44. اهو
طلسم ڀل ته هليو اچي
آءٌ توکان موڪلائڻ اچان ته تنهنجن اکين ۾ شڪ واري مرڪ پئي نچي.
تون سمجهين ٿي ته هي ته سُتت، وري موٽي ايندو؛ جو ڪڏهانڪر اها
منهنجي پر ٿي ويئي آهي.
سچ ٻڌايانءِ، مونکي پاڻ دل ۾ اهڙو پيو شڪ پوي. ڇو ته بسنت بهار
ڦيرو کايو، وريو وريو موٽيو اچي؛ چوڏهيءَ جو چنڊ
ڀيري ڀيري موڪلايو، وريو اچيو حاضر ٿئي؛ گل ڦل به،
ڀيرو ڀڃن ئي ڪين، مند تي هرڪو پنهنجيءَ پنهنجيءَ
ڏانڊيءَ ۾ ٽڙيو بهي؛ پوءِ آءٌ به، جي انهيءَ لاءِ
ئي ٿو موڪلايان ته تو وٽ موٽي اچان نه اها ته
سرواهي ڳالهه ٿي.
پر ٻڌءِ، اهو طلسم ڀل ته هليو اچي؛ هڪ تڪڙ ۾ تڙي نه ڪڍجانس.
آءٌ چوانءِ: آءٌ توکان موڪلايان ٿو، ته تون به کڻي ائين ڀانءِ
جو هي وڃڻ کي ٿو وڃي؛ پوءِ ڀل ته لڙڪن جو ڪو هيئڙو
تنهنجن اکين جي ڪاريءَ ڪنار ۾ کن پلڪ لٽڪيو رهي.
آءٌ وري تو وٽ موٽي اچان ته تون ڀل پئي مون تان کل.
45. مون سان اُهو وڙ ٿيوئي ڪونه
منهنجي گجر! آءٌ تو ڌاران ويڳاڻو، چيائون ٿي ڏاڍي پئي اُنهي
ڏهاڙي منهنجي واه واه پيئي. پر آءٌ سچ ٿو چوان،
تنهنجي پرپٺ مونکي ڪجهه اُجهيو ئي ڪونه.
منهنجي گجر! تو مون سان پرن ڪيو هو ته اُنهي ٽاڻي تون به مون
سان گڏ هوندينءَ. پر نڄاڻان مون کان ڪهڙي خطا ٿي،
جو وري تو مون وٽ ليو پاتو ئي ڪونه.
منهنجي گجر! مون ڏاڍيون سکائون سکيون هيون ته منهنجو ناماچار
نڪرندو ته تون ۽ آءٌ گڏجي ملهنداسين. مون سپنا پئي
لڌا ته تنهنجي ويٺي منهنجي خوشي ٻيڻي چپڻي ٿي
پوندي. پر نڄاڻان مونکان ڪهڙي هٿون پيئي، جومن جو
مطلب منهنجو اُهو پنو ئي ڪونه.
منهنجي گجر! مون ڏاڍا پهه پچايا هئا ته انهي نانءَ ۽ ناموس جو
باردانو آءٌ ٻجوئي کڻي تنهنجي اڳيان رکندس؛ ۽
تنهنجي هڪڙيائي نور ڀري نهار اُتس جلوو ڍاريندي ته
منهنجو پوءِ امر جس پيو ڳائبو. پر نڄاڻان منهنجيءَ
قسمت ڪهڙو پلٽو کاڌو، جو مون سان اهو وڙ ٿيو ئي
ڪونه.
منهنجي سڄڻ ساهيڙي! اهڙي سکڻي ناماچار مان مون کي ڪهڙي هوند،
ڪهڙو شڪر؟
مون کي ته سچ، منجهائنس رت جي بانس پئي اچي.
46. سڪان پيو
سڪان پيو ته توسان جيڪا ڳجهه اندر جي ڳالهه ڪرڻي اٿم، سا توکي
ٻڌايان؛ پر ڇاتي ڪانه ٿي ٿئيم؛ ڊڄان پيو ته تون
متان مونکي کلي نه مارين!
انهي ڪارڻ آءٌ پاڻهي پيو پاڻ تي کلان؛ ۽ کلندي کلندي پنهنجو راز
ڇيتيون ڪيو ڇڏيان.
پنهنجي درد سور کي آخر ۾ ئي نٿو آڻيان؛ ڊڄان پيو ته متان تون
پاڻ نه ڪا ساڻس اهڙي ڪار ڪرين.
سڪان پيو ته توسان جيڪا سچي ڳالهه ڪرڻي اٿم سا توکي ٻڌايان؛ پر
ڇاتي ڪانه ٿي ٿئيم؛ ڊڄان پيو ته متان تون مون تي
ويساهه ئي نه آڻين.
انهي ڪارڻ آءٌ ڳالهه ملايو وڃان، ۽ هڪ جي پيو ٻي چوان.
پنهنجي درد سور جي ڏيکاري اهڙي ٿو ڏيان، ڀانءِ ته درد اٿم ئي
ڪونه؛ ڊڄان پيو ته متان توکي ڪو ڪهڪاءُ پويئي نه.
سڪان پيو ته امول ڳالهه جا تنهنجي لاءِ سانڍيندو اچان، سا توکي
ٻڌايان؛ پر ڇاتي ڪانه ٿي ٿئيم؛ ڊڄان پيو ته تو وٽ
متان انهي جو قدر ئي نه ٿئي.
انهي ڪارڻ توکي پيو دڙيان، ۽ پنهنجي اُره زورائيءَ جو دم هڻان.
آءٌ توکي رنجايان ٿو، جو ڊڄان پيو ته متان تون منهنجي درد سور
جو اونو رکين.
سڪان پيو ته تنهنجيءَ ڀر ۾ ماٺ ڪري وهان؛ پر ڇاتي ڪانه ٿي ٿئيم؛
ڊڄان پيو ته دل نه منهنجي پلٽجي چپن تائين وهي
ڇڙي.
انهي ڪارڻ بڙ بڙ ڪري پيو هلڪو ڳالهايان، ۽ دل جي پڌر پايان ئي
ڪانه.
پنهنجي درد سور کي ڏاڍا ٿو مڙوٽا ڏيان؛ ڊڄان پيو ته متان تون نه
ڪي ساڻس اهڙا پار هلين.
سڪان پيو ته تو وٽان هليو وَڃان؛ پر ڇاتي ڪانه ٿي ٿئيم؛ ڊڄان
پيو ته توکي متان منهنجي ڪائنرتا جي نه کڙڪ پئجي
وڃي.
انهي ڪارڻ ڳاٽ پيو اونچو جهليان، ۽ بي پرواه، تو وٽ لنگهيو
اچان.
47. دل سالم، لوڏو کاڌو ئي ڪونه.
منهنجي گجر! تنهنجي نسبت فهم مونکي ٿورڙا ڪين وڌائون.
آءٌ سچ ٿو چوان ته دماغ جيڪي سوڍر ڪيو هو، پر دل هيءَ سالم،
اُنهي لوڏو کاڌو ئي ڪونه.
منهنجي گجر! چيائون ٿي: تون پورالي، توتي ويسهه ڪهڙو؟
آءٌ سچ چوان ته عقل جان تان ويساهيو هو؛ پر دل هيءَ سالم، اُنهي
لوڏو کاڌو ئي ڪونه.
منهنجي گجر! ٺڪر به توتي ٿورڙا ڪين ٿي ڀڳائون.
چون: تون ائٿڙي، تون اڙٻنگ، تو ۾ درد جي رتي نه جڙي، تون اڄ
هِنجي ته سڀان هُنجي، توکي ٿرٿانءُ ٺهيئي ڪونه؛
تون جوالا مکيءَ جيان، پور پويئي ته اچيو اُڀامين؛
تنهنجي اوٽ ۾ جيڪي ويٺل، اُنهنکي پوءِ آڳ جي اُلن
سان اُجڙڪيو ڇڏين؛ يا ته، چون: تون سانوڻيءَ جي
مينهن جيان، ريچڪ اچيئي ته وٺيو اوڙڪ وسائين؛
تنهنجي آسري لڳه جيڪي اُڃايل، اُنهنجا پوءِ پالوٽ
سان ڀينگا مرڳو ڀينگ ڪيو ڇڏين؛ تنهنجو ڏهون ڏاڻ،
توتي ڀروسو ڪهڙو؟
آءٌ سچ ٿو چوان ته من ڏاڍو لڏيو هو؛ پر دل هيءَ سالم، اُنهي جي
راڄدانيءَ اندر، ڊوهي ڏس ته اڃا به تنهنجي پئي
هلي.
منهنجي گجر! دل سرجيائي تنهنجي لاءِ، سا مرڪ سان ڇا لڙڪ سان، تو
مومل مٿون ئي گهوري!
48. اڙي ديوانا سرمست!
اڙي ديوانا سرمست!
زوم منجهان در کولي، وڃ بازار ۾ لُنب ٿي بهين؛ راتوڪي رات اندر،
ساري رقم ڦوڪي، سنجم کي منهن ۾ اُماڙيون تپائي
ڏين؛
بيگاهه رستن تان هلي، نڪمين شين سان راند رهين؛ نه ڪنهنجي غرض،
نه ڪنهنجي پرواه؛
طوفان جي سامهون سڙه کولي، سکان کي ٻه اڌ ڪري ڇڏين؛
ته پوءِ سو بيشڪ تنهنجي ڪَڍ لڳي، آءٌ سرمست ٿي پوان، ۽ پاڻ کڻي
ڪتن هاب ڪريان.
پاڙيوارا ڌير سياڻا، تنجي سنگ ۾ راتيون ڏهاڙا پاڻ سندا گهڻئي
وڃايا اٿم؛
گهڻيءَ ڄاڻ ڪنان سرڌونرو، ۽ گهڻيءَ نهار ڪنان اکين جي نرت جهيڻي
ٿي پيئي اٿم؛
ورهين لاڪون تر جوَ سانڍي، پاڻوٽ اُنهنجا کڻي ڍڳ لڳايا اٿم،
اُنهنکي موڙي سوڙي، مٿن بهي ناچ وجهه، انهن مڙني
کي هوا ۾ اُڏائي ڇڏ؛
ڇا کان جو آءٌ ڄاڻانٿو ته حد ڏاهپ اها ٿيندي، جو آءٌ سرمست ٿي
پوان ۽ پاڻ کڻي ڪتن هاب ڪريان.
ڇا جا سنسا؟ ڇا جا وسوسا؟ راه منهنجي ڀل گم ٿي وڃي؛ ۽ آءٌ پاڻ
ويڳاڻو وتان؛
مٿي جي ڦيريءَ واري سخت جهڙپ، ناڪيلي منهنجي، ڀل ٻهاري نئين؛
دنيا ۾ لائق انسان ۽ ڪارگر ماڻهو، ڪارائتا ۽ هنر وارا، گهڻيئي
لڀندا؛
ڪي ته سهجيئي سرخرو ٿيو پون، ڪي آب مان سان پوئتي رهجيو وڃن؛
اُهي مَرُ آسودا هجن ۽ پيا ورسن؛ آءٌ شال نڪمو ۽ نڪار ئي هجان؛
ڇا کان جو آءٌ ڄاڻان ٿو ته حد ڪاريگري اها ٿيندي، جو آءٌ سرمست
ٿي پوان، ۽ پاڻ کڻي ڪتن هاب ڪريان.
آءٌ قسم کڻي ٿو چوان ته مون هن دم شايستگيءَ جي دعويٰ ڇڏي؛
وديا جو هٺ ۽ وويڪ جو ايمان به مون ڦٽو ڪيو؛ چيتي جو ٿانو سلامت
ڪونه رکندس؛ پڇاڙيءَ وارو منجهس جيڪو لڙڪن جو ڦڙو
پيو هوندو، سو هاري ڇڏيندس؛
ٻير رنگي شراب جي گجي، انهي مان پنهنجي کل کل کي تر ڪرائي،
چلڪائيندوسانس؛
هي ماڻهپي ۽ مرجادا جو نغمو، ڳهيلائيءَ جي صدقي، ليڙون ڪري
ڇڏيندس؛
آءٌ اهو پاڪ پرن ڪندس ته آءٌ نڪار بدڪار بڻجان، ته آءٌ سرمست ٿي
پوان، ۽ پاڻ کڻي ڪتن هاب ڪريان.
49. چيائين: آءٌ مٺا، تنهنجي آهيانءِ!
سپني وارو اونداهو گس وٺي، مون هيٺ مٿي پئي نهاريو، ته هيءَ
مومل، اوچتو ئي اوچتو، منهنجي اچي ڀر ۾ بيٺي؛ ۽
منهنجو جاڏو هٿ پنهنجي پشم جهڙي ڪونئري هٿ ۾ جهلي،
مونکي چيائين: آءٌ مٺا، تنهنجي آهيانءِ!
آءٌ جڏهانڪر سرجيس، تڏهانڪر ويڳاڻو وتان. دل هيءَ ڏکن ڏڌي، آءٌ
نه سنبران، اُنهيءَ سڀاڳيءَ گهريءَ کان اڳه، ڪنهن
به سندس هنياري ورتي.
آءٌ پاڻ کان پيو پڇان: هي وڙ مونسان ڪئن ٿيو؟ مون ته هنکي ڏٺو
نه وائٺو، مونکي هن ڪٿون ڳولي لڌو؟ ته ڪنڌ پنهنجو
کڻي منهنجي اُره تي رکيائين؛ مونکي مرڪي چيائين:
آءٌ مٺا، تنهنجي آهيانءِ!
اُنهي گهريءَ لاڪون، آءٌ ماڻهو ئي ٻيو ٿي پيو آهيان. مونکي
ڏينهن رات، تات سندس ٿي رهي. يا ته مونکي سندس
نالو به نه ٿي آيو. هنئر نت، مونکي وائي سندس وات
آهي.
آءٌ اڃا به اچرج پيو کان ته هن گجر جو مونسان پيچ ڪئن پيو؟
چوان: آءٌ ڀاگ اولو. هن مومل جو مونسان لکيو ڪئن ٿيو؟
نه ڄاڻان پورب جنم ۾، مون ڪمائي ڪا چڱي ڪئي هئي، جو هئن اوچتو
ئي اوچتو اهڙي سڄڻ ساهيڙي مونکي ملي ويئي!
پوءِ دنيا جا دکه سور آءٌ لکايان ڇو؟
دنيا پيئي جکه ماري، آءٌ من ڏر مايان ڇو؟
50. سنياسي آءٌ هڏڪو نه ٿيندس.
نه، منهنجا دوستو! اوهان ڇا به ويٺا چئو؛ سنياسي آءٌ هڏڪو نه
ٿيندس.
پاڻ مونسان گڏ قسم نه کاڌائين، ته به سنياسي آءٌ هڏڪو نه ٿيندس.
نه، منهنجا دوستو! کل کل جي ڇم ڇم جو پرلاءُ منجهس نه ٻڌو، سرخ
رئي جي پلو هوا ۾ ڦڙ ڦڙ نه ڪئي، سنهڙيءَ سس پس
ڪنان سندس ماٺ وڌيڪ ماٺي نه لڳي، ته آءٌ گهر تڙ
گهوري، جهنگ منهن ڏيئي هڏڪو نه ٿيندس.
51. دل جيڪي اُڇانگ ماريا! من جيڪي خار کاڌا!
بيرنگي باغ جي گلابي گل، بسنت جي رت ۾، هڪ لڱا، روپونتيءَ
سندريءَ جو بيکه ڌاري، مونکي اچي هڪ آني لاءِ وات
وڌو!
اُنهي ويل منهنجيءَ دل جيڪي اُڇانگ ماريا!
چوان پيو: وڏا ڀاڳ منهنجا، جو پاڻ مرادو اڄ مونکان ڪجهه
گهريائين ته سهين.
مون اُٿنديئي، اڌوراڙيءَ ڳوٿريءَ منجهان، سڄو سارو کيس آڌيو ڪڍي
ڏنو!
بيرنگي باغ جي گلابي گل، سياري جي موسم ۾، هڪ لڱا، ناتوان پوڙهي
جو بيکه ڌاري، مونکي اچي هڪ آني لاءِ وات وڌو.
اُنهي ويل منهنجي من جيڪي خار کاڌا!
چوان پيو: هٿن جو پورهيو ڪري، ڇو نه ٿو وڃين ڪمائي؟
جيتوڻيڪ، ڀريءَ ڳوٿريءَ مان، ڏوڪڙ هڪڙو مون اُنهي کي به ڪڍي
ڏنو!
52. اڄ ميڙو ڦوڪ وهيڻن جو.
هلڻ هارا سپرين، اُنهن کي آسيس ڪر، ته سکه سان اُسهن؛ سندن قدم
پدم جو نشان پوءِ بنهه ٻهاري ڇڏ.
سنهنجو، واجبي، ۽ جيڪي هٿ ويجهو هجي، کلندي منهن، انهي کي کڻي
ڳِري لاءِ.
اڄ ميڙو ڦوڪ وهيڻن جو اٿيئي، جنکي سڌ ڪانهي ته ڪڏهن ٿا دم ڏيون.
لهرن جي چوٽيءَ تي جئن جوت ڍري، تُنهنجي مرڪ ڀل ته اُنهي
وانگوري معنيٰ عيش هجي.
پن جي ڪنار تي جئن ماڪ ڦڙو نچي، تنهنجي زندگي به ڀل ته اُتين،
ڪنهن به هرکه سوڳ ڌاران، ڪال جي ڪنار تي چڪليون
پائي.
پنهنجي تنبوري جون تارون وڄاءِ، ته رکي رکي اُهي تُن تُن ڪن، جا
وري ڪعت ٻڌي نه هجي.
53. تنهنجا مونسان وعدا ڪهڙا؟
منهنجي حياتي هونئن وه، تنهنجيءَ مصريءَ جهڙيءَ محبت آرون پار
منجهس ميٺاج پئي اوتيو.
وڇوڙي جي ولهه ۾، هنئر وري به، ڏکن ڏڌي پڙوٽجي پئي.
منهنجي پٺاڻي گجر! تنهنجا نه ته مونسان وعدا ڪهڙا؟ ۽ هينئر وري
تنهنجا پار هي!
آءٌ اُڪنڊيو ته ڀيرو ڀڃان ئي ڪونه.
منجهند يا صبوح، ڌرتتيءَ يا آڌيءَ ٽاڻي، ڏينهن ۾ ٻيو نه ته هڪ
لڱا مڙيوئي، تنهنجي چائنٺ اوس اچيو چمان.
پر ڄاڻان ڪهڙي کر مون نسبت تنهنجي دل تي ڪٽر وڌو؛ جو تون هنئر
مونکي مورڳو پنهنجو منهن نه ڏيکارين.
چمين جي چاش منهنجن چپن کان اڃا اُها وسري ڪانه ٿي.
اُهي ڀاڪرن جا ور اڃا به مونکي جيارين پيا.
هونئن نه ته، هن ويرانيءَ منهنجي ڪا نري نشان رهي؟
54. آءٌ کڻي ٿو پچر ڇڏيان.
بس، جي اهڙي وڻي اٿيئي ته آءٌ پنهنجو راڳ کڻي ٿو بند ڪريان.
بس، جي ڇاتيءَ ۾ اچيو ٿي دڪ دڪ ٿئيئي، ته آءٌ منهن تان تنهنجي
اکيون کڻي ٿو ڦيرايان.
بس، جي هلندي هلندي، اوچتو اچيو ٿي ڏڪڻي وٺيئي، ته آءٌ ماڳوئي
ڦيري، سڙڪ کڻي ٿو ٻي وٺان.
بس، جي هارن پونئندي اچيو ٿو مونجهو لڳيئي، ته آءٌ ڦلواڙيءَ جي
کڻي ٿو پچر ڇڏيان.
بس، جي پاڻي ٿو لڙاٽجيئي، ته آءٌ تنهنجي ڪنٺي تان ٻيڙي کڻي ٿو
نه هاڪاريان.
55. ٻاجهه ڀري! تنهنجا مونتي ٿورا انيڪ.
آءٌ جيتوڻيڪ آس نپٽ لاهي ڪانه ويٺو هوس؛ ته به اُميد مونکي خير
ڪا هئي.
چوان پيو: کر هچاري چارئي چارا بندي ڇڏيا، تو گجر جو وري ته
مونسان مکا ميلو ٿيندو ئي ڪونه!
پر ٻاجهه ڀري! تنهنجا مونتي ٿورا انيڪ، تون ويرين جي وچمون به
واٽ جوڙي، اچي مون تائين پهتينءَ.
پوءِ آءٌ تنهنجا ڳڻ ڪئن نه ڳائيان؟
وڇوڙي جي ولهه ۾، منهنجي دل، نه ته پڙوٽي پئي.
ڏهنئي ڏسائن کان ڪارا ڪڪر اُتس ڇائنجي ويا هئا.
مون پئي پنهنجو ڪرم پٽيو ته هاءِ گهوڙا! تون پٽول، وري، پڙ
منهنجي ۾ پير پائيندينءَ ئي ڪانه!
پر قرب واري! توکي واٽون سوَ ياد، تون چارين کي به اکين ۾ سرمو
پائي، پاڻ مرادو مون وٽ لنگهي آئينءَ
پوءِ آءٌ تو تان ٻلهار ڪئن نه وڃان؟
56. حسن واري! آءُ ته هڪ ٿي وڃون.
پياري جا! دل منهنجي، سڪ ٻڏنديون اکيون کنيو، رات ڏينهن واجهائي
پئي ته ڪٿي توسان ملاقات ڪريان- اُها ملاقات جا
موت مثل سڀ نهوڙيو نئين.
طوفان جيان مونکي صفا ٻهاري پائي ڇڏ؛ جيڪي مون وٽ ڏسين، اُهو سڀ
چوئي چپوئي کڻ؛ ننڊ ڦٽائي سپنا منهنجا ڪُل مونکان
ڦري ني؛ منهنجي هن ٽڪساٺ جو لحاظ ڪرئي ڪونه.
اُنهي سُڃ اَندر، انهي روح سنديءَ ولهه ۾، پوءِ حسن واري! آءُ
ته هڪ ٿي وڃون.
پر اها سَڌَ فضول ڪانه چئبي؟ تو ڌاران اي ڌڻي! اهڙي وصل جو ٻيو
آسرو ڪٿي؟
57. آءٌ اٻوجهه، منهنجي وهي ڇا؟
منهنجا ڍول! آءٌ اٻوجهه، منهنجي وهي ڇا؟ تو جو سرتين جي وچمون
مونکي چونڊي کنيو، سو ڇو؟
آءٌ نه ته گلاب وانگر پئي ٽڙيس. وهسندي ٿي منهنجو ڏينهن نبريو.
رات جو به هنڌ تي ليٽيس ته وري صبوح جا سنڌا. هنئر ته پويون
صبوح ٿيو وڃي ته اکه منهنجي ڀڄي ئي ڪانه.
منهنجا ڍول! آءٌ البيلي، منهنجي وهي ڇا؟ تو جو جيڏين جي وچمون
مونکي اچي جهٽي نيو، سو ڇو؟
آءٌ نه ته واڙيءَ ڦل جئن پئي وهسيس. نچندي ٿي منهنجو دم نبهيو.
نه چنتا نه چوراسي، مون ڀلئي ڀلائي نه ڳڻتي ڀوڳي.
هنئر ته رات ڏينهن پئي پڙوٽجان، پنبڻي منهنجي پنبڻيءَ سان مڙي
ئي ڪانه.
منهنجا ڍول! تنهنجي سڪ ۾، رتُ منهنجي منهن مان نپٽ سڪي ويو؛ مون
بلڪ هڏن جا هاڏوڙا به ڏئي ڇڏيا؛ دل سا منهنجي، در
ناسنتو ٿي پئي؛ انهي مان هنئر برابر، ڏينهن رات
جوت پئي ڍري!
58. سُنهڻا به ڪڏهن باندي ٿيا؟
تڏهن راڳن کي ڀلا ڀوڳ پاءِ؛ اُٿ ته پاڻ پڃر ڦٽي ڪريون.
رات وهامي وڃي، ته هن کي سنڀارج نه.
آءٌ مٿا هڻي، ڀاڪر ۾ جهليان ڪنهنکي ٿو؟ سنهڻا به ڪڏهن باندي
ٿيا؟
هٿ مشتاق، خانگيءَ کي پيا سيني سان لڳائين. ڇاتي منهنجي پوءِ
چاڪ چاڪ ٿيو پوي. |