سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: پونجي

باب: --

صفحو :2 

پاڻي به ماڻهو ڍڪ ڍڪ ڪري پيئي. هن ڳيت سان تي اڌ ٻاٽلي ليٽائي.

     کاڌو ته کاڌو به اڻ ميو ٿي سندس پيٽ ۾ ويو.

     تپرس رڳو اهو هو ته هيترو دارون، هيترا تريل اڦراٽا، هيترا انب ماپيس ڇا ۾ ٿي!

     رات به مائي اسان وٽ ٽڪي. پر اک ڪا نه لڳايائين. رات جا چارئي پهر ويٺي رهي.

     رکي رکي ڪڪي کي چهاڙون پئي وڌائين؛ رکي رکي،هن نگري جيو تي گارين جو ڌوڙيو پئي وسايائين.

     ٻئي ڏينهن صبح جو ته وس ڪري چڪي!

     چيائين ته بک نڪرندو.

     سو پهرو آيو. ڪاسائيءَ پهرو پاتو.

     انهيءَ جي ڳچيءَ وٽان جيڪو ڪوسو ڪوسو رت نڪتو، سو ڪٽورو ڀري، پاڻيءَ وانگي پي ويئي! ٻئي ڏينهن، ٽيئن ڏينهن مائيءَ دارون پئي پيتو. ۽ انبن سان گڏ تريل اڦراٽا پئي کاڌا.

     ٽئين ڏينهن مائيءَ چيو ته اٺ جا نير، نوڪدار ترار ۽ مهري هڪي هجي. رات جو ڀوت کان ٻالڪ جي جند ڪيئن به ڇڏائبي.

     انهيءَ ڏينهن مائيءَ پاڻ ته چڙهه ڪيا، پر پنهنجي هڪ گر ڀائيءَ ڪاتر تانهريءَ جي اڌ مڻڪ ديگ به چاڙهائي ڇڏيائين.

     سنجهو ٿيو ته ٻارڙن کي ته گهر مان ڪڍي ڇڏيائون پر دادي ۽ ڀاڀيءَ کي چيائون ته اوهين به گهر ۾ نه ويهو.

     مون کي ته دادي سخت تاڪيد ڪري ڇڏيو ته تون بنهه پاسي واري گهر ۾ به نه ويهجه.

     مان اَهلون ڪندو هوس گهڻيون.

     دادي کي ڊپ لڳو ته مان هتان چيليءَ ۽ سندس گر ڀائيءَ کي کيلندو ڏسي، انهن جي سارو ڏينهن اهل نه پيو ڪريان.

     ٻيو به مائٽن جو هوس سڪيلڌو،پنڙيو پٽ؛ خطرو ٿي ٿين ته متان مون کي به نه ڪا جهڙپ لڳي وڃي!

     پر مان پرائي گهر ۾ بندجي وهان ڇو ٿو؟

     ننڍا وڏا انهيءَ گهر جا کائي پيئي هنڌن ۾ وڃي پيا،

ته مان سراڪو پائي، در کان ٻاهر نڪري، کڏن تان ٽپندو،

پنهنجي گهر واري کڏ تي، منگهه ۾ اچي ڇپ ماري ويهي رهيس.

     اتان جيڪو مون رنگ ڏٺو!

     انهي ڳالهه کي  43ورهيه ٿيا. پر مون کي تر جو ياد آهي. ڀانيان پيو ته اُهي واقعا هينئر به پيا اکين اڳيان ترنم.

     ڪڪي کي هيترا ڏينهن کاڌو ته جاءِ خود، پاڻيءَ جي جا بوند، سا به وات ۾ ڪانه وئي هئي. انهيءَ هوندي به ڪڪو هٽيو نپٽ ڪو نه.

     هينئر سندس ڪپڙا لاهي، اگهاڙو ئي اگهاڙو، منگهه جي هيٺان جيڪا کٽ پيل هئي، تنهن تي کڻي پٺيءَ ڀر ليٽايائونس.

     چيليءَ جو گر ڀائي تانهڙيءَ کي وارو ڏيئي رهيو ته ڪنڌ ڌوڻيندو، اچي ڪڪي تي جهولڻ لڳو.

     ڏينهن جو مون جاچ ڪانه رکي هئي ته انهي گهر ڀائيءَ کي ڪيس هئا يا نه، پر هينئر جهوليائين ٿي ته مون  پئي ڀانيو ته وار وڃنس ٿا وڌندا!

     جهولي جهولي، مڙس پگهرجي ويو، پرهٽيو ڪو نه. ڪجهه ويرم کان کانپوءِ پاڻ اُٿي کڙو ٿيو.

     ڪڪو اُگهاڙو ئي اُگهاڙو، کٽ تي پيو رهيو، پر بت سندس گهڻو هٽيل هو.

     گر ڀائي پوءِ نير کڻي پنهنجا پٺا ڪٽيا.

     پٺن تي نير پيو هڻي ۽ ٽپ پيو ڇڏي.

     ڪاڪا ڇا اهڙي ٿي ماريائين جو مٿو سندس ذري گهٽ ڇت سان ٿي لڳو.

     اُنهيءَ ويل، مون سان ڀانيو ٿا ويڌن ڪهڙي هوندي!

     مان منگهه ۾ اڪيلو ئي اڪليو، سو به سهائيءَ جي نويڪلائي ۾، ۽ هيٺ هو ڀائي کيلي پيو، منهنجو ساهه مٺين ۾!

     پڇاڙيءَ ۾ ڇا ڪيائين جو ترار کڻي، نوڪ کي ڇاتيءَ وٽ جهلي، مهري سان وٺي چوڪ ڏنائينس. ترار جي نوڪ ڪيتري ساري، مون منگهه مان چٽي ريت ڏٺو ته سندس ماس ۾ گهڙي ويئي!

     نيٺ چيائين ته هي ننڌڪ ته سمجهيئي نٿو.

     پوءِ وري به اچي ڪڪي تي جهولڻ ويٺو.

     جهولي جهولي، اُٿي کڙو ٿيو.

     مان منگهه مان نهار ڪريان ته ڪڪو وري به اڳئين جهڙو ٿي پيو!

     رات اڃان ڳچ پئي هئي. حال کيل ختم ٿيو. مان به منگهه مان نڪري، پرائي گهر وڃي، هنڌ ۾ پيس.

     صبح ٿيو ته به ڪنهنکي ٻڌايم ڪو نه ته مون ڪو منگهه مان سڄو رنگ ڏٺو پئي.

     هاڻ، گور ڀائي ته صفا جواب ڏيئي ويو.

     پر هوءَ مائي چوي ته ٻالڪ جي جند اوهان مونکان لهڻي. مان ٿي ٻيو انجن ڪريانس.

     ٽي ڏينهن ٻيا به مائي اسانوٽ رهي.

     ڪڪو ڇٽي ها، پوءِ ٽي ڇو، ٽيهه ڏينهن رهي پوي ها، ته ارهو ڪير ڪو نه ٿئي ها.

     اُنهي مند مهاراڻي وڪٽوريا جي راڄ جا 50 ورهيه پورا ٿيا هئا، سو هنڌ پٽ سونهري جبلي پئي ملهائي. کپري جهڙي ننڍڙي شهر ۾ ست ڏينهن سانده جڃ پئي ٿيا.

     مان ٻار، مون کي پيئي دل ٿئي ته جڃ جو ڪجهه مڙيوئي سواد وٺان!

     پر ڪڪي جو هو حال، دادو مونکي ڇڏي ڪيئن؟

     تنهن هوندي به پڇاڙيءَ واري ڏينهن دادو مون کي چيو ته رات جو ڀلي وڃي مجلس ۾. مجلس ته رات جو گهڻي ويرم تائين پئي هلي، پر مان، الاجي ڇو، وچ مان ئي اُٿي کڙو ٿيس، ۽ اڪيلو ئي اڪيلو، گهر هليو آيس.

     اُتي ڏسان ته سڀ پيا روئن. مون ڳالهه سمجهي ورتي.

     ڏينهن جو مائيءَ اسانکي چيو هو ته رات جو هي اُٿندو. اوهان کان ڪا شي گهرندو. اوهين اُها ڏجوس. پوءِ ٻالڪ کي هي ڇڏي ويندو.

     پاڻ سان انهيءَ رات اسان وٽ ٽڪي ڪانه. مڙهيءَ ڏي هلي ويئي.

     کپري جي شهر ۾، بازار منجهان، جيڪا به کائڻ پيئڻ جي شي، جيڪو به ٽول ڍنگر، جيڪو به رانديڪو رڙو ملي سگهيو هو، سو اسان ڏينهن جو ئي آڻي پاڻ وٽ هڪيو رکيو هو.

     مان گهر جي در وٽ ٿيس ته منهن سمهون دادو گڏيم. مونکي چيائين ته ڪڪو ساڍي ٻارهين بجي اُٿيو. ڏونگهي گهريائين. ڏونگهي ڏنيسونس. پر ڏونگهي کاڌائين ڪانه، کڻي مڻڪو لاڙيائين. تون هينئر وڃ، ۽ وڃي مائيءَ کي چو ته توکي ويٺا ڪوٺين.

     مائي مڙهيءَ ۾ شهر کان ٻاهر ئي رهي. مان اڪيلو ...... پر اڄ ڏينهن تائين مان سمجهي نه سگهيو آهيان ته مائيءَ تائين پهتس ڪيئن. جيتوڻيڪ اها پڪ اٿم ته اُتي پهتس برابر وڃي.

     مائيءَ کي چيم ته توکي ڪوٺين ويٺا، ته ورندي ڏنائينم ته ڪوٺينم ڇالاءِ ٿا؟ شي جنجي هئي، تنکي وڃي ملي. مان هلي ڇاڪريان؟

     ڪڪي کي پني مون پاتي. پر ٽئين ڏينهن منهنجو بت ڪري پيو.

     مون سان جٺ ڪهڙي، جو روز پيو سپنا لهان ته ڦلهڏين مان پيو کپري اچان ۽ واٽ تي پيو هو رنگ ڏسان! ۽ ڪڪي کي لڳت جو حساب ٿيو آهي. ڪڪي جو علاج پيا ڪرايون.

     ڪي ڏينهن ته مون ٻڙ به ٻاهر ڪا نه ڪڍي. نيٺ هڪڙي ڏهاڙي ننڊ مان ڇرڪ ماري اُٿيس، ۽ دادي مونکان کوٽي پڇيو، تڏهن سو سربستي ڳالهه ٻڌائيمانس.

     دادو پوءِ ڪنهن کان سڳڙو وٽائي آيو. مون سڳڙو پاتو، منهنجودک دور ٿي ويو.

     اڃا به پيا لوڪ پڇن: جن آهن؟

   مان نرڪ ۾ به سٺن ڪتابن جي آجيان ڪندس، ڇو ته انهن ۾ اها شڪتي آهي جو جتي اهي هوندا ته سرڳ بڻي پوندو.

(تلڪ)

  ڪنهن به سنسٿا جي ڪاميابيءَ جو مدار سٺي قاعدي تي نه، پر ان جي سٺن ڪاريه ڪوتائن تيمدار رکي ٿو.

(گانڌيجي)

گيان ڌارا

 سقراط هڪ لڱا پڇيو،”توکي ڇا گهرجي؟ منش جي آتما، يا حيوان جي؟“ ... ”منش جي آتما“ ”۽ ڪهڙي منش جي آتما؟ جنهن جي ٻڌي پوري آهي يا اڻپوري؟“ ”پوري“_ ”پوءِ تون ان جي تلاش ڇو نه ڪرين؟“ ”ڇاڪاڻ جو اسان کي اها اڳيئي مليل آهي.“_ ”پوءِ، ڇا جو هي سڀ جهڳڙا ۽ جنگ لڳائي اٿو؟

        پهرين ڳالهه تون هيءَ ياد رک، ته ڪو به ڪم بنا سوچ ويچار ۽ بنا مقصد جي تون نه ڪر. اهو مقصد سواءِ عام ڀلي جي ٻيو ڪجهه به هئڻ نه گهرجي.

        قدرت اهو سندس لاءِ مناسب ۽ ضروري سمجهيو ته ائين ٿئي، ۽ سو ائين ئي ٿيو.

        توکي سمجھ آهي؟_ هائو“ مون کي آهي_ پوءِ ڇو نه ٿو سمجهه ڪم آڻين؟ جيڪڏهن تنهنجو دماغ پنهنجي فرض ادائي ڪري ته پوءِ آءٌ سمجهائين نه ٿو ته توکي ٻيو وڌيڪ ڇا گهرجي؟                                (مارڪس آريلس)

        هر هڪ سٺي آندولن کي پنجن دورن مان لنگهڻو پوندو آهي؛ الغرضائي، ٺٺولبازي، گاريون، دٻاءُ ۽ قدرشناسي.

 (گانڌيجي)

نسيم کرل

ڪافر

    جنهن ڏينهن سيتل اوڏ ۽ سندس گهر واريءَ کي مسلمان ڪرڻو هو، ان ڏينهن مسيت ۾ نماز تي ايترا ته جماعتي آيا جو قبائين ڪوٺي ته ڀرجي وئي پر ٻاهر پڌر ۾ به ٻٽي صفون بيهجي ويون. هن کان اڳ ايتري جماعت يا ته عيدن تي ٿيندي هئي يا جڏهن ڪو سرندڙ ماڻهو پنهنجي مئل پيءُ يا ڀاءُ کي ثواب ڏيارڻ خاطر ختمي جو ديڳ لاهيدو هو. ڳوٺ جي مسيت جي پيش امام، مولوي اميد عليءَ به ان ڳالهه جي چڱي مشهوري ڪئي هئي ۽ اوطاق ۾، قرآن شريف ۽ حديث جي روشني ۾، هن موقعي جو عيدن کان به وڌيڪ مبارڪ هجڻ ثابت ڪيو هئائين. ڳوٺ جا ماڻهو به هروڀرو ايترا بي دين ڪو نه هئا ۽ جنهن مڙس پڳ جو ور ورايو هو سو اچي حاضر ٿيو هو. مولي صاحب پاڻ به هن موقعي تي چڱي شان مان سان آيو هو. مٿي تي موڱي سائي دستار، بدن تي هرک جا ڪورا ڪپڙا، پيرن ۾ سيم جي نئين جتي، ۽ هٿن جنڊيءَ جي عصا جنهنجي هيٺين ڇيڙي ۾ لوهي ڪلي لڳل هئي ۽ جا محراب جي ڀرسان ڪچي فرش ۾ ائين کوڙي هئائين جيئن دين جو جهنڊو کوڙيو هجيس. ان ڏينهن هن جيڪو خطبي جو ڪتاب آندو هو سو به نئون هو. هو جڏهن آيتون پڙهي
سنڌي ابيات جي ان حصي تي پهتو جتي چئن اصحاب سڳورن جي ثنا هئي_

پهريون يار هو صديق اڪبر
ڀلارو ڀر جهلو صديق اڪبر
رفيق_ غار هو صديق اڪبر
تنهنجي صفت ڪهڙي ڪريان
ٻيو يار عادل عمر هو
سدائين ڪفار جو قاتل عمر هو
شجاعت ۾ قوي ڪامل عمر هو
تنهنجي صفت ڪهڙي ڪريان
نبي جو دادلو عثمان اعليٰ
جمع قرآن ڪيو عثمان اعليٰ
سخاوت جو صاحب عثمان اعليٰ
تنهنجي صفت ڪهڙي ڪريان
جياريو دين ۽ ايمان حيدر
خدا واکاڻيو هر آن حيدر
تنهنجي صفت ڪهڙي ڪريان

_ ته جماعتن جو اکيون اهڙا سريلا ابيات ٻڌي ٻوٽجي ويون ۽ هر ڪنهن جي دل گهرڻ لڳي ته اهو خطبو هلندو رهي. فرض ۾ به مولوي صاحب ننڍين آيتن جي بجاءِ سورت الرحمان شروع ڪئي جنهن ۾ ”فباي آلاءِ ربکما تکذبان“ جي تڪرار نماز ۾ وڌيڪ سواد پئدا ڪري ڇڏيو. نماز کان پوءِ
مولوي صاحب ٿوري تقرير ڪئي ۽ ڳوٺ جي ماڻهن کي اهڙي مبارڪ موقعي ۾ شريڪ ٿيڻ جي مبارڪ ڏنائين. پوءِ هڪ پنج وقت نمازي کي موڪلي سيتل ۽ سندس گهر واريءَ کي گهرايائين، جي غسل ڪرڻ کان پوءِ نون ڪورن ڪپڙن ۾ اوطاق ۾ ويهاريا ويا هئا. جڏهن سيتل مسيت ۾ ويٺو تڏهن مولوي صاحب بلند آواز ۾ سيتل کان پڇيو، ”بابا، تون ۽ مائي ٽلي دين محمدي قبول ڪرڻ گهرو ٿا؟“

”ها مولبي صاحب.“

          ”پنهنجي رضا خوشي سان يا زور زبردستيءَ سان؟“

”پنهنجي رجا سان، سائين.“

”تون به مائي ٽلي؟“

ها سائين.“ هڪ نويڪليءَ ڪنڊ ۾ ويٺل مائي ٽليءَ جواب ڏنو.

مولوي صاحب اهو ٻڌي ڏاڍيان جماعتين کان پڇيو، ”ٻڌو ٿا برادران؟“

”ها ٻڌون ٿا.“ گهڻن جماعتين جواب ڏنو.

مولوي صاحب اشهد آڱر ڇت ڏانهن کنئي ۽ ٽي ڀيرا بلند آواز سان چيائين، ” اي الله تون شاهد هججانءِ. اي الله تون شاهد هججانءِ. اي الله تون شاهد هججانءِ.“ ائين چئي مولوي صاحب وري سيتل کان پڇيو، ” روزا به رکندين ۽ نماز به پنج وقت باجماعت پڙهندين؟“

”ها سائين روجا به رکندس نماج به پڙهندس.“

”سونهاري به شرعي حد تائين رکائيندين؟“

”رکائيندس،“ سيتل صدق سان چيو.

اوچتو مولوي صاحب جي نظر سيتل جي ڪنن تي پئي جن ۾ سونيون ڪيوٽيون پيون هيون. مولي صاحب هڪدم کيس چيو،”اهي سونيون ڪيوٽيون لاهي مائي کي ڏي؛ اسلام ۾ مردن کي سون پائڻ حرام آهي.“

سيتل تڙ تڪڙ ۾ ڪيوٽيون لاهي مائي کي ڏنيون جنهن اهي وٺي رئي جي پلاند ۾ ٻڌيون. مولوي صاحب اڳلو سوال پڇيو،

”جوا نه کيڏدين، دارون نه پيئندين؟“

”نه سائين.“

”مسلمانن وانگر طوهر به ڪرائيندين؟“

”ها سائين،“ سيتل انهيءَ صدق سان چيو.

”جزاڪ الله، جزاڪ الله!“ مولوي صاحب کيس شابس ڏني. وڌيڪ ٻين سوالن پڇڻ جي به ضرورت نه سمجهيائين ۽ کيس چيائين، ”ٿورو سري منهنجي ويجهو اچي ويهه.“

سيتل رڙهي وڃي سندس ڀرسان ويٺو ته مولوي صاحب کيس چيو، ”چئه؛ لا الله“

سيتل چڱي طرح چئي نه سگهيو ۽ چيائين، ”لا ئيلا“

”ائين نه، چئه؛ لا_ اِ_ لاهه“ سيتل چيو، هن ڀيري برابر.

”اِ_ لل_ لاهه“ مولوي صاحب اڳتي وڌيو.

”اِ_ لل_ لاهه“

”م_ حم_ در“

”م_ حم_ در“

رسول الله“

”هاڻي چڱيءَ طرح سڄو ڪلمو ائين پڙهه، جيئن مان پڙهان.“

”ها سائين.“

”چئه؛ لا الٰه الا لله محمد رسول الله.“

”لا الٰه الا لله محمد رسول الله.“ سيتل چڱيءَ طرح چئي ويو. سڀ جماعتي هڪ بي دين کي الله ۽ ان جي رسول تي ايمان آڻيندو ڏسي خوشيءَ ۾ پر  ٿي ويا ۽ مولوي صاحب کي مبارڪ ڏئي وري سيتل کي مبارڪون ڏيڻ لڳا. هڪ دنيدار ته تڪبير جو نعرو هنيو، جنهن جو جواب جماعتين ايترو ته زور سان ڏنو جو ڪي گهڙيون مسيت جي قبائين ڇت ۽ ڀتيون، اهي اکر ورجائينديون هيون. ان کان پوءِ مائي ٽليءَ کان به ساڳي ريت ڪلمو پڙهايو ويو. ان کي به مبارڪون مليون. پوءِ مولوي صاحب سيتل ڏانهن منهن ڪري چيو، ”اڄ کان تنهنجو نالو عبدالله آهي.“

”ها سائين.“

وري مولوي صاحب ٽليءَ ڏانهن منهن ڪري چيو، ”۽ مائي، تنهنجو نالو فاطمه.“

ها سائين.“

ڪي جماعتي اٿڻ لڳا ته مولي صاحب کين هٿ جي اشاري سان جهليو ۽ چيائين، ”ترسو، اڃان هنن جو نڪاح پڙهڻو آهي.“

اها ڳالهه ٻڌي هرڪو پنهنجي پنهنجي جاءِ تي ويهي رهيو. مولوي صاحب ٻنهي کان رضا پڇي، آمنت باالله پڙهڻ شروع ڪئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org