سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مومل راڻو

باب: --

صفحو :4

روايت [3]

همير سومرو سنڌ جو حاڪم هو ۽ ”ممطور“ سندس گادي جو هنڌ هو. هو تمام بهادر ۽ وڏيءَ دل وارو هوندو هو. سيِنهڙو ڌماچاڻي، ڏونئر ڀٽاڻي ۽ راڻو مينڌرو سندس وزير هئا. همير کي شڪار جو شوق تمام گهڻو هوندو هو، تنهنڪري پنهنجي ٽنهي وزيرن سان گڏجي هميشه شڪار تي چڙهندو هو. شڪار لاءِ کين تمام پري وڃڻو پوندو هو، تنهنڪري هڪڙي ڏينهن چئني يارن پاڻ ۾ ويهي صلاح ڪئي ته: ڇو نه پنهنجي لاءِ هڪڙو ويءُ کڻي رکائجي، جنهن ۾ روجهن جي رک ڪجي ته ٻيا جانور به پاڻهي اُتي اچي چرندا. همير سومري کي اها صلاح ڏاڍي وڻي، تنهن يڪدم ويءُ رکائڻ جو حڪم ڏنو. هڪڙو سڄو سارو واهه کڻي جهنگ ۾ ڇوڙايائين، ۽ اُتي راکا مقرر ڪري ڇڏيائين ته ”ڪوبه ماڻهو انهي طرف نه وڃي ۽ نڪي ويءُ مان ڪو جانور شڪار ڪري.“ پوءِ پاڻ ۾ صلاح ڪيائون ته سال ۾ هڪ ڀيرو يا ڇهين ڇهين مهيني ويءُ جو سير ڪنداسين.

ٿورن ئي ڏينهن ۾ ويءُ ۾ گاهه جام ٿي ويا. آسپاس جا ڪيئن جانور اُتي اچي چرڻ لڳا. انهن سان گڏ روجهون به اچي ويءُ ۾ هريون، ۽ بي اُلڪائي سان گاهه چرڻ لڳيون. راکي اِها سُڌ اچي همير سومري کي ڏني ته بادشاهه سلامت! اوهين هٿ ويسلا ويٺا آهيو، هوڏانهن روجهون آهن سي رات ڏينهن بي خطر ويءَ ۾ پيون چرن. شڪار ڪرڻو اَٿوَ ته هلو، مهل هيءَ اٿو، نه ته مٿان مينهن پئجي ويا ته پوءِ هڪڙي به روجهه هِتي نه ڏسندئو. راکي جو احوال ٻڌي چارئي ڄڻا شڪار جي شوق ۾ تير ڪمانون کڻي، گهوڙن تي چڙهي، روانا ٿيا.[1] ۽ چئني طرفن ويءَ جا گهٽ جهلي، جدا جدا ٿي ويهي رهيا. تَڙ وارن واهه جا ڪپ وٺي، هڪل هڪل هونگار ڪئي ته روجهون ٽاهه کائي، ويءُ ڇڏي، بر سامهون وٺي ڀڳيون. هڪڙي روجهه راڻي وٽان اچي اُڪري. راڻي به نه ڪئي هم نه تم، گهوڙي کي چهبڪ چکائي، روجهه پٺيان ڪاهي پيو. راڻو ڇهن ڪوهن تائين روجهه جي پٺيان لڳو ويو، تان جو روجهه کي وڃي پهتو. تير هنيائينس، ۽ روجهه گهائجي ڪِري پيئي. راڻو ٽپ ڏيئي گهوڙي تان لٿو، ورائي کڻي روجهه کي قابو ڪيائين. همير سومري، ڏونئر ڀٽاڻي، ۽ سِينهڙي ڌماچاڻي به راڻي کي روجهه پٺيان ڪاهيندو ڏسي، پنهنجا گهوڙا ان جي پٺيان لاتا هئا. جڏهن ويجها آيا ۽ ڏٺائون ته راڻو، روجهه کي ٻڌيو ويٺو آهي، تڏهن راڻي جي تعريف ڪيائون. اتي رات پئجي وين، خيال ڪيائون ته اتي گذاري، صبح جو موٽي هلنداسين. پوءِ ته روجهه کي ڪهي ڪباب ڪري کاڌائون. راڻو هندو هو، هن سڄي ڄمار ماس نه کاڌو هو. تنهن کي ڏاڍا وس ڪيائون، پر هن نه کاڌو ۽ بکئي جو بکيو ويٺو رهيو.

سڄي رات رهاڻ ۾ وهامي وين. اڃان پرهه باکون ڪڍيون ته پري کان ڪو ماڻهو ايندو ڏٺائون. پويان ئي سندس حسن جو اُهاءُ نظر آين. همير سومري، راڻي کي چيو ته : راڻا، تون عقل وارو آهين، ٻڌاءِ ته اهو ماڻهو جيڪو پريان پيو ڏسجي، سو ڪير آهي، ڪهڙا ويس ڪيا اٿس ۽ شڪل صورت ڪهڙي اٿس؟ راڻي جواب ڏنو ته: بادشاهه سلامت! اهو ڪوڪاپڙي ڪنهن ڏورانهين ڏيهه منجهان ڪاهيو پيو اچي. گيڙو رتا ڪپڙا اٿس، ۽ ڪي عشق جا گهاءَ لڳل اٿس. هٿ ۾ بَبُئي، ۽ پيرن ۾ چاکڙيون پيل اٿس. ڳوڙها ڳاڙيندو پيو اچي. همير سومري چيو ته: ويجهو اچي ته ڪوڙ سچ جي خبر پوي. ايندڙ شخص به هلندو هلندو سج اڀرئي مهل اچي وٽن پهتو. جيئن راڻي چيو هو تيئن سچ نڪتو. تڏهن همير ۽ ٻين يارن آفرين چيس. سامي اڃان ڪجهه پرڀرو هو ته راڻي وڌي وڃي آديس ڪيس، ۽ وٺي آڻي همير سومري جي اڳيان ويهاريائينس. سامي صورتوند هو، سندس حسن جو تجلو سج کان به وڌيڪ هو. مٿي تي گلن جا موڙ ٻڌل هوس، جن مان خوشبوءِ پئي نڪتي، سندس حسن ڏسي چارئي سنگتي حيران ٿي ويا. سامي هنن وٽ ويٺو ته سهي پر اکين مان ڳوڙها بس ئي نه پيا ڪنس، زار زار لڙڪ سندس اکين تان وهندا رهيا. تڏهن راڻي چيس ته: ڪاپڙي! اسان کي ٻڌاءِ ته ڪير آهين، ڪٿان پيو اچين، ۽ ڪٿان لنئون لڳئي، جنهن ۾ رچي ريٽو ٿيو آهين؟ سامي چيس ته: آءٌ پاڻ بادشاهه هئس، ڪاڪ واري ڪامڻ کي حاصل ڪرڻ لاءِ، لاءُ لشڪر ۽ خزانو کڻي ڪاڪ تي آيس، پر ڪاڪ ۾ سڀ گنوايم، هاڻي جوڳي بڻجي واپس پيو وڃان. منهنجي قسمت ڦٽل هئي، جو لشڪر به مارايم، ۽ خزانو به گنئون ڪيم. راڻي سهي ڪيو ته هي وڏو ڏکايل آهي، سو چيائينس ته: سامي سچ ٻڌاءِ ته لُڪ لوساٽيو اٿئي يا سيءَ جو سٽيل آهين جو ايتري باهه بدن ۾ اٿئي؟ سامي وراڻيو ته: محبت جي ميدان ۾ هيءَ حال ٿيو اٿم. راڻي چيس ته: سانداري ۾ پاڻي هجئي ته اسان کي پيار، اڃايل آهيون. سامي کين دلداري ڏئي چيو ته: هائو، ٿانءُ جهل ته پاڻي ڏيئين. جڏهن سانداري جو منهن کولي، پاڻي نائڻ لڳو ته راڻي کان ڇرڪ نڪري ويو، چئي: ساڌو! تنهنجي سانداري مان ته رت پيو نڪري؟ سامي وراڻيو ته: ڊڄ نه، اهو رت ڪونهي، ڪاڪ جو ڪَڪو پاڻي آهي. راڻي اهو پاڻي پيتو. همير چيس ته: اسان سان روجهه نه کاڌئي، پر ڪنهن ڍانڍي ڍور جو رت پِي، تو پنهنجو ڌرم بگاڙيو. همير جي اها ڳالهه ٻڌي راڻي جوڳي کي چيو: سامي! سچ ٻڌاءِ هيءُ پاڻي ڪيئن ۽ ڪهڙو هو. سامي چيس ته: تون مون تي ويساهه ڪر، هيءُ پاڻي لڊاڻي جو آهي، جتي مومل جي ماڙي آهي. پڇيائونس ته: سامي! تنهنجو ماڳ مڪان ڪهڙو؟ ڪا سنگت ساٿ هئي، يا اڪيلو پيو برن ۾ گهمين؟ سامي وراڻيو ته: آءٌ ڪابل ۽ ڪشمير کان هليو هوس. مون سان پنج هزار امير ساڻ هئا، جيڪي بهادر به هئا ته زور وارا به. مال متاع جي مون وٽ ڪمي ڪانه هئي. انهن کي وٺي آءٌ ڪاڪ تي ويس، جتي ناتر پنهنجي اٽڪل ۽ حرفت سان سڀ خان کپائي ڇڏيا. هاڻي انهن يارن جون ڪاڪ جي ڪنڌي تي قبرون آهن، ۽ آءٌ موٽيو پيو وڃان.[2]

اها خبر ٻڌي چارئي ڄڻا حيران ٿيا. راڻي سامي کان پڇيو ته: ڪر خبر، اچين به انهيءَ پاسي کان پيو، رات انهيءَ ڏس تي کنوڻ جا تجلا هئا، ڪي مينهن به وٺا؟ سامي چيو ته: راڻا، نڪي هيون وڄون، نڪي مينهن. رات مومل پنهنجن سرتين جيڏين سان سينگار ڪري چوڏول تي چڙهي هئي. اهي تجلا انهن جي حسن جا هئا. سندن ويس وڳا عطر ۽ عنبير سان رتل هئا. اهڙين حسن وند حورن آڏو وڄ جي روشنائي جو ڪهڙو مقابلو! اوهان به انهن جي روءِ جي روشني جو پڙلاءِ پسيو آهي. جوڳي جي واتان مومل جي سونهن جي ساراهه ٻڌي عجب ۾ پئجي ويا. راڻي ورجائي ڪاپڙيءَ کان پڇيو ته: اي ڪاپڙي! اسان کي ڪاڪ جا ڪي وڌيڪ اهڃاڻ ڏي ته مومل وڃي پسون؟ سامي چيو ته: هتان کان ٽيهه ڪوهه پري، لڊاڻي جي ڪنڌيءَ تي ڪاڪ آهي، ويهو نه، وڃڻو اٿو ته وڃو.[3]

پنڌ جو ڏس ٻڌي، هنن چئني گهوڙا سنڀرايا. گهوڙن آڏو ٽيهه ڪوهه پنڌ هوئي ڪونه. اچي ڪاڪ تي رسيا ۽ گهوڙا ٻڌي ويٺائي ڪونه ته ٻانهي ناتر جيڪا پاڻ سهڻي هئي اچي سهڙي. چئني مڙسن جي ڏَيا ڏسي، ناتر هيڪر ته ڌمڪجي وئي، پر وري به ٻاهريون رعب رکي، کانئن پڇيائين ته: اوهين ڪير آهيو، ۽ ڪهڙي ديس جا آهيو؟ هن ڪاڪ واري مومل تي ڪي لک مردن جا غمگين ڪري کٽائي ڇڏيا، اها اوهان کي به ڪانه ڇڏيندي. چڱائي انهيءَ ۾ اٿوَ ته هتي ويهڻ جي نه ورايو، جيڏانهن جا آهيو تيڏانهن واپس هليا وڃو. ناتر کي جواب ڏنائون ته: ڪاڪ اسين ائين ڪونه ڇڏينداسين. سوڍين جي سونهن جي ساراهه اسان سناسيءَ جي واتان ٻڌي آهي، انهيءَ حسن جي هاڪ تي اسان چارئي يار پري کان پنڌ ڪري هتي اچي پهتا آهيون. اها به خبر اٿون ته مومل سان ملاقات مشڪل آهي، پر تڏهن به اسان مقابلي جو پڪو پهه ڪيو آهي. ناتر سندن حوصلو ڏسي، کين ڊيڄارڻ خاطر چيو ته: توهان کي سوڍيءَ جي سياڻپ جي سُڌ ئي ڪانهي. هن ڪيترائي مرد مارائي ڇڏيا. ڪئين انهي ڪاڪ ۾ ويا، پر مومل تائين نه پهتا، اوهان به انهن وانگر ناڪام ٿي اجايو خوار خراب ٿيندو. ڀلائي انهيءَ ۾ اٿوَ ته هتان ئي موٽو. اجايو پنهنجون قبرون ڪاڪ ڪنڌيءَ تي نه جوڙايو. تنهن تي راڻي ناتر کي دڙڪو ڏئي چيو ته: دائي، ڪجهه ادب ڪر، جيڪڏهن مومل عقل ۾ اڪابر ۽ حرفتن ۾ هوشيار آهي، ته اسين به ڪي گهٽ نه آهيون. مقابلو اسين به ڪنداسين، اڳتي قسمت جي ڳالهه آهي، جيڪو کٽي!

راڻي جي ڳالهه ٻڌي، ناتر ماٺ ۾ پئجي وئي، ۽ خيال ڪيائين ته هيءَ ڪي سُٿرا موٽڻ ۽ مڙڻ وارا ڪونهن، سو اتان اٿي سڌي مومل وٽ آئي، ۽ چيائين ته: مومل! هزارين لکين ماڻهو هتي آيا، پر همير سان جيڪي همراهه آيا آهن، سي جيڪر تون هيڪر ڏسين ته ڪر متيون منجهي وڃنئي.[4] مومل، ناتر جي حالت ڏسي چيو ته: دائي، تون دهلجي وئي آهين، اجايو پئي ڊگهيون ڳالهيون ڪرين. هنن کان اڳي ڪيترائي آيا جيڪي ختم ٿي ويا، ۽ هاڻي ڪاڪ جي ڪنڌيءَ تي آرامي آهن. انهن جو به ساڳيو حال ٿيندو. مومل کي وراڻي ڏنائين ته: مومل، اهي چارئي يار چڱا ٿا ڏسجن، سندن ويس وڳا به سٺا آهن، هٿيار پنوهار به جڙاءُ دار اٿن، عقل ۾ به انهن مڙني کان سرس آهن، جيڪي هن وقت تائين ڪاڪ تي آيا آهن. هاڻي منهنجي دل چئي ٿي ته اهي هاڻو توکي به قابو ڪري ويندا.

ناتر جي اها حقيقت ٻڌي، مومل ويچار ۾ پئجي وئي.

خيال ڪيائين ته هاڻي سواءِ حرفت هوشياري جو ڪو حيلو ڪونه هلندو. پوءِ چندن جي پاڻي ۾ ميٽ مليائين، ۽ ناتر کي نصيحت ڪيائين ته: ميٽ وڃي چئني کي پڄاءِ. ناتر به چار ڏندڻ ۽ چندن جون ڦڻيون کڻي سڌو اچي هنن ملوڪن وٽ حاضر ٿي ۽ سامان رکي، چيائين ته: هيءَ ميٽ اوهان لاءِ خاص مومل مَليو آهي. هاڻي هٿ منهن ڌوئي تيار ٿيو، پوءِ جون ڳالهيون پوءِ سان. ٻيا اها ڳالهه ٻڌي تمام خوش ٿيا، ۽ وهنجي تيار ٿيا ته ناتر پلاءُ پڪوان کڻي آئي. مڙسن کي بک هئي سو کائڻ لاءِ تيار ٿيا، پر راڻي گراهه کڻي ڪُتي کي ڏنو جيڪو کائيندي مري پيو. جو اُن ۾ زهر هو. راڻي اِتي ناتر کي چهبڪ هنيو، جنهن تي سچي ڪيائين ته:

اٿو زهر انهيءَ ۾، متان ڪو کاڄ کائي!

ناتر سڄي ڳالهه اچي مومل کي ٻڌائي، تڏهن مومل کيس چيو ته: توکي ڇا ٿيو آهي، جو ٻه ڏينهن ٿيا آهن جو توکان اِهي چار ماڻهو مُئا ڪونهن. پوءِ مار ڏنائينس ۽ ناتر دانهن کڻي سومل وٽ آئي. سومل به سندس مدد نه ڪئي، جنهن تي ڪاوڙجي آخر راڻي کي ڪاڪ جي اسرار جي سڄي حقيقت ٻڌايائين. ناتر موٽي آئي پر مومل کي چئي ڏنائين ته: مومل انهن ۾ هڪڙو شخص راڻي نالي آهي، جنهن جي آڏو ڪابه حرفت چالاڪي نٿي هلي.

تڏهن مومل ۽ سندس ڀينرن سومل، سهج، سليمت، ساڌنہ، صالحان ۽ مرادان- راءِ ڏني ته انهن کي پَٽ مُنجهائي ڏي ته ڏسون ڪيئن ٿا سمجهائين. ناتر حڪم جي ٻانهي، پَٽ مُنجهائي آڻي کين ڏنائين ته مومل چيو آهي ته واندا ويٺا آهيو، هي پَٽ سمجهائي ڏيو. ائين چئي ناتر ويندي رهي، ۽ هي پَٽ سجهائڻ ۾ مشغول ٿي ويا. انهيءَ مهل راڻو ڪنهن ڪم سان ٻاهر ويو هو، موٽي اچي ڏسي ته سندس ٽئي يار پَٽ سمجهائڻ ۾ مُنڌا ويٺا آهن! پنهنجن يارن جي عقل تي ڏاڍو ارمان ٿيس، چيائين ته: اها هميرن جي پر ته ڪانهي، پر عقل کي اڃا گهڻا گڻ ٿا گهرجن. پوءِ کانئن پَٽ وٺي، وڍي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيائين.

جڏهن مومل جو اهو حيلو به نه هليو، تڏهن ناتر کي چيائين ته: هاڻي تون وڃ، ۽ وڃي انهن مان ڪنهن هڪ کي ساڻ وٺي اچ.[5] دائي يڪدم هنن وٽ آئي، ۽ اچي چيائين ته: اوهان مان ڪوبه هڪ مون سان گڏجي هلي، جو ان کي مومل سڏايو آهي. مومل جو سڏ ٻڌي، همير کي يارن چيو ته: تون اسان جو سردار آهين، هاڻي وڃ به پهرين تون. عقل کان ڪم وٺج، ڪا ڪوتاهي نه ڪجئين مڙسان مڙسي مقابلو ڪري، مومل ماڻي موٽجئين. همير به يارن کان موڪلائي ناتر سان گڏ روانو ٿيو.

اڳيان ناتر، ان جي پٺيان همير سومرو. ناتر جي مڪر ۽ حرفت سان پڄڻ ڀيڻي ڪانه هئي، سو هڪ هنڌ، گرهي ڏيئي، همير کان نڪري وئي. همير انهيءَ ڪاڪ واري اسرار ۾ گم ٿي ويو، هيڏانهن هوڏانهن جهوتون ڏنائين پر ڪي ڪين وريس. سندس اها ابتر حالت پريان ماڙيءَ مان مومل به پئي ڏٺي. جڏهن همير کي ڪيڏانهن وڃڻ جي واٽ نه ملي تڏهن ساڳين پيرن تي موٽيو، ۽ اچي سنگت ڀيڙو ٿيو.

مومل يڪدم ناتر کي موڪليو ته وري وڃ، ۽ وڃي ڪنهن ٻئي کي وٺي اچ، ۽ وڃي چئين ته اوهان مان ڪو ٻيو سورهيه هجي سو هلي، باقي هي همراه ته اهڙو هو جو اڌ تان ئي موٽي آيو. ناتر يڪدم حڪم کڻي اچي هنن وٽ پهتي، چئي: اهڙا سورهيه هئا ته گهران ڇو نڪتا هئا، مومل ماڻڻ لاءِ نڪتا آهيو، ته مڙس ٿيو، باقي هلي وري اڌ مان موٽي اچڻ ڪا مڙسي ڳائبي- هاڻي اوهان مان ڪو ٻيو هلي ته اُن جي خبر پوي ته ڪيتري پاڻي ۾ آهي.

ڏونئر ڀٽاڻي کي همير جي حال تي اڳي ئي ڪاوڙ هئي، سوڪست مان يارن کان موڪلائي ناتر سان گڏجي مومل جي ماڙي ويو. ڏونئر گهڻو ئي عقل ۾ اڪابر هو، پر ناتر وجهه وٺي گوهي ڏيئي ڪنهن پاسي گم ٿي وئي- پر هيءُ به همت وارو مڙس هو، مڙيو ڪونه، وڌندو ويو، تان جو هڪ درياءِ جي ڪناري تي اچي بيهي رهيو، ڏاڍيون جهوتون ڏنائين ته ڪو اهڙو گس ملي جتان درياءِ اڪرجي پر ٻيو ٿيو خير. ڏونئر ڀٽاڻي به اتان ئي واپس موٽيو، ۽ اچي يارن سان مليو. اها روئداد مومل به پنهنجي ماڙيءَ مان پئي ڏٺي، تنهن يڪدم ناتر کي موڪليو ته وڃي ٽئي کي وٺي آءُ ته ان جي خبر پئي.

ناتر يڪدم اچي هنن همراهن جو سلام ڪيو، چئي: مون اوهان کي اڳي ئي چيو هو ته اوهان ۾ عقل ڪونهي، هروڀرو پاڻ تان کلون ڪرائي پنهنجو شان گهٽ ڪرايو اٿو. هاڻي سڀڪو پيو ڏونئر ڀٽاڻي ۽ همير سومري تان کلون ڪري ته مومل ماڻڻ ويا هئا، پر اڌ تان موٽي آئيا. اهو ٻڌي ڌماچاڻي سينهڙو ڀڙڪو کائي اُٿيو، چئي: اجائي ڊيگهه نه ڪر، هل هاڻي آءٌ ٿو هلان، سو يڪدم گهوڙي تي چڙهي ناتر سان گڏجي اُٿي هليو. ناتر ڪجهه اڳتي هلي کانئس نڪري ويئي، ڌماچاڻي وائڙو ٿي ڊپ ۾ هيڏانهن هوڏانهن جهوتون ڏيڻ لڳو. ڪُنن جا ڪڙڪاٽ ٻُڌي مڙس جا ڍڍر ئي ڍرا ٿي پيا، سو اڳتي وڌڻ جو سَت ساري نه سگهيو، ۽ اُتان ئي واپس موٽي اچي سنگت وارن سان گڏيو.[6]

جهٽ گذري ته ناتر اچي پهتي، چئي: اوهان مان ڪو اهڙو ڪونهي، جيڪو هلي مومل جي مزماني کائي! راڻي چيو ته: هل هاڻي آءٌ ٿو هلان. راڻو ناتر سان گڏجي هليو. راڻي ناتر کي کڻي قابو ڪيو، ناتر پاڻ ڇڏائڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر راڻو به اڳيان داناءُ هو، پڪ هيس ته هن کي ڇڏيندس ته ساڳيو ٻين جهڙو حشر ٿيندم[7]: ايتري ۾ درياهه اڳيان اچي وين، پاڻي ڪڙڪاٽ پئي ڪيا. راڻي ويچار ڪيو ته پاڻي جي اونهائي ڏسان، سو گهوڙو کڻي پاڻي ۾ وڌائين. پوءِ هڪ سوپاري جي تڙ ڪڍي، پاڻي ۾ اُڇلايائين. سوپاري جي ڪِرڻ تي راڻو عجب ۾ پئجي ويو، جنهن کي پاڻي جو وڏو درياءَ سمجهو هئائين، اُهو فقط نظر جو کريب، ۽ ڪَلُن جو ڪم هو، باقي سڄو معاملو ڪائي جو ٺهيل هو، ۽ سوپاري اُن جي مٿاڇري تي ٽڙڪاٽ ڪري وڃي پري پئي هئي. راڻو انهيءَ خيال ۾ بيٺو هو ته ناتر کانئس ڇڏائي، گم ٿي ويئي ۽ وڃي مومل کي چيائين ته: مومل هاڻي هوڏ ڇڏ، گهڙي کن ۾ راڻو اچي رسندءِ، هاڻي تون اُنهيءَ لاءِ وار وڇاءِ جو اِنهي کان چڱو ٻيو وَر نه ملندءِ. هيڏانهن راڻو به بيڊپو ٿي، ڪائو اُڪري نڪتو. ڪجهه اڳتي هليو ته هڪ اونداهي ۽ سوڙهي گهٽي نظر آيس. سرنگهه واري پيچري جي ٻنهي پاسي قسمين قسمين جا خوفناڪ جانور، شينهن، چيٽا، بگهڙ، نانگ بلائون پئي هليا. پهرين راڻو ڊنو، پر پوءِ مڙسي ڪري، نيزو جهلي هڪ شينهن کي هنيائين، ته اُهو ڪاغذ جو هئو. پوءِ بنان ڊپ جي اچي مومل جي ماڙيءَ جي آڏو پهتو. اُتي ته وڌيڪ خوفناڪ جانور راڻي تي الرون ڪرڻ لڳا. پر راڻي جي دل ۾ هاڻي ڪنهن به قسم جو ڊپ نه هو، سو راهه جون اهي مڙيئي رڪاوَٽون ختم ڪري، راڻي مومل کي اچي سلام ڪيو.

مومل به وڏي حُب سان سندس آجيان ڪئي، ۽ کيس هڪ کٽ تي ويهڻ جو اشارو ڪيائين، جيڪا هيرن جواهرن سان جڙيل هئي. راڻو کٽ ڏانهن ويهڻ لاءِ وڌيو، ته ڪن تي مومل جي ٻانهيءَ جي سُرڀُر جي پڙلاءُ پيس، جنهن تي راڻي کي شڪ ٿيو ته انهيءَ کٽ ۾ به ڪو ڦند هوندو، سو نيزي سان کٽ جي نوار کي زور ڏنائين ته سڄي کٽ وڃي کوهه ۾ ڦهڪو ڪيو. راڻي جو اهڙو عقل ڏسي، مومل اچرج ۾ پئجي ويئي، ۽ چيائين ته: راڻا، تو راند کٽي، مون هارائي، مون تو جهڙو عقل جو اڪابر عمر نه ڏٺو. پوءِ ته ٻيئي گڏجي آمهون سامهون ٿي رهاڻ ڪرڻ ويٺا. خوشيون ٿي ويون. ساز سرود جي محفل لڳي وئي. طرحين طرحين جا طعام اچي ويا. مومل به هار سينگار ڪري، قسمين قسمين جا ڳهه پائي اچي راڻي جي روبرو ويٺي. رهاڻ ڪندي، مومل، راڻي کي چيو ته تون ڀلي آئين پرين، اڳ ته آءٌ ڪوڙ هئس، پر تنهنجي ڏٺي کان پوءِ آءٌ سون تي وئي آهيان، تنهنجي اچڻ سان مون کي هڪ نئين حياتي نصيب ٿي آهي، من تي جيڪي افسوس ۽ ارمان هئا، سي سڀ تو ڏٺي لهي ويا. تنهنجي اچڻ ڪري، هي محل ۽ ماڙيون، جيڪي اڳي سڃا هئا، سي وسي ويا آهن، اڄ تون منهنجي اڱڻ آئين، ۽ دل چوي ٿي ته تنهنجا پير پنهنجن چشمن تي رکان.

سندن خوشي ۾ هرڪو مومل ۽ مينڌري کي مبارڪون پيو ڏئي، انهيءَ خوشين ۽ شادمانن ۾ خبر نه آهي ته هنن کي ڪيترا ڏينهن رات گذري ويا.[8]

مومل هڪ طوطو پاليو هو، جنهن کي پڙهائي اهڙو پختو ڪيو هئائين جو هو ماڻهن وانگر ڳالهيون ٻولهيون ڪندو هو. انهيءَ طوطي کي مومل قيد مان ڪڍي ڇڏيو ته ڀلي وڃي گهمي ڦري، واءُ سواءُ وٺي اچي. طوطو اڏامندو باغ ۾ آيو، ڏسي ته همير ۽ سندس ٻه ساٿي گهوڙا پيا سنجين، هٿيار پيا ٻڌن، ۽ چون پيا ته: هلو ته واپس ڍٽ هلون، ڪاڪ پاڻ نه ماڻي. طوطو وري ويو، ۽ وڃي مومل ۽ مينڌري آڏو ويٺو، مينڌري طوطي کان پڇيو ته: طوطا! تون ٻاهران اڏامي آيو آهين، ڪا خبر ٻڌائيم. طوطي جواب ڏنس ته: راڻا! تون هت ويهي رهيين، پر تنهنجا يار توکي ساري، هاڻي واپس پيا وڃن. انهيءَ تي راڻي کان رڙ نڪري وئي، چئي: مومل ٻڌاءِ ته سهي ته هتي گهڻا ڏينهن گذريا؟ مون کي ته اها ڳالهه ئي وسري وئي ته ڪو مون سان سنگت وارا هئا. مومل چيس ته: راڻا! مون کي خود خبر نه آهي، آءٌ تنهنجي محبت ۾ ايتري مست هيس جو مون کي ڏينهن رات جي خبر ئي ڪانهي. تڏهن راڻي کي ايندو ڏسي سڀ سرها ٿيا، چئي: خبر ڏي، مومل تائين پهتين يا هيترو وقت ڪاڪ واري اسرار ۾ ڦاٿو پيو هئين؟ سوڍين جي سونهن جي ڪابه خبر ڪا ٻڌائي؟ جيڪڏهن مومل ماڻي آيو آهين ته ڪا خبر ڏي؟ راڻي کين ٻڌايو ته: هيترو وقت آءٌ ڪاڪ جي اسرار ۾ ڦاٿو پيو هوس، مومل جي حرفتن سان پئي مقابلو ڪيم، آخرڪار رات وڃي ساڻس ملاقات ڪيم. اهو ٻڌي سڀني کيس مبارڪون ڏنيون، ويجها ٿي ويٺس، خوشيءَ وچان پڇڻ لڳس ته: يار، تون مومل ماڻي آيو آهين، چڱو ٿيو، اسين تنهنجا ساڳيا يار آهيون، هاڻي ڪنهن به حيلي هڪ ڀيرو اسان کي مومل پساءِ.

راڻي ورندي ڏني ته: همير! جيڪڏهن مومل ڏسڻي اٿئي ته اهي ويس لاهي، ڪي پراڻا ڪپڙا اوڍ. کٿو کڻ، بيٺ ٻڌ. آءٌ اڳيان ٿو هلان تون پٺيان اچ، مومل کي آءٌ اهو ٻڌائيندس ته منهنجو ميهر آيو آهي.

تڏهن همير ڪپڙا مٽايا ۽ راڻي سان گڏجي هليو، وٺي اچي هڪ پٽ جي ڀر ۾ ويهاريائينس، ۽ پاڻ وڃي مومل سان ريجهه رهاڻ ڪرڻ لڳو، چئي: مومل، منهنجو ميهر ڏورانهين پنڌ کان آيو آهي. مينهن ڏهڻ جو ڪاريگر آهي، جيڪڏهن اهو آڻائين ته ڏاڍي چڱي ڳالهه ٿئي. مومل چيو ته: تنهنجي روح جو راضپو ائين آهي ته ڀلي سدا اچي. آءٌ مينهون آڻيان ٿي. پوءِ ڀلي سدائين پيو کير ڏهي ۽ مينهون چاري.

مومل جي رضامندي تي، راڻو همير کي وٿاڻ تي وٺي آيو. يڪدم مينهن ميڙائي، همير کي چيائين ته: اچي مينهن ڏهه، ۽ مومل کي ڏس. همير اکيون کڻي مومل ڏانهن نهاريو، ۽ مومل جي سونهن پسي حيران ٿي ويو! کير به پيو ڏهي، مومل به پيو ڏسي، تان جو سندس نازڪ هٿن مان رت ريلا ڏئي وهڻ لڳو. مومل به همير کي سڃاتو. سو ميار ڏيندي، راڻي کي چيائين ته: راڻا! تو من ۾ مير رکي همير سان چڱي هلت نه ڪئي آهي! ههڙو ملڪ جو بادشاهه تنهن سان اهڙي هلت نه جڳاءِ، هن جو جنهن سان وير پيو، تنهن جو قصو پورو ٿيو! تون ههڙي مڙس کي ڦاٽل ساٽل ڪپڙن ۾ وٺي آيو آهين! مومل جي واتان اها ڳالهه ٻڌي راڻو مشڪل ۾ پئجي ويو، ڏٺائين ته مومل کي سڀ معلوم ٿي ويو. چيائين ته: برابر، مون کان ڪَچائي ٿي، هاڻي ڌڻي ڄاڻي ڇا ٿيندو!

همير، يڪدم اُتان اُٿي اچي يارن سان مليو، ڪوجهن ڪپڙن ۾ پاڻ کي ڏسي اکين مان لُڙڪ وهي نڪتس. چيائين ته: هن حال کان موت ڀلو هو، اهڙي مومل۽ ماڙين کي ٻَن ڏجي، جن شان گهٽايو. انهي ڳالهه همير کي ڏاڍو رنجايو. ايتري ۾ راڻي به اچي سلام ورايو. همير به يڪدم کڻي قابو ڪرايس، ڪاوڙ ۽ جوش ۾ کيس ٻڌائي، گهوڙن تي کڻي پنهنجي وطن ڏانهن وريو. راڻي گهڻي ئي منٿون ڪيون ته پر سندس ڪو حيلو نه هليو. وطن پهچي همير حڪم ڏنو ته راڻي کي بند ۾ وجهي ڇڏيو. حڪم جي تعميل ٿي، راڻو قيد ٿيو. سُورن کان سواءِ ٻيو ڪير به سندس ساٿي نه هو، هڪ پرين کان پري، ٻيو اڪيلائي جو قيد، تنهن ويتر راڻي کي هيڻو ڪري ڇڏيو.

هوڏانهن مومل ماڙين ۾ ويٺي راڻي کي ساريو، رات ڏينهن کيس ياد ڪري ويٺي ڳوڙها ڳاڙيندي هئي. هيڏانهن مومل کي مينڌري ماريو، هوڏانهن مينڌري کي همير ماريو. مومل ڪاڪ ۾ پنهنجي فراق جون گهڙيون پئي ڪاٽيون ته مينڌرو قيد ۾ پئي ڪڙهيو. انهيءَ حالت کي سڄو سال گذري ويو، انهيءَ ۾ نه سندس خبر همير سومري لڌي نه ڪنهن ٻئي. ان بعد ڪڏهن ڪڏهن بنديخاني جي دروازي تي بيهي همير کانئس خبرون چارون وٺندو هو. سال کان پوءِ ڌڻي مٿس راضي ٿيو، همير کيس بند مان ڪڍيو، ۽ اڳيون ڳالهيون سڀ وساري وري هڪجهڙا ٿي ويا. پر همير چيس ته: مون توکي ڇڏيو آهي، پر هاڻي ڪاڪ ڪڏهن نه وڃج، اُهي سڀ ڳالهيون وساري ڇڏ. پر راڻي کي ته اندر ۾ انتظار هو، سو ڪٿي ٿو همير جو حڪم مڃي.

رات جو راڻو پنهنجي وڳ ۾ آيو، جتي سندس هڪڙو اُٺِ هو جيڪا پنڌ ۾ تازين کان به ڀلي هئي، سا سينگاري سڌوڪاڪ جو رخ رکيائين، ۽ رات وچ ۾ وڃي مومل سان ملاقات ڪيائين ۽ پرهه ڦٽي کان اڳ موٽي آيو.

پوءِ روزانو رات جو، اُٺِ تي چڙهي ڪاڪ ويندو هو ۽ مومل سان ريجهه رهاڻ ڪري، صبح کان اڳي موٽي ايندو هو. اِنهيءَ ڳالهه جي ڪنهن کي به خبر نه هئي. پر گهڻن ڏينهن تائين اهو ڳُجهه نه رهيو، ۽ همير سومري کي ڪن وڃي ٻڌايو ته راڻو رات جو روزانو ڪاڪ تي ويندو آهي. انهيءَ خبر ملڻ سان همير اُنهيءَ اُٺِ کي ڪهائي ڇڏيو، جنهن تي چڙهي راڻو ڪاڪ ڏي ويندو هو، ۽ راڻي سڏائي ڏاڍي جُٺ ڪيائين. پر راڻي کي مومل کانسواءِ گهڙي پل لاءِ به سُک نٿي آيو، سو اُنهي اُٺ جي گونئري کي سينگاري ڪاڪ ڏانهن رخ ڪري چيائينس ته: اي چانگا! اُڏامي هلي پرين وٽ پهچاءِ جنهن جي سِڪ مونکي ماري ٿي. منهنجا دوست! هل ته پرين پسي وري موٽون. گونئري پنڌ سان وس ڪري ڇڏيا، ۽ اچي ڪاڪ رسايائينس، ۽ راڻو پنهنجي مومل سان روز وانگر رهاڻ ڪري صبح ٿيڻ کان اڳ واپس موٽي آيو. اهڙي طرح ملاقات ڪندي، هنن کي ڏيڍ ورهيه گذري ويو. هڪ رات چانگي کي پنڌ ۾ دير ٿي ويئي، مومل پنهنجي ڀيڻ سومل کي چيو ته: جيستائين راڻو اچي، تيستائين تون مون سان اچي سمهه. سومل ڇا ڪيو جو مرداني پڳ ٻڌي مومل سان گڏ سمهي رهي. ڪجهه دير کانپوءِ راڻو آيو، ڏسي ته مومل ٻئي مرد سان ستي پئي آهي. خيال ڪيائين ته ٻنهي کي ماريان، پر بدناموسي جي ڊپ کان ڪاوڙ ماري، پنهنجي ڪام مومل جي ڀر ۾ رکي، کيس حرفي ڪري واپس موٽي آيو.

اوچتو مومل جي اک کلي، ڏسي ته راڻي جي لڪڻ پيو آهي، پڪ ٿيس ته راڻو آيو هو، ۽ پريان ئي سومل کي مون سان ستل ڏسي موٽي ويو آهي! پوءِ ته دانهون ڪوڪون گهڻيون ئي ڪيائين ته:راڻا، هي تنهنجي رسڻ جا ڏينهن ته ڪونه هئا. توکان سواءِ منهنجي جيءُ جو جياپو ڪونهي. اچ راڻا، هاڻي تنهنجي بره ۾ آءٌ مران ٿي. مون ۾ جيڪڏهن ڪو عيب آهن ته تون انهن کي ڍڪ، ۽ ڌڻي جي نالي منهنجون مديون معاف ڪر. وري سومل کي چيائين ته: سومل! تنهنجي سمهڻ مون سان هيءُ ويل وهائيو آهي، جو راڻو مون سان رسي ويو آهي، هاڻي هن حال کان ته موت ڀلو آهي. چئي: راڻا اچ ته تنهنجي چانگي کي چندن چاريان. موٽ مينڌرا، آءٌ سورن ۾ سڙي روئينديس. مومل روئي به پئي ۽ ورلاپ به پئي ڪڍي. چئي: راڻا! جيڪڏهن هڪ ڀيرو اچين ته آءٌ سڄي عمر ڌڻي جي در سکائون ڏيان. پر راڻو نه آيو سو نه آيو.

ڍٽ ۾ اها خبر عام ٿي وئي ته راڻو، مومل کان رسي آيو آهي. مومل ڪيئي قاصد موڪليا پر راڻي جي دل تي جو ڪٽر پيو هو، سو نه لٿو. آخر مومل فيصلو ڪيو ته جي راڻو نٿو اچي ته هاڻي آءٌ پاڻ ڳولي لهانس. سو ناتر کي ساڻ ڪري، منزلون ڪندي اچي راڻي جي شهر کي رسيون. راڻي جي محل جي ڀرسان جاءِ ورتائون. پوءِ رازا ۽ واڍا گهرائي جاءِ جوڙائي اتي ويهي رهيون.

راڻو صبح جو انهيءَ جاءِ جي سامهون ويهي ڏندڻ ڏيندو هو. مومل به انهيءَ در جي سامهون اچي ويٺي. مومل کي ڏسي راڻي کي ڏاڍو عجب لڳو، پر دل تي جيڪو خيال ويٺو هوس، انهيءَ ڪري اتان اٿيو، ۽ دروازو بند ڪري ڇڏيائين، ۽ ٻئي در کان ٿي ويٺو، ته مومل به اتان سامهون ٿي ويٺيس. راڻي اهو به در بند ڪرايو، انهيءَ لاءِ ته ائين ڪرڻ سان من مومل موٽي وڃي. مومل به وڏا وس ڪيا پر راڻي جي دل ۾ هن لاءِ تر جيتري به ڪهل نه پيدا ٿي، اهڙو رخ ڪيائين، جنهن سان مومل موٽي وڃي.

راڻي جو اهڙو ورتاءُ ڏسي، مومل کي ڏاڍو ارمان ٿيو، ۽ روئندي رڙندي اتان رواني ٿي. پر راڻي کان سواءِ سندس جياپو نه هو، سو وري به پرين پرچائڻ خاطر، سرتين سميت جوڳين وارو ويس ڍڪي، واپس راڻي جي ملڪ اچي ويٺي. انهن جوڳين جي هنڌين ماڳين پچار پئجي وئي. راڻي به اها ڳالهه ٻڌي، سو جوڳين جي جمال ڏسڻ لاءِ جوڳين وٽ آيو. راڻي جوڳين جي ويس ۾ مومل کي نه سڃاتو، پر مومل جهڙي رزم ڏسي کيس مومل ياد آئي. چيائينس ته جوڳي! توکي ڌڻي حياتي ڏي، تو منهنجي من کي مهميز ڏئي پرين ياد ڪرايو آهي! هاڻي ٻه گهڙيون ويهه ته ڪي ڳجهيون ڳالهيون ڪريون. منهنجو من اڳي ئي سورن ۾ سڙيو پيو آهي، ۽ تون به گهورن سان ماريو ٿو وڃين. محبتين کي تنهنجي سونهن ماريو ڇڏي. جوڳي ( مومل) چيس ته: راڻا! انهيءَ ڳالهه کي ڇڏ، جيڪڏهن چوپڙ راند ڪرڻ ايندي هجئي، ته اچ ته ٻه- چار بازيون ڪريون. راڻي ۽ مومل راند ويهي ڪئي.[11] پوءِ اهڙي طرح روزانو ويهي راند ڪندا هئا. راڻي جي به هن کانسواءِ نه سرندي هئي. مومل هڪ ڏينهن راند ڪندي داءُ هڻندي، ٻانهن کنئي ته سندس ٻانهن اگهاڙي ٿي پئي، ۽ ان جي لسڻ تي راڻي جي اک پئجي وئي. راڻي جي هٿ مان ڍارو ڪِري پيو ۽ سندس اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا. تڏهن مومل پڇيس ته:راڻا، تنهنجي وجود ۾ ڪهڙا گهاءَ آهن؟ ڪي پرانهين ديس جا پرين ساريا اٿئي ڇا جو روئين پيو؟ راڻي چيو ته: جوڳي! منهنجي پرين جو هڪ پار تو ۾ آهي، اهو ڏسي ٿو روئان. تنهن تي مومل چيس ته: ڪاڪ جو فراق توکي ماري ڇڏيندو، تو بنان ويچار جي مومل تي حرف رکيو، تو ڏٺو به ڪونه ته مومل سان گڏ سيج تي ڪير ستل هو. جيڪڏهن ائين ڪرين ها ته هوند اڄ ڪاڪ ۽ مومل جي فراق ۾ رت نه روئين ها. ڳڀو راڻي ڳالهه تي، به ڪڏهن راءَ رُٺا! ايتري چوڻ کان پوءِ مومل سهي نه سگهي، ڏک ۽ ارمان ۾ اتي ئي ساهه ڏنائين.

راڻو حيران ٿي ويو ته جوڳي کي ڇا ٿيو، ته ايتري ۾ ڪچهريءَ مان ڪنهن چيو ته: راڻا! مومل مري وئي، جنهن سان تنهنجو هيج هو. هاڻي اهو تنهنجو ڀاڳ آهي، جو مُئي جيارين! پوءِ ناتر ظاهر ٿي راڻي کي چيو ته: راڻا ! ههڙا سچيت سيڻ تون وري نه ڏسندين، تو ڪڙا ويڻ ڏيئي مومل ماري آهي. اهو ٻڌي راڻي دانهون ڪيون ته: هَئي هَئي، مون پنهنجو سپرين نه سڃاتو. مون ائين نه ڀانيو هو ته ڪو ائين مون وٽ پرين ايندو. پوءِ مومل جي ڪنڌ هيٺان پنهنجي ٻانهن ڏنائين، مٿي تان پٽڪو لاٿائينس، مومل جي وارن مان کٿوري جي خوشبوءِ آئي، پڪ ٿيس ته اها مومل آهي. پوءِ پاڻ به دانهن ڪِري اتي ئي ڪري پيو ۽ ساهه ڏنائين، ملڪ ۾ ماتم پيو ته مومل ۽ مينڌرو مري ويا.


[1] . شادي مري ۽ ليمي شر جي بيتن موجب؛ ڪاڪ ۽ مومل جي ساراهه ٻڌي نڪتا.

[2] . پريي وساڻ جي بيتن موجب: سامي جو نالو سليمان هو، ۽ جيسلمير جو ويٺل هو؛ ”ويٺل جيسلمير جو، سندم نالو سليمان.“

[3] . پريي وساڻ جي بيتن موجب: راڻي سامي کي چيوته تون عاشق ٿي ڪري، مومل جي گلا ٿو ڪرين، هاڻي اسان سان گڏجي هل ته آءُ ٿو هلي توکي مومل پرڻايان. پوءِ سامي ساڻن گڏجي ويو.

[4] . شادي مري جي بيتن موجب: مومل کي ناتر ٻڌايو ته چار جوان آيا آهن، جيڪي اڻ موٽ ٿا ڏسجن، باقي:

هڪ سامي منجهن ساڳيو، جنهن جا ماريئي هزار

هاڻي چاڙهي آيو ٿئي چوکا ٻيا، چونڊ چتايل چار

 

[5] . ليمي شر جي بيتن موجب: ناتر ڪاوڙجي اچي سوڍي سان ڪاڪ جي خبر ڪئي، جيڪا حقيقت ٻڌي راڻي کي ڇڏي باقي ٽيئي ڄڻا گڏجي ڪاڪ تي ڪاهي ويا، پر واٽ جي شينهن ۽ ٻين آفتن کان ڊڄي موٽي آيا، ۽ پوءِ راڻو ويو.

[6] . ابراهيم شيخ جي بيتن موجب: سينهڙو ڌماچاڻي ڪونه ويو.

[7] . شادي مري جي بيتن موجب: راڻي ناتر کي مار ڏني. مريد بهڻ جي بيتن موجب: ناتر، راڻي تي عاشق ٿي پئي، تڏهن سڄو راز ٻڌايائينس.

[8] . شادي مري جي بيتن موجب: ٻئي ڏينهن صبح جو راڻو مومل کان موڪلائي، يارن سان اچي مليو، ۽ اچي ٻڌايائين ته:” مومل ماڻي آيو آهيان.“

[9] . شادي مري جي بيتن موجب: ڪاڪ تان موٽي جڏهن راڻو صبح جو همير سان ملاقات ڪئي، تڏهن همير کي راڻي مان نئين خوشبو آئي. تنهن تي شڪ پيس ته راڻو مومل سان ملي آيو آهي. پوءِ اُها اُٺ ڏٺائين ۽ ان جي پيرن ۾ ڪِيرَ هڻائي ڇڏيائين.

[10] . شادي مري جي بيتن موجب: جمال نالي جت کيس ٻي اُٺِ ڏني جنهن تي چڙهي ڪاڪ تي ويو.

 

[11] . يعقوب کٽي جي بيتن موجب: نجومي راڻي سان خبر ڪئي ته جوڳي آيو آهي، اُن سان مل. راڻو چوپڙ کڻي ويو. جوڳي پنهجو نالو ”مَرول“ ٻڌايو ۽ ذات ”زرمي“ ٻڌائي.

نئون صفحو --ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org