سيڪريٽري:(کيسي مان نوٽ ڪڍي) سائين، سٺ مان پورت
ٿئي ته حاضر آهن. مون به هلندي کيسي ۾ وجهي کنيا،
چيم ته مٿان ڪٿي گهرجي وڃن. سائين بيشڪ پنهنجي ڪم
لڳاءِ، پوءِ ملي پوندا، حرڪت ڪانهي.
ميان صاحب: مهرباني اوهان جي، ديوانصاحب! (نوٽ وٺي
ٿو) آءُ خوش ٿيو آهيان.
سيڪريٽري(ٿورو ماٺ ڪري) سائين، هاڻ رخصت ٿئي؟
ميان صاحب: (اٿي) ڀلي آيؤ، ڀلي آيؤ. (سيڪريٽري
نڪري وڃي ٿو. ميان صاحب هيکلو، کلي) منهنجي ڳالهه
برابر آهي، هتي ڀانئجي ٿو ته نوٽن جو مينهن وسندو
آهي. نوٽ به سڀ نوان نوان آهن! اهڙو دَستو پـَـنن
جو ملي ته کڻي هڪڙو ڪتاب جـِـلد ٻڌايان!
(اتي ڊاڪٽر لنگهي اچي ٿو، تنهن کي ڏسي) او، ڊاڪٽر
صاحب، ڊاڪٽر صاحب.
ڊاڪٽر:سلام سائين. (سلام ڪري ٿو).
ميان صاحب:ويهو، ڊاڪٽر صاحب! (هو ويهي ٿو) سڀ کان
وڌيڪ اوهان جي اسپتال مون کي وڻي ۽ خصوصاَ َ جيڪي
هنڌ وڇايا پيا هئا!
مختيارڪار صاحب به اوهان جي گهڻي تعريف ٿي ڪئي.
ڊاڪٽر:صاحب بهادر جن جي مهرباني. جيڪي ٿي سگهي ٿو،
سو ماڻهن جي فائدي لاءِ ڪجي ٿو.
ميان صاحب: ڪرڻ به ائين گهرجي.(ٿورو ماٺ ٿئي ٿي)
ڊاڪٽر صاحب، اوهان کي پگهار پورو پـُـنو ملندو
هوندو، نه ته جيڪر اوهان کي ڪن پئسن اڌارن ڏيڻ
لاءِ چوان؟ (کلي) گهرجي به هڪڙي بيماري آهي، وڏو
مرض آهي، اوهان وٽ ضرور انهيءَ جي دوا هوندي؟
ڊاڪٽريائين، بيشڪ، پگهار پورو پـُـنو آهي، باقي
اڌارن پئسن جو بندوبست مختيارڪار صاحب معرفت ٿي
پوندو.
ميان صاحب: البت انهيءَ کان ٿي سگهندو، جي ان کي
چوان، پر مون اوهان کان ٿي پڇيو؟
ڊاڪٽر:في الحال ته سائين مون وٽ چاليهن - پنجاهن
رپين جا نوٽ آهن، جي گهرجن ته حاضر آهن؟
ميان صاحب: گهرجن ته گهڻا، ليڪن في الحال اهي به
چڱا. (ڊاڪٽر اٿي، ڏهين ڏهين رپين وارا پنج نوٽ ڏئي
ٿو. ميان صاحب وٺي ٿو) اُڌارا سمجهجو. اميد آهي ته
اتيئي هوندي، آءٌ اوهان کي موٽائي ڏيندس.
ڊاڪٽر:نه سائين، حرڪت ڪانهي. اهي به سرڪار جا ڏنل،
اوهان جا ڏنل آهن.
ميان صاحب: سلامت هجو. (ماٺ ٿئي ٿي) اڃا ٻاهر ڪي
ٻيا به ملاقاتي آهن؟
ڊاڪٽر:هائو سائين، ٻه - ٽي ڄڻا آهن. (ٿورو بس ڪري)
هاڻ سائين، اجازت ٿئي. (اٿي ٿو)
ميان صاحب: چڱو ڊاڪٽر صاحب! اوهان جي مهرباني.
(اٿي هٿ ڏئيس ٿو. هو وڃي ٿو. ميان صاحب هيکلو نوٽ
ڏسي) ويهه ۽ ويهه = چاليهه ۽ ڏهه = پنجاهه. (نوٽ
کيسي ۾ وجهي) سي وري به نوٽ! آڻ نوٽ، آڻ نوٽ! (اتي
اسڪول ماستر اچي ٿو.)
ميان صاحب: اچو، ماستر صاحب. (اٿي هن کي هٿ ڏئي
ٿو) ويهو. (ماستر ويهي ٿو.) ڪالهه اوهان جي اسڪول
۾ ته ماڪوڙين وانگي ڇوڪرا هئا؟ انصاف اوهان جا جو
انهيءَ ڪٽڪ سانه ٿا گذاريو!
ماستر:بس سائين، لاچار پيو مٿو مارجي.
ميان صاحب:ڇوڪريون ٻوڪريون اوهان وٽ ڪين پڙهن؟ ڪن
اسڪولن ۾ پڙهنديون به آهن؟
ماستر:سائين، زنانن اسڪولن ۾ پڙهنديون آهن، ٻيون
خانگي مڪتبن ۾ يا مسيتن ۾ پڙهنديون آهن. سرڪاري
اسڪولن ۾ ڪين پڙهن.
ميان صاحب: مون ڀانيو ته پڙهنديون آهن. وڏين وڏين
ڇوڪرين کي سبق ڏيڻ به هڪڙي فرحت آهي. مون کي ٻيو
ڪم نه هجي ته جيڪر آءٌ ڇوڪرين جو مڪتب کولي ويهي
رهان. (ٿورو بس ڪري) پر ماستر صاحب! ڪي پئسا ساڻ
اٿوَ؟ ضرور هوندوَ. مون کي خبر آهي ته هتي جا سڀ
عملدار اڳ ڳڻتيءَ وارا آهن. مختيارڪار صاحب چڱو
ماڻهو آهي. سڀني کي تاڪيد ڪري ڇڏيو اٿس، آهي نه؟
ماستر:(کلي) سائين، پنج - ڏهه رپيا آهن. (ڪڍي ٿو).
ميان صاحب: بس، پنج، ڏهه! ٺهيو، اوهان ٻڌو هوندو
ته مون کي پئسي جي گهرج آهي. جيسين منهنجا پئسا
اچن، تيسين اڌارن وٺڻ ۾ شرم ڪونهي.
ماستر:(هٿ ڊگهو ڪري ڏئي ٿو) سائين، جيڪي آهن، سي
حاضر آهن. ڏهه رپيا آهن.
ميان صاحب: چڱو، حرڪت ڪانهي. في الحال ڪم اچي
ويندا. انشاءَ الله، موٽي اوهان کي ملندا. (کلي)
اوهين ڇوڪرن جي پيئن کان ”جـُـماڳي“ وٺندا هوندؤ،
پر اسين مسافر وري اوهان آخوندن کان جـُـماڳي
وٺندا آهيون.
ماستر: (کلي) بيشڪ سائين، اوهان جو اسان سڀني تي
احسان آهي. (ٿورو ماٺ ڪري، اٿي ٿو) سائين، هاڻ وڃڻ
جي اجازت آهي؟
ميان صاحب: چڱو، ماستر صاحب، ڀلي آيؤ. قسمت آهي ته
وري ملنداسين. (ماستر وڃي ٿو. ميان صاحب هيکلو)
ڪاغذ وٺي وٺي ٿڪجي پيو هوس. مس مس چانديءَ منهن
ڏيکاريو. ٺهيو، تماڪ يا شراب يا ڪباب ٿي پوندو.
(اتي پوسٽ ماستر اچي ٿو ۽ سلام ڪري ٿو.)
ميان صاحب: اچو سائين، اوهين ڪهڙي عهدي تي آهيو؟
پوسٽ ماستر:آءٌ سائين، پوسٽ ماستر آهيان.
ميان صاحب:هائو، پوسٽ ماستر صاحب، خوش آهيو؟ (هو
ويهي ٿو) هتي گهڻو ڪم ته ڪو نه هوندو؟
پوسٽ ماستر:سائين، پورو پـُـنو آهي. ڪڏهن گهڻو آهي
ڪڏهن ٿورو.
ميان صاحب: مني آرڊر ۽ سيوِنگ بئنڪ جو ڪم ٿورو
ڪڏهن گهڻو؟
پوسٽ ماستر:اهو البت گهڻو آهي: هتي ڪامورا به آهن،
جن جا ٻار ٻچا ڳوٺ آهن، تن ڏي پئسا موڪليندا آهن.
ٻيو، هتي البت شاهوڪار به رهن ٿا. اَن جو گهڻو
واپار هلندڙ آهي. ڏيساور سان واپار هلندو آهي.
ميان صاحب: اها چڱي ڳالهه ٻڌايوَ. منهنجا ڪم مني
آرڊر يا رجسٽر خط اوهان وٽ آيا ته ڪين؟ ڏسو متان
اوهان جي آفيس ۾ رجسٽرن مان ڪاغذ ڪڍن، هوندا نوٽ.
پوسٽ ماستر:سائين، اهڙي ڳالهه هتي نه ٿيندي. اڃا
ته اهي ڪين آيا آهن.
ميان صاحب: اچڻا آهن، جلد اچن ته چڱو. مون کي
اَٺن، ڏهن سـَـون رپين جي گهرج آهي، اچي وڃن ته
چڱو. پر اوهان وٽ ڪي گڏ ٿيا هجن ته مون کي ڏيئي
سگهندؤ؟ پوءِ اڄ سڀاڻ مون وارا پئسا اچنوَ ته اهي
لاهي، باقي مون ڏي موڪلجو.
پوسٽ ماستر: (البت خيال ڪري ٿو) سائين، ايترا ته
ڪين هوندا، باقي هڪ سؤ جا، سي نوٽ مون سان آهن.
هيڏي اچڻ مهل مني آرڊر ٿيڻ لاءِ ٻن - چئن ماڻهن
کان مليا هئا. هنن کي رسيد ڏيئي هيڏي سائينءَ جي
سلام تي هليو آيس، بند به نه ڪيم، هي حاضر آهن.
(کيسي مان ڪڍي ٿو.)
ميان صاحب: هڪ سؤ؟ چڱو، هڪ ئي سؤ، باقي لاءِ ٻئي
هنڌان بندوبست ڪندس. (نوٽ وٺي ٿو.) اڄ يا سڀاڻي
منهنجا پئسا اچنوَ ته اهي ڪڍي، باقي مون ڏي موڪلي
ڏجو. ٻه - چار مني آرڊر ۽ رجسٽر ايندوَ. ميان شرف
الدين جي نالي هوندا، منهنجو نالو ته ٻڌو هوندوَ؟
پوسٽ ماستر: چڱو سائين، حرڪت ڪانهي. (ٿورو بس ڪري)
سائين، ٻي ڪار خدمت؟
ميان صاحب: ٻيو خير آهي، پوسٽ ماستر صاحب. (پوسٽ
ماستر وڃي ٿو. پاڻ هيکلو چوي ٿو نوٽ، نوٽ، نوٽ،
الاجي باقي ڪيترا ماڻهو آهن. اتي قادر بخش زميندار
اندر اچي ٿو ۽ نئڙي سلام ڪري ٿو.)
ميان صاحب: اچو وڏيرا صاحب، پاڻ ته ڪالهه به گڏيا
هئاسين، خوش چڱا ڀلا آهيو؟
زميندار: حضور جو خير هجي، اسين سڀ حضور جي اقبال
کي دعا پيا ڪريون.
ميان صاحب: ڪيئن، ڪا خبر چار، ڪو ڪم ڪار؟
زميندار:حضور ۾ لک ڪمن جا آهن، ڇو نه هوندا: رڳو
مختيارڪار کي پارت ڪندا ته هزار جريبن جي درخواست
ڏني اٿم، سو مهرباني ڪري بنا حق قبضي مون کي ڏينِ.
ديهه جو وڏو زميندار آهيان، ٻيو منهنجي پٽ کي ڪرسي
به ملي ۽ ليسن بندوق ۽ ترار جو به ملي.
ميان صاحب: او - انهيءَ ۾ ڇا آهي. زمين ته اوهان
جي زمين سان لاڳو هوندي، اوهان جي مهاڳ ۾ آهي ڪِ
ٻين جي؟
زميندار:سائين، بنهه منهنجي زمين سان لڳ آهي. اصل
۾ اها اسان جن وڏن جي هئي. (ميز تي آڱر سان ليڪا
ڪڍي ڏيکاري ٿو) هيءَ آهي منهنجي کاتي واري زمين ۽
هيءَ آهي اُها مهاڳ واري زمين.
ميان صاحب: تڏهن بيشڪ اوهان جو حق آهي. آءٌ
مختيارڪار صاحب کي چڱي طرح سمجهائيندس. ضرور اوهان
کي ملندي، ڪرسي ۽ ليسن جو به بندوبست ڪندس. (ٿورو
ماٺ ڪري) پر وڏيرا! ڪو پنج هزار کن رپيا اُڌارا
اوهان جي معرفت ملي سگهندا؟ اسان جي خرچ جا پئسا
کـُـٽي ويا آهن، ڏينهن - ٻن ۾ ايندا، پوءِ پهچائي
ڏبا.
زميندار:قربان ٿيان، ملي سگهندا، بندوبست ڪبو ته.
ميان صاحب: ساڻ ڪين اٿوَ، ڪيترا ساڻ اٿوَ؟
زميندار:سائين، ساڻ ته پئسو ڪونهي. باقي اڄ شام
تائين ججهائي ٿي پوندا.
ميان صاحب: او -بيشڪ ٿي پوندا. ڀلا، اها هٿ ۾ ڇاجي
منڊي اٿوَ؟ ڏسجي ته سوني ٿي، هيرو آهي يا پخراج؟
(زميندار لاهي ڏيکاري ٿو) واهه جي منڊي آهي! هتي
چڱيون منڊيون ٿا ٺاهين!
زميندار:حضور جي مـِـلڪ آهي. حضور ڀلي پاڻ وٽ رکي.
حضور جن ڏهاڙي اسان وٽ نٿا اچن.
ميان صاحب: گهڻي مهرباني، گهڻي مهرباني. (منڊي چيچ
۾ وجهي ٿو.) هيءَ اوهان جي نشاني مون وٽ رهندي،
آءٌ اوهان کي ياد پيو ڪندس. تڏهن هاڻ، هـُـنن پئسن
جو بندوبست ڪو نه ڪجو.
زميندار: جيڪا سائينءَ جي مرضي، (ٿورو ماٺ ڪري) ٻي
ڪا ڪار خدمت؟
ميان صاحب: ٻيو سڀ خير آهي. شاباس، جسِ هجيوَ.
(زميندار وڃي ٿو. هيکلو، کلي) واهه، نوٽ به آيا،
چاندي به آئي، سون به آيو، جواهر به آيو، هر قسم
جي دولت موجود. (هٿ مـَـلي ٿو) ٻيو ڪونهي. هتي چڱا
چڱا ماڻهو آهن. پئسي وارا به ٿا ڏسجن. مون کي
پريندي شڪ پيو هو ته مون کي ڪو وڏو سرڪاري آفيسر
ٿا سمجهن، الاجي ڊپٽي ڪليڪٽر ڪ ڊپٽي ڪمشنر! ڪيئن
نه نـُـوڙي سلام پي ڪيائون! آهن بيشڪ ڀورڙا - مت
جا مـُـوڙها، ڳنڍ جا ڳـُـوڙها. هاڻ ڏسان ته ڇا گڏ
ٿيو آهي. (کيسي مان نوٽ ڪڍي، ڳڻي ٿو.) ٻه سؤ
مختيارڪار وارا ڪالهوڪا، ٻه سؤ انسپيڪٽر جا، سي
چار سؤ. سؤ چيف ڪنسٽيبل جو ۽ سٺ سيڪريٽريءَ جا،
پنج سؤ سٺ. پنجاهه ڊاڪٽر جا ۽ ڏهه ويچاري اسڪول
ماستر جا، ست سؤ ويهه، تنهن سان سوني منڊي! ججهو
ٿيو، ججهو ٿيو! هاڻ ڀلي پٺاڻ مون کان کـَـٽي وڃي،
ڪـَـنَ به سندس. واهه جا ماڻهو آهن، مزي جهڙا مرون
آهن! سڀني جو آءٌ وڏو بيان لکي ٿو موڪليان، ڀلي ته
ڪي پڙهي کلن، (اُٿي مس، قلم ۽ ڪاغذ کڻي، ويهي خط
لکي ٿو. خط لکندي، سندس نوڪر خانو اچي ڪنڊ ۾ بيهي
ٿو، تنهن کي ڏسي، ڪيئن خانو، تون سـُـکيو ته آهين؟
خانو: سائين، اوهين سـُـکيا ته آءٌ سـُـکيو. (کلي)
سڀ فرحتون آهن: مانيون ڍوَ تي، خرچيون بسيار، مانُ
گهڻو ۽ سڀڪي موجود.
خانو:سائين، اوهين به اڄ چهرا ٿا ڏسجو؟
ميان صاحب: (لکي به پيو، کلي)، ماٺ ڪيو ويٺو هج،
خدا مشڪل کڻي آسان ڪيو.
خانو:سائين، اڃا گهڻا ماڻهو ايندا، پيا پڇائين،
مڙئي ايندا. پر سائين، جيئن اڳڀرو نڪرجي، تيئن
چڱو، متان ٽپڙ ظاهر ٿي پون. |