فصل 9
شاهه جون نحوي بناوتون
شاه جي سنڌيءَ جي نحوي بناوتن جي پراڪرت سان مشابهت – حالتي
پڇاڙيون – جنس بي جان – ضميرن جي حالت اضافت –
ضميري نشانيون – فعل معروف – فعل مرڪب – اسم مرڪب
– ظرف ۽ حرف جي هاڻ متروڪ ٿي ويا آهن.
شاه جي سنڌيءَ جي نحوي بناوتن جي مشابهت پراڪرت ساڻ، هاڻوڪيءَ
سنڌيءَ کان وڌيڪ آهي. جيڪي نحوي قاعدا ۽ قانون،
مشهور پراڪرت نحوين، ور رچيءَ ۽ هيمچندر بيان ڪيا
آهن، سي گهڻو ڪري شاه جي سنڌيءَ سان لاڳڪو آهن.
شاه جي سنڌيءَ ۾ پراڪرت وارين حالتي پڇاڙين جون گهڻيون نشانيون
نظر اچن ٿيون، جي هاڻوڪيءَ سنڌيءَ مان يا ته گم ٿي
ويون آهن. يا ته وڃن ٿيون آهستي آهستي گم ٿينديون؛
۽ انهن جي عيوضي ظرف يا هرف جر لڳايا وڃن ٿا. هڪڙي
حالت، جنهن کي سنسڪرت ۾ اپادان يا هيتو و ڀڪتي ڪري
ٿا چون،تن هن جي عدد واحد جي پڇاڙي آت آهي، جا
پراڪرت ۾ بگڙجي آدو ٿئي ٿي. مگر اها پڇاڙي جهونيءَ
سنڌي ۾ بدلجي آءٌ ٿي پيئي ۽ وري گهٽجي آ جي سادي
صورت ورتائين، ۽ بعضي وري ئون ۽ ٿيو ٿي پيئي. هاڻ
انهن سڀني پڇاڙين جا قسم، شاه جي سنڌيءَ ۾ ڪم آيل
آهن. مثلاََ
هيجا
=
هيج مان، هيج سان. گهراءُ
=
گهر مان، گهر کان.
نرتون
=
نرت مان، فرت سان.
اها ئون شاه عدد جمع ۾ به ڪم آندي آهي. مثلاََ
ڏاگهنئون
=
ڏاگهن کان. اکينئون
=
اکين کان.
ڪُلنئون
= ڪلهن کان، ڪلهن تان.
هاڻوڪيءَ سنڌيءَ ۾ آ کي غنو ڪري، آن ڪيو اٿن، ۽ فقط اها پڇاڙي
ئي عام طرح مروج آهي. مثلاََ:
گهران، ويچان وغيره.
عدد جمع ۾ ئون، هاڻ بلڪل ورلي ڪم اچي ٿي، ۽ ان جي عيوض حرف جر،
جهڙوڪ کان، مان وغيره ڪتب اچن ٿا.
سنسڪرت ۾ مڪاني حالت جي پڇاڙي اي آهي، جا پراڪرت ۾ گهٽجي ا ٿيو
پوي. اها پراڪرت واري پڇاڙي، شاه جي سنڌيءَ ۾
هوبهو ڪم آيل آهي. مثلاََ:
هنڌ
=
هنڌ تي. ڪنڌ=
ڪنڌ ۾، ڪنڌ تي.
ازانسواءِ شاه خود اسم جي حالتي صورت کي به مڪاني حالت واريءَ
معنيٰ سان استعمال ڪري ٿو. مثلاََ:
سوري چڙهڻ=
سوريءَ تي چڙهن. انگهن چاڙهن
=
انگهن تي چاڙهڻ. پر موجوده سنڌيءَ ۾ اسمن جي مڪاني
حالت، ڪنهن حرف جر يا ظرف جي ذريعي ڄاڻائي سگهجي
ٿي، سواءِ انهن اسمن جي، جن جي آخر ۾ ا آهي.
شاه جي سنڌيءَ ۾ حالت اضافت، اڪثر ڪري، حالتي صورت جي رستي ئي،
بنا ڪنهن حرف جر ڳنڍڻ جي استعمالڪ يل آهي.
مثلاََ:
اي ڪم عاشقن
=
هي ڪم عاشقن جو. ڦلين ڇائون
=
ڦٽن جون ڇائون. حالت ندا، حالت فاعليءَ جي صورت ۾
ئي، سواءِ ڪنهن حرف ندا جي ڳنڍڻ سان، ظاهر ڪيل
آهي. ڪڏهين ڪڏهين ته اسمن توڙي فعلن کي فقط ه گڏڻ
سان حالت ندا جو مقصد حاصل ويو آهي. مثلاََ:
سنسڪرت ۽ پراڪرت، ٻنهي ۾ ٽي جنسون موجود آهن؛ جنس مذڪر، جنس
مؤنث ۽ جنس بي جان، هندوستان جي هاڻوڪين آريه
ٻولين مان فقط گجراتيءَ ۽ مرهٽيءَ ۾، اڃا تائين
اهي ٽيئي، جنسون قائم آهن؛ باقي ٻين ٻولين مان جنس
بي جان، متروڪ ٿي ويئي آهي. هاڻوڪيءَ سنڌيءَ مان
پڻ گم ٿي ويئي آهي. پر شاه جي سنڌيءَ ۾ انهيءَ
جنس جا ٿورا گهڻا آثار معلوجم ٿين ٿا. ڪن لفظن جي
پڇاڙيءَ ۾ اون آيل اهي مثلا: پرينڻون، هيون، اها
پڇاڙي پراڪرت ۾ بي جان جنس جين شاني آهي ۽ پڻ
گجراتيءَ ۾ ائين آهي. پر هاڻوڪيءَ سنڌيءَ ۾
انهيءَ اون کي او بنائي، بي جان جنس وارن لفظن ۾
مذڪر ڪيو ويو آهي.
ضمير متڪلمل واحد جي حالت اضافت، شاه جي سنڌيءَ ۾ آهي مهجو،
پراڪرت ۽ اپڀرنش ۾ حالت اضافت رڳو مـﮣ آهي، جو اصل
سنسڪرت مم مان نڪتل آهي. جهونيءَ سنڌيءَ ۾ اصلوڪي
پراڪرت حالت اضافت جو حرف جر زياده ڳنڍيو اٿن.
موجوده سنڌيءَ ۾ وري مـﮣ کي نون غنو ڏيئي، منهن
ڪري اُچار ڪن ٿا. اهڙيءَ طرح ضمير حاضر واحد، جي
هاآڻوڪي اضافت، تنهنجو، شاه جي سنيڌءَ ۾ آهي
تهجو، جو پڻ مٿي ڏيکاريل ريت، پراڪرت ۽ اپڀرفش ته
مان ورتل آهي.
سنڌيءَ ۾ ضمير موصول آهي، جو، پراڪرت ۾ پڻ ضمير موصول ساڳيوئي
آهي، جو اصل سنسڪرت ۾ يو آهي. انهيءَ ضمير موصسول
جي پراڪرت ۾ صورتي حالت آهي جس، جو الهنديءَ
پنجابڪيءَ ٻولي:ءَ ۾ اڃا تائين استعمال ۾ آهي. پر
شاه جي ڏينهن واريءَ سنڌي ۾ س ڦري ه ٿئي ٿي، جنهن
ڪري جس بدلجي جه ٿي پيول آهي. هاڻوڪيءَ سنڌيءَ ۾
جه ڦري جنهن ٿي پيو آهي. اهڙيءَ ريت پراڪرت تس،
سنسڪرت تسيه، پنجابي تس، سپراڻيءَ سنڌيءَ مٽجي ته
ٿيو؛ ۽ هاڻوڪيءَ سنڌيءَ ۾ تنهن ٿي پيو آهي. هاڻوڪو
ضمير استفهام ڪنهن، سو پراڪرت ۾ ڪس سنسڪرت ۾ ڪسيه،
پنجابيءَ ۾ ڪس، ۽ شاه جي سنڌيڇءَ ۾ ڪه آهي. اهو
ساڳيول لفظ ضشمير مبهم طور به ڪم آيل آيه.
ضميري، نشانين جو اسعتمال، جهونيءَ سنڌيءَ ۾ گهڻي قدر ڪيل آهي.
اهي اسمن، حرفن، ظرفن، ۽ فعلن جي آخر ۾ لڳايون
ويون آهن. شاه پڻ اهي نشانيون اڪثر هنڌن تي ڪم
آنديون آهن، جنهن ڪري بعضي بعضي جملن جي بناوت ۾
قيدري مونجهارو ٿيو پيو، خص ڪري جڏهين اهي نشانيون
ظرفن ۽ حرف جرن کي لڳايون ويون آهن. مثلاََ: ڪڻ
= کي انهيءَ کي جڏهن ضميري نشانيون لڳائجن ٿيون، تڏهن
هيٺيون صورتون وڍي ٿي:
ڪڻم
=
مون کي. ڪڻس
=
هن کي. ڪڻن يا ڪيڻان
=
انهن کي. اهڙيءَ طرح ساڻ:
ساڻم
=
مون سان، ساڻس
=
هن سان. ساڻن، يا سيڻان
=
هن سان. پر جڏهين اهي نشانون اسمن پٺيان اينديون
آهن، تڏهين اضافت جي معنيٰ ڏيکارينديون آهن.
مثلاََ
نيڻان
=
هنن جا نيڻ، اوتاران
=
سندن اوتارا پريم
=
منهنجا پرين. اهڙيءَ طرح اهي نشانيون جڏهين زمانن
جي آخر ۾ اينديون آن، تڏهين انهن مان شخصي ضميرن
جي معنيٰ نڪرندي آهي. مثلاََ
پيتوءِ
=
تو پيتو. ٿيون
=
هنن کي ٿيو، پڙهيم
=
مون پڙهيو.
فعل معروف، ۾ اڪثر ڪري زمان مضارع جي ضمير واحد غائب جي پڇاڙي
اي گهٽجيءِ ٿيو پيو. مثلاََ:
روئي
=
روءِ، چوي
=
جوءِ، پوي
=
پوءِ
اهڙيءَ طرح جمع غائب ۾ مثلاََ:
چون
=
چونن، روئن
=
رون نين
=
نين. ڏين
=
ڏين.
شاه عبداللطيف، پنهنجي ڪلام ۾ مرڪب فعل به ڪيترن هنڌ ڪم آندا
آهن، جن فعلن جي معنائن کي گهڻي نزاڪت ڏين ٿا.
مثلاََ:
آني آڙائڻ، پڙهيو پڙهڻ. نباهي نيڻ.
شاه اسم مرڪب به خوب استعمال ڪيا آهن. نسڪسرت ۽ پراڪرت ۾ چئن
قسمن جا مکيه اسم مرڪب استعمال ۾ اچن ٿا، جهڙوڪ
دوندو، تپرش، بهوريـﮣ؛ ۽ اوييڀاو. هاڻ انهن سڀني
جا مثال، شاه جي سنڌيءَ ۾ ملي سگهن ٿا. مثلاََ:
تن طبيت، سنجهه صباح، اوتر واءُ، سور ڌڻي، چوڏهي ماه چنڊ، پاڻا
ڌار پريتون، ٿورو ويرمو، واڄي وٽ.
ڪيترا ظرف ۽ حرف جي اصل پراڪرت مان نڪتل آهن، سي شاه جي سنڌيءَ
۾ گهڻو ڪم آيل آهن، پره اڻ جئن وقت گذرندو پيو
وڃي، تئن منجهائن ڪيترا وڃن ٿا متروڪ ٿيندا.
مثلاََ:
ظرف؛ آپر
=
گهڻو، آت
=
تمام. جيڪس
=
شايد. ڪر
=
تحقيق، شايد، گويا. نڪڻي
=
بلڪل، اصل، جار، جال
=
مئو، گهڻو. پوڄ
=
گهڻو. اوڙڪ
+
نيٺ آخر. پئا
=
پٺيان. پڄاڻا.، مهدا
=
اڳيان.
حرف جر: پر=
مٿان. سينءَ
=
تائين. ڪنا
=
کان، ڳري، ڳر
=
وٽ، ڪر
=
لاءِ خاطر، پڄاڻا
=
بعد سر=
تي. ڪارڻ
=
لاءِ واسطي. ملاءِ
=
کان. مڻي
=
ڏانهن.
حرف جملو ۾ په، پي، ڀي
=
پڻ. توءِ
=
تنهن هوندي به، جيلا، جيله
=
جنهن صورت ۾، ڇاڪاڻ ته، جيڏانهن. تيلاه، تيله،
تيلان
= تنهن صورت ۾، تنهن ڪري، تيڏانهن. تي=
تنهن ڪري.
تيلي روءِ
=
تهڙي طرح. مڇڻ
=
متان. جه
=
جڏهن، جيڪڏهن. ڪه، ڪين
= يا مر
=
ڀل ته. ور
=
بهتر.
حرف ندا؛ پس، پسو
=
ڏس! ڏسو! ٻرٻر!
=
افسوس افسوس!، وارو
=
فرياد! مدد!، وو وو!
=
اڙي اڙي
هاءِ هاءِ!. لو! الو!
=
واه واه!، ڏسو!
شاه جيڪي لفظ ڪم آندا آن، تن مان گهڻن جو تلفظ انهن جي اصلوڪي
پراڪرت لفظن جهڙو آهي. هاڻوڪيءَ سنڌيءَ ۾ ڪيترن
لفظن ۾ هروڀرو نون غنه يا ه زياده وڌي ويندي آهي.
مثلاََ:
هاڻوڪي سنڌي شاه جي سنڌي پراڪرت سنسڪرت
نينهن نيـﮣ نيـﮣ سنيـﮣ
هنيون هيون هئون هرديه
ڪالهه ڪال ڪال ڪليه
ملـﮣ مل مل موليه
* |