باب ٽيون
سنڌي وياڪرڻ تي ويچار
جنس بيجان
304- سنسڪرت ۽ پراڪرت ۾ جنس مذڪر ۽ مونث کان سواءِ
”جنس بيجان“ به آهي، جنهن لاءِ سنسڪرت ۾ مقرر ٿيل
پڇاڙي ”اَم“ آهي، جنهن جو اچار قديم سنڌيءَ
۾”اُون“ چوندا هئا، جيئن هاڻ گجراتي ۾ چون ٿا:
”جي هو پائين ڪانه ڪمان ۾، ته نئين ڏج سينُون!“
ڪجي نه ڪينُون، وڃي در دوستن جي!“
(يمن ڪلياڻ)
هن وقت ”سينُون“ ۽” ڪينُون“ بدران چئون ”سينو“
(ڇاتي) ۽ ”ڪينو“ (بغض يا چات)؛ جن ۾ ”او“ پڇاڙي
آهي، تنهنڪري جنس مذڪر ليکجن ٿا. سنسڪرت ”قلم“
معنيٰ ڦل يا ميوو (مذڪر)، ۽ ”ڍالم“ بدران چئو
”ڍال“ (جنس مونث)- اهڙيءَ ريت بيجان اسمن مان گهڻا
مذڪر ۽ ٿورا مونث ليکيون ٿا: سنڌي ٻولي اها جنس
بيجان واري پڇاڙي وڃائي ڇڏي آهي، ته ان جو نتيجو
ڏسو ته شڪارپور طرف ”رَت“ جنس مونث، ۽ ٻين هنڌ جنس
مذڪر.
مونث پڇاڙيون (Feminine
Suffixes)
305- سنسڪرت ۾ ”آ“ ۽ ”اِي“ مونث پڇاڙيون آهن،
جهڙوڪ: گنگا ۽ گومتي (جنس مونث). سنڌيءَ ۾ انهن ٻن
پڇاڙين جا اُچار گهٽائي، ”اَ“ ۽ ”اِ“ به ڪيا
اٿئون، جهڙوڪ: پيڙا- پيڙ، ويلا- ويلَ، نِيتي-
نِيتِ، ۽ اگني- اگنِ (باهه)، اهڙيءَ طرح ٻن مان
چار پڇاڙيون ٿي پييون آهن: ”اَ“، ”آ“ ۽ ”اِ“
”اِي“. ڪن مذڪر اسمن به سنڌيءَ ۾ اهي پڇاڙيون
ورتيون آهن، جهڙوڪ: ”راجا“ ”سيٽِ“ ۽ ”هاٿِي“.
مذڪر پڇاڙيون
(Masculine
Suffixes)
306- سنسڪرت ۾ ”اَ“ پڇاڙيءَ وارا اسم گهڻو ڪري سڀ
مذڪر آهن- جهڙوڪ: ”را“، ”ڪرشڻ“ ۽ ”گوبند“ جي پٺيان
زبر يعني ”اَ“ جو اچار آهي، جنهن جو اُچار پراڪرت
۾ ڦري ٿيو ”او“ ۽ اپڀرنش ۾ گهٽجي ”اُ“ ٿيو. سنڌيءَ
۾ به چئون ”رامو“- رام، ۽” گوبندو“ گوبند (پڇاڙيءَ
۾ پيش) سنڌيءَ ۾ رام- ”رامُو“ ۽ گوپ- ”گوپُو“ به
چئون
–
اهڙيءَ ريت، سنسڪرت واري مذڪر پڇاڙيءَ ”اَ“ مان
سنڌيءَ ۾ ٽي مذڪر پڇاڙيون ”اُ“، ”او“ ۽ ”اُو“
ٺهيون آهن. ڪن مونث اسمن به اهي پڇاڙيون ورتيون
آهن، جهڙوڪ: ”ڌيءُ“. ”کنڊُ“، ”گُنو“ ۽ وهوُ“.
عدد يا وچن (Number)
307- سنسڪرت ۾ وچن يا عدد ٽي آهن- مثال: ”ايڪ وچن“
يا عدد واحد: ”ڦلم“ معنيٰ هڪ ڦل يا ميوو، ”دو وچن“
(Dual):
”ڦلي“ معنيٰ ڦل، ۽ ”بهو وچن“ يا عدد جمع: ”ڦلاني“
معنيٰ ٽي يا گهڻا ڦل سنسڪرت وارو دو وچن پاليءَ
توڙي پراڪرت ۾ ئي ڪونهي، تنهنڪري سنڌي توڙي ٻين
ڏيهي آريه ٻولين ۾ به ڪونهي، عربيءَ ۾ دو وچن آهي.
”دلاسي دارين جي سانچيو سانچي ساهه.“ (شاهه)
عربيءَ ۾ ”دار“ معنيءٰ دنيا، ۽ ”دارين“ معنيٰ ٻه
دنيائون؛ يعني هيءُ جهان ۽ آخرت، يا لوڪ ۽ پرلوڪ.
جمع جوڙڻ لاءِ پڇاڙيون
308- پراڪرت ۾ ”پئرو“ (پيءُ- پتا) جو جمع ”پئرا“ ۽
”ڀائرو“ جو جمع ”ڀائرا“. سنڌيءَ ۾ به انهيءَ نموني
چئون، ”گهوڙو“ جمع ”گهوڙا“ (”آ“ پڇاڙي.) شڪارپور
طرف ”زال“، ”کارڪ“ وغيره جو جمع چوَن ”زالان“،
”کارڪان“ وغيره- جيڪڏهن مٿينءَ ”آ“ پڇاڙيءَ جي
پٺيان ”ن“ گڏبو، ته اها ”آن“ پڇاڙي ٺهي پوندي، پر
ڪي صاحب ان جو بنياد ئي ٻيون ٻڌائين ٿا:
سنسڪرت ۾ ”ڪمل“ جو بهو وچن (جمع)” ڪملاني“، معنيٰ
ٽي يا گهڻا ڪنول جا گل، ۽ ”ڌن“ (دولت) جو جمع
”ڌناني“. انهيءَ ”آني“ پڇاڙيءَ جو اچار پراڪرت ۾
”آنئين“ آهي. ان مان پويون ”اِي-اِين“ جو اچار ڪڍي
ڇڏبو ته باقي بچندو ”آن“. بيمس صاحب ۽ ڪن ٻين جي
چوڻ موجب زالان، کارڪان وغيره واري ”آن“ پڇاڙي،
سنسڪرت جي انهيءَ ”آني“ پڇاڙيءَ مان ٺهي آهي. ڪن
عالمن جو چوڻ آهي ته فارسي زن- ”زنان“ ۽ پسر-
”پسران“ وغيره واري ”آن“ پڇاڙي به سنسڪرت جي
انهيءَ بيجان اسمن واري جمع پڇاڙي ”آني“ مان ٺهي
آهي- هن موجب چئبو ته شڪارپوري جنهن نموني جمع
جوڙين ٿا، سو نمونو نهايت آڳاٽو آهي.
309- ”اُن“ پڇاڙيءَ جو بنياد ئي ٻيون آهي پراڪرت ۾
جمع جوڙڻ لاءِ ”او“ پڇاڙي به ڪم اچي ٿي، جا سنڌيءَ
۾ رڳڪو حالت ندا جي معنيٰ ظاهر ڪري ٿي- جهڙوڪ:
”ڀائرو“، ”يارو“، ”دوستو“ ۽ ”مائرو“، معنيٰ اي
مائون يا ماتائون! (حالت ندا)- انهيءَ ”او“
پڇاڙيءَ جو اچار پراڪرت ۾ گهٽجي ”اُ“ ٿيو- جهڙوڪ
سنسڪرت ”وڌو“ معنيٰ زال يا پٽ جي زال (نُونهن)،
تنهن جو اچار پراڪرت ۾ ”وهَو- بَهُو“ آهي. ان جو
جمع آهي ”بهُوئو“ يا ”بهُوءُ“
–
ڊاڪٽر ٽرمپ پنهنجي جوڙيل سنڌي گرامر جي صفحي 106 ۾
لکيو آهي ته سنڌيءَ ۾ انهيءَ ”اُ“ پڇاڙيءَ جو اچار
وڌي ”اُو“ ٿيو آهي، ۽ ان ۾ نڪ جو اچار گڏي ”اُون“
پڇاڙي ٺاهي اٿئون. ڊاڪٽر ڀنڊارڪر پنهنجن علم لغات
بابت تقريرون (صفحي 202) ۾ ڄاڻايو آهي، ته پراڪرت
جي مونث لفظن جي جمع واري ”اُو“ پڇاڙيءَ ۾، جنس
بيجان واري ”اُون“ پڇاڙي گڏي اٿئون (اُ+اُو
=اُون).
هن موجب چئبو ته ”اُون“ گڊي يا ملاوتي پڇاڙي آهي،
۽ شڪارپور واري ”آن“ پڇاڙي وڌيڪ نج آهي، جو ان جو
بنياد سنسڪرت جي ”آني“ پڇاڙيءَ مان آهي. ٻن ٻولين
۾ به ”آن“ پڇاڙي آهي، باقي رڳو گجراتيءَ ۾ اسان
وانگر ”اُون“ پڇاڙي گڏين ٿا- جهڙوڪ: ”ڪتاب“ جو
جمع چون ”ڪتابو“ يا ”ڪتابُون“.
حالت (Case)
310- سنسڪرت ۾ اسمن جون اَٺ ”حالتون“ آهن: هر هڪ
”حالت“ لاءِ ڪا خاص پڇاڙي مقرر ٿيل آهي، جا حرف جو
ڪم ڏئي ٿي. اهي پڇاڙيون پاليءَ ۽ پراڪرت ۾ گهڻي
قدر هيون، پر سنڌيءَ ۾ ٻين ڏيهي آريه ٻولين اهي
وڃائي ڇڏيون آهن. وري به شابس سنڌي ٻوليءَ کي آهي،
جنهن ٻن ”حالتن“ جون پڇاڙيون اڄ تائين سانڍيون
آهن!.
311- سنسڪرت ۾ حالت جري (اُپادان وڀڪتي
Ablative Case)
لاءِ مقرر ٿيل پڇاڙي ”اَت“ آهي- جهڙوڪ: رام-
”رامات آهي“ معنيٰ ”رام کان“ (حالت جري- پاليءَ ۽
پراڪرت ۾ انهيءَ مان ”ت“ ڪڍي، باقي ”اَ“ جو اچار
بچايائون. قديم سنڌيءَ ۾ به ائين هو جهڙوڪ: هيج-
”هيجا“ معنيٰ ”هيج مان“ يا ”خوشيءَ سان“ (حالت
جري)- انهيءَ ”آ“ ۾ ”ن“ گڏي هاڻ چئون ”آن“ جهڙوڪ-
گهر- گهران، ۽ ڳوٺ- ڳوٺان معنيٰ ڳوٺ کان (ڏسو ٽرمپ
صاحب وارو گرامر، صفحو 117).
(الف) سنسڪرت واري ”ا“ پڇاڙيءَ جو اچار پراڪرت ۾
ٿيو ”اَدو“، جو بگڙجي ”ائو“ ٿيو، جنهن سان ”آءٌ“ ۽
”اُون“ پڇاڙيون ٺهيون آهن:
”پيٺو تن دراءُ جي پسي پاڻ لڄائيون“. (شاهه)
”دراءُ“ معنيٰ در کان يا در مان (حالت جري) عام
طرح ”اُون“ پڇاڙي ڪم آڻيون ٿا- جهڙوڪ گهر گهرُون ۽
ڳوٺ
–
ڳوٺوُن (ڳوٺان).
312- سنسڪرت ۾ حالت مڪاني
Locative
لاءِ مقرر ٿيل پڇاڙي ”اِ“ آهي، جنهن جو اُچار
سنسڪرت ۾ ئي وڌي ”اي“ ٿئي ٿو (رامي
=
رام تي). اهي ٻيئي پڇاڙيون سنڌيءَ ۾ بجنسي ڪم اچن
ٿيون-جهڙوڪ: ويل- ويلي معنيٰ ويل يا مهل تي.
313- شعر ۾ وقتي لفظن جيرڳو عام صورت (سامان روپ)
منجهان ئي اٺن حالتن جي معنيٰ پاڻمرادو ظاهر ٿي
سگهي ٿي. ۽ ڪنهن به حرف جو گڏڻ جو ضرور ڪونه ٿو
ٿئي- جهڙوڪ:
”جتي ماڻڪ ماڳ، تتي چوران تڪيو.“ (شاهه)
”ماڻڪ ماڳ معنيٰ ماڻڪ جو ماڳ، ۽ ”چوران تڪيو“
معنيٰ چورن جو تڪيو (ماڳ). عام طرح، نظم توڙي نثر
۾ حرف جر يا ظرف ڪم آڻڻا پون ٿا.
”پسو لٺ ’لطيف‘ چوي، ڪيڏي کي ڪکن.“ (شاهه)
هن ريت شعر ۾ ”کي ڪکن“ چئي سگهجي ٿو، پر نثر ۾
چئبو ”ڪکن کي“- مطلب ته ”کي، تي، ۾“ وغيره ” اڳيان
ايندڙ حرف“ (Prepositions)
نه آهن، پر ”پٺيان ايندڙ حرف “
(Post-positions)
آهن- ائين، حرف جر کي اسم جي پٺيان ڪم آڻڻ. دراوڙي
نمونو آهي (ضميمو پهريون).
314- سڄيءَ سنڌي ٻوليءَ ۾ رڳو هڪڙو ”ري“ (سنسڪرت
”ري“) حرف آهي، جو اسمن جي اڳيان توڙي پٺيان ڪم
اچي سگهي ٿو- جيئن ”ري سڄڻ“ يا ”سڄڻ ري“ معنيٰ
”سڄڻ کان سواءِ“.
حالتن جي پڇاڙين گم ٿيڻ جا نتيجا
315- (ا) سنسڪرت ۾ ”راجن“، ”ماتر“ (ماءُ) ”پتر“
(پيءُ) وغيره جو ڦيرو ڪبو، ته حالت فاعلي عدد واحد
۾ ئي انهن جا اُچار ڦري ٿيندا ”راجا“، ”ماتا“،
”پتا“ وغيره سنڌيءَ ۾ ”گهوڙو“ لفظ جو ڦيرو ڪبو، ته
حالت فاعليءَ ۾ ”گهوڙو“ چئبو، پر حالت مفعولي ۾ به
چئبو” گهوڙو“- جهڙوڪ: ”گهوڙو ڊوڙي ٿو“ (فاعلي)،
”گهوڙو گاهه کائي ٿو“ (مفعولي)- مطلب ته لفظ
پنهنجيءَ اڻ سٽيل صورت (Crude
form)
۾ ئي رهي ٿو. ”گهوڙو“ لفظ جي پٺيان جيڪڏهن ڪو حرف
جر آڻبو ته چئبو. ”گهوڙي کي“ ، ”گهوڙي سان“ وغيره.
اهڙي طرح ”گهوڙو“ لفظ جي صورت رڳو هڪ ڦيرو کائي
”گهوڙي“ ٿئي ٿي، ۽ پوءِ ڪهڙو به حرف جر وجهجي ٿو،
ته لفظ انهيءَ ساڳيءَ يعني عام صورت ۾ ئي رهي ٿو.
ائين رڳو حرف جر ڦرن ٿا، تنهنڪري چئبو ته اسمن جو
ڦيرو جنهن کي چئجي، سو سنڌيءَ ۾ ٿي نٿو سگهي. ڦيرو
اهو، جنهن ۾ اسمن جون پڇاڙيون ڦرن- جيئن ”ڳوٺ“
معنيٰ ڳوٺ ڏي يا ڳوٺ ۾، ”ڳوٺان“ جمع ڳوٺئان، معنيٰ
ڳوٺن کان-
پر سنڌي ٻوليءَ اهڙيءَ طرح ڦيري ڪرڻ جي طاقت وڃائي
ڇڏي آهي. ان جو سبب هيءُ آهي ته سنڌي ٻولي مجمل
منزل مان هاڻ مفصل منزل ڏي رخ رکيو آهي. انهيءَ
ساڳئي سبب، انگريزي ٻوليءَ کي ڦيري ڪرڻ جي طاقت
ڪانهي، ۽ اها به حرف جر کان سواءِ هلي ڪين سگهندي.
(2) ”ڇوڪرو ڳوٺان آيو“- هتي فعل جو انتظام يا عمل
Government
سڌو ”ڳوٺ“ لفظ تي آهي، ۽ فعل ٻڌائي ٿو ته اهو ”ڳوٺ
آهي، ۽ نه ٻيون ڪو هنڌ، جتان ڇوڪر جو اچڻ ٿيو.
”ڇوڪر ڳوٺ کان آيو“- هتي فعل جو انتظام اڻسڌو يعني
حرف جر ”کان“ جي معرفت ٿيو آهي. اهڙيءَ ريت حرف جر
ڪم آڻڻ ڪري فعل جو انتظام ڦري ويو آهي.
(3) سنڌيءَ ۾ ڪنهن به مرڪب لفظ ۾ ٻن کان وڌيڪ اسم
آڻي نٿا سگهون. ”سنڌ هندو ٻوڏ سهائتا فنڊ“. هيءُ
مرڪب لفظ انگريزي نموني جڙيل آهي. سنڌي نموني چئبو
ته ”سنڌ جي هندن جي ٻوڏ جي سهائتا جو فنڊ“. جيڪڏهن
سنسڪرت جي حالت اضافت واري ”يه“ يا اهڙي ٻي ڪا
پاڇڙي سنڌيءَ ۾ هجي ها، ته اها يه وجهي اهي سڀ لفظ
ڳنڍي سگهون ٿا. هاڻ رڳو صفت يا حرف اضافت گڏي، ٽن
لفظن وارا مرڪب جوڙي سگهون ٿا- جهڙوڪ: ”وڏيءَ دل
داتا، چڱيءَ چال وارو“ ۽ ”ڀلي ڀاڳ وارو“- ائين
ڪئين مرڪب لفظ جوڙي سگهجن ٿا، پر انهن ۾ ٻن کان
وڌيڪ اسم اچي ڪين سگهندا.
ضمير
316- سنڌيءَ ۾ شخصي ضمير (Personal
Pronouns)
فقط ٻه آهن. متڪلم ۽ حاضر. سنڌيءَ مان ضمير غائب
گم ٿي ويو آهي‘ تنهنڪري ”هُو- هن“ وغيره، جي ضمير
اشارو ڏُور آهن، سي ڪم آڻي پورائي پيا ڪريون.
(الف) سنسڪرت ”آهم، مام ۽ مم“ مان سنڌي لفظ ”آنءُ-
آءٌ“،”مان“ ۽ ”مون“ ضمير ٺهيا آهن. سنسڪرت ۾ ”مم“
معنيٰ منهنجو (حالت اضافت). پراڪرت ۾ ان جو اچار
ٿيو ”مهه“، تنهن ۾ بالائي. ”جو“ گڏي چئون مُهجو-
منهنجو.“
(ب) سنسڪرت جي ضمير حاضر ۾ ”ت“ اکر رڳو واحد لفظن
۾ ڪم ايندو آهي، جهڙوڪ: سنسڪرت ۾ توم سنڌي
”تون“. پراڪرت ۾ اهو ”ت“ اکر ڇڪي جمع لفظن ۾ به
گڏيايون، جنهنڪري سنڌيءَ ۾ ضمير حاضر جمع جون ٻه
صورتون- ”توهين“ (پراڪرت ”تمهي“۽ ”توهين“) سنسڪرت.
”يشمي“ (Yushme)
ٿيون آهن، ”توهان“ ۽ ”اوهان“ به چئون ٿا.
(ٻ) ٻين ضميرن جا رڳو اُچار ڦريل آهن.
صفت جي ڀيٽ جا درجا
317- سنسڪرت ۾ صفت جي ڀيٽ جي درجن لاءِ ”تر“- ”تم“
۽ ايس“- ”اِشٽ“ پڇاڙيون مقرر ٿيل آهن،
جهڙوڪ:”پريه“ معنيٰ پيارو،”پريتم“معنيٰ ٻين
کان پيارو
(انگريزي ”آر“(Greater)
۽
”پريتر“ معنيٰ سڀني کان پيارو. سنسڪرت ۾ ”پاپي“
معنيٰ گنگهار،”پاپيس“ معنيٰ ٻين کان (وڌيڪ) پاپي،
۽ ”پاپشٽ“ معنيٰ سڀني کان (وڌيڪ) پاپي. انگريزيءَ
۾ انهيءَ ”اِشٽ“ پڇاڙيءَ جو اچار ”ايسٽ“ آهي،
جهڙوڪ:
سنڌيءَ ۾ ”مرڳو“- ”موڳشٽ“. سنڌيءَ مان اهڙيون
پڇاڙيون گم ٿي وييون آهن، تنهنڪري ”کان“ ۽ ”۾“ حرف
جر جو ڪم آڻي پورائي ڪريون ٿا، جهڙوڪ: ”چڱو“، ”ٻين
کان چڱو“ ۽ ”سڀني کان چڱو“، يا ”چڱي ۾ چڱو“- اهو
دراوڙي نمونو آهي، جو سنڌيءَ ۾ اختيار ڪيو اٿئون.
فعل
318- سنڌيءَ ۾ وڏو بگاڙو فعلن ۾ نظر اچي ٿو.
سنڌيءَ ۾ ڪي زمان کٽل آهن
–
جهڙوڪ: سنسڪرت وارو مضارع، پراڪرت منجهان ئي گم ٿي
ويو، تنهنڪري سنڌيءَ ۾ به ڪونهي. هن وقت جنهن کي
مضارع ڪوٺيون ٿا، سو اڳتي پراڪرت جو زمان حال آهي،
جنهنڪري سنڌيءَ ۾ اڪثر زمان حال جي معنيٰ ڏيکاري
ٿو- مثال:
”سوري سينگاري، اصل عاشقن کي. “(شاهه)
”سينگاري“ معنيٰ سينگاري ٿي. (زمان حال)
مان اچان؟ وڃان؟- هتي ”اچان“ ۽ ”وڃان“ پوري پوري
طرح زمان مضارع آهن. اهڙيءَ حالت ۾ زمان حال جي
معنيٰ پوري پوري طرح ظاهر ڪرڻ لاءِ ”ٿو“ (مصدر-
”ٿيڻ“) گڏڻ جي ضرورت ٿي.
(الف) .مان ڏسان ٿو“ جي بنيادي معنيٰ آهي، ”مان
ڏسان بيٺو“ . ”ٿو“ لفظ جو ڌاتو يا بنياد آهي
سنسڪرت ”سٿا“(Stha)
معنيٰ بيهڻ. سنسڪرت ”سٿِت (Sthita)“
معنيٰ ”بيٺو“، جو اچار پراڪرت ۾ ٿيو ”ٿئه“ ۽ ان جي
پٺيان مصدر واري ”اَڻ“ پڇاڙي گڏي‘ سنڌيءَ ۾ چئون
”ٿئڻ- ٿيڻ“، جنهن مان اسم مفعول يا زمان ماضي
مطابق (ٿيو) ”ٿو“.
(ب) مٿينءَ ريت زمانن جي معنيٰ پوريءءَ ريت ظاهر
ڪرڻ لاءِ ”هئڻ“ ، ”ٿيڻ“ ۽ ”آهيان“ انهن ٽن معاون
فعلن جي ضرورت ٿي، ۽ اهي نيون واٽون سنڌي ٻوليءَ
پنهنجي لاءِ ٺاهيون آهن.
(ٻ) ”آهيان“ لفظ فعل ”هئڻ“ مان ڪونه ٺهيو آهي.
سنسڪرت ۾ ”ٿؤ“ معنيٰ ٿيڻ، جنهن جو اُچار پراڪرت ۾
ٿيو. ”هؤ “ ۽ ان جي پٺيان مصدر واري ”آڻ“ پڇاڙي
گڏي چئون ”هوئڻ- هئڻ“: ”آهيان“ (ڌاتو- ”اَس“ معنيٰ
ٿيڻ)- مطلب ته ”هئڻ“ جو بنياد هڪڙو، ۽ ”آهيان“ جو
ٻيون آهي، تنهنڪري”هئڻ“، ”ٿيڻ“ ۽ ”آهيان“ اهي ٽي
معاون فعل ليکڻ گهرجن، ۽ نه فقط ”هئڻ“ ۽ ”ٿيڻ“.
319- سنسڪرت وارو زمان ماضي مطلق پراڪرت منجهان ئي
گم ٿي ويو، تنهنڪري سنڌيءَ ۾ به ڪونهي. انهيءَ کوٽ
جي پورائيءَ لاءِ اسم مفعول کي زمان ماضي مطلق به
ڪري ڪم آڻيون ٿا. اسم مفعول ”هليو“، ”ماريو“ وغيره
جي پٺيان ”س“ پڇاڙي گڏي چئون ”هليس“، ”ماريس“
وغيره. اها ”س“ پڇاڙي اصل ۾ آهي سنسڪرت ڌاتو ”آس“،
انگريزي“
is
(سنسڪرت ”آسمي“
=
آهيان). مطلب ته ”هليس“، ۽ ”ماريس“ معنيٰ ”هليو
آهيان“ ۽ ”ماريو آهيان“. اهڙيءَ طرح، سنسڪرت وارو
زمان ماضي قريب، سنڌيءَ ۾ زمان ماضي مطلق ٿي ڪم
اچي ٿو- مطلب ته فعلن ۾ وڏو گهوٽالو پيو اهي.
320- سنسڪرت ۾ ”ڪر“(Kri)
معنيٰ” ڪرڻ“، ۽ ”ڪرت“ معنيٰ ”ڪيو“، جنهن جو اچار
اول ڦري ٿيو”ڪرو“ ۽ پوءِ ”“ڪيو“. انهيءَ سبب
سنڌيءَ ۾ اسم مفعول جي پڇاڙيءَ ۾ ”هاڻ“”يو“”اِيو“
جو اچار آهي، پر ڪي آڳاٽي پراڪرت وارا اسم مفعول
به سنڌيءَ ۾ آهن.
”ڪڪرا ڪربلا جا عليءَ ٿي اُگهياس“. (شاهه)
سنسڪرت ”گهوش“ (گسڻ-گهڻ) مان اسم مفعول ”گهرشت“
(گٺو)، پر ان جي اڳيان”اُڌ“ گڏبو ته ”اُد گهرشٽ“
معنيٰ ”اُگهٺو“، ۽ هاڻ عام طرح چئون ”اُگهيو“-
ائين ڏيڍ سئو کن اسم مفعول بيقاعدي ٺهيل ليکجن ٿا.
321-”ڪيو“، ”ٿيو“ ۽ ٻيا اهڙا مفعول، جيڪڏهن پوري
پوري طرح صفت ڪري ڪم آڻڻا هوندا اٿئون، ته انهن جي
پٺيان ”ل“ پڇڙي گڏي چئون ”ڪيل“ ”ٿيل“ وغيره. اسمن
۽ صفتن جي پٺيان انهيءَ ”ل“ اکر گڏڻ ڪري، لفظ
نهايت ميٺاج ڀريو ٿئي ٿو- جهڙوڪ: پنهون- پنهل،
سهڻو- سهڻل، مِٺو- مِٺل.
322- شعر ۾ اسم مفعول جي پٺيان تصغير واري ”ڙو“
پڇاڙي، لفظن کي نهايت رس ڀريو ڪندي آهي:
”منهنجو سڱ سرتيون ڀلي ڪيچ ٿيڙو،
پياري پنهل سان منهــنجو پــيچ پــيــڙو.“
سرائڪيءَ ۾ به ائين ڪندا آهن.
فعلن جا گردان
323- سنسڪرت ۾ فعلن جي گردانن جا ڏهه ڪلاس يا درجا
آهن، جي گهڻو ڪري سڀ سنڌيءَ، هنديءَ وغيره وڃائي
ڇڏيا آهن. هن وقت سنڌيءَ ۾ گردانن جا ڪلاس يا درجا
فقط ٻه آهن؛ ”اَ“ گردان ۽ ”اِ“ گردان- مثال:
هلڻ
=
هل + اَڻ. هلندو=
هل+ آندو
کائڻ
=
کا + اِڻ
کائيندو
=
کا+ اِندو
پهرين مثالن ۾ ”آن“ ۽ ”آندو“ جي اڳيان ”اَ“ آهي
(”اَ“ گردان)، پوين مثالن ۾ ”اِڻ“ ۽ ”اِندو“ جي
اڳيان ”اِ“ آهي (”اِ“ گردان). انهن مکيه حرف علت
سبب، اهي انهن نالن سان سڏجن ٿا. جنهن امر واحد جي
پڇاڙيءَ ۾ پيش يعني ”اُ“ آهي، سو ”اَ“ گردان جو
آهي- جيئن ”هلڻ“ ۽ ”هلندو“ مان ظاهر آهي.
(الف) اسم حاليي واري ”اِندو“، ”اَندو“ پڇاڙي،
شُورسيني پراڪرت مان ورتي اٿئون.
سنسڪرت جي گردانن جا سنڌيءَ ۾ نشان
224- سنسڪرت ڌاتو ”بُد“
Budh
(بُڌيه)، ”سوِد“
Svid
(سوِديه)، ۽ ”يُڌ“
Yudh
(يُڌيه) مان سنڌي مصدر ”ٻجهڻ“ معنيٰ سمجهڻ،
”سِجهڻ“ يعني وڌجڻ يا ڳرڻ، ۽ ”جهونجهڻ“ يعني لڙڻ
يا وڙهڻ، ٺهيا آهن. سنسڪرت ۾ قاعدو آهي ته چوٿين
ڪلاس جي گردانن ۾ ڌاتوءَ جي پٺيان ”يه“ گڏجي- مٿين
مثالن ۾ ڏسڻ ۾ ايندو ته ڌاتوءَ جي پڇاڙيءَ وارو
اکر ۽ ”يه“ ٻئي پاڻ ۾ ملي ”جهه“ ٿي پيا آهن. هاڻي
ڄڻ ته انهن لفظن جو ڌاتو آهي”ٻجهه“ ، ”سجهه“ ۽
”جهونجهه“، اهڙا مثال ٻيا به آهن.
(الف) سنسڪرت ۾ پنجين ڪلاس جي گردان ۾ ڌاتوءَ جي
پٺيان ”ٿوُ“ گڏيندا آهن، جهڙوڪ ”شروُ“ معنيٰ ٻڌڻ.
ان جو اچار پنجين گردان ۾ ”شروُڻ“ ٿئي ٿو، پر اسين
چئون ”سڻڻ“ معنيٰ ٻُڌڻ.
(ب)سنسڪرت ۾نائين ڪلاس جي گردان ۾ ”نا“ پڇاڙي
گڏيندا آهن، جهڙوڪ ”جنا“ (جڃان)، ”گرهه“ (گرهنا) ۽
”وڪري“ (وڪرڻ)، جن مان سنڌي مصدر ”ڄاڻڻ“، ”ڳهڻ“ ۽
”وڪڻڻ“
ٺهيا آهي.اهڙيءَ ريت سنسڪرت جي گردانن واريون
پڇاڙيون، سنڌيءَ جي امر واحد يا ڌاتوءَ جو ڀاڱو ٿي
پيون آهن.
مرڪب فعل
326- ”هليو وڃڻ“، ”ويهي وڃڻ“ وغيره ۾ فعلن سان اسم
مفعول يا ماضي معطوفي گڏي، مرڪب فعل ٺاهيون ٿا.
سنڌيءَ ۾ اهڙا ڪي حرف جر يا اڳياڙيون ڪينهن، جي
فعل سان گڏي انهن مان هن طرح مطلب ظاهر ڪجي،
تنهنڪري هن ريت مرڪب فعل جوڙڻ جو دستور اختيار ڪيو
اٿئون، ۽ اهو دراوڙي نمونو آهي.
327- فعل کي پوري يا پوريءَ طرح مجهول صورت وارو
ڪرڻ لاءِ ”ويو“ (مصدر- وڃڻ) گڏي، مرڪب فعل جوڙيون
ٿا- جهڙوڪ:چئون ته ”ڪم ڪيو ويو.“هيءُ به دراوڙي
نمونو آهي.
پريوگ
228- انگريزي جملن ۾ ”ترتيب“ (Order)
ضروري آهي، يعني سڀ لفظ باترتيب بيهارڻ گهرجن،
جهڙوڪ:
I am eating“.
جيڪڏهن ترتيب ڦيرائبي ته معنيٰ ڦري ويندي: ”
Am I eating“.
سنڌي ٻولي انگريزيءَ وانگر مفصل منزل واري ٻولي نه
آهي، تنهنڪري ان ۾ موافقت (Concord)
ضروري آهي- ”مان کانُ ٿو، مان کانُ ٿي“.
فعل جڏهن فاعل پٽاندر مٽجي تڏهن چئبو.”ڪرتري
پريوگ“
Subjective Construction،
جي مفعول پٽاندر مٽجي ته اهو چئبو ’ڪرمڻي پريوگ‘
Objective Construction
پر جيڪڏهن نڪي فاعل نڪي مفعول سان مٽجي، ۽ جيئن جو
تيئن رهي، ته اهو چئبو ”ڀاوي پريوگ“
Neuter Construction.
سنڌي جملا نه رڳو سنسڪرت، پر دراوڙي ٻولين وانگر
بيهارجن ٿا.
ٻوليءَ جي معنيٰ ۽ مراد
329- ٻولي معنيٰ، جا ’ٻولجي‘ يا ڳالهائجي ٿي. ان
جو ڌاتو آهي سنسڪرت لفظ ”برُو“ (bru)،
معنيٰ ڳالهائڻ. ٻولي هڪ واهڻ (Vehicle)
آهي. جنهن جي مدد سان انسان پنهنجي اندر جا احوال
ظاهر ڪري ٿو: هڪڙي ڳالهايو. ۽ ٻين سمجهيو، ته
ٻوليءَ جو مدعا (مطلب) پورو ٿيو- اها آهي ٻوليءَ
جي معنيٰ ۽ مراد.
سنڌي وياڪرڻ جو آئيندو
330- سڀني ملڪن ۾ ماڻهو ٻولي ڳالهائين ٿا، ۽ پوءِ
عالم، انهيءَ تان صحيح ٻولي ڳالهائڻ ۽ لکڻ لاءِ ڪي
قاعدا ۽ قانون ٺاهين ٿا. اهڙيءَ ريت سڀ وياڪرڻ يا
گرامر ٻولين تان ٺهيا آهن، ۽ ڪابه ٻولي گرامر تان
ڪانه ٺهي آهي. گرامر جا قاعدا عام محاوري تي ٻڌل
آهن. جيڪو محاورو اڄ صحيح هوندو، سو سڀاڻي نه به
هوندو، جو چالو ٻولي سدائين پيئي ڦري. انهيءَ سبب
ڪنهن به ٻوليءَ جي گرامر کي بقاءُ ڪونهي. سڀ فنا!
”نه آهي يڪسان سدا هي زمانو.
گهڙيءَ ۾ ڪڇ آهه، گهڙيءَ ۾ ڪڇ آهه!“ (قليچ)
|