ڊي.جي. ڪاليج جا استاد، عالم ۽ اديب

ڊاڪٽر ايڇ.ايم. گربخشاڻي |

ساڌو ٽي.ايل. واسواڻي |

عبدالمجيد دريشاڻي |

پروفيسر ايم.ايم مرزا |

پروفيسر لالسنگهه اجواڻي |

ڊاڪٽر ڊيائرٽ |

پروفيسر ڊي.آر. مينڪڊ |

پروفيسر چيتن ماڙيوالا |

ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽو |
ڊي.جي. ڪاليج جا استاد، عالم ۽ اديب

ڀيرومل مهرچند آڏواڻي |

لالچند امرڏنومل
|

ڊاڪٽر
ايڇ.
پي ڇٻلاڻي |

نرملداس گربخشاڻي |

پروفيسر حشمتراءِ ليکراج |

پروفيسر اين. ملڪاڻي |

پروفيسر ايڇ.سي. ملڪاڻي |

پروفيسر هاسانند باٺيجا |

منوهرداس ڪوڙومل |
ڊي.جي. ڪاليج جا استاد، عالم ۽ اديب

آچاريه ڪرپلاڻي |

پروفيسر نانڪرام ٿڌاڻي |

آسودومل ٽيڪچند |

پروفيسر رام پنجواڻي |

جي. الانا |

خانچند درياڻي |

پروفيسر ايڇ. سدارنگاڻي |

منگهارام ملڪاڻي |

محمد صديق ميمڻ |
ڊي.جي. ڪاليج جا استاد، عالم ۽ اديب

|

|

شيخ عبدالرزاق
”راز“ |

|

نرمل جيوتواڻي |

|

سوڀوگيانچنداڻي |

سڳن آهوجا |

حيدربخش جتوئي |
ڊي.جي. ڪاليج جا استاد، عالم ۽ اديب

عطاحسين شاهه موسوي |

ڊاڪٽر نبي بخش
خان
بلوچ |

محمد حنيف صديقي |

بولچند وسومل راجپال |

روچيرام سڏاڻي |

سيد غلام مصطفيٰ شاهه |

نارائڻ شيام |

جمال ابڙو |

دادا جشن واسواڻي |
ڊي.جي. ڪاليج جا استاد، عالم ۽ اديب

|

محمد اسماعيل عرساڻي |

|

|

روشن آرا مغل |

|

پروفيسر .سي.ڪي.ميڊورا |

پرفيسر
عبداللطيف کوکر |

فهميده ميمڻ |
ڊي.جي. ڪاليج جو سنڌي سماج تي اثر ۽ ڪي مشھور
شاگرد
انگريزن جي دؤر ۾ سنڌ ۾ جيڪو سياسي ۽ فڪري
شعور وڌيو ۽ زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ ترقي ٿي، ان
۾ ڊي.جي ڪاليج جو وڏو ڪردار رهيو آھي. انھيءَ
زماني ۾ جيڪي به سياستدان ٿيا، انهن مان اڪثر
ڊي.جي. ڪاليج
۾
پڙهيا هئا.
ڊي.جي. ڪاليج جي برپا ٿيڻ سان هاير ايجوڪيشن
(ثانوي تعليم) ۾ آساني پيدا ٿي. پوري سنڌ مان ٻار
ڪراچيءَ اچي تعليم حاصل ڪري رهيا هئا. اڳتي هلي،
استادن ۽ شاگردن جي رهائش لاءِ ميٺارام هاسٽل جو
پڻ بندوبست ڪيو ويو. سنڌ جو پهريون ڪاليج هئڻ ڪري
سنڌ ۾ گهڻي ۾ گهڻا شاگرد هن ئي ڪاليج جي پيداوار
آهن، جن اڳتي هلي وڏو نالو ڪمايو. انهن
سڀني
جا نالا لکڻ لاءِ هڪ الڳ ڪتاب گهرجي.
حقيقت ۾ سنڌ جي مسلمانن کي يا ته هن
ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم رکيو ويو يا
هُنن ڪاليج جي اعليٰ تعليم مان پاڻ ئي فائدو نه
ورتو. اگر جيڪي پڙهيا، ته اهي ميٽرڪ سنڌ مدرسي
مان ڪري علي ڳڙهه ۽ هندستان جي ٻين شهرن ڏانهن
ويندا هئا.
مسلمانن جو هڪڙو طبقو اهڙو به هو، جيڪو انگريزن جي
تعليم کان نفرت ڪندو هو ۽ کين ڪافرن جو علم
سڏيندو هو. جتي جديد تعليم جي روشني پهتي، اتي سنڌ
جي وچولي طبقي پڻ ترقيءَ جون منزلون طي ڪيون.
ڇوڪرين جي تعليم ۾ ڊي.جي. ڪاليج جو ڪردار
مشھور چوڻي آهي ته جنهن گهر ۾ ماءُ پڙهيل
هوندي، اتي پورو ڪٽنب پڙهيل نڪرندو. اڻويهين
صديءَ ۾ سنڌ ۾ تعليم پنھنجي قديم روايتن مان نڪري
جديديت طرف وڌي رهي هئي. سنڌ جو معاشرو گهڻو ڪري
ڳوٺاڻو هو ۽ زراعت تي ٻڌل هو. ان ماحول ۾ جتي
ڇوڪرن جي تعليم ترقي ڪري نه سگهي هئي، اتي ڇوڪرين
جي تعليم پڻ هڪ وڏو مسئلو هو. انگريزن کان اڳ،
سنڌ ۾
ننڍيون ڇوڪريون گهرن ۾ ملياڻين کان سيپاري ۽ قرآن
شريف جو سبق وٺنديون هيون. مسلمان عورتن ۾ پردي جي
تمام گهڻي سختي هوندي هئي. جڏهن
ته
هندو ڇوڪريون پڻ گهرن ۾ گرمکيءَ ۾ محدود قسم جي
تعليم حاصل ڪري سگهنديون هيون. 1853ع کان پوءِ سنڌ
۾ اسڪولن جو بنياد پوڻ شروع ٿي ويو، مگر ڇوڪرين جي
تعليم جو مسئلو برقرار رهيو. البته ڪراچيءَ
۽ حيدرآباد ۾ جيڪي مشنري ۽ خانگي اسڪول قائم ٿيا
هئا، انهن ۾ يورپي ۽ انڊو يورپي ڇوڪريون تعليم
حاصل ڪنديون هيون.(1)
اڳتي هلي،
سرڪاري سطح تي ۽ ذاتي ڪوششن سان ڇوڪرين جي تعليم
جو سلسلو جاري ٿيو، پر اهو پرائمري تعليم تائين
محدود هو. ان دؤر جي خاص طور تي هندو پڙهيل ڪٽنبن
پنھنجي ڇوڪرين کي اڳتي آندو. هيرانند آڏواڻيءَ جي
نگرانيءَ هيٺ 1891ع ۾ تلڪ چاڙهيءَ
تي چرچ جي ڀرسان ٽيچرس
ٽريننگ
ڪاليج فار وومين قائم ڪيو ويو.
ان
اسڪول جو باني ديوان نولراءِ شوقيرام هو.
جيئن جيئن تعليم جي روشني ڦهلجندي وئي،
تيئن تيئن ڇوڪرين جي تعليم لاءِ ماحول پڻ سازگار
ٿيندو ويو. 20 صديءَ ۾ ڇوڪرين جي تعليم لاءِ ڪافي
اسڪول کلي چڪا هئا، پر ڪاليجي تعليم
جي لحاظ کان
ڇوڪرين جي تعليم بلڪل ڪانه هئي. 1887ع کان 1917ع
تائين ڪابه سنڌي ڇوڪري ڪاليج تائين نه پهتي هئي.
1918ع کان 1922ع تائين، پنجن سالن واري دؤر تائين
صرف هڪ هندو ڇوڪري ڪاليج تائين پهتي. مس هنٽ
مٽلڊا،
ڪاليج جي پهرين عورت شاگرد هئي، جنهن 1892ع ۾
بي.اي.
۽ 1893ع ۾ ايم.اي.
جا امتحان پاس ڪيا. ڪاليج جي فيلو هئي. ڪاليج ۾
پڙهائيندي هئي. موتيرام ايس.راموڻيءَ لکيو آهي ته
”ڪراچي ڪاليج ۾، پهرين سنڌي ليڊي اسٽوڊنٽ، جنهن
ڪاليج ۾ داخلا ورتي هئي، سا هئي، مس رڪي صاحبسنگهه
شهاڻي. هُوءَ
پرنسيپل ايس. سي. شهاڻيءَ جي سپتري (ڌيءُ) هئي.
هن 1920ع ۾ بي.اي.
جو امتحان پاس ڪيو ۽ پهرين سنڌي ليڊي گريجوئيٽ
بڻجڻ جو شرف حاصل ڪيو. ڪاليج ۾ هوءَ
’فيلو‘
پڻ هئي. شاديءَ کان پوءِ هوءَ گدواڻي (مسز) رڪي
سجهرام نالي سان ٿي.(2)
ٻي ڇوڪريءَ جنهن گريجوئيٽ ڪئي، سا هئي مس
رڪمڻي هاسارام ڇٻلاڻي. هن 1926ع ۾ بي.اي.
جو امتحان پاس ڪيو. 1927ع ۾ مس جمنا صاحبسنگهه
شهاڻي ڊگري حاصل ڪئي. 1928ع ۾ پرنسيپل ايس.سي.
شهاڻيءَ جي هيءَ نياڻيءَ ايل.ايل.بي
جو امتحان پاس ڪري پهرين ليڊي ايڊوڪيٽ (وڪيل)
بڻي.1927ع ۾ مس سرسوتي چوهڙمل ۽ مس سرسوتي
شهاڻيءَ گريجويشن ڪئي. 1928ع ۾ مس پاروتي
اچلسنگهه آڏواڻي بي.اي.
جو امتحان پاس ڪيو.
ان دؤران، سنڌ جي هندو ڪميونٽيءَ ۾ ڇوڪرين
جي
تعليم جي اهميت
بابت ڪافي سجاڳي
اچي چڪي هئي. ان وقت جن جن ڇوڪرين تعليم حاصل
ڪئي، انهن نه صرف معاشري ۾ تبديلي آندي، پر سنڌي
علم ۽ ادب جي ترقيءَ ۾ انهن جو وڏيون خدمتون آهن.
ڊاڪٽر قاسم راڄپر لکي ٿو ته ”پرنسيپل
ايس. سي. شهاڻي مکيه ماڻهو هو، جنهن هڪ تعليمي
ماهر جي حيثيت ۾ سنڌ ۾ ڇوڪرين جي تعليم جي کوٽ کي
محسوس ڪيو. 1921ع تائين سنڌ ۾ فقط 7 ڇوڪريون اعليٰ
تعليم حاصل ڪري چڪيون هيون. 1922ع ۾ اهو تعداد 12
تي پهتو. پرنسيپل شهاڻيءَ جي همٿائڻ سبب سندس
رٽائرمينٽ (1927ع) وقت ڪاليج ۾ ڇوڪرين جو تعداد 39
تي پهچي ويو. شهاڻي صاحب پنھنجي نياڻين، پوٽين ۽
ڏوهٽين کي به ڪاليج ۾ داخل ڪرائي مثال قائم ڪيو.
هن ذاتي ڪوششون وٺي ڄيٺي سپاهيملاڻيءَ کي ڊي.جي.
ڪاليج ۾ داخل ڪرايو، جنهن اڳتي هلي سنڌ جي سياست ۾
بهرو ورتو ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي پهرين عورت ڊپٽي
اسپيڪر ٿي. ورهاڱي کان پوءِ هوءَ هندستان ۾ به
اعليٰ پائي جي سياستدان ليکي وئي“.(3)
جنوري 1929ع ۾ مس ٺاڪري وليرام لکاڻي
بي.اي.
پاس ڪري گريجوئيٽ بڻي. هوءَ ڪندنمل گرلس هاءِ
اسڪول ۾ ٽيچر بڻي. 1930ع ۾ ايم.اي.
پاس ڪري ٽريننگ ڪاليج فار وومين ۾ آئي. 1934ع ۾
ايڊنبرگ مان
’ڊپلوما
ان ايجوڪيشن‘،
حاصل ڪري، ٽريننگ ڪاليج فار وومين جي سپرنٽينڊنٽ
بڻي. هن ٻارن جي تعليم ۽ ادب ۾ به ڪافي حصو ورتو.
مس ديوي آنندرام شهاڻيءَ جو جنم 6 اپريل 1912ع تي
ڪراچيءَ ۾ ٿيو. شروعاتي تعليم انڊين گرلس هاءِ
اسڪول ڪراچيءَ مان حاصل ڪيائين. 1929ع ۾ ميٽرڪ،
1935ع ۾ بي.اي. ۽ 1938ع ۾ ڊي.جي. ڪاليج ايم.اي مان
ڪيائين. بعد ۾ 1940ع ۾ بمبئيءَ مان بي.ٽي. به
ڪيائين ۽ ڪراچيءَ جي ’ڪنيا مهاوديالا اسڪول‘ جي
هيڊ ماسترياڻي مقرر ٿي. هڪ ڪامياب هيڊ ماسترياڻي
طور سڄي سنڌ ۾ مشھور هئي“.
مس سرلا بائي جگومل
نرسين
برهمو ڪميونٽيءَ سان تعلق رکندڙ تعليمدان ۽ اديبه
هئي. هوءَ ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿي ۽ ڊي.جي ڪاليج مان
تعليم حاصل ڪيائين. سندس ايم.اي. جو مونوگراف
’حيدرآباد جي عاملن‘ تي لکيل هو. هن سکر ۾ پارسي
اسڪول جي هيڊ مسٽريس طور ڪم ڪيو.(4)
هوءَ 1960ع واري ڏهاڪي ۾ نيو دهليءَ ۾ منسٽري آف
سائينٽيفڪ ريسرچ ۽ ڪلچرل افيئرس ۾ تعليم جي
صلاحڪار هئي. ورهاڱي کان اڳ، هوءَ ڪراچيءَ ۾ ماما
پارسي اسڪول جي پرنسيپل به رهي چڪي هئي ۽ سنڌ
هسٽاريڪل سوسائٽيءَ جي ميمبر هئي. سندس هيٺيان ٻه
آرٽيڪل جرنل ۾ شايع ٿيا:
1.
Historical Development of Education in Sind.
2.
Historical and Racial background of Amils of
Hyderabad (Sind).
سندس ڀيڻ مس لاچي جگومل
نرسين پڻ ڊي.جي. ڪاليج مان تعليم حاصل ڪئي. 1927ع
۾ حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج فار وومين جي ليڊي
سپرنٽينڊنٽ مقرر ٿي. ساڳي دؤر ۾ مس دولي لالواڻيءَ
بي.اي.
جو امتحان پاس ڪيو. مس سرلا نرسين 1933ع
۾
ايم.اي ڪري سکر جي پرميشوري گرلس هاءِ اسڪول جي
هيڊ ماسترياڻي بڻي .
ميڊم آر.ڪي. ڪرسٽي ڌيءُ ڪيشو لڇمڻ، جنهن جي
پي.ايڇ.ڊي بابت
”ڊيلي
گزيٽ“
۾ خبر شايع ٿي. سنڌ جي پهرين عورت هئي، جنهن
سائنس جي سبجيڪٽ ۾
پي.ايڇ.ڊي ڪئي. هوءَ ڊي.جي. ڪاليج مان تعليم حاصل
ڪري،
لنڊن مان سال 1934ع ۾ پي.ايڇ. ڊي ڪري آئي ۽
لاهور جي ڇوڪرين واري ڪاليج ۾ پروفيسر طور خدمتون
ڏيڻي لڳي.(5) سندس ٿيسز جو موضوع هو:Action
of Bacteria on the Corrosion of anctals
اهڙيءَ طرح، مختلف سالن ۾ ڪيترين ڇوڪرين،
هن ڪاليج مان بي.اي ۽ ايم.اي
جون ڊگريون حاصل ڪيون. هنن سنڌي ادب ۾ بهترين شعر
۽ ڪھاڻيون لکيون.
1936ع ۾ پهرين مسلمان ڇوڪري اختر سلطانه ڌي هدايت
داخل ٿي، جيڪا بعد ۾ ڪراچيءَ جي تاريخ تي لکيل
اردو ڪتاب ”عروس البلاد ڪراچي“ جي ليکڪ سيد عارف
شاهه گيلانيءَ جي گهرواري ٿي. جنهن 1940ع ۾ بي.
اي آنرز ۾ پوريءَ سنڌ مان پهرين پوزيشن حاصل ڪئي.
انهيءَ ڇوڪريءَ کي اهو به اعزاز حاصل آهي ته
بمبئيءَ مان سنڌ جي ڇوڪرين ۾ پهرئين ايم.اي. (M.A)
پاس ڪندڙ ڇوڪري اها هئي.(6)
مسلمان عورتن ۾ روشن آرا مغل جو نالو وڏي اهميت
رکي ٿو. هوءَ ڊي.جي. ڪاليج جي شاگردياڻي هئي. گيت
جي حوالي سان “روشن آرا مغل“ سڀني کان ممتاز آهي.
سندس تعلق شڪارپور سان هو. هن ڊي.جي. ڪاليج مان
بي.ايس.سي. جي ڊگري حاصل ڪئي هئي. ڊي.جي. ڪاليج ۾
جيڪي به شاگردياڻيون پڙهيون، انهن سڀني ۾ ادبي طور
سرگرم رهي. سندس مشھور گيت هيٺيون آهي:
رت آئي.
مکڙي ڇا کان شرمائي؟
ڪرڻا آيا
هرجا ڇايا
چمي چمي گل چشمن ڇايا.
ڏسندي هيءَ ڇو گهٻرائي؟
مکڙي ڇاکان شرمائي؟
رت آئي.
ڀونئرن ڳايو
پل ۾ بانو
ڪنول ڪنول ۾ نازڪ ناتو
هيءُ ڇو تنهن تي مرجهائي؟
تعليم جي کيتر ۾ نالو ڪمائيندڙ شخصيتون
هن ڪاليج کان اڳ، مقامي ماڻھن کي ننڍيون
نوڪريون ڏنيون وينديون هيون. مثال طور جاگير ۽
فوجداري کاتن ۾ منشي مقرر ٿيندا هئا، جيڪي ترقي
ڪري مختيارڪاريءَ
تي رٽائرڊ ٿيندا هئا. تعليم کاتي ۾ استاد ڀرتي ڪيا
ويندا هئا، جيڪي هيڊ ماستر يا وري اسسٽنٽ اسڪول
انسپيڪٽر جي عهدي تي نوڪري پوري ڪندا هئا. وڏيون
نوڪريون فقط انگريزن کي يا هندستان جي ٻين رياستن
مان گهرايل عملدارن کي ڏنيون وينديون هيون،
تعليم جي ڦهلاءَ سان مقامي ماڻھن کي پهريون ننڍيون
نوڪريون ملنديون هيون، پوءِ آهستي آهستي
ڪاموراشاهيءَ ۾ به موقعو ملڻ لڳو. هن ڪاليج جي
معرفت،
انجنيئرنگ، آرٽس، ڪامرس، لا، ايگريڪلچر
۽
سائنس جا شعبا قائم ٿيا، جن سان سياسي ۽ فڪري
شعور وڌيو ۽ زندگيءَ جي مختلف شعبن ۾ ترقي ٿي. هن
ڪاليج تاريخ جا وڏا مفڪر، عالم، اديب، سياستدان،
سائنسدان، ڊاڪٽر، وڪيل، آءِ.سي. ايس. آفيسر،
واپاري ۽ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل ٻيا
ماڻهو پيدا ڪيا.
سنڌ ۾ شاگرد سياست جو پايو به ڊي.جي. سنڌ ڪاليج ۾
پيو. ورهاڱي کان ڪجهه سال اڳ وران سالن ۾ ته
ڊي.جي. سنڌ ڪاليج جي شاگرد سياست جي ناماچاري سڄي
هندستان تائين پکڙيل هئي. شاگرد
سياست سان گڏ ڊي.جي. سنڌ ڪاليج جو ٻيو ڪارنامو
ڪراچيءَ ۾ پورهيت سياست لاءِ بنيادي جدوجهد ڪرڻ
آهي. ڪراچيءَ جي ڪارخانن ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن جي حقن
لاءِ گهڻي ڀاڱي جدوجهد ميٺارام هاسٽل ۽ ان جي
ڀرپاسي ۾ رهندڙ شاگردن ڪئي. پورهيت اڳواڻن جي
گهڻائي ڊي.جي.
سنڌ ڪاليج، اين.اي.ڊي. ۽ شهاڻي لاڪاليج جي شاگردن
جي هئي.
هن ڪاليج جو شاگرد صاحب سنگهه
چندا سنگهه،
پهريون سنڌي هو، جيڪو هن ئي ڪاليج جو پرنسيپل
بڻيو. هن ڪاليج جو ٻيو شاگرد بولچند ڏيارام، جنھن
کي سرڪار
’راءِ
بهادر‘
جو لقب به ڏنو هو، سو ڏيارام ڄيٺمل جو پٽ ھئو. هو
’اين.ايڇ.اڪيڊمي‘
جو پرنسيپل ۽ حيدرآباد ميونسپالٽيءَ جو صدر به ٿي
رهيو.
عبدالمجيد دريشاڻي، پهريون سنڌي مسلمان هو، جيڪو
هتان ايم.اي جو امتحان پاس ڪري جهونا ڳڙهه جي محبت
مدرسي جو پرنسيپل بڻيو.
نانڪرام ڌرمداس ميرچنداڻيءَ جو جنم حيدرآباد ۾
ٿيو. هن بنيادي تعليم پهريائين حيدرآباد ۽ پوءِ
ڊي.جي. ڪاليج ڪراچيءَ مان حاصل ڪئي. هو نولراءِ
هيرانند اڪيڊمي، حيدرآباد ۾ انگريزيءَ جو استاد
هو. سندس شمار انگريز دؤر جي نالي وارن اديبن ۽
مترجمن ۾ ٿئي ٿو.
پروفيسر هيرا لال سريچند ڀارواڻيءَ
جو جنم حيدرآباد ۾ ٿيو . 1926ع
۾ ڊي.جي ڪاليج ڪراچيءَ مان بي.اي.
انگريزي ادب ۾ امتيازي نمبرن ۾ پاس ڪري اسڪالرشپ
حاصل ڪيائين. وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ لنڊن ۾
ڪيمبرج يونيورسٽيءَ ۾ داخل ٿيو، جتان انگريزي ادب
۾ ايم.اي.
ڪري واپس وريو ۽ ڊي.جي. نيشنل ڪاليج ۾ انگريزيءَ
جو پروفيسر مقرر ٿيو. هڪ دفعو ٻيهر لنڊن روانو
ٿيو ۽ بار ائٽ لا جو امتحان پاس ڪري آيو ۽ وڪالت
شروع ڪيائين، پر 1938ع ۾ کيس ڪاليج جو پرنسيپال
مقرر ڪيو ويو. پروفيسر ايڇ. آر باٺيجا پٽنا ۾،
پروفيسر آر.سي. موٽواڻيءَ
بمبئيءَ
۾، پروفيسر ايم.اين تولاڻي بينڪر ۾، پروفيسر ٽي.
ايڇ. آڏواڻي امرتسر ۾، پروفيسر ايم.ايس شهاڻي دهليءَ
۾، پرنسيپل پي. پي شهاڻي جوڌپور ۾، پروفيسر آر.ايل
عالمچنداڻي ڌرواڙ ۾، پروفيسر ايم. جي ٺاڪر سورت ۾،
پروفيسر اين.ڪي.
ڀوڄواڻيءَ
امرتسر ۾، پروفيسر ڪي.آر ڪرپلاڻي شانتي نڪيتن ۾،
پرفيسر اي. سي گيلاني ڌرواڙ ۾ ۽ پروفيسر وي.ڊي
ٿانوي بمبئيءَ ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون.
علمي کيتر جو ڦهلاءُ ڪندڙ ڪوهنور،
انڊلٺي گوناگون انوکي شخصيت خوشيرام ڪندناڻيءَ
ڪراچيءَ جي ڊي.جي.
سنڌ ڪاليج ۾ فرسٽ ايئر تائين پنھنجي تعليم حاصل
ڪئي ۽ ان کان پوءِ ممبئي ايلفنسٽن ڪاليج ۾ باقي
تعليم حاصل ڪئي. هيءَ صاحب سنڌ جي پهرين شخصيت
آهي، جن کي ايم.ايس.سي. فزڪس جي ڊگري ملي.
حيدرآباد جي ڏيا رام گدو مل ڪاليج ۾ ليڪچرر شپ جو
عهدو نصيب ٿيو ۽ پنھنجي قابليت سبب ٿوري ئي وقت ۾
هن کي پرنسيپل جو عهدو مليو. |