آخر ۾ مولوي اميد عليءَ ناريجي پنهنجي
سونهاري کي هٿ سان سنواريندي چيو، ”ها ابا، سچ ٿا
چئو، ڪافر نيٺ ڪافر!“
گيان ڌارا
هل چريا چي مست آيا!
ديوان آوتسنگ پنهنجي سفرنامي ۾ هالنڊ جي هڪ مزي
جهڙي ڳالهه ڪئي آهي. چي؛ اتي تماڪ ڏاڍو سستو آهي.
هڪڙو ڇيڪائو 95 ورهيه حيات هو. مرندي به ٻيڙي وات
۾ هئس. پنهنجيءَ وصيعت ۾ سڀني ڇيڪائن کي دعوت ڏني
هئائين ته منهنجي جنازي سان ڪانڌي ٿي هلجو ۽
پنهنجي وارثن کي چيائين ته هر هڪ کي 5 سير تماڪ جا
۽ ٻه سونگريون (پائيپ) ڏجو، پائيپ تي سندس نالو ۽
جنم ۽ مرڻ جي تاريخ اڪريل هئي. ٻي فرمائش ڏنائين
ته ڪفن جي پيتي به چروٽن جي پيتين جي ٺهيل هئي ۽
منجهس ماچيس ۽ سندس ڇڪڻ جو پائيپ ساڻس گڏ پوريو
ويو. دفن کان پوءِ ڇڪيل تماڪ جي رک سندس قبر مٿان
ڇٽڪاري وئي! ”هل چريا چي مست آيا!“
ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي
”نوجوان شاگرد ۽ مزدور اهو چڱيءَ طرح سمجهن
ٿا ته تعليم انهن جي جدو جهد آزاديءَ ۾ هڪ تمام
اهم هٿيار جو ڪم ڏئي ٿي.“
لينن
ايشور چندر
موٽ
ويٺي ويٺي هن کي الائجي ڇا ٿيو، جو پنهنجي
پراڻي پيتي کولي، ان ۾ رکيل جهونيون چٺيون ڪڍي، هڪ
هڪ ڪري هو پڙهڻ لڳو. سالن کان هن اهي چٺيون سنڀالي
رکيون هيون. انهن چٺين ۾ ڪي ته سندس انهن ڌيئرن
جون هيون، جن کي، الائجي ڪهڙين ڪهڙين حالتن ۾ قرض
کڻي به، هن پرڻايو هيو ۽ انهن مڙني چٺين ۾ هڪ چٺي
اها به هئي جيڪا سندس ان پٽ جي هئي، جنهن وٽ هاڻي
هو رهندو هئو. ۽ جو پٽ گهڻا سال اڳ گهر مان رسي،
روسامي ڀري هڪ چٺي ٽيبل تي رکي، گهر ڇڏي هليو ويو
هئو.
هڪ عجيب قسم جي مرڪ ان وقت ٻڍي جي چپن تي ڊوڙي
آئي. الائجي ڇو، هن، نموڙيل سوڙيل ان پراڻي ڪاغذ
کي کولي پڙهڻ شروع ڪيو. خط ۾ تڏهن سندس پٽ بس اها
ئي شڪايت ڪئي هئي ته بيروزگاريءَ جي ڪري هن کي
ائين محسوس ٿيڻ لڳو ته گهر وارا سندس ڪا به عزت ڪا
نه ٿا ڪن. پيءُ به کيس ڳالهه ڳالهه تي ڇڙٻي ٿو ۽
سندس لاءِ ”نڪمو“ يا ”حرامخور“ جهڙا لفظ ٿو ڪم
آڻي.... سندس اڳيان روٽي جي ٿاليهي رکندي، گهر
وارن جي شڪل تي اها آثار ٿا اچن، جھڻ هو ڪنهن ري.
ڪوٺئي مهمان جيان هن گهر ۾ رهيو پيو آهي..... ته
اهڙي ذلت ڀري زندگيءَ کان بچڻ لاءِ، هو گهر ڇڏي
وڃي رهيو آهي ۽ هاڻي هو تڏهن ئي گهر موٽندو، جڏهن
هو ڪجهه ٻه پئسا ڪمائڻ لائق هوندو ۽ جڏهن گهر وارا
کيس گهر مٿان بوج ڪري نه سمجهندا.
خط پڙهي هڪ هلڪي مرڪ ٻڍي جي چپن تي اڀري
آئي. هو سوچڻ لڳو، ته اها ڪچي عمر به ڪيڏي نه
نادان هوندي آهي. هن اڪثر اهو محسوس ڪيو آهي ته ان
جوان ٽهيءَ جا سڀ ڇوڪرا ڪجهه نه ڪجهه ائڊوينچر ڪري
ڏيکاريو هو. چٺي لکي، ٽيبل تي رکي، هو چپ چاپ گهر
ڇڏي هليو ويو هئو.
بيحد پريشان ٿيا هئا گهر وارا تڏهن....
ڏاڍو ڳولهيو هئائون ڇوڪري کي پر سندس ڪٿي به ڪو
پتو ڪو نه پيو هئو. حالتن جو جائزو وٺڻ بعد، ٻڍو
تڏهن ان ئي فيصلي تي پهتو هئو ته اهڙين مڙني
ڳالهين جي پٺيان صرف هڪ ئي چيز جو هٿ هوندو آهي ۽
اها آهي ڪمزور مالي حالت گهرن ۾ کٽ پٽ ۽ اهڙي قسم
جون وارداتون ٿين ٿيون، جن جو نتيجو، ٿلهي ليکي،
اڻ وڻندڙ ئي هوندو آهي.
ٽن ڏينهن سندس ڇوڪرو هيڏانهن هوڏانهن جا
ڌڪا کائي، ڪجهه ڏينهن بعد گهر موٽي آيو هئو. پر
گهر کان ٻاهر رهي زندگيءءَ جا ڪي کٽا مٺا آزمودا
پرائي آيو هئو. حياتيءَ کي ويجهڙائيءَ تان ڏسڻ بعد
کيس ڏسڻ لڳو هو، ته حالتن سان سمجهوتو ڪرڻ ۾ ئي
زندگيءَ جو سار آهي.
ٻڍي، تڏهن ان رات، کيس پنهنجي ڀر ۾ ويهاري
ڪافي ڪجهه سمجهاڻيون ڏنيون هيون. ۽ کيس اهو به ذهن
نشين ڪرايو هئائين، ته ”اها ڪانئرتا آهن. ائين ڪرڻ
سان ڀڄي ويندڙ شخص لاءِ مشڪلاتون ته اچن ئي ٿيون.
پر گڏوگڏ گهر جي عزت تي به ڪارا ڇنڊا ٿا لڳن.“ پٽس
چپ چاپ پيءُ جون ڳالهيون ٻڌيون هيون. جواب ۾ هن وٽ
چوڻ لاءِ ڪجهه هئو ئي ڪو نه.
سال گذري ويا هئا ان ڳالهه کي.... ان کان
پوءِ ته گهڻو ڪجهه ٿي گذريو هئو ان گهر ۾ .... ٻڍي
پنهنجن ڌيئرن جي شادي ڪرائي ڇڏي. کيس ان ڪم لاءِ
ڪجهه قرض به کڻڻا پيا... سندس ٽنهي پٽن کي نوڪريون
ته لڳي ويون.... ٻه پٽ شاديءَ بعد پنهنجون پنهنجون
زالون وٺي الڳ ٿي ويا. ٻڍي جي زال هڪ لنبي
بيماريءَ جي تڪليف ڀوڳڻ بعد چالاڻو ڪري
ويئي.
ٻڍو جڏهن رٽاير ٿيو، تڏهن کيس ان ڳالهه جي
به خوشي ڪا نه هئي، ته هو ڪو هاڻي آرام جي زندگي
بسر ڪري سگهندو. آرام لاءِ، موزون حالتن سان گڏوگڏ
–پئسي جي به ضرورت هوندي آهي. پر ٻڍي کي جيڪو به
پئسو بي ايف يا گرئجيوٽي وغيره مان مليو هئو، اهو
سڀ هن، انهن قرض بلي چڪائي ڇڏيو، جيڪي قرض هن
ڌيئرن کي پرڻائڻ لاءِ ورتا هئا.
جنهن پٽ وٽ رهيو پيو هئو، شادي ته ٻڍي اُن
پٽ جي به ڪرائي ڇڏي هئي. پر الائجي ڇو، ان پٽ ۾
سندس بيحد موه هئو. ائين ته هر انسان کي پنهنجي هر
اولاد سان موه هوندو آهي. پر ڪنواري هوندي، جڏهن
سندس اهو پٽ گهر ڇڏي ڀڄي ويو هئو، بيحد رنو هئو. ۽
پوءِ جڏهن پٽس ڏانهن يا ته نهاريندو رهندو آهي، يا
وري کيس ڀر ۾ ويهاري، هيڏانهن هوڏانهن جون اجايون
سجايون ڳالهيون ڪندو رهندو آهي.
پٽس جي شاديءَ بعد، جڏهن نئين ڪنوار گهر ۾
آئي، تڏهن ٻڍي جي زال اڃا جيئري هئي، پر پوءِ جلد
ئي... يعني گهر ۾ ننهن اچڻ جي ٻن چئن سالن بعد ئي
سندس زال هڪ لنبي عرصي جي بيماريءَ بعد گذاري
ويئي.
زال جي وفات بعد، هوُ پاڻ کي اڪيلو اڪيلو
محسوس ڪرڻ لڳو هئو. ڪم ته وٽس ڪو هوندو ڪو نه هئو.
بس، ويٺو رڳو گهر جي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين
چڪر هڻندو هئو، يا وري ننڍن پوٽن کي کڻي پيو کين
نچائيندو ڪڏائيندو هو.... ۽ ائين ڪندي ڪندي کيس هڪ
ڏينهن ائين محسوس ٿيو، ڄڻ ننهن پٽ لاءِ، هوُ هڪ
اهڙي چيز هئي، هڪ اهڙو جيئو هئو، گهر ۾ جنهن جي
حاضريءَ کي چاهيندي يا نه چاهيندي، هو صرف ڄڻ
سهندا پئي آيا.... کين ڄڻ ان جي ڪا خاص ضرورت ڪا
نه هئي.
لڳندو ته ٻڍي کي به عجيب عجيب هئو، ته هو
هاڻي ڇا ڪري؟ سندس زال جيئري هئي، تڏهن مندر مان
موٽڻ بعد هوُ ساڻس اچي ٻه چار مٺڙيون ڳالهيون ڪندو
هئو. پر هاڻي ته مندر ۾ به هن جو من نه لڳندو هئو.
ان ڪري گهر ۾ سڄو ڏينهن پيو ئي پيو هوندو هئو.
پر ....
حقيقت ۾ ڏک ته کيس اُن ڏينهن ٿيو، جنهن
ڏينهن رات جو روٽي کائڻ وقت سندس پٽ کيس
چيو.”بابا!....اَ.... توهان هيئن سڄو ڏينهن اَجايو
پيا وقت وڃايو.... بور ته ضرور ٿيندا هوندا؟“
ٻڍي کي اِها خبر ڪا نه هئي، ته پٽ اِها
ڳالهه ڇو چئي هئي، يا اِن ڳالهه جي پٺيان پٽس جي
ڪا خاص مراد هئي. ان ڪري ساڌارڻ لحضي ۾ ئي جواب
ڏنائين. ”ها،پٽ! بور ته ٿيندو ئي آهيان....“
تڏهن ترت ئي ڄڻ سندس ڳالهه کي وچ۾ ڪپيندي
پٽس چيو. ”ته پوءِ هيئن ڇو نٿا ڪريو.... ڪٿي ڪو
ننڍو وڏو پارٽ- ٽائيم ڪم کڻي شروع ڪريو....“
پٽ جي اِن جملي ٻڍي جي دماغ تي ڄڻ ڪو
زوردار هٿوڙو هڻي ڪڍيو. پر پوءِ به پاڻ کي توازن ۾
رکندي جهيڻي آواز ۾ چيائين ”پارٽ – ٽائيم؟....
اَ....هن عمر ۾ هاڻي ڪهڙو پارٽ – ٽائيم ڪم ڪندس؟“
”ڇو؟.... توهان کان به وڏي عمر
وارن کي مون پارٽ ٽائيم ڪم ڪندو ڏٺو آهي... ۽....
اِن ۾ هرج ئي ڪهڙو آهي؟“. وري ڄڻ پنهنجي ڳالهه کي
وڌيڪ وزن ڏيڻ جي خيال کان پٽس چيو ”اِن مان ٻه
فائدا ٿي سگهندا.... هڪ توهانجو من به وڃي ٻيءَ
لڳندو. ٿورو ڄڻ وندريا ويٺا هوندا- ۽ ٻيو.... ٻيو
گهر ۾ ٻه پئسا ٻيا به پيا ايندا. هونئن به اَڄ
ڪالهه منهنجي اَڪيلي جي پگهار مان، گهر خرچ هلائڻ
ڏکيو ٿي پيو آهي.“
ٻڍي ڪو به جواب ڪو نه ڏنو. پر پٽ جي اِنهن
لفظن ۾ کيس اَندر ئي اَندر ڄڻ هڪ وڏو صدم پهچايو.
کيس لڳو، ته هاڻي سندس ٻه ويلا، پٽ کي ڳورا محسوس
ٿيڻ لڳا آهن. هاڻي هن عمر ۾ به پٽس چاهي ٿو ته هوُ
به پئسا ڪمائي اَچي. هيڏي عمر هن جيڪو ڪمايو، سو
سڀ ڄڻ کيس ياد ئي ڪونهي.
جهڙي تهڙي روٽي کائي هوُ جلد ئي وڃي
پنهنجي ڪمري ۾ ليٽي پيو. کيس اُن رات ننڊ ئي نه
پئي آئي، پنهنجي ئي پٽ لاءِ هاڻي هوُ. بوج بڻجي
پيو آهي؟-اهو سوچي سوچي اَلاجي ڇو رکي سندس گلو
ڀرجي ٿي آيو.
رات جي ڪيل ڪافي ڳڻ ڳوت بعد، هوُ اُن گهر
۾ هوُ نه رهندو. جن جي نظرن ۾ هوُ گهر لاءِ بوج
آهي، اُنهن وٽ هاڻي رهڻ ۾ رکيو ئي ڇا آهي؟
پوڄا وغيره ڪرڻ بعد هوُ پنهنجي ڪمري ۾ هليو
ويو ۽ چپ چاپ پلنگ جي ڪنڊ تي ويهي، هن پنهنجي پٽ
جي نالي هڪ خط لکيو. خط ۾ ٻيو خاص ڪجهه ڪو نه هئو.
بس صرف ايترو ئي لکيائين – ته: هوُ گهر ڇڏي وڃي
رهيو آهي. جن جو بوج هن زندگي ڀر کنيو، اُهي جي هن
جي ٻڍاپي جو بوج به نٿا سهسائي سگهن، ته اُنهن وت
هاڻي هوُ وڌيڪ نه رهندو.... اِن ڪري هوُ گهر ڇڏي
وڃي رهيو آهي. آسمان جهڙو وڏو ڇٽ مالڪ جوريو آهي،
ڪٿي نه ڪٿي هوُ ڪا ڪنڊ... ڪو سهارو ڳولهي لهندو.
۽ اَهڙيون ئي ٻه چار ڳالهيون لکي، خط ٽيبل
تي رکي هوُ چپ چاپ گهر کان ٻاهر نڪري آيو.
ٻاهر اَچي هن سڌو باغ ڏانهن رخ رکيو. هڪ
بينچ تي ويهي، کيسي مان ٻيڙين جو بنڊل ڪڍي، اُن
مان هڪ ٻيڙي دکائي، بنا ڪنهن مقصد جي هوُ هڪ ٻئي
مٿان ڪيتريون ئي ٻيڙيون ڇڪي ويو. رکي رکي هوُ
اُنهن مان نڪرندڙ دونهين ڏانهن نهاريندو رهيو.
۽ ائين، دونهين ڏانهن نهاريندي نهاريندي
سندس اکين ۾ لڙڪ ڀرجي آيا. لڙڪن وهڻ سان ڄڻ سندس
من جو غبار ڪجهه هلڪو ٿيو.
تڏهن وري اُتي ويٺي ويٺي سندس من ۾ پڇتاءُ
اُڀرڻ لڳو.... هن اِهو ڇا ڪري وڌو؟... نادان ٻارن
جيان گهر ڇڏي هليو آيو؟ کيس ياد آيو، ته جڏهن سندس
اهوئي پٽ، هڪ دفعي گهر ڇڏي ڀڄي ويو هئو، تڏهن ٻڍي
کيس ڪيئن نه ويهي سمجهايو هئو ته :”اها ڪانئرتا
آهي.... سٺي گهر جا ڇوڪرا اِئين نه ڪندا آهن....
اِئين ڪرڻ سان گهر جي عزت تي داغ لڳندا آهن.... “
۽ اَڄ.....
اَڄ هوُ خود ئي ساڳي غلطي ڪري ويٺو آهي.
کيس پڇتاءُ محسوس ٿيڻ لڳو... نه... ! کيس اِئين نه
ڪرڻ کپندو هئو. کيس اِئين نه ڪرڻ کپندو هئو.
ڪافي سوچ ويچار بعد، هوُ باغ جي بينچ تان
اُٿي کڙو ٿيو. سندس قدم خود به خود واپس گهر ڏانهن
کڄڻ لڳا.
گهر ٻاهران پهچي هن چورن جيان چپ چاپ هڪ
دفعو پنهنجي ڪمري ۾ اَندر ليئو پائي ڏٺو. سندس
ڪمرو خالي هئو. چٺي ٽيبل تي جيئن جو تيئن رکي هئي.
متان ڪو سندس چٺي پڙهي وٺي، اُن ڊپ کان هوُ
تڪڙو تڪڙو اندر ويو. ۽ چٺي کڻي هن ٽڪرا ٽڪرا ڪري
ٻاهر ڦٽي ڪري ڇڏي.
پوءِ هوُ وري پلنگ تي ليٽي پيو. کيسي مان
هن هڪ ٻيڙي ڪڍي دکائي.
پوءِ هوُ وري پلنگ تي ليٽي پيو، کيسي مان
هڪ هڪ ٻيڙي ڪڍي دکائي.
ٻيڙيءَ جو دونهون هاڻي کيس سٺو لڳي رهيو
هئو.
گيان ڌارا
الڳه الڳه بوندون ناس ٿي وينديون، پر انهن
جي ميلاپ سان ساگر ٺهي پوندو.
ڪو به شخص پاڻ هيٺ ڪرڻ کانسواءِ ٻئي کي
هيٺ ڪيري نٿو سگهي.
اُديش شڀ هوندو ته آتما دکي نه ٿيندي.
آچاريه اهو آهي جو پنهنجي آچار سان اسان
کي سدا چار بڻائي.
ڏنگي رستي تان سڌو ڪم ٿي ڪو نه سگهندو.
پنهنجي حيثيت کان ڪڏهن وڌيڪ نه رهو، بنگلي
۾ رهندي جهوپڙيءَ ۾ رهڻ لاءِ هردم تيار رهيو.
ٻاپو
وشنو ڀاٽيا
ڪاسائي
[هيءَ ڪهاڻي سنڌ ۾ ڇپي آهي ۽ سنڌ سرڪار
ڪهاڻي ڇپڻ جي ڏڏوهه ۾ پرنٽر ۽ پبلشر کي جيل
اُماڻيو.]
گڻپت سوچيو، جيڪڏهن مان پکي هجان ها ته
وسيع ۽ ڦهليل آسمان ۾ اُڏامندو هجان ها. هن بنگلي
۾ انڌي ڪمانڊر باس سان رهي، هر کن ۾ بور نه ٿيندو
هجان ها. جنهن طرف چاهيان ها اُڏامي هليو وڃان ها.
هيءَ نوڪري به ڇا آهي؟ هڪ طرح جو ذهني قيد ئي ته
آهي. 24 ڪلاڪ انڌي باس جي نوڪري ۽ 24 ئي ڪلاڪ هن
جي واتان ماضيءَ جا بورنگ داستان ٻڌندو رهڻ: ”جڏهن
مان روم ۾ هوس، جڏهن پئرس ۾ هوس، پولينڊ ۾ هوس ته
هي ٿيو. مان وڙهيس. ڏينهن جا ڏينهن بکون ڪڍيونسين.
ڪڏهن بئرڪن ۾، ڪڏهن جهنگلن ۾، ته ڪڏهن رڻ پٽن ۾،
ڪڏهن گرم ٻانهن ۾، ڪڏهن غارن ۾، ڪڏهن چرن ۾،
مونکي ائين محسوس ٿيندو هو ته اسين ماڻهو ناهيون،
فقط ناس ڪندڙ مشينون آهيون. اسان جو چهرو اسان کان
کسيو ويو آهي. اسان کي ڪاسائي بڻايو ويو آهي.
انساني گوشت، ڳجهن جا لامارا. آديواسين جو مئل
انسانن جي کيسن مان سامانن جي چوري. باروت، بم،
گوليون، ڪارو دونهون، ڪارا ارادا، ڇو ٿا ڪريون جنگ
اسين؟ ڳجهن جي کاڄ واسطي؟ويچارن جي ٽڪراءَ جي اها
معنيَ ته ناهي ته لکين ماڻهو بيگناهه موت جي گهاٽ
اُتاريا وڃن؟ سرحدن جي آهوٽي ۾ لکين ماڻهو ڦوڪيا
وڃن؟ ڇا جنگ صحيح آهي؟ مان جنگ کان اُداس آهيان.
مان جنگ کان نفرت ٿو ڪريان. پنهنجو پاڻ کان نفرت
ٿو ڪريان. هيڏن بمن ڪيرڻ کانپوءِ به مان زنده ڇو
رهيس؟ پنهنجي پاپن جي سزا ڀوڳڻ لاءِ؟ تون
ٻڌائيندين گڻپت، هڪ ڪاسائي ۽ مون ۾ ڪهڙو فرق آهي؟
مان مئس ڇو ڪو نه؟ زندهه ڇو آهيان؟“
باس کي باٿ روم ۾ ڇڏي، گڻپت ٻاهر لان
اورانگهيندو، گيٽ وٽ اچي بيٺو. پنڊرپوري تماڪ جو
خمار هاڻ مٿي تي چڙهي چڪو هئس. گيٽ ٻاهر ڪڏهن ڪو
سائيڪل تي لنگهي ٿي ويو. ڪڏهن ڪو گاڏي وارو. هن هل
اسٽشن تي ارد گرد رٽائرڊ فوجي جنرل، ڪمانڊر ۽ وڏي
عهدي وارا شخص رهندا آهن. شهر جي نالي تي اڌ ڊزن
کن دڪان آهن، باقي ميئرڪس ٽائيپ ننڍا سيلف ڪنسٽنڊ
بنگلا. دور دهل جو آواز اچي رهيو هو. دهل جي آواز
گڻپت کي ڇڪيو پر هو رڪجي ويو. ڇاڪاڻ ته باس جيئن
ئي باٿ روم مان نڪرندو ته کيس بريڪ فاسٽ جي ضرورت
ٿيندي، ان وقت گڻپت جو هئڻ لازمي آهي. ضرور ڪو
بازيگر هوندو، گڻپت سوچيو. ڇٻيءَ ۾ ٻار کي ليٽائي،
ڪاري ڪپڙي ۾ اندر چمڪندڙ چاڪو وڌو هوندائين. ٻاهر
ڪڍندي ئي اهو چاقو يار جي گلي ۾ کپيل هوندو ۽ گلي
مان رت ريلا ڪري وهندو هوندو. يا ٻار ڪڪڙ جيان
ڦٿڪندو هوندو. يا هو ٻار جي ڄڀ ڪٽي ڦٽي ڪندو. يا
نانگ ۽ نور جي ويڙهه ڏيکاريندو هوندو. يا وري
ڇوڪري ڪرسيءَ تي يا زمين تي ليٽائي کانئس سوال
جواب ڪندو هوندو. نوٽن جا نمبر ٻڌائيندو. يا وري
ڪا شڪو ٻائي، تاڻيل نوڙيءَ تي ميزان سنڀاليندي
هلندي هوندي.
”چڪون وارو، چڪون وارو.... “ هڪ پيرسن مرد
مٿي تي ڇٻو کڻي اتان لانگهائو ٿيو.
گڻپت کيس روڪيو، ”ترس، ٻه چڪون ڏي.“
چڪون ڏيڻ کانپوءِ پيرسن چاليهه پئسا
گهريا.
گڻپت حيرت وچان پڇيو “اڳي ته پنجين پئسين
هڪ چڪون ملندو هو. هاڻ ويهه پئسا؟ ايڏا مهانگا؟“
”مهانگائيءَ ته اصل قهر ڪري ڏنو آهي. ٻه
ويلا پيٽ ڀري کائي نٿو سگهجي.“
”هون! ٺيڪ آهي.“ چاليهه پئسا کيس ڏيندي
چيو، ”تون ڪڏهن هوائي جهاز ۾ چڙهيو آهين؟“
”ڇو ٿا مذاق ڪريو، بابو صاحب.“
”اڙي، مان صاحب ناهيان. صاحب ته باٿ روم ۾
آهي. توکي خبر آهي ته صاحب هوائي جهاز ۾ سڄي دنيا
گهميو آهي؟“
”ان ۾ منهنجو ڇا؟“ ٽوڪري کڻندي پيرسن چيو،
”هتي سڄي زندگي گذريو وڃي ته ماڻهو ريل جو منهن
نٿا ڏسي سگهن.“
”نا ممڪن. اهو ڪيئن هوندو؟“
”ائين آهي.“ پيرسن بيوسيءَ ۾ چيو ۽ هليو
ويو.
”باس گريٽ آهي، جڏهن ڪي ماڻهو ريل نٿا ڏسي
سگهن ته اتي باس برلن، مصر، جپان، هنگري، رومانيا،
پولينڊ هينئر ته ملڪن جا نالا به ياد نٿا اچن. باس
چوندو آهي، ”گڻپت، زندگي جو مقصد ڇا آهي؟ فرضي
ڊريس؟ چند ٻلا؟ چند شيلڊون؟ اکيون وڃائڻ ۽ سڄي عمر
نظر وڃائي انڌو ٿيڻ. ڏسڻ کان محروم رهڻ؟ پر مون ته
زندگي ۾ سڀ ڪجهه ڏسي ڇڏيو آهي. تو ڏٺو ڇا آهي؟“
لان ۾ ڪڪڙ گهمي رهيا هئا. گڻپت بي مقصد
انهن پٺيان ڊوڙڻ لڳو. گهٻرائجي ڪڪڙ ڦيرا پائيندا ۽
کنڀ ڦڙڪائيندا رهيا. هو مٿن ڦيرا پائيندو رهيو. ڊپ
وچان ڪڪڙ عجيب قسم جو آواز ڪري رهيا هئا. ڪڏهن ڪو
ڪڪڙ سندس چنبي ۾ ڦاٿو ٿي ته ڇڏي ٿي ڏنائينس. ۽ ڪڪڙ
ڦڙتيءَ سان ڀڄي ٿي نڪتو. ڪافي دير تائين ائين ئي
ڊوڙندو رهيو. تيستائين جو هو ٿڪجي سهڪڻ نه لڳو.
پگهر سندس نرڙ تي مڙي نه آيو. ٻوٽن وٽ هڪ اڇو اڇو
بيدو چمڪي رهيو هو. بيدو کڻي هن قميص جي کيسي
حوالي ڪيو. سهڪندي سهڪندي سوچڻ لڳو: هيءَ به ڪا
زندگي آهي؟ مان ڀڄي نٿو سگهان. پر وڃان به ته ڪٿي؟
وچ وچ ۾، لوڪل ٿيئٽر ”اپسرا“ ۾ گٺل فلم
ڏسي به کيس ڪوفت ٿيندي آهي. ٽين جي ڇپرن سان جوڙيل
ان ٿيئٽر ۾ فلم هلندي هلندي ڏهه دفعا انٽرويل
ٿيندي آهي. آسپاس سگريٽ جو دم گهٽيندڙ دونهون. پان
جون ٿڪون. هڪ عجيب طرح بوءِ کي خلقينديون آهن. يا
ماڻهن جون سيٽيون، وچ وچ ۾ رمارڪ بازي. اوه سالي،
واه سالي، هي حرامزادي. هڪ ته مارا ماري ڪري ٽڪيٽ
حاصل ڪرڻي پوندي آهي. مٿان اڳيان پٺيان ڏيکاريل
ريلن سبب ڪهاڻيءَ جو سلسلو ذهن ۾ ڪونه ويهندو آهي
۽ فلم تان موٽندي وري باس ان فلم جي ڪهاڻي ٻڌائڻ
لاءِ زور ڪندو آهي. ڇا خاڪ ٻڌايانس؟ گاني جي هڪ اڌ
سٽ ياد اچي ويندس ته هميشه گنگنائيندو رهندو آهي.
اڄ ڪلهه سندس زبان تي ”بابي“ فلم جي گاني جي سٽ
چڙهيل آهي: هم تم اڪ ڪمري ۾ بند هون، او چابي
کوجائي. جنهن کي هو وقت بوقت دهرائيندو رهندو
آهي. رات باس کي مٿي تي مالش ڪندي اها سٽ دهرائي
رهيو هو ته باس فرمائش ڪئي، ”پورو گانو ڳاءِ.“
”ياد ڪونهي.“ گڻپت بيرخيءَ سان
چيو.
”نه جيترو ياد اٿئي، اوترو وڏي آواز ۾
ڳاءِ.“
”مان ڪشور ڪمار ناهيان.“
”ٺيڪ آهي. ائين ئي گنگنائيندو رهه. ان ۾
به هڪ پنهنجي قسم جو ردم آهي.“
۽ گڻپت جو گنگنائڻ بند ٿي ويو.
”ڇو چپ ٿي وئين؟“
”هڪ ئي وقت ٻه ڪم مان نه ڪري سگهندو
آهيان.“ گڻپت اداسائيءَ سان چيو.
”پر تون اڃا هينئر گنگنائي رهيو هئين؟“
”پر هاڻ مان ڳائڻ جي موڊ ۾ ناهيان. ۽
فرمائش تي ڳائڻ منهنجي مزاج جي خلاف آهي.“
گڻپت سوچيو: مان ذهني طرح به ڪيترو نه
غلام آهيان! باس سامهون اٿم، ته به ان جي باري ۾
سوچي رهيو آهيان. اها ذهني غلامي ناهي ته ڇا آهي؟
مان هن شخص مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ چاهيان ٿو. مان
ڀڄي وڃڻ چاهيان ٿو. هيڏو وڏو جهان آهي، ڪٿي نه ڪٿي
آسائش ته ملندي ئي. هتي ڇا رکيو آهي؟ پهاڙن سان
گهيريل شهر، ڳوٺ نما شهر، زندگي مان ٿڪل فوجي، بنا
ڪنهن مشغولي بي پاڙي زندگي، بي رخي، بيدلي ۾
جيئندڙ زندگيون. ان بستيءَ مان اُڏامي به ته نٿو
سگهجي؟ باس چوندو آهي: پئرس ۾ هڪڙا مشيني کنڀ ٺهيا
آهن، جنهن سان ماڻهو اڏامي سگهندو آهي. يا جيئن
اخباري فيچر ۾ فئنٽم يا مئنڊريڪ اُڏامندا آهن. يا
رامائڻ ۾، هنومان اُڏامندو آهي. ڇا اُڏامڻ ممڪن
آهي؟
بمبئي هتان کان گهڻو پريان هوندي؟ چون ٿا
سفر ۾ اڍائي يا ٽي ڪلال لڳن ٿا پر بمبئي پهچي به
ڇا ڪندس؟ ساڳي نوڪري. باس بدليل هوندو. نوڪري ته
ڪرڻي ئي پوندي. مان ڄائس ڇو؟ کيس ياد آيو ته باس
کي جوائن ڪرڻ کان اڳ هو رام ڀروسي هندو هوٽل ۾
بيرو جي نوڪري ڪندو هو. پوپٽ ڪٽ مڇن وارو ظالم ۽
بيرحم باس. سڪل ڊٻلروٽي ۽ پاڻيءَ جهڙي دال. سڄي
ڏينهن جو پورهيو. صبح جو پنجين کان رات جو ٻارهين
تائين ڊيوٽي. لعنت ۽ ڦٽڪار. انسان ڪنهنجو نوڪر ڇو
آهي؟ انسان پکين جيان آزاد ڇو ناهي؟ کيس جيئڻ لاءِ
پنهنجي خواهش جي خلاف انهن کي باس ڇو ٿو تسليم
ڪرڻو پوي جنهن کي هو پسند به نٿو ڪري؟ کيس پري
پنهنجي باس جا لفظ ياد آيا. ”تون اڪيلو نوڪر
ناهين. مان به ٻي مهاڀاري لڙائي وقت انگريزن پاران
لڙي رهيو هوس. انهن مورچن تي، جن جا شخص بيگناهه
هئا. مون زندگيءَ ۾ خون جو ڦڙو به نه ڏٺو هو. بابي
سان مارڪيٽ ۾ گوشت خريد ڪرڻ ويندو هوس ته اُلٽي جو
احساس ٿيندو هو ۽ پوءِ فوج ۾ ڀرتي ٿيس. ڇو ٿيس؟
پريم ۾ هاريئجي. هوءَ نالو ٻڌائي ڇا ڪريان؟ ٻئي
سان پرڻجي ويئي. مان نراش ٿي فوج طرف ويس. چيائين
مون وٽ سوشل اسٽيٽس ڪونهي. هاڻي مون وٽ سوشل
اسٽيٽس آهي ته هوءَ ڪانهي. گڻپت تو ڪڏهن پيار ڪيو
آهي؟ اصل نه ڪج. پيار فقط پريشاني ڏئي ٿو. درد ڏئي
ٿو، پيڙا ڏئي ٿو، ان ڪري ڀلجي به پيار نه ڪج.“
باس جڏهن کيس اهو چيو ته کيس ميريا جو چهرو نظرن ۾
گهمي ويو. هوءَ کيس کليل وارن سان پريءَ جيان
لڳندي آهي. ڪڏهن ميريا پنهنجي بورچياڻي ناني ڊيلڦن
سان گڏ ايندي آهي ته چور نگاهن سان گڻپت ڏانهن
نهاريندي آهي. هڪ ڀيرو باغ ۾ آئي. پڇيائين، ڇا هي
سورج مکيءَ جا گل پٽيان؟ |