سيڪشن؛ لطيفيات 

ڪتاب:شاهه جي غم جو فلسفو

 

صفحو :5

 روءِ راڻي جي ناه ڪو، سوڍا ٻيا بھ سڃاڻ،

نسورياني نينھن جي، ڪشيائين ڪمان،

ڇڏي وياڇوه ۾، دعوائون ديوان،

ٻي رھيائي ڪان، ٿيومڙيو ئي مينڌرو.

اتي راڻي جي روحاني رفعتن ماڻڻ جو سفر پورو ٿو ٿئي ۽ مومل جي اندر جي ھجرت شروع ٿي ٿئي. ان ھجرت جو شروعات غم ۽ اندوھھ سان ٿي ٿئي. سسئيءَ کي رڳو پنھونءَ جي وڇوڙي جو غم ھو پر مومل کي راڻي جي وڇوڙي سان گڏ ان ڳالھھ جو بھ ڏک آھي تھ ھن جي پرينءَ سندس وفاداريءَ تي شڪ ڪيو. شاھھ مومل جي وڇوڙي جي تڙپ ۽ اندر جي ايذاءَ سان راڻي جي انتطار جو مختلف زاوين کان اظھار ڪيو آھي ۽ ھن جي انتظار جا مختلف ۽ جدا جدا Images ٺاھيا آھن. ڪتيون ڪرٿيون موڙين، ٽيئي ٽيڙو اڀا آھن. ڏيئي جي وٽ جي سرڻ سان وقت جي گذرڻ جو احساس، تيل ڦليل جي ڏيئن جو ٻرڻ، ٻري وسامڻ ۽ وري ٻرڻ، ستارن جي روشنيءَ جي جھڪي ٿيڻ سان انتظار جي رات جو گذري وڃڻ:

شمع ٻاريندي شب، پره باکون ڪڍيون

--

اڀي اڀاريام، نکٽ سڀ نئي ويا،

--

ڏيئا تيل ڦليل جا، ٻاريم تائين ٻانگ،

--

وٽ سوريندي ولھا، ويو تيل ٻري،

--

ڪتين ڪــر موڙيا، ٽيڙو اڀا ٽيئي.

راڻي مومل تي شڪ ڪري ھن تي داغ لڳايو ھو، مومل کيس ان جو مھڻو ڏيندي چوي ٿي:

جيئن ايندي ئي موٽئين مينڌرا، وڏي جاڙ ڪياءِ،

وڙ ھئين ولھا ھوند، چئي مون جاڳاءِ،

تھ ستي جي ساڃاءِ، سوڍا، سگھائي ٿِيءِ.

پر پوءِ جڏھن راڻو علامت ٿو بڻجي تڏھن ھو اھو راڻو نٿو رھي جنھن ھن تي الزام ھڻي ھن کي اگھاڙو ڪيو ھو. پر ھو ھن نئين شناخت ۽ نئين جوڻ ۾ مومل جي اوگھڙ جو ستر آھي ۽ ھن کي ڪاڪ جو ڪڪر ڪيو اٿئين:

ڍولي ڍڪي آھيان، ھيس اگھاڙي اڳ،

جوڙي وچان جڳ، ڪڪر ڪيائينم ڪاڪ جو.

--

ڍولي ڍڪي آھيان، ھيس اگھاڙي آنءُ،

رکي پنھنجو نانءُ، ڪڪر ڪيائين ڪاڪ جو.

ھي نئين جوڻ ۾ آيل راڻو مومل جي راحت ۽ ڌرتيءَ جو راڄ ڌڻي آھي جنھن لاءِ سھاڳڻيون سڪن ٿيون:

آءُ راڻا راحت، تاڄ ڌرتيءَ جا ڌڻي،

سڪن ٿيون سھاڳڻيون، سوڍا، تنھنجي سٿ،

مون تان لاءِ م ھٿ، ڪامل ڪاڪ جا ڌڻي.

پوءِ اوچتو مومل جي ھجر ۽ مايوسيءَ جي اونداھي رات ۾ اميد جو سوجھرو  ڦٽي ٿو پئي. شاھھ مومل راڻو قصي ۾ ھڪڙو نئون ڪردار متعارف ٿو ڪرائي. اھو ڪردار ھڪڙي آديسي جو آھي جيڪو راڻي جي ريھاڻ مان آيو آھي ۽ جنھن جي اچڻ سان ھجر ۽ مايوسيءَ جي اونداھيءَ رات ۾ چوڏھين ماھ چنڊ جي چانڊاڻ کڙي پئي آھي:

راڻي جي رھاڻ مان، ڪو آديسي آيو،

چوڏھينءَ ماه چنڊ جيئن، ڪيو ساميءَ سھاؤ،

لٿو اونداھو، جوڳيءَ سندي جوت سان.

ساميءَ جي اچڻ ۽ سھائي ڪرڻ سان سر جي پھرين داستان واري جوڳي ڪاپڙيءَ جو ڪردار پنھنجن منطقي انجام کي ٿو پھچي. راڻي جي ھجر جو غم ۽ الزام جي ايذاءَ سان مومل جي اندر ۾ شروع ٿيل ھجرت مڪمل ٿي ٿئي. مومل جو اندر بھ سسئيءَ وانگر ڏکن، ايذائن سان اجرو ٿو ٿئي ۽ ھوءَ ان راڻي کي ڳولھي ٿي لھي جنھن جو چوڏس چٽائو آھي، جيڪو ھن مھل تائين ھن جي اکين کان اوجھڙ ھو ۽ ھاڻي جڏھن ھن جو اندر اجرو ٿيو آھي تڏھن ھو اھو چٽاڻو پسي سگھي آھي. ھاڻي سڀئي طرف، ڏساؤن ميٽجي ۽ ريٽجي ويون آھن، نھ ڪاڪ آھي، نھ لڊاڻو ۽ نھ عمرڪوٽ وارو راڻو. سڀ نظر جو فريب ھو. اندر ۾ ئي ڪڪوري ڪاڪ آھي. لڊاڻو ۽ باغ بھار آھي. جنھن راڻي لاءِ ھوءَ بيتاب ھئي اھو چوڌر پيو چمڪي، ھر طرف راڻو ئي راڻو آھي:

ڪيڏانھن ڪاھيان ڪرھو، چوڏس چٽاڻو

منجھين ڪاڪ ڪڪوري، منجھين لڊاڻو،

راڻو ۽ راڻو، ريءَ راڻي ٻيو ناه ڪو.

--

ڪيڏانھن ڪاھيان ڪرھو، چٽاڻو چوڌار،

منجھين ڪاڪ ڪڪوري، منجھين باغ بھار،

ڪانھي ٻي تنوار، ٿيو مڙيو ئي مينڌرو.

 

 


 

تند، ڪٽارو، ڪنڌ

پس منظر:

موسيقي اھڙو فن آھي جنھن جو سڌو سنئون تعلق انسان جي جذبن ۽ احساسن سان آھي. موسيقيءَ جو ٻڌڻ وارن تي ڪيترو اثر ٿو ٿئي تنھن لاءِ گھڻيئي عجيب و غريب ۽ ويساھھ ۾ نھ ايندڙ واقعا مشھور آھن. مثال چيو ويندو آھي تھ ميگھھ راڳ سان بي مندائتو مينھن وسندو آھي ۽ ديپڪ راڳ سان اجھاميل ڏيئا ٻري پوندا آھن. مٺي ۽ سريلي آواز سان ماڻھو رئندا، رڙيون ڪندا، نچندا ۽ ڪڏھن ڪڏھن مري بھ پوندا آھن. حضرت داؤد لاءِ چيو ويندو آھي تھ پاڻ جڏھن مٺي آواز ۾ زبور پڙھندو ھو تھ انسان، جن، حيوان ۽ پکي سندس قرائت ٻڌندا ھئا ۽ مري بھ پوندا ھئا. عرب اٺن جي رفتار وڌائڻ لاءِ حدي ڳائيندا ھئا جنھن جي ڪري اٺ ايڏا تکا ھلندا ھئا جو ٽن ڏينھن جو سفر ھڪ ڏينھن ۾ پورو ڪندا ھئا. ان سلسلي ۾ حضرت ابوبڪر محمد بن دائود الدينوري، ھڪرو واقعو لکيو آھي تھ ھڪ دفعي مان ڪنھن عرب قبيلي جي ھڪ ماڻھوءَ وٽ مھمان ٿيس، ڏٺم تھ ھن جي گھر ۾ ھڪڙو شدي غلام رسن سان ٻڌل ھو. مون کي ڏسي غلام چيو تھ منھنجو مالڪ تنھنجي عزت ٿو ڪري ۽ ھو تنھنجي ڳالھھ نھ موٽائيندو، مھرباني ڪري تون ھن کي منھنجي سفارش ڪر ۽ مون کي آزاد ڪراءِ. مون ھن سان واعدو ڪيو تھ مان سندس مالڪ کي کيس آزاد ڪرڻ لاءِ ضرور چوندس ۽ پوءِ منھنجو ميزبان جڏھن ماني کڻي آيو تھ مون کيس چيو تھ مان تيستائين تنھنجي ماني نھ کائيندس جيستائين تون ھن غلام کي آزاد نھ ڪندين. ميزبان منھنجي ڳالھھ ٻڌي ائين عجب مان جواب ڏنو ڄڻ مون ساڻس ڪا اڻ ٿيڻي ڳالھھ ڪئي آھي. چيائين ھن کي آزاد ڪيان جنھن مون کي تباھھ ڪيو آھي. خبر اٿو تھ ھن ڇا ڪيو آھي، مان اٺن تي بار برداريءَ جو ڪم ڪندو آھيان، ھڪ ڏينھن ھن غلام اٺن تي تمام گھڻو بار رکيو ۽ سفر تي روانو ٿيو. جتي مال پھچائڻو ھو اھو ٽن ڏينھن جو سفر آھي پر ھن حدي ڳائڻ شروع ڪئي ۽ اٺ ايڏا تھ تِکا ھليا جو ٽن ڏينھن جو سفر ھڪ ڏينھن ۾ پورو ڪيائون ۽ پوءِ جڏھن اٺن تان بار لٿو تھ سڀ اتي جو اتي مري ويا. مان ھن کي ڪڏھن بھ آزاد نھ ڪيان ھا پر اوھان جي چوڻ تي کيس آزاد ٿو ڪيان. ميزبان جي ڳالھھ ٻڌي منھنجي دل ۾ غلام جو آواز ٻڌڻ جو شوق جاڳيو. مون ميزبان سان ڳالھھ ڪئي. ميزبان غلام کي چيو تھ کوھھ ۾ جيڪو اٺ پيو وھي ان جي حدي ڳاءِ. غلام حدي ڳائڻ شروع ڪئي تھ اٺ پريشان ٿي رسا ڇنائي وٺي ڀڳو ۽ مان پٽ تي ڪري پيس.

ھڪڙو واقعو sir William Jones پنھنجي ڪتاب “On the Musical Moods of Hindus” ۾ لکيو آھي. سر ولئم جونز وڏو عالم ۽ زبانن جو ماھر ھو. ھن کي تيرنھن زبانن ۾ مھارت حاصل ھئي. ھو ھندوستان ۾ آيو، ھتان جي موسيقيءَ جو علم حاصل ڪيو ۽ ١٧٨٤ع ۾ ھتان جي موسيقيءَ لاءِ ايشياٽڪ سوسائٽي قائم ڪيائين. ھن پنھنجي ڪتاب ۾ لکيو آھي تھ ھڪڙي سياڻي ۽ سمجھدار ايرانيءَ مون کي ٻڌايو ۽ اجازت ڏنائين تھ مان ڀل ھن جي نالي سان سندس ڳالھھ پنھنجي ڪتاب ۾ لکان. ھن ٻڌايو تھ مون شيراز جي مشھور Lutist مرزا محمد جنھن کي بلبل چوندا آھن، جي موسيقيءَ جي ڪيترين محفلن ۾ شامل ٿيو آھيان ۽ ھر دفعي مون اھو لقاءُ ڏٺو آھي جيڪو ان ڏينھن مون شيراز جي ھڪڙي باغ ۾ ڏٺو. بلبل پنھنجو ساز ٿي وڄايو تھ مون ڏٺو تھ ڪيتريون بلبليون بيچينيءَ مان وڻن تان اڏامڻ ۽ ٽاريون ٽپڻ لڳيون، ايئن ٿي لڳو ڄڻ ھو ان ساز جي ويجھو وڃڻ لاءِ ٿي تڙڦيون جنھن مان نغمان ٿي ڦٽا ۽ نيٺ ھو بيھوش ٿي پٽ تي ڪري پيون. بلبل جڏھن ساز تي پراڻو نغمون بند ڪري نئون نغمون شروع ڪيو تھ بلبليون ھوش ۾ آيون ۽ اڏامي ويون.

موسيقيءَ جي تاثير جو سڀ کان وڏو مثال اسان جي لوڪ ڪھاڻي سورٺ راءِ ڏياچ آھي جنھن ۾ ٻيجل جڏھن ساز وڄائيندو ھو تھ پکي ۽ جانور سڀ سندس چوڌاري ويھي سندس ساز ٻڌندا ھئا ۽ ھن جي ساز تي ڏياچ سر ڏنو. مڃون ٿا تھ اھا ڪھاڻي ڏندڪٿا آھي پر تنھن ھوندي بھ ڪھاڻيءَ جي واقعن جي امڪان کي رد ڪري نٿو سگھجي. ھاڻي تھ جديد دور جا سائنسدان بھ ان ڳالھھ کي مڃن ٿا تھ ڪن آوازن ٻڌڻ سان دل ۾ خوشي، ڪن سان غم ۽ ڪن سان طبيعت ۾ نرمي پئدا ٿيندي آھي. آمريڪا جي ھڪڙي نفسيات جي ماھر ميڪس مچوئس پنھنجي تجربيگاھھ ۾ ماڻھن کي موسيقيءَ جا رڪارڊ ٻڌائي تجربا ڪيا ۽ ڪي نتيجا ڪڍيا. انھن نتيجن مطابق موسيقي ٻڌڻ سان ماڻھوءَ ۾ ھيٺيون ڪيفيتون پيدا ٿين ٿيون:

١. ننڊاکڙي ۽ سڪون واري حالت.

٢. جذباتيت، حساسيت، خواھش، پِگھرڻ واري حالت.

٣. غم، ڪھڪاءُ، ماتمي ڪيفيت.

٤. بشاشت، شوخي، مسرت.

٥. سنجيدگي، بردباري، روحانيت.

٦. بردباري، مروت.

٧. جوش ۽ ولولو.

٨. جنگجوئيءَ واري حالت.

٩. سنسني خيزي.(1)

قديم دور ۾ جڏھن اڃا سائنسي تحقيق ۽ ايجادون شروع نھ ٿيون ھيون تڏھن اسان جي ھن ننڍي کنڊ ۾ موسيقيءَ جي عالمن موسيقي ۽ انساني احساسن جي تعلق جي باري ۾ کوجنا ڪري ڪي نتيجا ڪڍيا ھئا جن کي ھن سائنسي دور ۾ بھ صحيح مڃيو ٿو وڃي. ان دور جي عالمن انسان جا نو بنيادي جذبا ٻڌايا آھن جن کي ھنن رس سڏيو. موسيقيءَ جي ھڪڙي عالم رس جي تشريح ڪندي چيو آھي تھ ”ڳائڻو جڏھن ڳائيندو آھي تڏھن حسن تخليق ڪندو آھي ۽ ان حسن جي معرفت ھو پنھنجي نغمي جا احساس ٻڌڻ وارن تائين پھچائيندو آھي. ٻڌڻ وارن جي جذبن کي جاڳائيندو آھي ۽ اھا ڪيفيت ماورائي ھوندي آھي ۽ ان ڪيفيت کي رس چئبو آھي.“ رس نو آھن.

١. شرنگارس، محبت

٢. ھاسيھ رس- کل

٣. ڪاروڻھ رس- رحم ۽ ترس

٤. رودرا رس- وحشت، ڪاوڙ

٥. ويرا رس - بھادري

٦. ڀيانڪا رس - خوفناڪ

٧. بڇانيارس - بَڇان

٨. اديوتا رس - حيرت

٩. شانتا رس – سڪون، شانت(1)

ھنن اھو بھ چيو تھ ڏينھن ۽ رات جي سورنھن پھرن مان ھر ھڪ پھر ۾ انسان جي احساساتي ڪيفيت الڳ ھوندي آھي. صبح جي پھرين پھر ۾ ماڻھوءَ جي جيڪا ڪيفيت ھوندي آھي اھا منجھند جي پھر ۾ نھ ھوندي آھي. رات جي پھرين پھر واري ڪيفيت رات جي پوئين پھر واري ڪيفيت کان ٻي ھوندي آھي. ائين ھر ھڪ سر ۽ سرن جي جدا جدا ترتيب جو بھ پنھنجو مزاج ۽ پنھنجي ڪيفيت ھوندي آھي. جدا جدا سر پنھنجي پنھنجي مزاج جي لحاظ کان غمگين، جوشيلا ۽ خوشگوار ھوندا آھن ۽ قديم زماني جي موسيقارن ڏينھن ۽ رات جي جدا جدا پھرن ۾ انسان جي ڪيفيتن کي ذھن ۾ رکي موسيقيءَ جي سرن کي جدا جدا انداز سان ترتيب ڏنو آھي جنھن سان جدا جدا راڳ ٺھيا آھن، جن جو پڻ پنھنجو پنھنجو مزاج آھي. پوءِ ھنن راڳ ڳائڻ جا وقت مقرر ڪيا. ڏينھن ۽ رات جي جدا جدا پھرن وانگر جدا جدا موسمن ۾ بھ ماڻھن جي ڪيفيت بدلجندي آھي. موسمن جي مزاج ۽ موسمن مان پئدا ٿيندڙ ماحول ۽ ان جو ماڻھن جي مزاجن تي پوندڙ اثرن کي ذھن ۾ رکي راڳ مقرر ٿيا ۽ اھي راڳ انھن موسمن ۾ ئي ڳائجڻ ۾ آيا. جيئن ميگھھ ساوڻ ۽ وسنت بھار ۾ ڳائجڻ لڳا.

صوفي بھ راڳ جي تاثير جا قائل آھن ۽ راڳ کي روحاني بلنديءَ جو وسيلو سمجھندا آھن. صوفين جي روحانيت واري راڳ کي سماع چئبو آھي. جن جو ٻڌڻ صوفين جي ڪن مسلڪن ۾ عبادت آھي. حضرت علي ھجويريءَ پنھنجي ڪتاب ڪشف المحجوب ۾ لکيو آھي تھ انساني حواسن مان ٻڌڻ جي حواس کي اوليت حاصل آھي. ڇاڪاڻ تھ ٻڌڻ جي حواس سان ماڻھو نبين کان خدا جو ذڪر، خدا جا احڪام ۽ خدا جي ديدار جون بشارتون ٻڌندو آھي. انساني روحن جو پھريون سماع الست بربڪم جو آواز ھو. ان پھرين سماع جي موسيقيت انسان جي اندر ۾ پوشيده ھوندي آھي ۽ جڏھن ھو ڪو مٺڙو آواز ٻڌندو آھي تڏھن ھن جي روح ۾ اھا موسيقيت اڀرندي آھي. حضرت نظام الدين اوليا کي پوربي راڳ پسند ھو ۽ ان راڳ جي باري ۾ فرمايو ھئائون تھ الست جو آواز مون پوربي راڳ ۾ ٻڌو ھو.

سماع جي باري ۾ امام غزالي، احياء العلوم ۾ لکيو آھي:

”جنھن ماڻھوءَ ۾ راڳ سان تحرڪ پئدا نٿو ٿئي اھو ماڻھو ناقص، اعتدال کان ھٽيل ۽ روحانيت کان پري ۽ طبيعت ۾ اٺن ۽ پکين اڃا بھ جانورن کان بھ ھيٺاھون آھي ..... جنھن شخص تي بھار ۽ ان جا گونچ، ستار جا نغمان اثر نھ ڪن تھ سمجھو تھ پڪ ھن جو سڀاءُ خراب آھي ۽ ھن جو ڪو چاڙھو ڪونھي.“

صوفين جو چوڻ آھي تھ حضور جن سريلي آواز کي پسند ڪيو آھي ۽ فرمايو آھي تھ:

”قرآن کي پنھنجن آوازن سان سينگاريو ڇاڪاڻ تھ سٺي آواز سان قرآن جي خوبي وڌندي آھي“.

”ھر شيءِ جو زيور ھوندو آھي، قرآن جو زيور مٺو آواز آھي.“

”الله ڪنھن شيءِ کي ايڏي غور سان نھ ٻڌندو آھي جيترو قرآن کي ٻڌندو آھي جڏھن ڪو قرآن کي خوش الحافيءَ سان پڙھندو آھي“

صوفين تي مٺي ۽ سريلي آواز ۾ ادا ڪيل شعر جو ايترو تھ اثر ٿيندو ھو جو چوندا آھن تھ مشھور صوفي حضرت رتيءَ ساري رات ائين ٿي گذاري جو شعر ٿي پڙھيائين، اٿيو ٿي ۽ وري ڪري ٿي پيو:

ڌڻيءَ جي واسطي ڏکويل دل واپس ڪر،

جنھن لاءِ محبوب جو ڪو مٽ ڪونھي.

 

ھڪ دفعي ھڪڙي ٻانھيءَ ھي شعر پڙھيو:

منھنجي محبت الله جي راه ۾ تو لاءِ صرف ڪئي ويندي آھي

پر تون روز رنگ ٿو مٽائين

تون جيڪڏھن ڪو ٻيو انداز اختيار ڪرين ھا تھ  چڱو ٿئي ھا.

 

اتي موجود ھڪڙي نوجوان اھو شعر ٻڌو. ھن ٻانھيءَ کي اھو شعر ٻيھر پڙھڻ لاءِ چيو. ٻانھي ٻيھر شعر پڙھيو. نوجوان چيو:

”مان ايئن ئي الله سان رنگ مٽائيندو آھيان“

پوءِ ھن دانھن ڪئي ۽ سندس ساھھ نڪري ويو.

 

ھڪ دفعي امام رازيءَ فجر جي نماز کان پوءِ قرآن پاڪ جي تلاوت ٿي ڪئي. گھڻي دير کان پوءِ ھڪڙو قوال ساڻس ملڻ لاءِ آيو. امام رازيءَ قوال کان پڇيو تھ ڇا تون سٺو قول سٺي نموني ادا ڪرڻ ڄاڻين. قوال ھاڪار ڪئي ۽ قول جھونگاريو:

مان ڏسان پيو تھ تون مون سان لاڳاپا ڇنڻ جو بنياد پيو وجھين

جيڪڏھن تون سياڻو ھجين ھا تھ ان بنياد کي ڊاھي ڇڏين ھا.

قوال جو قول ٻڌي امام رازيءَ جي اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا. قوال کي چيائين تھ فجر جي نماز کان مون تلاوت ٿي ڪئي ۽ پاڻ تي اھا ڪيفيت طاري ڪرڻ جي ڪوشش ٿي ڪئي پر مون تي اھا ڪيفيت طاري نھ ٿي، تو شعر جھونگاريو ۽ مون لاءِ ڄڻ تھ قيامت ٿي وئي.

 

ھڪ دفعي مشھور صوفي شاعر ابن الخير ابو سعيد (١٠٤٩) سماع ۾ مصروف ھو تھ ايتري ۾ ٻپھريءَ جي ٻانگ جو آواز آيو. محفل ۾ موجود ماڻھن سندس ڌيان آذان ڏانھن ڇڪايو تھ چيائين: ”مان تھ اڳ ۾ ئي نماز ۾ آھيان.“

عربن ۾ رواج ھو تھ ھو شعر سٺي آواز سان جھونگاريندا ھئا، عربيءَ جي چوڻي  آھي تھ:

”جيڪڏھن تون شعر چوندو آھين تھ شعر کي ڳائي پڙھندو ڪر ڇاڪاڻ تھ سٺو آواز شعر لاءِ جولان گاھھ جو ڪم ڪندو آھي.“

 

خلفاءِ راشدين ۽ صحابھ ڪرام جي دور ۾ اسان کي سماع جو حوالو نٿو ملي. شايد تھ پوءِ واري دور ۾ صوفين جي محفل ۾ روحاني معنيٰ ۽ تمثيل وارا شعر سريلي آواز ۾ جھونگاريا ويندا ھئا ۽ پوءِ ان روايت اڳتي ھلي سماع جي صورت اختيار ڪئي. چيو وڃي ٿو تھ ابن سعيد ابو الخير پھريون صوفي شاعر ھو جنھن قول ۽ سماع کي خانقاھن ۾ رائج ڪيو. مولانا روميءَ عارفاڻي ڪلام سان گڏ رقص کي بھ سماع ۾ شامل ڪيو. شايد تھ امام غزاليءَ جي دور ۾ سماع ۾ ساز وڄائڻ جو رواج پئجي چڪو ھو ۽ امام غزاليءَ سماع ۾ ڪن سازن جي وڄائڻ جي اجازت ڏني آھي ۽ ڪن کان جھليو آھي. آھستي آھستي سماع جي باري ۾ علمي بحث شروع ٿيا. ڪن ان کي حرام ۽ ڪن حلال قرار ڏنو. جن عالمن سماع جي حمايت ڪئي انھن جو چوڻ ھو تھ ھرڪو ماڻھو پنھنجي سڀاءَ مطابق سماع مان حظ حاصل ڪندو ۽ رد عمل ڏيکاريندو آھي. امام غزاليءَ جو چوڻ آھي تھ:

”جيئن لوھھ ۽ پٿر ۾ باھھ ۽ پاڻيءَ ھيٺان مٽي لڪل ھوندي آھي ايئن دلين ۾ اسرار ۽ جواھر لڪل ھوندا آھن جن جي اظھار جي تدبير راڳ کان سواءِ ٻي ڪا ڪانھي. ڪنن کان سواءِ دل ڏانھن ويندڙ ٻيا سڀ رستا معدوم آھن. موزون ۽ مزي وارا نغمان دلين جا سٺا يا خراب راز ظاھر ڪندا آھن. ڇاڪاڻ تھ دليون ڀريل ٿانو وانگر آھن جن کي ڇلڪائبو تھ انھن ۾ جيڪي ھوندو سو ڇلڪي پوندو. راڳ دلين جي معاملي ۾ کري ڪسوٽي آھي جنھن سان دل ۾ ھل چل پئدا ٿيندي تھ اھي ڳالھيون ظاھر ٿينديون جيڪي دل ۾ ھونديون.“


(1) The story of Indian Music. byE O. Gosvami.

(1) The story of Indian Music. byE O. Gosvami.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com