ڪاٺين جو ڌاڙو
(چيل محمد اسماعيل مصراڻي)
]ڪاٺِين
جو ڳوٺ تعلقي ڪڪڙ ۾، الهندي ناري جي ڪپ تي آهي.
اُتي هندو گهڻي انداز ۾ رهندا هئا، جي سڀ لکاپتي
شاهوڪار واپاري هوندا هئا، پر سيٺ ڌنراجمل سڀني ۾
شاهوڪار واڻيو هو. ڳوٺ، راڄ توڙي سرڪاري ڪامورن وٽ
سندس گهڻو اثر رسوخ هوندو هو.
ڌنراجمل ڪنهن ڪيس ۾، جبل جي مشهور ڌاڙيل سليمان
بروهيءَ خلاف 110 قلم جي شاهدي ڏني، جنهنڪري
سليمان ڌاڙيل کي جيل اچي ويو. جڏهن هو جيل مان
ڇُٽو تڏهن پنڌرهن ٻيا همراهه ساڻ ڪري، ڌنراجمل کان
وير وٺڻ لاءِ 1937ع ۾ ڪاٺين جي ڳوٺ ۾ اچي سندس
ڌاڙو هنيائين، پر ڌنراجمل جي قسمت زور هئي،
تنهنڪري کيس ڪجھ به ڪونه ٿيو، باقي وٽس ڪڪڙ جو هڪ
هندو ’پرتو‘ نالي مهمان طور ٽڪيل هو، جنهن کي
ڌاڙيلن بندوق سان ماري ڇڏيو.
’عمر خان‘ ٻٻر نالي هڪ شخص به اوچتو اچي اُتي
نڪتو. جڏهن ڌاڙيلن جي خبر پيس تڏهن هندن جي مدد
خاطر ٽپي پيو. ماڻهن کيس گهڻو روڪيو پر هو ڪونه
مڙيو، آخر ڌاڙيلن بندوق هڻي اُن کي به ماري وڌو.
کين ڌنراجمل جي گهر مان سواءِ ڪن ڌوتل ڪپڙن جي ٻيو
ڪجھ به هٿ ڪين آيو. ڌاڙيل جڏهن اُتان ڀڳا، تڏهن
واٽ تي ’روپــٖــي‘ نالي هڪ هندو گڏين، تنهن کان
گهوڙي ڦريائون ۽ پوءِ وري وڃي مٺي ٻٻر جي ڳوٺ هڪ
ڊکڻ کان گهوڙو ڦريائون. اُتان کان پوءِ وري واٽ تي
هڪ عيسائيءَ کي ماريائون. صحيح: اي.سي.مجمودار
اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ آثارِ قديمه کي ماريائون.
ڪجھه وقت کان پوءِ پوليس سڀني ڌاڙيلن کي گرفتار
ڪري اچي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو، جتي باقاعدي مٿن ڪيس
هليو. انهيءَ ڪيس ۾ سڀني ڌاڙيلن کي سزائون آيون.
سگهڙ محمّد اسماعيل مصراڻي ان واقعي تي هيٺيان بيت
چيا آهن.[
الله جل جلالہ، باري بيپرواهه،
مالڪ سڄي ملڪ جو، سخي شهنشاهه،
جڳ اُپايو جنهن آهه، ڏيئي سڀ کي ساهه،
رزق رزاق ٿو ڏئي، ڪري نه گهٽ گراهه،
اهڙو آهه الله، جو سار لهي ٿو سڀ جي.
ڪاٺِيَن منجهه ڪراڙ هو، ’ڌَنو‘ ڌن وارو،
مشهور هو ملڪ ۾، هر هنڌ هاڪارو،
پڌرو پنهنجي پَٽ ۾، چوڏس چوڌارو،
ڪنهن سان ٺهيو ڪونه ٿي، ملحد منهن ڪارو،
ڏنائين بيان بروهين تي، هڪ سو ڏهه وارو،
پوءِ ’سليمان‘ سگهارو، ڪاهي ڪاٺِئين آئيو.
هُئي تاريخ تيرهين ماهه هئو رمضان،
ڪاهي آيا ڪاٺئين، ڪي جوڌا جُنگ جوان،
سورهن ڄڻا پاڻ ۾، هئا پختا پهلوان،
اُنهن ۾ اڳرو هئو، سورهيه ’سليمان‘،
هُين بندوقون برهه جون، قهري تن ۾ ڪانَ،
سڏي چيائون ’سُومر‘ کي، ڏس ’ڌنو‘ جو نيشان!
آهيون اسان اُنهيءَ مَهتي جا مهمان،
آخر اچي رسيا، منجهه مهتي جي ته مڪان،
’ڌَنو‘ ملي وين وچ تي، ٿيو گوڙ ڏسي غلطان،
پوءِ ته ”ٺاٺا“ ٿي ويئي، گوڙ مَتو گهمسان،
راڙو روڄ مچي ويو، ڪا ڪَل پيئي ڪانه،
کسڪي ويو خانن کان، ’ڌَنو‘ ساڻ ڌيان.
’پرتو‘ آيو پاڻ هو، ٿي مهتي وٽ مهمان،
لڳو اُن کي اوچتو، ڪُک سندو ڪو ڪان،
مري ويڙو ماڳ تي، ننڍو نيٽو جوان.
وري آيو اوچتو، اُتي ’عمر خان‘،
گهڻو جهليائون اُن کي، تون مر نه ٿي مروان،
ڪين مُڙيو، ڪاهي پيو، ٿيو گوليءَ جو نيشان.
پوءِ بروهي پڻ ڀڳا، سي خالي هئن خان،
’روپو‘ ملين راهه ۾، ساز وڏي سامان،
ڦُري اُن کي ’ڪاهيئون‘ ’ڊکڻ‘ جو ڪيڪان،
رخ رکيائون روهه ڏي، ڪَل پين ٿي ڪانه،
وڃي ڪڙڪيا ڪوهه ۾، تيز وڏي طوفان،
گسو ڏيئي گاج کان، ٿي کيندا ويا خان،
ماريائون هڪ مرد کي، هو عيسائي اڳوان،
آهي البت اُن جو، سڀڪنهن کي اَرمان،
پوءِ سورهيه ’سليمان‘ رمندو ويو روهه ڏي.
رَمندا ويا روهه ڏي، بروهي بيڪار،
هَٿ نه آين هڏهين، خون ڪيئون ٽي چار،
آخر آندو پڪڙي، اُنهن کي سرڪار،
سَزا ڏيئي تن کي، ڪيئون خراب خوار،
آيا مارڻ جنهن کي، ٿيو وِنگو نه اُن جو وار،
ڏس آگي جا اختيار، ٿو باري بچائي باهه کان.
ٿو باري بچائي باهه کان، ربّ آهي رکڻهار،
روزي رسائي سڀ کي، ٿو ڏيهن جو ڏاتار،
ڍڪي ڍول ڍِلائيون، ٿو صاحب ربّ ستار،
اُنهيءَ جو رک عشق تون، ويهي ڪين وسار،
آهين ”اسماعيل“ تون، دنيا ۾ دن چار،
غافل ڪين گذار، ڪلمون ڪہ تون قلب سان.
ٿرپارڪر ۾ 1939ع وارو ڏڪار
(چيل ڪانهر مينگهواڙ)
]ٿر
ملڪ لاءِ ڏڪار ڪا نئين ڳالهه ڪانهي. برسات ڪڏهن
وسي ڪڏهن نه وسي. سنه 1939ع ۾ برسات نه پوڻ ڪري
آبادي اصل ڪانه ٿي. گاهه جو ته ڪک به ڪونه ٿيو.
جنهنڪري تمام گهڻو مال مري ويو. ٿر ۾ اونهاري جا 3
مهنا مئي، جون ۽ جولاءِ مال لاءِ سخت تڪليف جا
ڏينهن آهن، ڇو ته ان وقت ۾ مال کي هٿراڌو چارو ۽
گاهه ڏيڻو پوندو آهي. ماڻهن ويچارن برسات جي آسري
تي اهي ٽي مهينا ته مال کي سنڀاليو، پر پوءِ ڏکيون
حالتون اچي پيدا ٿيون. ويچارن مالدارن گهرن ۾ جيڪي
هو سو ته کاڌو ۽ ڳهه ڳٺا به گروي رکي ۽ وڪڻي مال
کي کارايو. پر ٻارهن مهنا ڇا کارائين؟ نيٺ ٽپڙ
ٽاڙي کارائڻ کان پوءِ به بي انداز چوپايو مال بکن
وگهي مري ويو.
مالدارن کان سواءِ ٻين کي تڪليف گهٽ هئي، ڇو ته
سرڪار تقاويون ڏنيون، تراين جي کوٽائي ۽ مرمت جو
ڪم شروع ٿيو ۽ ڪانگريس پاران سستي اناج جا دڪان ٿر
جي وڏن شهرن ۽ سهولت وارن هنڌن تي جاري ٿيا، جتي
پنج رپيا مڻ جي حساب سان اناج عام جام مليو ٿي.
ازانسواءِ ڪانگريس پاران بيواهه زالن، پير مردن ۽
يتيم بارن کي مفت اناج جي مدد به ملندي هئي. ناري
واري ايراضيءَ ۾ سهوليت وارن هنڌن تي ڪي قدر
ڪانگريس پاران گاهه جو به بندوبست ڪيل هو، پر ان
جو فائدو فقط آسپاس جي ڪن ٿورن مالدارن کي مليو.
سگهڙ ڪانهي مينگهواڙ پنهنجي بيتن ۾ انهي ڏڪار جو
احوال هن طرح بيان ڪيو آهي ته: ٿر ۾ هونئن به رڳو
واريءَ جا ٻڪ پيا وسن، پر ههڙو سال مون پنهنجي
اٺاويهن ورهن جي ڄمار ۾ نه ڏٺو. البته ڇڇني (سنبت
1956/ 1899ع) ۾ سو برابر هن کان به وڌيڪ خراب ڏڪار
پيو هو. وڏڙن ويهي ڳالهيون ڪندي چيو ته هيءُ ڏڪار
ڇپني واري ڏڪار جي ڇايا آهي. سگهڙ ڪانهي جي چوڻ
موجب هن ڏڪار ۾ ماڻهن بکن کان بحال ٿي پنهنجي
اولاد کي ٻُوڙن ۾ ٿي ڦٽو ڪيو. ڪنهن کي به پنهنجي
پيٽ ڄائي جو ڪهڪاءُ ڪونه ٿي پيو. اناج ڪنهن قيمت
تي ڪونه ٿي مليو. ڀڄ ڀڄان ۾ چوپايو مال پئي وڪيو
سو به هنن اگهن تي: ٽهاڻ ٽين آني، ڳئون ٻين آني،
چم هڪ آني ۽ ٻڪري پنجين پئسين. باقي اُٺ تمام
مهانگا هئا، جو نوبن آني هڪڙو اُٺ ٿي وڪاڻو. ڪانهي
مينگهواڙ جا اهي بيت هيٺ ڏجن ٿا.
الله هُو جل جلال، صاحب ربّ ستار،
ساراهيان سچو ڌڻي، مڙني جو مختيار،
وڏائي تنهن واحد کي، ٻيا ڌوڙي سڀ ڌنار،
سچ ڇڏي جني ڪوڙ ڪمايو، سي لولــٖــي ۾ لاچار،
منهنجا جانب يار! لاهئين دک دنيا جو.
لاهئين دک دنيا جو، تنهنجو نوين کَنۡڊٖين
۾ نُور،
رڍ ٻڪري، گڏهه گابو، جوءِ ۾ ڏنائين جُوڙ،
ڇَهنو ڇهانوي ۾ پيو، ڌوٻــٖــين اُڏايائين ڌوڙ(2)،
موريءَ سندو مُور، ڏڪار ٿڌي ڪڍ ٿر مان(3).
ٿُڏي ڪڍيائين ٿر منجهان، پِير ڏسي پيغام آيا،
رات ڏينهن تني ڪاهيا، ڦڳڻ چيٽ چارئي وايا،
اٺاويهه ورهيه اوسٿا ۾، اهڙا ورهيه مون نه
ڀانيا،
چئي ”ڪانهو“ سڻو ماڻوها! ههڙا ورهيه اڳي
ڪي آيا؟
وڏا ويهو ڪن واتيون، ڇپني سندي اها ڇايا(2)،
محبت ٻي مايا، ويئي ورهيه جي ويچار ۾.
مون ورهيه جو ويچار ڪيو، هي لڏي ڏيندو لَر،
ڇهانوي ۾ ڇڪيندو، مٿان واريءَ ڇَر،
کيٽ اُتي ريٽ ڪري، باغ ڪري ويو بر،
رايُون، سايُون سهڻيون، تيز ڇڏي وييون تر(3)،
جيڪي نامي نر، سي پنهنجي اڱڻ آسودا.
پنهنجي اڱڻ آسودا، وڃن مَئُوئاڙا موٽي(4)،
ٻار ڇڏيو ٻُٿن ۾، وڃن پٺيرا
پوٺــِي،
مَن نه مُڙي ڪنهن مائٽ جو، جو وڃن قرب
مان ڪوٺــِي،
ڇهانوي ورهيه ڇوٽِي، ڪئي دغا دنيا سان.
چئي: ناهي دغا دنيا سان، ڀڄي مَ ڇڏيو ڀُونءَ،
ٽِينۡ آني ٽِهاڻ لڳي، ٻِينۡ آني ڳئونۡءَ،
اُٺ لڳا وڃي آڪرا، پر نيمي آنا نُونۡءَ،
چئين پئسين چم لڳو، پنجين پئسين پُونۡههَ(6)،
ايندا سونا نُونۡهن، جني ڪيا سودا سالڪن.
سالڪ! انهيءَ سال جا، مونکي پورا ڏي تون پار،
آڀرا سڀرا اڳي لنگهيا، هي وڏو ڏٖيڻ ڏڪار،
هن ڪِني ورهيه جي ڪچهريءَ ۾، ڪرڻ
ناهي ڪار،
بيا وڏايون ڪن وات جون، کليو چورن خار،
ڏهه مهينا ڏينهن نه چئبا، اِي مچي
ٿيندا مواڙ،
اي ته ساڳي سُڀاڻي، ٽٽ هڻندا ٽاڙ،
رکج ست ستار! ته لکا نه پوي لوڪ ۾.
لوڪ منهن موڪ، ڀَلن ڇڏيا ڀال،
لاکيڻن لَکڻ ڇڏيا، چڱن ڇڏي چال،
ٿر اُتي بر ڪري، ويو ڪميڻو ڪال،
ڇهانوي تون ڇــٖــيڪو، وري مَ اچين
شال!
ڪچهريءَ ۾ ”ڪانهو“ چئي، سڻ حقيقت حال،
مردن جي ”مينگهواڙ“ چئي، وڃي رهندي ڳال،
اهي باغ بحال، ٿيندا نيٺ ٿر ۾.
1942ع ۾ ملڪ جي حالت
(چيل حاجي روشن علي شاهه)
]شاعر
پنهنجي ڪلام جي طويل تمهيد ۾ خدا جي ذات بابرڪات
جي تعريف ۽ انبياء ۽ شهداء جي توصيف کان پوءِ
ڄاڻايو آهي ته هتي ڪنهن کي به بقاء ڪونهي، هر ڪنهن
کي خدا جي امر آڏو جهڪڻو ٿو پوي. خدا پنهنجي پيارن
کان هميشہ امتحان پئي ورتو آهي ۽ کيس اُهي ئي
پيارا آهن جي انهن امتحانن مان پار پون ٿا. ان کان
پوءِ شاعر، سنڌ ۾ سکر براج جي وهڻ جو ذڪر ڪيو آهي
۽ براج کي سنڌ ۾ پيدا ٿيل سڀني اخلاقي ۽ معاشي
خرابين جو ذميدار سڏيو آهي.
سکر براج 1932ع ۾ وُڙهو ۽ انهي ڪري ملڪ جي طبعي،
اقتصادي ۽ سماجي حالتن ۾ وڏي تبديلي آئي. انهي
تبديلي سببان راڄن جي اڳين رهڻي ڪرڻي ۽ سڀاء ۾
ڦيرو آيو. شاعر جي خيال ۾ سنڌ ۾ براج جي وهڻ کان
اڳ وڌيڪ خوشحالي هئي، زمينون وڌيڪ اپائينديون هيون
۽ ماڻهو سکيا ستابا گذاريندا هئا، اعليٰ قسم جا
گنجا، موتيا، رتڙيا، باڙيا، بِدڙيا، سڳداسي، ڪونج،
ڪنگڻي، ڪارڙا، ڪانگڙيا، سپيا، سگهڙيا، صابو ۽
سونهري چانور پوکيا ويندا هئا، جي ٻين ملڪن ڏانهن
موڪلبا هئا ۽ سنڌ ۾ ڏاڍي سستي اگهن تي وڪامندا
هئا، جنهنڪري هرڪو کائي خوش ٿيندو هو، پر سکر براج
جي وهڻ کان پوءِ اهي تڙ سڃا ٿي ويا، ڇاڪاڻ ته نار
تي ٿيندڙ پوکون بند ٿي ويون. براج جي زمين لاءِ آب
پاشي سرشتي
قائم ٿيڻ ڪري رشوت جي بازار گرم ٿي ويئي. انجنيئر،
ايس.ڊي.او، ڪينال، آبدار، مقدمن ۽ بيلدارن جاوا
ڪري ڇڏيا. براج جي پاڻي جي گهڻائي سبب وڏن
زميندارن جو هڪ خاص طبقو پيدا ٿيو، جي ٻين جي
مقابلي ۾ وڌيڪ عيش عشرت سان زندگي گذارڻ لڳا. براج
جي نين اقتصادي حالتن جو اثر ماڻهن جي ذهنيت تي به
ٿيو. ملڪ مان محبت نڪري ويئي. نه مائٽن ۾ ميٺ نه
سنگتين ۾ وفا. ملڪ جو سمورو سون ۽ رپو انگريز هڙپ
ڪري ويا ۽ باقي ڪاغذ جا پرزا وڃي بچيا، جن کي نوٽن
جو نالو ڏيئي ماڻهن کي پئي ٺڳيائون. ملڪ ۾ هڪ طرف
بک ۽ بيڪاري وڌندي ويئي ته ٻئي طرف ماڻهن ۾ ’فيشن‘
جو رواج پوندو ويو. عورتون پراڻي لباس کي ڇڏي نئين
فيشن موجب ويس ڪرڻ لڳيون ۽ حياء شرم ڇڏي پراون درن
تي نچڻ ۽ هٽ بازار جو سودو وٺڻ شروع ڪري ڏنائون.
ماءُ ڌيءَ جي ۽ سس ننهن جي دشمن ٿي پيئي.
سنڌ جي بمبئي کان ڌار ٿيڻ تي شاعر، وزيرن کي
ساراهيو آهي پر پوءِ 1942ع ۾ ڪنٽرول لڳڻ سبب عام
ضرورت جي شين جي کوٽ کيس ڏاڍو متاثر ڪيو آهي. انهن
حالتن جو نقشو چٽيو اٿس ته: ڪنٽرول لڳڻ کان پوءِ
واڻين جي ڦُرلُٽ ۽ وياج خوري ويتر پريشان ڪري
ڇڏيو. ميمبرن جي رشوتخوري ۽ خودغرضي سبب غريب
ماڻهو انگ اگهاڙا ۽ پيٽ بکيا گذارڻ لڳا. موت
جيتوڻيڪ اناج کان سستو هو پر ان هوندي به سخت
رسوائي جو باعث هو، ڇاڪاڻ ته مرڻ کان پوءِ ڪفن
حاصل ڪرڻ هڪ وڏو مسئلو هو، جنهن ۾ مُلو به ميّت جي
ڪا مدد ڪري نٿي سگهيو. ملڪ ۾ چوريون ۽ زوريون وڌي
ويون، پوليس چورن کي ڇڏي ڀاڳين کي پٺي ٻَڌو. غريبن
جو ڪو اوهي واهي ڪونه هو. اهڙيءَ طرح سگهڙ حاجي
روشن علي شاهه 1942ع ڌاري سنڌ جي ماحول کي هن بيت
۾ بيان ڪيو آهي.[
ساراهيان سچو ڌڻي، صاحب رب سڀن،
قادر ڌڻي قدرت جو، مالڪ آهي مڙن،
وڏيون وڏايون واحد جون، پسيو ٿيون پسجن،
ٿو روز رسائي ان کي، جَر اندر جِيتن،
سِپون تر سمنڊ جي پين آب اَبرن،
شاهي تن جو شان ڪيائين، مهانگو ملهه موتين،
ڪِيڙا ڪاٺن ۾ ڪيترا، سدا سک وسن،
کائي گهڻو خوش ٿين، بکيا منجهه برن،
نانگ ساماڻا، ڏين اولاڻا، پَئُون بنا پيرن،
ٻيا ته سوين جانور جوءِ ۾، توڙي رُڃ رهن،
هاديءَ جي حڪم سان، ان کي اتي روز رسن،
جيئن ٻار ڪري تيار، پيٽ سندي پردن،
ته ٿو اڳئي مالڪ موڪلي، جهجهي ٿڃ ٿڻن،
اهڙا عجب رنگ الله جا، ڪئين ٿا ڏيهه ۾ ڏسجن.
هيءَ دنيا آهي دم گذر، ادا! ڏس اکين،
ڏاڍي سرڪار ربّ جي، تو ڪامل! سئي نه ڪنن،
’حوا‘ ’آدم‘ کان ڌار ڪيائين، ڪيڏو پنڌ ڪوهن،
ڪاڻ ڪَڻي ڪڻڪ جي، پيو وڇوڙو ورهن،
سي جاني ٻئي جدا ڪيائين، باڪا منجهه بهشتن،
سي ته توبهه وائي وات ۾ پيا راتو ڏينهن رڙن.
ٻي ته خلق ڪئين خراب ڪئي، ڏاڍٖي جي ڏمرن،
تخت ’حضرت سليمان‘ جو، پئي آيو منجهه عرشن،
منڊي تنهن مير جي هئي، نازڪ نَوَ گهرن،
اتي پيغمبر هو پاڻ ڪيو، ڏسي مائي ملاحن،
وئي بادشاهي، آئي گدائي، ڦري پيو فڪرن.
ٻيڙو ’نوح‘ نبيءَ جو، بيهاريائين منجهه بحرن،
’يوسف‘ شهر ڪنعان ۾، هئو ڀاءُ ڇڏيو ڀائرن،
ڪپوٽ تنهن ڪنعان جا، جهليو ڪين جهلن،
آيو هٿ سوداگر جي، ٿيو قيدي منجهه قيدن،
سو به وڃي وير وڪاڻو، مصر جي سوداگرن،
سي به حُسن پسي حيران ٿيا، تاءُ تکو تجلن،
اُتي به ذات سڃاتي ’زليخا‘ ٿيو ميلاپو محبوبن.
’يونس‘ پيٽ مڇيءَ جي ۾، ٿا چاليهه ڏينهن چون،
تنهن کي به مڇيءَ منجهان اوڳاريو، ڪنڌيءَ ڪنارن،
پيغمبر کي پيٽ ۾، هئو ساٿ گهڻو سورن،
کُٿا هئس وار وجود تان، ڇڏي هئس لالائي لڱن.
آيو امر ’ايوب‘ تي، هوس ڪهڪايو ڪيڙن،
سوين سوراخ سِر اندر، ٻيو جان گهڻو جگرن،
ويو لحم لهي لڱن تان، ڇڏيو هوس رت رڳن،
ڏسو صبر تنهن سردار جو، ڪيائين آجو ڪن عيبن.
ويو گهُرڻ وڻ کان، ادا! ڏج امن،
تنهن ’زڪريا‘ نبيءَ تي ڪرٽ وهايو ڪافرن،
ڦُٽي سو ڦارون ٿيو، جنهن کي ڏاريو هو ڏندن،
صبر ڪر سهي وڃ، متان چورين ڪي چپن.
هيءَ مٽي آهي”ماراءيتَ الۡذي“جنهن کي ڪربلا ٿا
چون،
گهوڙا تنهن گهوٽن جا، اچي بيهاريا منجهه برن،
سي ته ڏئي لانگ لهي پيا، کوڙيون قناتون منجهه
طنبن،
وڏو مقابلو ميدان ۾، ڪيو ريءَ پاڻي پهلوانن،
سو ته الاهي امر کي هو سهي سڃاتو سيّدن،
سي ڪاهيندا ويا قرآن ڏي، جيڪي آهي منجهه آيتن،
”لباس المؤمنين والقلوب الڪافرين“ڀلي چئو ڪوفين،
سيّد سڏينداسون، بيعت مڃينداسون، اهڙا لکيا خط
اکرن،
اي پڻ شير شهيد ٿيا، مڃيو ڪين مروانن،
متو زلزلو زمين ۾، ٻيو مٿي ادا! عرشن،
ملائڪن هئو ماتم ڪيو، هار ڇنا حورن،
مرون ملڪ ڇڏي ويا، پَرَ کوهيا پکين،
ڏونگر سڀ ڏري پيا، جَر وهايو جبلن،
وادين وهڻ ڦٽو ڪيو، مديني جي ماڳن،
چشما سڀ چُڪي ويا، ڌئُون هڻي ڌرتين،
پاڻي پيازي ٿيو، سوڌو سمونڊن،
ساوا گاهه سڪي ويا، آٿڪ ڪيو اِڏوهِن،
سلا وري نه ساوا ٿيا، اَنّ ڪيو نه انهن،
’عليءَ‘ جي اولاد لاءِ، پيا چِڪيو ڦَٽ چِڪن،
جنهن کي حب ناهي’حسين‘ جي، سو ناهه منجهان
مسلمانن.
هاڻ ته وئي خوشبوءِ ملڪ مان، ڇڏيو واس وڻن،
حياء شرم ڇڏي ويو، اخلاق مٽايا آدمين،
ويو زمانو زور وٺي، جنهن کي ٿا چوڏهون سن چون.
درياءَ تنهن دادلي کي، آهي دٻايو درن،
آيو ’سکر برينچ‘
سنڌ ۾، جيڪو ڏٺو آهه ڏيهن،
اِنهي واهڙ جي وهڻ سان، وئي موج منجهان ماڻهن،
جتي چانور چڻا، هئا گهڻا، ٻيو ست گهڻو سارين،
جتي گنجا، موتيا گهڻا هئا، ٻيون راهيون رتڙين،
باڙيا، بدڙيا بيشمار هئا، ٻيو ساءُ ڀلو سڳداسين،
ڪونج، ڪنگڻي، ڪارڙا، ٻيون قطارون ڪانگڙين،
سپيا، سگهڙيا، صابو هئا، ٻي سونهن ڀلي سونهرين،
هڪڙا ويندا هئا ولايت ۾، ٻيا وڻج به واپارين،
کائي گهڻو خوش ٿيندا هئا، هئو مَرڪ به ماروئڙن،
اهي کڙيون، رونبا، روتيون، هئي ڪار سندي ڪڙمين،
اهي سَر سڀئي سڃا ٿيا، وري وارو ڪونه ورين.
ڦِٽا واهه وهڻ کان، تڏهن مُنهن ڪڍيو موڪن،
نار سڀئي نڪري ويا، جيڪي هئا ڪڙو منجهه ڪڙن،
جوڙا سڀ جدا ٿيا، ڇڏيو مانڊاڻو مينهن،
محبتون هيون ملڪن ۾، ٻيون چوياريون چڱن،
وڏا قرب هئا قريبن ۾، ٻيا ادا! عزيزن،
مِٺيون مانيون مزمانن لاءِ، هيون اندر اوطاقن.
پر پڌري جي پيئڻ کان، ساءُ مٽيو سنگتين،
سي آسڻ سڀ اجهامي ويا، رڳا دونهان پيا دکن.
زمين ذرا پُرزا ٿي وئي، جنهن کي
وڍيو واٽرن،
نمبر نشان نڪري ويا، هليون ايراضيون ايڪڙن،
ڍلون سڀ ڊگهيون ٿيون، آهي تاءُ تکو تپدارن،
آيا آفيسر ملڪ ۾، ڪاهه ٻڌي ڪامورن،
انجنيئر، ايسٽيا(2)،
ٻيا ’چيف‘ ٿا چون،
ڪينال ڪتاب هٿن ۾، ڏاڍي آڪڙ آبدارن،
سروير بندن تي سدائين، رشوت تي رڙهن،
داروغا درن تي، وَهُريا سي وتن،
مقدمن بيلدارن جو، آهي شور مٿي شاخن،
جتي بَر وڏا بيبان هئا، اتي پاڻي مٿي پئن،
جتي جهنگ وڏا جهوپا هئا، اُتي هاري مٿي هرن،
جتي ڪڻو نه ٿيندو هو ڪڻڪ جو، اتي خرار پيا کڄن،
تڏهن به وئي برڪت ملڪ مان، جَر گهٽ ڪيو جانورن،
جتي ڀاڳين جا ڀاڻ هئا، سي پيا سُتيءَ لاءِ سِڪن.
جيڪي پنندا هئا پراون درن تي، سي پيا کير کٽا
کائن.
ڏسو بادل برسي ايندا هئا، ڪري مينگهه ملارن،
ڪارا ڪڪر اُڀ ۾، هئا خيال ڀلا کنوڻن،
ڏسبا هئا ڏيهن ۾، مٺا پاڻي مِينهن،
ڏاڍا سانوڻ ٿيندا هئا سنڌ ۾، ٻيون ٿاڌليون منجهه
ٿرن،
مُنيون پٽي مال جون، وڃي ٻڌيون ٻيلاين،
جتي پهنوار اچي پيهون کوڙيندا هئا،اتي چوڙيليون
چَرن،
سي گهمرا ڏيو گاهن مان، اڄ ويڳاڻيون وتن،
لسيون هونديون هيون لوڙهن مٿان،ٻيون ماٽيون مکڻن،
پر وڻنديون هيون وجود کي، اهي چونگارون چڙن،
پر دين مٽي دنيا تي، ڀر ڪيو ڀائرن،
ته قادر پنهنجي قدرت سان، ڪنجي ڏئي ڇڏي ڪلفن،
سا ويئي رحمت روڪجي، جيئن تاڙيون آيون طاقن،
هاڻ ته هيرا، جواهر، زمرد، پيا ياقوت ياد پون،
موتي، مرجان هئا ملڪ ۾، ٻي لئي ڀلي لعلن،
سون، رپو سوگهو ڪيو، وڃي هٿ به انگريزن،
هاڻي ڪاغذ پيا ڪم ڏين، آهه نانءُ ڀلو نوٽن،
پر ڏس دنيا جو دورو، آهي ڦيرايو فيشن،
پرور تن جي پت رکندو، ادا! اشرافن،
سائين تن کي ساڃهه ڏيندو، جيڪو مالڪ آهي مڙن،
ڏسو ته موتي ستارو ملڪ ۾، اچي ڪاهي پيو ڪافور
منجهه ڪلهن،
جتي نٿون هونديون هيون نڪن ۾، اتي ڦُليون پيون
ڦرن،
جتي ٻانهيون هونديون هيون ملڪ ۾، اتي آهن ڪنگڻيون
ڪراين،
جتي ڪڙيون، ڪتريا، نُورا هئا، اتي آهن ٽوڙها منجهه
ٽنگن،
جتي گربيون، پڙا، پيشگير هئا، اتي آهن پانَڪون مٿي
پانچن،
جتي ٻگهه، ٻانڌڻا رتل هئا، اُتي آهن سالورا مٿي
سينڌن،
جتي گج هوندا هئا لڱن سان، اتي آهن گهاگهريون
منجهه گردن،
جتي جتيون هيون وڏي شان سان، اتي آهن سپاٽا منجهه
پيرن.
هاڻي هلي ڏسو ماين جا، تماشا مٿي تڙن،
پنهنجي ۽ پرائي جو، وري حياء ناهي هُنن،
پاسي ڪپڙو ڪيو پرهيز جو، کليو کينڪارين،
هٿ مٿان هٿ جي، ٿيون ٽهه ٽهه ڪيو ٽهڪن،
دهل پرائي در تي، ٿيون ناز منجهان نچن،
اهي ته ماسيون، نانيون پاڻ ۾، آهي مت به ماين،
ناٺي ويهاريو در تي، توڙي گهڻا شال هجن،
ماءُ دشمن ڌيءَ جي، ڀلي ڏهٽا پيا ڏسن،
سس دعاڳڻ نُنهن جي، ته شل هٿ منهنجي ۾ هجن،
جمعي ۽ سومار تي، هو اوڇانگ ڏيو اچن،
ته پِير اسان کي پٽ ڏنو، ڏاڍو ٽيلي سان ٽلن،
ويهو تن واٽن تي، ڪن رهاڻيون مٿي رستن،
ادب عورتن ڇڏيو، وري حياء ناهي هُنن،
ويئي مڙسي مردن مان، تڏهن زور ورتو زالن،
پر سائين تن کي ساڃهه ڏيندو، جيڪو مالڪ آهي مِڙن.
پر سَنڱ بند ڪيو پاڻ ۾، گهرو منجهه گهرن،
اهي زنانيون مِٽيون، ادا! اهڙي اهڃاڻن،
ته ڏاڏاڻا وسري ويا، پيا ناناڻا ياد پون،
هاڻ ته شادي مان تعدي ٿي، اچي ويو آچارن،
جهيڙا جنگيون جوٽجي ويا، گهر ڇڏيا گهوٽن،
پنهنجون ويهاريو پاڻ وٽ، ويٺا سُور سهن.
”الحياء والايمان“ لڏي ويو کان لوفرن،
سي ڪاهي قطارون هليا، وڃي بيٺا بازارن،
وکر وٺڻ واڻين کان، مَرڪ به ناهي ماين،
جي چڙهي هٽن تي، ڪن سودا اشرافن.
اهي کاريون مٺيون ڳالهيون، ادا! ٿيون ڳڻجن،
ته هئي هئي اسان جي حال کي، ادا! انسانن،
سائين تن کي ساڃهه ڏيندو، جيڪو مالڪ آهي مڙن،
پرور تن جي بت رکندو، ادا! اشرافن.
پر وري، ڏسو وونۡٽن
تي، رکيو زور زميندارن،
پــٖــپر پَنو هٿ ۾، آهي ڇيپ ڀلو ڇاپن،
جهنڊو، گهوڙو، تراڙ، چنڊ سوڌو تارن،
بابا! هي ڏسي، هو ڏسو، اها
پر پولينگن(2)،
ڏاڍي خوشامد خلق جي، ان ڏينهن ٿيو مان به مسڪينن،
بابا! چانهه پيو، وونۡٽ ڏيو، ڪريو چهر به چانورن،
بابا! منڌيئڙو ڏجو موچارو، اڳيانئون نيشانن،
متان وونۡٽ وڃائي وجهين، ڀُلجي ٻئي ڀاڱن،
ڏاڍيون سهولتون ڪنداسون سنگتين سان، ملندا مال
مڻن.
پر ڪم لٿو ڪاغذ ڦاٽو، وسريا ياد نه پون،
ڪانچ قميص ڦاٽي ويئي، وڃي لڳي سا اڳٺن،
ڪپڙو ملي ٿو ڪونه ڪو، آهي خلق سارو ڏينهن منجهه
سٽن،
کنڊ خوشامد کائي وئي، جو آهي ڊوهه
گهڻو ڊيپن،
اچي ڪڻٽول(4) ڪاهي پيو، وڌو حاڪم جي
حڪمن،
بليڪ(5)
ماڻهو بيزار ڪيا، جيڪا هئي گهڻي هٿ هندن،
واڻيا ملڪ وٺي ويا، ڪي وڪڙ هڻي ويا جن،
تورون تڪون تن جي هٿن ۾، پيا ٻيڻا اگهه ٻڌن.
پر سنڌ جدا ڪئي بمبئي کان، وڏا لائق وزيرن،
پر وڏيون مهربانيون ميمبرن جون، جن پنهنجا کيسا
پُر ڪن،
انگ اگهاڙا، پيٽ بکيا، وري ترس نه پئي تن،
انّ مهانگو، موت سهانگو، اهو قادر جي قدرتن،
پر جي ماڻهو مري پوي، ته پيا ويچارا منجهه ويچارن،
ماڻهو، ملان ۽ ميّت پاڻ ۾، ويٺا ’ڪفن ڪفن‘ ڪن.
پر اهو آهي قهر ڪريم جو، ٻي مجال ناهي ماڻهن،
اهي شامتون اسان کي آڏيون آهن، ادا! پنهنجي عملن،
پر وري ڏس شراب ۽ شڪار تي، ڏاڍو چاهه چڱن،
رسيون، پنجوڙون هٿن ۾، ڊگها ڳن ڏڦن،
باشو، ٻَهڙو، بُلٽاڪ، اها وائي وات سندن،
جي مرون ماري وڌائون ته نيڪي نيڪوڪارن،
اچن ڪين عبادت تي ۽ نماز تي نه نمن،
حق پراوا هميشہ، پيا گوهر غصب ڪن،
پوليس پَٽــٖــيل پاڻ ۾، پيا رشوت تي رڙهن،
وئي ساڃهه سيّدٖين، پرهيز ڇڏي پِيرن،
جا ڪمذات ڪمينن جي، تن مان سيّد وڃو سڱ وٺن،
گذر جن جو گلوين تي، تن جي اڳيان پاڪ ويٺا پيهن.
شرع محمّد مير جي، اها قضا ڇڏي قاضين،
ملان مسجدن ۾ ويٺا واجهائين،
ڪورا ڏسيو ڪپڙا، ويٺا نُوچين نهارين،
پر جي انهن ڪپڙن ۾ ماڻهو مري پوي، ته سندن دل ۾
دهل وڄن،
ٽيجها، ختما، چاليها کايو، گهڻو خوش ٿين.
هاڻي ته چور پيا چاڳلايون ڪن ۽ ڀاڳيا پيا ڪُٽجن،
سي ماڻهو ملڪ ڇڏيندا وڃن، جن کي ڪنبايو ڪهاڙين،
هڪڙا رات جو ڦريو راهي ٿين، ٻيا ڏينهن جو ڏسجن،
هڪ گاريون ڏين غريبن کي، ٻيو دٻاءُ ڏين دڙڪن،
هڪڙي هستي حڪومت جي، ٻي ٿڌي ڇانۡو ٿاڻن،
جيسين هجي پوليس سلامت، تيسين ڪونهي دخل ڌاڙيلن،
پيسا وڌائون پاند ۾، ڇٽو ڏوهاري ڏوهن،
وي دعا درويشن مان، فقر ڇڏيو فقيرن،
عدل ۽ انصاف جا دَرَ پوريا دوستن،
سُکئي جي سڀڪو سڻي، ڪونهي غور ڪو غريبن،
مسڪين ڀل ماريو وڃي، ڦٽيو منجهه ڦٽن.
هاڻي ته ڪوڙ ڪپت ڪاهي پئي، پيا سچ لاءِ سڪن،
گلا غيبت ٿئي گهڻي، پاڙي ۾ پنهنجن،
نياز نئڙت نڪري ويو، نظر ڇڏيو نيڻن،
ظلم ته زور وٺي ويو، رحم ڇڏيو روحن،
سڻي حقيقت هيءَ تون، لائج ساڻ ڪنن:
ته تري ويندين تار مان بچي منجهان بحرن،
هڪڙو رکج خوف خدا جو، ٻيو ادب انسانن،
”السخي حبيب الله ولو ڪان فاسقا“ ڪجئين هاج هٿن،
توبهه زاريءَ کان سواءِ، ڪانهي واهه به ويڙهيچن.
اکيون اٿم عرب پار ڏي، من مونکي روضي پاس رکن،
جثو انهيءَ جوءِ ۾، ٿئي مڙهه به مقامن،
اٿم آسرو آريءَ ڄام ۾، من پوي ٻاجهه به ٻاروچن،
هيءُ ٿيندو ساٿ حوالي سيّد جي، هلندا ڪاهي قطارن،
اچي احمد ڄام اڪاريندو، سو پتڻ پاتڻين،
رات جاڳجان ”روشن شاهه“ چئي، تون ڏيئي اوجاڳو
اکين،
جيڪي ڪلمون پاڪ پڙهن، تن کي لهر لوڏيندي ڪانه ڪا.
ڪنٽرول جو زمانو
[ٻي عالمگير لڙائي کان پوءِ عام ضرورت جي شين جي
سخت کوٽ پيدا ٿي پيئي، جنهنڪري ناجائز منافع خور
واپارين عوام کي ڦرڻ شروع ڪري ڏنو. انهن حالتن کي
منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت طرفان عام ضرورت جي شين تي
ڪنٽرول لڳائي انهن جي راشن بندي ڪئي ويئي. سنڌ ۾
اهو ڪنٽرول سڀ کان پهرين ڪراچي ۾ لڳو جنهن کان
پوءِ حيدرآباد، ٽنڊي محمد خان ۽ ماتلي جي شهرن ۾
به ڪنٽرول جا دڪان کلي ويا. انهن دڪانن تي ڪڻڪ،
گاسليٽ، کنڊ وغيره لاءِ صبح شام راشن جي دڪانن تي
اچي گهمسان لڳندو هو. راشن جا ڊيپو گهڻو ڪري هندن
جي قبضي ۾ هوا. اهي رياء کان ڪم وٺي شاهوڪار ماڻهن
۽ هلندي پڄندي وارن کي گهربل سامان تمام سولائي
سان مهيا ڪري ڏيندا هئا. باقي غريب ويچارا ڌڪا
کائي موٽي ويندا هئا. غريبن جو انهيءَ زماني ۾ وقت
ڏاڍو ڏکيو ٿي گذريو. انهيءَ موقعي تي سگهڙ حاجي
حاميد خاصخيلي ۽ الهڏني ماڇي جا بيت هتي ڏجن ٿا].
(1)
حاميد خاصخيليءَ جو چيل بيت
ساراهيان سچو ڌڻي، ساراهيان سبحان،
قادر جي قدرت جي، ڪمي آهي ڪان،
پاڻ وڻنديون پاڻ ڪري، ڏس آگي جا احسان،
حرامخوريون حرڪتون، هو نر کڻن نادان،
شراب، شربت، سيل، سوپاريون، ٻيا پلاهه کائين
پڪوان،
سڪن گڏ ساوا سڙن، هي غضب جو گمان،
ڪنٽول
اٿاريئون ڪراچي مان، جو آهي مسافر مهمان،
سو هلي آيو حيدرآباد ۾، جتي ڪامي آهن ڪپتان،
ٽلڪي پيو ٽنڊي(2)
۾، جتي مير آهن مستان،
مرڪي ويٺو اچي ماتلي ۾، ڪا پيڙهه هڻي پهلوان،
هڪڙو آهي گوڙ گاسليٽ تي، ٻيا هليا بوتل جا بيان،
ٻي خواري کنڊ تي، جتي آهه مرڻ جو مڪان،
هو ڪتا ويٺا اچي ڪپڙن تي، ڪو شرط ڪري شيطان،
دريون دروازا ڌرمشالا جا، بند ڪيا بيمان،
واڻيا ويٺا ورڇ تي، ڪي دلا ڇڏي دڪان،
ڪريو چٻاچٻون، ڪپت ڪمينا، وڃن هڙ کايو حيوان،
هڪڙا ڪڏيو ويهين ڪرسي تي، جن کي هتن ڏنا مان،
ٻيا ڌڪا ڌوما جهلي دڙڪا خالي وريا خان،
روئي رڙي پنهنجي روح ۾، ٿين اندر ۾ ارمان،
”حاميد“ انهي حيرت ۾، پيا هندو مسلمان،
جڏهن راضي ٿيندو رب رحمان، تڏهن لهندو ڏولائو
ڏيهه تان.
( 2 )
الهڏني فقير
جو بيت
آئي آدمين ۾، داڻن جي درڪار،
ڪَڻۡٽول کڻي قائم ڪيو، سعيي سان
سرڪار،
سيرَ مِلن سڀڪنهن کي، چانورن جا پنج
چار،
شاهوڪارن شڪر ڪيو، وهواهه انهيءَ وار،
اڄڪلهه اسان جي ٿِي، واڌي ۾ واپار،
غريبن جي گذري پئي، رات منجهان لاچار،
سکڻا آهن سَٽُن ۾، نَرُ هجي توڙي نار،
يا ربّ سائين! راضي ٿيءُ، واڳ سُکن جي وار،
ماڻهو منجهه آچار، اڻهوند جي ”الهڏنو“ چئي.
رئيس فقير بخش ڪاڇي جي وفات
(چيل سگهڙ ميهار)
[رئيس فقير بخش ڪاڇي نهايت دلير ۽ سخي مرد، دوستن
جو دوست ۽ ڪچهريءَ جو ڪوڏيو هو. سڄي ڪوهستان ۾
سندس هاڪ هئي. ڪٿان ڪٿان جا ماڻهو وٽس مدد لاءِ
ايندا هئا، ۽ ڪڏهن ڪنهن کي خالي نه موٽايائين.
پنهنجي ڳوٺ ۾ هڪ جامع مسجد ٺهرايائين. راڄ جا
ماڻهو کيس ڏاڍي عزت سان ڏسندا هئا، پر زندگي تي
ڪهڙو ڀروسو. 5- مارچ 1942ع تي آڌيءَ مهل رئيس کي
به اجل اچي سڏ ڪيو. سندس وفات سبب سڄي راڄ ۾ افسوس
۽ ارمان جي لهر ڊوڙي ويئي. سندس جنازي سان هزارين
ماڻهو شريڪ ٿيا. کيس ڏاڍي شان سان ’پير اويس‘ جي
قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو. انهيءَ واقعي تي سگهڙ
ميهار، ماجهند هيٺيون بيت چيو آهي جنهن ۾ رئيس
فقير بخش جي ڪارنامن، سخاوت ۽ سرڪار ۾ هلندي
پڄنديءَ جي ساراهه ڪئي اٿس.[
ساراهيان سچو ڌڻي، جنهن آ جوڙي جوڙ جبار،
مٺو محمّد مصطفيٰ، جو اڙين جو آڌار،
حسن مير حسن لاءِ، هئي عرشن منجهه اوڇنگار،
پر ملڪان ملڪ مرد جي هئي ڍٽين پٽ پچار،
’ڪاڇِي‘ ڪچهريءَ وچ ۾، جي کلي ڪندو هو
کنگهڪار،
ته ٻنهي ڪنڌين ۾ ٻُري ويندو هو، جيئن ديو
ڪري ڌڌڪار،
ڪئين ڊونڊا هن وٽ ڊپٽي ايندا هئا ارڏا عملدار،
گڏ ويهندو هو گونر
سان، ڪندو هو گويائي گفتار،
ايندا هئس صاحبلوڪ سلام تي، هٿ ٻڌي هيڪار،
ڪاڻ نه ڪڍيئين ڪنهن ڪلٽر جي، سنڊيو ڪنهن
نه سوار(2)،
جيڪي پئي پکي پاليئين پڃري ۾، سي اڄ پيا
نيڻن وهائن نار،
ڪٿي ڪلڪتو، ڪٿي ڪوئيٽا! هن جا هئا دليءَ
تي دهڪار(3)،
پري يار پنجاب کان، وڃي ڪندو هو اتر ڏي آچار،
لس ٻيلو، لاڙڪاڻو، ان جي هئي پورب منجهه پچار،
ڪئين ته وري ڪراچي ۾، لاڪس پٽيو ڪڍن پار(4)،
جيسلمير، جپان مان وڃي هو وڻج ڪندو واپار،
ڪڏهين موٽايائين ڪينڪي، پنج ڪڻي پينار.
بانڪا! تنهنجي بنگلي ۾، مون ڏٺي ڪرسين جي قطار،
مهيزون ميزن تي، جهولا ۽ جهمڪار،
گل گهڻا غاليچن تي، تو وٽ هندورن هزار،
نکن ناڻو ناهه ڪو، جن تي چؤيڙيون چوڌار،
اِليٽريون اَمير جون، بتيون بيشمار،
کٽون ڏسان پيو خان جون، نيون ساڻ نوار،
ڪنگرا تنهنجي ڪامن تي، داسن تي ديدار،
بخمل تنهنجي بت تي، هئي ڏني ربّ ڏاتار،
جوهر تنهنجي جان تي هو جڙيو ساڻ جنوهار،
ٻهڳڻ! تنهنجون ٻيلن ۾، مينهون ۽ ميهار،
اچن وچينءَ ويل وٿاڻ تي، ڪڏيو ڪري قطار،
آئي مند مينهن جي، سرها ٿيا سنگهار؛
بيٺل تنهنجي بٺيءَ تي، حجامن
هزار،
ڪئين ته پخالي پاڻيءَ تي، ڪندا ڇوهه منجهان ڇٽڪار،
تو وٽ ڪم هلي پيو ڪاشيءَ جو، ٻي چيني آ چوڌار،
ڪوپ گڏيندا ڪٽليون، تنهنجا ڪاريگر ڪمدار،
سَوَ ته سونارن جا هئا، هس، ڪڙولا، هار،
جيڪي هئا ڪاريگر ڪاٺ جا، سي پيا ڪن
وگهامل ويچار،
ڪئين پياسي پر ٿيا، تو وٽان منگتا مڱڻهار،
برجلوٽي باري بندوقون، دُنالين دهڪار،
اهڙو تاءُ ترار کي، جيئن ڪري کنوڻ کِنۡوار،
سي کنيو ايندا هئا خوشيءَ مان، ويندا هئا وٺيو
لاڳ لوهار(2)،
ٻڌل تنهنجا ٻاهڙا، شاهي ڪن
شڪار،
سي ويهندا ’ويهه دريءَ‘ کان ڏيندا هئا اوسر تي
الغار(4)،
مِرون، يار مٽي ويو ته هئا ماڇي جهليندا مار،
ڪئين واڍا تنهنجا واهه تي، هئا نر چاڙهيندا نار،
هلن تنهنجي حڪم تي پيا ڪاراوا ڪمدار.
گهوٽ چڙهي گهوڙي تي، ڪيو ديهن تي ديدار،
مڙد اڏائي مسجد رکي ڇڏيا جامع تي جنسار،
ڪئين مُلا مستين ۾ پيا ٻانگا پاڙهين ٻار،
ڪئين ڀائيبند ڀڄي ويا، توکان مهتا جهلي مار،
هاڻي ويٺا وڳہ ڪوٽ ۾، دانہ ڪيو ديدار،
پر ڪجو هٿ حجامن کي، جيڪي ڪندا انهن جا
طعام تيار،
ڪلهوڙا اوهان جي ڪم، آهن نوڪر نظردار،
پر قدرت ربّ ڪريم جي، ڌڻيءَ ڇني ڪيئي ڌار،
”وحده لاشريڪ لہ“ آهي مالڪ هٿ مهار،
هتان ته سڪندر سَو لَڏي ويا، جن کي هئي ڪلنگي
منجهه ڪپار،
ڪنهن سان هلندي ڪينڪي، جيڪا پئي هي
دنيا ڪرائي ديدار،
آڌيءَ ويل اَسر جو توکي سڏايو ستّار،
کٽ کنيائون خان جي، ٻڌي سهرا ۽ سينگار،
آندئون مرد مانگهندين، پيون هئس لُڱيون لک هزار،
مهڄڻ ڏاڍيون مڙسيون ڪيون، هئا واڻين کي ويچار،
ماڻهن ڪارا ويس ڪيا، آيا جهنڊا کڻي جهونجهار،
انهيءَ مرد سان ”ميهار“ چئي، مون ڏٺي ڪانڌين
جي قطار،
لکين ته انهيءَ جي لاشي سان، ڪندا ويا ڪلمي
جي تنوار،
آندائون ’پير اويس‘ تي قبر جيءَ ڪنار(2)،
ڇوڙيئون مُنهن مرد جو، اسان ڪيا دانهه جا ديدار.
فرزند ’فقير بخش‘ جا، تن کي ڏجئين سوڀ ستار!
سي پيڙهيءَ وٽ پڳ تي، هئس ڪونڌر پٽ ڪنڌار،
هئس شوق ’شهمير خان‘ تي، تنهن لاٿي موڀيءَ
ڪل ميار(3)،
مُلا ويهاريائين مسيت ۾، ڪريائين پڙهڻ جي پچار،
’سالو‘ ويندو سيج تي، سڄڻ ڪري سينگار،
اسان مسڪينن ماڻهن جا، پاڻهي پيو’علڻ‘ڪندو
آچار(2)،
’قلندر‘ انهنجي ڪم ۾ انهنجا کنيا آهن ’ڀٽ ڌڻيءَ‘
بار،
آنۡ تي نظر ’نوح‘ جي، آن جي پيرن منجهه پچار،
مرد مرن ئي ڪينڪي، ساريءَ سڀ ڄمار،
اڄ ته ڏسبو فوٽو ’فقير بخش‘ جا، پيا نيڻين وهن
نار،
’ڪاڇي‘ ٿيندي ڪانڪا، توتي شل ڪا محشر جي ميار،
پڙهو ڪلمون يار! پيا ساري ڄمار سردار جي.
حُرن جا مقابلا
[پهرينءَ حر تحريڪ (1896ع) بعد انگريزي حڪومت کي
يقين ٿي چڪو هو ته، جيڪڏهن ’حُر جماعت‘ ۽ ’پير
پاڳاري‘ جي گاديءَ کي ختم نه ڪيو ويو ته هندستان
جي آزاديءَ واري تحريڪ جي پٺڀرائي ٿيندي رهندي،
تنهنڪري هنن حُر جماعت توڙي پير صاحب پاڳاري کي
ختم ڪرڻ لاءِ منظم طور تي ڪارروايون جاري رکيون.
جماعت مان هر سَنگهي ۽ صحتمند نوجوان کي لوڙهي ۾
بند ڪيائون ۽ هر چُرندڙ ۽ طاقتور فرد کي ويساپور
ضلعي احمد نگر ڏانهن جلاوطن ڪيو ويو. ’لوڙهن‘ جو
اهو سلسلو هلندو پئي آيو، تان جو پير پاڳاري شمس
العلماء شاهه مردان عرف ڪوٽ ڌڻي، حرن تان انهي
عذاب لاهڻ لاءِ سرڪار کي مطمئن ڪرڻ جي هر طرح ڪوشش
ڪئي. 1914ع واري پهرين جنگ عظيم ۾ حڪومت آزمائش
طور کانئن ماڻهو گهريا. پير صاحب نه فقط پنج سؤ
ماڻهو فوج ۾ ڏيڻا ڪيا، پر ٻي مالي مدد پڻ ڪئي،
تڏهن وڃي لوڙهن جو خاتمو ٿيو. انهيءَ هوندي به
انگريزن هن گاديءَ کي اک ۾ رکيو.
ٻئي طرف پير صاحب پاڳاري توڙي سندن جماعت، انگريزن
کي نفرت جي نگاهه سان ٿي ڏٺو، انهيءَ ڪري جو هڪڙو
ته انگريز ڌاريا حاڪم هئا، ٻيو ته انگريزن، ڪيترن
ئي بيگناهن کي سخت سزائون ڏنيون ۽ حرن تي بيجا
سختيون ڪيون هيون. تنهن ڪري انگريز سان وفادار ٿي
رهڻ بدران، حرن هنن جي خلاف محاذ کڙي ڪرڻ لاءِ
موقعا پئي تلاش ڪيا. آخرڪار پير صاحب پاڳاري صبغت
الله شاهه ثاني جي دؤر ۾ عملي طرح ’ٻي حر تحريڪ‘
وجود ۾ آئي.
پير صبغت الله شاهه ثاني ٻارهن ورهين جي ننڍيءَ
عمر ۾ گادي نئين ٿيو. سندن ولادت 13- صفر سنه
1327هه ۾ ٿي ۽ پنهنجي والد شمس العلماء شاهه مردان
شاهه جي وفات (7- ربيع الاول 1339هه) بعد ”پير
پاڳاري“ جي حيثيت ۾ دستاربندي ڪيائون. سندن ننڍي
عمر هئڻ ڪري، هڪ طرف سندن ويجهن ۽ وڏن عزيزن کي
اها اميد ٿي ته هيءُ ننڍو پير پاڳارو سندن صلاح تي
اٿندو ويهندو، ٻئي طرف انگريز حڪومت جي هوشيار ۽
چالاڪ عملدارن اهو ويچار ڪيو ته هن ننڍڙي پير تي
اثر وجهي، سندس سکيا اهڙي نموني ڪجي، جيئن خانداني
روايتن کان منهن موڙي انگريزن جو دوست ۽ وفادار ٿي
رهي، پر پير پاڳاري صبغت الله شاهه پنهنجن عزيزن
توڙي انگريزي حڪومت جي آفيسرن جي اشارن تي هلڻ کان
صاف انڪار ڪري ڇڏيو.
پير صاحب جي آزاد طبيعت انگريزن کي سخت ڳڻتيءَ ۾
وجهي ڇڏيو ۽ انهن اهو فيصلو ڪيو ته جيڪڏهن پير
صاحب تي جلدئي ڪو قدم نه کنيو ويو ته انگريزن جي
خلاف هڪ وڏو ممڻ مچي ويندو. جلدئي انگريزي حڪومت
کي پير صاحب جي پنهنجن عزيزن مان فريادي ۽ شاهد
ملي ويا جن پير صاحب تي هنيل الزامن جي سلسلي ۾
شاهديون ڏنيون ۽ انگريزن ڪيس هلائي کيس ڏهه سال
سزا ڏيئي سنڌ کان ٻاهر رتناگري جبل ۾ وڃي نظربند
ڪيو.
اتان آزاد ٿيڻ کان پوءِ پير صاحب پنهنجي مريدن جي
اصلاح ۽ تربيت طرف ڌيان ڏنو. سانگهڙ جي ڀرسان
”گَڙنگ“ بنگلي کي پير صاحب جن پنهنجي نئين تحريڪ
جو مرڪز بنايو. مريدن کي حڪم ڏنائون ته ڪوبه ماڻهو
ولائتي ڪپڙو نه پائي. هن حڪم انگريز کي ڀڙڪائي
ڇڏيو ۽ حڪومت جي طاقت پير صاحب جي خلاف حرڪت ۾ اچي
ويئي. انهيءَ دؤر ۾ پير صاحب جن طرفان حڪم پهتو ته
جماعت جا اهي ماڻهو جي غازين جي صِف ۾ شامل ٿيڻ
چاهين سي پنهنجا نالا لکائين. هن حڪم کان پوءِ
ڪيترائي مريد غازين جي صف ۾ شامل ٿي ويا ۽ روز
بروز سندن تعداد ۾ اضافو ٿيڻ لڳو.
هن جماعت ۾ شامل ٿيل غازين ۾ سرفروشي جو زبردست
جذبو پيدا ٿيڻ لڳو. پير صاحب جن انگريزن جي تسلط
کان پوريءَ طرح واقف هئا. پاڻ اندروني طور جماعت
جي اصلاح ڪندا رهيا ۽ کين قرباني ڏيڻ لاءِ تيار
ڪندا رهيا. ولائتي ڪپڙي نه پائڻ واري حڪم کان پوءِ
غازين جي تحريڪ انگريز حڪمرانن کي سخت ڳڻتيءَ ۾
مبتلا ڪري ڇڏيو ته هاڻي شايد سندن خلاف هڪ باقاعده
تحريڪ ٿي شروع ڪئي وڃي. انگريزن ’غازي تحريڪ‘ کي
ناڪام بنائڻ جون عملي ڪوششون شروع ڪري ڏنيون. هرهڪ
ڏوهه کي بنان جانچ جونچ جي حرن ڏانهن منسوب ڪري،
خاص خاص برجستن ماڻهن جي گرفتاريءَ لاءِ رڪارڊ
ٺاهيا ويا. ننڍن وڏن حرن لاءِ پوليس ٿاڻن تي
هفتيوار حاضريون مقرر ڪيون ويون ۽ ڪن تي هفتي جي
بدران هر ٽَئين روز، ٻئي روز، بلڪه روزانيون
حاضريون مقرر ڪيون ويون. پير صاحب جن جي گڙنگ واري
بنگلي تي چوڪي لاءِ پوليس جو مختصر عملو مقرر ڪيو
ويو. پير صاحب انهن پابندين خلاف احتجاج ڪيو ۽ حرن
جي حاضرين ڏانهن ڌيان ڇڪايو ته جيڪي ماڻهو روزانو
اٺن ڏهن ميلن جي مفاصلن تان پيدل هلي اچي ٿاڻن تي
حاضريون ڏيندا سي پنهنجن ٻارن ٻچن لاءِ ڪهڙي وقت
پورهيو ڪري سگهندا. پر هن احتجاج تي انگريزي حڪومت
ڪو ڌيان نه ڏنو، ويتر حرن تي ظلم ۽ سختيءَ کي
وڌائي ڇڏيو. انهن حالتن کان متاثر ٿي پير صاحب
حاضري ڏيندڙن مان ڊزن کن برجسته ماڻهن کي سڏي چيو
ته ”فقيرو هاڻي اڳتي لاءِ اوهين حاضري نه ڏيو“.
حرن جي حاضرين نه ڏيڻ جو نتيجو اهو نڪتو جو پير
صاحب کي انگريزن نظربند ڪيو ۽ مٿن بغاوت جي الزام
۾ مقدمو هلايو. آخر 20 مارچ 1943ع تي اٺين بجي
هيءَ آزاديءَ جو اڳواڻ سِرُ ڏيئي سرهو ٿيو. هن
صدمي حرن جي جماعت جي جذبي کي اڀاريو. انهن سڀني
جي آڏو اهو ئي مقصد هو ته ڪنهن به طرح انگريزي
اقتدار کي ختم ڪيو وڃي. انهيءَ سلسلي ۾ هنن جو
پهريون قدم 1942ع ۾ ٽنڊي آدم وٽ لاهور ميل کي
ڪيرائڻ وارو هو، انهيءَ لاءِ ته حڪومت جي آمدرفت
واري وسائل کي ڌڪ هڻجي. انهيءَ واقعي بعد حرن
پٺيان هيڪاري باهه ٻري ويئي، بي انداز فوج ۽ پوليس
سانگهڙ، ٿرپارڪر، نوابشاهه ۽ حيدرآباد ضلعن ۾ ڪاهي
پيئي، هزارين بيگناهه جهلجي جيلن جي حوالي ٿيا.
سوين حرن کي ڦاسي ڏني ويئي. سڄيءَ سنڌ سان ’مارشل-
لا‘ لاڳو ڪيو ويو، جو سڄا سارا ٽي سال هليو.
انگريزن جي حڪومت جي دؤر ۾ دنيا جو اهو پهريون
مثال هو جو ايڏي طويل عرصي لاءِ هڪ علائقي سان
”مارشل لا“ لاڳو ڪيو ويو.
جيئن جيئن حرن خلاف سرڪار طرفان سختيءَ ۾ اضافو
ٿيندو رهيو، تيئن حرن به پنهنجون ڪاروايون زور
ڪيون. سرڪاري عملدارن کي مارڻ توڙي پوليس ۽ فوج
سان مقابلن ۾ ڪونه گهٽايائون. ملڪ ۾ چؤطرف بدامني
ڪاهي پيئي، هر طرف چورين، ڌاڙن ۽ ڦرلٽ جي ڌم مچي
ويئي. هزارين بيگناهه شخص عيال سميت لوڙهن ۾ بند
ڪيا ويا. سوين ڳوٺ ساڙي ميدان ڪيا ويا، مکيءَ جي
ڍنڍ کي سڪائي، ٻيلو وڍايو ويو. اهڙي طرح حرن جا
ڳوٺ، ٻنيون ۽ ٿاڪ سڀ تباهه ڪيا ويا. ايتري مصيبت ۽
سختي سهندي ۽ حرن آڻ نه مڃي ۽ مقابلو ڪندا رهيا.
انهيءَ تحريڪ ۾ جن حر فقيرن اڳوڻ بنجي حڪومت جي
طاقت جو مقابلو ڪيو سي هي هئا: وريام فقير
خاصخيلي، غلام علي چانگ، علي شير خاصخيلي، مٺو
خاصخيلي، شيخيو راڄڙ، محرم ڏاهري، عبدالله راڄڙ،
مهراب راڄڙ، دودو ڪوري، امام بخش سنجراڻي، راڻو
مري، عثمان هڱورو، گلو وساڻ، جڙيو خاصخيلي، ابل
ماڪاڻي، عمر ورياهه، ڦوٽو چانگ، همير ماڇي، چاچڙ
ٽانوري، ميرو نظاماڻي، رحيم هڱورو ۽ ٻيا، جن وڏيون
همتون ڪيون. سرڪار طرفان انهن فقيرن جي گرفتاري يا
مارجڻ تي انعامن جو اعلان ڪيو ويو. ڪي فقير مقابلا
ڪندي شهيد ٿيا، ۽ ڪي جهلجي وڃي جيلن جي حوالي ٿيا.
اهو سلسلو 1952ع تائين هليو.
ان بعد جڏهن پير صاحب پاڳاري جي گادي وري بحال ٿي،
تڏهن موجوده پير صاحب پاڳاري شاهه مردان شاهه ثاني
سڀني حرن اڳواڻن کي پاڪستان حڪومت جي پيش پوڻ جو
اعلان ڪيو. بهرحال هن ٻيءَ حر تحريڪ (1942- 1952ع)
جي دوران ڪن شاعرن، حر فقيرن جي همت ۽ بهادري کي
ڳايو آهي جن کي هيٺ ڏنو ويو آهي.
چاچڙ ٽانوري ۽ سردار علي گوهر جو مقابلو
چاچڙ ٽانۡوري هڪ مشهور حُر ٿي گذريو آهي، جنهن
ٻيءَ حُر تحريڪ ۾ انگريز حڪومت سان زبردست مقابلو
ڪيو. انهيءَ جماعت ۾ هن جا ڀائر ’ربو‘ ۽ ’پيروز‘
پڻ مشهور هئا. جيئن ته هن جماعت ۾ مَهر قوم جا به
ڪي ماڻهو شامل هئا، تنهنڪري انگريز سرڪار، سردار
علي گوهر مَهر کي به هن تحريڪ ۾ قدري جوابدار
ٺهرايو، ڇاڪاڻ جو هو مهر قوم جو سردار ۽ روهڙي
ڊويزن جو هڪ وڏو زميندار هو. درحقيقت سردار علي
گوهر جو حر تحريڪ سان ڪوبه واسطو نه هو، بلڪه ساڌن
سان سنمک پئنچن سان پورو هو. اُٽلندو سندس چوپايو
مال، جيڪو روهڙي ڊويزن جي ريگستاني سرحد تي پکڙيل
هو، تنهن کي به حرن پي نقصان پهچايو. هڪ طرف
انگريزي حڪومت جي تَڙڀيڙ، ته ٻئي پاسي ذاتي نقصان،
تنهنڪري سردار علي گوهر حر تحريڪ کي ناڪام بنائڻ
جي ڪوشش ۾ گهڻو بهرو ورتو. سندس ئي ڪوشش سان چاچڙ
جا ٻه ڀائر ’ربو‘ ۽ ’پيروز‘ گرفتار ٿيا، پر چاچڙ
پاڻ بچائي ويو.
سگهڙ ’ولو شر‘ انهيءَ واقعي کي چاچڙ ٽانوري ۽
سردار علي گوهر جي زباني، سوال جواب جي صورت ۾ هن
طرح بيان ڪيو آهي ته: جڏهن سردار علي گوهر مهر
مٿين سببن ڪري پنهنجي تر جي حرن کي گرفتار ڪرايو،
جن ۾ هڪ ته سالم جماعت وارا هئا، ٻيو ته سردار علي
گوهر، چاچڙ جي ڀائرن ’ربو‘ ۽ ’پيروز‘ کي پڪڙايو هو
۽ ٽيون ته چاچڙ ٽانۡوريءَ جو اڳيئي سردار علي گوهر
سان ٺاهه نه هو، تنهنڪري چاچڙ ٽانوريءَ کيس نياپو
موڪليو ته منهنجي ڀائرن ’ربو‘ ۽ ’پيروز‘ ۽ سالم
جماعت جي مهرن کي نه ڇڏايئي ته آءٌ ملڪ ۾ مانڌاڻ
مچائي ڏيندس. جنهن جي جواب ۾ سردار علي گوهر چوائي
موڪليو ته: ’مون سان خاري ٿي تو پاڻهي پنهنجي لاءِ
مصيبت وهائي آهي، هاڻي منهنجا ماڻهو لڪ چوريءَ
جهنگ ۾ اچي ماري ويندئي‘. وري چاچڙ ان جو جواب
ڏياري موڪليو ته: ’تو واڻيا ڊيچاري ڏٺا آهن، مون
سان هٿ اٽڪائيندين ته پاڻهي خبر پئجي ويندئي‘.
پوءِ سردار علي گوهر، چاچڙ ٽانوريءَ سان ٺاهه جي
به ڪوشش ڪئي پر ناڪام ٿيو. آخرڪار سردار علي گوهر
پوليس جي مدد سان چاچڙ جا ٻه ڀائر ’ربو‘ ۽ ’پيروز‘
پڪڙائي وڌا.
ميري فقير نظاماڻي جي شهادت
ٻيءَ حر تحريڪ جي خاتمي کان پوءِ حڪومت طرفان سڀني
اڳواڻ حرن کي پيش پوڻ لاءِ چيو ويو. ڪيترائي حر
هٿيار ڦٽا ڪري اچي حڪومت جي پيش پيا. حڪومت انهن
پيش پيل حرن کي معافي ڏيڻ جي بجاءِ سخت سزائون
ڏنيون، تنهنڪري ميري فقير نظاماني پنهنجي لاءِ
ڪوبه ڇوٽڪارو نه ڏسي، پيش پوڻ کان انڪار ڪري ڌاڙن
جو سلسلو جاري رکيو، جنهنڪري حڪومت کيس خطرناڪ
مجرم قرار ڏيئي سندس گرفتاريءَ لاءِ وڏو انعام
مقرر ڪيو. پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ به ميرو نظاماڻي
ساڳيءَ طرح ڌاڙا هڻندو رهيو، جنهنڪري حڪومت
پاڪستان به کيس ساڳيءَ طرح مجرم قرار ڏنو. ميرو
نظاماڻي جيئن ته خود به هڪ بهادر شخص هو،
ازانسواءِ سندس ساٿي به سندس جهرائي بهادر هئا،
تنهنڪري سندس گرفتاري حڪومت لاءِ مشڪل مسئلو بنجي
پيئي. گهڻي جاکوڙ کان پوءِ پوليس کي اها کڙڪ پيئي
ته ميري نظاماڻي جو هڪڙو گهاٽو بار علڻ نظاماڻي
آهي، جنهن وٽ هو اچي ٽڪندو آهي. پوليس، علڻ
نظاماڻي سان ساز باز ڪري ميري نظاماڻي کي جهلائڻ
جو منصوبو سٽيو. آخر هڪ ڏينهن هو علڻ وٽ آيو. علڻ
منصوبي موجب کيس رسانڊي ڍنڍ ۾ عمر ڪلهوڙي وٽ
ٽِڪائي سندس بندوق لڪائي ڇڏي، ۽ کسڪي وڃي ملٽري
پوليس کي خبر ڏنائين. منجهند جو ٻي بجي مهل جڏهين
ميرو نظاماني ڍنڍ ۾ وهنجي رهيو هو ته ملٽريءَ جا
پنج سؤ پنڌرهن سپاهي کيس گهيرو ڪري ويا. ميري جڏهن
پوليس جون هڪلون ٻڌيون، تڏهن هٿين خالي، وڏي آواز
نعرا هڻندو ميدان ۾ نڪري آيو، پر جيئن ته مٿس هر
طرف کان گن مشنن سان گولين جو مينهن پئي وٺو،
تنهنڪري گولين سان زخمي ٿي ڪري پيو ۽ اتي ئي دم
ڏنائين.
رحيم هڱورو
ٻيءَ حر تحريڪ جي خاتمي واري دؤر ۾ حر فقير ساماڻا
۽ پنهنجي بهادريءَ جو ڌاڪو ڄمايائون، رحيم هڱورو
انهن مان هڪ هو. هن بهادر شخص انگريزي حڪومت جي
فوج ۽ پوليس سان خوب مقابلا ڪيا. پاڪستان قائم ٿيڻ
کان پوءِ پير صاحب پاڳاري جي حڪم تي ڪيترائي روپوش
حر فقير اچي حڪومت جي پيش پيا، پر رحيم هڱورو پيش
پوڻ کان انڪار ڪيو. آخر حڪومت طرفان هن کي به
خطرناڪ مجرم قرار ڏنو. کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ تمام
گهڻي ڪوشش ڪئي ويئي، پر هو خبردار هو، گرفتاري کان
هميشہ بچندو رهيو. هن سنڌ ۾ مکيءَ جي ٻيلي ۽
جوڌپور کي پنهنجي سرگرمين جو مرڪز بنائي پاڻ کي
اتي جو بادشاهه سڏايو. اڪثر زميندارن کان ڍلون به
وصول ڪندو هو. سندس اها غير قانوني حڪومت گهڻو وقت
قائم رهي نه سگهي، آخر هڪ ڏينهن کيس گرفتار ڪيو
ويو.
رحيم هڱوري کي حيدرآباد جي سنٽرل جيل ڏانهن اماڻيو
ويو، جتي ڪيس هلائي کيس 1957ع ۾ ڦاسيءَ جي سزا ڏني
ويئي. هڪ نامعلوم سگهڙ پنهنجي ڪلام ۾ رحيم هڱوري
جي هن روش تي ارمان ڪيو آهي ته هن مرشد جي حڪم کان
منهن موڙي پنهنجي حڪومت ۾ ڌاڙا هڻي عوام کي ڏاڍو
نقصان رسايو].
(1)
چاچڙ ٽانوري ۽ سردار علي گوهر جو مقابلو
(چيل وَلُو شر)
چاچڙ
مرد ته ’مَهر‘ سان هو، اڳي کان اڻٺاهه(1)،
سخيجا! سَٻَر آنۡ تون، ’سالم‘ ڪين ستاءِ(2)،
توکي مَهر! مڃيندس ڪينڪي، مون سان ڪندو مدد خدا،
خلقيل آهيان خاوند جو، ’پِير‘!
تون پُٺ ڀراءِ،
ٻُر وڌايئي ٻيلين جي، تون نوڪر ڪين نچاءِ(4)،
ڏاڏي پوٽا ڏيهه تي، نه ته غازين ساڻ گڏاءِ،
’رَبو‘ ڪين رنڊاءِ، نه ته ٻُڌندين خرابيون خلق ۾(5).
علي گوهر
چُر ڪري چاچڙ! تون، ٿئين ’خان‘
سان خوري،
مرد ماريندءِ ملڪ ۾، ته چاچڙ ڪي چوري،
ستائي سڀ ’سالم‘ کي، ڪندءِ ظاهر زوري،
نيندءِ وڳ وڻراهه ۾، خون ڪندءِ کوڙي،
بيشڪ مڃجي مرد کي، توڙي وير وجهي ويري،
ڏيندءِ فقيراڻي ڦيري، مريد ماڻهو ملڪ ۾.
چاچڙ
مريد گهمائين ملڪ ۾، نه ڪه نئڙت ڪنديس نياز،
تون بوٽ پائي بازاريون گهمين، ڪنبايئي سڀ ڪراڙ،
تنهنجي شهرن ۾ ”شر“ چئي، اچي نعرا هڻندس نروار،
مردن جي ميدان تي، آڻ ’ريــڻِي‘ راڄ هزار(2)،
مونکي خلقيو آ خلقڻهار، تنهنجو سهاپ سخيجا!
نه کڻان.
علي گوهر
چاچڙ! ڪهڙي چيز آنۡ، اٿئي ’سالم‘ سڀ سٻر،
سونهان اٿيئي سنڌ جا، باري هجن توڙي بر،
گوليون، گن مشينون کڻي، ڪڍ ايندءِ ڪليٽر(4)،
جڏهن ملين اعلان ’علي گوهر‘ جو، ايندءِ جوڌپور
جيگر،
اٿئي ٽانۡوري! اتي ٽڪر، ۽ پچندءِ پير پهاڙ ۾.
چاچڙ
وانگاري ”ولو“ چئي، آڻيندم ناري ڏانهون نر،
ماڇي ’مير(5)‘
جي ملڪ جا، سورهيه سڀ سٻر(6)،
مُڇيون جن
جون
موڙويون،
شوخ
سندن
شهپر،
ڪي ڳاڙهه اکيا ڳوٺن تي، کنيو ڪاريهر ڪر،
جيڪي جُهوٽندا پيا جَهنڊين تي، ٻڌندين خان! خبر(2)،
گهوري رت ’ربوءَ‘ تان، جيرا ۽ جگر،
ڀائر پائين ڀاڪر، سڪ گهڻي آ ساهه کي.
علي گوهر
مهر! ’مڱريا‘ مڇيندءِ ڪينڪي، توکي سنگتي ڏيندا
سور،
’ربو‘ ۽ ’پيروز‘ جا، توکي پاڻهي پوندا پُور،
وتندين ڳوڙها وهائيندو ڳوٺن ۾، جتي ڪاڪڙ آهي
ڪور،
’راڄڙ‘ رشوتخور ٿي، جي بر ۾ ڪرائيندءِ بور(4)،
جتي چراخن جا چور، اتي دفنائيندءِ دڙن ۾(5).
چاچڙ
دفنايائون دڙن ۾، ته به ڀڙائن ڀاڳ،
جي ساهه هوندو هن سورهيه کي، توڙي راڻي سارو راڄ(6)،
نه ڪي مڃيندس مهر کي توڙي کپي ٿيندس کاڄ،
ٽڏي مرندس ’ٽانوري‘، آهي ساهه سندي کي ساک(7)،
ڏجان جيءَ پنهنجي کي جاڳ، ايندءِ ڏاڪو پٽ ڏني جو(8).
علي گوهر
ٽيڪ ملي اٿئي ٽانوري! تنهنجو ماڇيءَ وڌايو من(9)،
خلقت پڄندءِ ’خان‘ جي، تنهنجو تڪڙو ڪندا تن(10)،
جڏهن سوالي ايندءِ سِر جا، ماري ويندءِ من،
جڏهن ٿيئي ويجها ڏينهن ”ولو“ چئي توکي اندر نه
ويندو انّ،
جتي سنگتي سڏ نه ڏين، اتي هايون ڪندو ويو
هيڪلو.
چاچڙ
سخيجا! سنگتين جي، ڪيان ڪانه پچار،
سينگيون هن سورهيه کي، متان ماڙيچيون ڏين ميار(2)،
جڏهن پيا پور ’پيروز‘ جا، تڏهن وڙهي ڪندوسانءِ
وار،
جهنڊيون ڏيئي جهالويون، هڻندس هيڪل پاڻ هٿيار،
آهي ڀال ڀائن ڏي يار! ۽ گهڻي اڃ اکين کي.
چاچڙ
آهيئي اڃ اکين کي، ته ڪندين رڻ مٿي راڙيون،
باندر کائيندءِ بر جا، گورپٽ گداڙيون،
تون ٿو ’خانن‘ سان کنها هڻين، جن جون لک لهن
لاريون،
ڪر آزيون علي گوهر کي، توکي چاچڙ وتي چاڙهيون،
پوءِ ڪاهه اچي ڪارون، موٽر منهنجي ملڪ تي.
چاچڙ
چئي: موٽر ڪاهيندس تنهنجي ملڪ ۾، جو لڌو اٿئي
’ڪانڌو‘ ڪراڙ(3)،
دشمن کي دوست نه ڪجي، توڙي لک ڏيئي اعتبار،
مين تي ماڙ ۾ گهمي، چاچڙ پيو چوڌار،
تون آنۡ سخيجو سردار،
ته
مان
’لاڙ‘ جو لاٽ هانۡ.
علي گوهر
تنهنجو ’ماڇي‘ من وڌايو، ڪي اٿئي هيڪلي هُشي،
مرندين ’مير‘ جي ملڪ ۾، کائيندئي ماس مٽي،
بوتو تنهنجو بر ۾، لاش ويندو لٽجي،
ربو ۽ پيروز لئي، ويندءِ ساهه سِڪي،
ويندين ’ڪاڪڙ‘ منجهه ڪسي، جو لوڙهه لٽيندءِ
’لَنگ‘ تي.
چاچڙ
لوڙهه لٽبو ’لَنگ‘ تي، جڏهن امر ٿئي الاهي،
ڀانيان ڪين ڀڄڻ جي، آهي وڙهڻ جي وائي،
جوان ڪڍي ڇڏ جيل مان، منهنجا ڀاءُ سڳا ڀائي،
نه ته لشڪر آڻيندوسئين ’لاڙ‘ مان، ڪري سنگتي
صلاحي،
ٽولين مالڪ ’ٽانوري‘ ڪندءِ چاچڙ چڙهائي،
نه ڪا ڪئي ربوءَ جي رهائي، پون پُور پيروز جا.
علي گوهر
جي پيَئي پور پيروز جا، ته هيڻا ٿيندءِ حال،
کسي ڌونرا ڏنارن کان، ڪڍي ويندين ڪال(2)،
ڪرين مهر سان مجال، ڇو هٺ ٻڌو ٿئي هيڪلي.
چاچڙ
هٺ ٻڌو ٿم هيڪلي، نه ڪي مڃي ماٺ ڪيان،
آهي آس اندر ۾، پوري پاڻ ڪيان،
جي آئي مسافري مٿي تي، ته غازي ٿي گذران،
کنهو هنيو ٿم ’خان‘ سان، سورهيه ٿي سنجران(3)،
واڌا ڪم ”ولو“ چئي، وڃي ’روهيءَ‘
منجهه رکان،
اچي ساري سنڌ سخيجي ڏنهون، ته به ٽاري ڪين ٽران،
مِٺــٖــــي اتي مران، مردن جي ميدان تي(2).
علي گوهر
جي مري نه پئين ميدان تي، ته ويندين عيوض اڳاڙي،
علي گوهر جا اوچتو، ويندين وڳ تون ورائي،
ٿاڻا اٿيئي ’ٿر‘ سان، ويندين ماڻهو مارائي،
جيئرن جوانن جو، ڇڏيئي جيءُ به جلائي،
مُنج چاچڙ! چوائي: ته خير ڪيان ٿو ’خان‘ سان.
چاچڙ
خير ته ڪندس خان سان، جڏهن پاند ڪيم پورا(3)،
اندر منجهه اُليل ڪيو، کؤنسن پيا کُورا(4)،
ماڇي مير جي ملڪ جا، آڻيندس سورهيه سمورا،
بَر ۾ بندوقن سان، ڪندو چاچڙ ڀي چورا،
علي گوهر جي اوطاق ۾، کائين ڪُڪڙ ڪامورا،
شل ڪيس ٿيندءِ ڪوڙا، ٻڌان رهائي ربوءَ جي.
علي گوهر
سارن ئي ’سالمن‘ ۾، تون چاچڙ! سڏائين چاق،
سر هنيو اٿئي سٻريٽ سان، علي گوهر افلاڪ(5)،
مرد ئي گهڻا اٿئي مهر جا، سي ويري وجهندئي وات،
بم هڻائيندوسئين بَر ۾، منهنجا جرڪندا ايندءِ
جهاز،
کنيو ٿئي سنگتين جو سهاپ، سورهيه پنهنجي سر تي.
چاچڙ
جي منهــٖــــين لڳو مرد جي، ته جيئرو
نه ويندو جهاز،
چرخين ۾ چاچڙ جو، هوندس گولين جو گهوگهاٽ،
ڏاڪو پٽ ڏني جو، تنهنجو سُڃ ۾ ماريندو ساٿ،
بلوا کيڏندن بر ۾، ڦيري رڻ مٿي راڪاس،
جوهري جيسلمير جو، جنهن کي ڪڇ ۾ آهي ڪات،
سورهيه پيو ســٖــــيران ڏيندن، ماڇي کائيندن ماس(2)،
اندر آهي اداس، ملان ملڪن منجهه پيروز کي.
شاعر
پنجابي هن پار ڏنهون، آندا خوشيءَ جهڙا خان،
رهڙ رکي اٿس راڄ تي، ڏيندس ’سالم‘ سڀ سامان(3)،
قبضو پنهنجي ڪئمپ تي، رکيو ’کيڏاريءَ‘ تي خان(4)،
چاچڙ ڏانهن چوائي مُڪئين، ساٿين هٿ سلام،
ماري اچوس مهر وٽ، کڻي سڀ ڪِمام(5)،
جوان! وڃوس جام، اچو ٽوٽا ڪري ٽانوري(6).
چاچڙ
ٽوٽا ٿيندو ٽانوري، ته به ڳڀا ٿي ڳنڍيام،
هڻي هٿيار هيڪلي، مٿا ماريندام،
ڏيندم مقابلو مردن سان، سنگتي ساريندام،
غازي آهيان گولين سان، ڪئين مانجهي ماريندام،
ڪي لاکي ليٽائيندام، سخيجي
جي سنڌ ۾.
علي گوهر
مرد! مٺي جهان جي، ڏاڍي مٺي اٿئي واءُ،
هليو ويندين هيڪلو، نه ڪو سنگتي ڏيندءِ ساهه،
نه ڪا مٽي اٿيئي ڪنهن مائٽ سان، جو ڀائپيءَ ڪندءِ
ڀاءُ،
سر ساڙيندين سڃ ۾، دشمن ڪندءِ داءُ،
نه ڪي مٿان ايندءِ ماءُ، جا ڪڍيئي پار پهاڙ ۾.
چاچڙ
کَٻُو سڏائين خان! تنهنجي اڱڻ تي ايندم(2)،
ليڊر ڏسي لانڍين وارا، ڍڳي ڊاهيندم،
مَکيءَ جي ملڪ ۾، وڃي اُوريون اڏيندم(3)،
وجهي مورچا ميدان تي، ڪاڪڙ تي ڪُڏندم،
جي واهر آئي ”ولو“ چئي، نڪي ڀاڙي تي ڀڄندم،
پساهه ڏيندس پڙ تي، ڏيهه سڄو ڏسندم(4)،
ماڇي سان مرندم، جنهن قول ڪيا هئا ڪاڪ تي.
ميري فقير نظاماڻيءَ جي شهادت
(چيل قادر بخش)
ساراهيان سچو ڌڻي، صاحب ربّ ستّار،
ڪي ڏيهاڙا قدرت جا مونکي ڏيکاريا ڏاتار،
آدم مان انسان ڪيائين، لائق لک هزار،
مير محمّد مصطفيٰ هو اڙين جو آڌار،
پنجتن پاڪ پيارا، چڱا چارئي يار،
اصل هئا امامن تي، بيحد بڙا بار،
پِير تنهين جي پٺ ۾، ٿيا سالڪ سؤ هزار،
نالي پير پاڳارو جنهن سان پرور جو هو پيار،
پوءِ حڪومت هڪ وار، بيگناهه کڻي بند ڪيو.
بيگناهه کڻي بند ڪيو، پير به پاڳارو،
حُرن اچي حڪومت سين هنيو نئين سج جو نعرو،
ڪنگريءَ مڪان تي ڪوس ٿيو مارا ۽ مارو،
ڪلمي جو ”قادربخش“ چئي، هنيئون نُوراني نعرو،
ٿيو ڪنگري مڪان ڪڏڪارو، جت مردن ڪيا مقابلا.
مَردن ڪيا مقابلا. ڏسو مَردن جا ميدان،
حڪومت هڪل ڪري، جاڳايا جُوان،
’بچو‘ منجهن بادشاه، ’پيرو‘ پهلوان،
لڳي جنگ غوغاء، ٿيو گوڙ وڏو گهمسان،
سوال سُٺا ٻڌاسون ڪيترا آدم مان اِنسان،
پوءِ ’مِيري‘ جو ميدان، مون آهي ڏٺو اکين سان.
مون آهي ڏٺو اکين سان، مون ميري جو ميدان،
ڪيائين مقابلا ملٽري سين، جنگيون جوٽيون جوان،
جنگيون هن جوان ڪيون، جت هئا ملٽري مڪان،
الله ڏنو هو ايڏو ان آدم کي ايمان،
پهريون پهلوان، مِيرو انهي ملڪ ۾.
مِيرو انهي ملڪ ۾، ڪيو پهلوان پرور،
پنج سو پنڌرهن ڄڻا، ملٽري ۾ مَشر،
گهيرو ڪيئون تنهن گهوٽ کي، اچي واهن جهليائون ور،
ڪي ڪِري پيا هئا ڪَڙيي ۾، ڪنين جهنگ جهليا ٿي
جهَر،
حڪومت واري هڪل ڪئي، پئي خان خبر،
گجي شينهن گُڙي نڪتو، نعرو هڻي نَر،
هڪل سان حاضر، اچي مرد بيٺو ميدان ۾،
مَرد بيٺو ميدان ۾، سنججي ٿيو هو سوار،
’عَلڻ‘ اڄ کڻي ويو، هائي سڀ هٿيار،
هڻي نعرو حيدري، هن ڏاڍو وڌو ڏهڪار،
ڪيا فَير فقير ٿي، ڏهڪائين ٿي ڏار،
هلي سو هڪ وار، اچي مرد بيٺو ميدان ۾.
مَرد بيٺو ميدان ۾، پڌرو پاڻ هجي،
گولين جو تنهن گهوٽ تي مورک مينهن هجي،
ٻارهين کان پوءِ ٻي بجي، ڪاڙهو قيام هجي،
پئي ملٽري منجهي، ٻُڌيو هڪل حاڪم جي.
ٻڌيو هڪل حاڪم جي، هئا ڪوهن منجهه ڪڙڪا،
ٻن ميلن ۾ ”ٻروچ“ چئي، هئا گولين جا گڙڪا،
ميل پنڌ ۾ ماڙهن سٺا، ان دانَهه جا دڙڪا،
ميري جئن ڦهڪا، هئا بندوقن جا ڀر ۾.
بندوقن جي ڀر ۾، هئا گولين جا گهمسان،
گهوگهٽ هئا گهن مشين
جا، دونهن جا دوفان،
جهنگ ڇڏيو ويا جانور، هائي سڀ حيوان،
پکي سڀ پرڏيهه ويا، چَرخ چڙهي چوغان،
اُت بيٺو آهي بَر ۾، مرد جهليو ميدان،
واڪا هئا وڻن ۾، ڪڙڪا ڪن پيا ڪان،
زمين مثل ٽانڊي جيئن، اُڀ گجي آسمان،
اتي به پِڙ جهليو پهلوان، بيٺو آهي بَر ۾.
بيٺو آهي بَر ۾، پيو ڪيهر ڪُڏائي،
وڌائين مارو ملٽري ۾، پيو ڪٽڪ ۾ ڪاهي،
’مَکي‘ ’سانگهڙ‘ سڀ بيٺو مَرد به ملهائي،
پوءِ لاڳاپا لاهي، اچي مَرد بيٺو ميدان ۾.
( 3 )
رحيم هنڱوري تي بيت
(چيل جاکرو)
ساراهيان سچو ڌڻي، صاحب ربّ ستّار،
قادر پنهنجي قدرت سان، هو جوڙيو هيءُ جنسار،
ملڪن ۾ مُلڪ مَکي، هئي ٻي خبر نه ڪا چار،
’رحيم‘، نالي هڱورو هو خاصو خبردار،
ڌُمون ڪريو، ڌاڙا هڻيو واهيئين ويٺي پار،
پوءِ ’رحيم‘ جهڙا يار! پنهنجا پار پڇايان ڪيترا؟
هوڏانهن جاءِ تنهنجي جوڌپور ۾، هيڏانهن مکي ۾
مڪان،
وير! تنهنجي وٺجن جو، ڪونه هو امڪان،
جوانمردي ڏسي ”جاکري“ ساراهيو ٿي سبحان،
اي ڌاڙيوال جوان! آئيندي ڳالهيون پيون ڳائبيون.
ڇا ٿا چڱا چون، نو سؤ ڌاڙيلا ليکي وارا لکن!
ڪاهون ڪريو ڪيهر تي، هاريو همٿ وڃن،
حڪومت هلي ٿي پنهنجي، تنهن ۾ اهڙا ڏوهه نه ڪجن،
جي ڳالهيون ٿيون ڳڻجن،
ته وڃي پئو پيش پنهنجي پير جي.
جي پيش نه پَون، ته اهي اناسا ائين ڪيئن ڪن،
جن کي انڌو ٿيڻو هوءِ اکين کان، سي ڀل هَٺ رکن،
اهي مرونءَ جي ماس تي، ڪُتن جئن ڪڙڪن،
اهو ماس به نه ملندن، ويندا هڄي هائيءَ ۾.
|