سيڪشن؛ لطيفيات

ڪتاب: سُر ڏهر

 

صفحو :10

”اي اسان جا پروردگار موڪل انهن ۾ هڪ رسول، انهن (اهل عرب) مان ئي جيڪو انهن تي تلاوت ڪري تنهنجون آيتون ۽ انهن کي تعليم ڏي ڪتاب ۽ حڪمت جي ۽ انهن جو تزڪيو ۽ تطهير ڪري (هر گندگي ۽ نجاست کان). بي شڪ اي پروردگار تون وڏي عزت وارو ۽ حڪيم آهين.“

نبي اڪرم ﷺ جن جي آمد سچ پچ ڄڻ ته اونده ۾ روشني جو اچڻ آهي. سندن بعثت نه صرف سماجي ۽ اخلاقي طور تي ڏتڙيل قوم عرب جي ڀلائي ۽ بهتري جو سبب بڻي، بلڪه پوري ڪائنات لاءِ عظمت، بهادري، امن، عقل ۽ دانش جو مينار ثابت ٿي.

دور جديد جو هڪ عالم مائيڪل ايڇ- هارٽ حضور ﷺ جن جي سماجي ۽ سياسي بصيرت کي سامهون رکندي، سندس شخصيت کي دنيا جي هڪ سؤ عظيم انسانن جي نالن ۾ سر فهرست رکڻ لاءِ مجبور ٿئي ٿو. هو سچائي جي اعتراف ۾ پنهنجي ڪتاب The 100- A Ranking of the most influencial person in history

جي صفحي 33 کان 40 تي لکي ٿو:

“He was only man in history who was supremely successful on both the religious and secular Levdeath, his in-els… Today thirteen centuries after his fluence is still powerful and pervasive.

It is this unparaileled combination of secular and religious influence. Which I feel entitled Mohammad to be figure in human history”. Considered the most influencial

حضور ڪريم ﷺ جن جي انسانن سان محبت ۽ سندس شخصيت جو نقشو چٽيندي جسٽس امير علي لکي ٿو: ”هن جا ڪن هميشه غريبن جي تڪليفن ۽ غمن لاءِ کليل هوندا هئا. هن جي دل خدا جي مخلوق لاءِ هميشہ محبت ۽ رحمت سان ڀريل هئي، هو تمام آهستي ۽ باوقار نموني سان گهمندا هئا. ماڻهو هن ڏانهن اشارو ڪري چوندا هئا ته هي امين اٿؤ يعني سچو، سڌو سنئون ۽ با اعتماد.“

نبي اڪرم ﷺ جن جي نبوت جي صداقت ۽ شان ۾ ورقد بن نوفل جيڪي شعر پڙهيا، ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ پنهنجي ڪتاب ”نعتيه شاعري“ ۾ ان جو حوالو ڏنو آهي:

”ته محمد ﷺ اسان ۾ جلد سردار ٿي ايندو ۽ ان جي طرفان جيڪو ماڻهو به ڪنهن سان بحث ڪندو، اهو غالب رهندو ۽ سڀني شهرن ۾ ان نور جي روشني ڦهلجي ويندي، جيڪا خدا جي مخلوق کي سڌو هلائيندي ۽ ڇڙوڇڙ ٿيڻ کان بچائيندي. ان کان پوءِ جيڪو ان سان جنگ ڪندو، نقصان هيٺ ايندو، ۽ جيڪو ساڻس مصالحت ڪندو، فتحمند رهندو.“

نبي اڪرم ﷺ جن توحيد کي خالص فڪر جي حيثيت ڏني ۽ خدا جي ايڪائي واري تصور ۾ انسانيت جي ڀلائي واري مقصد کي ظاهر ڪيو. زندگي جي داخلي توڙي خارجي مسائل جو حل وحدت ۾ پنهان آهي ۽ هر ڪا شيءِ ان فلسفي جي بنياد تي عمل پيرا آهي.

لطيف سائين انهي داخلي توڙي خارجي عوامل کي هر پاسي کان ڏسي رهيو هو. انهي ڪري ئي سندس خيالات Ideas جو مرڪز فرد آهي، جيڪو اجتماعيت جو پهريون ڏاڪو ۽ ”ڪل“ جي تشريح آهي. محترم ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو انهي سلسلي ۾ لطيف سائين جي خيالن جي عڪاسي ڪندي چوي ٿو:

”شاهه صاحب هن دنيا جي ڪثرت جي وچ ۾ رهيو ٿي. ڀلي سندس روح جو رايو وحدت ڏي هجي. پر هن جا لاڳاپا هن مادي دنيا سان به هئا. کيس مادي دنيا کان ڇني ڌار ڪرڻ به ساڻس زيادتي آهي. دنيا سان پنهنجي تڙ ڏاڏي شاهه ڪريم وانگر ”هنيون ڏجي حبيب کي، لڱ گڏجن لوڪ مثل رهيو.“

مَ ڪر ڍول ڍلو ناتو نماڻي سين،

ڪونهي ڪميڻي جو، بگر تو بلو،

تنهنجو نانءُ نلو، وٺيو ويٺي آهيان.

(شاهواڻي-2-24)

ستر ڪرستار، آءُ اگهاڙي آهيان،

ڍڪين ڍڪڻهار! ڏيئي پاند پناهه جو.

(شاهواڻي-2-25)

ادب ۾ ڪردار جي سوال تي وڏو بحث ٿي سگهي ٿو. سڀ ڪردار اقليتن (وحدتن) جي تصور جي پيداوار آهن. لطيف انهن حالتن هيٺ ٺهندڙ ڪردارن جو اکين ڏٺو شاهد ۽ ترجمان آهي. وڏ ننڍائي ۽ اونچ نيچ جي فاصلن کي ڏسي هو خاموش نٿو رهي. پهرين بيت ۾ ”ڪميڻي“ لفظ ذات جي سوال تي گهٽ ذات لاءِ استعمال ٿيو آهي ۽ ٻي بيت ۾ لفظ ”اگهاڙي“ پڻ ساڳي تصور هيٺ ڪم آندل آهي.

تاريخ مان معلوم ٿئي ٿو ته لطيف سائين جي دؤر وارو سماج اونچ نيچ جي ڦندن ۾ ڦاٿل، ننڍ وڏائي جي زنجيرن ۾ جڪڙيل ۽ هوڏ ۽ هٺيلائپ تي ٻڌل هو.

ڪنهن به اهڙي سماج کي سنئين گس تي هلائڻ لاءِ ضروري آهي ته مظلوم ماڻهن جي دانهن جي داد رسي ڪئي وڃي ۽ سماجي انصاف آڻڻ لاءِ، مظلوم، گهٽ ذات ۽ اقليت جي داد رسي ٿيڻ گهرجي. ٻي صورت ۾ فسادي عناصر وڌندا رهندا ۽ سماجي انصاف آڻڻ ۾ وڌيڪ رڪاوٽون پيدا ٿينديون. ڇو ته ”ماڻهن ۾ انفراديت ايتري ته وڌي ويئي آهي جو هڪ شخص کڻي ڪيتروئي پڪاري ڪو ان جي مدد لاءِ اڳتي نٿو وڌي. ايتري تائين جو اهي ماڻهو به انهن جي مدد لاءِ پنهنجي سيني ۾ ڪو درد محسوس نٿا ڪن جيڪي بي انصافي جي خاتمي لاءِ پنهنجون تحريڪون هلائن ٿا. لطيف سائين سماج جي انهي سور کي محسوس ڪيو ۽ انهن پيڙا ۾ ورتل ماڻهن کي ”ڪميڻي“ ۽ ”اگهاڙي“ جي علامت ۾ پيش ڪري، اهڙي بي انصافي جي خاتمي لاءِ پنهنجون تحريڪون هلائيندڙ نام نهاد ٺيڪيدارن کان پناهه ۽ ستُر جي تقاضا ڪئي آهي، وحدت جي به اهائي تقاضا ۽ اهوئي اصول آهي.

مذهبي طور تي اها ئي تقاضا وحدت جي يڪسانيت واري اصول مطابق خداوند ڪريم کان ڪيل آهي جنهن ۾ سماج روش عناصر جي ظلم ۽ ڏاڍ کان بچاءُ جي خواهش جو زوردار اظهار آهي. اهائي تقاضا هر باشعور فرد کان ڪري سگهجي ٿي.

انسان نفسياتي طور تي جڏهن لاچار، بيوس ۽ سماج جي استحصالي ٽولي توڙي ڪنگن جي ڪني ڪيل پاڻي کان بيزار ٿئي ٿو، تڏهن لازمي طور تي هو ڪنهن آدرشي انسان، پنهنجي ڀرجهلو ۽ ڪارڻي کان اهڙي ماحول مان نجات جو طالبو ٿيندو آهي.

مديني جا ڌڻي، سڻ منهنجا سڏڙا،

تنهنجي آه تڻي، ٻي ڪنڌي ساريان ڪانڪا.

(شاهواڻي-2-2)

مٿين بيت ۾ ”مدينو“ ۽ ”ڌڻي“ ٻئي علامتون آهن. هن بيت ۾ داخلي ۽ خارجي ٻئي عوامل موجود آهن. جڏهن سماج ۾ برايون وڌي وڃن ٿيون ۽ چڱايون گهٽجي وڃن ٿيون تڏهن تاريخ جي ڪا اعليٰ شخصيت ان سماج کي سڌارڻ لاءِ پيدا ٿيندي آهي. حضور ڪريم ﷺ جن جي ظهور کان اڳ ملڪ عرب ۾ مجلسي ۽ اخلاقي برايون وڌي چڪيون هيون ۽ انساني زندگي کي ڪا اهميت ڪونه ڏني ويندي هئي. عورتن کي حقير ۽ پيرن جي جتي کان به گهٽ سمجهيو ويندو هو. انهي ڪري Causes ۽  Effects جي هن دنيا ۾، خداوند ڪريم جي اٽل قانون مطابق، اهڙي ماحول ۾ براين کي تڙڻ لاءِ ڪنهن خاص بندي جو اچڻ لازمي امر هو. لطيف سائين اهڙي ئي صورتحال کي اجهو هيئن بيان ٿو ڪري:

اوٺن ڪارڻ اڄ، نيڻ نهارا مون ڪيا،

پنهون ڄام پهڄ، ته لاهيون اَڃ اکين جي.

(شاهواڻي-2-11)

”اوٺي“ ۽ ”پنهون“ ٻني علامتون حضرت محمد صلعم ڏانهن اشارو به آهي ته هر ان آدرشي ۽ مهان شخصيت ڏانهن به، جيڪو ڏيهه جا ڏولاوا ڏور ڪري ٿو ۽ براين کي دؤر ڪري ڀنڀور کي اجاري ٿو. درد ۾ ورتل ماڻهن جون اکيون اهڙن شخصيتن لاءِ تانگهينديون رهن ٿين.

حقيقي واقعات صرف حقيقي عمل سان ئي پيدا ٿيندا آهن. لطيف سائين انهي سلسلي ۾ چوي ٿو:

سُتا اٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري،

سلطاني سهاڳ، ننڊون ڪندي نه ٿئي.

(شاهواڻي-3-8)

مٿين بيت ۾ ”ستل“ ۽ ”سلطاني سهاڳ“ ٻئي علامتون آهن. انساني ارتقا لاءِ تعمير جو هڪ قاعدو، مسلسل جدوجهد آهي. جيڪو چرپر ڪري ٿو، ان جو رستو ڪڏهن به بند نٿو ٿئي، ان لاءِ ضروري امر اهو آهي ته انسان پاڻ ۾ غفلت کان بچڻ جي عادت پيدا ڪري، ڇو ته ناڪامي ۽ مايوسي صرف اتي وارد ٿئي ٿي جتي زندگي جي بنيادي عوامل کان منهن موڙيو وڃي ٿو. ان ڪري ئي لطيف سائين غفلت ۽ ننڊ جي نحوست جي نشاندهي ڪندي، محنت ۾ معراج ٻڌائي آهي. دنيا داريءَ جي سلسلي ۾ لطيف چوي ٿو.

ڦريا وسي ڦيڻ، کرين کير نه چکيو،

دنيا ڪارڻ دين، وڃائي ولها ٿيا. (شاهواڻي-3-20)

مٿين بيت ۾ ”ڦيڻ“ ۽ ”کير“ ٻئي علامتون آهن. دنيا جو دٻدٻو، قوت، پئسو وغيره لاءِ لفظ ”ڦيڻ“ علامتي طور تي استعمال ڪيو ويو آهي. ”کير“ اڇي رنگ هجڻ ڪري پاڪائي (Purity) ۽ صفائي لاءِ استعمال ٿيو آهي. وڏائي، قوت ۽ پئسو سڀ ظاهر داري واريون شيون آهن انهن جي موهه ۾ ڦاسڻ وارا پاڪائي جي تصور کي سمجهڻ کان ڪورا آهن. اهڙائي ماڻهو ظاهر واري جي ڪري اصليت کان هٽي وڃن ٿا. هي بيت گهڻ معنائو آهي ۽ هرهڪ ماڻهو جي ذوق جو پورائو ڪندڙ آهي. هيٺين بيت ۾ لطيف سائين پيڙا ۾ ورتل فرد جي روئداد ٻڌائي آهي:

پيئي جا پرڀات، سا ماڪ مَ پَسو ماڙهنئا،

روئي ڇُڙي رات، ڏسي ڏکوين کي.

(شاهواڻي-3-16)

ڏکايل جي ڏک کي ڏسي هرڪا دل ناهي روئندي. لطيف سائين انهي صورتحال کي ٻڌائڻ لاءِ علامت جو سهارو ورتو آهي. ”پرڀات“ چڱي ۽ نيڪي جي علامت آهي، رات بدي، ناپاڪي ۽ خراب حالتن جي نشاندهي ڪري ٿي، ”ماڪ“ رحمت ۽ پاڪائي جي پالوٽ ڏانهن اشارو آهي.

لطيف سائين چو ٿو ته وقت سر هرڪو عمل، نيڪي، پاڪائي ۽ سود وارو ٿئي ٿو. باعمل انسانن جي وقت سر ۽ موقعي جي مناسبت سان عمل ڪرڻ ڪري بدي ۽ خراب حالتون به کانئن دؤر ٿي وڃن ٿيون. ان ڪري هر مقصدي ماڻهو کي جڳائي ته پنهنجو ڪم وقت سر ۽ پابندي سان ڪندو رهي ته ڪو سبب ڪونهي جو ناسازگار حالتون سندس مد مقابل ٿين.

مطلب ته نيڪي جي عمل سان جيڪا رحمت جي پالوٽ ٿئي ٿي، ان جي اڳيان برائي ۽ ناپاڪي بيهي نٿي سگهي ۽ اها اهڙن باعمل انسانن جي سچي عمل ڪري گم ٿي وڃي ٿي. سچي عمل اڳيان ڪابه برائي پير ڄمائي بيهي نٿي سگهي.

ٻڌي ۽ ايڪي جي سلسلي ۾ لطيف سائين چوي ٿو:

وڳر ويا وهي، ڪالهه تنهنجا ڪونجڙي،

ڪندين ڪوهه رهي، سَر ۾ سپرين ري؟

(شاهواڻي-4-4)

”ڪونجڙي“ مان مراد آهي سماج جو ستايل انسان. ’سَر‘ مان مراد آهي ديس يا وطن. ”سپرين“ آدرشي انسان ڏانهن اشارو آهي. ٻڌي يا ايڪي مان مراد آهي جُز جو ڪل ۾ سمائجڻ يا ائين چئجي ته اجتماع لاءِ پنهنجي ذات جي قرباني ڏيڻ. ٻڌي جو ٻيو مقصد آهي. ڪنهن مثبت مقصد لاءِ گڏ ٿيڻ جيڪا صحت مند سماج جي علامت آهي. منفي مقصد واري ٻڌي مرض جي علامت آهي. مٿين بيت ۾ لطيف سائين ٻڌي جي مثبت پهلو کي سامهون رکيو آهي.

لطيف سائين آدرشي ماڻهن جي ڪهي وڃڻ کانپوءِ، پنهنجي ئي ديس ۾ ڌارين قوتن جي ور چڙهڻ بجاءِ نبوي پيروي يعني هجرت ڪرڻ لاءِ چوي ٿو. جڏهن حالتون خطرناڪ ٿي وڃن ۽ وجود جي فنا ٿيڻ جو خطرو وڌي وڃي تڏهن حالتن جي سازگار ٿيڻ تائين ديس ۾ رهڻ بجاءِ منتقلي کي ترجيح ڏيڻ گهرجي. هي بيت به گهڻ مقصدو آهي.

ٻڌي ۽ اتحاد جي اهميت ٻڌائيندي لطيف چوي ٿو:

وڳر ڪيو وتن، پرت نه ڇنن پاڻ ۾،

پسو پکيئڙن، ماڙهنئا ميٺ گهڻو.

(شاهواڻي-4-5)

جيڪڏهن ڪنهن جماعت ۾ اتحاد ناهي ته ان جي وجود جي بقا جي به ڪا گارنٽي ڪانهي. مقصد جي حاصلات لاءِ جتي عمل جي ضرورت آهي، اتي ٻڌي ۽ اتحاد کي به اوتري ئي اهميت آهي. لطيف سائين هر عمل انفراديت کان وڌ اجتماعيت تي زور ڏنو آهي. ان ڪري ئي لطيف سائين ٻڌي ۽ اتحاد جو درس ڏيندي پکين جي ولر جي علامت ڏني آهي.

ٻڌي ۽ ايڪي جو ضد ڇڙوڇڙ ٿيڻ ۾ آهي. قومن جي زوال جو سبب ٻڌي وڃائڻ آهي. قومون دشمن جي نرغي ۾ تڏهن ٿيون اچن، جڏهن انهن مان ايڪو ۽ اتحاد ختم ٿي وڃي ٿو. دشمن قوتون هميشہ قومن جي اتحاد کي ڇيهو رسائڻ لاءِ سوين حربا هلائينديون رهن ٿيون. لطيف سائين دشمن جي اهڙين چالبازين کان هوشيار ڪندي چوي ٿو:

ڪونج! نه پسين ڪک، ڍٻ جنهن سين ڍٻِيو،

ماريءَ ماري لک، وڳر هڻين ويڇون ڪيا.

(شاهواڻي-4-16)

مٿين بيت ۾ ”ڪونج“، ”ڍٻ“ ۽ ”ماري“ سڀ علامتون آهن. هن بيت ۾ لطيف سائين اتحاد جي ضرورت تي زور ڏيندي، دشمن جي ڪوڙڪين ۽ ڦندن کان بچڻ جو ڏانءُ ڏسيو آهي. مطلب ته ڪنهن به ديش دروهي پنهنجي شاطرانه چالين سان، قوم جي اتحاد ۾ ڪٿي به ڪو ڇيهو وڌو ته اها قوم ٽولن ۾ ورهائجي ويندي ۽ دشمن لکن ماڻهن کي پنهنجي زهر ڀريل تير جو نشانو بڻائي وجهندو. دشمن جي اهڙي روش اختيار ڪرڻ کان اڳ لطيف سائين قوم کي چتاءُ ڏيندي چوي ٿو:

ڪونج نه لکيو ٻاڻ، جو ماري سندي من ۾،

اوچتي پرياڻ، وڳر هڻي ويڇون ڪيا.

(شاهواڻي-4-17)

لطيف سائين سنڌي سماج جي نفسيات جو جائزو وٺندي چوي ٿو:

ڌڻ ڌارڻ، ڌار رهڻ، اي نه سنگهارڻ سِٽ،

ڪاهي ايندا ڪڏهن، مٿي وانڍ وهٽ،

جي هائو هونئي مِٽ، تپ اوڊو لاه مَ ان جو.

(شاهواڻي-4-27)

لطيف سائين مٿين بيت ۾ ’سنگهار‘ ’وانڍ‘ ۽ ’هائو‘ جا لفظ تصوراتي طور تي ڏنا آهن. سنڌي سماج جي نفسيات جو لطيف ڄاڻو آهي ۽ ان جي ٻڌي، اتحاد ۽ گڏ رهڻ واري عادت کان به واقف آهي، وقتي طور تي دشمن جي چال ڪري، سندن اتحاد کي جيڪو ڇيهو رسيو آهي، انهن کي ٻيهر گڏائڻ جو خواهان آهي. هو دشمن کان هوشيار ڪندي چوي ٿو، ته اهڙن ماڻهن تي اصل اعتبار نه ڪجي، اهي ڇو نه پنهنجن منجهان ئي هجن. دشمن قوتون غير اخلاقي طور تي مال ميڙي مالدار بڻجي ويهن ٿيون. انهن کي هميشہ ان حرام مال جي ڦرجڻ جو خطرو رهي ٿو.

اهڙن استحصالي ۽ ڦورو ٽولن خلاف تاريخ جي هر دؤر ۾ ڪي آدرشي انسان ايندا رهيا آهن ۽ کانئن غلط طريقي سان گڏ ڪيل ملڪيت ۽ مال ڦري، مسڪينن ۽ محتاجن جي حوالي ڪري، مساواتي طريقو اختيار ڪندا رهيا آهن. اهڙي ئي هڪ آدرشي انسان کي لطيف سائين لاکي ڦلاڻي جي علامت ۾ اجهو هيئن پيش ڪيو آهي:

لاکا لک سُڄن، ڦلاڻي ڀير ٻيو،

جنهن ڀر راڻا، راڄيا، ڪوٽن منجهه ڪنبن،

جنهن جو جاڙيجن، سُتي سنچو نه لهي.

(شاهواڻي-4-43)

هن بيت ۾ ’لاکو‘، ’ڦلاڻو‘ ۽ ’جاڙيجا‘ سڀ علامتون آهن. ظاهري طور تي اهي نالا ۽ قبيلا آهن پر حقيقت ۾ اهي ڪنهن لافاني ۽ اجتماعي سوچ جو تصور آهن. ’ڦلاڻو‘ علامت آهي آدرشي انسان جي، جيڪي تاريخ جي هر دؤر ۾ پيدا ٿيندا رهيا آهن ۽ سماج جي ستايلن لاءِ رهبر ۽ سونهان ثابت ٿيندا آيا آهن.

لاکو غريبن جي سارسنڀال لهندڙ هڪ مهان شخصيت جو اهڃاڻ آهي. ان جي دروازي سوين غريب ۽ مسڪين اچيو پناهه وٺن ٿا.

لاکا لڄ سندياءِ، اوڏ اگلي آهيان،

پکاسي پرتاءِ، جي اجهي تنهنجي اڏيا.

(شاهواڻي-4-48)

’اوڏ‘ مسڪيني ۽ غريبي جي علامت آهي. غريب ماڻهو هميشه ڪنهن چڱي ۽ رڄَ مڙس جي ڳوٺ يا راڄ ۾ رهڻ کي ترجيح ڏيندا آهن، جتي سندن حقن ۽ ننگن جي حفاظت ٿئي ٿي. مٿين بيت ۾ لطيف سائين اهڙي ئي حقيقت جو اظهار ڪيو آهي.

’لاکو‘ ڪُل ڏانهن به اشارو آهي ته طاقت ۽ دانشمندي جو اهڃاڻ به آهي. ’اوڏ‘ جز، ڪم طاقتي ۽ سادائپ جو اهڃاڻ آهي. هر مڪتبه فڪر جو ماڻهو مٿين بيت مان پنهنجي پنهنجي فهم مطابق معنيٰ حاصل ڪري سگهي ٿو. لطيف سائين سماج ۾ ظاهر ٿيندڙ ٻنهي حالتن تي نظر رکي ٿو. حالتون سازگار به هونديون آهن ته ناسازگار به اچي سگهن ٿيون، پر هر حال ۾ بهادر ۽ اڏول ٿي وِک وڌائڻ ۾ ئي عظمت ۽ ڏاهپ آهي.

ڪڏهن مڙهه مقام، ڪڏهن ڳاڙهو گهوٽ،

سندو واريءَ ڪوٽ، اڏيو اڏبو ڪيترو.

(شاهواڻي-4-52)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com