ڀاڳ
پنجون
چهچٽو پهريون
فتحپور ۾ حسنا بيگم جي جاءِ جي ٻاهران باغيچو
( لالا منسک لال ۽ موهنا ويٺا ڳائين، پهريون
بيت بند وارو وري وري گڏجي ٿا ڳائين، ۽ مصرعون
واري سان ٿا ڳائين.)
* ٻيئي گڏجي
ڇا مزي سان آئي اڄ، رونق مٽائي راتڙي
روز روز روشن کان وڌ اڄ ٿي سهائي راتڙي
منسک لال:
۱- چنڊ چڙهيو چوڏهينءَ جو ۽ چئوڏس چٽو
چانڊاڻ ٿيو،
نور جو مينهن هر طرف ڄڻ ٿي وسائي راتڙي
(وري بند گڏجي ڳائين ٿا)
موهنا:
۲- گل کليا گلشن ۾ بيحد پئي اچي هٻڪار خوش،
ٿي گلاب ۽ عطر اڄ، گويا، چسڪائي راتڙي.
منسک لال:
۳- ماهتابيءَ جي مزي ۾، ٿو لڳي محبوب خوب،
ريجهه مر عاشق ڪري تنهن کي رهائي راتڙي
موهنا:
۴- عيش عشرت ڌاران اڄ ٻولي نه گهرجي ڪنهن کي
ٻي،
دل ڪري خوش، ڪيئن نه ٿي گوندر گنوائي راتڙي
منسک لال:
۵- شوق مان دل جي پَوَن پرچي رُٺا پڻ ههڙي
رات،
وڇڙيلين ورهين جي محبن کي ملائي راتڙي
موهنا:
۶ - درد مندن کي دلاسو، بيدلن کي دلبري،
حال آهر پنهنجي ٿي سڀ کي سيبائي راتڙي
(اتي حسنا جو ٻانهو صادق گهڙي اچي ٿو.)
منسک لال: هي رات جي وقت اونداهيءَ
۾ ڪير اهڙو تڪڙو تڪڙو ٿو اچي؟
صادق: پنهنجو آهي.
منسک لالۡ پنهنجو آهي، پنهنجو به
ڪير؟
صادق: صادق، مون بيگم صاحبه وٽان
پيغام آندو آهي. بيگم صاحبه سمهاڻيءَ ڌاري هتي
ايندي. پير جي درگاهه تي هئي. عبادت ۽ دعا گهرڻ ۾
مشغول هئي.
منسک لال: ٻيو ڪير ساڻس ايندو؟
صادق: بس، سندس خاص خذمتگار نرگس ۽
هڪڙي درگاهه جي ڪراڙي فقيرياڻي. اسان جو رئيس
موٽيو آهي ڪي اڃا نه؟
منسک لال: اڃا ڪين موٽيو آهي، نڪا اسان کي
خبر ئي پيئي آهي ته ڪڏهن ايندو. موهنا آءُ ته هلون
هلي جاءِ جي نظر رکون ته ڀلي گهر جي مالڪياڻي اچي
ڏسي، خوش ٿئي.
موهنا: ذرو ته ويهون، پوءِ هلون ٿا. ڪهڙي نه
مزي جهڙي چانڊوڪي آهي، دل پيئي خوش ٿئي – (اتي
هرگن سڏ ڪندو اچي.)
هرگن: آهي ڪو ماڻهو، ڪو نوڪر ؟ لالا صاحب
ڪٿي آهي، لالا منسک؟ مائي موهنا ٻائي ڪٿي آهي؟ آهي
ڪو ماڻهو؟
منسک لال: اي، ڇو هل مچايو اٿئي؟ اجهو آءُ
هتي آهيان، ڇا آهي؟
هرگن: او ڪٿي ڪٿي؟ ٻڌاءِ ته ڪٿي؟
منسک لال: اي هتي هتي. (هرگن اچي ظاهر ٿئي
ٿو.)
هرگن: (رام رام ڪري) لالا صاحب نياز ٿئي.
معاف ڪجو، مون ڀانيو ته ڪو بيگم صاحبه جي نوڪرن
مان آهي. اوهان جي يار دلدار خان وٽان ماڻهو آيو
آهي، چوي ٿو ته خان کٽي ڇٽي صبح کان اڳي هتي
ايندو، ۽ ساڻس بهرام خان به ايندو.
منسک لال: چڱو ٿيو، ڀلي گهر جا مالڪ اچن ته
اسين آزاد ٿيون. صادق، تون هلي بيگم صاحبه جي ٻين
ماڻهن کي خبر ڪر ته سنڀري ويهن ۽ سامان صفا ڪري
ڇڏين ۽ بتيون ٻاري ڇڏين. هرگن تون به هلي مدد
ڪرين. اسين هتي ٿورو ترسون ٿا، پوءِ اچون ٿا. ( هو
وڃن ٿا) (موهنا کي) تو سوير چانڊوڪيءَ جي ڳالهه
ڪئي. بيشڪ دل پيئي خوش ٿئي، ڀائنجي ته هيڏي مهل
ٻيو ڪي به نه ڪجي. گل ۽ بلبل وانگي عاشق معشوق ٿيو
ويٺو ڳائجي. جيسين نوڪر تياري ڪن، تيسين وري به ته
ڪي ڳائي دل وندرايون. (ڳائن ٿا)
*ٻئي
گڏجي
گلشن ۾ اڄ تا آئي آهي واهه ٻهاري ري وي
(ٻه ڀيرا)
منسک لال:
ڇا سونهي رات سُهائي،
موهنا:
چئوڏس ٿي صاف صفائي،
گڏجي:
موهي ٿي دل جي چانڊوڪيءَ ۾ هي گلزاري ري.
منسک لال:
2 - پريت پياري وي، لڳي دوباري وي،
آيو نينهن اندر ۾ نِسري،
موهنا:
ويا سور سڀيئي وسري،
گڏجي:
گڏ رات گذاريون صحبت ۾
اسين ساري ساري ري.
منسک لال:
سهڻو ساقي وي، ٿيو ملاقي وي،
پياري ڪا سڪ جي سرڪي،
موهنا:
محبت مان ڏئي شال مرڪي،
گڏجي:
اڄ خواب خوشيءَ جا ڏسڻا
ٿيا ۽ خيال خماري ري
(بس ٿئي ٿي ته حسنا ۽ نرگس پري کان
ڳالهائينديون اچن، اڃا ڏسجن نه ٿيون.)
حسنا: اها روشنائي منهنجي جاءِ جي
آهي، صفي ۽ بتي پيئي ٻري.
نرگس: چانڊوڪيءَ ۾ پري کان ڏسڻ ۾ ئي ڪين ٿي
آئي.
حسنا: اهو آواز به منهنجي باغيچي مان ٿي
آيو.
نرگس: هائو انهيءَ پاسي کان ٿي آيو. موهنا
هوندي، جا پنهنجي مڙس سان گڏ خوشيون ڪندي هوندي.
اميد آهي هاڻ اسان جو به وارو آيو آهي.
منسک لال: (موهنا کي) اهو ڳالهائڻ مون کي پڪ
آهي ته بيگم صاحبه جو آهي، اجهي آيون (اتي حسنا ۽
نرگس گهڙي اچن ٿيون) بيگم صاحبه ڀلي آيو، جيءَ
آيو، اسان به اوهان جي واٽ پئي نهاري.
حسنا: خير هجي. اوهان کي ڏسي آءُ گهڻي خوش
ٿي آهيان. اسان هيستائين پنهنجن وارثن لاءِ پير جي
درگاهه تي دعائون پئي گهريون ۽ سُکائون پئي
باسيون، موٽيا آهن ڪي نه؟
منسک لال: اڃا ته ڪين موٽيا آهن، باقي
وٽانئن ماڻهو آيو آهي ته صبح کان اڳي ايندا.
حسنا: نرگس ياد ڪري گهر جي سڀني ماڻهن کي
سمجهائي ڇڏ ته اسان جي ٻاهر وڃڻ جي ڳالهه نه ڪن.
لالا صاحب اوهين به في الحال اها ڳالهه ظاهر نه
ڪجو، موهنا تون به نه ڪجئين. اسين پاڻيهي هنن کي
پنهنجو حال ڏينديونسين.
منسک لال: بيگم صاحبه، ڪو به ڪو نه چوندو (
هڪ پاسي نهاري) آءُ ڀانيان ٿو دلدار خان جن به اچن
ٿا. ٻيو هيڏي مهل ڪير هوندا. (سگهو ئي دلدار خان ۽
بهرام خان ۽ فيروز ۽ ڪي نوڪر اچن ٿا.)
حسنا: ڀلي آيئو، ڀلي آيئو، اسين سڀ اوهان جي
لاءِ منتظر هئاسين. ڀلي آيئو، جيءُ آيئو.
دلدار خان: خير هجي. حسنا، هي منهنجو گَهَرو
دوست بهرام خان آهي، هن جو آڌر ڀاءُ ڪر. هي مون کي
ڀائرن وانگي آهي. ڀائرن کان به وڌيڪ پيارو آهي. هن
جا مون تي هزار احسان، هزار ٿورا آهن.
حسنا: تون به ڀلي آهين، تنهنجو پيارو دوست
به ڀلي آيو، منهنجن اکين تي آيئو. انهيءَ وچ ۾
فيروز ۽ نرگس پاڻ ۾ آهستي ڳالهيون ڪن ٿا. نيٺ
ڏاڍيان ڳالهائين ٿا.)
فيروز: (نرگس کي) سچ ٿو چوان، خدا جو قسم ٿو
کڻان ته مون تو واري منڊي انهيءَ قاضي صاحب جي
منشيءَ کي ڏني، ٻئي ڪنهن به ماڻهوءَ کي نه ڏني
آهي.
حسنا: هي ڇا ! اچڻ سان اچي جهيڙو مچايو
اٿوَ! ڇا جو تڪرار آهي؟
فيروز: بيگم صاحبه، هڪڙي هلڪي ڪين جهڙي سونَ
جي منڊي هئي، جا نرگس مون کي رکڻ لاءِ ڏني هئي، سا
وئي آهي، تنهن تي ڪاوڙي آهي؟
نرگس: هلڪي ڪين جهڙي ! ڪهڙي به هئي تو پڪو
انجام ڪيو ۽ قسم به کنيو هو ته اها آءُ هميشه
پنهنجيءَ جند سان رکنديس، پنهنجي ساهه سان
سانڍينديس ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين پاڻ کان پري نه
ڪندس. منهنجي ڏنل هئي تنهن ڏي ته نه نهاريئه. پر
مَنَ پنهنجن قسمن، پنهنجن انجامن ڏي نهارين ها.
قاضيءَ جي منشيءَ کي ڏنئي جو هاءِ پئي آهي. انهيءَ
منشيءَ جي منهن تي وار ئي نه هوندو جو منهنجي منڊي
خوش ٿي هٿ ۾ وجهي گهمندو.
فيروز: (کلي) وار برابر اڃا منهن تي ڪو نه
هوس، باقي جيئرو رهيو هو ته نيٺ ضرور نڪرندس، انهي
جي پڪ اٿم.
نرگس: انهيءَ جي پڪ اٿم ته وار ڪو نه هوندس.
زال هوندي تنهن کي ائين ئي وار ڪو نه هوندو. زال
کي وار نڪرندا ته تو واري منشيءَ کي به نڪرندا.
فيروز : (کلي) تون سمجهين ٿي ته مون ڪنهن
زال يا آشنا کي ڏئي ڇڏي. آءُ قسم ٿو کڻان ته ائين
ناهي. هو هڪڙو لسڙو ڇوڪرو هو، قاضي صاحب سان منشي
ٿي آيو هو. بنهه تنهنجي قد جو هو. ڏاڍو چالاڪ ۽
ڳالهر هو. اچي مون کي لڳو، مون کان اچي خرچي
گهريائين ۽ منڊيءَ کانسواءِ ٻيو ڪي وٺيئي ڪين. نيٺ
زور ڪري لاهي ويو.
حسنا: ميان ڳالهه ايمان جي ڪبي، قصور تنهنجو
آهي. تنهنجي زال، جا اڃا تازي توسان پرڻي آهي،
تنهن هيتري لاڏ ۽ پيار سان پنهنجي منڊي توکي نشاني
ڪري ڏني، سا تو جهٽ ۾ ڏئي ڇڏي سا ڳالهه ٺهي ته
ڪين. هوڏي قسم کنيئي، انجام ڪيئي ته پاڻئون پري نه
ڪندس. انهيءَ ڪري بيشڪ تنهنجي محبت ۽ تنهنجي سچائي
۽ تنهنجي وفاداريءَ ۾ شڪ آهي. ڏس، اجهو مون به
پنهنجي پياري دلدار کي محبت جي نشاني ۽ آزمائش
لاءِ پنهنجي منڊي ڏني هئي ۽ هن به تو وانگي عمر
تائين ساڻ رکڻ جو انجام ڪيو هو، تنهن ڏس ته ڪيئن
نه پاڻ سان قابو پئي رکي آهي. هزار ڪو کڻي مٿا
هڻندو ته به نه ڏيندس. فيروز خان، ڳالهه سچي آهي،
ڏوهه توڏي آهي، ناحق ويچاري نرگس کي تو رنج ڪيو.
مون سان ايتري ٿئي ته جيڪر چري ٿي پوان، ديواني ٿي
پوان.
دلدار خان: (پنهنجي منهن، ٻئي پاسي ڪري)
ڏاڍي جٺ ٿي، وس پڄي ته پنهنجو هٿ وڍي ڇڏيان ۽ چوان
ته منڊيءَ جي بچائڻ ۾ مون منڊيءَ سوڌو هٿ وڃايو.
فيروز: دلدار خان وري پنهنجي منڊي قاضي صاحب
کي ڏني، جنهن کائنس ڏاڍي زور سان ورتي. حقيقت ڪري
ايترو احسان هن سان ڪرڻ بلڪل لازم هو. تنهن تي
قاضيءَ جي منشيءَ وري اچي مون کي گهُٽيو، گهڻو ئي
مٿو هنيوسين، پر منڊيءَ کانسواِ وٺن ئي نه. لاچار
ٿي کڻي پنهنجون منڊيون هنن کي ڏنيوسين.
حسنا: (دلدار خان کي) سائين، اوهان ڪهڙي
منڊي ڏني؟ جيڪا مون ڏني هئي ! اها ته ڪڏهن نه ڏني
هوندو، ضرور ڪا ٻي ڏني هوندوَ؟
دلدار خان: قصور جيڪو ٿيڻو هو سو ٿيو، جي
ڪوڙ ڳالهائڻ جو گناهه انهيءَ سان شامل ڪرڻو هجيم
ته جيڪر انڪار ڪريان، پر پياري توسان سچي ڪرڻي
اٿم. (هٿ ڏيکاري) ڏس هي هٿ، ڪا منجهس منڊي آهي،
آءُ برابر ڏيئي ويٺو آهيان.
حسنا: (چڙ ۾ ) ڏٺي، ڏٺي تنهنجي چڱمڙسي، ڏٺي
تنهنجي ايمانداري ۽ وفاداري ! مون کي پنهنجي سر جو
قسم آهي جي وري کڻي تنهنجي پاسي ۾ ويهان، جيسين
اها ساڳي منڊي نه ڏسان، ڏٺو پير پني مراد. (ڪاوڙجي
منهن پاسي ڪري بيهي ٿي)
نرگس؛( فيروز کي) آءُ به قسم ٿي کڻان ته وري
توسان گڏ نه ويهندس، جيسين پنهنجي منڊي نه ڏسنديس.
دلدار خان: پياري حسنا، ايتري ڪاوڙ نه ڪر.
جي توکي خبر پوي ته مون اها منڊي ڪنهن کي ڏني ۽
ڪنهن جي خاطر ڏني ۽ ڇالاءِ ڏني ۽ ڪهڙيءَ لاچاريءَ
هيٺ ڏني. ته جيڪر مون تي ايترو رنج نه ڏيکارين.
حسنا: جيڪڏهن توکي انهيءَ منڊيءَ جو ڪو ذرو
قدر هجي ها، يا منڊيءَ جي ڏيڻ واريءَ جو ڪو قدر
هجي ها، يا پنهنجي عزت سچائي ۽ وفاداريءَ جو قدر
هجي ها، ته جيڪر ڪنهن به طرح اها پاڻئون پري نه
ڪرين ها. يقين آهي ته جي اها منڊي تون نه ڏيڻ جي
ڪرين ها ته هزار عذر ڏيئي ۽ حيلا ڪري به اها بچائي
سگهين ها. ڪنهن کي پت ايندي ته تون اهڙو لاچار اچي
ٿيو هئي، جو منڊي ڏيئي ويٺين؟ نرگس چڱو سمجهيو
آهي، سچ ٿي چوي ته اوهان منڊيون ڪن رنن کي ڏيئي
ڇڏيون آهن. چڱي اشرافت ڪئي اٿوَ.
دلدار خان: حسنا، آءُ ايمان سان ٿو چوان،
آءُ پنهنجي سر جو ، تنهنجي سر جو، خدا واحد جو قسم
ٿو کڻان ته اسان اهي منڊيون ڪنهن به زال کي نه
ڏنيون آهن. هن قاضيءَ جو ڀلو ٿئي، مون ٽي هزار
رپيا ٿي ڏنس ته به نه ورتائين، چوي ته وٺان ته اها
منڊي نه ته ٻيو ڪي به نه وٺان. انهيءَ هوندي به
مون جواب ڏيئي ڇڏيس ۽ هو ڪاوڙجي هليو ويو. پوءِ
شرم ۽ احسان جي بار هيٺ لاچار ٿي پٺيانئس منڊي
ڏياري موڪليم. پياري حسنا، جي ائين ڪرڻ سان به ڪو
منهنجو قصور آهي ته مون کي معاف ڪر. مون کي خاطري
آهي ته جي انهيءَ مهل تون پاڻ اتي هجين ها ته جيڪر
زوري ڪري منٿن سان مون کان وٺي به هن کي ڏين ها.
حسنا: چڱو هاڻ ڀلي اهو قاضي صاحب ڪڏهن
منهنجي گهر ڏي به اچي ته جٺ ڪهڙي نه ٿي ڪريانس.
جنهن شيءِ سان منهنجي هيتري محبت هئي ۽ جا
توکانسواءِ ٻئي ڪنهن کي نه ڏيان ها، سا هٿ ڪري
ويٺو آهي. چڱو ٺهيو، تو مون کي چڱو رستو ڏيکاريو
آهي. هاڻ جهڙو تون هن سان سخي ٿيو آهين، اهڙي آءٌ
به ٿينديس. مون کان به جيڪي گهريائين سو آءُ کانئس
واڃي ڪين رکنديس. جيڪي چوندو سو آءُ ڪنديس. منهنجو
من گهريائين ته من ڏيندياسين ۽ تن گهريائن ته تن
ڏيندي سانس. مطلب ته جنهن منهنجي منڊي هٿ ڪئي تنهن
ڄڻ خود مون کي هٿ ڪيو. هاڻي منهنجو مڙس آهي ته
اهو، منهنجو دلدار آهي ته اهو، توسان هاڻي منهنجو
ڪو به واسطو ڪونهي.
نرگس: (فيروز کي) منهنجو به مڙس آهي ته اهو
قاضيءَ جو منشي آهي، توسان منهنجو ڪو به واسطو
ڪونهي.
بهرام خان: مون کي گهڻو افسوس آهي ته مون
ندوريءَ ۽ نڀاڳي جي خاطر اوهان ۾ هيترو جهڙو ۽
جهڳڙو پيدا ٿيو آهي.
حسنا: سائين، اوهين افسوس نه ڪريو، جهيڙو
ٿيو ته حرڪت ڪانهي، اوهين ڀلي آيو، جيءَ آيو،
جيترو ٿي سگهيو، اوترو اوهان جي خدمت ۽ خاطر داري
ڪنداسين.
دلدار خان: حسنا، پياري حسنا، اها ڳالهه هاڻ
وساري ڇڏ، اهو قصور مون کي معاف ڪر، آءُ انجام ٿو
ڪريان ۽ قسم ٿو کڻان ته وري اهڙي قسم جي غفلت مون
کان نه ٿيندي.
بهرام خان: مون هِن جي خاطر پنهنجو جسم ۽
پنهنجو ساهه ضامن ڪيو هو، ۽ جنهن ماڻهوءَ کي هن
منڊي ڏني سو جي ايتري نه ڪري ها ته ضرور آءُ ساهه
وڃايان هاهان ۾ هيترو جهڙو ۽ جهڳڙو پيدا ٿيو آهي.
ن ها.
نڊيون ڪنهن به زال کي نه. هاڻ وري به هن جو
ضامن ٿو پوان ته جيڪو انجام هي ڪري ٿو سو ڪڏهن نه
ڀڄندو.
حسنا: چڱو سائين، تڏهن اوهين سندس ضامن
آهيو، ۽ سندس جوابدار آهيو. (منڊي لاهي) هاڻي هيءَ
وٺي ڏيوس ۽ سمجهايوس ته انهيءَ جي وڌيڪ سنڀال رکي.
بهرام خان: (منڊي وٺي دلدار خان کي ڏئي ٿو)
هان، دلدار خان، هيءَ وٺ، هن جي تمام گهڻي سنڀال
ڪج ۽ ڪنهن کي به وري متان ڏين.
دلدار خان: ( منڊي وٺي، چتائي ڏسي حيرت ۾
پئي ٿو) قَسَمُ آهي، هيءَ ته اها ساڳي منڊي آهي جا
مون قاضيءَ کي ڏني هئي!
حسنا: هائو، اها آهي، مون هن کان ورتي آهي
(کلي) پيارا دوست معاف ڪجئين. اها منڊي ڏيکاري هو
اچي رات جو مون سان رهيو هو.
نرگس: پيارا فيروز، تون مون کي معاف ڪجئين،
جو انهيءَ قاضيءَ جو جوان منشي وري گذريل رات مون
سان اچي رهيو هو، هيءَ منڊي ڏيکاري (منڊي ڪڍي ڏئيس
ٿي).
فيروز: (دلدار خان کي چڙ ۾) هنن اسان کي
بنائي مڄو ڪري ڇڏيو آهي، ڇا پاڻ زن مريد ٿيا آهيون
ڇا، جو اسان جي زالن کي جيڪي وڻندو سو ڪنديون ۽
اسان کي منهن تي چئي ٻڌائينديون؟
حسنا: اهڙي اجائي ڳالهه نه ڪر. اوهان سڀني
کي عجب لڳو آهي. هان، هي خط پڙهي ڏسو ته اوهان کي
سڄي حال جي خبر پوي. (خط دلدار خان کي ڏئي ٿي)
فرصت مهل پڙهي ڏسجو، اهو اورنگ آباد مان آيو آهي ۽
مامي قاضيءَ محمد جان جو لکيل آهي. انهيءَ جي پڙهڻ
مان اوهان کي معلوم ٿيندو ته اهو جوان قاضي جيڪو
آيو هو اهو آءُ هيس ۽ نرگس انهيءَ جي منشي هئي.
اوهين هتان روانا ٿيئو ته اسين ٻيئي هتان
نڪتيونسين. لالا منسک لال انهيءَ جو شاهد آهي.
موٽي سامهون ئي هتي آيون آهيون، اڃا اندر گهر ۾ به
نه گهڙيون آهيون. بهران خان، اوهان کي مبارڪ هجي،
مون کي ٻي به خوشخبري اوهان کي ڏيڻي آهي. هي خط
کولي پڙهي ڏسو. (هن کي هڪڙو ٻيو خط ڏئي ٿي) انهيءَ
مان اوهان کي خبر پوندي ته اوهان جا ٽي جهاز صحيح
سلامت اچي بندر تي بيٺا آهن. ڪيئن اهو خط مون کي
مليو، تنهن جي ٻڌائڻ جو گهڻو ضرور ڪونهي.
بهرام خان: ( خوشيءَ ۾ ) هزار شڪرانا، آءُ
ٻيو وڌيڪ ڇا چوان.
دلدار خان: تون قاضي ٿي آئي هئين، ۽ مون
توکي سڃاتو ئي ڪين !
فيروز: (نرگس کي) تون انهيءَ جو منشي هئينءَ
۽ اچي منهنجيءَ زال سان رستو رکيو هُوَئي؟
نرگس: هائو، تنهنجي زال سان رستو رکڻو اٿم،
مگر تڏهن، جڏهن منهنجي منهن تي وار نڪرندا.
دلدار خان: (حسنا کي) پيارا قاضي صاحب، في
الحال ته تون مون ساهه رهه، جڏهن آءُ ٻاهر وڃان،
تڏهن ڀلي منهنجيءَ زال سان پيو رهج.
بهرام خان: بيگم صاحبه، تو مون کي جيئدان به
ڏنو آهي ۽ قوت گذران به ڏنو آهي. منهنجي جان به
بچايئي ۽ منهنجي مال ۽ ملڪيت جي خوشخبري آندئي. هن
خط مان صفا معلوم ٿو ٿئي، ته منهنجا ٽي جهاز طوفان
۾ توائي ٿي ويا هئا سي صحيح سلامت اچي بندر تي
رسيا آهن.
حسنا: لالا منسک لال، تنهنجي لاءِ به هڪڙي
خوشخبري آندي اٿئون. (نرگس کي) نرگس، اهو دستاويز
ڪڍي لالي کي ڏي.
نرگس: ها سائڻ. (ڪڍي ڏئيس ٿي) اهو وصيتنامو
آهي، جنهن موجب سيٺ هريداس پنهنجي مئي کان پوءِ،
پنهنجي ساريءَ ملڪيت جو اڌ توکي ۽ موهنا ٻائيءَ کي
ڏئي ٿو.
منسک لال: بيگم صاحبه، تون ته ڪا ديوتا
آهين، جو چوڌراري ماڻهن کي فيض پهچائيندي وتي
آهين.
حسنا: باقي ٿوري رات آهي. اوهين ۽ اسين سڀ
ٿڪل آهيون. هلو ته هلي آرام ڪريون، سڀاڻي پيا ذري
پرزي جون ڳالهيون ڪنداسين.
دلدار خان: بهتر، هلو ته اندر هلون. مگر هلڻ
کان اڳي بهتر آهي ته سڀ گڏجي خدا جو شڪرانو ادا
ڪريون، ۽ هيترن فڪرن ۽ انتظارن کانپوءِ خوشي ظاهر
ڪريون.
حسنا: ائين پاڻ چڱو، اچو ته سڀئي گڏ ٿي
بيهون. (سڀ قطار ٻڌي بيهن ٿا ۽ گڏجي هيٺيون راڳ
ڳائين ٿا.)
*
سڀ گڏجي
اڄ امن چمن، آهي هيءَ دنيا ساري،
مطلب ٿيا من جا، بخت سڀن جو باري
دلدار خان:
ويا ڏينهن ڏکن جا گذري، خوشيون هاڻ آيون،
حسنا:
لک ٿورا بيشڪ ڀال ڀليءَ جا ڀانيون
بهرام خان:
شڪرانو جڳائي تنهن جو ۽ توبهه زاري.
سڀ گڏجي:
مطلب ٿيا من جا، بخت سڀن جو باري.
فيروز:
ٿيون فضل سان تنهنجي، سڀ جون مرادون حاصل،
نرگس:
ٿيو هر ڪو پنهنجي پياري پرينءَ سان واصل
بهرام خان:
رب شال رکي ايءَ رسم به جڳ ۾ جاري.
سڀ گڏجي:
مطلب ٿيا من جا، بخت سڀن جو باري.
منسک لال:
شل مولا موٽي ڏک نه ڪنهن ڏيکاري،
موهنا:
شل سڀڪا ڪنئار سدا گهر گهوٽ سان گهاري،
بهرام خان:
شل وڇڙي مور نه جڳ ۾ نرکون ناري.
سڀ گڏجي:
مطلب ٿيا من جا، بخت سڀن جو باري.
(پردو ڪِري ٿو)
خاتمو
(مئنيجر نڪري اچي ٿو، ۽ ماڻهن کي نئڙي سلام ڪري، هيٺان
بيت ڳائي ٿو.)
*
۱- ناٽڪ اسان جو دوستو آخر تمام ٿيو،
صد شڪر، جي پسند سڄو انتظام ٿيو.
۲- جيڪي پنو، اوهان کي ٻڌايوسين نظم و نثر،
منظور ٿيو ته خوب، هي عمدو ڪلام ٿيو.
۳- هي خوش دليءَ جو کيل اصل انگريزي هو،
مٽ سٽَ منجهس ٿي، هاڻ نئون تنهنجو نام ٿيو.
۴- ورتو اٿئون به شيڪسپيئر جي ڪتاب مان،
جنهن جهڙو ڪو نه شاعر عالي مقام ٿيو.
۵- صورت ولائتيءَ کي مليو ويس سنڌ جو،
مي ٿي پرائي، تنهن سان به پُر پنهنجو جام ٿيو.
۶- قصو آهي هي عجيب، مصنف ڪچو اگرچ
پختو آهي ته اصل، فقط نقل خام ٿيو.
٧- ٿيو خير ۽ خوشيءَ سان به پورو اسان جو ڪم،
هر ڪو ڏسي، ٻڌي، هتي، خوش خاص و عام ٿيو.
٨- هڙي مدعا اسان جي اوهان جي رضا خوشي،
وهسڻ کلڻ اوهان جو اسان جو انعام ٿيو.
٩- لطف و ڪرم اوهان جي ۾ پڻ آس اٿئون اڃا،
جڳ جو نغمو اسان جو ته مطلب مدام ٿيو.
۱۰-
خداوند شل اوهان کي رکي خوش سدائين، هاڻ
رخصت اسان کي آهي، سڀن کي سلام ٿيو
(نثري سلام ڪري ٿو، پاسي کان سڀ ويس ڌاري نڪري اچي صف
ٻڌي بيهن ٿا، ۽ هٿ مٿي ڪري سڀ هي مناجات ڳائين
ٿا.)
*
۱ - اسان هيڻن جي حال تي تون رحم جي نگاهه ڪر،
ناهي وسيلو ڪو ٻيو، الاهي تون ڪا واهه ڪر.
۲ - ندوري نفس جي چئي گناهه ۾ ٿيا آهيون گُم،
رُليو خطا ۾ پيا رُلون، رسي اسان جي راهه ڪر
۳ - اسان جا درد دفع ڪر، موروئن مٽي مصيبتون،
مٽائي حاسد ۽ عدو اسان جا خير خواهه ڪر.
۴ - الاهي اصل کان اسين ڏهاري آهيون سر بسر،
عطا ڪري اسان مٿي، معاف سڀ گناهه ڪر.
۵ - سلوڪ ڏي سپت سندو، ڪچايون قلب مان ڪڍي،
سوري سڀاءَ ۾ سانت ڏي، چوري اندر ۾ چاهه ڪر.
۶ - بچاءِ هت بدين سندي سزا کان تون سيرير کي،
پَلي پَناري پنهنجي تون، هتي سڻائي ساهه ڪر.
٧ - الاهي آهيون تنهنجي در سڀئي سوالي سوز مان،
پناهه ڪر، پناهه ڪر، پناهه ڪر، پناهه ڪر.
|