سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سسئي پنهون

باب: -

صفحو :20

 

 

لعلڻ خان لغاريءَ جا چيل بيت *

 

1- ساراهيان سچو ڌڻي، جو پرور پاڪ چون
مير محمد مصطفى، آڌار ٿيو اَڙين
پيارو منجهان پيدا ڪيا، سي پاڪ ڌڻي پنجتن
ڪريان قصو هن ڳالهه جو، ٻهڳڻ سو ٻُڌن
ته ٻانڀڻ جو ٻروچ سان هو لکيو لاهوتين
لڌي لهرين وچ مان ۽ تار منجهائون تن
نپائي ڏاڍي ناز مان، وري کڻي خوب کٽين
بيشڪ تنهن ڀنڀور ۾، هئي سهڻي سرس سڀن
اها خبر خان پنهونءَ کي، وڃي ٻڌائي ٻين
کڻي کٿوري هليو، سو بار مٿي بودن
 ٿي سوداگر ساٿ جو، سو آيو وٽ انهن
هوڪو هوت پنهل جو، سُئو سڀيئي سيڻن
سسئي آئي سرتين سان، ڪو ڏيئي لاڳ لڱن
پسڻ ساڻ پنهونءَ کي، ڪا چوٽ لڳي چشمن
ڇڏي ڪيچ ڪوهياري، وڃي ڌوتا کُنڀ کٽين
ڪيئي ڏهاڙا ڪيترا، پيو ڏوري منجهه ڏکن
پوءِ شادي ڪري شوق مان، جنهن وساريو وطن
ٻڌي ڳالهه ٻروچ چئي، هو لڳو ڏک ڏيرن
سي موڙ ٻڌي مهرين، ڀائر آيا ڀنڀور ۾.

 

2- آيا ڏير ڏکيءَ جا، سو واري اُٺن واڳ
مدي ڪيائون من ۾، رمز رکي ڪو راڳ
پنهون نه هلندو پاڻ سان، جنهن پرس ڇڏي آيا پاڳ
ٻڌي هلون هِن ٻانڀڻ کان چوري ڪري چاڳ
نشو ڏنائون نار کي، متان سسئي ٿئي سجاڳ
سا سنجهي مان سمهي رهي، جنهن کي آئي ننڊ نڀاڳ
آڌي ڏير اُٿي ويا، نڪا هڪل ڏنائون هاڳ
ڇُپائي ڇيريَن کي، ويا مهري مٽي ماڳ
کڻي کٽياڻيءَ کان ويا سو ساجن سُک سُهاڳ
پنهون وٺي ويا پاڻ سان، ڏيئي ڏير ڏهاڳ
ٻيائي جو ٻروچن کي، هو لاشڪ مليو لاڳ
پنهون ناهي پلنگ تي، جڏهن سسئي ٿي سجاڳ
ٻري لڳي تنهن ٻانڀڻ کي، آتش واري آڳ
جيرا جان جلي ويا، دردن ٺاهيا داڳ
هاڻي منهنجي بَس ڀنڀور کان، ويو وير ڏيئي ويراڳ
مِلان يا مري وڃان، سي ڀينر منهنجا ڀاڳ
لڪن ۾ تون، لعلڻ چئي، هاڻي جهنگل وڃي جهاڳ
ادا! سمهڻ مان سهاڳ، ڪنهن کي ملي ڪونڪو.

 

3- هاڙهي وينديس هيڪلي، سو پنڌ ڪري پيرن
جَتن مون سان جاڙ ڪئي، ڏاڍي سا ڏيرن
پنهون وٺي ويا پاڻ سان، مون ڏيئي ڏاج ڏکن
ٻانڀڻ ٻِٽ ٻروچ سان، نه قطاري ڪيچين
هلندي هوت پنهونءَ سان، نه جاڳايو جَتن
ڇا کان هوت ڇڏي ويو، هن ڇوريءَ کي ڇپرن
ڏيئي ويا ڏهاڳ جون، وري سِٽون ڪي سُورن
آري اُٺ کڻي ويا، سي مهري شال مَرن
منهنجو جيءُ جڏو ڪيو، اَديون آريچن
وسئون ناهي ويجهڙي، ٻيون لُکون منجهه لَڪن
پٽيون پنڌ پهاڙ جا، ٻيا سوين سُور سُجهن
سوين بلائون سُڃ ۾، ٻيا وڏا واگههَ وڙهن
ببر شينهن برن ۾، سي چٽا ٿا چهڪن
اُتي اُڃ انڌار ۾، ٻيون بُکون منجهه بَرن
پر جن جا هوت هليا ويا، سي ڪين سک سمهن
ماري مون مسڪين کي، آهي سڪايو ساجن
ڪڏهن پهچان ڪيچ ۾، مان پيادي منجهه پنڌن
هلان هوت پنهل ڏي، مَن ڏونگر ڏس ڏين
پکا ڄام پنهونءَ جا، شال ڏُکي کي ڏِسجن
پوي پاڻ ٻروچ کي، مَن ڪُوڪ ڪُٺيءَ جي ڪَن
”لعلڻ سي لَهن، جيڪي وؤڙينديون وڻڪار ۾.

 

4- کِلندي مون کٽياڻيءَ سان، ويا جاڙون ڪري جَت
پنهون وٺي ويا پاڻ سان، سو ڪري ڪُوڙ ڪُپت
کوٽا راند کڻي ويا، ڪري هيڻي سان هلت
مون کي ننڊ نهوڙيو، تنهن نڀاڳي نِپٽ
ٿيس ڪانئري ڪانڌ جي، ڪري غلطي مان غفلت
هاڻي پنهونءَ جي پرچاءُ جي، ڏيو مُٺي کي مصلحت
اُٿي ٻانڀڻ ڳول ٻروچ کي، ڪر هاڙهي جي همت
وڃي ووڙ وندر ۾، ڪر ساجن ساڻ سُپت
کائي ٽولا ڪيا ٽَڪر ۾، ڪر پٿر سان پاهت
روئي ريجهائج روُح کي، ڪر اَسُر جي عادت
وڙهندءِ گهڻا واٽن تي، اڳيان سي آفت
لاهي سانگو ساهه جو، تون سسئي ڪر سنبت
پٿر پنڌ پهاڙ جو، اٿئي پاهڻ ٻيا پربت
وڃ ڏوريندي ڏونگر کي، تون لَڪن ڏيئي لَت
وڃي ٻانهي ٿيءُ ٻروچ جي، تون پنهون جي پورهيت
پيهي وڃ پٿر ۾، تون سسئيءَ جهلي سَت
 ڪر سندرو تون ثابت ته هوت پسين حَب ۾.

 

5-  سسئي ڇڏ سمهڻ کي، ڪر ڪيچ مٿي ڪاهون
ويجهي ٿي وصال کي، تون رند پڇي راهون
ڏيرن توسان ڏَت ڪيو، ڏيئي سورن صلاحون
نه ته ڪين وڃين ها ڪيچ ڏي، تون درد ڪري دانهون
هاڻي ٻانهي ٿي ٻروچ جي، تون ٻڌي ٻئي ٻانهون
لاڙي لڙڪ اکين مان، ڪر عاجز ٿي آهون
ٿي سَتي ٻَڌ سندرو، تون اورج اوراهون
آري ڳول اندر سان، ناهي پنهل پرانهون
”لعلڻ“ ڳول لَڪن ۾، ته اٿئي ور بنا واهون
ڪندو نظر نگاهون، جڏهن پوندي ٻاجهه ٻروچ کي.

 

6- سُتي سُور پرائيا، مون ويسر ۾ ويهي
آئي ننڊ نڀاڳ جي، هئي رمز انهيءَ ريهي
هينئن نه ڀانيم هيڻيءَ سان ڪو ڏاڍ ڪندا ڏيهي
آري جي اُٿڻ جي، هئي ڪَل مون کي ڪيهي
پنهون وٺي ويا پاڻ سان، سُور ڏنائون سيهي
هُو ته روڏا رڻ چڙهي ويا، گوڏن ڀر گيهي
جهڙي جاڙ جتن ڪئي، ڪَيان مٿي تيهي
ڏيئي ڏاج هليا ويا، دردن جي ديهي
وڍي دل ويراڳڻ جي، تن ڇُري سان ڇيهي
هاڻي وڃي وندر وؤڙيان، سو پنهل پرڏيهي
ٻانهي خان ٻروچ جي، آءٌ جُتي نا جيهي
”لعلڻ“ ڳول لَڪن مان، تون پٿر ۾ پهي
جي نينهن ڪنديون نيهي، سسي پَسن ڄام پنهونءَ کي.

 

7-  پَسين ڄام پنهونءَ کي، تون وڃي ڏونگر ڏور
لتاڙي لَڪن کي، تون ڀَڃ ڀِٽون ڪر ڀور
پرزا ڪر پهاڙ کي، سي جهانڪا ڪُل جهَڪور
وڃ ڪاهيندي ڪيچ ڏي، سا ڪَچي ڌرتي ڪور
وڙهندءِ گهڻا واٽ تي، نانگ بلائون نور
چيٽا ڄام چُرن ۾، پيا شينهن وڏا ڪن شور
ڳجهون، ڳوهون، ڳورپٽون، سي ڪل جناور زور
پنهنجي جنا جبل ۾، وڃي گهوٽ مٿاهون گهور
ويجهي ئي وصال کي، وڃي حال اندر جو اور
پهچي ڄام پنهل کي، ڪر آريءَ ساڻ اتور
اُتي ڪري اجهور، جتي پکا ڄام پنهون جا.

 

8- پکا ڄام پنهل جا، اٿئي پٽن منجهه پڌر
هَل ته هلين هوت کي، سو جال وهائي جر
سَهه سڀيئي سِر تي، ڪر ساجن ڪاڻ سفر
پرزا ڪر پهاڙ کي، سي پيرن ساڻ پٿر
راتيان ڏينهان روح ۾ وڃي ڪيچ ڪشالا ڪر
پُڇندي وڃ پهاڙ کان، سو ٽِلي منجهه ٽَڪر
پيئندي وڃ پٽن ۾، پنهنجو پاڻ پهر
ڪاهه ته رسين ڪيچ کي، تون بُکون ڪڍي بر
”لعلڻ“ لِڪي ڪونه ڪو، ڪر نيڻن سان نظر
پَٽ اکيون ڏس پاڻ ۾، تون چوري کول ڇپر
”وانحن اقرب“ ويجهڙو، سو دور ناهي دلبر
ڏس تون پنهنجي ڏيل ۾، اٿئي آري ڄام اندر
واٽون ڇڏي ور، تون هوت نهارج هنج ۾.

 

9- ٻڌي ثابت سندرو، تون واٽ اهائي ووڙ
پڇندي وڃ پهاڙ کان، پئي ڊٻن مٿي ڊوڙ
شڪي ٿيءَ نه شينهن کان، جيڪي گجي ڪندا گوڙ
هلي هاٿين وچ مان، تون خيما اتي کوڙ
مرڻ مهڻو ناهه ڪو، تون طالب ڪجانءِ توڙ
ڀلي مرون کائن ماس کي، سي ٻانڀڻ تنهنجو ٻوڙ
ته به سُرهي ساجن جي اڳيان، تون منهن ڪڀي نا موڙ
لکيو لوح قلم جو، وڃي لَڪن مٿي لوڙ
وڻ وڻ ڳول وندر ۾، نه عاشق ڇڏجان اوڙ
وڃ ڏاريندي ڏونگر کي، تون سسئي ڀانء مَ سوڙهه
ڦٽيل تون فراق جي، نه چُڪي ٿجانءِ چوڙ
ٻڌي هٿ ٻروچ کي، وڃي جانب اڳيان جوڙ
پوءِ ٻڌجانءِ، ٻروچ چئي، تون محبت سندا موڙ
واٽون سڀئي ووڙ، ته هوت پسين تون هنج ۾.

 

10- ڪري بَس ڀنڀور کان، هلي اَسُر اوساري
کنيو پير پنهل جا، پئي نَڌر نهاري
ويئي سٽيندي سُور سان، هنجون سا هاري
ساري سِڪ سرير کي، ٻيو ماري مونجهاري
پيادي پنڌ پٿر جو، پيئي ڏونگر کي ڏاري
بگهڙ بلائون بَرن ۾، ٿيون اڳ وٺن چاري
ته به موٽي ڪانه مرڻ کان، سا هلي هوڪاري
هاڙهي حَب هلڻ جي، ٿو سُورَ به سيکاري
جنهن کي جوش جگر ۾، سا گهايل ڪيئن گهاري
آريءَ کي اندر مان، سا ويل نه وساري
باهيون باب بنديءَ جي، ويو ٻاروچو ٻاري
چڙهيو چوٽ جبل تي، پيئي ٻانڀڻ ٻاڪاري
سڻي سڏ سسئيءَ جا، من واڳ پنهل واري
هوت گهمائي هٿڙا، سو جڏيءَ کي جياري
پاڙي ڄام پنهونءَ جي، شل مُٺيءَ کي ماري
ڪونه ڇڏيندو ڪڏهن، جيڪا پئي آ پناري
انهن لَڪن مان، ٿو لعلڻ چئي، من آري اُڪاري
ٿي ٻانهي ٻُهاري، وجهان آريءَ خاڪ اکين ۾.

 

11- آري ڏس اکين سان، تون مُور سسئي ناموٽ
ٻانڀڻ ڳول ٻروچ کي، سو چڙهي جبل چوٽ
سوين سلامي ساجن جا، ناهي ان پنهل کي کوٽ
پئي تون جهاڳ جهنگل کي، من گهايل ملئي گهوٽ
دري کول ديدار جي، تون ڪُر ڀڃي ڪوٽ
آري ڏس اندر ۾، سا لاهه اکين تان اوٽ
پنهون پَسج پاڻ ۾، تون ڦڦڙ ڪري ڦوٽ
هوت تنهنجي آ هنج ۾، نه کائي جيل کوٽ
ڏس تون پنهنجي ڏيل ۾، جانچي کڻي جوٽ
گهورج گهر پنهل تان ۽ ناڻا سڀئي نوٽ
کڻ ويراڳي ووٽ، ”لعلڻ“ ڳول لَڪن ۾.

 

12- ”لعلڻ“ ڳول لڪن ۾، هو ڪندو ڀلايون ڀال
پوندي ٻاجهه ٻروچ کي، سو هيڻا ڏسي حال
رويو روهه جبل ۾، پئي سسئي ڪري سوال
ڪوسا لڳن ڪڪرا، پئي جَر وهائي جال
صورت سور کڻي ويا، منهنجو جوڀن ڪُل جمال
پٿر پير پٿُون ڪيا، ٻيو اُڃ ڪيو ابدال
واري ورَ وندر ۾، سا پاهڻ ڪئي پئمال
پاڻي ڪونه پٽن تي، ٻيو تاس وڃايا تال
گهاٽا جبل، گهيڙ ڏکيا، پئي زاريون ڪري زال
ساجن بنا سُڃ ۾، ساعت ڀانيان سال
ڪڏهن ايندو ڪيچ ڌڻي، سو ڪري قرب ڪمال
گهوريان گهر پنهل تان، هي مَڏيون خزانا مال
ڪانگل وڃ تون ڪيچ ڏي، ڪر مُٺيءَ جي مقال
ٻُڌي ٻاروچو مَن اچي ساجن لهي سنڀال
انهن لڪن ۾، لعلڻ چئي، ڪامڻ ڪري ڪمال
جڏيءَ جا جنجال، اچي هوت ڪٽيندو هٿن سان.

 

13- هوت ڪَٽيندو هٿن سان، ٿيندو ساجن مون ساڻي
جاڙون جَت ڪري ويا، مون سان پاپي پڄاڻي
ماري مون مسڪين کي، ڪيو جتن جوڳياڻي
ڪيچي ڪانڌ کڻي ويا، هُو ڄام نه ويو ڄاڻي
وڃي وندر وؤڙيان، سو هوتن لئي هاڻي
کڻي پير پنهل جا، وري سسئي سِڌاڻي
روئندي وڃي رَت ڦُڙا، سا پروسَ پانڌياڻي
وسئون ناهي ويجهڙي، نڪو پَٽن تي پاڻي
ٻاري ٻاروچو ويو، ناهي اڃا اُجهاڻي
پر ٿَڪي ڪانه ٿرن ۾، جيڪا وندر وڪاڻي
هاڙهي جي هلڻ ۾، نه ٿي کُهجي کٽياڻي
”لعلڻ“ ڪو لنگهي ويو، منهنجو اِتان آرياڻي
ڏونگر ڏس مُٺيءَ کي، ڪا جُوءِ به جتياڻي
آءٌ ٻانهي تنهن ٻروچ جي، ڀريان پورهيت ٿي پاڻي
جي تون ساجن سڃاڻي، ته ساڳي آهيان سسئي.

 

14- ساڳي آهين سسئي، ته ڪر هاڙهي ڏي هَنبس
پُڇندي وڃ پٿر کان، سي پير پنهون جا پَس
هتان هوت لنگهي ويا، تون ڏونگر مون کي ڏس
وٺي ڪهڙي واٽ ويا، سي گورا مٿي گس
آري اُٺ کڻي ويا، سو ليڙا ڪري لَس
ٿڪا ڪونه ٿرن ۾، نڪو توڏن ڪيو ترس
جبَل مون جڏيءَ سان، ڪري کوٽا ويا ٿي کَس
هاڻي هوت پنهون لئي، پئي وڏا ڪريان وس
ڏونگر ڏک اُٿاريا، سيني سُور سرس
هاڙهي وڃان پئي  هيڪلي، دردن ٺاهيا دس
پٿر پنڌ پٽين جا، آءٌ پيادي جا پَروس
هلان ته هلي نه سگهان، نڪو بيهڻ ڪيان بَس
ويهان ته ويهي نه سگهان، نه ڪو چَلڻ ڏئي ٿو چَس
رڙهان ته رڙهي نه سگهان، هاڻي رڻ انهيءَ ۾ وس
ٻانڀڻ کي ٻروچ چئي، تون پنهل اچي پَس
ڪيچي لاهي ڪَس، جڏهن هوت گهمائي هٿڙا.

 

15- هوت گهمائي هٿڙا، سو موٽي تنهن مهل
جيئڻ ناهه جڏيءَ جو، پئي جام وهائي جل
دردن ديرا ٺاهيا، ڪري سيني اندر سَل
روئندي وڃي رَت ڦڙا، ٻيو آب اکئين اڻ جهل
 ساجن بنا سُڃ ۾، ناهه ٻانڀڻ کي ڪو ٻَل
هلي ڪانه هيڻيءَ جي، سا ٽَڪر مٿي ٽل
بَدُو جام بَرن ۾، پيا ڏين هاڳ هڪل
چيٽا عام چُرن ۾، ڪن چهاڙيون چينچل
روجهون رڻ پٽن ۾، جهٽَون ڏين جهنگل
گُرگ، گِداڙيون گورکا، ٻيا سوين رڇ سُتل
ڀَٽون، باندر ڀولڙا، سي ڳاٽيو پوَنَ ڳِل
ڳجهون، ڳوهُون، ڳورپٽون، ٻيو آفتون اَڙيل
ڪڏهن پهچي ڪيچ کي، هي ٿورياڻي ٿڪل
وِهندي وڃي واٽن تي، سو ڳوڙها وهائي ڳل
اِها خبر خان پنهل کي، وڃي ڪيچ ڏي ڪانگل
سُڻي سور سسئيءَ جا، آءُ ڪوهيارا ڪامل
هڪ پيادي، ٻيو پنڌ گهڻو، ٽيون جاڙون ڪري جبل
انهيءَ لَڪن ۾ ٿو لعلڻ چئي، ڪانه پوي ٿي ڪَل
ڪري قياس ڪَهل، هوت گهُمائج هٿڙا.

 

16- ڪٿي پنهون ڪٿي پارس، ڪٿي والي ڪٿي وارث،

ڪٿي سور ڏين پيا سَٽ

ڪٿي ڏاگها ڪٿي ڏيرا، ڪٿي پنهون ڪٿي پيرا،

ڪٿي جهنگلي ڏين جهَٽ

ڪٿي اوٺي ڪٿي آري، ڪٿي بغدي ڪٿي باري،

ڪٿي توڏن ڪانه ترٽ

ڪٿي جهڪون ڪٿي جهولا، ڪٿي ڀٽون ڪٿي ڀولا،

ڪٿي شور ٻوڪن شوڪٽ

ڪٿي جبل ڪٿي جاڙيون ڪٿي چُرون ڪٿي چاڙهيون،

ڪٿي واٽون ڏين وَٽ

ڪٿي ڏونگر ڪٿي ڏاڪا، ڪٿي جهوري ڪٿي جهانڪا،

ڪٿي ارڙيون ڪن اُلَٽ

ڪٿي بَدُو ڪٿي باندر، ڪٿي سيڙهيون ڪٿي سانڀر،

ڪٿي چيتا ڪن چيِهَٽ

ڪٿي پٿر ڪٿي پوٺا، ڪٿي آري ڪٿي اوٺا،

ڪٿي پيڻيون گهمن پٽ

ڪٿي مهري ڪٿي موٽا، ڪٿي لڪيون ڪٿي لوڏا،

ڪٿي گينور ڪن گهوگهٽ

ڪٿي پدم ڪٿي پٽيون، ڪٿي ساجن ڪٿي سٽيون،

ڪٿي ڦڦڙن پيا ڦٽ

ڪٿي جوڀن، ڪٿي جواڻي، ڪٿي سور ڪٿي ساڻي،

ڪٿي ڪندي وئي ڪُوڪٽ

ڪٿي خيال ڪٿي خواب، ڪٿي اکيون ڪٿي آب،

ڪٿي نينهن وڄايا نَٽ

ڪٿي روئي ڪٿي رڙي، ڪٿي چاڙهيون ڪٿي چڙهي،

ڪٿي ڀڃي ڀور ڀُرٽ

ڪٿي ڪيهر ڪٿي ڪيٽا، ڪٿي چُرون ڪٿي چيٽا،

ڪٿي روجهون ڪن ريهٽ

ڪٿي ٽَڪر ڪٿي ٽُلي، ڪٿي راهون ڪٿي رُلي،

ڪٿي واگها ڪن واڄٽ

ڪٿي ڊڪي ڪٿي ڊوڙي، ڪٿي لکيو ڪٿي لوڙي،

ڪٿي ٻاڪاري ٻُوٻَٽ

ڪٿي ”لعلڻ“ ڪٿي ليهون، ڪٿي ڪيچ ڪٿي ڪيهون،

ڪٿي لوڙهه اچي تون لَٽ

جَت گهيڙ ٻُجهي نا گهٽ، اُت اُماڻي هوت هٿن سان.

17- ٻانڀڻ کي ٻروچ جا، اچي سرسا لڳا سُور
ڇني ڇڏيائون چپرين، اِهو ڪيچين ڪيو ڪلور
نشو ڏيئي ننڊ ۾، ڪيائون مستيءَ ۾ مخمور
ڪَل نه ڏنائون ڪيچيءَ جي، سو مون کي ڪو مذڪور
ڇني سڱ سسئيءَ کان، هُو ويا سي وهلور
ڪين ڪڍيائون ڪامڻ سان، ڪا ٻيائيءَ جي ٻاٻُور
گهاٽا جبل گهيڙ ڏکيا، ٻيا گهايو وڃن گهور
هڪڙي آتش عشق جي، ٻيو چاڪن ڪيس چُور
لحظي ۾، لعلڻ چئي، سي پليو اچن پور
ڏوريندن کان ڏور، ڪو ڪيچي ٿيندو ڪونڪو.

 

18- ڪيچ ڌڻي تنهن ڪامڻ جي. من ساجن لهي سار
روئندي وڃي رت ڦڙا، سا نيڻ ٽمايو نار
پِٽي مُنهن پنهنجو هلي سا ورنھ کولي وار
ڀري ٻُڪ، ٻروچ چئي، ڇتن وجهي ڇار
ڪانه ٻڌيسون ڪامڻ جي، ڪا ڪُٺل جي ڪوڪار
پڇندي وڃي پٿر کان، ٻيو چارن کان چؤڌار
هتان هوت لنگهي ويا، ڪا ڪيچين جي قطار
ڏونگر ڏس مٺيءَ کي، تون بودن سندا بار
پٿر ڄام پنهل جا، سي پَڪا ڏي تون پار
رويو رڻ پٽن ۾، سا ٿي لڪن ۾ لاچار
اچي ڏٺائين اوچتو، سو بدون هو بيڪار
وڪوڙي ويچاريءَ کي، ويو ٻُساٽي ٻڪرار
نڪا واهه وڃڻ جي، نه وٿي ڏئي ٿو وار
ڪيائين عرض الله کي، منهنجي سگهو سڻ ستار
بچاءِ هن بَدُوءَ کان، تون ڏيھ ڌڻي ڏاتار
قادر وٽ قبول پئي، سا ٻانڀڻ جي ٻاڪار
ڦاٽي ڌرتي ڦاڪون ٿي، اچي ڀيڙو ٿيس ڀتار
سسئي سرڪي سيگهه ۾، ويئي پيهي منجهه پاتار
پاند چُني چمڪار، سو پرزو رهيو پَٽ ۾.

 

19- آءٌ نه پهتي پرين کي، تون ٿو لهين سج
نياپو هن نياڻيءَ جو، وڃي ڏيهه انهيءَ ۾ ڏج
سڌ ٻڌاءِ وڃي سور جي، هن سسئي جي سورج
آءٌ ٿَڪي جا ٿَر ۾، تون قرب ڪوهيارا ڪج
هاڻ وڃان ٿي هيڪلي، تون ساڻي ساجن ٿج
رائي رڻ جبل ۾، تون گولي ساڻ گڏج
ساڻي ٿي سڪرات ۾، ٻي وٿي مور نه وجهه
مڙدو هن مسڪين جو، تون ”لعلڻ“ پاڻ لٽج
آءٌ تنهنجي آسري، سا کوٽي مان خارج
گولي گنهگار جون، هي مَديون تون ميٽج
مَديون مِير مُٺيءَ جون، تون ڇوري ڇڏائج
پنهل پاسي پانهنجي، تون ”لعلڻ“ لڪائج
اوجن عشق اندر کي، ٿو نينهن ڪرائي نج
اها خبر خان پنهل کي، ڪانگل وڃي ڪج
ڪڏهن آيو ڪونڪو، هت ٻانڀڻ سندو ٻج
مون نماڻيءَ کي نصيب ٿيو، هاڙهي سندو حج
مُرسل تون موٽج، آهيان تنهنجي آسري.

 

20- اها خبر خان پنهل کي، وڃي ڪانگل ڪئي ڪڙهي
هُت بيراڳڻ قبر ۾، سا سسئي ويئي سڙي
بَدو هن بِهاري ڇڏيو، وڃي اوچتي اڙي
پهتي ڪانه پنڌن ۾، هئي هن کي جيءَ جَڙي
نياپو تنهن نماڻيءَ جو، ڏنو ڪانگي چوٽ چڙهي،
هوءَ ته سوگهي ٿي وئي سير ۾، آهي قبر منجهه ڪڙهي
جلد جنازو جڏيءَ جو، وڃ پنهل پاڻ پڙهي
لحظي ۾، لعلڻ چئي، پيا ڳوڙها ڳل ڳڙي
ڌَچر ڌُم ڌڙي، هئي ٻانڀڻ کي ٻروچ جي.

 

21- اها خبر خان پنهونءَ کي، وڃي پَلڪ ۾ پيئي
ته ڪيچ نه پهتي ڪامڻي، سا وڃڻ لئي ويئي
روئڻ رَس رهاڻيون، سي ٽول ويا ٽيئي
ٻانڀڻ جي ٻروچ کي، هئي اُڻ تڻ اڳيئي
هليو پاس پهاڙ جي، سو ڀَر ڀِٽن ڏيئي
”لعلڻ“ ٻولي لڪيون، آيو آري اُتيئي
ڏٺائين کَرڪ کٽياڻي جي، هئي جاڳهه جتيئي
کنيائين هٿ حبيب ڏي، سو ٻانڀڻ لاءِ ٻيئي
قادر وٽ قبول پيئي، وڃي ثنا سگهيئي
ڦاٽي ڌرتي ڦاڪون ٿي، تڏهن پنهل ويو پيهي
سُرها سانگ سسئي جا، ٿيا ساجن سڀيئي
لحظي ۾ ٿو لعلڻ چئي، وڃي محب مليا ٻيئي
جڏهن آيس اَجهي ئي، تڏهن لٿا غم غريب جا.

ـــــــ


*  هيءَ روايت خود ساعر جي زباني قلمبند ڪئي ويئي. لعلڻ ولد علي بخش ولد جيئندو خان، پاڙو سنجراڻي لغاري، ويٺل ڳوٺ گل محمد لغاري (لڳ اسٽيشن سرهاري) تعلقو شهدادپور، هڪ سگهڙ شاعر آهي. اندازاً 1895ع ڌاري ڄائو. لعلڻ خان جي شعر جو وڏو حصو سرائڪي ۾ آهي، جو حمل فقير جي تتبع تي، پر نهايت سهڻي نموني ۾ چيو اٿس. يوسف زليخا ۽ هير جا قصا پڻ ٺاهيا اٿس. هنر، ڏور ۽ ڳجهارتن جي فن جو وڏو ڄاڻو ۽ ڳوٺاڻين ڪچهرين جو مور آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36 37
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org