|
لفظ |
ڌاتو |
مطلب |
|
ٻيانگڙي |
ٻه + آڱري |
ٻن آڱرين جي وچ وارو خال |
|
ڪرنڊ |
ڪنڊ+ رَنڊ |
ٻن آڱرين جي وچ ۾ خال واري ڪنڊ |
|
ڪانڊيرو |
ڪنڊن+ ڍيرو |
هڪڙو ننڍڙو ٻوٽو |
|
پاڻهياري |
پاڻيءُ+ هاري |
پاڻي ڀريندڙ زال |
|
وچويو |
وچ+ آيو |
وچ وارو ماڻهو |
|
مانائتو |
مان+ اَرٿو |
مانُ لهندڙ |
|
مکڻياتي |
مکڻ+ ارٿي |
اهڙي ڳئون يا مينهن جنهن جي کير مان گهڻو مکڻ نڪري |
|
اناڙي |
اڻ+ آريه |
اڻ سڌريل |
|
اَڳُٺ |
آڳو+ پٺ |
سٿڻ، شلوار لاءِ ناڙو |
|
اَرڏو |
اڻ+ريڌو |
نه سرچندڙ |
|
جوءِ |
جاءِ+ويُ (فارسي) |
چراگاهه يا ملير، ملهار |
|
گهنگهر |
گهاءُ+گهر، گهانگو+گهر |
ڏکي جاءِ |
|
ڏڦير |
ڏون+ڦير |
ٻن ۾ ڦيرو ايندڙ |
|
واهوندو |
واءُ+الهندو |
برسات واريون هوائون |
|
مڇاترو |
مٿ+اَڇُهت وارو |
يا مٿڇرو |
|
اڇا ترو |
اڻ ڇَهت وارو |
بي ڇتيو |
|
آگهارڻ، اوگهارڻ |
اُگهي+آڻڻ |
پاڻيءَ مان ڌوئي ڪڍڻ |
|
ڇاڇولڻ |
ڇڇ+اولڻ |
گهڻي پاڻيءَ مٿان تارڻ |
|
آٺرائڻ يا آڇارڻ |
اَڇ+ آڻڻ |
پاڻي آٺرائبو آهي |
|
جوگير |
جَوَ+گير (فارسي) |
گهوڙو گهڻا جَوَ کائي مٿان پاڻي پيئندو، ته ان کي جَوَ گير جو
مرض ٿيندو. وڏي پيٽ واري ماڻهوءَ کي به چون |
|
سانتيڪو |
سانت+هٿيڪو |
ماٺ ۾ رهندڙ، آرام ڪندڙ |
|
ٿانئيڪو |
ٿاڻ+هٿيڪو |
ڪنهن سولي هنڌ رهندڙ |
|
ٿاڻ |
اصل فارسي آستان |
ٿاڻ، وٿاڻ، ٿان |
|
ڀاڻ |
ڀون+آڻ |
ڀيڻين جو جمع ڀاڻ يا ڀاڻو |
|
ڀيڻي |
ڀون+آڻي |
ٿوري جاءِ، جتي ماڻهو ٿورو وقت بيٺو يا ويٺو هجي |
|
ڪڻٺو |
ڪنٺ+وٽو |
ڳچيءَ ۾ وٽيل ڏورو پيل |
|
وڏوڙو، واتوڙو |
وات+وڙو |
وات جو وڙ وڃائيندڙ، ڪاوڙيل |
|
ٻيلڙو |
ٻيلهه + اڙو |
گڏوگڏ اُڙيل يا ٻئي + لَهه اڙيل |
|
مهاڄڻ |
مها + راڄن |
وڏو راڄ هئڻ |
|
پهاڄ |
پوئين + هاڄ |
هڄڻ مان، مڙس جي ٻي زال |
|
لنگهياري |
لينگهن +واري |
ڪپڙن ڦاٽل |
|
لوئياري |
لوئي + واري |
کٿيءَ ڍڪيل |
|
ڪُنڀر |
ڪنڀ + ڪار |
ڪنڀ، گنب معنيٰ آلي مٽي. مٽيءَ جو ڪم ڪندڙ |
|
لوهر |
لوهه + آر |
لوهه جو ڪم ڪندڙ |
|
ناگناهه |
ناگن + واهه |
هڪ واهه جو نالو |
|
ساجناهه |
ساجن + واهه |
ساجن جي نالي تي هڪ واهه |
|
ڏونگهي |
ڏون + اَنگهي |
ٻه ٽڪر ٿيل |
|
اوگهڙ، اُگهاڙ |
اوڳهه + گهڙ |
هرَ جي اوڳه وانگر پڌرو ڏسڻ ۾ اچڻ. |
|
سُکالو، سگهالو |
سگهه + اَوَلو |
بيمار |
|
اَڳائو |
اڳهين + ڄائو |
زال يا مڙس جو اڳيون اولاد، اڳ ڄائو |
|
سڳائو |
سب يا شڀ + ڄائو |
سنئين طريقي ڄاول |
|
ٽکڙ |
ٽيو + اوکڙ |
ٽن پٽن مٿان ڌيءَ يا ٽن ڌيئن مٿان پٽ ڄمي ان کي به ٽکڙ چئبو. |
|
ٽياڪڙ |
ٽيون+ سکر |
امين، نبيرو ڪندڙ |
|
نبيرو |
نڌ + ڀيرو |
آخرين فيصلو |
|
سهاءِ ساهه |
سُون + ونهانءُ |
شاديءَ ۾ ڏنل سڀن عضون جو سون |
|
نئڙت |
نمڻ + ارٿ |
جهڪڻ |
|
اُڊڪو |
اُڊ + اُلڪو |
ڊپ، ڀؤ |
|
ڏوڳڱري |
ڏون + ڳرَ |
ٻن حصن واري |
|
ڪنگهر |
ڪنگههَ + کڙُ |
گهاٽو مواد |
|
کانگهارو |
کنگههَ + اوڪارو |
گهاٽو لعاب اُڇلڻ |
|
پئيند، پينڍو، پينگهو |
پا + بند (فارسي) |
پير ٻڌڻ |
|
پيڪڙو |
پا + ڪڙو |
پير جو ڪڙو |
|
کرانڊي |
کر + ننڍي |
هڪڙو کرُ |
|
زيرانڊي |
زير + آنتي |
آنڊي جي هيٺان |
|
ڀاڻيجو |
ڀيڻ + جو |
ڀيڻ جو پٽ |
|
ڀيڻيويو |
ڀيڻ + ونهايو |
ڀيڻ جو مڙس |
|
ماسات |
ماسي + پٽ |
ماسي جو پُٽ |
|
ماروٽ |
مامي+ پٽ |
مامي جو پُٽ |
|
پڦڙ |
پڦي + ور |
ڦڦي جو مڙس |
|
کٻو سڙو |
خربوز + ڙو(فارسي) |
گدرو |
|
گنوسڙو |
ڪن + نوشرو |
ڪن ڏيندڙ، چغلي خور |
|
ميسڻو |
ماٺ + سياڻو |
ماٺ ڪري ڳالهه سمجهندڙ |
|
مهراڻ |
مهه + آب روان (فارسي) |
وڏو پاڻيءَ جو وهڪرو |
|
مهراڻ |
مها+آرڙڻ (پراڪرت) |
گهڻو ريج ڪرائيندڙ |
|
مهراڻ |
مهاڙ + رڻ |
منڍ غيرت بازيءَ جو |
|
کانڀاڻي |
کنڀ+آڀاڻي |
پکين هڪلڻ لاءِ ڳوڙهن وارو نوڙ |
|
چولو |
چؤ+لهو |
چئن دامن وارو |
|
گندي، ڪنڌي |
ڪنڌ+اندي |
پوتي، چُني، اوڍڻي وغيره |
|
لخنالت |
لک + لعنت |
ڦٽڪار |
|
پڻي |
پير + اَڻي |
پيرن جي مٽي سڪي |
|
بڀوت |
ڀؤ + ڀوت |
ڀوت جهڙو |
|
کرکسو |
خرخسو (فارسي) |
کڙيو جنهن مان کيسو نڪتل فارسيءَ ۾ ڪيسه معنيٰ ڳوٿري |
|
اڙٻنگ |
اَڙَ + اُٻنگ |
اُٻنگ جي آڌر تي بيپرواهه |
|
گڙنگ |
ڪروڙ + انگ |
ڪروڙ پتي |
|
اڪيچار |
اَ+ڳڻ+ويچار |
ڳڻڻ ۽ ويچار ڪرڻ کان ٻاهر |
|
بڙهڙا |
بوڙيا + بوڙيا |
گهڻو مينهن |
|
کٽارو |
کٽ ڦٽ + وارو |
کِٽ ڦٽِ وارو |
|
ڪلٽي |
گري + اُلٽي |
اردو گاڏي اونڌي ٿي ڪري |
|
آواندو |
آنهه + ٻنڌو |
ٻنڌو، ٻند، ٻنڌي ۽ بند فارسي مان نڪتل |
|
ٻانهوڙي |
ٻانهن + اوڙهي |
آستين، ٻانهن ڍڪڻ وارو ڪپڙو |
|
پاهوڙي |
پا + آهوڙي |
پيرن هيٺان مواد ڪڍندڙ |
|
ڇٻي ٻج |
ڇاپرو + ٻج |
ڇپر يا جبل جو بنياد پيل |
|
ننگ جون پاڙون |
ننگ + پارڻو |
ننگ پارڻو ته دوزخ ۾ به |
|
مُڪو |
موڪليو |
مخفف |
|
ڀائٽيو |
ڀاءَ + پيٽو |
ڀاءُ جو پُٽُ |
|
کؤنچرو |
کؤنس + وارو |
حرڪتي |
|
کيکرو |
کوکي + وارو |
کوکي وانگي آواز ڪندڙ. ٻيو کيکڙو پاڻيءَ جو جانور، جو ڪوريئڙي
جهڙو ٿيندو آهي. |
|
کيسانو |
کيسن + واهڻ |
کيسن ٺاهڻ وارو ڳوٺڙو |
|
جاڙوکار |
جاڙ + کوڙ |
گهڻي تڪليف |
|
اوڪڙ، اوکڙو |
اوکو ويهڪو |
پٻن تي ويٺل |
|
تاڃي |
تند + اُڻي |
ڌاڳن جون تندون ڊيگهه ۾ اڻيل |
|
پيٽو |
پيٺ + برو |
ڌاڳن جون تندون ويڪر ۾ اڻيل |
|
ٻيٽارو |
ٻيٽ+ آرو |
ٻيٽ وارو |
|
پيٽارو |
پيٽ + آرو |
پيٽ وارو |
|
ڦوسيارو |
ڦوهه + سيارو |
سياري جو وچ يا اوج |
|
نڌڻڪو |
نه + ڌڻيءَ ڪو |
جنهن جو ڌڻي نه هجي |
|
غيباڻو |
غيب + هاڻو |
غيبن هنيل |
|
ڌنار |
ڌڻ + وآر |
ڌڻ چاريندڙ |
|
ڌراڙ |
ڌڻ + ڌار |
ڌڻ ڌاريندڙ، مالڪ |
|
ڪنڌار |
ڪنڌ + آر |
ڪنڌ نه ڦيري سگهندڙ، ٿلهي ڪنڌ وارو |
|
ڳاٽ |
ڳچاٽ |
گچي |
|
نِرڄو |
نر + لڄو |
بي لڄو، بي غيرت |
|
اوپٽو |
اوپرو + پٽ |
ڌاريو |
|
پُٺُو |
پٺ + ٺپو |
ها ۾ ها ملائيندڙ |
|
ڪُهائي |
ڪچي + ويائي |
ڪچو ويم، سقاط حمل |
|
آرياڻي، علياڻي |
عليءَ + وياءُ |
سسئي جو لقب |
|
منهينڊ، مهانڊو |
مُنهن + آنڊو |
شڪل، خاڪو، ڳنڍيل ڏنل ڏورو |
|
چرڻي |
چڙهڻي |
غلط استعمال - ڏاڪڻ |
|
چرڻو |
چؤڙو + ڀاڻئون |
ويڪرو |
|
ٻياني، ٻيانگهي |
ٻه + اَنگهي |
ٻن شاخن واري ٻياني |
|
تيڪيو |
تختو |
غلط استعمال: تيڪيي جي ڀت، صحيح: تختي جي ڀت |
|
اُبداڻو |
ابت + دَهانو |
اونڌو سوراخ، ڪانچ جو |
|
چيڻوٺي |
چؤنڪ + اڳٺي |
ابداڻي جا ٻه چؤنڪ جتان اڳٽ وجهڻ جو گس آهي |
|
ڪاني |
ڪان مان + ڪاني |
يعني ڪاني ڪرامت |
|
ڀانڀڙا |
ڀڀ + ريڙها |
ٻار گوڏن ڀر هلندو آهي |
|
ڳوٿرو، ڪوٿرو |
ڪؤن + ٿيلهو |
ٻيڙي ڪؤن وارو ٿيلهو |
|
ٿيلهو |
ٿهن، تهن + وارو |
جنهن ۾ ڪي وٿون تهه ڪري رکجن |
|
وَڳيڇڻي، اُڳيڇڻي |
وڳي + اوڇڻي |
وڳا وڙهيل |
|
ڀرمار |
ڀري هڻ + ۽ مار |
جامڪي بندوق جي ڌڪ لاءِ اهو لفظ ٺهيو، پر سچ پچ ته ڪارتوس
واري بندوق لاءِ هئڻ کپندو هو. |
|
رولاڪ |
رولو + آڪ |
بيگانو - ڌاريو - اڻ سونهون |
|
ڏوڪڙ |
ڏي وٺ + وکر |
وکر لاءِ ڪم ايندڙ ذريعو |
|
ڳانڀ، ٻانڀ |
ڳئون + رنڀ |
هن کي مم به چون - خوفائتي عورت |
|
ڀييانڪ |
ڀؤ + آڻڪ |
ڊپ ڏيندڙ |
|
ڀوڳ |
ڀوڄن مان ورتل |
جهر بهر |
|
نِڱيو |
نڱ |
نڪتو، نڪريو |
|
ڇسو |
ڇيهه + سوڌو |
ڪنهن بيوقوف لاءِ چون |
|
اُٿڙڻ |
اُٿ + ٿڙڻ |
کتل شيءِ کي لوڏي ٻاهر ڪڍڻ |
|
ٽيٽ |
ٽيڏي + ڏيٺ |
ٽيڏي اک سان ڏسڻ |
|
سَمڪ |
سمعڪ |
عربي لکڻ ۾ غلط رائج آهي |
|
ٿڃُ |
ٿڻ + مڃ |
ٻالڪ لاءِ ماءُ جو کير |
|
چرچو |
آچريه + اشچرجيه |
عجيب ڄاڻ |
|
اوساڪيون، شاخون وڻ جون ننڍيون - ننڍيون ٽاريون |
اوس + پڪيون
اُس + سڪيون |
کجين ۽ انبڙين لاءِ چون |
|
آڊوڪو |
اڌ + آلو سڪو |
ڪپڙو اڌوگابرو سُڪل يا الا |
|
آنڪو |
آلو + سڪو |
ڪچو مٽيءَ جو نانءُ |
|
اونگهي |
اڻ + گيهي |
بنا سڻڀ جي |
|
ڪنڌاٽ |
ڪنڌ + ڪاٺ |
نار يا هرلي ۾ وهٽ جي ڪنڌ تي رکن |
|
ڪنواٺي |
ڪلهي + ڪاٺي |
هن ۾ دٻا يا دلي ٻڌي پاڻي ڀرين |
|
انگڙو، آنڪڙو |
انگ + اڙو |
بارداني تي نشان ڪن |
|
مينهوڳي |
مينهن + مارڳي |
گهڻو وقت مينهن جو پاڻي هلي |
|
اُڀاڪرو |
اُڀ + کوڙيو |
ڪا شيءِ اُڀي ڪري کوڙڻ |
|
بوڀر |
ڀونءِ + ڀر |
سنهي داڻ |
|
ننڊاکرو |
ننڊ + اکين وارو |
ننڍا اچڻ واري حالت ۾ |
|
ڪانڌيپو |
ڪانڌي + ايلپو |
ڪانڌين جي خدمت چاڪري |
|
سيڻپو |
سيڻ + ايلپو |
ڪنوار جي مائٽن جي خدمت |
|
الاتهُار |
الله + تو + آهر |
الله تنهنجي مدد |
|
ڪونڌر |
ڪنول + نڌر |
نهٽو - ڦوهه جوان |
|
ڪونڌ |
ڪنڌ + نوڌ |
سر تلوار سان ڪٽيل |
|
ٻاٻيس |
بابا + بس |
ٻار کي چئبو آهي بابا بس، پٽ (پيار) بس، ماٺ ڪر |
|
آڏڙي، اڙي |
آڏ + اَڙ |
ڦڙتي |
|
ڏارو |
ڪيڏارو |
معنيٰ مقابلو: وانجهي راند ۾ هاري پاڻ ۾ ڏارو يعني هٿ هٿ تي
هڻي راند شروع ڪندا آهن، جنهن جو اصل ڪيڏارو
آهي - مخفف |
|
وينگس |
ورن + گل + ويس |
سهڻن ڪپڙن واري سهڻي زال |
|
ونهي، ورني |
وَرَ + وَنهائي |
ڪنوار |
|
وانگوڙو |
وارن + وَنگ + اڙو |
زالون وار ويڙهي ڪياڙيءَ مٿان وڪڙ ڏئي ٻڌن |
|
ملاکڙو |
ملهه + آکاڙو |
ملهه جو ميدان |
|
جيجل |
جيئي + جال |
سدا جيئري هجي! |
|
آڳيٺي |
آڳ + بٺي |
مٽيءَ جو چلهو باهه لاءِ تيار ڪيل |
|
بٺارو |
بٺ + آرو |
سرن جي بٺي وارو |
|
بوڇڻي |
ڀرت + چني |
ڀرت ڀريل گندي |
|
لاوڻي |
لاهه + اوڍڻي |
ڍڪيندڙ |
|
آکر |
آلو + کير |
تازو کير هفتو کن ويائل مال جو |
|
اُپٻيٽو |
اُپ + بيٺو |
نميل يا رڪوع وانگر |
|
اُٽو |
اُپ + پٺو |
بَول مٿي کنيل يا پٺا نميل |
|
لانگوٽو |
لانگ + اوٽ |
ننڍي گوڏ |
|
ڪڇوٽي، ڪڇو |
ڪانچ + اوٽ |
ڪڇو |
|
سٿڻ |
سوڌ + آسڻ |
ويهڻ ۾ سوَلي |
|
ٻڇانگي، ٻسانگي، ٻڦانگي |
ٻه + شاخي |
ٻن شاخن واري |
|
ماٺيڻو |
ماٺ + ويهڻو |
چپ ڪري ويهندڙ |
|
ويڳاڻي |
ويراڳ + هاڻي |
اڪيلي يا پريشان |
|
ڳڻتي |
ڳڻ + ارٿي |
کٽڪو |
|
ڏولائو |
ڏوهه + لاهو |
آواز ڏوهه جو - اوکو پنڌ |
|
ڪرلائو |
ڪرَههَ + لاهو |
گوڙ شور جنگ جو |
|
ڏُرت |
ڏوهه + رهت |
ڏڪار |
|
ڏيٺارو |
ڏيک + وَٿ + وارو |
ڏيٺ ويٺ وارو |
|
هرتُڙيو |
هري + اُٿڙيو |
پنهنجي مرضي وارو |
|
اُٻهرو |
اُڦٽ + ٻاهرو |
جلو باز |
|
اُتاولو |
اَٿاهه + اَوَلو |
ڪاوڙيل، اُٻهرو |
|
آترويلا |
آٿر+ويل |
وهٽ، آٿرن رکڻ مهل بدڪندو آهي |
|
اَٻالو |
اڻ + ٻل |
بي وس، بي سگهو |
|
تترانا |
تتريءَ + آنا |
پکي آنا آکيرن ۾ لاهين، پر تتر پکيءَ جي مادي آنا زمين جي ڏر
۾ لاهي |
|
ڳنڀير، ڪنڀ، گنب، ڳنڀ |
ڳنڀ + ڀير |
مٽي جو مادو رکندڙ، وڏي گردي وارو |
|
پاڍڻ |
پا + ٻَڌڻ |
وهٽ جو هڪ پير ڊگهي رسي سان ٻڌڻ ڪري گهمندو ۽ چرندو پيو آهي |
|
ڦڪڙي |
ڦيڪاري |
لومڙي |
|
سڱيڻو |
سڱ + وهيڻو |
سڱ ڏيندڙ |
|
ڏاوڻ |
ڏانءِ + اُڻڻ |
جانورن جا پير ٻڌڻ |
|
پاڍئو، پاڏِهون |
پٺ + ڏانهن |
پٺيرو، پٺيءَ پر |
|
ڪرڙوَڍ |
ڪُراڙو + اڌ |
پڪي عمر جو، هٽيل |
|
جُهونجهار |
سونجهه + جهار |
عقل جا سلامي |
|
ممڻ مچڻ |
معاملو مچڻ |
مخفف |
|
ڀنڀٽ |
ڀونءِ + اُڀ + تڪ |
باهه جا وڏا شعلا |
|
ٻُري |
ٻوٻَ + اُڀري |
ڀري جو آواز |
|
اُسڙڪ |
اُس + ساڙڪ |
انتظار |
|
نکٽ |
نکشٽر |
مخفف |
|
لوساٽ |
لوءَ + اُساٽ |
سخت گرمي جو اثر |
|
ڪُڌائي |
ڪُڏ + انڌائي |
خراب عمل |
|
هٻڪ، هٽڪ |
هاٻو + اٽڪ |
آواز جي روڪ |
|
نِيٺو |
نه + هٺو |
وڏائي کان سواءِ |
|
نپٽو |
نه + پٽو |
اولاد کان سواءِ |
|
پئنچاتي |
پنج + ڀاتي |
راڄ وارو، راڄوڻي |
|
آسرپوٽيون |
ايشور + پوٿيون |
اشلوڪ، مقدس سٽون |
|
اوسيڙهو |
اوچتي + سيڙهپ |
انتظار |
|
مَکَڻُ |
مٿن (لفظ بدليل) |
لائڻ، لڳائڻ |
|
ٻوٿاڙو |
ٻوٿ + اڙو |
جانورن کي کائڻ کان روڪڻ منهن جو ٻڌڻ |
|
اَهنڊ |
اڻ + مهينڊ |
ڇڙواڳ |
|
ورلاڀ |
ور + اَلاءِ + آپ |
مڙس لاءِ جذبات |
|
ڪاڄر |
ڪانهه + جر |
پاڻيءَ تي ڪانهن جا ٻوڙا |
|
چُوچڙي |
شوشو + سڙي |
باروت جي هوائي |
|
ڪَڙيو |
ڪرَ + وُڙهو |
واٽر ڪورس |
|
پاڻياٺ |
پاڻي + آٺ يا آڇ |
پاڻيءَ جي روءِ تي |
|
ڌڙڪي |
ڌُوڙ + دِڪي |
واهه جو بند |
|
ڌَڙڪي |
ڌَرن + ڏڪي |
ڏڪڻي |
|
رَڦڻي |
رعب + بدني |
ڏڪڻي |
|
نُهن |
نئين + وَهوُ |
ڪنوار |
|
ڪُڄائو |
ڪچو + ڄائو |
ڪچو ڦر |
|
نهوڙيو |
نهر + هڙيو |
ٻوڙيو |
|
نسنگ |
نئي + سانگ |
نيزي جي چوٽيءَ تي |
|
ڪنجوس |
ڪانا + چوس |
بخيل |
|
مرچوٺ |
مر + چونڊ |
ڪنجوس |
|
آچر |
آڏت + وار |
سج جو ڏينهن |
|
ٻگهني |
ٻهه + گني |
گهڻن گڻن واري |
|
ڪنگڻ |
ڪولابو |
چوڙو |
|
انوچر |
ان + اوڇر |
گهڻا |
|
ٻانهوٽا |
ٻانهه + پٽا |
زيور |
|
ٻاپڙي |
بابڙي |
نينگري کي پيار جو سڏ |
|
کيکڙاٽ |
ڪوڪراٽ |
اوتاڙون |
|
سانگهيڙا |
سانگ + ووڙيا |
مسافري ڪندڙ |
|
سنگهار |
سانگ + گهار |
مسافريءَ ۾ رهندڙ |
|
ڊِنگ |
ديهه + دنگ |
ديهن جو مالڪ وڏو زميندار |
|
ڳڀور |
ڳَڀَ + ڀور |
معصوم |
|
ڪڄو |
ڪج + لڄ |
بي پرهيز |
|
ڪرتوت |
ڪاريه + اتيت |
ڪم |
|
گهپي |
گهاءُ + پيهه |
ڪروڌ، ڪُرڪُر |
|
ڪانئر |
ڪانءَ + اُور |
ڪانءَ وانگر ڀڄندڙ |
|
ڪارائو |
ڪاريه + واهو |
سنڀاليندڙ |
|
ڀنڀوري |
”ڀون ڀون“ (آواز) + ڀري |
جيت (پاڻيءَ جي موسم وارو) |
|
کانجاڻو |
خانچه + خانو |
فارسي |
|
ڪچهرا، ڪچهري |
ڪي + چهرا |
چار صورتون |
|
ڏنير، دنير |
ڌچر + چريه |
وڏو گوڙ، ونير، ڪارو |
|
ڀيڄ ڀني |
ڀون + پوڄ + ڀني |
ماڪ مهل |
|
مهانڇڙو |
منهن + ڪچڙو |
شرميلو يا لڄاڙو |
|
نويسرا |
نوا + فيصلا |
تڪرار نبيرڻ |
|
نئين سکي |
نين + سوکيم |
نفيس ڌوتل |
|
ٻار کي |
ٻانهن + رکيا |
ٻانهن جو تائيٿ - زيور |
|
ارکڻي |
هرک + وڻي |
جنهن جو هر ناز وڻندڙ هجي |
|
ڌاڪو |
ڌاڄو + پڪو |
حڪومت، جهنڊو بلند ڌاڄ معنيٰ جهنڊو |
|
اڪيچار |
اڻڳڻ + آچار |
گهڻا |
|
جانٺو |
ڄنگهه + گاٺو |
مضبوط - طاقتور |
|
پينگهه، پينگهو |
پون + اينگهه |
لوڏڻ لاءِ |
|
ڦِنڊو |
پا + بند |
بدليل لفظ |
|
چاپئين، چاپُهين |
چاپ + مينهن |
منهن تي چاپيل ڏاڙهي |
|
ٻُچو، ٻچي |
ٻوٿ + لڇو |
مهاڙي |
|
تيڪڻ، ڊيڪڻ |
ڊوڙڻ |
ڀڄ ڊُڪ ڪرڻ |
|
ڪنوٽي |
ڪن + وٽ |
ڪن جي وٽ |
|
ڪِٺار |
ڪنڌي + ماٺار |
هموارڪنارو |
|
نٿ |
نڪَ + وٿ |
نڪ وارو زيور |
|
بولو |
بينيءَ + وارو |
نڪ وارو زيور |
|
والو |
ورن + وارو |
ڪن وارو زيور |
|
پينتل |
پاڻيءَ + پيتل |
سيلاب واري زمين |
|
کينڪار |
کينءَ + سهڪار |
خوش خير عافيت |
|
ڪٺمال |
ڪنٺ + مالهه |
ڳچيءَ جو زيور |
|
پؤنچي |
پوتل + لڇي |
ڪرائي جو زيور |
|
ڦيڏرو |
ڦتل + ڌؤنرو |
ڏڌ ۽ کير ملايل |
|
ڪٽريو، ڪڻٺيو |
ڪنٺ + ٻوليو |
گهٽ وڌ ڳالهايو |
|
مکياري |
مک + نياري |
ٻئي جي ڀروسي |
|
ماپيرو |
ماهه + پهريون |
مهيني ۾ پهريون ڏينهن جيڪو سهائي ۾ اچي |
|
ڪسارو |
ڪس + وارو |
ڪؤڙو، اڻ وڻندڙ |
|
بنئسر |
بينيءَ + سر |
نڪ جو زيور |
|
ڪنوار |
ڪونئر |
سهڻي عورت |
|
سائين |
سامي |
وڏو، مربي |
|
گهوٽ |
گهوٽڪ |
گهوڙيسواري |
|
منگهٽ |
مک + گهاٽ |
منهن جو سينگار |
|
ڏيساور |
ديس + اور |
پرديس |
|
کٽر |
کيٽي + وار |
کيٽي وارو |
|
پرڀات |
پرڀ + رات |
رات جو پويون پهر |
|
کٽراڳ |
کيٽو + روڳ |
جهڳڙالو |
|
نيت |
نيڻن + پريت |
هيٺاهين |
|
نستونگ |
نئي + ستت + دنگ |
سربستي |
|
سُوڪ |
سوگ |
معنيٰ ڏک |
|
سنگتي |
سنگ + ڀاتي |
همراهه |
|
نِگهوسار |
ننگهه + انوسار |
ڇلجي وڃڻ |
|
سگهرو |
ساڻ + گهر |
زال سميت |
|
سانگهارا |
سنوان + گهارا |
پاڻي جي لاٿ کائجي |
|
ڪچونبر |
ڪچو + بصر |
بصر وغيره جي ڪتر جيڪا ڪچي |
|
سوگ |
سُونگهه |
ڏک، ماتم، غم |
|
نماڻي |
نه + ماني |
بي ماني |
|
شاباس (فارسي) |
شاد + باش |
خوش رهڻ |
|
بڀرڀنگ |
ڀنڀور + ڀينگ |
ويراني يا تباهي |
|
آڳنڌ |
اڳيون + هنڌ |
اڱڻ ميدان |
|
اُڌما |
اوڌ + ڏَما |
ڏما - صدما |
|
ڏهڪاءُ |
ڏڪڻي + ٺڪاءُ |
خوف - حراس دهشت |
|
ڊاٻو |
داڻو + آبو |
چپو چورو ڪرڻ لاءِ ترسڻ |
|
هنبوڇي ڇي |
هم + بادشاهه + چه چه |
بلوچي لفط خوشي لاءِ مطلب ڇا، اسين بادشاهه آهيون. |
|
ٻوُسٽ |
بُههَ سٿَ |
بهه سٿي رکجي |
|
آسودو |
آس + وندو |
سکيو - خوشحال |
|
ورتاءُ |
واردات + واءُ |
رويو يا هلت |
|
ڍنگ، ڍونگ |
دوکي + رنگ |
دغا بازي |
|
اُٻاڻڪو |
اُڀو + روئڻ هارڪو |
اُداس پريشان |
|
اهمائي |
اهم + وائي |
ضروري ڳالهه |
|
چانئٺ |
چؤنڪ + هيٺ |
در جي چؤ جاٺي جو هيٺيون پاسو |
|
ڏول |
ڏک + هول |
ڏکيائي |
|
ٿنڀ |
ٿانءِ + ٿوڀ |
ٺل |
|
آهٽ |
آواز + رهنڊيا رهٽ |
هلڪو آواز يا کڙڪو پير جو |
|
آٿت |
آواز + اُستت |
همٿائڻ |
|
واچوڙو |
واچ + واسوڙو |
ڦيرٽي |
|
ٺانٺو |
ٺوڪيل + ڪاٺو |
ڪاٺ ڳڙهه |
|
ڄامڙو |
ڄم + بندرو |
قد جو ننڍڙو عمر جو وڏو |
|
جاڙا |
جوڙو |
بدليل لفظ، ٻِٽو |
|
بيبليو، ڀنڀليو |
ڀاڻ + ڀليو |
پنهنجي جاءِ تان هٽيل |
|
اَپسرا، اپڇرا |
اُپ + ڪسرا |
بنان عيب |
|
اُچراند |
اُوچي + پد |
وڏي شان واري |
|
ٻاگهي |
بانڪي |
بدليل لفظ معنيٰ بهادر |
|
سُوڪي |
سونگي |
بدليل لفظ معنيٰ دَٻلي |
|
مورڇا |
مورک + اڇا |
بي بوشي |
|
ڌنڌا گير |
دانه دانه + گير |
فارسي ۾ - حاصل ڪندڙ |
|
ڀنڀئي |
ڀون + ڀانئي |
اڻهي زمين ۾ کتل فقيرن جي ڪُندري |
|
اوٻاسي |
اوڳر + ٻاٿ + واتي |
ٿڪاوٽ |
|
هرڪي |
هرکي |
هرکي پوڻ |
|
پَرُ |
پاڪ + ڪَپَرَ |
اولياءَ تي چادر چاڙهڻ |
|
هُڏي، هوڏي |
هٺَ + اوڏي |
شين جا مٽا سٽا |
|
پڙُلاءُ |
پهاڙ + اَلاءُ |
آواز جي جبل مان موٽ |
|
پڙاڏو |
پڙ + اَڏيو |
نار يا هرلي جي کوٽيل کڏ |
|
اوٻر |
اُٻ + ٻرو |
جوش گرمي |
|
واتوڻي |
وات + واڻي |
زباني چوڻ |
|
ڇٺ، ڇٺي |
ڇهه + راتي |
ٻار جي ڄم جي ڇهين رات ۽ ان سنوڻ |
|
اويلو |
اڻ + ويل |
ڪهلو |
|
اڏوڏائي، اهڏ |
(رعبي) اهل وداعي! اَڏ |
وڏائي جو دنگ |
|
وڏائي |
وڏائي |
تڪبر غرور |
|
ويڄ |
واچڪ + ويد |
حڪيم |
|
گيگ |
گگ + وهڪ |
گهڻو يا اجايو ڳالهائڻ |
|
ڍيڪ، ڍينگ |
ڍاؤ + چُڪَ |
بي جا ڳالهائڻ |
|
البيلو |
ال معنيٰ بي + بال معنيٰ حال |
بيپرواهه |
|
موکيا |
مُنهن + پرکيا |
قبوليل |
|
مُکي |
منهن + پرکي |
مُک منهن رکندڙ |
|
ڪاراٽجي |
ڪارو + اٻاٽجي |
نراس ٿيڻ |
|
ڏچو |
ڏوهه + ڏاميچ |
تڪليف ۾ اچڻ |
|
ڀينگ |
ڀونءِ + اينگهه |
تباهي |
|
ڦڪرو |
ڦڪَ + آڪرو |
ڦڪن هڻڻ جهڙو |
|
تاک |
تکيءَ – اک |
چالاڪ - حرفتي |
|
ترائي |
تر + واهي |
هيٺاهين |
|
ترڪ تال |
تيرڪ + تال |
تالن تي ترندڙ |
|
تريناڪ |
تُوَر + آنا + آڻاڪ |
وڏو چوزو |
|
تلهڙ |
ٽاري + هريه |
سائي ٽاري سوئيل |
|
توڏجڻ |
تون + وڏو، تون وڏو |
هڪٻئي کي چوڻ، اُلرون ڪرڻ |
|
اُلر، اولار |
اُلارڻ + اول + لهر (لهرائڻ) |
هوا ۾ آڻڻ |
|
تڪ، تڳ |
ترت + ڳيهڻ |
هضم ڪرڻ |
|
ٿاڌارڻ، تترائڻ |
تڌ + ڌارڻ |
ٿڌو ڪرڻ |
|
ٿاڏارڻ |
ٿڏو + اُڏارڻ |
بنياد ڪڍڻ |
|
ٿمُ |
ٿانءِ + منجهه |
ڳجهي جاءِ يا محفوظ جاءِ |
|
ٽاپرو |
ٽاپ ٽاپ + وارو |
روز يا ڀيڙون ڏيندڙ |
|
ٽارو |
ٽرڻ + وارو |
ٽرڻ جو وارو |
|
ٽاڪوڙا |
ٺا ٺا + ڪؤڙا |
چهبڪن جو وارو وار |
|
ٽسينگ |
ٽيڙي + نسنگ |
مغروري، وڏاءُ |
|
ٽيڳر |
ٽيڙي + ۽ مڳر |
اجائي آڪڙ، ڦونڊ، سيٽ |
|
ٺنڀ |
ٿڌو + ڏنڀ |
تمام ٿڌو، يخ |
|
پاڇاٽو |
پاڇي + ڇاٽو |
پويون - پڇاڙي وارو |
|
لٻو |
لعابو (عربي) |
گِگِر |
|
پٻو، کٻو |
کاڏي + لِٻو |
جنهن جا ڏند نه هجن |
|
پٽاڙ |
پٽو + ناڙ |
اڳٺ |
|
پَڇنڊ |
پوئين + ڇنڊ |
هلڪي چپيٽ، دُهل جي هڪ وڄت |
|
پاڇانڊي، پڇنڊي |
پاڇا + اَندي |
ڇانوَ يا پاڇي واري اَندي |
|
پسوري |
پسرَ + پري |
پڌري ڪرڻ، اصليت ظاهر ڪرڻ |
|
پئون سٽ |
پهرين شرط |
بدليل لفظ ڍارو اُڇلڻ وقت چون |
|
پوڃاڙي |
پوءِ + ڏيهاڙي |
پويون پهر |
|
پوڻيٺي |
پهرين + پٽيتي |
پهرين ٻار واري عورت |
|
ڪانباري |
ڪانڀ + آري |
ڪانڀي واري، ڪانڀ ٻڌل |
|
هُرڻ |
هردو + اولڻ |
دل ۾ ڳولڻ |
|
هيٺ |
هيءُ + وٺ |
ڪنهن کي ڀونڊو ڏيڻ مهل چون |
|
ڦاڙي ڦاڇَڪَو |
ڦاڙهيءَ + پئان + ڇڪن |
شڪن (شڪاري پٽ) |
|
ڦسو |
ڦاسڻ + وسو |
بي زور - هيڻو - ڦيڦو |
|
ڦَڪَڙ |
ڦوهه + آڪڙ |
فضول خرچ - کٽل - هٿ ڦار |
|
ڦيٽ، ڦوٽ |
ڦٺ + وٺ |
لعنت ڪرڻ |
|
جُهنڊ |
جُبي + گُهنڊ |
نئين ڄاول ٻار جاپهريان وار |
|
جهنڊولو |
جِهنڊ + وارو |
اهو ٻار جنهن جا پهريان وار ڪٽيل نه هجن |
|
ڇانڀ ڪُڏو |
ڇان + اُس + ڪڏڻ |
راند ٻارن جي |
|
چُٿر |
چيڙ + وستر |
ٽوڪ ڪرڻ |
|
چُوٿا، چُوٿڙ، چٿڙ |
ڇل + اُٿڙ |
ٽڪرو، ٻرگهل |
|
چوپا |
چوپيل + واتا |
رس نڪتل ڪانا |
|
چسي |
چاهه + هنسي |
هٿ ملائڻ |
|
چِندا، چنتا |
چِت + وارتا |
ڳڻتي الڪو - اُجڪو |
|
چونڊڙي، چوڪ، چونگ |
چوڪ، چونگ |
چُگهه انگڙي، چونگ چهڪ |
|
چِلهر |
چلهيل + اهوڙيل |
اڌوري ڪٽيل |
|
چِمرڪو |
چمڙي + پٽڪو |
چمڙي پٽڻ |
|
اوڳرائي |
اوڪ + ورائي |
واتان گئس خارج ٿيڻ |
|
ڇِڙٻ، ڇاڙپ |
ڇڙَ + دٻ |
ڪاوڙ مان تنبيهه - دڙڪو - تڙي |
|
ڇانگرا |
چاههَ + انگلا |
ماڻا - انگل - نخرا |
|
ڇيڪ، ڇيڳ |
ڇوڙيل + وڳ |
آزاد ڇڙواڳ (جانور) |
|
ڇيڳرو |
ڇيڙ + اڳرو |
گدلو - ميرو چولو |
|
داٻڙو |
داٻ + اڙو |
تختو، ڦرهو (ڪپڙن ڌوئڻ وارو) |
|
مهاڏو |
منهن + آڏو |
مهاڏو اَٽڪائي بيهي رهڻ |
|
شرنائي |
شور + شرن + وائي |
وڄائڻ جو سازينو |
|
داڙوُ |
داد + وَڙُ |
شفاعت ڪندڙ |
|
دٻڙاٽڻ |
دٻي + اوراٽڻ |
تڙي ڏيڻ |
|
دَتِ |
ديههَ + موت |
ڇپ، مکر، ماٺ ڪري پئجي رهڻ |
|
دوڳ |
(فارسي) دوغ |
گوشت جو وڏو ٽڪرو، ڪاٺ جو ٽڪرو، اٺ جو ڄميل کير، ڌونئري جو دڳ |
|
ڌانڌل |
ڌنڌي + رڌل |
اجايو بحث ڪرڻ، تڪرار ڪرڻ |
|
ڌتارڻ |
ڌت + آڻڻ |
نشي ۾ آڻڻ |
|
ڌڳڻ |
ڌوَڻي + آڳ ڏيڻ |
باهه ٻارڻ، باهه ڏيڻ |
|
ڌڱ |
ڌوڻ + لڳ |
سڊول بدن |
|
ڌُوڙيو |
ڌوڙ + وايو |
مٽي جو وسڪارو، جهڪ، وسڪارو موچڙن جو، ڏيڍيءَ جو بند |
|
ڏاٻ |
ڏيڍي + داٻ |
|
|
ڏکو |
ڏند + اک |
ڏيکارڻ |
|
ڊُوڪڻ، ڏوڪڻ، ڏوگهڻ |
ڍؤ + اگهڻ |
پيئڻ جو پاڻي |
|
دُوسڻ |
دسڻ + ڦُسڻ |
زور سان اندر وجهڻ، ڦُسڻ |
|
ڏوراڇو |
ڏور + آسو |
پري کان آسري وند |
|
ڏيٺارو |
ڏيک + اُٺارو |
ڏٺل، سڃاتل، سڃاڻپ وارو |
|
ڏؤُت |
ڍؤ + قوت |
ڍائو |
|
ڏوٻاسو |
ڏوهه + باس |
الزام |
|
ڊاڍ |
ڊڍ + واڌ |
عاشورن ۾ وڄت |
|
ڊوهي |
دهائي |
مڪار |
|
ڊينب |
دم + دنبه (فارسي) |
گهيٽي جي پڇ جي ماچ |
|
ڍٻي |
ڍَرَ + داٻي |
پکين ڦاسائڻ واري ڄاري |
|
ڍينگلو |
ڊيگهه + ونگڙو |
نار جو پڃرو |
|
رونگ |
رهت + چنگ، چونگي |
سوائي |
|
رونٽڙو |
رخ + اونڌڙو |
غلط رُخ |
|
زنبر، جنبر، گنبر |
گپ + جندر |
مٽيءَ جو پنوڙو ماڳ جو نالو، جنبوٽو |
|
گهوڙا ٻاڙي |
گهرڙا + ٻهراڙي |
گهوڙن واري جوءِ/هڪ علائقو |
|
دڙڪو |
دڙ + ڪڙڪو |
دهمان |
|
اٺسٺو |
اَشتيه + سِرشتو |
ويچار، انديشو، انومان |
|
سَماڙو |
سنئون + موڙو |
مرض، مال جو |
|
سُنوالو |
سوائي + وارو |
وڌڪ وارو |
|
ڪَت |
ڪتن + چڪ وات |
ڪتن جي لگ جي مُند |
|
ڪَٺِ |
ڪنٺ |
ميڙاڪو |
|
ڪِنجهه، ڳانجهه |
ڳار + منجهه |
ڳاراڻو |
|
ڪَڏر |
ڪانا + ڏڏر |
ڪڄر، ڪچرو |
|
ڪَڻس |
ڪاڻ + سَههَ |
بخار، تپش |
|
ڪؤنرو |
ڪومل ڪؤنئر + او |
سهڻ جهڙو بخار، عضون لاءِ استعمال ٿيندڙ نرم ۽ نازڪ |
|
کاٽ |
کوٽيل + ڦاٽ |
ڀڃي رستو ٺاهڻ |
|
کاٽائو |
کٽي + کائو |
ڪمائيندڙ، لٽيندڙ |
|
کامو |
کوٽيل + لامون |
کوٽيل زمين جو ٽڪرو |
|
کٽڪ |
کڙڪ + اٽڪ |
انديشو |
|
ڪُکڻ، کُکڻ |
ڪک + آسڻ |
دل سان لڳڻ |
|
کڳٺي |
کاڏي + وڳي |
هڪ قسم جو ناچ |
|
کڙاهه |
کڙي + راهه |
لنگهه کي بند ڪرڻ وارو ڍنگهر |
|
کوٻلو |
خوءِ + برو |
وچ ڪٽو، گاتو |
|
ڳيت |
گپت + ميٺ |
گادي، گاديلو |
|
گدي |
گيان + ورڌي |
|
|
گؤنچاني |
ڪانئچ |
شلوار |
|
ڳانٽي، ڳاٽي |
ڳاٽ + اوٽي |
مٿي ڪنڌ |
|
ڳٽ |
ڳچي + گهٽ |
طوق |
|
ڳهيلو |
ڳهڻ + وارو |
بيوقوف |
|
داڦڻ |
ٿاڦڻ |
اجائي بڪ |
|
ڳُنڌڻ |
ڳنڌ + اوڌڻ |
ٿورو ٿورو ڪري وڌائڻ |
|
ڳوڌو |
ڳئون + اوڌ |
گابو يا وهڙو |
|
آڳانڌو |
اڳ + مهندو |
اڳ وارو |
|
آڳانجهو |
اڳ + اَجهو |
آڳاٽو |
|
نِدوري |
نندا + واري |
نڀاڳي |
|
ڪيٻائڻ |
ڪؤ + ڀانئڻ |
نٽائڻ |
|
تيسو |
تؤنس + اُتسو |
جوش جو ڏيکاءُ |
|
پٽڪو |
پٽو + وَٽڪو |
ڦينٽو |
|
ٻاٽ |
ٻهون + آٽ |
اونداهي |
|
گهاڙُو |
گهڙيل + وَهو |
رستو |
|
گهٻير |
گهڻي + ٻل + ڀر |
ڪٽ مست مرد |
|
گهوٻاٽو |
گهٻيل + بانٺو |
اهڙي ڪاٺي جنهن کي مٿو هجي |
|
کانچو، گهانچو |
گهاءُ + خانچه |
رستي ۾ کڏو |
|
لاٻڙ چٽو |
لاڀ + ڀڙ + چٽو |
رڳو فائدو ڳوليندڙ |
|
|
وِلاسو،
بِلاسو، ڀُونگلاسو ڀونگر + ڏيسو |
دودن سومرن وارو ملڪ |
|
ميراسي |
مير + رَسُ |
رس رهاڻ جو ملوڪ سريلو |
|
لالانگهرو |
لوءِ + لنگهه + گهر |
گهر گهر لنگهندڙ |
|
لنگوتاڙو |
لنگ + اتارو |
اُگهاڙو |
|
لنڊي |
رنڊي |
بدڪار عورت |
|
ماترائڻ |
ماٺ + ڪرائڻ |
چپ ڪرائڻ |
|
ماڃي |
ماءُ مائٽ + اُهڃاڻي |
ماءُ جا عزيز |
|
ماهيڙ |
ماهو + ميڙ |
مينهن وارو |
|
مٿير |
مٿو + ڦير |
مٿي ڦريل، دلير |
|
مڇو |
منهن + ڇُليو |
وڏين مُڇن وارو |
|
مِسڪڻو |
ماٺ + سڪڻو |
مُرڪڻو |
|
مناڙڻ |
مٺئين + ناڙڻ |
ناڙڻ + وٺڻ، ٻڌڻ |
|
مدو اٽڪائڻ |
منهن + آڏو |
اٽڪائڻ |
|
مُنڌو |
منڊ + مڏَ + پنڌو |
منجهيو |
|
مواڙ |
متو + واڙ |
بيٺل وهٽ چرندڙ |
|
مواسجڻ |
مئو + واسجڻ |
|
|
موٿو |
مئل + لوٿو |
|
|
مولهاٽو |
مالهه + پٽڪو |
مٿي کي ڪپڙا ٻڌڻ |
|
مُهاڳ |
منهن + اڳ |
اڳ وارو |
|
نوس نوس |
نڪ + سونس
نڪ + سونجهه |
ڪتي جو سگهندو هلڻ |
|
نياتي |
نروار + ڀاتي |
برادري وارو |
|
نيساسو، نيساڪو |
نئڻ + ساهه + سوگهو |
دم جدا يا ساهه نڪرڻ |
|
واترارو |
وات + ارڌ |
وات جي زور تي هلندڙ |
|
وائکائي |
واءَ + سوکائي |
وائکو، کليول، هوادار |
|
وڏاندرو |
وڏ + اندرو |
وڏيءَ دل وارو |
|
ورندي |
ول + آوندي |
جواب |
|
وستو |
ويرم + سستو |
ڪاهل |
|
ولل |
وات + وڦل |
بڪ بڪيو |
|
هَڏڪ |
هانءَ + هڊڪ |
ڳمي ڳمي آواز اچڻ |
|
هَلَٽ |
هرياهل + هرٽ |
مال متاع وارو |
|
هوانو |
هو + آئڻو |
افواهه، ڳالهه جو پکڙجڻ |
|
جنبوٽو |
جنب + موٽو |
کڙو |
|
ڇينڀ |
ڇنڊا + لنبَ |
دٻ |
|
ميسارڻ |
ميٽي + آڇارڻ |
مٽائڻ |
|
ميهاڳ |
مينهن + وڳ |
مينهن جو ولر |
|
ڌاڄ |
ڌرتي + راڄ |
علائقي جو مالڪ |
|
ڏهيسر |
ڏهه + سرَ |
ڏهن مٿن وارو |
|
آهت، اَهت |
آئي ويل + اوکت |
ڏکيي وقت ڪم اچڻ |
|
اُٻاهي |
اُڀ + ساهي |
اُٻاسي |
|
اُٻڏي |
اُبتي + رڏي |
هيءَ کپي وري چئي هيءُ نه کپي هو کپي |
|
اَتور |
اڻ + تور |
جنهن جو وزن معلوم ڪري نه سگهجي |
|
مهمير |
مهم + امير |
اڃان پرهه جي چٽاڻ نه هجي |
|
اَٺور |
اُٿڪ + تور |
جنهن کي توري نه سگهجي |
|
اپراسو |
اُپت + پراپتو |
فائدو |
|
اُڊو |
اُڌَ + ڊاءُ |
دل ۾ خوف پيدا ٿيڻ |
|
آڍڻ |
آنت + سانڍڻ |
مالش ڪرڻ |
|
آسا بند |
آس + اُميد |
اميد وارو |
|
اُڊڪو |
اُلڪو |
ڳڻتي |
|
ڏوٺ |
ڏوهه + هٺ |
سنگدل، بي رحم |
|
آلوڙي |
آلو (کير) + ولوڙي |
ويائل مال جو کير ڏيندڙ هجي |
|
اُميري |
اُمٽ + ڍري |
هٿ جي چپٽيءَ واري ڏنل ڳنڍ |
|
اُهمون |
اُود + منهون |
جنهن جو منهن ڪارو ٿي وڃي |
|
اُلار |
اوهار + لهر |
لهرائڻ مان هوا ۾ |
|
داٻائو |
ڊاٻ + اڳانهون |
گاڏي جي اڳئين حصي تي بار هئڻ |
|
اول پتڻ |
اول + پن |
پهريان نڪتل گونچه ۽ درياءَ تي پتڻ جي ڳولا. |
|
اولڙو |
اولو + موڙو |
موٽندڙ عڪس |
|
اولڙ |
اول + هلر |
مال گاهه کائي بچائي |
|
اوڇڻ |
اوڙههَ + وڇاڻ |
ڍڪ، پائڻ |
|
هؤنٿرو، ائونٿرو |
هانءُ + اوٿ + وارو |
حرڪتي |
|
اَئونري |
هانءَ + اُوري |
|
|
اهال |
اهم + رمل |
حال اورڻ |
|
ڳراٽڙي |
ڳراهه + اوٽڙي |
ڀاڪر پائڻ |
|
ٻائوُ |
بابا! + هو |
ٻار جو ڊپ ۾ چوڻ |
|
هلڪو تپ، تونس، بانٺ |
بوءِ + بانس |
خقت، گهڻي کائڻ جي هوس |
|
بُگو |
بُبي + اُگهو |
ٿڻ مان کير ڌائڻ |
|
ٻوڻ |
ٻاههَ + لوڻ |
ٻاڙ |
|
بلائتو |
ٻل + آئتو |
هٿيڪو |
|
بوئي |
ڀون + واهي |
لوءِ جو |
|
بُهرو، بوئرو |
ڀون + ويڙهو |
(فارسي ۾ بهرو) زمين اندر جاءِ |
|
ٻاتاڙ |
بات + تاڙ |
اُڪير |
|
ٻاڙ |
ٻاٿ + تاڙ |
تانجي، سِڪ |
|
ٻانڌاڻي |
ٻڌو + ڏيهاڻي |
ٻول ۾ ٻڌل، عادتي |
|
ٻرگهل، ڏرگهل |
ڏار + گهر |
ڳڙک، لوگهو |
|
ٻُڪل |
ٻوٿ + ڍڪيل |
چادر ڍڪڻ جو نمونو |
|
ٻوڪاني |
ٻڪل + اوڍڻي |
ڪپڙي ويڙهڻ جو نمونو |
|
بلر |
بل + وکر |
لُري، ڳنڍ |
|
پونجهر |
پاهون + ويجهر |
|
|
ٻنڀو |
ٻني + اُڀو |
لنگهه، دروازو |
|
ٻڌ |
ٻٽَ + واڌ |
جهل، ٻڌل حالت |
|
مسٽاڻو |
سخت + ٽاڻو |
ڏکيو وقت |
|
ٻيجارو |
ٻجن + ٻارو |
نسريل ٻج |
|
ٻرانگهه، ٻيلانگهه |
ٻيءَ + لانگ |
وک |
|
ڀاڳيو |
ڀاڳ + ڀرايو |
مال وارو |
|
ڀنڊي |
ڀان، ڀنڊ + ونڊي |
گهٻي ڪلڪل |
|
ڀونگلو، ڀونگلاڙ |
ڀونگي + ڳولائو |
ڀونگر جو ڳوٺ/علائقو |
|
جانٺو |
جان + پٺو |
مضبوط |
|
گهورڙيو |
گهمي + رڙيو |
در در سامان کپائڻ وارو |
|
ڪڌو |
ڪسو + اونڌو |
خراب، گهٽ |
|
ڀيت |
ڀير + ڀانت |
روش، چال |
|
ڳراهٽي |
ڳلي + اوراهٽ |
گلي لائڻ |
|
ڪاٽڪو |
ڪات + ڪٽڪو، ڪاٽ + ڪٽو |
نامي گرامي، چور، پاٿاريدار |
|
ڀينڊي |
ڀنڊ + اوڍڻي |
ڀنڊ معنيٰ ڪپاهه يا ڪچو سُٽ ان سان اوڍڻي تي ٻڙيون ٻڌبديون
آهن. |
|
اَڀومي |
اڻ + ڀوم
(فارسي ربوم) |
اڻ ڀونءُ/اڻ واقف |
|
وڄا |
وائي + اُڄا |
عقل |
|
پريان |
پريان + اهڃاڻ |
پري کان سڃاپجڻ |
|
راوت |
راءَ + رهت |
سورهيه، بهادر |
|
مهندان |
مُنهن + هنڌان |
اڳيان |
|
|
|
|
|
|