پردو ٽيون
جهنگل
(انٽر ٽمبڪٽو)
زباني
ٽمبڪٽو: بلا چٽ، چٽا چٽ، صفا چٽ هي به چٽ، هو به
چٽ، صفا چٽ، يعني چٽ، بس نفرت-نفرت اصل نفرت-نقل
نفرت-مطلب نفرت-اغيره نفرت، وغيره نفرت-اگر
نفرت-مگر نفرت، مطلب نفرت، يعني ڪنتري عورت کان
بلڪل نفرت!
واه واه، سبحان الله، اسان جو والد بزرگ گوار (خدا
غريق رحمت ڪريس) اسان کي هميشه نصيحت ڪندو هو،
جيڪڏهن ايمانداريءَ سان ڪم ڪندو ته بک مرندو.
مفلسي هر وقت هٿ ٻڌي اڳيان حاضر رهندو، بي عزتيءَ
جو پهرو دروازي تي سٺو هوندو. خلق خدا جي
ڌڪاريندو، پر جي بي ايمانيءَ سان هلندو ته عيش
اُڏائيندو، جشن ماڻيندو، ماڻهو عزت ۽ محبت جي نظر
سان ڏسندو.
اي امانت برتو لعنت، از تو رنجي يافتم،
اي خيانت، برتو رحمت، از تو گنجي يافتم.
گانو
مان دانا بيشڪ بينا، وه وارنگي ڍنگي يارو،
چلتو پرزو سڀ کان سياڻو،آهيان حڪمت وارو!
حرڪت شرڪت ساڻ دنيا کي، ڪيان و الله فنافي الله،
ڇڏي سچائي، ڪيان لچائي، جوئي، ملي سو بسم الله!
(انٽر رهزن)
رهزن: ها، ها، شڪار هٿان نڪري ويو، مگر ڪيڏانهن
ويندو. اجهو، اجهو هي ٿو وڃي، پڪڙ-جڪڙ!
ٽمبڪٽو: اڙي ڪٿي آهي تنهنجو شڪار،
شيطان جا ساٿي، نمرود جا يار!
رهزن: هڪ هرڻ پٺيان ڊوڙندو آيو آهيان، مگر خدا
ڄاڻي ڪيڏانهن ڀڄي ويو.
ٽمبڪٽو:چڱو تڏهن هينئر تشريف جي ٽوڪريءَ کي واپس
ڪيو، وڌيڪ گوڙ نه ڪيو. ٽڪٽ وٺو، جلد روانا ٿيو.
رهزن: مگر دل اڃا شڪار لاءِ خواهشمند آهي.
ٽمبڪٽو: اڙي بدو هتي شڪار هجي به ني، هت ته رڳو
ڪچرو گند آهي.
رهزن: ڇا هت شڪار ڪونهي.
ٽمبڪٽو: هان هان، منهنجي شڪار جو خيال ته ڪونه
آهي؟
رهزن: البت، تنهنجو نه ٻيو وري ڪنهن جو.
ٽمبڪٽو: آخر مون ڪهڙو قصور ڪيو.
رهزن: قصور، قصور! او پر فتور، ٻڌايانءِ ڪهڙو قصور
ڪيو اٿئي.
ٽمبڪٽو: ساهه ته تنهنجي ڌمڪيءَ سان ڇڏي ويو،
ٻڌندين ته خدا ڄاڻي ڇا ٿيندو.
رهزن: بس، خاموش، جيڪو پيسو ڏوڪڙ هڙ ۾ اٿئي، سو
جلد ٻاهر ڪڍ.
ٽمبڪٽو: مون وٽ اٿئي الله جو نالو ، صفا چٽ ميدان.
گهر ۾ بک، اُرهه ۾ آڪڙ، جيڪو جوٺ چوي، سو بي
ايمان.
رهزن: جلد مال ٻاهر سٽ، ورنه هن برجلوٽ بندوق سان
تنهنجا پرزا اڏائيندس؛ تنهنجي خرمن هستيءَ کي آڳ
لڳائيندس. ڪڇ، ڇا ٿو چوين، حيوان!
ٽمبڪٽو: چوان ٿو نه شيطان، مون وٽ اٿئي ننو اکر،
مهربان!
رهزن: او ضدي، تون باز نه ايندين. ڏس، جڏهن مون
ايڪ، دو، تين چوندس، تڏهن هن تمنچي جو فير ڪندس، ۽
تنهنجي مشت خاڪ کي هوا ۾ اڏائيندس- سنڀري ويهه،
ايڪ دو!
ٽمبڪٽو: هان هان، لينا ايڪ نه دينا دو-بيهه بيهه،
ذرا دم ته پٽ.
زهرن: ته رپيا زمين تي سٽ.
ٽمبڪٽو: چڱو ترس ته دل ۾ سوچ ڪريان (سوچي ٿو). مون
کي ته تنهنجي پڙ ڏاڏي جي ڏائيءَ ٽنگ جو قسم آهي ته
مون وٽ ته ڪجهه به نه آهي؛ باقي اسٽيشن يا لکيدر
تي وڃي ڪا تکي ڇري يا ڪينچي کڻي بيهه ته خدا ڪندو
ته پئون ٻارنهن آهي.
رهزن: چڱو ڀلا تيار ٿي، ايڪ، دو!
ٽمبڪٽو: هان هان، خواه مخواه ايڪ دو! هاڻي مسخري
ڇڏ، ٽر کڻي. ماڻهو اڄ ڪلهه بي موت ٿا مرن، تون وري
ايڪ دو جي ٽڪيٽ سان موت جو ڦاٽڪ ٿولنگهائين.
رهزن: تون مسخري سمجهي رهيو آهين، ڀلا اجهو
مسخريءَ جو
مزو ٿو چکايان ايڪ، دو، تين (ڪوڙو فير ڪري ٿو).
(ٽمبڪٽو فريب ڪري زمين تي ڪري ٿو)
رهزن: هينئر هتان نڪري وڃڻ گهرجي، متان ڪنهن بلا
۾ نه گرفتار ٿيان.
(رهزن ايگزٽ)
(ٽمبڪٽو آهستي آهستي اُٿي ٿو)
زباني
ٽمبڪٽو: و الله، ايڪ، دو، تين ته نڪ ۾ دم ڪري ڇڏيو
هو، مرڻ کان اڳي موت جو سرٽيفڪيٽ ڏيئي ڇڏيو هو.مگر
آءٌ به آفت جو پتلو آهيان، اهڙو پيچ کيڏيم جو ايڪ
، دو تين کي به رقو چڪر ڪري ڇڏيم
(انٽر رهزن)
رهزن: هان هان، ايڪ، دو، تين کي به رفو چڪر ڪري
ڇڏيم، تو کي ته آنت موتو قبل، يعني مرڻ کان اڳي به
ياد آهي. تون ته وڏو استاد آهين.
ٽمبڪٽو: مگر تون ته استاد جو به استاد نڪتين.
رهزن: ڀلا هينئر جلد ٿي رپيا ٻاهر ڪڍ، پنهنجي جان
ڇڏاءِ، رهائي پاءِ-جلد ڪڍ، ڪڍ!
ٽمبڪٽو: ملئي ته وٺ-وٺ، مون وٽ ته اٿئي صفا صفائي.
پيارا سائين، ليکي کي للا، وصل کي وٽيون.
رهزن: ته انهيءَ جي موٽ هڪڙي تدبير آهي.
ٽمبڪٽو: اها وري ڪهڙي؟
رهزن: ايڪ، دو، تين!
ٽمبڪٽو: يا رب العالمين!
رهزن: بس بس، تيار ٿي، ايڪ، دو، تين!
(رهزن ڪوڙو فير ٿو ڪري، ٽمبڪٽو ڪري ٿو ۽ رهزن سيني
تي چڙهي پيسا ڪڍي ٿو وڃي).
(رهزن ايگزٽ)
ٽمبڪٽو (اُٿي ٿو): ايڪ، دو، تين جي ميگزين ته ذري
گهٽ ستياناس ڪري ڇڏي هئي. خير، هينئر اهو ايڪ، دو،
تين به ياد ڪجي. ڪنهن ٻئي ڀلي مانس جو انهيءَ
ترتيب سان خانو برباد ڪيان.
(انٽر ٻه انڌا فقير)
ٽمبڪٽو: هان، هي وري ڪير! ذرا لڪي هنن جو تماشو
ڏسڻ گهرجي.
فقير1: اي فقير صاحب توکي خيرات ۾ ڇا مليو؟
فقير2 : اڙي يار ڪجهه نه پڇ، مهيني ۾ فقط هڪ
هزار-ڀلا تون ڏي خبر.
فقير1: اڙي يار ڇا خاڪ ڪمايم، رڳا 1600 سئو رپيا
پندرهنهن آنا، ساڍيون تيرهن پايون ۽ هڪ ڪينگر اَٽي
جو.
ٽمبڪٽو (علحده): يا الله، ايتري رقم تي به هنن
ڪمبختن جو ڌيان نٿو پوي.
فقير1 : يار هي شهر وڏو ڪنجوس آهي.
فقير2: واقعي وڏو منحوس آهي، مکي چوس آهي.
ٽمبڪٽو(علحده): هان، سچ آهي اڄ ڪلهه ڏينهن جي
خيرات کان رات جي خيرات زياده ٿي پيئي آهي.
فقير1: يار هينئر آءٌ ته پنهنجا پيسا ڪنهن درخت جي
هيٺان دفن ٿو ڪريان.
ٽمبڪٽو(علحده): بيهه ته آءٌ تنهنجو ڪفن ٿو ڪريان.
هنن رپين جي ڇڻ ڇڻ ٻڌي اسان جو مسٽر ايمان ته رفو
چڪر ٿو ٿئي. مون بي ايمانيءَ کان توبهه ڪئي هئي،
پر بزرگن جي وصيت تي هلڻ واجب آهي. اڄ ته توبهه کي
کڻي ٿا ٽوڙيون، وري ٻئي دفعي کڻي جوڙي وجهبي.
ڀنڃ-گهڙ پنهنجي وس جي ڳالهه آهي، گهر جو ڪارخانو
آهي.
(ٽمبڪٽو پيسا کسڪائي ٿو)
فقير1: اڙي منهنجا پيسا الائي ڪيڏانهن ويا.
ٽمبڪٽو: جهنم ۾.
فقير 2: اڙي، گهوڙا ڙي، منهنجا به غضب ٿي ويا.
ٽمبڪٽو(علحده): ٻچا خيرات ۾!
ٻيئي فقير: هاءِ هاڻي ته مري وياسون.
ٽمبڪٽو(علحدو): مان فاتح ٿو پڙهان، پرچاڻي ٿو
ڪريان.
فقير1: يار هينئر ڪيڏانهن وڃون!
ٽمبڪٽو(علحده) قبرستان ۾ يا وڏي مساڻ ۾.
فقير 1: اُف، هينئر اسان جو حامي ڪير آهي.
ٽمبڪٽو (زور سان): ملڪ الموت!
فقير: اڙي تون وري ڪير مردود.
ٽمبڪٽو: واه ٻچا نمرود، مرگيا مردود، نه، فاتح نه
درود.
فقير: اڙي پڪڙ جڪڙ، چور چور-سينه زور-پليس پليس!
ٽمبڪٽو: فرياد فرياد، پليس، سپاهي-چور چور-
گهوڙا-اُٺ-گڏه، وغيره وغيره.
(انٽر چند سپاهي)
سپاهي: اڙي هي ڇا جو شور آهي ڪهڙو چور ڪهڙو سينه
زور؟
فقير: حضور اسان ته انڌا آهيون، اسان کي ڪهڙي ڪل
ته چور ڪٿي آهي.
سپاهي: چڱو، ڀلا پنهنجا نالا ٻڌايو؟
فقير1: جناب، منهنجو نالو ڏنڊي شاه آهي.
فقير2: حضور بندي جو نالو ڪونڊي شاهه آهي.
ٽمبڪٽو: بنده پرور هن غلام جو نالو سيد سوٽي شاه
آهي.
سپاهي: چڱو ڀلا ٻڌايو ته اوهان انڌا ڪڏهن کان ٿيا
آهيو؟
ڏنڊي شاه: حضور، آءٌ مادر زاد انڌو آهيان.
ٽمبڪٽو: ۽ حضور هي پدر زاد انڌو آهي.
ڪونڊي شاه: نه نه، سائين آءٌ اصل اڳئين جنم کان
انڌو آهيان؟
سپاهي(ٽمبڪٽي سان): ۽ تون ڪڏهن کان انڌو ٿيو آهين.
ٽمبڪٽو: جناب، ڪوئي ڏيڍ ڪلاڪ کن ٿيو( اکيون کولي).
آءٌ ته يار مسخري ٿو ڪيان، مون هنن ڪمبختن جو سارو
تماشو ڏٺو آهي. پوري ٻوري ڪجهه به نه آهي، هي خواه
مخواه فتور آهي. هنن کي حوالات ۾ وٺي وڃڻ ضرور
آهي.
سپاهي: بيشڪ هي سچ ٿو چوي، سڀ هنن انڌن جو من گهڙت
فتور آهي، وٺي وڃو هنن کي پهري هيٺ رکو.
(سپاهي ايگزٽ)
ٽمبڪٽو: جڏهن هو ڪمبخت ڪري پيو ايڪ، دو، تين، ته
مسٽر ٽمبڪٽو جي هيٺان نڪري ٿي وئي زمين.
خير، خدا مالڪ آهي، هينئر ته مال مفت، دل بي
رحم-ڪوئي بي امانيءَ جو ڪم مون ٿوروئي ڪيو. ادا
مئو،
ادي ڄائي، اسان اوتري جا اوترا. ڏهه ويهه رپيا
ويا، مولا هزار ڏنا. هينئر وڃي ڪا ولائتي وارنيش
لڳل ليڊي تلاش ڪجي، هيءَ به ايڪ دو تين جي برڪت
آهي-خدا حافظ!
(ايگزٽ) |