ڪونجون ڪوهن جا ڪوهه کنڀڙاٽيون هڻنديون، هيج مان
مِٺيون ٻوليون ڪنديون نيٺ اچي سارين جي پوک ڀيڙيون
ٿينديون ۽ رات جي ٽاڻي ڪنهن نه ڪنهن پوک تي اچي
لهنديون. سارو سال سارين جون سڪايل ڪونجون
ويچاريون ساريون کائي جشن ملهائينديون. وري هڪ هنڌ
ويهي ڪنهن جو جهڳو جهڻ نه ڪنديون آهن. هڪ کيت ڀيٽي
وري ٻئي کيت ڏي مُنهن ڪنديون ۽ ائين ڪندي ٻئي تان
ٽئين تي ۽ ٽئين تان چوٿين تي وينديون ۽ اهو ٻارهين
مهيني جو شيل ڪري سارين جي مند ڪاٽي وري پنهنجن
ماڳن تي موٽنديون ۽ سڄو ورهيه وري نه ڏسبيون. الله
سائين گهڻيي هن جڳ ۾ جوڙ ۽ جنسار اُپايا آهن، پر
ڪونجن جو ڏيک ويک اهڙو ته پيارو ۽ دل کي سيبائيندڙ
آهي، جنهن کي ڏسي ڪنهن اڀاڳي کي ڌڻي ياد نه ايندو.
ولر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،
پسو پکيئڙن، ماڻهئان ميٺ گهڻو.
ڪيترن سگهڙن ۽ ڪويِن ڪونج تي گيت ۽ بيت به ٺاهيا آهن، جي دل
لڀائي ٿا وٺن. اوهان کي انهن مان ڪي هٿ اچن ته ٻڌي
سڻي پوءِ پاڻ مٺي سر ۽ آلاپ ۾ آلاپجو. ڏسجو متان
ڪن ٽار ڪري ڇڏيو.
47- روهيڙو
ٿر جي بَرَ ۾ جتي واري ئي واري هوندي آهي، اتي ڪي جهنگلي ٻوٽا
ٿين. مينهن پوي ته سوين گاهه ڦٽي نڪرن پر ڪي به
ڪارائتا وڻ ڪونه ٿين. وڻن کي کپي ڏاڍي ڌرتي جنهن ۾
سوگهيون پاڙون هڻي سگهن. ان هوندي به اتي ڪنڊا،
ڪونڀٽ، ڄاريون، کٻڙ، سِرِنگهُو، ڪانَهِه ۽ ڪرڙن جا
وڻ ٿيندا آهن. ليار رڳو ننگر پارڪر جي ڪارونجهر
ٽَڪر تي ٿين. نم جا وڻ به ڪٿي ڪٿي ٿين. پارڪر ۾
چڱي ڳاڻيٽي ۾ ٿين. اتي ڪاٺي ڦينجهو ۽ ڇوڏو ڇينڀو
وڍڻ جي ڪابه سرڪار ڪنان جهل پل ڪانهي. رڳو هڪ وڻ
روهيڙو آهي، جنهن جي وڍڻ ۽ ڪپڻ کي ڏوهه ٺهرايو ويو
آهي. ان جا ڪارڻ ٻه آهن: هڪ ته انهيءَ وڻ جو ڪاٺ
تمام ڪمائتو آهي، ٻيو ته اهو وڻ ٿر ۾ تمام ٿورو
آهي ۽ ٽيون ته اهو وڻ ٿر جي ڦلواڙي آهي. بسنت جي
مند اچي ته هن وڻ ۾ پن ڦٽي پون. جهڙيءَ ريت هتي به
بهار ۾ وڻن ۾ ڦوٽهڙو ٿئي،. اوهان کي سڌ آهي ته
سڀني گاهن ۽ وڻڻ جا پن سائي رنگ جا ٿيندا آهن، پر
روهيڙي جا پن ٻن رنگن جا هوندا آهن: هڪڙا ڳاڙها
گلابي ۽ ٻيا پيلا هيڊي رنگ جهڙا. جڏهن روهيڙا پنن
سان ڇانئجي ويندا آهن ته بس انهن کي ڏسيو ويٺو
ڏسجي. مور ۽ ڊيلون ته مست ٿي روهيڙن جي ٽارين تي
ويهي ميائو ميائو جي ڌن ٻڌي ڏينديون آهن ۽ سندن
ڇانوَ به اهڙي سک سانت واري هوندي آهي، جو روهيڙي
هيٺان گندي پکيڙي سمهي پئو ته ڄڻ ڀنگ جو نشو چڙهي
ويو. پنن ۾ سڳنڌ ڪانه ٿئين نه ته وڏا وڏا ماڻهو به
هوند وڃن. روهيڙو هتي ورلو ڪو ڏسجي نه ته هتي جا
ماڻهو هوند گهمائي وٺنس ۽ وڍي لاهه به ڪڍي ڦٽا ڪنس
ڇو جو هن جي ڪاٺي ڪمائتي آهي.
48- مور
جيئن جانورن ۾ هرڻ سهڻو آهي، تيئن پکين ۾ مور سان دنگ لڳو پيو
آهي. چيها، قُمريون، بلبليون، ٻاٻيها يعني پپيها،
چتون، مينائون، ڪاٺ_ ڪُٽا ۽ ٻيا ڪيترا پکي برابر
سهڻا آهن،پر مور جو مٽ ڪونهي. ماڻهو ڪنهن پنهنجي
پياري کي ڪڏهن به ڪونه چوندا ته منهنجا ٻاٻيها يا
منهنجا چتون يا منهنجا بربلا يا منهنجا چيها؛ پر
وڏي پيار سان پنهنجي پياري سنگتيءَ کي يا وڏي
ماڻهوءَ کي چوندا آهن ته ”حاضر منهنجا مور، اوهان
جو حڪم اکين تي!“ اوهان ته ائين ئي ٻڌو هوندو ته
مور باغن ۾ رهن، پر ائين نه آهي، ٿر جي برپٽ ۾ جتي
ڪوبه ڦل ڦول ڪونه ٿئي، اُتي مورن جا ولر ڏسڻ ۾
ايندا آهن، جنهن مَڙهي ۾ لهه ته مور پيا ٻوليندا.
وري ڊيلون ته انهن کان به گهڻيون. جهوپائن ڳوٺڙن
وارن گهرن جي ٻاهران. بنا ڊپ ڊاءَ جي ٻاهر ڇڏيل
ڪچري ۾ ساڳين ڪڪڙين وانگر پيرن سان ٻوهر ڦولهي، ان
مان ٻاجهريءَ جا داڻا پيون کائينديون. ڊيل اهڙي
سهڻي نه ٿيندي آهي جهڙو مور. ساڳيءَ طرح ساهه وارن
جي ٻين قسمن ۾ به نر ماديءَ کان سهڻو ٿيندو آهي_
جهڙوڪ ڪُڪُڙ، ڪُڪِڙ کان، جهرڪ جهرڪيءَ کان، ڏاند
ڳئون کان، اُٺ ڏاچيءَ کان، هرڻ هرڻيءَ کان ۽
اهڙيءَ ريت ٻيا. هڪ ڳالهه آهي جو ماڻهن ۾ زالون
چون ته اسين سهڻيون ۽ مرد چون ته اسين. زال ۽ مڙس
جو پيارهوندو آهي ته زال مڙس کي چوندي آهي ته تون
مون کان موچارو آهين ۽ مرد زال کي چوندو آهي ته
نه، تون مون کان سونهن ۾ سرس آهين.
خير، مور جي ڳالهه ٿي ڪيم. ڏسو ته سندس کنڀ ڪهڙا ته سهڻا آهن.
ڪهڙا ڪهڙا منجهن ڌڻيءَ سڳوري رنگ ڀريا آهن. ڳچي
ڊگهي، چهنب وزنائتي، منهن ننڍڙو، ڳلن تي ٽڪيون.
اهڙيءَ ريت پَرن تي به ٽڪيون. پر سڀ کان وڌ آهي
سندس ڊگهو پُڇ، جو سندس ڊيل ڊول کي سهڻو بنائي ٿو.
اوهان ڪڏهن مور جو ناچ ڏٺو آهي. ”سبحان الله!“
جڏهن پُڇ کنڊيري، پُڇ جا کَنڀ هڪ گولائيءَ ۾ مٿي
ڪندو اهي ته ڏندين آڱريون اچي وينديون آهن. ماڻهو
ڏسندي ڏسندي، بت بنجي ويندو آهي. ناچ ۾ نڪو ناچو
پهچيس، نڪا ناچڻي، ائين پير کڻندو آهي ۽ جهمريون
پائيندو آهي جو چئبو ته مور اهڙو ناچ ڪنهن
هوشيارناچڻيءَ کان سکيو آهي ڇا؟ پر ناچڻي ڇاجي،
اها ته هن کي خدا کان ڏات مليل آهي. اها ڳالهه به
ٻڌي هوندوَ ته جڏهن پنهنجي ڊگهي ڳچي ورائي پاڻ کي
ڏسندو آهي ته پنهنجي ٽنگن تي ڏک ڪندو آهي، جي
ڪاريون هونديون اٿس ۽ اهڙيون سهڻيون نه هونديون
اٿس، جهڙو ٻيو بُت.
ناچ ڪندي ڪندي، اکين مان ڳوڙها وهندا اٿس، جا ڊيل پنهنجي چُهنب
۾ وٺي ڳهي ويندي آهي. چون ٿا ته ائين ڪرڻ سان ڊيل
’گرڀبي‘ آهي ۽ آنا لاهيندي آهي ۽ ٻچا ڄڻيندي آهي.
جي اهي لڙڪ نه جهٽي ته آنو ڪونه لاهي ۽ ٻچو ڪونه
ڦوڙي. سڀ ساراهه ڌڻيءَ کي جڳائي. اوهان مور ۽
ڊيلون شهرن ۾ به ڏٺا هوندا. ماڻهو پنهنجن گهرن ۾
پيار سان پاليندا اٿن. مور جو پيار ماڻهن سان ۽
ماڻهن جو مور سان هوندو آهي. ان ڪري مور ماڻهن جي
ويريءَ جو ڏاڍو ويري ٿئي. نانگ جي لاءِ ته بنهه اڻ
کُٽيءَ جو موت آهي. اوهان اهو رؤنشو شايد نه ڏٺو
هوندو. ٿر ۾ ته نانگ ۽ بلائون کوڙ آهن. مور ڪنهن
وڻ تي ويٺو هوندو آهي. سندس ڏسڻ جي سگهه به تکي
ٿئي. جي اوچتو مٿان، ڪنهن هيٺ هلندڙ نانگ تي اک
پيس ته عقاب وانگر لُوهه ڪري هيٺ لهندو. عقاب ته
چنبي سان شڪار ڪندو آهي، پر مور ڇا ڪندو جو نانگ
جي پڇڙيءَ کي اچي چهنب ۾ جهليندو ۽ ان کي کڻي وٺي
مٿي اڏامندو. نانگ ويچارو سڌوئي سڌو لٺ ٿيو لڙڪيو
پيو هوندو ۽ وري سَري به ڪين سگهندو جو وڙهي. پوءِ
مور ڇا ڪندو آهي جو نانگ کي وٺي ڦيرائيندو آهي.
ڦيرائي ڦيرائي کڻي هيٺ سٽيندو اٿس ته اچي ڦهڪو
ڪند. ڌڪ ڏاڍو ايندو اٿس ۽ هيٺ ڪِري وري وٺي ڀڄندو
آهي، پر مور کان ڪٿي ٿو جند ڇڏائي. مور ٻيهربه اچي
ساڻس ساڳي ڪار ڪندو. ائين پنج- ڇهه گهمرا هن کي
مٿي کڻي ويندو ۽ هيٺ پيو سٽيندو. نيٺ نانگ جي ٻوٿي
ڦٽجي پوندي ۽ ڦٿڪي ڦٿڪي ساهه ڏيندو. واهه ڙي مور
واهه!
مور هندن، جينن ۽ ٻين ڌرمن جي ماڻهن جو پوتر پکي آهي، جي ان جي
پوڄا ڪندا آهن. مور جي پڇ جي کنڀن مان مورڇل ٺاهيا
ويندا آهن، جي سيکَ ماهو گرو گرنٿ صاحب جي پستڪ تي
۽ ٻيا هندو گيتا جي پوتر پستڪ تي وڃڻي وانگر هوا
ڪندا آهن. اسان مسلمان به مور جي کنڀن جي ٽڪين کي
قرآن شريف ۾ سَنڌن (وَڍ) وانگر وجهي ڇڏيندا آهيون.
مور جي کنڀن مان سهڻا ۽ سندر وڃڻا به ٺهن، جن جي
هوا گرميءَ ۾ منهن ۽ بت تي لڳڻ سان آنند اچي ويندو
آهي. ٻڌو سائين مور حلال به آهي، ان ڪري ڪيترا
مسلمان ڪهي ٻوڙ رڌي کائيندا به آهن، پر ائين ٿورا
ماڻهو ڪندا آهن. مون مور گهڻوکاڌو آهي،. گوشت بلڪل
ڪڪڙ جهڙو اٿس. ٻوڙ رڌيو جي سُڌ نه هوندي ته ڀانئبو
ته ڪڪڙ جو آهي. ٻنهي ڪڪڙ ۽ مور جي ماس ۾ ڀيد رڳو
اهو آهي جو ڪڪڙ جو گوشت اڇو ۽ مور جو ڳاڙهو هوندو
آهي. مور جون ڪهڙيون ڪهاڻيون ڪجن.
49- پونئرا
جڏهن کوهن جي سنڀال نه ڪبي آهي ته انهن ۾ اندر ڪاري گپ گڏ ٿي
ويندي آهي، جنهن ۾ ڌپ ٿي پوندي آهي. ائين ٿيو ته
ان ۾ هڪڙا ننڍڙا ڪيڙا جن کي پونئرا چئبو آهي. سي
جنم وٺندا آهن. اهي پونُئرا هزارن جي ڳاڻيٽي ۾
هوندا آهن. کوهن جو پاڻي ماڻهن جي پيئڻ لاءِ ڪم
ايندو آهي، پوءِ جو ان پاڻيءَ ۾ اهي ڪيڙا پيا ۽
اهي ماڻهو جي پيٽ ويا ته اَگها نه ٿيندا ته ٻيو ڇا
ٿيندو؟ نيٺ پونُئرن جي ڪري دانهن ڪوڪ مچي ويندي ۽
سرڪار پنهنجا ماڻهو موڪليندي ته کوهن ۾ وڃي دوا
وجهن ته اهي پونُئرا مري وڃن ۽ بيماري نه پکڙجي.
اها دوا جيڪا پاڻيءَ ۾ وجهبي آهي، ان کي چوندا آهن ”پوٽيشنم پرمئگنيٽ.“ اها دوا ڳاڙهي رنگ جي
ٿيندي آهي، ان ڪري کوهه جو پاڻي به سڄو ڳاڙهو ٿي
ويندو آهي، پر پيئڻ ۾ ڇيهو ڪونه رسائي. دوا نه ملي
ته ٻيو بلو هيءُ آهي، پاڻي ڪاڙهي ۽ پوءِ ٺاري پيئڻ
کان اڳ ان کي ڇاڻبو به آهي ته مئل پونئرا پيئڻ جي
پاڻيءَ ۾ نه وڃن، پر اهو ڪم سيڙپ ۽ ڏکيائيءَ جو
آهي. پاڻي هر هرڪاڙهڻ، ٺارڻ ۽ ڇاڻڻ ۾ ڪيتري ئي دير
۽ گهِل ٿئي ٿي.ان ڪري دوا سان اهو ڪم سولو ٿو ٿئي.
ماڻهو پنهنجي گهرن جي مَٽَن دلِن کي به ڌوئن ڪونه، هڪڙي پاڻيءَ
مٿان ٻيو وجهن. نيٺ ته دلن ۽ مٽن ۾ به پونُئرا
پئجيو وڃن. نانواين جي هٿن تي ته گدلائي ڏاڍي
هوندي آهي، جيڪو ايندو، سو گلاس يا ڪَرِي ٽُٻڙڪ
ڪري کڻي مٽ ۾ وجهندو ۽ هٿ به پاڻيءَ ۾ ٻوڙيندو. ان
ڪري پاڻيءَ ۾ بانس به ٿيندي ۽ پؤنُئرا به پوندا.
گهرن ۾ ٻار ٻچا به ائين ڪندا آهن. بس سٺائي سٿرائي
نه رکڻ آهي پونُئرن کي نيند ڏيڻ ته اچو، اچي اسان
جو ڪم لاهيو. ٿوري ئي ڍلائي ڪرڻ مان ڪيڏو نه اُگرو
ڦل ٿو نڪري! اسان کي ان ڪري گهرجي ته پيئڻ جي
پاڻيءَ وارين جاين جي سٿرائي صفائي رکون. کوهن جي
ڀرسان ڪِن ڪچرو ۽ گپ چڪ نه ڪريون. کوهه ۾ جيڪو
ٻوڪو يا لوٽو يا باردي يا دَٻو پاڻيءَ ڀرڻ لاءِ
وجهون، سو اڇو اجرو هجي ۽ گهرن ۾ به مٽ، دلا ڏهاڙي
ڌوئجن. جي ائين نه ڪبو ته پونُئرا پيٽ ۾ وڃي خُلم
ٻاريندا ۽ گهر وارن جا پيٽ وڌي پوندا ۽ پيٽ جي
ڀرتي ٿي پوندن. پوءِ وڃي ويڄن جي ور چڙهندا، جي
کين ڦُري ڪندا ڀينگيو. ڏسو ته ٿوري ڍل ڪيڏا نه وڏا
ڇيها ٿي رسائي. پونُئرا اسان جا ويري آهن ۽ چوندا
آهن ته ”ويري وڍيا ڀلا“، يعني مئا ڀلا آهن. اڳتي
ڀلائي ڪري پنهنجي چڱڀلائي جو ڌيان رکجو. هن کان
پوءِ ائين ڪندا ڪِ نه؟ آس اٿم ته هن کان پوءِ
پنهنجي بچاءَ لاءِ پڪو پهه ڪندا.
50- چچڙ، ڄوا ۽ ٻگهيون
ماڻهو به هڪ نِرڄو ساهه وارو آهي ۽ سندس پٺيان ڌڻيءَ سڳوري ڪيئي
بلائون بڇي ڇڏيون آهن. پر ڇٽل ٻيا ساهه وارا به
ڪين آهن. ڪُتا ٻليون ۽ ٻيو مال به جيوڙن کان آجو
ڪونهي. مال وندو ماڻهو به گهڻو اُلڪو ڪونه رکن.
پنهنجي مال کي ڪڏهن وهنجاري اَڇو اُجرو ڪين ڪن.
ورهين جا ورهيه لنگهي وڃن پر ويچارن کي هٿ به ڪونه
لائين. نه وري انهن جا وٿاڻ سٿرا رکن. ڪتا، ٻلا ته
ٿيا بي واها، پر جيڪي ڪتا ٻلا ڌارين، اهي اُنهن جي
سنڀال سڙي به چڱيءَ پر نه وٺندا آهن.
اوهان ڪڏهن ڪڏهن ڏٺو هوندو ته مال ويچاري تي ٽن جيوڙن جي جُلهه
هندي ئي هوندي آهي. انهن ۾ هڪڙا هوندا آهن چچڙ،
اهي ننڍا ڳاڙها جيت هوندا آهن، جي سندن سڄي بت تي
پر گهڻو ڪري ڳچيءَ تي چنبڙي ويندا آهن ۽ مال جي کل
پٽي رت پيئندا آهن. سنڌي زبان ۾ چوڻي آهي ته ”تون
چچڙ وانگي چُهٽي ٿو وڃين.“ سو سچي پچي ته چچڙ
نڀاڳو آهي به اهڙو جو چُهٽو ته ڇڏي ڇو ٿو!
ٻي آپدا آهي ڄوا. هي به گول گول جيت آهي، جنهن جي کل رٻڙ جهڙي
هوندي آهي. اهي به مال کي چهٽي انهن جو رت چوسيندا
آهن. جهڙا ڊِڻا، ماريون ته ڪارو رت نڪري ايندن،
جيڪو پيتو هوندائون. ڏاڍا ڪِنا هوندا آهن ۽ ڏٺي
بڇان ئي وٺندي آهي. اهي به مال وندو هٿن سان پٽي
ڪڍندا آهن. توبهه توبهه!
ٽيون ٿين ٻگهيون، اهي به مال تي ويهي وڃن ته اُٿن ئي ڪين. هڪلي
هڪلي بيهو ته وري به ساڳيءَ ڀيڻيءَ تي ويهنديون.
انهن کي انگريزيءَ ۾ چوندا ئي آهن ”ڊاگ فلاءِ“
يعني ڪُتي جي مک. ڪڏهن ڪڏهن ڪا ٻگهي ڪتي يا مال
تان اٿي آئي ته ماڻهو تي به اچي ويهندي آهي.
هڪليوس ته وري به ساڳيءَ جاءِ تي ويهندي، وٺڻ ته
بنهه ڪين ڏئي. هڪڙي اٽڪل آهي جو هٿ ٻانهن يا پير
تي ويهي ته هوريان هوريان بنان هٿ پير چورڻ جي
ٻگهيءَ جي مٿان ٿوڪ ڏجي ته بنهه اُٿي ۽ اڏامي نه
سگهندي، پوءِ هٿ سان سولائيءَ سان کڻي جهليوس ۽
ماري نپوڙي ڦٽو ڪيوس. ٻي ڪا واهه ڪانهي.
ٻگهي اهڙي ته نڀاڳي آهي، جو شال نه ڪنهن جي ڪَنَ ۾ گهڙي، ان ڪري
جڏهن ٻگهي ڏسجي ته ڪنن جو بچاءَ ڪجي. ڪن ۾ ويئي ته
ٻوڙو ڪري ماري وجهندي.
هنن ڀيانڪ جيتن کان بچڻ جو اُپاءُ آهي سٺائي يا اُجلائي. ڏسو ته
سٺائيءَ ۽ سٿرائيءَ ۾ ڪيڏو نه لاڀ آهي. ماڻهوءَ
لاءِ وهنجڻ سنهجڻ، ڪپڙا اُجرا رکڻ ڏاڍي سُٺي ڳالهه
آهي. ان ڪري اُجرائي لاءِ حديثن ۾ آيو آهي ته
”صفائي ايمان آهي.“ بت تي مٽي چڙهي ته چمڙيءَ جا
سنها ٽنگ بند ٿي ويندا. پگهر، جو هڪ وِهه آهي سو
ڪونه نڪرندو. بت ۾ ڪِني بانس ٿيندي ڀر ۾ ڪو بيهڻ
به ڪين ڏيندو. اسان کي کپي ته اجرائيءَ جو ڌيان
رکون. ننڍڙن ٻارن کي روز وهنجاريون ۽ انهن جا لٽا
مٽايون. سٺائي سٿرائي هزارين بيمارين جو بچاءُ
آهي.
51- ٻَڦو، لِيکون، ڄيون، جُون ۽ گهٽا
مٿي جا وار ماڻهوءَ لاءِ گرميءَ سرديءَ جو بچاءُ به آهن ته
سونهن به آهن. انهن جي سٺائي رکڻ سڀ کان ڀلو ڪم
آهي. مٿي کي تيل مکڻ، ڦڻي ڏيڻ ۽ وهنجي مٿو اُجرو
ڪرڻ مکيه ڳالهيون آهن. چوندا آهن ته ”وار ته ڦڻي
نه ته ڪوڙاءِ کڻي، ڌڻ ته ڌڻي، نه ته وڪڻ کڻي.“ سو
ڳالهه ٿي ڪيم ته اڇائي اُجرائي مول متو اهي نه ته
وارن ۾ گهڻي ئي آپدائون اچي واسو ڪنديون. اهي
بلائون آهن، ٻَڦو، لِيکون، ڄَيون، جُون ۽ گهَٽا.
پهريائين وارن ۾ اڇيون اڇيون ذرڙن جيڏيون ليکيون پونديون آهن،
اهي هونديون آهن جوئن جو نوٽيس. اهي ليکون وارن جي
پاڙن ۾ چنبڙيون پيون هونديون آهن. منجهن ساهه اڃا
نه پيو هوندو آهي. جي ڪچائيءَ ۾ انهن جو بلو نه
ٿيو ۽ جي ساهه پين ته ڦري ٿينديون ڄيون. ڄيون
ننڍڙيون ننڍڙيون ڳاڙهيون هونديون آهن، جي جُوئن جا
ٻچا هونديون آهن ۽ نڀاڳيون اهڙا ته مٿي ۾ چڪ
هڻنديون آهن جو مٿو کنهي کنهي ٿڪجي پئبو آهي. اڃا
به ماڻهوءَ بي ڌياني ڪئي ته اهي ڄيون وڌي ٿينديون
جون. پوءِ ته جهل پُٽي آئي کُٽي. ڦڻيون ڏي، ڪڙا
تيل وجهه، ٻيا اُپاءُ ڳول، پر مٿي جو رت پِي
وينديون. جنهن هنڌ ۾ ماڻهو رات جو سمهندو سو به
جوئن سان ڀرجي ويندو. ان مان وري ٻي بڇڙائي جنم
وٺندي. ماڻهوءَ جي صدريءَ چولي ۽ سٿڻ جي ابداڻي ۾
به وڃي گهر ڪنديون ۽ ماڻهو وتندو بت رهڙيندو ۽
چيلهه کنهندو. ڪڏهن ڪڏهن ڪن ماڻهن کي پُٺا اُگهاڙا
ڪري، صدري لاهي ۽ گوڏ ٻڌي، ڪانچ لاهي، صدري ۽
اُبداڻن مان جون ڪڍي ماريندو ڏسبو آهي. ڳالهه ڪندي
ئي بڇان پئي وٺي، پر تڏهن به اهي ماڻهو سٺائي ڪانه
ڪن، نه وهنجن، نه مٿو ڌوئن ۽ نه وار اوجرا ڪن.
ليکون اڇيون، ڄيون ڳاڙهيون، جون ڪاريون ۽ گهٽا اڇا ٿين. سٿڻ جي
اُبداڻي ۽ صدريءَ ۾ جيڪي جون اچي واسو ڪن، سي
وڏيون ۽ اڇيون ٿين، انهن کي گهٽا چون. زالون
ويچاريون ته وار رکائينديون آهن، پر ويچاريون
پورهيت زالون پورهيي جي هاڃي کان وهنجن گهٽ، تن کي
ته جون ويڙهجي وڃن، پوءِ ڪا گهڙي ملين ته هڪ ٻئي
کان ويهي هڪڙي زال پٽ تي يا تڏي تي گوڏا اُڀا ڪري
ويهندي ۽ ٻي پٺيان يا اڳيان ٿي ويهنديس ۽ ويهي
وارن ۾ سيرون ڏيندي ۽ جون ڳوليندي. جون ڪڍندي
ڪڍندي ۽ پنهنجي آڱوٺي جي نهن تي رکي ٻئي آڱوٺي جي
نهن سان چٿي ماريندي ته نڀاڳي جُون ’ٽِڪ‘ ڪري مري
ويندي. پر نيٺ جون ڪڍائي ڪڍائي ڪيتريون ڪڍائبيون.
ڦڻي ڏي ته ان ۾ ڳچ نڪري اينديون پر هيءُ سار لشڪر
هڪ ڀيري ته ڪونه نڪرندو. ڏهاڙي ڏهاڙي جون ڪڍائي
ڪيتريون ڪڍائبيون! ان کان ته سولو رستو اهو اهي جو
اُجلائي رکجي. ڏهاڙي وهنجي وار ۽ بت اُجرو ڪجي ته
جوئن جي جڙ نڪري وڃي. اهي اجايون اهنجايون ڪيتريون
ڪبيون؟ ڪنهن چيو آهي ته:
رک تون پنهنجي بدن جي صفائي.
مور نه ڪج ڪڏهن گدلائي.
پاڻي مفت ميسر آهي،
تڏهن بدن کي صفا ڪر ٺاهي،
ناهي خرچ انهيءَ ۾ پائي.
تيل ميٽ سان وهنجڻ بهتر،
مهٽي خوب بدن کي صفا ڪر،
گهرجي رڳو ٿي اُجلائي.
ڪپڙا صاف بدن چوڌاري،
عزت سان سونت گذاري،
چاهي سڀڪا دل ٿي سٺائي.
52- مڪڙ
مڪڙ به هڪ آڪاسي آپدا آهي. پهاڙن هيٺ وارياسن پٽن ۾ پلجن يا ٿر
جهڙي وارياسي ڀُون ۾ جنم وٺن. پنهنجي سونڍ سان
واريءَ ۾ کڏ کوٽي ان ۾ آنا لاهين. آنا ته سڀني
پکين کڻن ۽ ٻين ساهه وارن جا اڇا ٿين، پر مڪڙ جا
آنا ننڍڙن ڪارن داڻن جهڙا ٿين، سي به هڪ ڄاري جي
ڳوڙهيءَ وانگر هجن. ٿورا ڏينهن واريءَ ۾ اها ڳوڙهي
پوري پئي هجي ۽ پوءِ داڻ داڻ وانگر ٿي ڦُٽن، ساهه
پوين ۽ ماڪوڙين وانگر سُري ٻاهر نڪرن. اُن روپ ۾
انهن کي ’پونگ‘ چوندا آهن. هنن جو ٻيو ڏاڪو ٿيندو
آهي ’ڪَهِه‘ وارو، تڏهن ٿورو روپ وٺن ۽ ننڍين مکين
وانگر ٿي پون. ٽيون تُور هنن جو ٿئي، مڪڙين وانگر
۽ ٽپ ٽپ ڪري هلڻ لڳن. ان مهل هنن کي ڪَهِه ڪوٺجي.
هن ڪَهِه سان پَٽن جا پَٽ ڪارا ٿي وڃن ۽ ڏسي ڊپ
وٺيو وڃي ته هيءَ ڪَهِه جڏهن ڪجهه مڪڙين مان مڪڙ
ٿي اُڏامندي، ته سڄي دنيا ڪاري ٿي ويندي. ٿئي به
سچ پچ ائين! جڏهن اڏامن ۽ مڪڙ ٿي پون تڏهن ڪير هنن
کي ڳڻي سگهي، ڪير روڪي سگهي ۽ ڪير جهلي پلي سگهين.
کائين رڳو سائو گاهه ۽ پن، جي گاهه ۾ انُ هوندو
آهي ته پوءِ مڪڙن جا ڪٽڪ لهندا ئي اتي وڃي. جتي
ويٺا، اتي ساوڪ، گاهه، اَن پن ۽ ڦول کائي وڻن جا
وڻ ٺوڙها ڪري ڇڏيندا ۽ ائين پيو ڀانئبو ڄڻ هنن ۾
سائو پن هوئي ڪونه. مڪڙ ٻن رنگن جا ٿين: هڪڙا پيلا
ڏُڪاري هوندا آهن. ساون کيتين ۽ وڻن جو ڪم ئي لاهي
ڇڏيندا. سرڪار هن آفت کان بچائڻ لاءِ دوائون
ڇٽڪاري ۽ ٻيا اُپاءُ وٺي پر سڀ اجايو ٿئي. هن بلا
کي منهن ڏيڻ لاءِ هڪ الڳ کاتو بنايو ويو آهي، جنهن
جو ڪم آهي، ته مڪڙ آنا لاهين ته اهي آنا ناس ڪجن،
جيئن ڄم نه ڪن يا ڄم ڪري وڃن ته اُڏامڻ کان اڳ
انهن کي ناس ڪيو وڃي.
ٿر ۾ ڇا ڪن جو ٽپ ٽپ تي چَريون کوٽين ۽ پوءِ ڍنگر کڻي انهن سان
ڪهه کي هُش هش ڪن ته اهي ٽپڪ ٽپڪ ڪندا ڀڄڻ لڳندا؛
پوءِ اچي انهن چرين يا کاهين ۾ ڪِرن. تنهن کان
پوءِ ورائين مٿي مِٽي ته ڪروڙين اندر دٻجي مري،
هڪٻئي سان گڏجي چاپوڙا ٿيو وڃن نه ته هزارين کين
رپيا سرڪار جو خرچ ٿئي، اڃا آنا، پونگ جي پر ۾ هجن
ته انهن جي آنن جون ڳوڙهيون ڪڍائي ساڙائي ڇڏيون
وينديون آهن. ٿر جا ماڻهو انهن جي آنن ڳولڻ جا
ڏاڍا ڀلا هوندا آهن. وارياسن پَٽن ۾ جتي انهن جا
ٽُنگ ڏسن اتي ڦوڪون ڏيئي، واري پري ڪن ته آنن جون
ڳوڙهيون نروار ٿي پون ۽ اهي گڏ ڪري اچي کاتي وارن
کان اُجورو وٺن. ان تي به سرڪار جو گهڻو خرچ ٿئي.
ٻيو هنن کي روڪڻ جو ڪوبه بلو ڪونهي. گاسليٽ جهڙي
هڪ دوا به هزارن دٻن ۾ بند ٿيل آڻين، جا ڦوهارو
ڪئي وڃي ته رهيل کهيل پونگ به مري ناس ٿيو وڃي، پر
ڪڏهن ڪڏهن اُتي جتي اهڙا جَتن نه ورتا ويندا آهن ۽
هيءَ فوج تيار ٿي وڃي ۽ اُتان اُڏامي وڃي ڪنهن
پاسي ڪاهه ڪري، جي وڻن تي لٿا ته رڳو مڪڙ ڏسڻ ۾
ايندا، وڻ جو پن ته ڏسڻ ۾ ئي ڪونه ايندو. جوئر،
ٻاجهر، وؤنئڻ ۽ مڪئي، جنهن به پوک تي ڍريا ته مون
وارو پهاڪو ياد ايندو، جو چوندا آهن ته ”ملان ته
ڀت ۽ گهوڙا ته پٽ، جي هوڪشيا ته رسيا، جي هي نيا
ته چٽ.“ هارين ۽ مارن ويچارن جون پوکون ڀيلجي
يونديون. هڙ هلاک پئسا پاڻي. ملڪ ۾ اناج نه ٿيندو
۽ ڏُڪر منهن ڪڍندو. الله سائين شل هن آفت کان
بچائي،جتان لنگهندا اُتي گهٽ ۽ گرمي ٿي ويندي ۽
ماڻهو پيو پڄرندو گرم به ڪي وري اهڙا آهن جو انهن
جي پاڇي ۾ باهه ٻرندي ويندي. هلندا ويندا ته
ڦولڙيون به لاهيندا ويندا. ڪٽڪ جڏهن لنگهي ويندو
ته ماڻهن جا گهر، گهٽيون، پٽ ۽ ميدان سڀ ڦولڙيون
ڦولڙيون هوندا. مڪڙن جي وڏي ته جُٺ اها آهي
جوکائيندا ويندا ۽ هنگندا ويندا. سنڌيءَ ۾ ان ڪري
چوندا آهن ته ”پيٽ ڀرجئي ٿو يا نه؟ مڪڙ وانگيان
هتان ٿو کائين هُتان ٿو هنگين.“
هنن نڀاڳن مان نيٺ ڪهڙو ڪم وٺجي. ماڻهو مڪڙن کي کائيندا به آهن
۽ انهن جون ڪچوريون به ڪري رکندا آهن، جي سڄو سال
تري پيا کائيندا آهن. منهن اڳيان سونڍ ٿيندي اٿن ۽
سندن ٽنگون ڪارائيءَ وانگر هونديون آهن. انهن تي
تکا تکا ڏندا هوندا اٿن، هٿ به سنڀالي لائين نه ته
هٿ ۾ چُڀي ويندا. هڪ هڪ ڪري جهلڻ لاءِ سوچي به نٿو
سگهجي. ان ڪري ٿر جا ماڻهو اهو هنڌ ڳولين جتي هو
رات جو لهن. وڻ ته سڄا هنن سان ٽمٽار ٿيا ڀريا پيا
هوندا آهن. پوءِ ٿري انهن وڻن هيٺان گنديون اچي
وڇائين ۽ وڻن جي ٽارين کي کڻي جو ڌوڻ ڏيندا ته مڪڙ
جيئن ٻير جي وڻ مان ٻير ڪِرن تيئن ڪري پوندا ۽
گندين يا چادرون ڀرجي وينديون، پوءِ ته مڪڙن جون
کڻي ڀريون ٻڌندا ۽ کڻي آڻيندا ڳوٺن ۾، جتي ديڳين ۾
پاڻي ٽهڪائي ڇڏيندا آهن ۽ اچڻ سان انهن ڀرين جو
منهن کولي کڻي مڪڙ ديڳين جي منهن ۾ وجهندا ته سڀ
سڙي مري ويندا، پوءِ ٻاهر ڪڍي انهن جا کنڀ، بول ۽
مٿا پَٽي الڳ ڪندا ۽ پاڇي ٿيل ڍڍر گڏ ڪندا ويندا،
جي سڪائي رکي ڇڏيندا. مڪڙ وري سڻڀا به ڏاڍا آهن،
گيهه به منجهانئن اندر جيڪا چرٻي هوندي آهي ان مان
ئي نڪري. ترڻ وقت گيهه ۽ مرچ جي ضرورت ئي ڪانه
پوي. ٿوري لوڻ جي چَٽ ڏجين ته چهرا ٿيو پون، پوءِ
ٿري چَر چَر ڪري کائي پنهنجا ويلا پاري ڇڏين. چون
ٿا ته ڏاڍا سگهه وارا آهن. اسان جي ٻهراڙين ۾ڪافي
مڪڙ پڪڙي انهن جو ٻوڙ ڪن پر ٿرين واريون اٽڪلون
ڪونه ڄاڻن، جو مڻن جا مڻ گڏ ڪري رکن، جيئن مٿي
ٻڌايو اٿم.
اوهان کي ٻُڌي تپرس وٺي ويندو، پر سچ پچ ته ڏاڍا سوادي آهن. مون
کاڌا آهن ۽ آءٌ ساک ٿو ڌيان ته ڏاڍا سٺا آهن،
اوهان کي بڇان لڳڻ نه گهرجي. حلال آهن ۽ کائڻ ۾
ڪوبه ڀـؤ ڀولو ڪونهي. اڳي ته پنجين_ ڇهين سال
هروڀرو به سنڌ ۾ منهن اچي ڪڍندا هئا. هاڻي سرڪار
انهن کي روڪڻ جا اُپاءُ ورتا آهن ۽ گل ٿيڻ کان اڳ،
مکڙيءَ ۾ ئي انهن کي ناس ڪيو ٿو وڃي، ته ”نه هجي
بانس نه وڄي بانسري“. ڇا چئجي! مڪڙ ڪهڙا به ڇيهي
وارا آهن، پر هنن جي اُڏام جو ڏيکاءُ هڪ اچرج جهڙو
آهي، جن اهو ڏيک ڏٺو هوندو، سي ئي منهنجي ڳالهه جي
ساک ڀريندا.
53- پِپون
ٿر ۾ جڏهن سانوڻ جا وسڪارا ٿين ۽ هنڌ هنڌ گاهه ڦٽي پن ۽ سُڪن
سلن ۽ ٻوٽن ۾ ساهه پوي، تڏهن ان کي سنڌ جو ڪشمير
ڪوٺجي ته ڪوبه وڌاءُ ڪونه ٿيندو. ڏٿ ۽ گاهه سان گڏ
ڪيئي جهنگلي ميوا ۽ ڀاڄيون پيدا ٿي پون: للر،
مريڙو، ڪونڍير ۽ پپون انهن مان ئي آهن. پپون ته
اهڙي شيءِ آهي، جو ان جو نالو ٻڌندي ئي ٿرين جو
وات پاڻي ٿيڻ لڳندو اهي. پپون آهن ڇا؟ هڪڙيون
ڦريون اهن، جي مُرٽن ۽ جهليُنُ جي پاڙن ۾ پيدا ٿي
پونديون آهن. ٻن_ ٽن انچن کان ڇهن انچن جيڏين
ڊگهيون سايون سايون ڦريون. ٿر جا ڌنار ميڙي گهرن
ڏي کڻي ايندا آهن. اهي سواد ۾ ٿين کٽڙيون، تن مان
ڀاڄي به سٺي سوادي ٺهي ۽ ڪچيون به کائجن. ٿر جا
ماڻهو ته چَرچَر ڪري سيرن جا سير کائي، وڏي
اوڳرائي ڏئي ساهه پٽين. ڪي ٿر جا ماڻهو جي هتي وڏا
وڏا ڪامورا هوندا آهن سي به ٿر ويندڙ کي منٿ ڪندا
آهن ته ادا، موٽي اچين ته پپون ضرور آڻج. مون به
ٿر جو سير ڪندي ڏاڍيون پپون کاڌيون. مزو ته منجهن
واهه جو آهي پر مون کي ڀانءِ ڪين پيون. اُلٽيون ۽
دل ڪَچي ڪري وڌائون. پر ائين ڪونه چئبو ته رڳو مون
هڪڙي کي ڀانءِ نه پيون ته سڀني سان اها ڳالهه لاڳو
ٿي ٿئي. جتي اها شيءِ اُپجي ٿي اتي ماڻهن جو هن
بابت جيڪو رايو هوندو، اهوئي سچو سڏبو. واهه پپون
واهه!
54- نِهائين
ڪڏهن ڪنڀر جي جاءِ تي وڃي ڏسو ته اچرج وٺي ويندو. گول چَڪُ، جو
چيڪي مٽيءَ ۽ وارن جي ميلاپ سان ٺاهيو ويندو آهي،
ان جو پورو وچ هڪ چئن_ پنجن انچن جي ڪيرٽ تي رکيو
ويندو آهي ۽ پاسي جي هڪ هنڌان لٺ ڦيرائڻ لاءِ
ننڍڙو سَچُ به نڪتل هوندو اٿس. چڪ جو پورو وچ لسو
رکيو ويندو آهي، جنهن تي ڪنڀر هڪ پنوڙو چيڪي مٽيءَ
جو چاڙهي رکندو آهي ۽ پوءِ لٺ ان سَچَ ۾ وجهي وٺي
چڪ کي تکو ڦيرائيندو آهي. جڏهن چڪ پنهنجي پوري چڪر
۾ اچي ويندو آهي، تڏهن پنهنجا ٻئي هٿ ان مٽيءَ جي
پنوڙي تي رکي، ڪَچا ٿانوَ جوڙيندو آهي. ڇا اوهين
ڀانيو ٿا ته ٿانو چڪ تان ئي ٺاهي هيٺ لاٿا ويندا
آهن. نه ته، پهريائين ڪنڀر رڳو ٿانون جهڙوڪ دِلن،
مٽن، دکين، ڪنگرن ۽ ٻين ٿانون جا بوتا تيار ڪندو
آهي. جڏهن بوتو ٺهيو ته ڪلهي تي جا ڏور رکيل هوندي
اٿس، انکي ان بوتي جي هيٺان ڏيندو ته ڦيري تي اهو
بوتو بچيل مٽيءَ کان ڪپجي پوندو ۽ لاهي کڻي هيٺ
رکندس. ائين ويندو بوتا ٺاهيندو. جڏهن هڪ مٽيءَ جو
پنوڙو پورو ٿيو، ته ٻيو چاڙهيندو. چَڪ جو ڦيرو ڍرو
ٿيو ته لٺ کڻي وري ڏاڍيان ڦيرائيندس. اهڙيءَ ريت
ڪيئي بوتا جوڙي راس ڪندو. اهو ڪم لٿوته چڪ ڇڏي هيٺ
ٿي ويهندو ۽ جيڪي بوتا ٺهيا هوندا، تن کي واريءَ
جي چَٽَ ڏيئي، اچي ٺپڻيءَ سان وٺندو ۽ جيڪو ٿانءُ
تيار ڪرڻو هوندس، سو اهڙي ته سُچيتيءَ سان ويهي
ٺاهيندو، جو سندس هنر تي واهه واهه ڪرڻ کان سواءِ
ٻي واٽ ڪانه سڄهندي. پوءِ انهن ٿانون کي رکندوا ُس
تي، جڏهن اهي سُڪي ويندا ته نهائينءَ جو پُور تيار
ٿيندو. جن ٿانون کي داءَ جي ڳاڙهي رنگ سان چٽڻو
هوندس، تن تي سهڻا سهڻا چٽ ڪڍندو ۽ چلڪ لاءِ واري
ڇٽيندو. نهائينءَ جو پور ڀريو ته سڀ ڪَچا ٿانو آڻي
هڪ هنڌ ڀيڙا ڪندو. نهائين ڪجهه مڙئي ٻيءَ ڌرتيءَ
کان مٿڀري دڙي تي هوندي آهي، ان کي ٻهاري سُهاري
اڇو اوجرو ڪري، ٿانو هڪٻئي سان هڪ سهڻي سٽاءَ سان
ملائي رکندو ويندو. نهائين وارو پٽ جڏهن ڀرجي
ويندو ۽ ڪابه جاءِ نه رهندي، تڏهن ان کي ٻڪرين جي
ڦولهڙين جي ڀاڻ ۽ ٻي ڀاڻ، جهڙوڪ ڇيڻن سان ڀري انهن
کي اهڙيءَ ريت ساٿاري رکندو، جو ڪُنڀر جي ڪرت کي
ڪُنڀر ئي ڄاڻي، ٻئي کي ڪهڙي سُرت. جڏهن ڪَچا ٿانوَ
هڪ سهڻي سٽاءَ سان ٺهڪي بيهندا ۽ مٿن ڀاڻ ۽ ٻيو
ٻارڻ پئجي ويندو، تڏهن ان کي چئبو نهائين.
نهائينءَ کي ڪنڀر آوِي به چوندا آهن. آويءَ کي
ڍڪيو ويندو، جيئن ڪل ئي نه پوي ته ان دڙي ۾ اندر
ڇا آهي. اهڙو ته آويءَ کي بند ڪندو، جو هوا اندر
نه وڃي نه ٿانو پڪا ڳاڙها ٿيڻ بدران ڪارا ٿي پوندا
۽ مُلهه_ چور ٿي پوندا آهن.
نهائينءَ کي بنهه پوري ڇڏڻ کان اڳ ڪن ڪن هنڌن تان دِلن يا دکين
جون ڀڳل گرڻيون هڻندو آهي ته اتان اندر پيل ٻارڻ
کي باهه ڏجي. باهه ڏيڻ کان پوءِ دونهي دُکي ته اهي
گرڻيون به ڪڍي ڦٽيون ڪندو آهي، جين هوا اندر نه
وڃي ۽ نهائين اندران ئي اندر دُکندي ٻرندي ۽ جلندي
رهي. ڏهاڙي نهائينءَ جي سنڀال وٺندوآهي ته ڪٿان ڪا
ٻاڦ ته ٻاهر ڪانه ٿي نڪري. متان ٿانو ڪارا ٿي پون
۽ ڪيو ڪمايو ڪُٽ ٿي وڃي. نيٺ اندر پيل ٻارڻ ٻري
ڇار ٿي ويندو ۽ ڪنڀر کي سُڌ پوندي ته هاڻي جيترو
تـؤ گهربو هو، سو ٿانون کي ملي چڪو آهي ۽ پچي راس
ٿيا آهن، پوءِ به ٽي ڏينهن ترسندو جيستائين آوي
ٺري وڃي. پوءِ همراهه ساڻ ڪري آوي کوليندو ۽
هوريان هوريان ٿانو الڳ الڳ ڪندو رکندو ويندو.
شاهه ڀٽائي نهائينءَ جو رنگ ڏسي بيت چيو آهي ته:
نهائينءَ کان نينهن سِک منهنجا سپرين،
سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نڪري.
ويچاري سهڻيءَ کي دوکو ڏئي ڪي دلي بدران ڪَچو دلو ڏنو ويو هو،
جو درياءَ ۾ ڀُري پيو. ٻڏندي ويئي ۽ ساهڙ کي سڏ
ڪرڻ لڳي. ان ڪهاڻيءَ تي ڪيتريون ئي ڪافيون سگهڙن
ڳايون آهن. ريڊئي تي به هڪ ڪافي ايندي آهي جا
اوهان ٻڌي هوندي.
تنهن گهڙي تان گهوري آهيان، جنهن ميهر ملايو،
تنهن ڪنڀر تان قربان ٿيان، جنهن ڪَچو پَچايو.
ڇا ڪنڀر جو ڪٺن پورهيو، ڇا ٺڪر جو مُلهه! پئسي ڦيلهي، ٽڪي ڍڪڻ،
آني پاٽوڙو، ٻين آني دکي، دلو، ڪـؤرو ۽ چئين آني
مٽ. هاءِ هاءِ ڪيڏو نه هاڃو!
هيڏا هاڃا ٿين، بُري هن ڀنڀور ۾!
(هاڻ ته ٺڪرن جو مُلهه به وڌي ويو اهي. سستائي وارو زمانو گذر
ڪري ويو!)
55- کـؤنر، گگر ۽ لاک
ڪن وڻن، جن مان ٻٻر جو وڻ وڌيڪ ليکڻ جهڙو آهي، ان ۾ کـؤنر ۽ لاک
جام ٿيندي آهي. ٻٻر جي ٿُڙ ۽ وڏن ٿُلهن ڏارن ۾
کـؤنر ۽ لاک اُپجن. اهي هڪڙيون رَسون آهن، جي ٻٻر
جي ٿڙن مان سمي نڪرن ۽ ڇوڏي جي مٿان ڳوڙها ڳوڙها
ٿي بيهن. کـؤنر ته ٿُڙن تارن تي ٿئي، پر لاک ته
سمورين ٽارين تي نڪري اچي. کـؤنر ته اهڙي شيءِ آهي
جا اوهان سڀني ڏٺي آهي. ان جي رس چنبڙندڙ ٿيندي
آهي، جنهن سان اسين ڪاڳر چنبڙائيندا آهيون. کـؤنر
ڏاڍو سگهارو آهي. کـؤنر مان مٺايون به ٺاهبيون
آهن، جي ڏاڍيون سوادي ٿينديون آهن. اڄڪلهه ته
کـؤنر ڏاڍو مهانگو ٿي ويو آهي، نه ته اڳي سستي ۾
سستي شيءِ هوندي هئي. ٻيلن ۾ رهندڙ مالدار ماڻهو
مال چاريندي ٻٻرن تان کـؤنر جا ڳنڍا روڙيندا گڏ
ڪندا ويندا آهن ۽ جڏهن پنج_ ڏهه سير گڏ ڪن، تڏهن
شهرن ۾ اچي وڪڻن. ٻٻر جو کـؤنر گهڻو ڪري ڳاڙهو
ٿيندو آهي، پر ڪونڀٽ جو کـؤنر، جو ٿر ۾ گهڻو ٿئي، اهو اڇو ٿئي. کـؤنر جي رس اڃا سُڪي ڳنڍو نه ٿيندي آهي
۽ آلي هوندي آهي ته آڱر ڀري چٽبي ته بس ماکيءَ جو
مزو ڏيندي. عجب پيو وٺندو ته هيءَ رس وڻ جي ڪاٺيءَ
مان ڪيئن ٿي سمي نڪري، آهي ڇا ۽ ڪيئن ٿي ٺهي! بس
اها سگهه رڳو ڌڻي سڳوري کي آهي، ٻئي جي ڇا مجال.
گگر به ساڳيو کـؤنر وانگر ڪن وڻن مان سمي نڪرندو آهي، پر اهو
کائڻ جي ڪم ڪونه اچي ۽ نڪي منجهس لِوَ ٿئي، جيئن
کـؤنر ۾. اهو رڳو سُتين ڦڪين ۾ ڪم اچي ۽ ڏاڍو
ڪارائتو هوندو آهي.
رهي وڃي لاک، سا به ادا ڏاڍي مُلهائتي شيءِ آهي. ٻٻرن جون ٽارين
سڄيون لاک جي رس جي ڳوڙهين ڳوڙهين سان جهنجهنيون
پيون هونديون آهن. ماڻهو ويچارا چار پئسا ڪمائڻ
لاءِ، ٻٻرن جا ڪنڊا جهلي، لاک ٽارين تان روڙيندا
ويندا آهن ۽ اها گڏ ڪري وڃي چڱي ملهه ۾ وڪڻن.
اوهان کي تپرس وٺندو ته لاک مان ٺهي رنگ. رنگ به
ڪهڙو؟ ڪپڙن کي رڱڻ وارو نه، پر جنڊيءَ جي ڪم وارو.
جنڊيءَ جو ڪم ڪندڙ وگهامل لاک ڳنهي اچن ۽ ان کي
ڊگهين سوڙهين ڳوٿرين ۾ وجهي، پاسا بند ڪري پوءِ
ٽانڊن جي تَوَ تي تپائين ته لاک رجي پوندي ۽ ڪپڙي
کان ٻاهر بُڙڪا ڏيئي نڪرندي. پوءِ اها ڪنهن رنبيءَ
سان ڳوٿريءَ تان کُرڙي لاهي، ڪنهن ٿانو ۾ رکندا
ويندا. جڏهن سڀ رجي ويندي ۽ ڳوٿرين ۾ ڪک ۽ ڇوڏن
جون ذريون وڃي بچنديون، تڏهن ڳوٿري اڇلي ڦٽي ڪندا
۽ وري اها ڪم ڪانه ايندي. هاڻي لاک ۾ جيڪو به رنگ
گڏبو، جيئن ته ڳاڙهو، سائو، پيلو، نيلو ۽ ٻيا ته
اهو رنگ ٺهي پوندو. لاک ۾ رنگ ملائي ان کي وري
تپائي، ان مان ڦريون ٺاهيندا آهن ۽ پوءِ جنڊيءَ تي
کٽن جا پاوا، گلدستا، جڳ، رانديڪا، پينگها ۽ ٻيو
سامان چاڙهي، انهن ڦرين سان ڪاٺ تي رنگ چاڙهين.
جنڊيءَ جي هيٺان ڪجهه ٽانڊا رکندا رهن، جنهن جي
تَوَ تي لاک رجندي وڃي ۽ ڪاٺ تي چڙهندي وڃي. ڪنهن
سگهڙ مارئيءَ لاءِ چيو آهي ته:
عمر هي بافتا بخمل کٿين سان مور مٽ ناهن،
نه پائي پٽ پٽيهر لاک جي لوئي لڄائينديس.
اهي بي مُلهيون شيون خدا ٿو ماڻهن جي لاءِ اُپائي ۽ ماڻهن
ويچارن کي رڳو پورهيي جو ملهه ٿو ملي، ٻيو بس.
56- ڌنار کٿوري
ڌنار کٿوري به هڪ ٻوٽي آهي، جا پاڻ مرادو جهنگن ۾ اُڀري. ٻيا
سڳنڌ وارا ٻوٽا ته وڏي سنڀال سان قلم هڻي پوکبا
آهن، پر هيءَ ويچاري آهي ول، سان نڪا ڪا سنڀال
گهري، نه مٿس ڪا پورهيي جي گهرج پوي. کٿوري سنڌي
ٻوليءَ جو نج اکر آهي نه ته خستوري به سڏبو اٿس.
منجهس پنن سان گڏ ڏانڊڙين جي وچ وچ ۾ هڪڙيون
ڪاريون ڳنڍيون ٿينديون آهن، جن کي ٽوڙي سونگهبو ته
اهڙي ته سٺي سڳنڌ ايندي، جو مُشڪ کي به جواب! مٿس
ڌنار کٿوري نالو ان ڪري پيو آهي جو ڌنار ماڻهو
پنهنجي مال مان جن ٺڪر جي ساڙهن ۽ دکين ۾ کير
ڏُهن، اهي ٿانو ڌنار کٿوريءَ مان مُيون ٺاهي، ان
سان مَلين ته ٿانون ۾ سٺي سڳنڌ ٿيو پوي ۽ کير به
ڏاڍو سُرهو ٿيو پوي. هتي اسان وٽ ٻهراڙين ۾ اهي
ٺڪر جا ٿانو: واڻ، ڪاٻاري يا مُڃ جي نوڙين کي
اُکولي انهن مان مُئي ٺاهي، ان سان مليندا آهن، پر
ڌنار کٿوريءَ سان ڪٿي ٿيون نوڙيون برميچين!
ويچارا ڌنار سڳنڌ وٺڻ لاءِ ڌنار کٿوريءَ جون ڳنڍيون ڀڃي ڀوري،
اهي گلن وانگيان ويهي سونگهندا ۽ سڳنڌ وٺندا آهن.
هنن لاءِ ته گلاب، چنبيلي، موتيو ۽ ٻيا گل اها
ڌنار کٿوري هوندي آهي، جتي جتي مال گهڻو ٿئي، اتي
ڌنار کٿوري به گهڻي ٿئي. جهڙوڪ ٿر ۾ اها جام ٿئي.
ٿيندي ته هتي اسان جي پٽن ۾ به آهي، پر ايتري نه،
ڇو ته ماڻهو ان مان ايترو ڪم ڪونه وٺن. جيترو ٿر
جا ڌنار ۽ ٻڪرار.
اوهان کي ڪڏهن وجهه ملي ته جهنگ مان اها ڌنار کٿوري ڳولي، پٽي،
سونگهي ڏسو ته اوهان کي ان جي چڱاين جو پَرو پوي ۽
سُڌ پوي ته ڌڻيءَ سڳوري اسان جي ڀلائيءَ لاءِ ڇا
ڇا نه اُپايو آهي، جنهن مان اسان کي ڪيئي لاڀ پڙ
پون ٿا.
57- ڪاٺ_ ڪُٽو
ڪاٺ_ ڪُٽو هڪ موچارو پکي آهي. مٿي تي ڪلنگي ٿئيس، چهنب ڊگهي مگر
پوري پُني. کنڀن تي چٽا چٽا ۽ پٽا پٽا هوندا اٿس،
اهڙو پيو وڻندو آهي جو دل گهرندي آهي ته ڦاسائي
پڃري ۾ رکجيس. پر ڪم ڪهڙي جو؟ نه چتونءَ يا بلبل
وانگيان ٻولي ڪري، نه رانديون ۽ نڪو انهن وانگر
ٽول کائي.پڃري ۾ رکوس ته مورڳو ويچارو پاڻي پيئڻ
به ڇڏي ويندو. مري ويندو ۽ پاپ ڳچيءَ ۾ پوندو. ان
ڪري ڪوبه هٿ ڪونه لائيس. رڳو کيس ڪنهن وڻ جي ٿُڙ
تي ويٺل ڏسي ڌڻيءَ جي ساراهه ڪبي آهي ته ڪهڙا نه
کيس سهڻا رنگ ڏنا اٿس. |