پردو چوٿون
ديوانخانو
[فلڪ جاه ۽ گل اندام وچ ۾ ٺاهه ٺوهه سان
ويٺا آهن. عالمسوز ۽ سفير جاه سڄي پاسي ويٺا آهن.
کٻي پاسي همايون ويٺو آهي. اڳيان ميز تي گلدستن جو
ٿالهه ۽ گلابداني رکي آهي. ڳائڻ واريون نچن ۽
ڳائين ٿيون.]
(1) اڄ اسان جي ڪامگاريءَ جي سواري آئي،
آئي امنگ باري، باري، پياري پياري آئي،
سڄي شهر، اندر ٻهر ۾، عيش عشرت آهي آئي-
آهي ساري آئي – اڄ ....
شادماني، ڪامراني، ٻيئي دلبر يار،
قسمت ياري، رکي جاري، پياري پياري،
الهه ملائي – اڄ.....
[ڳائڻ واريون ڪنڌ جهڪائي نڪري وڃن ٿيون.]
فلڪ جاه:
گل اندام، ادي هڪڙو ڳوٺ تازو خريد ڪيو هو، جنهن جو
نالو ”فيروزآباد“ رکيو هئائين، پر هاڻ جڏهن فيروز
جو انهيءَ سان ڪوبه واسطو نه رهيو، تڏهن اڄوڪي
جلسي ۾ جي انهيءَ جو نالو بدلائي ”همايون آباد“
رکجي ته بهتر ٿيندو.
گل اندام:
بيشڪ، ائين ٿيڻ گهرجي، انهيءَ ۾ پڇڻ جو ڪهڙو ضرور؟
همايون:
(انڪار ڪري ٿو) مهرباني ڪري منهنجو نالو انهيءَ تي
نه رکو، انهيءَ تي مهنجو ڪوبه حق ڪونهي- پهرين حق
چاچي جو هو، انهيءَ کانپوءِ سندس پٽن جي مال تي
طمع ڪرڻ ۽ پرائي حق غصب ڪرڻ ڪري خدا جو غصب نازل
ٿيندو. انهيءَ کي ويجهو ناهيان.
فلڪ جاه:
هنن جو حق عدالت ناثابت ڪيو آهي، ۽ اسان کي ڏياريو
آهي، تون به اسان ۾ داخل آهين.
گل اندام:
*
اهڙي هلڪي سمجهه تو ڪيئن ڌاري
ڙي،
تنهنجي، سڀاڳا، خدا ڪا مت ماري ڙي- اهڙي…
اهڙي عقل سان، رهندين ڪيئن ڪُل سان،
تنهنجي نرالي چال آهي نياري، ڙي- اهڙي…
امير خلقيا خدا حڪم هت هلائڻ لاءِ،
ڪرڻ ته عيش ، رهڻ خوش ۽ سک پائڻ لاءِ،
غريب پيدا ٿيا پڻ عذاب کائڻ لاءِ،
جڳائي صبر تنهين کي ٽُڪر ڪمائڻ لاءِ.
همايون
امان، تون به ٻارن ٻچن واري آهين: هن ٻارن ٻچن
واريءَ بيوهه زال کي نه ستايو، هن کي پنهنجي گهر
ڪوٺايو ۽ پنهنجي خاندان ۾ کڻي گڏايو:
اڄ هن جي ٻچن کي نه ملي ٿو ان داڻو،
۽ پيٽ ڀري ڪين ٿا کائين اهي داڻو،
ڪپڙو ٿا ڍڪن، هاءِ، سي ويچارا پراڻو،
۽ ڪونهي غريبن کي رهڻ لاءِ ٽڪاڻو:
هو ناز جا پاليل، نه ڪڍو پنهنجي سي گهر کان،
ويندا مري ويچارا سي سرديءَ جي اثر کان!
گل اندام:
(رڙ ڪري) بس، ڇوڪرا، بس، اهڙي بڪ نه ڪر، تون
ڀانئين ٿو ته مون کي قياس ئي ڪونه ٿو پوي: خبر نه
اَٿئي ته انهيءَ ڏينهن منهنجي مينا مري ويئي هئي،
ته مون ڪيترو نه رنو هو!
همايون: امان، مينا تي قياس پيو هُئئي،
ڏيرياڻيءَ جي ٻارن تي رحم
ڪونه
ٿو اچيئي!
گل اندام: ڇوڪرا، چئين ڇا ٿو؟ هڪڙيءَ ڪمينيءَ
رن کي ٿو منهنجي ڏيرياڻي ڪرين –
شرم
نٿو اچيئي!
سفير
جنگ: ابا، ماءُ –
پيءُ جو ادب ڪجي، هنن جي مرضي رکڻ گهرجي.
همايون: ماما اها سندن مرضي آءُ ڪڏهن نه
رکندس. غريبن يتيمن سان ڀلائي ڪرڻ، آءُ پنهنجو
پهريون فرض ڄاڻندس!(فلڪ
جاه کي)
بابا،
چاچي ويچاري تمام بيمار آهي –
آءُ
ڏسندو آيو آهيانس. ڀلائي ڪري، هلي هن کي پڇو، ۽ هن
جي دوا درمل جو بندوبست ڪريو.
فلڪ
جاه: جنهن منهنجو چيو نه ڪيو، منهنجو مقرر
ڪيل ماهيانو حرام سمجهيو، تنهن سان منهنجو ڪڙو ڪم
آهي، خسيس ماڻهن جي گهر ۾ وڃڻ، اميرن جي لاءِ وڏو
شرم آهي!
همايون:
(ڳائي
ٿو)
*”اهڙي
اميري وزيري، آهي ڇا؟- اهڙي .... وسي اچي جي گوهر
سيم زر- ڌن نه نه نه نه نه نه، ڊوڙن سڀ، پاڻ کي
پون ڪن نه نه نه نه نه نه نه –
اميري ........ جي بشر کي اپايئين ڏکن ۾، نظر بشر
نه اچي ڪو سکن ۾،
ڌار
پاڻيءَ جي آهه، جا ايندي وهي ويندي، خوش ٿيندي هر
ڪنهن سندي دلڙي جٿي ڪٿي –
اميري....
فلڪ
جاه: نه نه، آءُ
هنن جي خبر لهڻ ڪونه ويندس –
منهنجو موچڙو ٿو وڃي!
همايون: بابا، اوهان جي مرضي، ليڪن مون کي
ته وڃڻ جي موڪل ڏيو، مون کي پنهنجو فرض ادا ڪرڻ
لاءِ ڇڏيو.
(هليو
وڃي ٿو.)
فلڪ
جاه: هي ڇوڪرو ته ڏاڍو نادان ٿي پيو آهي،
جنهن جي فائدي جي لاءِ هيترو مٿ ٿو هڻان، سو
نالائق نافرمان ٿي پيو آهي!
عالمسوز:
جناب، اوهين ايترو خفو نه ڪريو.... هلو، هلي
ولائيتي شربت جو ڍڪ ڀريو!
فلڪ
جاه:
(اُٿي)
سفير
جنگ، ادا، وڃي ڇوڪر کي سمجهائي وٺي اچ، ڪنهن پاسي
هليو نه وڃي.
[فلڪ
جاه ۽ عالمسوز وڃن ٿا.]
سفير
جنگ: ڪو آهي؟
لطيفان:
(اندران)
ڪوئي
ڪونهي، فقط آءُ تنهنجي حق ٻڌي زال آهيان، جا
تنهنجي ظلم کان بيحال آهيان، ۽ تنهنجي تلاش ۾
سرگردان ۽ پائمال آهيان.
سفير
جنگ: ڪير،
لطيفان؟
لطيفان: هائو، لطيفان.
[ظاهر
ٿئي ٿي.]
سفير
جنگ: اڙي، تون حيات آهين!
لطيفان: حيات هونديس ته ڇا ٿيو، تون ته
بيرحم ۽ ڪم التفات آهين!
سفير
جنگ: مون ڀانيو ته تون مري وئينءَ! هيڏي ڪيئن
آئينءَ؟
لطيفان: يا تو سان گڏ رهڻ، يا
توکان دغا جو وير وٺڻ!
سفير
جنگ: هيستائين توکي ڪير وٺي آيو؟
لطيفان: اڪرام کي تو ستايو ، سو توکان
پنهنجو به بدلو وٺڻ آيو، ۽ مون کي به وٺي آيو.
سفير
جنگ:
(مغروريءَ
مان)
هو ڇا مون کان بدلو وٺندو!
لطيفان: جنهن کي تو خوار خراب ڪيو، سو ڪيئن
تو تان گُسندو؟
سفير
جنگ: لطيفان، پهرين تو
مون کي اهڙو موهي وڌو هو، جو اڪرام کان تنهنجي جند
ڇڏايم، ۽ زر جي زور سان توکي پنهنجي نڪاح ۾
ڦاسايم، پر جڏهن تو ڌيءَ ڄڻي وڌي، تڏهن ڏاڍو
پڇتايم، ۽ استنبول ڇڏي بغداد ۾ رهڻ جو دل ۾ خيال
آيم، ڇالاءِ جو تون مالهڻ آهين، ۽ آءُ نوابزادو!
لطيفان: آهيان
مالهڻ آءُ اها،
جا
ٿي رکيئه گل وانگي،
ساهه
جنهن گل تي ڏنئه، هاءِ ٿي بلبل وانگي،
پيچ کاڌءِ ٿي منهنجي عشق ۾ سنبل وانگي،
ٿي جلئين سوز ۾ منهنجي به تون جرڦل وانگي،
اڳي هر وقت ڳچيءَ تنهنجي جو ٿي هار ٿيس،
هاڻ تان هار گلن جي مان ڦري خار ٿيس،
سفير
جنگ: سچ آهي، مگر جواني ديواني هئي، اها منهنجي
ناداني هئي.
لطيفان: لعنت آهي انهيءَ نواب ۽ امير تي،
جو هڪڙي غريب جي ڌيءَ کي ٺڳاري، پنهنجي دام ۾
ڦاسائي، ۽ پوءِ دغا ڏيئي پاڻ ڀڄي وڃي، ۽ هن کي
رندن ۾ رلائي!
سفير
جنگ: آءُ پنهنجي عزت ۽ جاهه جو خيال رکان،
ڪنهن
ڪميڻيءَ جي چاهه جو؟
لطيفان:
تون
پنهنجي گناهه جو ڌيان رک، ۽ قول قسم جي نباهه جو!
سفيرجنگ:
هاڻي
خدا
جي واسطي منهنجي جند ڇڏ، وڃ هلي، منهنجي جهان ۾
خواري نه ڪر!
لطيفان: وڃان ڪيڏي؟ هاڻ ته اڪرام جي گهران
پنهنجيءَ ڌيئڙيءَ ”دل افروز“ کي به وٺي اينديس، ۽
جيسين جيئنديس، تيسين تنهنجو گهر نه ڇڏينديس!
سفير
جنگ: لطيفان، ڏاهي ٿي. آءُ اوهان ٻنهي جي پرورش
پيو ڪندس، مگر پاڻ سان گڏ نه رکنديس.
(کيسي
مان سوني مهر ڪڍي)
هان، هينئر هي وٺ، ٻيو جهجهوئي پوءِ ڏيندس.
[هلڻ
جي ڪري ٿو.]
لطيفان:
(چڙي)
کڏ ۾
پوي اهڙو پيسو!
(هن
جي دامن وٺي ٿي)
ڪيڏي
هليو آهين.... آءُ توکي
نه ڇڏينديس!
سفير
جنگ:
(ڪاوڙجي)
ڪري
ڇا ٿي رن!
[
لطيفان کي ڳچيءَ کان وٺي گوگهو ڏئي ٿو، ۽ لتون ۽
ڌڪ هڻي ٿو. هوءَ ڪري مري پوي ٿي. سفير جنگ خوف ۾
هيڏي هوڏي نهاري ٿو. اڪرام جو لڪو بيٺو آهي، سو
نڪري ظاهر ٿئي ٿو. ٻئي ماٺ ۾ هڪ ٻئي کي ڏسن ٿا.]
[پردو
ڪري ٿو.]
پردو پنجون
نسترن جو گهر
[”نسترن“،
پنهنجي سالگرهه جي خوشيءَ ۾ عمدا ڪپڙا ڍڪي، اشرف
جي انتظار ۾ ويٺي آهي، ۽ ڳائي ٿي.]
*نسترن:
هاءِ، منهنجو پيارو اڃا تائين نه آيو!
انهيءَ کي ڪنهن ڦسلايو، لالچايو،
پرڀايو-
منهنجو......
آءُ
هتي پئي ٿي لڇان، هن کي خبر
ڪجهه
به
نه آهه،
آه
زاريءَ ۽ عجب منهنجي اثر ڪجهه به نه آهه،
درد دل منهنجي
جي
سڏ
هن کي مگر ڪجهه به نه آهه،
حال
منهنجي تي ڪڏهن هن جي نظر ڪجهه به نه آهه،
وري ڪنهن سان هن نينهڙو لڳايو؟
منهنجو جيئڙو ڪومايو، ترسايو، شرمايو –
منهنجو .......
[اشرف
اچي ٿو. نسترن
کي
فڪرمند ڏسي، ماٺ ڪري بيهي رهي ٿو.]
نسترن:
(اڱرين
تي حساب ڪري)
جمعو
جمعو اٺ، ڇنڇر نوَ، آچر ڏهه، - ڏهن ڏينهن کان پوءِ
ميان اشرف خان اڄ صبح جو آيو،.....
پر وري جو ٽٻي هنئي اٿس، سو اڃا پيدا ناهي! مرد
بيدرد آهن. ويچارين زالن بيحالن کي سدائين
پيا ستائين!
[اشرف
پٺيان آهستي اچي چوي ٿو]
اشرف:
پياري!
(اشرف
کي ڏسي، نسترن ٽپ ڏيئي اٿي ٿي، ۽ ڪاوڙ ۾ منهن ٻئي
پاسي ڪري ٿي.. اشرف وري اُنهي پاسي اچي ٿو، ته
هوءَ وري منهن ٻئي پاسي ڦيرائي ٿي]...
جيءَ
جي جياري!
نسترن:
[شوخيءَ
مان]
ٺهيو، ٺهيو، - مون
وٽ نه آءُ، وڃي ٻاهر جي هوا
کاءُ!
اشرف:
(پنهنجي
منهن)
مار، باهه ته دکي آهي! (نسترن
کي)
ڇو، ٻيو ته خير آهي؟
نسترن:
(چڙ
مان)
ويندين، يا سڙيءَ کي وڌيڪ ساڙيندين!
اشرف:
(پنهنجي
منهن)
هاڻ تئو تتو آهي!
[نسترن
کي]
پر ٻڌاءِ ته سهي....
نسترن: آءُ چوائين ٿي –
وڃ، متان آءُ ڪي سچ پچ چئي ويهان!
اشرف:
(پنهنجي
منهن)
هاڻ ماني سوڪ ٿي ٿئي!
(نسترن
کي)
پياري، هاڻ ڇڏ، ڪو ڀاڪر ته پاءِ!
(هٿ
لائيس ٿو. هوءِ هٿ اڇليس ٿي.)
نسترن: متان مون کي هٿ لاتو اٿئي- هٿ لائيندين، ته
چگائي نه ٿيندءِ!
اشرف:
(پنهنجي
منهن)
هاڻ ماني ٿي سڙي!
(نسترن
کي)
اڄ ٻارهن ماهي ڏينهن کلجي ۽ ملجي، يا ڪاوڙ مان
بڦلجي؟
نسترن: ٻارهن ماهي ڏينهن به جي ههڙي جٺ ٿيندي، ته
نڀاڳيءَ ندرويءَ کي کل ڪٿان ايندي!
[اکيون
ملي، روئي ٿي.]
اشرف:
(ڳچيءَ
۾ ٻانهن وجهي)
نه رؤءِ، نسترن، نه رؤءِ....آ، اچي ڀاڪر پاءِ!
نسترن: جن سان رات ڏينهن کلين ۽ کائين، تن
کي ڇو نٿو وڃي ڀاڪر پائين؟
اشرف: مڙسن کي هزارين فڪر ۽ ڪم ڪار آهن، هو اچڻ
وڃڻ لاءِ هميشه مختيار آهن.
نسترن: مڙس ٺڳ ۽ مڪار آهن، هميشه زبردست ۽ ستمگار
آهن!
اشرف: اسين مڪار ۽ ستمگار! واه ڙي واه!
نسترن: مڙسن جي ڪهڙي عادت –
ٿوريءَ ڳالهه تي چڙيو پون.
اشرف: زالن جي ڪهڙي عادت- جهٽ ۾ رويو ڏين!
نسترن: گهر ۾ زال نه هجي ته ماني ڪيئن
پچي؟
اشرف: مڙس ٻاهر نه وڃي، ته ان ڪٿان اچي؟
نسترن: زال جنڊ نه پيهي، ته اٽو ڪيئن ٺهي؟
اشرف: مڙس ان نه آڻي، ته جنڊ ڪيئن وهي؟
نسترن: عورت هجي نه جڳ ۾ ته بدحال هوءِ
مرد،
ري جسم جان، مالڪ ري ملڪ آهي فرد
ري حسن رنگ عشق جو آهي زدو ۽ زرد:
جيئن
سج جي توَ بنا رهي سارو جهان سرد،
عورت
جي مرد کي نه هجي ها نوشت ۾،
آدم
به بيقرار هجي ها بهشت ۾!
اشرف: مون کي به
تو
بنا
نه گهڙي هڪ قرار آهي، اي گل، جي تون هجين نه، ته
هستي به خار آهي!
[ڀاڪر
وجهيس ٿو.]
نسترن:
هان، هان، صبح جو ڀُلو، سانجهيءَ جو ڀاڻ آيو!
اشرف: جو ڀُلي ڀُلي ڀاڻ آيو، سو به نه
ڀُلو!
نسترن: چگو، ٺهيو، هاڻ ٻڌاءِ ته ڪيڏي ويو
هئين؟
اشرف: نئينءَ سڙڪ تي.
نسترن: ڪنهن جي گهر؟
اشرف: موتيءَ جي.
نسترن:
(شڪ ۾)
موتيءَ جي؟ اُها وري ڪير آهي، جا منهنجي ٿي پهاڄ
بنجي!
اشرف: اڙي شُڪڻ! زال ناهي- موتي چند
جواهري!
نسترن: ”موتي چند“.... ”موتي جان“ چؤ –
مون کي سڀ خبر آهي!
[روئي
ٿي.]
اشرف:
(کلي
ٿو)
توبهه
توبهه، رڳو بهانا پيئي ڳولين، ڇڏ معاملو.
نسترن: اڃا رڳو مڱڻو ٿيو آهي، ته هي حال آهي،
شاديءَ ٿئي کانپوءِ ته الاجي مون سان ڪهڙيون جٺيون
ٿينديون.
اشرف:
(پيار
ڏيئي)
هاڻي تنهنجو دلدار جان نثار آهيان، پوءِ تنهنجو
غمخوار غمگسار رهندس - تنهن جي هيءَ نشاني! (کيسي
مان سون جي ڪٺمال ڪڍي ڏيکاريس ٿو.)
نسترن: سون جي ڪٺمال!
اشرف: هائو، تنهنجي سالگرهه جي سوکڙي.
نسترن:
(کلي)
منهنجي لاءِ؟
اشرف: هائو، تنهنجي لاءِ،
(ڪٺمال
ڏئيس ٿو.)
نسترن: واه واه، منهنجي جان، آءُ توتي قربان!
اشرف: هائو، هينئر ”جان“ ۽ ”قربان“!
نسترن: خير، جيڪي ٿيو سو گذريو، هاڻي ڪا شاديءَ جي
تياري ڪر.
اشرف: پنهنجي شادي ڪتخدائي تڏهن ٿيندي، جڏهن نواب
جوان بخت جي ٻارن جي ڪم جي
صفائي
ٿيندي-
(ڳائي
ٿو)
*
اڄ ته گلشن ۾ جوڀن به آيو آهي.
گلشن جو جوڀن آهه، تنهنجو پڻ درسن آهي،
تن
من ۾ ڇايو آهي –
اڄ.......
تون
آهين منهنجي جان پياري، ساري،
ڪئُاري
نار، هان؟ ارر- هان......
شان
واري، مان واري، ناز ڀري پياري، نيڻن ڪٽاري،
رخ تي ڀي روغن
آهه،
چهرو ڀي روشن آهه
چشمن چمڪايو آهي –
اڄ............
(ٻئي
وڃن ٿا)
(پردو
ڪري ٿو.)
پردو ڇهون
هڪڙي غريباڻي جاءِ
[شهناز
هڪڙي کٽولي تي بيمار پيئي آهي. فيروز پاسي ۾ ويٺو
اٿس. جاءِ ۾ ڀڳو ٽُٽو سامان پيل نظر اچي ٿو.]
فيروز:
[ماءُ
کي]
سر
تي اچن جي سور، امان،
سي
وڃج سهي،
هر حال ۾ تون شڪر ڪجئين صبر ۾ رهي،
ڏک سک به
ويندا گذري ۽ رهندا نه هو نه هي،
پاڻيءَ جان هڪڙي ڏينهن سي ويندا سڀئي وهي:
ڏسجي
ٿو رنج جت سائي راحت جي جاءِ آهه،
دنيا اصل کان ، ماءُ، دورنگي سراءِ آهه،
(جواهر
خان لنگهي اچي ٿو.)
جواهر
خان: فيروز، گهر
جو
ڀاڙو ڏيندين ڪي اڄ به جواب ڏيندين؟
شهناز:
ادا ٻه ٽي ڏينهن صبر ڪر، اسان جي حال تي قياس ڪر.
جواهر
خان: بيبي، قياس ڪرڻ سان پيٽ نٿو ڀرجي، ڪي ته
ڏياريو: اڄ آءُ ناهيان پنهنجي حال ۾، - آيو ڪي
خيال ۾؟
[اتي
عالمسوز هڪڙي سپاهي سان اچي ٿو، تنهن کي ڏسي]
اچو، سائين.
[هن
کي جهڪي سلام ڪري ٿو]
عالمسوز:
خير هجي.
جواهر
خان: ڀلي آيو، ويهو.
[جاءِ
ڏيکاريس ٿو، کيسي مان ناس جي دٻلي ڪڍي ڏئيس ٿو.]
ناس ڏيو ته پوءِ پئون قيل مقال ۾، - آيو ڪي خيال
۾؟
عالمسوز:
[دٻلي
وٺي ٿو]
جواهر
خان، اوهين ڪيئن هتي آيؤ؟
جواهر
خان: جاءِ جو ڀاڙو وٺڻ،
چار مهينا ٿي ويا آهن، هڪڙو پيسو نٿو ملي؟ اچي ڪم
پي آهي ڪنگال ۾،-
عالمسوز:
بس ير،
جي
هي ماءُ، پٽ کڻي ڳالهه مڃن،
ته
جيڪر عمر تائين پيا مزا ڪن.
فيروز:
(چڙ
مان) پگهار
وٺي پنهنجي آبرو وڃايون ۽ ماءُ کي سريت ثابت
ڪرايون!
عالمسوز:
ثابت ڪرائڻ ۾ باقي ڇا بچيو آهي،عدالت ۾ ته فيصلو
ٿي ويو آهي.
جواهر
خان: (فيروز کي) ابا هاڻ سگهو ٿي، ڪرايو ڏي ته
وڃان. پنهنجو جيءُ نه وجهه جنجال ۾. آيو ڪي خيال
۾؟
فيروز:
(چڙ
مان)
خان
صاحب، جي اهڙو تڪڙو آهين، ته اسان جو هي سامان
اسباب کڻي وڃ.
جواهر
خان: هڙ ۾ هريڙون، بُت تي ليڙون، پوءِ به
نواب صاحب هيڏي جوش ۽ جلال ۾ !- آيو ڪي خيال ۾؟
عالمسوز:
دولت ويئي، راحت
ويئي، ته به هٺ ۽ وڏائي جي عادت نه ويئي!
فيروز:
دولت ويئي ته مر وڃي، پرواهه اسان کي ناهه،
راحت ويئي ته اُن جي تمنا اسان کي ناهه،
آفت ۾
پڻ خوشيءَ جي ڪمي ڪا اسان کي ناهه،
ايمان دين آهي،
جي
دنيا اسان کي ناهه،
نامرد ساهه ڏين ٿا مال حرام تي،
آهن
جي مرد، سي ٿا مرن ننگ نام تي!
عالمسوز:
چڱو، سائين، اوهين ننگ تي مرو، يا نام تي مرو،
اوهان جي خوشي، مگر نواب صاحب جي مرضي آهي ته انور
جي ٻانهن کڻي اسان کي ڏيو.
فيروز:
انور کي، پنهنجي ننڍڙيءَ ڀاءُ
کي،
- سو ڇو؟
عالمسوز:
نواب ۽ بيگم جو هن تي گهڻو پيار آهي.
فيروز:
جڏهن اسان جي مائٽيءَ کان عار آهي، ۽ اسان جي حق
کان انڪار آهي، تڏهن منهنجي ڀاءُ تي ڪهڙو تڪرار
آهي،- آخر هو به ته امان جو ٻار آهي!
عالمسوز:
اجايون ڳالهيون نه ڪريو، پيسا وٺو، ۽ انور ڏيو.
فيروز:
[ڪاوڙ
۾]
تنهنجو
نواب ڇا آهي، جي روءِ زمين جو شهنشاهه کڻي اچي ۽
قارون جو خزانو آڻي ڏئي، ته به ٿُڪ هڻي ڦٽو
ڪريانس!
جواهر
خان:
[عالمسوز
کي]
مار .... پيٽ خالي، دماغ عالي! هي ناهي پنهنجي حال
۾، - آيو ڪي خيال ۾؟
عالمسوز:
فيروز، سمجهه ڌار، ڳالهه مڃ.
[اشرف
اچي ٿو، ۽ سلام ڪري بيهي ٿو.]
جي
ڳالهه نه مڃيندؤ، ته مفت پاڻ کي تڪليف ڏيندؤ.
فيروز:
(چڙي)
بس، بس، (در
ڏيکاري)
هاڻ وڌيڪ مٿو نه کاءُ، هو در کليو پيو آهي، نڪري
وڃ!
عالمسوز:
(ڪاوڙ
۾)
چڱو جي آءُ ويندس
ته
توکي پاڻ سان گهليو ويندس. آڻ عدالت جي خرچ جا ٻه
سئو رپيا ڪڍ، جلدي ڪڍ، نه ته قيد ۾ وڃ!
[سپاهي
کي اشارو ڪري ٿو.]
شهناز:
(ڊپ
۾، کٽولي تي اُٿي)
نه ڙي نه، خدا جي واسطي اهڙو ظلم متان ڪريو، ٻه ٽي
ڏينهن مهلت ڏيو!
عالمسوز:
(سپاهيءَ
کي)
تون
پنهنجو فرض ادا ڪر.
سپاهي:
(فيروز
کي ٻانهن مان جهلي)
هيڏي هل، سائين.
اشرف:
(چڙ
مان)
ڪين
هلندو! ڪيترا رپيا آهن؟ آءُ ٿو ڏيان!
(کيسي
۾ هٿ وجهي، ٻن سون جون ٻه مهرون ڪڍي ٿو.)
عالمسوز:
(خفي
۾)
تون
ڪير آهن جو ٻين جي پاران ٿو پيسا ڀرين؟
اشرف: آءُ هڪڙو غريب نوڪر آهيان، ليڪن ڏک ويل ڪم
اچڻ وارو آهيان.
(سپاهيءَ
کي ٻه مهرون ڏئي ٿو. هو اهي چتائي ڏسي ٿو.)
جواهر
خان:
(اشرف
کي)
تڏهن
منهنجو پنجاهه به ڏي ته آءُ به
ٻڌان رومال ۾، - آيو ڪي خيال ۾؟
اشرف:
(ٻي
به سون جي مهر ڏئي
ٿو)
پنجاهه تون وٺ، باقي پنجاهه به ڀلي پاڻ وٽ رکي ڇڏ.
هي تنهنجيءَ جاءِ ۾ پيا رهندا، ڀاڙو آءُ پيو
ڏيندس.
جواهر
خان: آفرين تنهنجي وفاداريءَ تي،
آفرين!
بيشڪ تون زور آهين ايمان ۽ مال ۾،- آيو ڪي خيال ۾؟
فيروز:
(سپاهيءَ
کي) اهي مهرون مون کي ڏي
(سپاهي،
عالمسوز ڏي نهاري، هن جي اشاري تي مهرون ڏئي ٿو،
جي فيروز اشرف کي موٽائي ڏئي ٿو.)
هاڻ، سائين مون کي وٺي هل، جيڏي وڻيئي.
اشرف: ڇو، سائين، ڪهڙي سبب اوهان جو انڪار آهي، هن
مسڪين جي پيسي کان ڪهڙو عار آهي؟
فيروز:
ادا، آءُ قيد ويندس، جنڊ پيهيندس، مگر تنهنجي محنت
مزدوريءَ جا پيسا پنهنجي ڪم نه آڻيندس.
(جواهر
خان کي)
خان
صاحب، اوهين به موٽائي ڏيوس.
جواهر
خان: اڙي ميان، آئي لڇمي نه موٽائجي! ڇو ٿو شڪ
آڻين هن اشراف جي چال ۾، - آيو ڪي خيال ۾؟
فيروز:
نه نه، مون کي اهڙي لڇمي ڪانه گهرجي: آءُ تنهنجي
جُتي کڻندس، ڀري مزدوري ڪندس ۽ تنهنجو قرض ادا
ڪندس، پر ٻئي جا پيسا مفت وٺي نه ڏيندس.
[جواهر
خان اشرف کي مهر موٽائي ڏئي ٿو.]
عالمسوز:
(سپاهيءَ
کي)
چڱو
تڏهن هل ته هلي نواب صاحب
کي
سڄو حال ڏيون، پوءِ جيئن حڪم ڪيائين تئين ڪبو.
[ٻئي
وڃن ٿا.]
جواهر
خان: فيروز، توکي آفرين آهي، تحسين آهي! پر،
جي تو وٽ پيسو ڪونهي، ته هلي منهنجي ڪوٺيءَ تي ڪم
ڪار ڪر. رات ڏينهن رهه ڪوٺيءَ جي سنڀال ۾، - آيو
ڪي خيال ۾؟ آءُ توکي پگهار ڏيندس، انهيءَ مان جاءِ
جو
ڪرايو به پيو وصول ڪندس.
فيروز:
وڏي مهرباني، آءُ اچي ٿو حاضر ٿيان.
[جواهر
خان وڃي ٿو]
(اشرف
کي)
ادا،
تو ڏاڍي ڀلائي ڪئي، آءُ تنهنجو شڪر گذار آهيان.
اشرف: سائين جيڪي مون وٽ آهي سو اوهان جو ئي ڏنل
آهي، انهيءَ جي وٺڻ ۾ ڪهڙو حجاب هو؟
فيروز:
توکي شاباس
آهي،
نمڪ حلال ۽ ايماندار ماڻهو تو جهڙو ڪو ٿورو هوندو.
شهناز:
ادا اشرف، تو به اسان کان منهن مٽايو هو ڇا، جو
هيترن ڏينهن کان پوءِ اسان جي خبر لهڻ آئين؟
اشرف: بيبي، نااميد نه ٿيو، خدا تي ڀاڙيو، انشاءَ
الله تعالى
هڪڙي ڏينهن آءُ اوهان جو منهن اُجارو ڪندس، ۽ نڪاح
نامي جو پتو لهي، اوهانجن دشمنن جو منهن ڪارو
ڪندس!
شهناز:
[ويٺي
ويٺي، اوچتو ڪري پوي ٿي]
هاءِ، اوه....
[جلد
جلد ساهه کڻي ٿي.]
فيروز:
امان، امان ...... خير آهي ..... ڇا ٿيو! (ڏسين
ٿو)
اشرف:
[اُتي
ڏسي ٿو]
يا خدا، هي ڇا ٿو ٿئي!
[پردو
ڪري
ٿو]
پردو ستون
جواهر
خان
جي
جاءِ
[جواهر
خان نشي جي خنڪيءَ ۾ ويٺو آهي.]
[زماني
جي گردش تي افسوس ڪري ٿو، ۽ ڳائي ٿو.]
جواهر
خان:
*نه
ڄاڻان ڪهڙي خطا ٿي، جو روح کي مليو هي
فاني
بدن- نه ڄاڻان....
پيٽ پاپي آهي پورو جنڊال، پيو پٺيان هي ڪهڙو
جنجال،
ڪري
پورهيو هٿ پير ٿين ٿا ساڻان –
نه
ڄاڻان....
پيدا ٿين پا تڏهن بار بار، جڏهن تيار روئي زار،
زار،
ڪري
محنت ڪمائي ان داڻان –
نه ڄاڻان.......
ڪٿي
مري هر سال، ڪٿي قحط سندو ڪال،
ڪٿي
کيتي پامال –
ڪري
پورهيو.....
[فيروز
سلام ڪري بيهي ٿو.]
جواهر
خان: آءٌ فيروز، ڇو اڄ منهن ملول ٿو ڏسجيئي،
ٻيو ته خير
آهي؟
فيروز:
امان جي بيماريءَ جو رات ڏينهن فڪر رهي ٿو.
جواهر
خان: فيروز، ڪهڙي آهي باغ سو، جنهن کي خزاني
چئي نٿي، ڪهڙي مکڙي، جا ٽڙي ڪومائجي پوءِ پئي نٿي.
فيروز:
سچ آهي.
جواهر خان: بابا، دنيا ۾ صبر گهرجي.
سڀڪو ڪمال آهي زوال ۾، - آيو ڪي خيال ۾؟
فيروز: بيشڪ، سچ آهي. خان صاحب، مهرباني
ڪري اڳتي ٻن وقتن جي بدران مون کي هڪڙي ئي وقت جي
ماني ڏيندا وڃو، ۽ ڍڪڻ جي لاءِ پراڻو سراڻو ڪپڙو
ئي ڏيندا ڪريو، مگر امان جي به خبر گيري ڪندا رهو،
۽ ڪي پيسا اُن جي لاءِ به مون کي ڏيندا ڪريو.
جواهر خان: سڀڪي ٿيندو، آهستي آهستي
سڀڪي ٿيندو.
فيروز: وڏي مهرباني.
جواهر خان: (اُٿي ٿو) هاڻ آءٌ وڃي ماني
کائي ٿو اچان، تون ٻهاري سهاري ڏيئي جاءِ کي صفا
ڪري ويهه، ۽ جي ڪو ٻيو ماڻهو اچي ته انهيءَ کي
ويهار جيئن آءٌ اجهو ٿو اچان. نوڪر اهو، جو هميشه
هجي ڪم جي نيڪال ۾،- آيو ڪي خيال ۾ ؟ (هلندي
هلندي) منهنجي چلمچي به چڱي طرح مانڃي ڌوئي
رکجئين!
(جواهر خان وڃي ٿو. فيروز ٻهاري کڻي جاءِ
صفا ڪري ٿو، ۽ ڳائي ٿو.)
*واهه
خدايا، راهه ڏسين ڪا، ياري ڏي طالع منهنجا –
واهه....
(دوهرو)
ڏک اچي جڏهن جان تي، اچي چين قرار –
هڪڙي مياڻ ۾ ڪيئن سگهن رهي ٻه هٿيار؟
دردن ڪيا وارا، سينو ڪيئون پارا پارا،
ڪينهن ڪي چارا چارا، ڪيم گهڻا سعيا –
واه....
[اڪرام لنگهي اچي ٿو.]
اڪرام: ڪيئن، ميان، جواهر خان ڪٿي
آهي؟
فيروز: ماني کائڻ ويو آهي، اجهو ٿو
اچي، تون ويهه
اڪرام: ڀلي اچي، آءُ ترسان ٿو. [ويهي ٿو]
يار، ڪو حقو ته پيار
فيروز: حاضر، ججها حقا.
[فيروز وڃي ٿو.]
اڪرام: (حقي جي تعريف ۾ بيت پڙهي
ٿو.)
هر رنج ۽ الم ۾، راحت رسائي حقو،
نزلي ۽ قبض کان پڻ، نت ٿو ڇڏائي حقو
ڪاوڙ چڙهي ته اُن کي، هڪدم ڀڄائي حقو،
مانيءَ کان پوءِ وه واه، لذت وٺائي حقو،
خلوت ۾ خاص حقو ماڻهوءَ جو يار آهي،
مجلس جو مور، جنهن کان مجلس بهار آهي!
فيروز: (حقو کڻي آڻي ڏئيس ٿو) اجهو، سائين،
حقو.
[اڪرام حقو وٺي ڇڪڻ لڳي ٿو.]
اڪرام: هاڻ ويهه ته هڪڙي لاوڻي
ٻڌايانءِ. [ڳائي ٿو.]
*
عجب کيل آهه دنيا، جنهن ۾ چال
هميشه رنج جي آهه،
سچ پڇو ته دنيا داري هڪ بازي شطرنج جي آهه،
جو سامهون پنهنجي ويٺو آهي، سو ئي آهي خود دشمن
پنهنجو،
راهه ڏيکارڻ وارو ٿيو پوي ٿو هت رهزن
پنهنجو،
اڍائي گهر گهوڙو هلي جڏهن، ڀلجي ويو آسن پنهنجو
هاٿي پنهنجن هٿن سان ڏئي ٿو ٻڌائي تن
پنهنــجو:
شاهه ۽ پيادو، سڀ جي حالت دنيا ۾ شش- پنج جي
آهه – سچ پڇو......
فيروز: واه واه، ڪهڙو نه سچو خيال آهي، اصل
منهنجي حسب حال آهي!
اڪرام: تنهنجي حال تي بيشڪ افسوس ڪمال آهي
(هيڏي هوڏي ڏسي)، مون کي تنهنجو وڏو خيال آهي.
فيروز: ڪيئن، ادا، تون مون کي سڃاڻين ٿو
ڇا؟
اڪرام: واه سائين، آءُ تنهنجن ملائڪن کي به
سڃاڻان. جي تون منهنجو ٿيندين، ته گهڻو فائدو
پائيندين. آءُ تنهنجي ماءُ جو نڪاح نامو مٿو هڻي
به ڳولي ڪڍندس، ۽ پنهنجي پراڻي دشمن، سفير جنگ،
کان تنهنجي ئي معرفت وير به وٺندس.
فيروز: ڇو، هن توکي به ايذايو آهي ڪيئن؟
اڪرام: هائو، ڪن ڏينهن آءُ هڪڙيءَ مالهڻ
لطيفان نالي تي جان نثار هوس. هو نابڪار به ڄاڻي
ٻجهي هن جو طلبگار ٿيو، ۽ زر جي زور سان هن کي هت
آڻي، انهيءَ سان چوريءَ شادي ڪري ڪامگار ٿيو، جڏهن
هن کي ڌيءَ ڄائي، تڏهن منجهانئس اچي بيزار ٿيو،
آخر هن کي پاڻ وٽان ناحق هڪالي ڪڍڻ جو گهنگار ٿيو.
فيروز: افسوس.
ڪنهن کان دنيا ۾ نه ڪو آس ڪري ياريءَ جي،
ڪانهي اميد ڪنهين مان به وفادادريءَ جي!
اڪرام: پوءِ مون کي لطيفان تي رحم آيو، ۽ هن
کي وٺي پنهنجي گهر آڻي رهايم، مگر انهيءَ رحم ڪرڻ
ڪري پاڻ پنهنجي سر تي وڌيڪ سور وهايم.
فيروز: سو ڪيئن؟
اڪرام: نڀاگو سفير اچي بدظن ٿيو ۽
نئين سر اچي جاني دشمن ٿيو.
فيروز: پوءِ هن مائيءَ جو ڪهڙو حال ٿيو؟
اڪرام: پوءِ سگهوئي هن ويچاريءَ جو انتقال
ٿيو.
فيروز: اُها ڇوڪري ڪيئن ٿي؟
اڪرام: اُها مون وٽ رهي ٿي. آءُ انهيءَ کي
ڌيءَ وانگي سنڀاليان ٿو. [اُٿي ٿو] جواهر خان دير
ڪئي، هاڻ آءُ ته وڃان ٿو، في الحال منهنجو سلام
آهي، پر ياد رکج، منهنجو نالو اڪرام آهي.
فيروز: [جواهر خان کي ايندو ڏسي] اجهو، خان
صاحب به اچي ٿو.
اڪرام: (انهيءَ کي ڏسي) اوهو، ڀلي آيؤ.
[جواهر خان هڪڙو خط کنيو اچي.]
جواهر خان: ڪيئن، خير مان اچڻ ٿيو آهي؟
(اڪرام کيسي مان ڪوڙا سڪا ڪڍي ڏيکاريس ٿو.)
اڪرام: ڏسو ته هنن جو ڪهڙو اگهه آهي، مون وٽ
ويڪو آهن.
جواهر خان: (چتائي ڏسي) سڪا ته سچا آهن.
اڪرام: سچا ناهن ته ٻيو ڪوڙا آهن!
جواهر خان: پنجاهه جي هر هڪ مهر آهي.
اڪرام: برابر، جواهر کي مڙئي جواهري
پرکيندو تڏهن جي گهرجن، ته انهيءَ نموني جا ٻيا
سڪا به کڻي اچان؟
جواهر خان: اڄ سانجهيءَ جو، يا سڀاڻي
صبح جو کڻي اچجئين.
اڪرام: چڱو، سلام.
جواهر خان: سلام. (اڪرام وڃي ٿو، جواهر
خان فيروز کي خط ڏئي ٿو.) فيروز، ڏس ته هي خط
تنهنجو آهي ڪيئن، ڪو ڇوڪر دريءَ کان اُڇلائي ڏيئي
هليو ويو. [فيروز لفافو ڦاڙي خط پڙهي ٿو] ڪنهن جو
آهي. ڪٿان آيو آهي؟
فيروز: سائين، امان جو آهي. هن تي رحم ڪري،
مون کي ڪي پيسا ڏيو ته آءُ هن جو علاج وڃي ڪرايان،
هوءَ سخت بيمار آهي.
جواهر خان: اڃا چار ڏينهن مس ڪمايو
اٿئي، ته هينئر ئي پيسو درڪار آهي!
فيروز: ڀلا، تڏهن اُڌارو ڏيوم ته وڃي دوا
درمل ڪرايانس.
جواهر خان: اُڌارو ڏيڻ ناداني آهي،
انسان فاني آهي.
فيروز: (عاجزيءَ سان) ڀلا، من خدا جي واٽ ۾
ڪي ڏياريو!
جواهر خان: هاڻ وري پِن! تڏهن کڻ پيالو،
وڃي ٻاهر پن، جي لذت اچئي ٿي سوال ۾، - آيو ڪي
خيال ۾؟
فيروز: ڪر مون سان مروت تون ڪو الله جو رک شرم
لاچار ڏسي مون کي، نه ٿي ايترو تون گرم،
ڪر مون سان ڀلائي، ته خدا تنهنجو رکي ڀرم،
ٿي سخت نه پاهڻ جان، ذور دل کي به ڪر نرم،
تو جهڙو ڪنهين جو به جگر سرد نه هوندو،
تو وانگي ته دنيا ۾ ڪو بيدرد نه هوندو،
جواهر خان: (ڪاوڙ جي) تون ڙي ڪير آهين
جو مون سان سينو ٿو ساهين؟ نڪر مون وٽان، وڃي رهه
پنهنجي ڀاءُ سان، منهنجو نه تو سان ڪم آهي، نه
تنهنجيءَ ماءُ سان، وڃي پئو پاتال ۾، - آيو ڪي
خيال ۾!
[جواهر خان ڪاوڙ ۾ هليو وڃي ٿو.]
فيروز: (اڪيلو) هاءِ هاءِ ...... او سنگدل
بي قياس، ظالم بي هراس، ههڙي وقت اهڙي بيرحمي؟ جي
هي منهنجا هٿ پير نه هجن ها، ۽ آءُ منڊو ٽنڊو هجان
ها، ته چڱو هو: حيف آهي مون کي، جي انهن هوندي آءُ
جيجل ماءُ کي ڪم نه اچان! (ذور ماٺ ڪري) امان،
توکي ڇا کارايان، دوا ڪٿان آڻي پياريان! [هڪڙي
صندوقڙي رکيل ڏسي] هيءَ رپين جي صندوق آهي کڻي
وڃان، - وڃي في الحال وقت ٽپايان، ۽ ماءُ کي مرڻ
کان بچايان! (کڻي، هيڏي هوڏي ڏسي ٿو) پر، نه، ائين
ڪڏهن نه ڪندس، جيڪي سر تي اچي سو اچي، ليڪن چوري
مور نه ڪندس!
[جوش ۾ پيتي اڇلائي هليو وڃي ٿو.]
[پردو ڪري ٿو]
پردو اٺون
شهناز جي جاءِ
[شهناز کٽولي تي قريب المرگ پيئي آهي.
همايون حال بيٺو پڇيس.]
همايون: چاچي، ڪيئن ٿي ڀانئين؟ آءُ
همايون، نواب فلڪ جاه جو پٽ آهيان!
[شهناز اکيون پٽي هن ڏي ڏسي ٿي، ۽ اٽڪي اٽڪي
ضعيفائي سان ڳالهائي ٿي.]
شهناز: ٻچا، آءُ مران ٿي....... نيٺ تون
وارث ٿيندين...... بابا، منهنجن پٽڙن جي ڪا سنڀال
لهندين يا نه؟
همايون: چاچي، دل نه لاهه، خدا تي
رک، آءُ هنن تي ساهه صدقو ڪندس.
شهناز: [آڱر سان شابس ڏئيس ٿي] فيروز، انور،
ڪٿي؟ [ٿڌو ساهه کڻي] ملندا ڪي نه؟
همايون: چاچي، انور يتيم خاني ۾ آهي،
۽ فيروز نوڪريءَ تي آهي اجهي ٿا اچن، اشرف سڏڻ ويو
اٿن.
[شهناز کي موت جي هڏڪي اچي ٿي.]
شهناز: منهنجي دعا.... ٻچن کي..... ها! [دم
ڏئي ٿي.]
همايون: (خوف ۽ ڏک ۾) چاچي، ڪي
ڳالهاءِ ته سهي، [رڙ ڪري] اکيون ته پٽ! [دل ۽ نبض
تي هٿ رکي] هاءِ گهوڙا چاچي ويچاريءَ ته دم ڏنو –
هاءِ افسوس!
[ماٺ ڪري ويهي رهي ٿو. ٿورو ترسي چوي ٿو:]
محتاج هوءِ، غني هوءِ، فقير ۽ امير هوءِ،
يا بادشاهه ملڪ جو هوءِ يا وزير هوءِ،
مرسل هوءِ، ولي هوءِ، جوان هوءِ يا پير هوءِ،
نادان هوءِ، حقير هوءِ، دانا دبير هوءِ:
هڪ ڏينهن هٿان اجل جي به هر ڪو هلاڪ ٿئي،
جنهن خاڪ مان ٺهيو آهي، آخر سان خاڪ ٿئي.
[اتي اوچتو فلڪ جاه، هڪڙي نوڪر سان، اندر
اچي ٿو.]
فلڪ جاه: [لاش ڏي هٿ کڻي] هيءَ ڪنهن جي
طبيعت ناساز آهي؟
همايون: اها ڪم نصيب، چاچي شهناز
آهي.
فلڪ جاه: مري ويئي! ڪيئن مئي؟
همايون: ڏکن ۾ غرق هئي.
فلڪ جاه: ڪهڙي بيماري هئي؟
همايون: ظلم ۽ ستمگاري هئي، ڏينهن جو روڄ ۽
زاري هئي، ۽ رات جو بيداري هئي.
فلڪ جاه: [حقارت کان] بس، قسمت اهڙي
هيس، ڪنهن جو ڪو وس؟ سڀ کي مرڻو آهي، پوءِ لاءِ
ڪهڙو غم ڪرڻو آهي.
همايون: (ڏک ۾ روئي)
جنهن غريبن کي ٿي پهرايو ۽ لاتو تن کي راهه،
تنهن جي لاش کي ڍڪڻ جي لاءِ اڄ ڪپڙو نه آهه،
فلڪ جاه: نوڪر جي کٿي وٺي همايون کي
ڏئي، هان، هيءَ کٿي مٿان وجهي ڇڏينس.
همايون: (عجب ۾) کٿي! سائين، جنهن جي
مال مان اوهين شالون ڍڪيون، تنهن کي کٿي ڍڪايون!
(کٿي لاش جي مٿان ٿو وجهي)
فلڪ جاه: (چڙي) بي عقل، بي ادب!
همايون: سائين، مون هن ويچاريءَ سان
مرڻ مهل انجام ڪيو آهي ته آءُ سندس ٻنهي پٽن جي
مرڻ گهڙيءَ تائين سنڀال ڪندس.
[اتي فيروز خوف ۾ تڪڙو اچي ٿو. ماءُ جي لاش
ڏسي عجب ۾ پوي ٿو.]
فيروز: (همايون کي)، ڇا،امان مري ويئي؟ فلڪ
جاه کي] توهان جي روبرو، توهان جي ڏسندي!
فلڪ جاه: مون کي سندس بيماريءَ جي خبر
ئي ڪانه هئي، همايون جي پيغام تي آيس، اچي ڏٺم ته
ڪم اڳي ئي پورو ٿي ويو آهي.
[ فيروز اچي روئڻ ۾ پوي ٿو، ۽ ماءُ جي لاش
کي ڀاڪر وجهي دانهون ڪري ٿو-”هاءِ هاءِ“، ”الله“،
هي ڇا ٿيو.]
فيروز: [روئي]
اسان کي ڇڏي اڄ نه ٿي ڌار، امان،
پيارن پٽن جي تون لهه سار، امان!
ڳِري لائي ڇورن کي ڏي پيار، امان،
ٿا تو لاءِ نيڻين وهن نار، امان!
سهي ڪين سگهنداسين تنهنجي جدائي،
نظر تو بنا ناهي ساري خدائي
[همايون ڀاڪر پائي سمجهائيس ٿو.]
همايون: ادا، ڏاهو ٿي، دل کي
سنڀال.
فيروز: (روئي) هي، توڙ تائين سور سٺائين،
هلي وئي، ٻارن جو منهن به ڪين ڏٺائين، هلي وئي!
فلڪ جاه: تنهنجيءَ ايتريءَ ڏنگائيءَ
هوندي به جيڪر آءُ ضرور اچان ها، ۽ علاج دوا
ڪريان ها، پر افسوس جو تو خبر به نه ڏني!
فيروز: (روئي) خبر ڏيڻ اوهان جو حق هو، پر
اوهان جي اصل نيت ۾ فرق هو: جيئري پڇڻ به نه آيؤ
مُئي کانپوءِ تماشو ڏسڻ آيؤ!
فلڪ جاه: روئڻ مان ڪهڙو فائدو؟ هينئر
به سنئين راه تي اچ، ۽ منهنجي ڳالهه مڃ، ته ڪفن
دفن ۾ توسان شامل ٿيان، ۽ توکي چڱو ماهيانو ٻڌي
ڏيان.
فيروز: (چڙ ۾) ماهيانو- خيرات جو ٽڪر! [ڏند
پيهي] ٻُڌ بي انصاف بدنيت چاچا، جيتوڻيڪ عدالت جي
ڪوڙيءَ سپر توکي پناهه ڏني آهي، مگر ياد رکج ته
اسان جي حقداريءَ جو سچ نيٺ سج وانگي ظاهر ٿيندو-
پوءِ توکي اکيون کڻي نهارڻ به شرم ايندو! [جوش ۾
ڏڪي] اي ظالم، بيحيا، اڄ آءُ پنهنجي پياري ماءُ جي
لاش اڳيان جليءَ دل سان آه ٿو ڪريان، خدا کي سوال
ٿو ڪريان ته جيئن تو هن ويچاريءَ مظلوم بيڪس بيوهه
زال کي ۽ سندس يتيم ٻچن کي دربدر رلايو آهي، تيئن
تون به رلندين، ۽ اهو حرام جو ورثو ڇڏيو ويندين]
(دروازو ڏيکاري) هاڻ وڃ- جيسين اهو داد گر هن
بيداد جو داد ڪري، تيسين ڀلي وڃي موجون ماڻ.
فلڪ جاه: [همايون کي طعنو هڻي] ٻُڌءِ!
اسان هن سان ڪهڙي برائي ڪئي آهي؟ [نوڪر کي] وڃ،
ادي سفير جنگ کي سڏي اچ ته اچي ڪفن دفن جو بندوبست
ڪري.
[نوڪر وڃي ٿو.]
فيروز: (ڪاوڙ ۾) جيسين ڪو منهنجيءَ ماءُ کي
بابي جي نڪاح ٻڌل زال ڪري نه مڃيندو، تيسين آءُ
انهيءَ کي هٿ لائڻ نه ڏيندس!
فلڪ جاه: تڏهن هيءَ لاش بيگور بي ڪفن
پيئي هوندي؟
فيروز: آءُ در در تي ويندس، ڪوڏي ڪوڏي ڪري
پنندس، ۽ جنازو کڻندس!
[فلڪ جاه نڪري وڃي ٿو. همايون هٿ مان مُنڊي
لاهي فيروز کي ڏئي ٿو.]
همايون: ادا، ڀلائي ڪري هيءَ منڊي
وٺ، هيءَ وڪڻي جنازي جي کڻڻ جي تياري ڪراءِ.
[ اتي انور، اشرف سان گڏ اچي ٿو.]
اشرف: هاءِ ڙي هاءِ، آخر ويچاريءَ وصال ڪيو!
انور: [لاش ڏسي، حيرت ۾] [فيروز کي] ادا،
ڇا ٿيو آهي؟ (ماءُ کي هٿ لائي) امان اٿ دير ٿي
ويئي آهي!
فيروز: (روئي) ادا، امان ويچاري مري ويئي!
انور: (روئي) امان، جيجي، هاڻ ڪير مون کي
ڀاڪر وجهندو. ڪير منهن چمندو، ڪير مون کي جهوليءَ
۾ وهائيندو. هاءِ ڙي، گهوڙا ڙي مون کي جهوليءَ ۾
وهاريندو؟ هاءِ ڙي، گهوڙا ڙي، (مٿو جهلي)....
منهنجو مٿو ٿو ڦري، منهنجو هنيانءُ ٿو ڊهي!
[ڪري ٿو، همايون ٻانهن ۾ جهلي وٺي ٿو.]
همايون: انور! انور!
[فيروز ڀاءُ کي بيهوش ڏسي ڊڄي ٿو]
فيروز: انور! او انور! ادا، توکي ڇا ٿيو؟
[مٿو پٽي بس، ادو به ٿو وڃي! هاءِ ڙي، آءُ
پي.......
[غش ٿي ڪري ٿو، اشرف جهلي وٺيس ٿو.]
[پردو ڪري ٿو.]
*****
|