بيت[1]
سهڻي کي سس سهي ڪيو، جڏهين اونگهن ۾ آئي
چئي: ڙي سهڻي! تون ڪاٿي آئيين رات راهي
اڃا اُڀريو مس سهڻي! تنهنجي اکين ٿيو ڇا هي
چئي: سَسُون چڱيون نه ڪنهن جون، ناحق ڏوهه ڏنوئي
پيو سور مٿي ۾ آهي، اکين ويڳ اهوئي
ڏٺئين ته منڌ آئي مڪر ۾، هاڻ پير جهلي پيئي
سهڻو هلڻ سنگت سان، اٿئي صلح ڳالهه سهي
تون منهنجي، مان تنهنجي، هت ٻڌي نا ڪو ٻيوئي
سهڻي واري چيو وجود ۾، سس منهنجي ٿي ويئي
عيبن هاري هرڪا، پر منهنجا پُسيا پاند ٻيئي
ڪاٿي منڌ هئي، سور ورجائي پڇيائين هن کان.
2- چئي: ٻڌي ڌڌڪا دونهن جا، گهنڊين جا گهوڪا
لڳي لات يار ميهار جي، مون کي ستا سور اٿيا
پيئندي هان وڃي پار ڏهون، مانجها کير مِٺا.
پر ميهار پار، تون اورار، ٿا ڪئين ٿين ميلا؟
چئي: ڏنو اٿم من ميهار کي، ٿي هن گهڙيءَ پهچان
مان ڪندي هان دوڙ دلي تي، آڌيءَ رات اُٿان
هن ساهه سندي، سانڀا، پورا ٻڌايا وڃي پٽ کي.
3- پورا ٻڌايائين پٽ کي، تون آءٌ ڪنڌيءَ ڏانهن
لهي
چوريئين وڃي چريءَ کي، هن کوليا ڪتاب ڪلي
چئي: ٻڌ ٻوڙا ڪنڌيءَ ۾، اها اٿئي ساجن ڳالهه سهي
اتي سهڻي چيو سس کي، ڍُڍي ڊوهه ڪيئي
ڪاٿي ساهڙ، ڪاٿي سهڻي، خواب سندي ڳالهه هئي
ننڊ پيس مثل مئي جي، چاچي! جاڳ ٿي ويئي
چئي: آهي ڳالهه سهي، پر هي ڪوڙ ٻڌي ٿي سهڻي.
4- ڪوڙي سڏائي پاڻ کي، چئين پلئه نه پايو
اڻ تڻ هيس اندر ۾، وئي ڪنڀارن ڪاهيو
ڪري عرض انهن کي، هن وڃي ڪَچو چٽايو
سهڻي کي سس ڪيو، مارڻ جو رايو
وڌيون وتي دغا دل ۾، ديد دلي لايو
نڪي پنج ڏهاڙا پندرهان، سال ڀيڙو آيو
جڏهن پوئيون اچي پورا ٿيس، هن ساجهر دلو وندايو
چئي: پلڪ ننڊ پوري ڪريان، ايندو اکين اوجاڳو
سڄڻ سوري ساهه کئون، ويس ڀيلو ڀولايو
پوءِ رب سندو رايو، جو سهڻي اٿي سيگهه مان.
5- سهڻي اٿي سيگهه مئون، پيئي تارن کي تاڙي
ويئي آهي ويل وهامي، تکو تار وڃان تاري
تڏ حجائتي هٿ هنيو، پنهنجي کي ساري
گهڙي دادلي درياهه ۾ پئي مولهيي کي واري
تنهن منجهئون، ”نالي چڱو“ چئي، پئي سينو سٽڪاري
راز ته منهنجي رب جا، ڀڃي توڙي ٽاري
ٿو ماريندڙ ماري، هي سڪ جهلي آهي سوهڻي.
6- سڪ جهلي آهي سهڻيءَ، پر آهي ميار ميهر تي
هلو جيڏا سينگا، چئون، سچ به ساهڙ کي:
ته ڌارين هوند ٻيڙي، وهارين ملاح مهاڻي کي
پتڻ سڏائين پنهنجو ته، هوند سهڻي ڇو مري!
پر مهڻو ميهر کي، قيامت تائين ڪاهيندا.[2]
(ب) ميرپور ماٿيلي طرف نثر ۾ هلندڙ ڳالهه[3]
ڳالهه ٿا ڪن ته درويش گوگي چهواڻ مرڻ کان اڳ وصيت
ڪئي هئي ته منهنجي مئي کان پوءِ، مون کي پورجو نه،
پر منهنجي جسم کي وڍي ٽُڪي رڌي کائي ڇڏجؤ. جڏهن
گوگي جا ڏينهن پورا ٿيا تڏهن سندس ٻالڪن سندس وصيت
کي پوري ڪرڻ جو پهه پچايو، ۽ گوگي جي جسم کي وڍي
ٽُڪر ڪري رڌائون، پر پوءِ اچي کين وهم ورايو ته
پنهنجي سردار جو ماهه ڪيئن کائون! اها ڳالهه دل تي
بيهي وين، ۽ گهڻي صلاح مصلحت کان پوءِ فيصلو
ڪيائون ته ديڳڙو ڍڪي جهنگ ۾ ڇڏي اچجي. اها صلاح
سڀني کي وڻي، ۽ پوءِ ائين ئي ڪيائون.
قضا سان چار چور اتان اچي لانگهائو ٿيا، ۽ هڙ ڏسي
خيال ٿين ته ڪو مال هوندو! کولين ته ديڳڙو ٻوڙ سان
ڀريو رکيو آهي. هئا بکايل، سو ڍؤ ڪري کاڌائون.
گوشت کائڻ ساڻ چورن جا قلب بدلجي ويا، اکين جا
اولا لهي وِين، چوري چڪاريءَ جو خيال دل مان نڪري
وين، ۽ الله وارا ٿي پيا.
هڪ ڏينهن چارئي درويش ساهڙ ميهار جي دونهين تي اچي
نڪتا، ۽ کيس چيائون ته: ڀاڳيا، اسان کي کير پئار.
انهيءَ ٽاڻي مينهون ويون هيون چرڻ، سو ساهڙ چين
ته: ادا، کير ججهو پر هن مهل ڀٽاريون ويون آهن
چرڻ، اچن ته پوءِ کير حاضر. درويشن چيو ته: ڀاڳين
جا ڀاڻ خالي ڪونهن. اها وڇ جيڪا پريان بيٺي آهي،
سا اُٿي ڏُهه. ساهڙ خيال ڪيو ته اها ڳالهه به ٿي
ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جهڙي، پر متان هي همراهه سمجهن
ته کير پئارڻ تي نيت ڪا نه اٿس، سو ”سينگار“ کي
ڏُهڻ لاءِ اٿيو، ۽ هٿ کڻي هڻي ته ٿڻ سڱويا بيٺا
آهن. ڏاڍو حيران ٿيو، پر کير ڏهي آڻي درويشن جي
آڏو رکيائين. درويشن کير پيتو ۽ ڍؤ ڪري ڪجهه بچائي
ساهڙ کي ڏيئي پاڻ روانا ٿي ويا:
وجهي ونگ وڇير کي، سَڪُر ميڙ سينگار
پيئندي ئي پُر ٿيا، کير سندي خومار
ڪين رَتي ڄمي رَڇ ۾، لوٽي منجهه لغار
اوڀر اصيلن جي، ڪنهن سانڀي سُرت دار
ڏسي دونهين جي ڌڌڪار ، اَجهي سامي آئيا.
انهيءَ ڏينهن ڏم سامٽيو، سهڻي پرڻجي، ڄڃ وٺيو،
پنهنجي مائٽاڻي ڳوٺ پئي ويو. ساهڙ جي ڀاڻ مان
دونهون اٿندو ڏسي کانئس سَوڻ خاطر کير جي گهر
ڪيائون. ساهڙ وٽ ٻيو کير ڪو نه هو، باقي چئن
مهمانن واري بچايل سرڪ پيئي هئي. هنن کي چيائين
ته: مينهون ته جهنگ ۾ آهن، باقي هيءَ سُرڪ پيئي
آهي، سا حاضر آهي. چيائون ته: سڳڻ ڪارڻ سرڪ ئي
گهڻي آهي. ساهڙ اها بچايل کير جي سرڪ آڻي ڏم کي
ڏني، ڏم وري اها کڻي پنهنجي ڪنوار سهڻي کي ڏني،
جنهن اها سرڪ پيتي:
سُرڪ مِرڪ مشتاق ڪئي، ڏنس ڏمَ ڏَهي
سهڻيءَ جو، ”سائينداد“ چئي، اڳ ساهڙ هو نه صحي
وڏي قرب ڪُهي، هن ٻڏيءَ جا ٻيڻا ٿيا.
ساهڙ جي ڏنل سُرڪ سهڻي کي سندس محبت ۾ مست ڪري
ڇڏيو. ساهرين گهر آئي پر اتي هڪ پل به ڏم وٽ سک نه
آيس. آخرڪار انهيءَ سڪ ڇڪي آندس درياءَ تي، ۽ دلي
تي تري وڃي ساهڙ ساڻ ملي:
دڙ ٻڙ دونس درياءَ جي، ڪا جا دؤر دِلي
سوجهي سهي نه ڪيائين، مٿئون ڇَوَ ڇَلي
ترندي آئي تار مان، تنهنجي برهه بلي
ڀيلو ڀائي نه ٿيو، ڪَچو منجهه ڪَلي
ميهر شال مِلي، اَٿم جيءُ جنهين جي آسري.
سهڻي ساهڙ سان ملي موٽي ايندي هئي: اهي خبرون سَس
سان ڪيائين، جنهن کيس ريجهائي سڄو راز معلوم ڪيو.
سهڻي ٻڌايس ته هن طرح سان درياءَ تري، ساهڙ سان
وڃي ملندي ۽ رهاڻيون ڪندي آهيان. سسڻس پوءِ پنهنجي
پٽ ڏم کي ٻڌايو ته: تنهنجي ونيءَ جا ڪم اجهي اهي
اٿئي، جو رات جو دلي تي درياءَ تري وڃي ٿي ميهار
سان ملاقاتون ڪري. ڏم کي انهيءَ تي اعتبار ئي نه
آيو هو. هڪ ڏينهن ماڻس چيس ته: جي مون تي ويساهه
نٿو اچئي ته، لڪي بيهي پاڻ سهڻي جي واتان اهي
خبرون ٻڌ.
انهيءَ رٿ سان هڪ ڏهاڙي ڏم لڪي بيٺو ۽ سس ويٺي
پنهنجي نُنهن سهڻي کان ساهڙ جون خبرون وٺڻ. سهڻي
ساهڙ جي ساراهه مان ڍاپي ئي نه پيئي، چئي ته: آءٌ
دلي تي تري وڃي ساهڙ سان رهاڻ ڪندي آهيان، ۽ هو
منهنجي لاءِ ماندو هوندو آهي. اتي سس چيس ته: ”ٻڌ
ڪنڌي، عقل جي، انڌي!“ اهو اشارو هو ڏم ڏي. سهڻي
ڳالهه سهي ڪري وئي، يڪدم ڦيرو کائي چيائين ته:
”چاچي اُتي مون کي جاڳ ٿي وئي، ڏسان ته نه آهي
ساهڙ، نه آهي ڪنڌي، ۽ نه آهن مينهون ۽ آءٌ ڏم جي
ڀر ۾ سُتي پئي آهيان.“ اُتي ڏم کي پڪ ٿي، ته سهڻي
ڪنهن خواب جي ڳالهه ٿي ڪري، ۽ ٻي ڪا ڳالهه آهي ئي
ڪين.
هڪ ڀيري، سهڻي ساهڙ سان ملڻ وئي. ويٺي ويٺي ساهڙ
کي چيائين ته:
”عضوي“ ۾ ان جو!
(عضوو ”اک“، ان جو ”ڦلو“ : يعني اک جو ڦلو).
اُتي ساهڙ ڇرڪ ڀريو، خيال ڪيائين ته سهڻي جي سندس
عيب تي نظر پيئي آهي. ساهڙ جي هڪ اک ۾ ڦلو هو.
ساهڙ سور پِي ويو، پر مام پروڙي جواب ۾ سهڻي سان
پڻ ڳجهارت ۾ ڳالهايائين ته:
”مهينو ئي مَگهر“
يعني ته جيئن چاڙهه واري مهيني سانوڻ کان پوءِ
سياري مَنگهر يا ناهري مهينو ايندو آهي، تيئن عشق
جي پور کان پوءِ هاڻي پڄاڻي يا زوال آهي. تو لاءِ
به مناسب آهي ”مگهر“، يعني ته هاڻي درياءَ ۾، ”مَ
گهڙ“ ۽ مون ڏي نه اچ.
ايترو سو چيائين، پر سهڻي جي ڳالهه ساهڙ جي دل ۾
گهر ڪري وئي. سوچيائين ته هاڻي جڏهن منهنجا عيب
ڏسڻ شروع ڪيا آهن، تڏهن ڪهڙِي رهاڻ ته ڪهڙي پريت!
پوءِ ڪاوڙ ۽ خار مان ڪنڀار وٽ ويو، پڪي گهڙي جي
جاءِ تي ڪَچو گهڙو رکڻ لاءِ چيائينس ته: گهڙو رک
ته سهڻي پوري ٿئي:
ڏينهان گهاري ڏم سان، راتيان ڏهون ميهار
ورتائين ٻه پار، تيلانهه ٻُڏي سهڻي.
ڪنڀار ڪَچو گهڙو ٺاهي، ان تي پڪي گهڙي جهڙا چٽَ
ڪڍي، وڃي ان جاءِ تي رکي آيو جتي سهڻيءَ گهڙو
لڪائي رکيو هو. رات اونداهي ۾ سهڻي درياءَ تي آئي،
گهڙي تي نظر ئي ڪانه ڪيائين، ۽ ٽپي پئي پاڻي ۾.
ٻانهون هڻندي ترندي، وچ سير ۾ پهتي ته ڀيلو ڀُري
ويو. اتي سهڻي کي خبر پئي ته مار! موت مٿي تي اچي
ويو. خيال ڪيائين ته موٽي وڃان، پر ازل چرڻ نه
ڏنس، ۽ اتي ئي لهرين ۾ لڙهي رواني ٿي.
(ج) غمٽار مهر جي بيتن ۾ بيان ٿيل ڳالهه[4]
[بيتن جي هن روايت مان، سهڻي ۽ ميهار جي قصي جا
ٽاڻا هيٺين ريت ملن ٿا. سهڻي کي ميهار سان محبت
کير چُڪي مان ٿي، جيڪو ميهار کان مليو هئس.
جيتوڻيڪ اهو کير عاشقن جو اوباريل هو، پر جيئن ته
ميهار کان مليو هوس تنهنڪري کيس سِڪ به ساهڙ جي
هئي. انهيءَ ڪري، جڏهن درياءَ جي پار ميهار جي
وٿاڻ مان مينهُن جي چَڙن جا آواز ٻڌائين ته بيقرار
ٿي، دلو کڻي درياءَ ۾ ڪاهي پيئي. رب کان سوال
ڪيائين ته: سچا ڌڻي! ساڻي ٿي سير اڪارج! پوءِ پاڻي
جهاڳي وڃي ميهار سان ملي، ۽ اَسر جو موٽي آئي. ان
بعد روزانو رات جو ميهار ڏانهن ويندي هئي، ۽ ان
سان ويهي رهاڻ ڪندي هئي.
ميهار جي اک ۾ ڦلو هو. سهڻي کي عشق جي پور ۾ ساهڙ
کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نٿي آيو، ۽ نڪي ميهار
جي انهيءَ عيب جي خبر هيس. پر هڪڙي رات سندس نظر
وڃي ميهار جي اک جي ڦلي تي پئي. تڏهن پڇيائين ته:
ميهار! توکي اک ۾ ڦلو آهي ڇا؟
ميهار خيال ڪيو ته، سهڻي جي محبت گهٽ ٿي ويئي آهي،
تڏهن منهنجو عيب ڏٺو اٿس. سو چيائنس ته: سهڻي!
انهيءَ عيب کي سال ٿي ويا آهن، پر تنهنجي نظر اڄ
پيئي آهي. منهنجو چيو مڃين ته اڄ کان پوءِ هتي نه
اچج، ڇو ته هاڻي تنهنجي محبت گهٽ ٿي ويئي آهي، سو
جي ايندينءَ ته نقصان ٿيندءِ. اُتي سهڻي کي ڏاڍو
ڏک ٿيو، ميهار کي منٿون آزيون ڪري پرچائڻ جي
ڪيائين، پر هن جي دل تان اثر نه لٿو.
صبح جو ميهار هڪڙي ڪاريگر ڪنڀار وٽ ويو. اُن کان
ڪَچو گهڙو چِٽائي، آڻي اُن هنڌ تي رکيائين، جتي
سهڻي پَڪو گهڙو لڪائي رکيو هو. سهڻي اڌ رات جو
اُٿي درياءَ جي ڪپ تي آئي، ۽ گهڙو کڻي پاڻي ۾ ڪاهي
پئي. ڪجهه اڳتي هلي ته دِلو ڀُري پيو، ۽ سهڻي غوطا
کائڻ لڳي. ميهار کي سڏ ڪيائين ۽ کيس ساريندي ساهه
ڏنائين.]
بيت[5]
1- سهڻي کي سڪ ساهڙ جي، اندر منجهه اتي
دهلي ڪانه درياهه کان، پئي وئي مٽ مٿي
پورن مؤن پار ٽپي، نينگر ساڻ نشي
هن جو گل، ”غمٽار“ چئي، ساهڙ ڪاڻ سڪي
لهرين ليکي ڪينڪي، اچي سير منجهؤن سڙڪي
ڪُنن جي ڪڙڪي، منڌ مڙي ڪين ”مهر“ چئي.
2- مڙي ڪيئن ”مهر“ چئي، جنهن جي سڪ سچي
ڪاهي پوي ڪنن ۾، تڪيو رب رکي
هن جو من ميهار سان، آيو اِنهين اٽڪي
محبت ماري، ”مهر“ چئي، قرب جي ڪٽڪي
هن کي جل جانب جا، لڳا باهه بکي
پيغامن پڪي، مڙي ڪيئن ”مهر“ چئي.
3- مڙي ڪيئن ”مهر“ چئي، جنهن لڳو نينهن نئون
هن جو عشق آر اتي، جاٿئون سُتڙ وهي سنئون
هن جو چاه چاڙهن سان، اچي بيک بڻيو
هن جي گهڻي دل گهمرن سان، جاٿئون ڇڪ ڇنيو
روح سندو رَجِمون، اٿس ميهر ساڻ ”مهر“ چئي.
4- ميهر ساڻ ”مهر“ چئي، ٿَس ڪرائي قابو
چڪي منڌ چري ڪئي، جيئن وات پٽي واڳو
ڏسي جُلبا جر جا، اچي تار منجهوءِ تانگهيون
جا ٿي وارو ناهي ونجهه جو، اتي اچي جهٽ منجهؤن
جهاڳيون
هن سان ٻيڙيون ٻاجهه جون، هانوَ اندر هاڳيون
وحدت جون واڳيون، ٿس ميهر ساڻ ”مهر“ چئي.
5- ميهر ساڻ ”مهر“ چئي، ٿس محبت جا به مُنڊا
اُٿي آڌيءَ رات جو، ڏي تک منجهان تجلا
ٻُڌي ڪَوَ ڪُنن سان، سانڀر ئي سَوَلا
ڇلڪين ۾ ڇاتي سان، هڻي ڏيل منجهؤن ڏَوِلا
لڳس ٻاڻ ڌراڙ جو، ٿس هزارين هُلچا
ساهڙ جا سونچا، گُن لڳس ”غمٽار“ چئي.
6- گن لڳس ”غمٽار“ چئي، وِلهي ٿي ويتر
هڪ پيئندي کير کُلي پئي، عاشق جي اوبر
لڳس تار، پُڇي پار، نَڪي گهاري گهر
لڳس تند، پُڇي پنڌ، ٿي تنهين ويل تکر
لڳس پاند، پُڇي ڪانڌ، نڪي زال نِوانئين زر
اِنهيءَ چال اَپر، لڳس ميک ”مهر“ چئي.
7- لڳس ميک ”مهر“ چئي، جيءَ اندر جائي
هن کي قلم قرب جي، ٿي ڏُڌ مان ڏِنگائي
دل جو دلبر، من ۾ ميهر، هن کي وات اها وائي
ڪُنڍين سُرڪ، مُنهن ۾ مُرڪ، هن کي خيال هوائي
ڪنڍين چڪ، سهڻيءَ سِڪ، هن کي خوض خدائي
ڪنڍين ڪانهن، سهڻي ٻانهن، ديد درياءَ ۾ آئي
ڪنڍين ڇيڙ، مُنڊي ويڙهه، ويتر ويس وڏائي
ڪنڍين مال، سهڻي حال، هو ڀاڳ ته ڀُلائي
ڪنڍين ٻيٽ، سهڻي پيچ، ڪنهن جِن نه جڳائي
ڪنڍين ٻاڪ، سهڻي چاڪ، هن رمز سان ريجهائي
جنهن کي سڪ سچائي، سا مُڙي ڪيئن ”مهر“ چئي.
8- مُڙي ڪيئن ”مهر“ چئي، جنهن کي اندر منجهه
الله
ڏسي ڇر، پاڻيءَ پر، هن تي حضوري هو شعاع
ڏسي ڍنڍ، ڪري ڇنڊ، ڏي پاڻي مون پڙلاءُ
ڏسي تار، ٽپي پار، نينگر نار، سا مَ بچائي ساه
ڏسي پوُر، ڪري گهور، سهڻي حور، لڳس لهر لقاءَ
ڏسي نديون، ڪپر ڪنڌيون، ٿيس امر ساڻ اُهاءُ
ڏسي ڇاڙ، ڪري تاڙ، صحبت ڳولي ساءَ
جاٿئون رَڙي، اُتئون وَڙي، رکي ڪين سماءُ
جاٿون ڦيري، اُتئون گهيري، ڪري ڌُوڪ منجهه ڌڪاءُ
جاٿئون تڙ، ٻُڌي نڙ، گُرن جو گوگاءُ
جاٿئون گهير، پائي پير، نڪي ڏهڪي ڪري ڏاهه
ڏسي گهمرا، ٻڌي سندرا، هن کي چيتي ناهه چتاءُ
جاني! جيءُ بچاءُ، هن سان گڏ رهي”غمٽار“ چئي.
9- گڏ رهي ”غمٽار“ چئي، هر گز حال في الحال
دريهه دڙ، ڪنن ڪڙ، سهڻيءَ هڙ، هو نيڪي منجهه نهال
دريهه جهاڳ، سهڻي جاڳ، ٻڌي راڳ، چئي منهنجو ڪانڌ
ڪمال
دريهه ڦوٽا، سهڻي چوٽا، قول ڪڏوڪا، منهنجو جيئي
شال جلال
دريهه گهٽ، ڪري سٽ، هڻي هٿ، هن جو پسي ڪين رومال
دريهه گهارا، هڻي نارا، ڪري وارا، منهنجو سچا ٻنڌ
سوال
دريهه اوڳاڇ، مڇي ماس، وٺي واس، هن جو بيشڪ پنڌ
برحال
دريهه بند، پائي رند، ناهي ڪنڌ، وٿي نه ڀانئين وال
خوب جنهين جو خيال، سا مڙي ڪيئن ”مهر“ چئي.
10- مڙي ڪيئن ”مهر“ چئي، جنهن کي لات لڳي لولي
کڻي دلو، ڪري بلو، جنهن کي ٻاجهه لڳي ٻولي
کڻي ٿانُو، رب جو نانُو، جهان به جهلي جهولي
کڻي رڇ، ڏسي وڇ، جاٿؤن ڏي ڇوهه منجهؤن ڇولي
گهري دعا، پير پڄاءَ، اتان ساهڙ کي سولي
ڪر آگاه، وٺي راه، غم منجهؤ گولي
ڪري عرض، ٻڌ غرض، جنهن کي هونگ لڳي هولي
عاشق جي اولي، سا مڙي ڪيئن ”مهر“ چئي.
11- مڙي ڪئين ”مهر“ چئي، جنهن پيتو ڏڌ ڏهي
اڳ ۾ ڄاڻ، پوءِ سڃاڻ، ثابت هئا نه صحي
اڳ ۾ ڏٺا، پوءِ مٺا، چتايئون نه چئي
اڳ ۾ لکيو، ڪنهن نه سکيو، ويڙس ڏنگ ڏئي
اڳ ۾ صورت، منهن جي مورت، ويڙا ٺيڪ ٺهي
اڳ ۾ زينت، منهنجي محبت، هن جي پاڻؤن پاڻ پئي
اڳ ۾ ساءُ، پوءِ ڳالهاءُ، هن جي ولهڙي دل وئي
اڳ ۾ چرچو، پوءِ سرچو، ساهڙ سرتو، هي ڀي لڌو لعل
لهي
لڌئين گهوٽ، پڇي ڳوٺ، هن سان ڪري راند رهي
پيڙس لئون لهي، جڏهن ڏٺئين ڦير ڦُلي جو.
12- ڏٺئين ڦير ڦلي جو، جڏهن اور پئي اوريئون
اهو بج، ڏٺئي اڄ، هُيو تاري ۾ توڙئون
اهو عيب، ڏٺئي غيب، حال انهي هورئون
تنهن کي سال، ٿيا برحال، مُند سڄي مورئون
اڄ کؤن پوءِ، تنهنجي گوءِ، متان زال مرين زورئون
ڏمر سان ڏورئون، سا ڀي گڏ گهڙي ”غمٽار“ چئي.
13- گڏ گهڙي غمٽار چئي، ٿي ساهڙ کي سوداءِ
مان کؤن مورئون وڃ تون، ڳؤري ڪين ڳالهاءِ
ڪاوڙ قضا، رب جي رضا، واتئون ڪين وڃاءِ
تنهنجا ويڻ، وِهه جا ٽيڻ، بازو ڪين ڪپاءِ
سهڻي سک، لڳو ڏک، چڙي ڪين چواءِ
تنهنجو دنگ، ڏٺم رنگ، مانکي ڪين مناءِ
سهڻي جَل، پوي ڳل، حرفين ڪين هيساءِ
منهنجي آزي، تون ٿي راضي، تو ڏَهُون ڪين تڙاءِ
اِهي عقل، ڪر نه نقل، پختي ڪين پڙهاءِ
پنهنجو هوش هٽاءِ، متان لُڙهين مُنڌ، ”مهر“ چئي.
14- متان لڙهين منڌ ”مهر“ چئي، سنجهيئي سهڻي
چوڻ چتاءَ، اهو اطلاع، ڪيئين ڪنڀر کي لکڻي
ايندي وت، دلو هٿ، مرجان ساز کڻي سڪڻي
ڪَچو رِٿ، سهڻو سِٽ، چڱو چِٽ، جنهن تي نامو رکي
نچڻي
ٿانءُ ٺاهه، پڪو نه پچاءِ، کڻندي ڇاءِ، آهي اَسُر
جو اچڻي
کنيئين گهڙو، تڪيئين ترو، ٿي وقت سان وڃڻي
ٻڌي چيلهه، سهڻي گيل، هلي ميهر ڏي مکڻي
ڏنئين ريلو، ڀڳس ڀيلو، ٿي سڳ بنان سکڻي
کائي غوطا، دل جا دوکا، هن کي ڏک لڳو ڏڪڻي
هن جي خاڪ اُتي کپڻي، قيمت هٿ ڪلتار جي.
15- قيمت هٿ ڪلتار جي، هن جو ساهه سِري
ڏسي درياه، ڪيئين الله، پئي قضا ساڻ ڪري
ڏسي وهڪ، ڦولي سهڪ، وڃان لاماري نڪري
ڏسي جهَڳُ، ڦولي دڳ، وڃان ڦيري ساڻ ڦري
ڏسي سينگار، سڏي ميهار، تاب منجهؤن تڪڙي
ڪُنڍين ڪٽڪار، چَڙن چانگار، ٻڌئين ڌم ڌڙي
ڪاف ڪوهيار، ڪيئين ديدار، ٿي حضرت جي هئجهڙي
ڏسي بهشت بهار ٿي، پئي حضورن هِري
ات ميهر سان مصري، گڏ کائي ”غمٽار“ چئي.
16- ات گڏ کائي، ”غمٽار“ چئي، هن کؤن جانب ناهه
جدا
ڏسي وِهڪان، گهمي پؤنڪان، ٿس عاشق جا عَذبا
ڏسي ڍورا، ٽپي لوڙها، ويهي ڪين وداع
ڏسي ٻيلا، ٽپي ريلا، ڀري ساهڙ تان صدقا
ڏسي چاڙهين، هڻي تاڙين، ٿِس روح اندر رونشا[6]
ڏسي ڇولين، ڪري ٻولين، ٿس موڙ رتل مَن جا
سي پرور کي پرتا، جيڪي سنڀالين سردار کي.
17- سنڀالي سردار کي، وڃي ڪُن مٿئون ڪاهي
ڏسي وٽ، هڻي هٿ، آسُر الله جو آهي
ڏسي جهير، هڻي پير، ڪَر کڻي ساهي
ڏسي لاهِي، هڻي گهائِي، ڇاٻر ڪندي ڇاهي
ڏسي ٻيٽ، ٽپي ريٽ، دل نه دوڙائي
ڏسِي آر، ڇنڊي وار، پاڻ نه پُسائي
پوءِ ميهر ملهائي، ورتئين راهه رسول جي.
لا اِلہٰ الا الله محمد رسول الله.
روايت [4]
سهڻي ۽ ميهار جي ماءُ پٽ هجڻ واري روايت
[سهڻي ۽ ميهار جي قصي جي هيءَ روايت سنڌ جي وچولي
مان ملي. سٽاءُ جي لحاظ کان هي روايت سنڌ جي عام
مشهور قصي کان بلڪل مختلف آهي. هن روايت جا خاص
نڪتا هي آهن ته: اصل ۾ ميهار سهڻي جو پٽ هو، جيڪو
هڪڙي ميهار وٽ پليو. سهڻي ۽ ڏم جي شادي ۾ سوڻ طور
کير چڪو ميهار ڏنو، جيڪو درويشن جو بچايل هو. هوءَ
انهيءَ کير پيئڻ لاءِ درياءَ تري ميهار وٽ آئي،
جيڪو سندس پٽ هو. ميهار کي سڃاتائين، پر هن چيس ته
”منهنجي پٽ هجڻ جو اقرار ڏم اڳيان هلي ڪر“ سهڻي ۽
ميهار ٻيڙي ۾ چڙهي موٽيا، وچ سير ۾ ميهار سهڻي کي
ساڻ ڪري درياءَ ۾ ٽپو ڏنو، ۽ ٻيئي ٻڏي ويا. قصي جي
اها انوکي روايت هن بعد شامل ڪئي ويئي آهي.]
سهڻي ۽ ميهار جي ماءُ – پٽ هجڻ واري روايت[7]
سنڌ ۾ ڪنهن سمي ٻه شهزادا رهندا هئا، جي پاڻ ۾
گهاٽا سنگتي هئا. ننڍي هوندي کان ئي هنن ٻنهي
شهزادن هڪٻئي کي قول ڏنو ته جيڪڏهن ڪنهن به هڪڙي
کي پٽ ۽ ٻئي کي ڌيءَ ڄائي ته هڪٻئي کي سڱ ڏيندا.
ٿوري – گهڻي ڏينهين هو ٻيئي يار تخت تي ويٺا. قدرت
سان انهن مان هڪڙي کي ڌيءَ ڄائي، جنهن جو نالو
”سهڻي“ رکيائين، پر ٻئي کي اولاد ٿيو ئي ڪو نه.
سهڻي اڄ ننڍي سڀاڻي وڏي، نيٺ اچي لائق ٿي. هڪڙي
ڏينهن سهيلين سان گڏ، درياءَ جي ڪَپ تي راند پئي
ڪيائين ته اچي اُڃ لڳيس. درياءَ مان پاڻيءَ جو ٻُڪ
ڀري پيئڻ لڳي ته اتفاق سان ٻُڪ ۾ پاڻي جو ڦوٽو اچي
ويس، جو هُن ڍڪ سان پِي ڇڏيو.
قدرت خدا جي سان پاڻي جي ڦوٽي پي وڃڻ کان پوءِ
ٿوري عرصي ۾ سهڻي کي پيٽ ٿيو، جنهنڪري هوءَ ڏينهون
ڏينهن نجهرندي ويئي. ماڻس سندس هيءُ حال ڏسي کانئس
حقيقت پڇي. ڇوڪري ماءُ کي سموري ڳالهه ڪري ٻڌائي.
ماڻس جڏهن اها خبر ٻڌي، تڏهن ڏاڍي اچي ششدر ٿي.
آخر هڪ ڏينهن هڪڙي دائي سان صلاح ڪري سهڻي کي الڳ
ڪنهن جاءِ ۾ رهايائين. نَون مهينن گذرڻ کان پوءِ
ڇوڪري کي پٽ ڄائو. خلق جي خواري جي ڊپ کان صلاح
ڪيائون ته ڇو نه ٻارڙي کي درياءَ ۾ لوڙهي ڇڏجي.
اهو فيصلو ڪري دائي ٻارڙي کي هڪ ساڙهي ۾ وجهي، فجر
مهل کڻي درياءَ ۾ ٻوڙڻ لاءِ رواني ٿي. اڃان درياءَ
جي ڪپ تي پهتي ته کيس منهن سامهون ميهار گڏيو. جو
مينهون پهرائي نڪتو هو. هن دائي کي فجر ويل ويندو
ڏسي، هڪل ڪئي ته: ڪير آهين ۽ هن مهل پاڻ سان ڇا
کنيو اٿئي؟ وڌي اچي کيس هٿ کان جهليائين، تڏهن
دائي ٻيو ڪو حيلو نه ڏسي ساڻس سڀ سچي ڪئي ۽ کيس
آزي ڪيائين ته: ان ڳالهه جو ڀرم رک. ميهار اهو
انجام ڪيو ۽ کانئس ٻار وٺي پاڻ وڃي سانڍيو نپايو،
۽ وڏي ٿيڻ تي ان کي کڻي مينهن ۾ ڇڏيائين. ان ڏينهن
کان هي ڇوڪرو به ”ميهار“ جي نالي سان سڏجڻ لڳو.
سهڻي کي جڏهن پٽ ڄائو تڏهن قدرت سان ان وقت سهڻي
جي پيءُ جي دوست کي به پٽ ڄائو، جنهن جو نالو
رکيائون ”ڏم“. ڏم وڏي لاڏ ڪوڏ سان نپجڻ لڳو. وڏ –
گهراڻو ٻار هو. سو ٿورن ئي ڏينهن ۾ اچي بالغ ٿيو.
اتفاق سان ڏم ۽ ميهار جي پاڻ ۾ سنگت ٿي ويئي. سو
سارو ڏينهن جهنگ ۾ مينهن سان يا محلات ۾، گڏ
گهمندي ڦرندي گذرندو هون. هو هڪٻئي کان پل به پري
ڪين ٿيندا هئا. جڏهن ڏم جوان ٿيو، تڏهن پڻس پنهنجي
دوست کان قول موجب سهڻي جو سڱ گهريو، جو هن وڏيءَ
خوشيءَ سان ڏيڻ قبول ڪيو، ۽ شاديءَ جو ڏينهن مقرر
ڪري ڏنائين. ڏم پنهنجي دوست ميهار کي شاديءَ ۾ هلڻ
جي دعوت ڏني، پر ميهار هلڻ قبول نه ڪيو ۽ چيائين
ته: آءٌ ميهار آهيان، شادي جي موقعي تي ضرور کير
جي گهرج ٿيندي ۽ جي مَينهُن جي سنڀال نه ڪيم، ته
ڌاپي ويون ته وڏي آئيءَ ۾ اچي ويندس. تنهنڪري تون
پاڻ کي منهنجو سنگتي ٿو چوائين ته پوءِ جڏهن شادي
ڪري پنهنجي ڳوٺ، درياءَ پار وڃين ته اها هڪڙي رات
هت مون وٽ ٽِڪي، منهنجي مهماني کائي، پوءِ هليو
وڃج. ڏم اها قبول ڪئي.
جنهن ڏينهن ڏَم جي شادي ٿيڻي هئي، ان ڏينهن وڏو
ميهار پنهنجي جهوپڙيءَ ۾ ويٺو هو ته ڪي فقير اتان
اچي لنگهيا ۽ ميهار کي کير پئارڻ لاءِ سَينَ
هنيائون. وڏي ميهار چيو ته: آلوڙيون مينهون پهرجي
وييون آهن، انهن جو سمورو کير شادي ۾ موڪليو
اٿئون، باقي سکڻيون سڪرون بيٺيون آهن. هڪڙي فقير
چيو ته: تون ڌڻيءَ جو نالو وٺي هڪ سَڪُر ئي نچوئي
ڏي. اتي ميهار هنن جو چوڻ ڪري، ساڙهو کڻي جهڙو هڪ
سڪر جي ٿڻ کي هٿ هنيو ته ٿڻ سڱوئجي پيا، ۽ ساڙهو
ڀري آڻي درويشن جي اڳيان رکيائين. درويشن کير پي
ڍؤ ڪري، ڪجهه چڪو بچائي اٿي کڙا ٿيا. وچينءَ ويل
ڄڃ به اچي اتي پهتي ۽ ڏم جي سنگتيءَ ميهار وڌي اچي
وڏي آجيان ڪئي. زالن سَوَڻ طور سهڻي کي پيارڻ لاءِ
کير گهريو، هن ساڙهي ۾ بچيل کير چُڪو ڏسي، وٽي ۾
وجهي کڻي آيو، جيئن ته هو ڏم جو دوست هو سو هن کان
حجاب ڪو نه ڪيائون، هن به اهو کير جو وٽو آڻي سهڻي
کي هٿ ۾ ڏنو. بس کير پيئڻ شرط سهڻي جا هوش حواس
کانئس ڇڏائي ويا، ڪا ازلي لئون جي لغار لڳي ويس، ۽
لڇڻ پڇڻ لڳي. سرتين ساهيڙين ڀانيو ته کير ۾ ڪو
کريب يا ڊوهه ٿيل آهي، پر جيئن ته ميهار ڏم جو
دوست هو انڪري وڌيڪ ڪو نه ڪڇيائون، باقي رات ترسڻ
بجاءِ هڪدم اٿي روانا ٿيا. گهر پهچي سهڻي تي ٽوڻا
ڦيڻا ڪرڻ لڳا. پر چري ڪيئن؟ چئي ويران وير وڌ
وانگي هن جي لوڇ ۽ ماندڪائي به ڏينهون ڏينهن وڌڻ
لڳي. نيٺ هن کان سڀ ڪڪ ٿي پيا ۽ کيس پنهنجي حال تي
ڇڏي ڏنائون.
جڏهن هن کي چري سمجهي، پنهنجي روءِ سوءِ هلڻ لاءِ
ڇڏيائون، تڏهن هڪ رات جو هوءَ لوڪ سُتي دلي تي
درياءَ پار ميهار جي وٿاڻ تي کير پيئڻ لاءِ آئي.
ميهار کيس کير ڏنو، پر سهڻي چيس ته ساڳيو اهڙو
چُڪو پيار جهڙو پهرئين ڏينهن پياريو هيئي. انهيءَ
چُڪي جي طلب ۾ پوءِ هر رات ايندي هئي ۽ ميهار کيس
جدا جدا مينهُن جو کير ڏُهي ڏيندو هو. پر هوءَ ان
کير جي طلب ڪندي هئي، جيڪو کيس شاديءَ رات مليو
هو. اهڙيءَ طرح هوءَ ان ساڳئي کير چُڪي لاءِ هر
رات جهوتون هڻندي ايندي هئي ۽ صبح جو سوير درياءَ
اُڪري وري وڃي گهر ڀيڙي ٿيندي هئي. هوڏانهن وري ڏم
کي جڏهن خبر پيئي ته سهڻي جي سمجهه اُن کير چُڪي
پيئڻ کان پوءِ هلي ويئي آهي جيڪو شاديءَ رات ميهار
کيس پئاريو هو، تڏهن ڀانيائين ته کير ۾ ڪو ڊوهه
هو، تنهنڪري ميهار سان سنگت جو ناتو ٽوڙي، اچڻ وڃڻ
ئي ڇڏي ڏنو هئائين. اها خبر ٻڌي ميهار جا هوش حواس
ئي گم ٿي ويا. خيال ڪيائين ته سهڻي روز رات جو
درياءَ اُڪري هِن ڀر اچي ٿي، تنهن مان هن کي يقين
ڪيئن نه ٿيو هوندو! اهو سوچي فيصلو ڪيائين ته اهڙي
ڪا اٽڪل ڪريان، جيئن سهڻي هتي اچڻ وڃڻ ئي ڇڏي ڏي.
پوءِ وڏي ميهار کان درويشن جي اوباريل کير واري
حقيقت وٺي، ان رات پاڻ ويهي جاڳڻ لڳو ۽ وڏي ميهار
کي سمهاري ڇڏيائين.
|