڳالهه کليو کلايو ٿي چوان. منهنجي هن سان محبت آهي. منهنجو سڄو جسم محبت سان ڏڪي رهيو آهي.“

        هنن جو ڍؤ ُ ئي نه ٿيندو هئو. ”هڪ ٻيو“ ۽ ”هڪ ٻيو“ جي تقاضا لايو ويٺا هوندا هئا.

        دريءَ جي ٻاهرين اونده پکڙيجي پئي هوندي هئي، جنهن کي اسٽيشن جون بتيون جهڪو ڪري ڇڏينديون هوين. نانگن وانگر ور وڪڙ کائيندڙ سرخ چشمن واريون ڳوريون گاڏيون لوهن پٽن جي مٿان کڙڪا ڪنديون هليون وينديون هيون. انجينئر ۽ تيل وارا هٿن ۾ لالٽين جهليو گاڏين جي چڪاس ڪندا رهندا هئا. گاڏين جي ٻاڦ ۽ گاڏين جو دونهون درين جي شيشن مٿان سنهو تهه چاڙهي ڇڏيندا هئا ۽ جڏهن انجڻ سيٽي وڄائيندي هئي، ته درين جا شيشا کڙ کڙ ڪرڻ لڳندا هئا. ٻاهر اونداهيءَ ۾ زندگي پنهنجو سخت رستو جهاڳيندي رهندي هئي، جنهن جو هن ڪري ۾ پيت ڀرين، جسم پرستن ۽ نشي ۾ ڌت عبادتين سان ڪوبه واسطو نه هوندو هئو.

        مون کي پتو هئو ته هي ماڻهو بلڪل ردي هئا. انهيءَ هوندي به هي ماڻهو جڏهن حسن کي پوڌيندا هئا ته ان وقت پاڻ کي وساري ويهندا هئا. ۽ نشي ۾ ان جي آبِ حيات سان پاڻ کي ڀري ڇڏيندا هئا ۽ هو اهڙا به هُئا جو ان گهڙيءَ ان ڪيفت ۾ پنهنجو سر قربان ڪري ڇڏين.

        انهن ڳالهين ڪري منهنجي دل ۾ لُڙاتيل خواهشون ڪَرَ موڙي اٿينديون هيون. جن ۾ منهنجو دم گهٽجڻ لڳندو هو. خاص طرح انهيءَ وقت جڏهن هي پنهنجي مستيءَ جي چوت کي پهچي ويندا هئا. سڀئي راڳ ختم ٿي ويندا هئا ۽ سڀئي ناچ پورا ٿي ويندا هئا.

        ” عورتن جا ڪپڙا لاهيو“، پيٽرووسڪي حڪم ڏيندو هئو. ڪپڙن لاهڻ جو ڪم اسٽيپاخن جي سپرد هئو، جو انهيءَ ڪم ۾ دير ئي نه ڪندو هئو. هو ڏاڍي خبرداريءَ سان عورتن جا ڪپڙا لاهي فينستائيءَ سان ويڙهي، تهه ڪري، ڪنڊ ۾ رکي ڇڏيندو هئو.

        مرد عورتن جي چوگرد گهيرو ڪري بيهندا هئا، خوشيءَ مان وڏا وڏا ساهه کڻڻ لڳندا هئا ۽ عورتن جي اگهاڙن جسمن جي اهڙيءَ ريت واکاڻ ڪرڻ لڳندا هئا. جهڙيءَ ريت ٿورو اڳ راڳ ۽ ناچ جي ساراهه ڪئي هئائون. پوءِ هو ٻئي ڪمري ۾ رکيل ميز ڏانهن موٽي ايندا هئا ۽ پيئندا ۽ کائيندا هئا. ان کان پوءِ رات جو اهڙا رنگ رچندا هئا جن جو بيان ڪرڻ ڏکيو ۽ جن کي لفظن ۾ ادا ڪرڻ محال آهي.

        مون کي مردن جي جانورن واريءَ قوت تي تعجب نه ٿيندو هئو، پر جن نمونن سان اتي هو عورتن سان پيس ايندا هئا، جن جي حسن جي ٿورو اڳ هو مذهبي اتساهه وانگر ساراهه ڪئي هئائون. اهي مون کي وائڙو ڪري ڇڏيندا هئا. هنن جون اهي نفسياتي حرڪتون مون کي انهيءَ انتقام جو حصو ڏسڻ ۾ اينديون هيون، جيڪو هنن جي دلين ۾ انهيءَ نامراديءَ جي ڪي پيدا ٿيندو هئو، جيڪا هو پنهجيءَ دلجمعيءَ سان ماڻي ڪڏهن صرف ڪري، نه سگهندا هئا ۽ ڪا تسڪين حاصل ڪري نه سگهندا هئا.

        مون کي اسٽيپاخن ۽ هن جي دل ڏاريندڙ رڙ ياد آهي. هڪڙي ڀيري هن جي نظر آئيني ۾ پنهنجي شڪل تي وڃي پئي. هن ڏٺو ته هن  جو رنگ سرخ بجاءِ سانورو ۽ اکيون غير فطري طور ٻاهر نِڪري آيون هيون. ”منهنجا خدا، هن ماڻهوءَ ڏانهن ته ڏسو“، هن واڪو ڪيو ”منهنجو منهن ماڻهن جهڙو ناهي ماڻهن جهڙو ناهي!“ بوتل کڻندي ئي آئيني کي ٺڪاءُ ڪرايائين. ”اچي وٺ شيطان، شيطان جا پڇ!“

        هن شراب جا جامن مٿان جام چاڙهيا، پر هن کي نشو ئي نه ٿيو ۽ جڏهن پادريءَ هن کي دلداري ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، ته هن کي ڏاڍو سهڻو جواب ڏنائين، ”پادري، مون کي ڇڏي ڏي. انهيءَ مان ڪهڙو فائدو. ٻيو ڇا ٿيندو؟ منهنجي حياتي مانهن وانگر نه ٿي گذري. ڇا مان ماڻهو آهيان؟ منهنجي اندر ۾ روح جي بجاءِ ڊگهن وارن وارو شيطان لڪو ويٺو اهي. تون ڪجهه به ڪر، پر ڪجهه به نه ڪري سگهندين!“

        هنن سڀني جي اندر ۾ ڪا ڪري ءٌ ڀوائتي شيءِ لڇندي ۽ ڦٿڪندي هئي. عورتون سور جي ڪري وٺي رڙيون ڪنديون هيون. انهيءَ هوندي به انهيءَ عذاب کي خوشيءَ سان هڪڙي تفريح سمجهي برداشت ڪنديون هيون. ليوسي پنهنجن رڙين سان پيٽرووسڪيءَ کي جوش ۾ آڻي ڇڏيندي هئي....”هاني، ٻيهر ٿورو ڏاڍيان.“ هن چٽيل شهيدن وانگر لڳندي هئي. مون کي خوف ٿيندو هئو م نتاب ويٽرووسڪي هن کي ماري وجهي.

        هڪڙي ڀيري صبح جو ويل اسٽيشن ماسٽر وٽان گڏ موٽندي، مون هن کان پڇيو ته هوءَ هنن کي انهيءَ تڪليف ڏيڻ جي اجازت ڇو ٿي ڏئي؟

        ”پر هو ته پاڻ کي عذاب ٿا ڏين.“ هن چيو، ”سڀني جو اهو حال آهي. پادريءَ کي ئي وٺ، هو انهيءَ ڪري روئندو آهي.“

        ”ڇو؟“

        ”پادري ڇاڪان ته هو پوڙهو آهي. ڇاڪاڻ ته هن ۾ طاقت نه رهي آهي. اِريڪانُ، اِسٽيپاخن ۽ ٻيا – تون سمجهي نه سگهندين ته اهي ڇو روئندا آهن. مون کي انهيءَ ڳالهه لاءِ لفظ نه ٿا ملن پر مون کي پتو اهي. ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن. جن جو مون کي پتو آهي، پر انهن جي بيان ڪرڻ لاءِ مون وٽ لفظ ڪونهن. جي لفظ ٿي ڳليان ته خيال ڇڙوڇر ٿي ٿا وڃن ۽ جي خيال اچن ٿا ته لفظن جو پتو نه ٿو پوي.“

        هُن ضرور هنن جي اندر ۾ ڇتيءَ قوت جي جا ڳالهه سمايل هئي، تنهن کي سمجهيو هوندو. مون کي چڱيءَ طرح ياد اهي ته هڪڙيءَ بهار جي رات جو هن ڏک ڀرئي لهجي ۾ مون کي چيو هو، ”مون کي توتي ڪيترو نه ترس ٿو اچي! تون هتي اهڙيءَ ريت سڙي مري ويندين، جهڙيءَ ريت پکي باهه ۽ دونهين ۾ ٻوساتجي سڙي ويندو آهي. مون کي اوهان سڀني تي ڪيترو نه افسوس ٿو ٿئي!“ هوءَ ماءُ جهڙن اهڙن مٺڙن لفظن سان ۽ هڪ اهڙي مانهو جي سمجهه سان، جنهن بنا ڪنهن خوف ۽ هراس جي روح جي ڀوائتين اونهائين ۾ نهاري ڏٺو هجي. اهڙين ڳالهين جو زڪر ڪندي هئي، جيڪي خوفناڪ ۽ بي انتها ظاهر ۽ کليل هونديون هيون.

        مون کي هاني ايئن ڏسڻ ۾ ٿو اچي ته مان ٻن متضاد فطرتن جي خوفناڪ ڇڪتاڻ ۾ پيڙجي رهيو هوس-انساني ۽ حيواني. منهنجي اندر جا انساني جذبا چاهيندا هئا ته پنهنجن حيواني خواهشن کي هڪ ڀيرو اهڙو ڍؤ ُ ڏئي ڇڏيان، جو اهي هميشه لاءِ ختم ٿي وڃن ۽ انهن کي وري انساني جذبن سان سرڪشي ڪرڻ جي سامت ئي نه اچي. اهي خود فراموش مستيءَ جون جسماني عشرتين واريون دعوتون، منهنجي دل ۾ ڪاوڙ ۽ اداسائي پيدا ڪنديون هيون. ساڳئي وقت مون کي ماڻهن، خاص طرح عورت، سان همدريدي ٿيڻ لڳندي هئي. جيتوڻيڪ منهنجا جذبا گهڻو ڏکويل هوندا هئا، ته به مان انهن راهباڻي عيش ڪوشين جي محفلن کي ترڪ ڪري ڪين ڇڏيو هئو، ان وقت مون کي ”معلومات جي جادوءَ“ جي بيماري هئي، ۽ منهنجي رهبري ۽ رهنمائي ڄڻ ”معلومات جو عاشق شيطان“ پاڻ ڪري رهيو هئو.

        ”توکي هر ڪنهن شيءِ جي ڄاڻ هئڻ ۽ هر ڪنهن شيءِ کي سمجهڻ گهرجي.“ روماس پائيپ کي ڪش لڳائي، پنهنجي وات مان دونهين جا گول ڇلا ڪڍندي، جيڪي هن جي ڏاڙهيءَ جي وارن ۾ وچڙي پوندا هئا، مون کي چوندو هئو. ”پنهنجي زندگيءَ کي جائز ٺهرائڻ لاءِ. حياتيءَ کي بيڪار گذارڻ کان بچائڻ لاءِ، هر بريءَ ۽ ڀليءَ شيءِ کي چڱيءَريت جاچي ڏسندو ڪر. اها ڳالهه سمجهي ڇڏيجانءِ ته اهڙيءَ ريت توکي لڪل سچ حاصل ٿي سگهي ٿو. ڪڏهن به بي ڊپو ٿي نه گزارجانءِ، ڪڏگڏهن به خطرناڪ ۽ اڻ وڻندڙ ڳالهين کان اکيون پوري پاسو نه ڪجانءِ، خطرناڪ ۽ بڇڙي ڳالهه اهائي لڳندي اهي.“

        تنهنڪري مان هر ڪنهن ڳالهه ۾ پنهنجي تنگ اڙائيندو هوس. ۽ ڪابه ڳالهه نه ڇڏيم. مان گهڻو ڪجهه سکيو، جنهن جي جيڪڏهن مون کي ڄاڻ نه هجي ها ته منهنجيءِ ڏاڍي نقصان واري ڳالهه ٿي سگهي ٿي. جيتوڻيڪ انهيءَ ڳالهه جي سخت ضرورت آهي ته خلق کي ”انسان ۽ حيوان“ جي وچ ۾ هلندر جنگ جي گندي ناٽڪ کان واقف ڪجي، جنهن ۾ انسان پنهنجي اندرين ۽ ٻاهرين قوتن تي قابض ٿيڻ جون ڪوششون ڪري ٿو. جيڪڏهن دنيا ۾ ڪا شاندار ۽ مقدس شيءِ آهي، ته اها انسان جي لڳاتار اوسر آهي، جنهن ۾ هن جي ڌڪار جهڙين گهڙين کي به قدر ۽ قيمت آهي. سندگيءَ جي تماشي ۾ ايتريقدر محو ٿيڻ ڪري، منهنجي نفرت واري قوت ختم ٿي وئي. انهيءَ ڪري نه ته نفرت ڪرڻ ڏکيو ڪم هئو. نفرت ته سولائيءَ سان پيدا ٿي ويندي آهي، پر ڇاڪاڻ ته اها هڪ اجائي ۽ ذليل ڪندر عادت اهي. خاص ڪري تڏهن جڏهن ماڻهو ماڻهوءَ کان نفرت ڪري.

        فلاسافي-خاص طرح اخلاقيات جي فلاسافي، بلڪل بي مذي شيءِ آهي. پر جڏهن روح زندگيءَ جي زخمن سان چور ٿي ٿو پوي، تڏهن فلاسافيءَ جو سهارو وٺڻو ئي ٿو پوي. اخلاقيات جي فلاسافيءَ جو مطلب ئي آهي ”ماڻهوءَ کي ماڻهن سان ماڻهپي ۾ رهڻ جو علم ڏيڻ.“

        ڊابرنڀڪا اسٽيشن تي ٽن چئين ميهنن کان زياده رحڻ منهنجي وس کان ٻاهر هو. پيٽرووسڪيءَ جي جاءِ تي ٿيندڙ عيش جي محفلن جي عزاب کان سواءِ هن جي بورچاڻيءَ منهنجي پٺيان باهه ٻاري ڏني. هن جي بورچاڻيءَ جو نالو ميريان هو، عمر چاليهن کان مٿڀري هئس. قد چهه فوت هئس ۽ تور ۾ هوءَ ٻه سؤ ڇاونجاهه پائوند هئي. هن جي سانوري گول چهري تي ڪاور ۾ ڀريل ٻه گول سائيريون اکيون، سدائين پيون تمڪنديون هيون، جن کي ڏسي تتل ٽامو ياد اچي ويندو هئو. هن کي کاٻيءَ اک جي هيٺان هڪڙو وڏو پربت جيڏو تِر هوندو هئو، جنهن ڪري اها اک شوخ ۽ شڪي لڳندي هئي. هو4 پرهيل هئي ۽ ڏاڍي چاهه سان ”درويشن جون حياتين.“ نالي ڪتاب پرهندي رهندي هئي ۽ پنهنجي سموريءَ دل سان بي عقل ۽ بي رحم ماڻهن کان نفرت ڪندي هئي. ”جيڪڏهن وس پحيم ته اکيون پٽي ڪڍان!“ هوءَ ڪاور مان چوندي هئي. جيتوڻيڪ پوليس واري ملاسلاف جي اڳيان پٽي ٻڌن ٻانهن وانگر پئي ڏڪندي هئي، شراب وارين دعوتن تي هوءَ وڏي اتساهه سان هن جي خدمت ڪندي هئي ۽ هن جي دولاب ڀرين اکين ڏانهن خوشيءَ ۾ ڀريل ڪتيءَ وانگر پئي نهاريندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن هيءُ بيوقوف نشي جو نمونو ڪري پت تي پئجي، پنهنجي ڇاتي ڪٽي رڙڻ لڳندو هو. ”اڙي مان بيمار آهيان، اڙي مان مران ٿو.“ هراسجي هن کي ننڍڙي ٻار وانگر ٻانهن ۾ کڻي، صوفي تي ليٽائي ڇڏيندي هئي.

        ملاسلاف جو اصل نالو ”مارتن“ هو ۽ اهڙين موقعن تي هوءَ پنهنجي هراس ۾ ايندي هن کي ”مارٽيڪان“ ڪري سڏيندي هئي. انهيءَ تي هو زمين تان ٺينگ ڏئي اٿندو هو ۽ هن کي رڙ ڪري چوندو هئو، ”ڇا اهو تو ڇا چيو؟“

        هوءَ پنهنجا هٿ پنهنجي ڇاتيءَ جي مٿان رکي هن جي اڳيان جهڪي پنهنجي کهري آواز ۾ هن کي ليلائي چوندي هئي، ”معاف ڪر. خدا جي واسطي معاف ڪر!“ هن کي وڌيڪ تنگ ڪرڻ لاءِ هو ڏاڍيان چيٽون ۽ ڪيڪاٽ ڪرڻ لڳندو هو. جنهن ڪري هوءَ ڀت وانگر خاموش ٿي بيٺي هوندي هئي ۽ ڏوهين وانگر اکيون پئي ٺپيندي هئي. جن مان ڪڏهن ڪڏهن ميرانجهڙا ڳوڙها وهڻ لڳندا هئا. اتي ويٺل سڀ هن تي کلڻ لڳندا هئا ۽ ملاسلاف پنهنجي بي رخ عادت کان مجبور ٿي کيس پيت واري مڪ وهائي وٺندو هئو ۽ چوندو هئو ”چڱوم هاني پنهنجو رست وٺ.“

        جڏهن هوءَ هلي ويندي هئي ته هو آڪڙ سان راءِ زني ڪري چوندو هئو، ”مينهن آهي مينهن، سواري ڪرڻ جهڙي.“

        پهريان هوءَ مون سان به مهربان ماءُ وانگر پيش ايندي هئي، پر هڪڙي ڏينهن مون هن کي ملاسلاف اڳيان ايتري هيٺاهينءَ وٺن تي گهٽ وڌ چيو. جنهن تي هوءَ اهڙيءَ ريت وٽ کائڻ لڳي، ڄڻ مون هن جي مٿان ٽهڪندر پاڻي هاري ڇڏيو هئو. هن جون سائيريون اکيون پهريان ڳارهيون پوءِ رت جهڙيون ٿي وين. هُوءَ بينچ تي آڪرجي ويهي رهي. هن جو ڪاور ۽ غصي ۾ دم پئي گهٽيو ۽ هن جو سڄو بت پئي ٿڙڪيو. آخر چوڻ لڳي، ”موچڙي جهڙا، تون پاڻ کي ڇا ٿو سمجهين! تو جهڙو ٽَڪر ۽ هن جي شان ۾ اهڙا گٿا لفظ ڪم آڻي! توکي انهيءَ ڪري ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏجي! ضرور تون پاڳل آهين! هو درويشن کان به وڌيڪ درويش آهي-۽ تون، تون ڪير آهين؟“ ۽ آخر ۾ رنڀ ڪري چيائين، ”بگهڙ جا پٽ، توکي بگهڙ وانگر زهر ڏئي مارڻ گهرجي. هتان ٻاهر هليو وڃ!“

        هن جي ڪاوڙ مي ايتري وڦلڻ منهنجون متيون منجهائي ڇڏيون. جيتوڻيڪ مان ننڍو هوس، تڏهن به محسوس ڪيم ته مون هن جي جذبن کي ڄڻ گهڻو ڏکويو هئو، پر مون کي ڪهڙو پتو هئو ته هن گوشت ۽ چرٻيءَ جي دڙيءَ جي اندر ۾ اهڙا ڪي پيار ڀريا نازڪ احساس سانديل آهن. اهڙين ڪيترن مثالن سان وقت بوقت زندگي منهنجي اڳيان کي اهڙيون ڳالهيون پڌريون هيون ڪندي هئي، جي ماڻهن کي منهنجي اکين ۾ وڏيءَ بلنديءَ تي بيهارينديون هيون ۽ سندن دل جي رازن کي عزت جي نگاهه سان ڏسڻ سيکارينديون هيون.

        انهيءَ کان پوءِ ميريان مون کي سخت نفرت سان ڏسڻ لڳي. هن اسٽيشن ماسٽر جي گهر جا ڪيترائي ڪم کڻي منهنجي مٿا ن رکيا. چُوڪي ڏيڻ وارين بي خواب راتين کان پوءِ، هوءَ مون کي باهه جي ڪاٺين وڍڻ، انهن کي سڀني ڪوٺين جي تنورن ۾ کڻي وڃڻ، سرين کا صاف ڪرڻ جو حڪم ڏيندي هئي. انهن ڪمن ۾ منهنجو اڌ ڏينهن ڳري ويندو هئو، جنهن ڪري مان پنهنجي بستري ۽ پيارن ڪتابن کان پري رهندو هوس. هوءَ پنهنجن ارادن کي وڏي واڪي بيان ڪندي هئي، ”اهڙو تنگ ڪندين مانءِ جو ڪوهه قاف جا وڻ وڃي ڏسندين“ انهيءَ تي مون کي بارينوف جو چوڻ ياد ايندو هئو، ”ماڻهوءَ کي ڪوهه قاف سان هري وڃڻو ئي پوي ٿو.“ مون هڪڙي درخواست جنهن ۾ ميريان جا ظلم بيان ڪيا هئا، شعر ۾ لکي ضلعي آفيس ڏانمهن ڏياري موڪليا، جنهن ڪري منهنجي بدلي بارساگ ليبسڪ ٿي، جتي مون کي ڳوڻين ۽ ڏامر جي کَلين جي سنڀال ۽ مرمت جو ڪم سپرد ڪيو ويو.

        اتي مون گهڻن ئي دانشور ماڻهن سان واقفيت پيدا ڪئي. گهڻو ڪري اهي سڀئي ”شڪي“ قسم جا هئا. (”شڪي“ انهن کي ڪوٺيو ويندو هو، جن ۾ حڪومت کي انقلابي سرگرمين ڪرڻ جو شڪ هوندو هو.) انهن مان گهڻن جو جيل ۽ ملڪ نيڪاليءَ جو مزو ماڻيل هو.هنن ڪافي مطالعو ڪيو هُئو ۽ غير ملڪي زبانن جا ڄاڻو هئا. انهن ۾ ڪاليجن مان تڙيل شاگرد، فقيهه، حساب دان ۽ هڪرو نيويءَ جو ۽ ٻه آرميءَ جا آفيس هئا.

        هڪڙي واپاريءَ جنهن جو نالو اڊاڊوروف هئو، تنهن اهڙين سٺ ماڻهن جي گروهه کي وولگا جي مختلف شهرن مان ڪٺو ڪيو هئو. انهيءَ واپاريءَ ريلوي ڪمپنيءَ جي ڊائريڪٽرن کي چئي ريلوي ۾ ٿيندر ڀاڙي وغيره جي ٺڳين ۽ چورين وعيره کي ختم ڪرڻ جو ذمو پنهنجي سر تي کنيو هئو. انهن سٺ ماڻهن انهيءَ ڪم ۾ بهري وٺڻ لاءِ درخواستون ڪيون هيون. جلدئي هنن اسٽيشن ماسترن، مال چارهيندرن، ريل سان ويندر ماڻهن جي اتڪلن ۽ چالاڪين کي پڪڙي، انهن کي ڦاسائي رکيو. اهي جڏهن هڪٻئي سان ملندا هئا، ته چورن کي پڪڙڻ بابت پاڻ ۾ وڏيون ڊاڙون هڻندا هئا. مان محسوس ڪندو هوس ته اهو ڪم هنن جي شان وٽان نه هو. ان وقت مون کي اها خبر گهٽ هوندي هئي ته رشيا ۾ ڪنهن ”عقل ڀرئي فلاهي ڪم“ ڪرڻ تي بندش پيل اهي. پنهنجي ڪم جي ڪري منهنجو رستو هنن اصل جي پاڳل ماڻهن ۽ شهر ي عام ۾ماڻهن جي وچ وارو هوندو هو. پهرين گروهه جا ماڻهو ”سياستدان“ جي نالي سان به بدنام هوندا هئا. انهن ٻنهي گروهن جي وچ ۾ اڻ نبرندڙ اختاف مزيدار لڳندا هئا. ان طرح اڊاڊروفي ماڻهو ”سياستدان“ سڏبا هئا ۽ هنن کي هرس ۽ خوف جي نگاهه سان ڏسندا هئا،. جن ٽيٽين نگاهن سان شهر جا ماڻهو هنن ڏانهن ڏسندا هئا، سي ڏاڍيون بڇڙيون هونديون هيون. شهر جا ماڻهو کين پنهنجو شخصي ۽ ”زار ۽ ملڪ“ جو دشمن سمجهي هنن کان ڪناره ڪش رهندا هئا.

        منهنجو دوست پال ڪروڪوف هڪري ڏينهن بيئر جي دڪان ۾ مون کي چوڻ لڳو. ”ههڙن ماڻهن کي نوڪريون ڪيئن ٿا ڏين!” انهن کي ته ڪنهن رڻ پت ڏانهن موڪلڻ گهرجي. ڀل ته اهي اتي رابسن ڪروسو ٿي رهن! اڃا به بهتر ته پاڻ کي سوريءَ تي چاڙهي ماري ڇڏين. ٿورن ڏينهن جي ڳالهه اهي ته اهڙن ماڻهن کي پيٽر زبرگ ۾ ڦاسيءَ تي چاڙهيندا هئا.“

        ڪروڪوف جو مطالعو وسيه هئو، جاگرافي هن جو پسنديده موضوع هئو، هن کي زهوڪو وسڪيءَ جا شعر ياد هئا. اٽڪل ويهه کن ڪتاب وٽس هئا، جن ۾ هڪرو انقلاب جي برخلاف لکيل هئو. جڏهن اهو ڪتاب مون کي پئي ڏنائين تڏهين ڏاڍي رازداراڻي نموني چوڻ لڳو، ”هن مان توکي پتو پوندو ته اهي اصل ڇا آهن!؟ پر خيال ڪجانءِ جيئن اهي اهو ڪتاب ڏسي نه وٺن، نه ته تنهنجو خير ڪونهي.“

        نه صرف هو پر ٻيا ڪيترا به ساڳئي نموني سوچيندا هئا. منهنجي واقفيت اسٽار وستن-مانينِڪوف نالي لکيڪ سان ٿي، جو ريلوي جي باربرداريءَ واري شعبي ۾ ڪم ڪندو هئو. هو ڪرڙوڍ ۽ بت ۾ ڀريل ماڻهو هئو. هن جو منهن بي-ڏاڙهيو يعني کُسرو ۽ اکيون موڳيون ۽ بي خياليون هيون. هو کدڙن وانگر لڳندو هئو. هن جي بت جي لوڏ ۽ هٿن جا اشارا پاڻ انهي4 خيال جي تائيد ڪندا هئا. جيتريون ۽ جهڙيون به بيماريون هيون، اهي سڀ هن جي ٻاهر نِڪتل پيت ۾ سمايل هونيديون هيون ۽ هن جي جلد بيماري قبول ڪندر طڀعيت پاڻ انهن جي همٿ افزائي ڪندي هئي. هو سڄو ڏينهن پيو سهڪندو، وڏا ساهه کڻندو، کنگهندو ۽ پنهنجي چوگرد ڪڏهن ڪاغذن جي ردي توڪريءَ ۾، ته ڪڏهن گلن جي ڪونڊين، ايشڙي ۽ فرش تي پيو ٿڪون اڇليندو هئو. ٿڪڻ ويل هو پنهنجي سڄي بت کي ڪٻو ڪري ڇڏيندو هئو، اُڇلايل ٿک ڪي چڱيءَ طرح جاچي، ڏک ڀريئي نموني ۾ پنهنجو ڪنڌ ڌوڻي چوندو هئو، ”ڏاڍي بڇڙي بيماري اٿم.“

        هن جي ڪوٺي ننڍڙي هئي، جنهن کي هٿ جي اڻيل کهري ڪپڙي جا پردا ڏنل هوندا هئا. دريءَ جي ڪانس، گلن جي ٻن ڪونڊين سان ۽ مٿان ڀت سان ٻاهر نِڪتل تختي تي شهيدن جا مجسما بيهاريل هوندا هئس. هو شام جو ڪتابن ۽ ڪاغذن سان سٿيل ميز اڳيان ويهي وودڪا پيئندو ۽ سستو سڪو ميو کائيندو هئو ۽ جيڪڏهن ڪو ٻيو سانس ويهندو هئو ته نڙيءَ تي زور ڏئي وڏي آواز ۾ طرح طرح سان شڪايتون ڪرڻ لڳندو هئو، ”گليب، اُسپينسڪي هارين نارين تي خندڪو ٿو ڪري ۽ مان انهن لا3 پنهنجي دل جي خون سان ٿو لکان. تون هڪ پرهندر جي حيثيت ۾ ٻڌاءِ ته اسپينسڪيءَ ۾ ڇا رکيو اهي؟ هن جا ليک وڏن وڏن رسالن ۾ شايع ٿين ٿا، پر منهنجا......“

        هن جا افسانا گهڻو ڪري صوبائي رسالن ۾ شايع ٿيندا هئا. هڪ ٻه ڀيرا ملڪي وڏي رسالي ”ڊائلو“ ۾ به شايع ٿيا هئا. سٽاروستن کي اها ڳالهه وڻندي هئي ته ڪو ماڻهو هن کي اها ڳالهه ياد ڏياري، مون هن کي اها ڳالهه ياد ڏياري.

        ”پوءِ ڇا ٿيو“، هن وراڻيو، پر البت گهت ڏک ڀرئي لهجي ۾ چيائين، ”اها ته معمولي ڳالهه آهي، خاص طرح انهيءَ ڪري ته مان ڪيترو نه......“

        هو رسيءَ تان تپو ڏئي پٽ تي لٿو ۽ پنهنجن هٿن پيرن سان ريڙهيون پائيندو پلنگ جي هيٺيان هليو ويو ۽ اتان قلمي مسودن جو ٿهو، جيڪو هڪڙي ميرانجهڙي شال ۾ ويرهيل هئو، ٻاهر ڪڍيائين. ان کي جڏهن ٻاهر پئي ڪڍيائين ته ان مان مٽيءَ جا بادل اڏامندا ڏسڻ ۾ پئي آيا. مثيءَ جي ڪري کنگهندي رڙ ڪيائين. ”ڏس، اهي منهنجي دل جي خون سان لکيل آهن.!“

        هنم جو منهن گلابي ٿي ويو ۽ هن جي نشي ڀريل اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا. هڪڙي وڌيڪ سنجيده موقعي تي هن مون کي پنهنجي هڪڙي ڪهاڻي، جا هن تازو لکي هئي. پرهي ٻڌائي. ان ڪهانيءَ ۾ هن ڏيکاريو هئو، ته ڪيئن هڪرو ڳوٺاڻو پنهنجي جان جوڱي ۾ وجهي، هڪڙي اهڙي پوليس واري جي پاليل گهوڙي کي باهه جي شعلن مان ڪڍڻ لاءِ باهه ۾ ڌُوڪي پوي ٿو، جنهن ٿورو وقت اڳ هن کي هڪڙي ٽوڻيءَ جي چوريءَ جي ڏوهه ۾ اهڙي مار ڏني هئي، جو هن جا ٻه اڳيان ڏند ڀجي پيا هئا. انهيءَ باهه ۾ ڳواٺاڻي کي اهڙا زخم رسن ٿا، جو هن کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ٿو وڃي. سٽار وسٽن اها پُر اثر ڪهاني ڏاڍيون رريون ڪري ۽ جوش ڀرئي لهجي ۾ پرهي ٻڌائي، ۽ ڦونڊجي چوڻ لڳو، ڪهڙي  نه لاجواب نموني لکيل اهي. ڪهڙي نه عڪاسي ڪيل اهي! منهنجا دوست، اهڙن افسانن مان روح کي متاثر ڪرڻ جي رمز سک.“

        مون کي هن جو افسانو ته نه وڻيو، پر ان افساني مان جيڪا خوشي لکندر کي حاصل ٿي رهي هئي، انهيءَ مون تي ايترو ته اثر ڪيو، جو منهنجن اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳا، پر هو کل جهڙو مڙس ڇا تي ڳوڙها ڳاڙهي رهيو هو؟ مان هن کان قلمي مسودا گهر ۾ پڙهڻ لاءِ وڍي ويس. مون ڏٺو ته انهن مسودن ۾ ڪيترن امير رن زالن عورتن ڏانهن امداد لاءِ پرسوز خط لکيل هئا. آخر اها ڪهڙي ڳالهه هئي، جنهن جي ڪري هن جي اکين مان ڳوڙها پئي ۽ جن جي وهڻ کانپوءِ انهيءَ ليکڪ جي طبعيت ۾ اهڙي تازي پيدا ٿي پئي وئي. جهڙي ٻارن ۾ روئڻ کان پوءِ نظر ايندي آهي!

        مون هن کي چئي ڏنو ته مون کي تنهنجو افسانو پسند ڪونهي. وڏي چاهه سان پنا کڻندي چوڻ لڳو، ”اهو ڏيکاري ٿو ته تون ڪيترو نه سخت دل اهين، ۽ تو ۾ ڪيتري سمجهه آهي!؟“

        ”ان ۾ اها ڪهڙي ڳالهه آهي، جنهن کي تون ايترو سٺو ٿو سمجهين؟“

        ”روح.“ هن وراڻيو، ”ان ۾ روح آهي.“

        مون کي ڪافي ڇنڊ ڪڍڻ کان پوءِ هن کي ڪجهه آرام آيو، ۽ پاڻ کي وڌيڪ آٿت ڏيڻ لاءِ ووڊڪا کڻي، منهن تي چاڙهيائين. آخر مون کي چوڻ لڳو، ”توکي ڪجهه سکڻ گهرجي. شعر لکڻ بيوقوفي آهي. تون ”ناڊسن“ وقت جو مقبول شاعر ناهي. تو ۾ اها قوت ڪانهي. تو ۾ دل جي به ڪمي آهي، تون سخت پٿر آهين. ياد رک! پُشڪن به پنهنجون قوتون شعر ۾ وئرٿ وڃائي ڇڏيون. حقيقي ۽ مقدس ادب کي پيس ڪرڻ لاءِ پنهنجي دل نثر سان لڳاءِ.“

        منهنجي لاءِ هو مقدس ادب جي ٻي جُوڻ هئو ۽ منهنجو هن جي اڳيان ايئن دم ٻوساٽجي رهيو هئو جهڙو دونهين ۾.

        هن جي گهر جي مالڪياڻي هن جي سُريت هئي. انهيءَ عورت جي ڇاتي ٿلهي ۽ پٺي اهڙي ته ڀِڪ هئي، جو ڪنهن عام رواجي ڪرسيءَ ۾ ان جو ماپڻ مشڪل هئو. سٽاروستن هن کي هڪڙي ڀيري جنم ڏڻ تي ڏاڍي سنجيده نموني ڪشادي پٺيءَ واري ڪرسي سوکڙيءَ طور ڏني. هن تي ان جو ڏاڍو اٿر ٿيو ۽ پنهنجي عاشق کي ٽي ڀيرا چپن تي چمي ڏئي چوڻ لڳي، ”جوان، عورتن سان ڪيئن پيس اچجي، اهو سبق هن کان وٺندو ڪر.“ سٽاروسٽن منهنجي ڀرسان بيٺو هئو ۽ خوشيءَ مان مرڪي رهيو هئو، ۽ پنهنجن ڪتي جهڙن نرم ڪنن کي پئي مهٽيائين.

        مارچ جون پويون تاريخون هيون. ڏينهن صاف هئو. درين جي ڪانسن تي گل ٽڙيا بيٺا هئا. بهار جي واهڙن جو سريلو آواز، طعام جي تيار ٿيڻ جي خوشبو ۽ تما ۽ صابڻ جي واس سان گڏجي اندر هليو پئي ايو. پنهنجي جوانيءَ ۽ اڻ ڄاڻائيءَ جي هوندي به مان انهيءَ ”مقدس نثر“ جي پردن ۾ لڪل گندن ۽ منجهيل کيلن کي خوب سمجهي سگهندو هوس.

        مان پنهنجن خيالن ۽ خوابن ۾ بهادرن جون ڪاميابيون ۽ وڏيون وڏيون خوشيون ڏسندو رهندو هوس. انهيءَ هوندي به گودام جي ڳوڻين جي اهڙيءَ خبرداريءَ سان چوڪي ڏيندو هوس، جو ڀر واري اسٽيشن جي قزاقن کي اتي اچي چوري ڪرڻ جي همٿ ئي نه ٿيندي هئي. مان شيڪسپيئر ۽ هائيني (جرمان ليکڪ) پرهندو رهندو هوس. تان جو مون کي پنهنجن خيالن ۾ گم ڪندر حقيقتن جو احساسن ٿيڻ لڳندو هئو ۽ مان ڪلاڪن جا ڪلاڪ هڪ هنڌ اهڙيءَ ريت ماٺ ڪيو ويٺو هوندو هوس، ڄڻ ڪنهن منهنجي مٿي تي لٺ وهائي ڪڍي هجي.

        انهيءَ شهر جي ميئر پنهنجي کوهه مان ڀوتن کي ڀڄائڻ لاءِ پادرين کي منترن پرهڻ لاءِ گهرايو ۽ ڀوتن جي اڳيان چرٻي، صابڻ ۽ گندي گوشت جو نذر رکيو. هر ڇنڇر تي ماستر پنهنجي زال ڪي ڪٽيندو هئو. ان جا پاڙيسري پنهنجن دوستن کي لوڙهي جي سوراخن مان انهيءَ تماشي ڏسڻ لاءِ ڪوٺ ڏئي گهرائيندا هئا، ڇاڪاڻ ته ماستر جي ٿلهي زال ڪڏهن ڪڏهن مڙس جي موچڙن کان بچڻ لاءِ الف اگهاڙي باغ ۾ ڊوڙون پائڻ لڳندي هئي. ڪڏهن ڪڏهن مان به انهن سوراخن مان تماشي ڏسندڙن جو تماشو ڏسڻ لاءِ اتي وينديو هوس. هڪڙي ڀيري هڪ ڀرسان بيٺل ماڻهوءَ سان اهڙي لڙائي ٿي، جو ذري گهٽ پوليس ٿاڻي  ۾ پهچائي ڇڏين ها. پر گور مان ڪنهن ايئن چئي مون کي ٿڏو ڪري ڇڏيو: ”تون ڇا تي ٿو ڪپرن مان ٻاهر نِڪتو وڃين؟ هو ڪو ماڻهو اهڙن تماشن کي ڏسڻ ٿو چاهي. ماسڪو ۾ به اهڙو نظارو مشڪل سان ملندو.“

        ريلوي ڪلارڪ، جنهن کان ڪمري جي ڪند هڪ روبل ماهوار مسواڙ تي ورتي هيم، مون کي پنهنجي انهيءَ عقيدي جو معتقد بنائڻ جي ڪوشش ڪندو هئو، ته يهودي نه صرف ٺگ اهن پر مخنث به اهن. هڪڙي ڏينهن جڏهن هن سان ان ڳالهه تي بحث ٿيو، ته رات جي وقت هو پنهنجي زال ۽ ڀاءُ سان گڏجي منهنجي پلنگ تي اها جاچ ڪرڻ آيو ته مان به ته يهودي ڪين آهيان. ان تي جهيڙو ٿي پيو. هن جي ٻانهن پنهنجي هنڌان ٿڙڪي ويئي، ۽ ڀانس جا ٻه ٽي ڏند زخمجي پيا، تڏهن وڃي منهن جي جان ڇٽي. اهي اهڙا ماڻهو هئا، جن جي جيئڻ جو مقصد کائڻ هئو. هنن کي مختلف قسم جي کاڌن مان ڏاڍي خوشي ٿيندي هئي، ڄڻ ڪو ڀانت ڀانت جي کاڍن جو ڏڪار پوڻ وارو هجي! هنن پنهنجن زندگين کي بند ڪمرن ۽ گندين ڪوٺين ۾ واڙي ڇڏيو هئو.

        مون اتي ڏٺو ته روشن خيال ۽ دانشور (انٽيليجنشيا) مانحو بي مزي زندگي گهاري رهيا هئا، پر اهي عام ماڻهن جي منجهيل ۽ مرض ۾ مبتا زندگيءَ کان عليحده هئا. مان جيترو انهن کي ويجهو ٿي جاًڻ لڳس، اوتروئي منهنجي ڳنتي وڌندي ويئي. انهن دانشورن کي انهيءَ ننڍي ۽ گدلي ڳوٺ ۾ اڪيلائيءَ جو احساس ئي ڪونه هئو، جنهن ڳوٺ جي ماڻهن کي مخائووسڪي يا اسپينسر ۾ ڪنهن به قسسم جي دلچسپي ڪانه هئي، نه ئي هنن کي تاريخ ساز ڪارنامن ۽ شخصن جي جدوجهد ۾ ڪا دلچسپي هئي.

        پنهنجين دعوتن ۾ دانشور لڄاري نموني عورتن سان عشق جو اظهار ڪندا هئا. انهن عورتن ۾ ٻه ڀينر هونديون هيون، جن جي شڪل چمڙي سان گهني مشابهت رکندي هئي. منهنجي اکين اڳيان اڄ به سانوري رنگ ۽ ننڍين ڄنگهين واري بحري آفيسر مازن جي تصوير اچي ٿي بيهي. هن کي شوپنهار سان خاص انس هو ۽ ڏاڍي چاهه سان ”محبت جي فسفي“ تي ڳالهائيندو هئو. اهي عورتون چمڙن جهڙيون پنهنجون ٽنگون ڪرونڊڙي ۽ پنهنجا ڪنڌ پنهنجن اوورڪوٽن جي ڪالرن ۾چيڀاٽينديون وينديون هيون، ڄڻ فلاسفر جا لفط انهن جي ڪنڌن کي ڪپيندا هجن. جلدئي مازن کي انهن چمڙن جي ڀاءَ ريلوي آفيسر وٽان خط اچي مليو: ”منهنجا دوست، جيڪڏهن تون منهنجن ڀينرن جي اڳيان عشق جي فلسفي تي ڳالهائيندين ته مان توکي خوب سيکت ڏيندس ۽ تنهنجي برخلاف ڊائريڪٽر وٽ شڪايت ڪندس.“

        مان انهن عورتن کي پيٽرووسڪيءَ جي دعوتن وارين راتين سان ڀيٽي ڏسندو هوس. جتي شهوت جا عريان کيل کيڏيا ويندا هئا. ۽ عقل جي اکين تي بي حيائي ڀريل پيار ۽ ۾هبت جي پٽي ٻڌي ويندي هئي. وحشي، ٺڳ ۽ بدمعاش جوش ۽ مستيءَ ۾ اچي ڏاڍي سهني ۽ فنڪاراڻي نموني گيت ڳائيندا هئا. ٻئي پاسي ۽ انهن جي ڀيٽ ۾ ”فلاسفر“، ”ريڊيڪل ۽ ناروڊنِڪي“ ڏاڍي سوز ڀرئي پر افسوس بي سري نموني هيٺئين قسم جا شعر چوندا هئا: ”سرءُ جي برسات برسات ناهي،“ ”هوريان هوريان بولاڪ (ندي) وهندي ٿي رهي.“

        ”ڪاپرنيڪس سڄي عمر ڪم ڪندو رهيو، هي ثابت ڪرڻ لاءِ ته ڌرتي گول آهي-“

        مون کي نه ايترو دماغ، نه ايتر سمجهه ۽ نه ايتري طاقت هئي، جو انهن ٻنهي دنيائين کي، جن جي وچ ۾ وسيع خليج هئي، گڏي سگهان.

        هن وقت ٽيهن وريهن جي گذاريل واقعن کي لکندي ۽ انهن ٻنهي قسمن جي ماڻهن کي پنهنجي اڳيان تصور ۾ محسوس ڪندي، پنهنجي قلم کي بي جان ۽ مجبور ٿو سمجها، جو انهن جو سڄو بيان لکي سگهان.

        هڪ طرف اندر جي مضبوط خواهشن جو انڌڪار هئو، ٻئي طرف حقيقتن جي گندي قيد ۾ عقل جو بي-پر پڱي ڦڙ ڦڙ ڪري رهيو هئو. مان نه ٿو سمجهان ته ڪنهن بٿ ٻئي ملڪ ۾ زندگيءَ جي تخليقي قوتن کي اهڙيءَ طرح پائمال ڪيو ٿي يو. جهڙيءَ طرح روس ۾. جڏهن به مون پيٽرووسڪيءَ جي بي روح، بيجا عيش جي مخفلن جو ذڪر ۽ انهن تي ڏک جو اظهار ڪيو اهي، ته مون کي اهڙن فضول عيشن تي ”مهذب ماڻهن“ جي نه رڳو دٻيل حسرت موت جو شبهو ٿيو اهي، ۽ مون سمجهيو آهي ته ماڻهو اهڙين بدبودار محفلن کان نفرت ۽ پريهيز صرف سدا حيات انساني روايتن ۽ شائستگيءَ کي قائم رکڻ لاءِ ڪندا آيا آهن.

        صرف بازينوف وڏو ساهه کڻي قبول ڪندي چيو هو، ”مان به انهن وٽ ايئن ڦاٿو هوس جيئن ڍڳو ڌٻڻ ۾. مان سمجهي سگهان ٿو ته تو جهڙو ماڻهو انهن جي سنگ ۾ ڪيئن جلد ڦاسي سگهي ٿو؟ اسان جي روزمره جي زندگي بي مزي ۽ ڏکن سورن سان ڀريل آهي، پر هنن جي زندگيءَ ۾ رڳو مزا رهن ٿا. توکي پتو آهي ته پيٽووسڪيءَ جي برخلاف ڪڏهوڪو قدم کڄي وڃي ها، پر بورڊ ۾ هڪڙو هن جو بچاءُ ڪندڙ آهي. ڪجهه وقت اڳ ريل گاڏين مان سامانن جي چوري ڪرائڻ جي ڏوم ۾ هن جي گهر جي تلاشي ورتي وئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ چانهه جا به پئڪيٽ مليا ميز جي خاني مان هڪرو ڪاغذ ڪڍي، انسپيڪٽر جي حوالي ڪندي چيو هئائين، ”جيڪي ڪجهه مون چورايو آهي، انهيءَ جي فهرست انهيءَ ۾ ايمدانداريءَ سان ڏنل آهي.“

        بازينوف ماٺ ٿي ويو، منهن ۾ گهنڊ وڌائين، پنهنجي مٿي جي پٺيءَ کي مهٽي، مرڪي چوڻ لڳو. ”ايمانداريءَ سان چوري ڪيل-صرف روسي ئي اهڙو جملو ڪتب آني سگهي ٿو، ڇو جو اسين متضاد ڳالهين کي ملائڻ وارا آهيون. اسان جي مذاق خطري ۽ اسان جي مذاق خطري ۽ اسان جي محبت ظلم جي صورت اختيار ڪري سگهي ٿي. ڇو ته ٻئي ساڳي ڳالهه اهن-.“ هو ڪرسيءَ تان اٿيو ۽ پنهنجون ٻانهون اڀيون ڪري لوڏيندي چوڻ لڳو، ”اسين روسي شاندار ماڻهو اهيون. شايد اهوئي سبب اهي، جو اسان جون مصيبتون به ايتريون ئي اڻ کٽ آهن.“

        بازينوف انهن ٿورن شخصن مان هڪرو هئو، جنهن منهنجي اندر ۾ پاڻ لاءِ همدردي ۽ عزت پيدا ڪري ورتي هئي. هو لمشڪ جو رهاڪو هئو ۽ مذهبي علم حاصل ڪرڻ لاءِ آيو هئو. هن کي وڏيءَ مشڪل سان ڪائيف يونيورسٽيءَ ۾ داخلا ملي هئي. جتي هن کي ”انقلابي“ سمجهي يونيورسٽيءَ مان خارج ڪيو ويو هئو، ۽ ڪيترن مهينن لاءِ جيل ۾ بند رکيو ويو هئو. هن جا وار پادرين جهڙا ڊگها، هن جي چال رانديگرن جهڙن هوندي هئي. هن جو بت ٺاهوڪو ۽ قد ڊهو هئو. جنهن ڪري شاگردئي نه لڳندو هئو. هن جو آواز انتهائي مٺو هئو، پر راڳ ٻڌڻ جو شوق نه هوس. هن کي موسيقيءَ کان ئي نفرت هئي. جنهن لاءِ چوندو هئو، ”موسيقي ماڻهنکي ڳڻتيءَ ۾ وجهي ٿي ڇڏي.“

        هن جون اڌ ٻوٽيل ڀوريون اکيون، جيڪي هن جي ماتا جي داغن سان چٽيل ۽ گهاٽيءَ ڏاڙهيءَ واري موڪري منهن مان پيون واجهائينديون هيون، لسي ڏاڍيون سهڻيون لڳنديون هيون. هن جي مون سان ۽ ٻين سان پيش اچڻ جي ڍنگ ۾ سمجهه داري ۽ شاندار ڳالهيون لڪل هونديون هيون. هن مون کي جيڪو عيسائيت جو، خاص طرح اوائلي دور ۾ عيسائي فرقن جي پاڻ ۾ جهيڙن جو اهوال ٻڌايو هئو، سو ڏاڍو مزيدار هئو. هن مون کي اِندڪتو (مثال ۽ نتيجي واريءَ) تاريخ ۽ سائنس جي پاڙهڻ ۾ وڏي مدد ڪئي. جڏهن هو ڳالهائڻ لڳندو هئو ته ڪمري جي اندر هيڏانهن هوڏانهن بغير ڪنهن کڙڪي ڪرڻ جي هلڻ لڳندو هئو. هن جا هٿ هن جي کيسي ۾ پيل هوندا هئا. ڪن مکيه نقطن جي اهميت تي زور ڏيڻ ويل پنهنجون پرون مٿي ڪندو ۽ ڪنڌ کي لوڏيندو هئو. ڪڏهن ڪڏهن ڳالهائيندي اڌ ڳالهه ۾ پنهنجن خيالن ۾ گم ٿي ويندو هئو، ۽ اها ڳالهه اتي جو اتي رهجي ويندي هئي. جنهن وقت اهڙيءَ ريت خيال م گم ٿي ويندو هئو ته پنهنجي ڏاڙهيءَ کي چٻاڙڻ لڳندو هئو ۽ پنهنجي ٻاهر نِڪتل ماتا سان چٽيل کاڏيءَ کي پنهنجي ڏسڻي آڱر جي ٽيڪ ڏئي. ڊگهي خاموشي اختيار ڪري ڇڏيندو هئو. خبر ناهي ڇو؟ پر مون کي هميشه اهرن موقعن تي ڇو نامعلوم اداسائي ٿيندي هئي؟ هڪڙي ڀيري پچيومانس، ”ڪلهرو پيو پور پچائين؟“

        ”هيترو سارو ذهن غلط نموني ٿو استعمال ٿئي“ هن نرميءَ سان جواب ڏنو، ”۽ ذهن ڪهڙي عمدي شيءِ آهي!؟“

        هو ڪڏهن ڪڏهن خيال جي زور ۽ چڱائيءَ بابت ڏاڍي متاثر ڪندر نموني ڳالهائيندو هئو. ”ڇوڪر! عقل ئي سڀني شين جو فيصل ڪري ٿو. ڪڏهن نه ڪڏهن اهو سجيءَ دنيا کي پنهنجي قبضي هيٺ آني ڇڏيندو.“

        ”ڪيئن؟“ مون پڇيو.

        ”ماڻهن تي،“ هن جواب ڏنو، ”خاص طرح انهن جي دماغن تي قبضو ڪندو.“

        مون کي هن جي ڳالهه پسند آئي ۽ دل ۾ هن جي لاءِ احترام وڏي ويو. هڪڙيءَ ستارن واريءَ خاموش رات جو مون هن کي پوليس واري نِڪي فارج جي همدريديءَ بابت پنهنجي راءِ ۽ ٽالسٽاءِ جون بائيبل ۽ ڊارون بابت ڪيل ڳالهيون بيان ڪري ٻڌايون.

        هو مون کي چپ چاپ خيال سان ٻڌندو رهيو، پوءِ چوڻ لڳو. ”ڊارون جون ڳالهيون سچيون آهن، پر مون کي انهن کان اهڙ نفرت آهي جهڙي دوزخ کان .....جيڪڏهن اهو سچ پچ اهي ته! پر منهنجا دوست مشين جا پرزا جيترو گهٽ گٺل هوندا اوترو مشين بهتر ڪم ڏيندي. پر زندگيءَ ۾ ان جي ابتڙ جيتري وڌيڪ گاٺ هوندي، اوترو وڌيڪ اها جلد مقصد کي پهچندي ۽ سياڻپ حاصل ڪندي ۽ سياڻپ ئي انصاف اهي، جنهن ۾ ماڻهن جي مفادن جي برابري آهي. تنهنِڪري جدوجهد کي قانونِ حيات طور قبول ڪرڻ گهرجي. ۽ جيڪڏهن جدوجهد قانونِ حيات اهي، ته پوءِ ان ۾ رحم لاءِ ڪابه جاءَ ڪانهي.“

        هو پٺيءَ ڀر ليٽي، اکيون کولي، آسمان ڏانهن نهارڻ لڳو، ۽ خيالن ۾ ٻڏي ويو. سج جن ڪڪرن جي پٺيان لڙي رهيو هئو، انهن کي باهه لڳائي ڇڏي هئائين. ڄڻ ته ڪوئلن جي ڍڳ کي چڻگ لڳي وئي هئي. انهن مان نِڪرندر ڳاڙها ڪرڻا چؤطرف ميدان ۾ پکڙجي پئي ويا. گلابي ماڪ جا قطرا گذريل سال واري سڪي گاهه جي مٿان چمڪي رهيا هئا. بهار جي تازي اڀريل گاهه ۽ نون ٽڙيل گلن جي خوشبو وڌيڪ وڻندر ۽ نشو ڏيندڙ ٿيندي پئي وئي. بازينوف اوچتو اٿي ويٺو، سگريت دکايائين، پر يڪدم ان کي ڦٽو ڪري، منهن ۾ گهنج وجهي چوڻ لڳو، ”منهنجي خيال ۾ انساني همدريديءَ جي امنگ تاريخ ۾ بلڪل دير سان آئي آهي-هلندين؟“

        مئي مهيني جي پڇاڙيءَ ۾ منهنجي بدلي ڪروتايا اسٽيشن ڏانهن، تو واري جي حيثيت ۾ ڪئي وئي. اتي مون کي، پهرينءَ جون تي. پارسوگليبسڪ ۾ رهندو هڪڙي جُلد ساز دوست وٽان خط پهتو، جنهن ۾ لکيل هو ته بازينوف مقام جي ڀر واري ميدان ۾ پاڻ کي گولي هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي اهي. ان خط ۾ بازينوف جو لکيل هيٺيون پرزو به شامل هو: ”مشا، منهنجا ٽپر وڪڻي، جاءَ جي مالڪ ڪي ست روبل ۽ ٽيهه ڪوپيڪ ڏجانءِ. ويويل جي ڪتابن تي جلد چاڙهي ”ٻڍڙي دماغ“ واري پيشڪوف ڏانهن ڪرتايا موڪلي ڏجانءِ. منهنجو اسپينسر به ان کي ڏجانءِ. باقي ڪتاب سڀ تُنهنجا اهن، پر يوناني ۽ لاطيني ٻولين وارا ڪتاب ڪائيف شهر ۾ شامل ائڊريس واري ماڻهوءَ ڏانهن موڪلجانءِ. چڱو، منهنجا مٺڙا دوست ”ب“، الوداع!“

        خط منهنجون متيون منجهائي ڇڏيون، ڄڻ منهنجي دل ٽڪر ٽڪر ٿي وئي هئي. مون کي هن ماڻهوءَ جي زندگيءَ سان اهڙيءَ طرح خيرباد چوڻ جي ڳالهه تي ويساهه ئي نه ٿي ويٺو. ڇاڪاڻ ته هو دل جو ڏاڍو مضبوط ۽ سنجيدو نظر ايندو هئو.

        اها ڪهڙي ڳالهه هئي، جنهن هن جو انت آندو؟ مون کي ياد آيو ته هڪڙي دفعي هڪڙي هوتل ۾ ويڍا هئاسين. هن تي نشي جا ٿورا خمار چڙهيل هئا. منهنجي گلاس ۾ بيئر وجهند ياوچتو مون کي چوڻ لڳو، ”مئڪسم توکي خبر اهي ته دنيا ۾ بهترين گيت ڪهڙو آهي؟ هو ميز تي ٿرو جهڪي، مون ڏانهن سٻاجهي رڇ وارين نظرن سان نهاريندي، مٺڙي ۽ ڏک ڀرئي آواز ۾ راڳ ڳائڻ لڳو: ”جڏهن مان ننڍڙو هوس تڏهن مان قد جو ڊگهو نه هوس، مان اسڪول جي ٻين بارن سان گڏجي اسڪول ويندو هوس.“

        ڳائڻ ويل هن جون اکيون ڳوڙهن سان آليون ٿي ويون. ”خدا جو قسم، ڏاڍو مزيدار گيت آهي. ڪيترو نه سادو ۽ ڪيترو نه سوز ڀريو آهي. هن مون کي ان جو روسي زبان ۾ ترجمو ڪري ٻڌايو، پر مون کي اها ڳالهه سمجهه ۾ ئي نه چئي ائي ته ان ۾ آخر اها ڪهڙي ڳالهه هئي، جنهن ههڙي جانٺي مضبوط مڙس جي اکين ۾ پاڻي آڻي ڇڏيو هو؟ انهيءَ کان پوءِ ڪيترن ئي اهڙن ماڻهن سان ملاقات ٿي اٿم، جن جو انت انهيءَ ”سوز“ آڻي ڇڏيو آهي.

        ڪجهه مهينن جي اندر زندگي مون کي سختيءَ پر خبرداريءَ سان اهڙي تربيت ڏئي رهي هئي، جو مون کي پيٽرووسڪيءَ جا سبق ياد اچي رهيا هئا. زندگيءَ ان وقت مون کي اهڙو آزمودو ڏنو، جيڪو منهنجي زندگيءَ جو سڀ کان وڌيڪ اداس ڪندڙ آزمودو هئو.

        ماسڪو جي سخاريف شهر جي هڪڙي گندي هوتل ۾، هڪرو ڊگهو ۽ سڪو، عينڪ وارو ماڻهو منهنجي سامهون ميز تي اچي ويٺو. هن جو هڏائون منهن، ٻُچي ڏاڙهي ۽ ڊهيون مڇون ”ڊوري“ جي ڊان ڪئڪرزاٽ جي ڪڍيل تصويرن جي ياد ڏياري رهيا هئا. هن کي نيري قميص پيل هئي، جا ڪنهن کان اڌاري ورتل پئي معلوم ٿي ۽ هن جي پتلون جنهن کي مُرن وٽان چيتيون لڳل هيون. هن لاءِ بلڪل لنڊي هئي. هن جي پادرن مان هڪ کي رٻڙ جو ۽ ٻئي کي چمڙي جو ترو هئو. پن هنجين مڇن جي چوٽين کي سئيءَ وانگر سنهو مروٽيندي، مون ڏانهن پنهنجين چُنجهين اکين سان چاهه مان نهارڻ لڳ. پوءِ هو اٿي بيٺو، عينڪ پنهنجن ڀورين ڀروُن تي ٺاهي رکيائين، پوءِ ڏڪندو، ٿڙندو ۽ پنهنجا هٿ انڌي ماڻهوءِ وانگر اڳتي وڏائيندو، مون وت اچي پهتو ۽ پنهنجو تعارف ڪرائيندي چوڻ لڳو، ”وڪيل گلئڊڪوف پنهنجي گنديءَ آڱر سان هوا ۾ پنهنجي صحيءَ جو خاڪو ڪڍندي سنجيده ٿي چوڻ لڳو. ”اليڪسي گلئڊڪوف“ هن جو آواز گهٽيل هئو ۽ پنهنجي ڳچي ايئن پئي ڦيرايائين، ڄن ته ان ۾ ڪا لڪل ڦاهي پيل هئي.

        ها، البت هُو شاندار دل مالڪ هئو ”سچ“ جي خدمت کان سواءِ ڪوبه  وپڀ ۽ لالچ نه ڪئي هئي، انهيءَ ڪري ”سچ“ جي دشمنن هن کي ”زندگيءَ جي اونهيءَ کڏ“ ۾ اڇلايو هئو. هاني هن ”سنت اقئاويتا تحريڪ“ جي ابي جي حيثيت ۾ نئين شهرت حاصل ڪئي هئي. هن جي نين خدمتن ۾ هيٺيان ڪم شامل هئا. ٿيٽرن لاءِ اشتهار لکڻ، بيگناهه ستايلن جو بچاءُ ڪرڻ، ۽ شاهوڪار واپارين جي همدرد زالن جي دلين ۽ ڌَنَ جي تلاش ڪرڻ، ”روسي-انهن کان وڌ انهن جون زالون-ڏکن سان پيار ڪن ٿيون. ڏک ۽ ڏکن جي ڳالهين سان ئي ماڻهن جي دلين جي گهرائيءَ تائين پهچي سگهجي ٿو.“

        منهنجو اهڙي قسم جي گهڻن ئي ماڻهن سان واسطو پيو هئو. مون کي هميشه اهڙن ماڻهن ۾ شڪ رهندو هئو، تاهم مان انهن ۾ چاهه وٺندو هوس. اوچاين تان ڪريلن ماڻهن ۾ انهيءَ ماڻهو4 جي دلچسپي، جيڪو بلنديءَ ڏانهن وڌندو ويندو هجي، بلڪل منطقي آهي. اهڙن ڪريلن کان سواءِ گهڻو ڪري گنهگار ماڻهو انهن ماڻهن کان جيڪي عام طرح چڱا ليکيا ويندا آهن ۽ جن جي اصليت، مان پنهنجي جوانيءَ ۾ اڳ ئي ميڻ جي مورتين کان وڌيڪ نه سمجهندو هوس، زياده اخلاق وارا ۽ دل جا بادشاهه هوندا آهن.

        اٽڪل ٻن ٽن ڪلاڪن کان پوءِ، مان هڪڙي اونداهيءَ جاءِ ۾ گلئڊڪوف جي ڀرسان ڪاٺ جي تختن تي ستو پيو هوس. هن جون ٻانهون وحاڻي وانگر هن جي هيٺان هيون ۽ هن جو جسم سيخ وانگر سخت ۽ سڌو اهليو پيو هئو ۽ مون کي اهڙن مثالن ۽ توتڪن جو سواد پئي وٺرايائين. جيڪي وحشي بگهڙن جي لائق هيون. هن جي شيطان جهڙي ننڍڙي ڏاڙهي، هن جي هر ڀيري کنگهڻ سان هيٺ مٿي پئي ٿي. اجائيءَ ڪاور سبب هن جي حالت رحم جي لائق هئي. جهڙيءَ طرح ڄاهو پنهنجن ڪنڊن ۾ ويرهيو پيو هوندو آهي. تهڙيءَ طرح هو پنهنجن نوڪدار لفظن ۾ گهيريو پيو هئو.

        اسان جي مٿن مٿان گنبذدار ڇت هئي، ڀتين تي گندي پاڻيءَ جي سيمي ڪري داغ لڳا پيا هئا ۽ هيٺان زمين مان بدبوءِ اچي رهي هئي. پر ڀرپاسن ۾ اُهي ماڻهو، جن جا ڪپڙا ڦاٽل هئا، کونگهرا هڻي رهيا هئا غ پئي لڇيا. سيخن واري دري ايئن پئي لڳي، ڄڻ ڪنهن وڏي سوراخ کي سرن سان لنبيو ويو هجي. اتي هڪڙي ٻلي ويٺي هئي. جنهن مرشيلن وانگر ميائون ميائو پئي ڪئي. ان دريءَ جي هيٺان پيل ڪاٺ جي بينچ تي هڪرو نهايت ٿلهو ۽ بوجرو ماڻهو تُرڪن وانگر تنگ تنگ تي چاڙهيو ويٺو هئو، ۽ مون بتيءَ جي روشنيءَ ۽ پنهنجي پتلون کي پئي توپا ڏنا. هو مقدس ميريءَ جي مدح جو مولود ڳائي رهيو هئو. جڏهن اهو ڳائي پورو ڪيائين ته وري ساڳيو مولود نئين سر شروع ڪيائين.

        ”پامين ماسلوف، دوا فروش ۽ دماغ جي مالڪ گلئڊڪوف مون سان هن جو تعارف ڪرايو. ٻيا به ڪيترائي اهڙا دماغ جا صاحب انهيءَ ننڍڙيءَ ڪوٺيءَ ۾ ڪٺا ٿيل هئا. انهن ۾ مشهور پيانو وڄائيندڙ براجن به شامل هئو. هو هوشيار هئو ۽ قد جو ننڍو ۽ ڇوڪرو پئي لڳو، جيتوڻيڪ هن جي مٿي ۾ چانديءَ جهڙا سفيدوار ۽ اکين جي هيٺان ڪارا پٽا ڏسڻ ۾ پئي آيا. مون کي هن جي منهن جي متضاد رونق وائڙو ڪري ڇڏيو. هن جي چپ تي جيڪا بڇڙي مرڪ هئي، تنهن کي هن جي عورتن جهڙين اکين ۾ ڀريل سونهن رد ڪري پئي ڇڏيو.

        صبح جو گلئڊڪوف مون کي ٻڌايو، ”اسين هن نئين پوئلڳ کي سنت اقئاويتا تحريڪ جو معزز لقب عطا ڪنداسين. _سجانءِ! ڏاڍي وڻندڙ رسم اهي.“

        هن هڪڙي گهنڊيدار وارن واري جوان ڏانهن اشارو ڪيو. جنهن کي پتلون ڪانه هئي. صرف قميص ۾ ويٺو هئو. بي انتها شراب پيئڻ ڪري هن جون رنگ قرمزي ٿي ويو هئو ۽ هن جي اکين جون نيريون ماڻڪيون اکين جي رت جهرن ڳارهن کوپن ۾ ڇُپيون پيو هيون. ٿلهو دوا فرس هن جي مٿان اٿي بيٺو. هن جي ڳلن تي ڳاڙهو غازو مليائين ۽ هن جي ڀرون ۽ ڏاڙهيءَ کي سريل رک سان ڪارو ڪيائين.

        ”ايئن نه ڪر“، گهنڊيدار وارن واري نوجوان پنهنجون اگهاڙيون ڄنگهون هٽائيندي چيو، گلئڊڪوف پنهنجين مڇن کي وٽيندي چيو، ”هيءُ شاگرد واپاريءَ جو پٽ آهي. هي هن جو پنجون هفتو آهي، جو اسان سان گڏ پيئندو رهيو آهي. پنهنجا سڀ پئسا ۽ ڪپڙا پيئڻ تي خرچ ڪري ڇڏيا اٿائين.“

        ايتري ۾ هڪري گول مول ۽ ٿلهي عورت ظاهر ٿي. هن جي نڪ جو هڏو يا ته ڪري پيو هئو، يا ڪنهن ڪٽي ڪڍي ڇڏيو هوس. هن جون اکيون بي ادب ۽ چڙ ڏياريندر پئي لڳيون. هوءِ پاڻ سان گڏ تڏي جهڙي ڪپڙي جي هڙ کڻي آئي هئي. جنهن کي بينچ تي اڇلائيندي چوڻ لڳي، ”ڪپڙا تيار آهن.“

        ”اڇو ته هن کي پهريايون. ”ڪلئڊڪوف چيو.

        پنج ڀورا ۽ بوجرا ماڻهو تاريخ تهه خاني ۾ ڀتڪندر ڀوتن وانگر اڳتي وڌيا. پيانو وڄائيندڙ تئي ۾ پيل ڪوئلن کي لڳاتار ڦوڪي رهيو هئو. هو رکي رکي پاڻ ۾ ڪي جملا ڳالهائي رهيا هئا.

        ”اڳتي وڌ.“

        ”ماٺ ڪريو.“

        ”تون ڇا ٿو ڪرين؟“

        بينچون کڻي بُهري جي وچ ۾ رڪيائين.

        ماسلوف اهي تڏي جهڙا ڪپڙا پهريا ۽ گلئڊڪوف وري پاڻ کي پادريءَ وانگر کڻي بڻايو. چئن ماڻهن انهيءَ گهنڊيدار وارن واري ڇوڪري کي وارن ۽ ٽنگن کان کڻي سوگهو جهليو.

        ”ٻيلي، ايئن نه ڪريو.“ جيئن هن کي بينچ تي ليٽايائون، هن روئڻهارڪي لهجي ۾ چيو.

        ”مولودي تيار آهن؟، وڪيل دکندڙ تئي سان، جنهن ۾ ٽانڊن تي ڪي پَنَ دکي رهيا هئا، جن مان نيري رنگ جو دونهون پئي نِڪتو، شاگرد جي چوگرد ڦرائيندي هن کي واس ڏيڻ لڳو. بينچ تي سمهيل جوان پنهنجي نڪ کي مروٽڻ لڳ، پوءِ اچي کنگهڻ ۾ ڇتڪيو ۽ مک وانگر پنهنجي پيرن کي هڪ ٻئي سان مهٽڻ ۽ کڙين سان بينچ جي تختي تي ٺڪ ٺڪ ڪرڻ لڳو.

        ”ٻڌو!“ گلئڊڪوف رڙ ڪئي. هو سڄو تڏي جهڙي ڪپڙي ۾ ويڙهيو پيو هئو، هو پٺيءَ جي چرپر، ڪنڌ جي لوڏ ۽ ڀوپن وانگر منهن گهنجائڻ جي ڪري بلڪل مسخرن وانگر پئي لڳو.

        ماسلوف شاگرد جي پيرن وٽ بيهي مِهڻي جي انداز ۾ چوڻ لڳو، ”ڀائرو! ڇو نه گڏجي شيطان کي التجا ڪريون ته هن اسان جي دوست جئڪب جي روح کي جيڪو شراب پيئڻ ۽ بابيلان ملڪ واري گناهه ڪرڻ ڪري تازو گذاري ويو آهي، شل شيطان هن جو استقبال عزت ۽ آبروءَ سان ڪري، ۽ هن کي هميشه لاءِ دوزخ جي لعنت ڪيل باهه ۾ مقيم رکي.“

        پنج بوجرا ماڻهو، جي بينچ جي ساڄي پاسي قطار ڪريو بيٺا هئا، تن سوڻل نموني هڪڙو بي حيائيءَ جهرو گيت ڳايو. هنن جا کهرا آواز گڏجي بي مزي ٿي پئي ويا. بارجن ڏاڍي سهڻي نموني ساڄي هٿ جي اشارن سان هنن جي رهنمائي ڪري رهيو هئو ۽ جي راڳ ۾ هيٺ مٿي پئي ويا ته کاٻي هٿ سان اشارو پئي ڪيائين.

        مون انهيءَ قسم جون بي شرميون ايتريون ۽ اهڙن نمونن ۾ ڏٺيون، جو هن بي حيائيءَ جو مون تي ڪو خاص اثر ڪونه پيو، پر هو جيڪو گيت ڳائي رهيا هئا اهو لعنت جهڙو هئو، جنهن ۾ بي حيائيءَ جون ڳالهيون بي حيائيءَ وارن لفظن ۾ بيان ڪيون ويون هيون. اهو راڪ سچ پچ شيطاني تخليق هئو، جنهن ۾ بي انتها گند سمايل هئو. ان کان اول يا ان وقت تائين مون ڪڏهن به اهرو من گهڙيل الزامن ۽ گندگيءَ ڀريو گيت ڪين ٻڌو هئو. ڳالهه صاف ظاهر ڏسڻ ۾ پئي آئي ته هن قسم جي رسم ڪيترائي ڀيرا اڳ پوري ڪئي وئي هئي. اها ماڻهوءَ جي روح کي فنا ڪرڻ واري رسم اهڙي ته سهڻي نموني سلسليوار ۽ سنجيدگيءَ سان ملهائي پئي وئي، ڄڻ ته چرچ جو ڪو شغل هئو.

        مون کي هراس ويڙهي ويو. مان ڏسي رهيو هوس ته هن زنده ماڻهو4 جي لاش مٿان گلئڊڪوف نڪ مان آواز ڪڍي ڪجهه چئي رهيو هئو. دوا فروشرکن لفطن ۾ ڪجهه پرهي رهيو هئو. ۽ مولوداين جو ٽولو گهٽيل آواز ۾ ڪي مداهون پڙهي رهيو هو. هو بينچ تي سنئون نئون ستو پيو هئو. هن جا هٿ ڇاتيءَ تي هڪ ٻئي جي مٿان رکيل هئا. جي گهڙيءَ گهڙيءَ پئي ڦرڪيا. هن جي چهري تي واهيات مرڪ پکڙجي پئي ويئي. رکي رکي هن جو بت خوف کان ڏڪي پئي ويو ۽ ڀڄڻ جي ڪوشش پئي ڪيائين، پر مولوداين هن کي آهستگيءَ سان وٺي وري بينچ تي سمهاري پئي ڇڏيو.

                جيڪڏهن انهن بڇڙن ڀوتن انهيءَ رسم کي چرچو يا مسخري ڪري ورتو هجي ها. يا انهيءَ رسم بجا آڻڻ ويل سکڻا ٽهڪ، انهن ماڻهن جا هجن ها جن کي زندگيءَ ۾ ناڪاميون ۽ نامراديون نصيب ٿيون هجن ۽ جن جي راهه زندگيءَ جي ڏکن سورن روڪي ڇڏي هجي، ته به جيڪر اها رسم گهٽ بڇڙي ۽ ڌڪار جهڙي لڳي ها، پر نه، هو اها رسم جلادن وانگر سنجديگيءَ سان بجا آڻي رهيا هئا ۽ انهن جي عمل ۾ انهن ڪافرن جي پيشوائن جهري سنجيدگي هئي. جيڪي پنهنجي ڪنهن بيمار ۽ انتقام وٺندر خيالي روح جي اڳيان ٻليدان چاڙهيندا آهن.

        مان وائڙو ۽ منجهيل بيٺو هوس. محسوس پئي ڪيم ڄڻ ڪنهن ڳوريءَ ڇپ هيٺ پيسجي رهيو آهيان، جا مون کي هڪ ڏکيءَ چِڪڻ ڏانهن گهلي رهي آهي، ايئن ٿي لڳو ڄڻ اهي ماڻهو مون کي به زنده دفن ڪري رهيا هئا. مون کي ياد آهي ته مان چرين وانگر سرڪڻ لڳو هوس ۽ انهيءَ حالت تي وڃي پهتو هوس ته هنن کي منٿ ڪري چوان. ”بند ڪريو-اهو طريقو غلط آهي-خوفناڪ آهي-هي چرچو ناهي.“

        اوچتو پياني وڄائيندر جي سنهي چيٽ، منهنجي ڪنن  ۾ وڄڻ لڳي. هو اکيون بند ڪري، ڪنڌ پٺتي هٽائي چيٽون ڪري رهيو هئو. هن جي چيٽن اڳيان ٻين جا کهرا آواز گم ٿي پئي ويا. دونهين ڀريل اونداهي ڪمري ۾ هن جي گندن لفظن ۾ وڌيڪ شهواني اثر پيدا پئي ٿيو. مان پنهنجي اندر ۾ به رڙين واڪن ڪرڻ جي هڪڙي وحشياني خواهش محسوس ٿي ڪئي.

        ”قبر!“ ڪوئلن جي تئي کي، جا واس جو ڪم ڏئي رهي هئي، ڦيرائيندي، گلئڊڪوف رڙ ڪئي. مولوداين جي ٽولي نڙيءَ تي زور ڏئي چيو ”قبر، هلي آءُ.“ نڪ چثيل عورت الف اگهاڙي نچندي داخل ٿي. هن جو ٿلهو گوشت، هيٺ مٿي ڇلڪي رهيو هو. هن جون ٿلهيون ڄنگهون، رهڙن، داغن ۽ نيرين ڦنڊيل نسن سان ڍڪيون پيون هيون.

                ماسلوف هن جو بيحيائيءَ جهڙيءَ نموني استقبال ڪيو، جنهن کي گلئڊڪوف دُهرايو. بي حيائيءَ وارا لفظ وڏي واڪي چوندي هن واري سان ٻنهي کي ڀاڪر پاتو. پوءِ مولوداين هن کي ڄنگهن ۽ ٻنهن کان جهلي کڻي ”مڙهه“ جي ڀرسان سمهاريو.

        ”نه، نه ڪيو!“ هن رڙ ڪئي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر بينچ تان کسڪڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر هن کي وري بينچ تي ليٽائي ڇڏيائون. پوءِ هڪڙي گاني تي، جيڪو ناچ واريءَ ڌن جي باوجود ڏک ڀريو ٿي لڳو. ۽ جنهن جا لفظ اگهاڙا ۽ شهوت ڀريا هئا. عورت ان جوان جي مٿان جهڪي ان سان بڇڙو ڪم ڪيو.

        ان وقت، ”ملڪ مارگاٽ“ منهنجي زندگيءَ جو خوبصورت خواب مون کي ياد اچي ويئي.

        هينئر منهنجي اندر ۾ اهرو جوش جاڳيو، جو مان هنن جي مٿان ڪاهي پيس ۽ هنن کي وات واريون مڪون وهائڻ لڳس. شام جي وقت ڏٺم ته مان ريل جي پٽي جي پاسي ۾ سيٽيو پيو آهيان. منهنجا ٻئي هٿ زخميل هئا، جن مان رت پئي وهيو ۽ منهنجي کاٻي اک ڊولي لڳي پئي هئي. آسمان مان، ڌرتي جي سرءَ جي مينهن جهڙيون ميريون بوندون پئي پيون. مون ڀرسان بيٺل سڪل ۽ ڀنل گاهه پٽي ان سان پنهنجو منهن ۽ هٿ اگهيا ۽ جيڪو تماشو تازو ڇٺو هوم انهيءَ تي ويچار ڪرڻ لڳس.

        مان ڪافي سگهارو ۽ غير معمولي طاقت وارو جوان هوس. هڪ هٿ ۾ مڻ بار کڻي، سواءِ بيهڻ جي نو ڀيرا يا مٿي صليب جو نشان ٺاهي سگهندو هوس. اڍائي مڻ اٽي جي ڳوڻ سولائيءَ سان کڻي سگهندو هوس، پر ان وقت پاڻ کي ڪنهن بيمار بار وانگر ڪمزور ۽ نٻل محسوس ڪري رهيو هوس. انهيءَ بي آبروءَ واريءَ هلٿ تي ذري گهٽ ڳورها ڳڙي پيا هيم. مان ڏاڍي چاهه مان انهيءَ  حسين زندگيءَ جي ميلاپ جو ڳولا ۾ هوس، جنهن جو ذڪر ڪتابن ۾ بيان ڪيل هئو. مان وڏيءَ خوشيءَ سان هر انهيءَ سٽءَ جي عزت ڪرڻ لاءِ تيار هوس، جيڪا زندگيءَ کي قوت بخشيندي هجي. هي اهو وقت هئو، جڏهن مان زندگيءَ جي موجن جو مزو ماڻيان ها، تنهنِڪري وقت به وقت مون ۾ ڪاوڙ ۽ غصي جا جذبا ڀرڪي اٿندا هئا. جي منهنجي دل ۽ دماغ تي ڏاڍي زور سان ڇانئجي ويندا هئا ۽ منهنجي سمجهه کي انڌو ڪري ڇڏيندا هئا. انهيءَ ڪري منهنجي ماڻهن ۾ دلچسپي ڌڪار ۽ نفرت ۾ تبديل ٿي وئي هئي. اها ڏاڍي ڏک جهڙي ڳالهه هئي، جو منهنجي اڳيان ور ور ڪري بي حيائيءَ واريون، بي وقوفيءَ ڀريون، ڏک ڏيندر ۽ عجيب ڳالهيون پيس اينديون هيون.

        اها بئرڪ ۾ ادا ٿيندڙ رسم واري ياد، گلئڊڪوف جي چيٽ ؟قبر!“ جنهن منهنجي ڪنن جي پردن کي ڦاڙي ڇڏيو هئو، ان عورت جو پڇان جهڙي جسم جو منهنجي اکين ٺينگ ڏيڻ ۽ اهو شهوت جو مظاهور جنهن ۾ هڪ انسان کي دفن ڪيو پئي ويو-منهنجي لاءِ عذاب بنجي پيا هئا. اتي مون کي پيٽرووسڪيءَ ۾ منعقد ٿيل عيش جون محفلون ياد اچي ويون ۽ مون کي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ لڳي ته صهتمند ماڻهن جي جسماني جوش ۽ هن بڇڙائيءَ واري انڌ، جنهن ۾ صرف ٻاهريون انساني ڏيکاءُ باقي وڃي رهي ٿو، ڪهڙو فرق آهي.

        هتي-اڌ وحشي ماڻهو پنهنجي اٻڙڪندڙ طاقت جو مظاهور حسن جي پوڄا ۾ ڪندا هئا. ۽ پنهنجي طاقت جي اٻڙڪڻ کي گناهه ۽ سزا ڪري سمجهندا هئا. شايد اهڙيءَ ريت بغاوت ڪري پاڻ کي خيالي اميد هيٺ آزادي ڏيندا هئا، ڇاڪاڻ ته هنن جي دلين ۾ اهو خوف هوندو هئو ته جسم جي اڻ ڍاپندر خواهشن جي ڪري ”روه جو خاتمو“ ٿي ويندو.

        هتي-نامرادي يا ناڪامي، نااميديءَ جي اونهيءَ کڏ ۾ ڪري، پنهنجو انتقام. انهيءَ جذبي کان جيڪو زندگيءَ جي زمين ۾ لاڳيتو نئو ٻيجارو ڪري ٿو، ۽ جيڪو دنيا جي خوبصورتيءَ جو سر چشمو اهي، لڄي ۽ شرمسار ڪرڻ سان وٺندا هئا. هتي زندگي پنهنجن پاڙن تائين مرض ۾ ورتل هئي. ان جا پراسرار ۽ خوبصورت سرچشما بيمار ذهنن جي اثر هيٺ بيماريءَ جي جيوڙن ۾ ڦاٿل هئا.

        پوءِ، هتي ڪهڙي قسم جي زندگي هئي، جتان ماڻهو انهيءَ حد تائين هٺ ڪري ٿي پيا.؟

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org