26 مصرعا چيا آهن، تن مان ضرورت مطابق 18 مصرعا
پيش ڪيا اٿم:
1- رکن هر چار معمار پيغمبر ابوبڪر و عمر و
عثمان و حيدر
(چارئي پيغمبر جي محلات جا رڪن آهن: ابوبڪر، عمر،
عثمان ۽ حيدر)
2- ابوبڪر است خورشيد معافي عمر ثاقب شهاب
جاوداني
(ابوبڪر حقيقي سج آهي: عمر هميشہ چمڪندڙ ستارو
آهي)
3- شبستان قدم را شمع عثمان علي سر جلوه
تحقيق عرفان (عثمان قديمي محلات جي شمع آهي: علي،
حقيقت جي عرفان جي جلوه جو راز آهي.)
4- يکي صديق يار غار احمد دوم مصطفى شرار
شرک و امجد (صديق، هڪ احمد جو يار غار آهي: ٻيو
وڏن شرڪن جي شعلن کي وسائيندڙ آهي)
5- سيوم گلدسته گلزار نورين چهارم شاه اشجع
عين هر عين (ٽيون (عثمان) نورين جي باغ جو گلدستو
آهي: چوٿون (علي) پهلوانن جو سردار ۽ هر اک جي ديد
آهي.)
6- اگر هر چار ديوار صفا را نبود اين چار
پشتيبان برپا
(جيڪڏهن پيغمبري محلات لاءِ اهي چار ٽيڪون نه هجن
ها)
7- نبودي رنگ عمرانات ارواح ظهور آور بدير
انگاه اشباح
(ته روحانيت جي عمارتن جو رنگ نه رهي ها: چمڪ ۾ شڪ
۽ شبهو ظاهر ٿي پوي ها.)
8- سزد گرلب بخواهش واکشايم کہ تا باشند
شاهان جان فزايم
(جيڪڏهين سندن طلب ۾ چپ چوريان ٿو ته
منهنجي جان کي شاه ترقي ڏين ٿا)
9- اغثني يا رفيق رهبر حق توئي مهدي عالم و
نور مطلق
(اي حق جي رهبر جا ساٿي منهنجي مدد ڪر.
تون جهان جو هادي ۽ نور مطلق آهين)
10- بحق منصب عالي قدر خويش عطا صديق محبت کن
بدرويش (پنهنجي شان ۽ عالي منصب جي صدقي. هن درويش
کي صدق محبت عطا ڪر)
11- بفريادم رس اي فاروق سلطان توئي بيشک
مغيث انيس وهم جان
(اي فاروق سلطان، منهنجي دانهن ورناءِ. بيشڪ تون
ئي انسانن ۽ جنن جو فرياد رس آهين)
12- بحرمت اقتداري خود کہ داري بہ بخشا ذوق
دل وهم خاکساري (پنهنجي اقتدار ۽ طاقت جي صدقي دل
جو ذوق ۽ خاڪساري عطا ڪر.)
13- بگير اي شاه عثمان دست بيڪس توئي مقبول
رب العالمين بس (شاه عثمان:(هن)عاجز جو هٿ وٺ تون
رب العالمين جو مقبول آهين)
14- بشان عاليت الطاف فرما کہ بيند چشم دل
نور تجلا
(پنهنجي عالي شان جي صدقي لطف فرماءِ جو
دل جي اک نور جا تجلا ڏسي)
15- مدد يا شاه مردان طريقت توئي ساقي مستان
حقيقت
(اي طريقت جي مردن جا شاه مدد ڪر. تون
ئي حقيقت جي مستن جو ساقي آهين)
16- بفز سر خوشي حال تعرف بنوشانم مي از جام
تصوف
(عرفاني حال جي خمار جي صدقي تصوف جي جام مان، مون
کي وحدت جو شراب پيار)
17- خدايا حرمت هر چار سلطان کہ دين خاص
راهستند ار کان
(اي الله چئني شهنشاهن جي صدقي، جو خاص
دين جا ارڪان آهن)
18- مرا گردن گدائي کوئي اوشان بجام فيض مست
از بوئي اوشان
(مون کي انهن جي ڳليءَ جو گداگر بڻاءِ.
انهن جي خوشبوءِ مان فيض جي جام سان مست بڻاءِ)
عقيدو پنجون: ٻارهن امامن جي باري ۾.
دوازده ائمہ اهلبيت نبوت خاندان عاليشان، قسم نار
و جنان اند، و عطا فرمائي منصب ولايت اغواث زمان و
اقطاب دوران.
ترجمو: ٻارهن امام عاليشان نبوت جي خاندان جا اهل
بيت آهن، دوزخ ۽ جنت جا ورهائيندڙ آهن ۽ ولايت جو
عهدو عطا ڪندڙ ۽ وقت جو غوث ۽ قطب بنائيندڙ آهن.
غزل
1- افروخت عشق شمع جمال محمدي
شد مرتضى ظهور کمال محمدي
(محمدي جمال جي شمع مان عشق روشن ٿيو. محمدي ڪمال
مان حضرت علي مرتضى ظاهر ٿيو)
2- حضرت حسن شعاع هما آفتاب بود
شبير شمس نور جلال محمدي
(حضرت حسن انهيءَ ساڳئي آفتاب جو شعاع هو، حضرت
حسين، محمدي جلال جي نور جو سج هو)
3- زين العباد و باقر و جعفر صفات است
کاظم و رضا است مظهر حال محمدي
(حضرت زين العابدين، حضرت باقر ۽ حضرت جعفر سندس
صفتون آهن. حضرت ڪاظم ۽ حضرت رضا، محمدي حال جا
مظهر آهن)
4- تقي و نقي عسکري القاب وي شده
مهدي است موبو مثال محمدي
(امام تقي، نقي ۽ عسڪري سندس لقب آهن. مهدي هو.
هوبهو محمدي مثال آهي.)
5- بيدل زعشق بهره دهندت بگو بصدق
صلوات بر محمد و آل محمدي
(اي بيدل! توکي عشق مان بهرو ڏيندا (تنهنڪري) تون
صدق سان چئو يا پڙهه صلوات محمد تي ۽ محمد جي آل
تي.)
عقيدو ڇهون: ڏهن بشارت ڏنل اصحابن جي باري ۾.
عشره مبشره مقربان درگاه نبو تند، معدن ايمان و
عرفان و معزن دين و فتوت.
ترجمو: ڏهه بشارت ڏنل اصحاب نبوت جي درگاه جا
مقرب آهن، ايمان ۽ عرفان جي کاڻ آهن، دين ۽
ڪاميابي جو خزانو آهي.
قرآني آيت به هيءَ ڏنل آهي: اما العشرة المبشرة
يتبشرون بنعمة من الله و فضل
ترجمو: ڏهن بشارت ڏنل (اصحابن) کي الله جي نعمت ۽
فضل جي بشارت ۽ مبارڪ ڏني ٿي وڃي.
عقيدو ستون: مذهبي امامن جي باري ۾.
ائمہ مذهب اربعہ ستون بارگاه شرح اندر
رباني معمار تقوى ورع.
ترجمو: چارئي مذهب امام شريعت جي درگاه جا مقرب
آهن. تقوى ۽ پرهيزگاريءَ جي عمارت جا بانيڪار آهن.
آيت: اما المجتهدون اولائک کتب في قلوبهم الايمان
و ايديهم بروح منہ.
ترجمو: مجتهد شخص هي آهن، جن جي دلين ۾ ايمان لازم
۽ فرض ڪيو اٿس، انهن کي پنهنجي روح مان.
عقيدو اٺون: محبوب سبحاني سيد عبدالقادر جيلاني جي
باري ۾.
انهيءَ باري ۾ سندن ڪتاب ”رياض الفقر“
جي 61 صفحي تي 22 مصرعن مان صرف پنج مصرعا پيش ڪيا
اٿم:
1. هما نوري کز و عالم منير است
فروغ نور پاک دستگير است
(اهو ساڳيو نور آهي، جنهن کان جهان روشن آهي، پاڪ
نور جو شعاع ستگير آهي)
2. زنور او جهان را ديده روشن
ببويءَ او زمين را خانہ گلشن
(انهيءَ جي نور
سان
جهان جي اک روشن آهي، انهيءَ جي مهڪ سان زمين گل و
گلزار آهي.)
3. روان بر لوح کاف و نون قلم او
رقاب اوليا زير قدم او
(ڪاف، نون ۽ لوح قلم تي سندس حڪم جاري آهي،
اوليائن جي گردن، سندس قدم جي هيٺان آهي)
4. مريدي لا تخف عهد عطا تست
کنون اي الوفا وقت وفا تست
(اي مريد ڪوبه خوف نه ڪر، تنهنجي بخشش جو عهد آهي.
اي وفادار جوان، تنهنجي وفا جو وقت آهي)
5. تو سلطان دل و محي العظامي
تو يوسف صورت و عيسى کلامي
(تون دل جو بادشاه ۽ عضون جو زنده ڪندڙ آهين. تون
يوسف صورت ۽ عيسى صفت ڪلام ۽ (دم) رکندڙ آهين)
عقيدو نائون: اولياءَ ڪرام جي باري ۾.
1. چون در دل تو حب فقرا نهاد حق
ميدان بيقين کہ مطلب کلي تو داد حق
(الله تعالى جيڪڏهين تنهنجي دل ۾ فقرا جي محبت رکي
آهي ته يقين ڪري سمجهه ته الله تنهنجا سڀ مطلب
پورا ڪري ڇڏيا).
2. ليکن بشکر آنکہ تر اکرده اند ياد
دم بر ميار تاک توئي جز بياد حق
(سو شڪر هن ڪري ڪر، جو توکي ياد ڪيو اٿس. فخر نه
ڪجانءِ، ته الله فقط توکي ئي ياد ڪيو آهي.)
3. بيدل سري بنہ سر خاک اوليا
بل خاک آستانہ شان ساز توتيا
(بيدل پنهنجي سر کي اوليائن جي خاڪ مٿان رک، بلڪ
اُنهن جي آستان جي خاڪ جو سرمو ٺاهه.)
بيدل صاحب ”نهر البحر“ ڪتاب جي 45 صفحي تي فقراءَ
۽ الله وارن جي تشريح ڪندي فرمايو آهي ته ڪهڙن
فقيرن جي صحبت فيض بخشيندي ۽ ڪهڙن
جي صحبت ۽ سنگت نقصان رسائيندي آهي:
1. صحبت صوفي صفائي بخشدت
از تعلق تن رهائي بخشدت
(صوفين جي صحبت توکي اهڙي صفائي عطا ڪندي جو توکي
جسم جي تعلقات کان آزاد ڪري ڇڏيندي
2. صحبت درويش اهل معرفت
سازدت از نور خود روشن صفت
(معرفت واري درويش جي صحبت توکي پنهنجي نور مان
روشن صفت بڻائي ڇڏيندا.)
3. صحبت کامل ترا بخشد کمال
صحبت اهل هوس بخشد ضلال
(ڪاملن جي صحبت توکي ڪمال بخشيندي. هوس وارن جي
صحبت گمراهي بخشيندي.)
4. صحبت فقرا ترا بخشد صفا
صحبت جهلا دهد رنگ و دغا
(فقرا جي صحبت توکي فيض بخشيندي. جاهلن جي صحبت
دغا جو رنگ چاڙهيندي)
5. از کدورت محبت تن پروران
دل سياه و تيره گردد در زمان
(تن پرورن جي صحبت جي ڪدورت دل کي ڪارو ۽ ڪٺور،
اُتي جو اُتي ڪري ڇڏيندي.)
6. صحبت اصحاب دل سود نهان است
صحبت اهل دول رنج و زيان است
(اصحاب دل جي صحبت مخفي فيض عطا ڪندي آهي.
دولتمندن جي صحبت ۾ دک ۽ نقصان آهي.)
7. اهل دين باش و حقيقت دوست شو
مغز را بگزين بري از پوست شو
(ظاهر دين دار هج ۽ باطن ۾ حقيقت جو دوست هج. اصل
شيءِ کي هٿ ڪر، کل ۽ پوست کان ڀڄي بيزار ٿي.)
عقيدو ڏهون: پرده نشين اولياءَ ڪرام جي باري ۾.
بيدل صاحب ”تقويت القلوب“ جي 190-191 صفحي تي ”مرد
نه مرن ڪڏهين ڪوپا هن قائم“ جي موضوع تي ڪافي دليل
۽ سندون لکيون اٿن، سي ڪتاب جي طوالت سبب سڀ پيش
ڪرڻ مشڪل آهن، تنهن هوندي به محبت وارن واسطي ڪجهه
ضروري سندون پيش ڪريان ٿو:
1. ابي سعيد الخذري رضه قال قال رسول الله
ﷺ مثل الذي يذکر ربہ والذي لا يذکر ربہ کمثل الحي
والميت،
(حديث متفق عليہ)
(ابي سعيد الخذري رضه کان روايت آهي ته فرمايو
رسول الله ﷺ ته ذاڪر شخص جو مثال حيُ ۽ زنده وانگر
آهي ۽ غافل شخص جو مثال ميت ۽ مرده وانگر آهي.)
2. بر روئي خلائق در صحبت مکشائي
مي باش بکلي متوجہ بخدائي
غافل مشواز ذوق دل و ذکر زبان
تا زنده جاويد شوي در دو سرائي
(مخلوقات جي اڳيان صحبت جو دروازو نه کول، سراسر
خدا ڏانهن متوجه رهه. دل جي ذوق ۽ زباني ذڪر کان
غافل نه رهه، جيستائين ٻنهي جهانن ۾ هميشہ لاءِ
زنده ٿي پوين.)
3. هرگز نميرد آنکہ دلش زنده شد بعشق
ثبت است بر جريده عالم دوام ما
(خواجہ حافظ)
(جنهن شخص جي دل، عشق سان زنده ٿي پئي، سو ڪڏهين
نه مرندو. (اهو) اسان جي دائمي جهان جي بورڊ تي
لکيل آهي.)
4. اي بيتو حرام زندگاني
خود بيتو کدام
زندگاني
هر زندگي کہ بيتو باشد
مرگ
است بنام زندگاني
(اي محبوب توکان سواءِ زندگي حرام آهي. خود تو
کان سواءِ ڪهڙي زندگي آهي، جا توکان سواءِ آهي، سا
حقيقت ۾، مردو آهي، صرف ظاهري زندگي نالو اٿس.)
5. آن کس کہ عشق تو ندارد خبري
هر چند بود زنده مماتي دارد
و آنکس کہ بياد تو برد عمر بسر
بي جان به بقائي تو حياتي دارد
(جو شخص تنهنجي عشق کان بي خبر آهي، سو ڪيترو به
زنده هجي (حقيقت ۾) مردو آهي ۽ جنهن شخص تنهنجي
ذڪر ۾ عمر ختم ڪئي سو بي جان، تنهنجي بقا سان حيات
آهي.)
6- هرکرا جانش تو باشي خوش آنجاني که جانانش
تو باشي
(جنهن شخص جي جان تون ٿي پئين، واه جو
اهو محبوب آهي، جنهن جو محبوب تون ٿي پئين)
7- مرڻان اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات
هون سي حيات، جيڻا اڳي جي جيا (شاه)
8- جيڻا اڳي جي جيا، جڳ جڳ سي جين
موٽي سي نه مرن، مرڻا اڳي جي جيا (شاه)
9- مرد نه مرن ڪڏهين، ڪوپا هن قائم
هم مرين ته گرو مري، دولهه مارن دم
ديهي ريءَ دائم، حاضر هن هر جاءِ تي
(بيدل)
10- المومن من حيّ في الدارين (حديث)
(مومن ٻنهي جهانن ۾ حيّ ۽ زنده آهي)
11- ان اولياءَ الله لا يموتون ولا کن
ينتقلون من دار الا دار. (حديث)
(تحقيق الله جي اولياءَ مرندا نه آهن
پر هڪ گهر ڇڏي ٻئي گهر ڏانهن ويندا آهن.)
12- فلنحيينہ حيواة طيبة . (القرآن)
(اسان انهن کي پاڪ حياتيءَ ۾ حيات رکندا
آهيون.)
13- کل نفس ذائقة الموت. (قرآن)
(هر هڪ نفس موت جو دائقو چکندو.)
هن آيت جي تفسير ۾ بيدل صاحب لکيو آهي ته ”کشف
الاسرار“ واري ۽ محققن فرمايو آهي ته نفس ۽ بشريت
کي موت ايندو ۽ معرفت واري جان ۽ روح کي موت نه
ايندو، بلڪ حيات طيبہ جي حياتيءَ ۾ هميشہ حيات
رهندو.
14- ڪاتي ڪٺي سڀڪا، اکين ڪٺي آءُ
جا نينہ ڳنهندي ناءُ، سا مون جيان پوندي
مامري (شاه)
(هڪڙا جهاد اصغر ۾ تلوار وغيره سان شهيد ٿيا ۽ هي
جهاد اڪبر ۾ الاهي رضا ۽ نظر رحمان سان شهيد ٿيا
آهن.)
15- ولا تقولوا لمن يقتل في سبيل الله اموات!
بل احياءُ ولاکن لا تشعرون. (قرآن)
(جيڪي الله جي راه ۾ شهيد ٿيا، تن کي مئل ڪڏهن نه
چئو، بلڪ اهي حيات ۽ زنده آهن. پر اوهان کي شعور ۽
سمجهڻ جو مادو نه آهي.)
16- بيائي بيايم ز گنبذ فرود رساني درودم
رسالم درود
(اي حاجتمند) تون جي اچين ٿو ته آءُ اچان ٿو آسمان
کان هيٺ لهي. تون جي مون کي درود ۽ دعا ٿو رسائين،
ته مان به توکي دعا ٿو ڏيان.)
مرا زنده پندار چون خويشتن من آيم بجان گر تو آئي
بتن
(مون کي تون پاڻ وانگر زنده سمجهه. مان جان سان
ايندو آهيان، جيڪڏهن تون جسم سان ايندو آهين.)
مدان خالي از همنشيني مرا به بينم ترا گر نه بيني
مرا
(مون کي پاڻ کان ڌار نه سمجهه آءُ توکي ڏسان ٿو
جيڪڏهن تون مون کي نه ٿو ڏسين)
دعاء تو بر هرچه آرد شتاب من آمين کنم تا شود
مستجاب
(مخدوم نظامي) |