3- شهرن ۽ ڳوٺن ۾ پورهيي جي ورڇ
ڏٺو وڃي ته هي جهان ڪم جي ورهاست سان هلي ٿو. ڪي پوکي راهي ڪن
ٿا، ڪي وڻج واپار ۾ رُڌل آهن، ته ڪي ٻين هنرن ۾
لڳل آهن. چوندا آهن ته ’تاڙي هڪ هٿ سان نه وڄندي
آهي.“ هيءُ چوڻي آهي ته ”ٻه ته ٻارنهن“ يعني گڏجي
ڪم ڪرڻ ۾ فائدو آهي. اک ورائي ڏسو ته معلوم ٿيندو
ته اسان جي گهرجن جو دارومدار هڪ ٻئي کي هٿ ونڊائڻ
۽ هڪ ٻئي کي ڪم اچڻ تي آهي. اهو ئي سبب آهي جو
جيتريقدر هڪ ٻئي کي هٿ-هٿ ۾ ڏئي هلنداسون،
اوتريقدر اسان کي سُک ۽ سهنج ملندا.
شهر ۽ ڳوٺ به ائين ئي پاڻ ۾ ڳنڍيا پيا آهن. ٻنهي جو هڪ ٻئي تي
دارومدار آهي. جدائيءَ ۾ ويڇو ته آهي ئي ڪونه.
چوندا آهن ته ”گهڻن کنئين ڇپر کڄيو وڃي.“ انهيءَ
خيال کان جڏهن اسان شهر وارا توڙي ڳوٺاڻا سچائي،
ايمانداري ۽ هڪ ٻئي سان همدردي رکي گڏجي ڪم
ڪنداسون، يا وڻج واپار هلائينداسون ته هر ڳالهه ۾
سوڀارا ٿينداسون. اسان به خوشحال ٿينداسون ته ملڪ
به واڌارو ڪندو، ۽ دنيا ۾ ان جو مانُ مٿانهون
ٿيندو.
دنيا جو ڌنڌو ئي ڪجهه عجيب آهي. هرڪو ائين گهرندو آهي
ته کيس ڪنهن جي محتاجي ڪڍڻي نه پوي. هو ڪيترو به
پاڻ پتوڙيندو، پر ائين ڪري ڪين سگهندو. هتي هر
وقت، هر قدم تي هڪ جو ٻئي ۾ ڪم پوي ٿو. پيءُ – پٽ
جو محتاج آهي ته پٽ – پيءُ جو. هڪ ڌنڌو، ٻئي ڌنڌي
جي لڳ لاڳاپي سان هلي ٿو. گهر، اوڙي پاڙي جو
محتاج، ته شهر ٻهراڙيءَ جو. ڳوٺ به شهر کان سواءِ
هلي نه سگهندو. مطلب ته احتياج کان بي نياز ته فقط
هڪ خدا جي ذات آهي.
ان مان ظاهر ٿيندو ته شهري حياتي ڳوٺ جي لڳ لاڳاپي، ڏيتي ليتي،
اچ وڃ ۽ وڻج واپار سان واسطو رکي ٿي. ڳوٺ کي به
شهر جي ضرورت آهي. ڳوٺاڻن کي پنهنجي پيداوار جي
نيڪال ۽ پنهنجي ضرورت جي شين هٿ ڪرڻ لاءِ شهرن سان
واسطو رکڻو پوي ٿو، ۽ اچڻو وڃڻو پوي ٿو.
4- شهري ۽
ڳوٺاڻي حياتيءَ ۾ تفاوت
انهن ڳالهين کي ڏسي، اسان کي ڳوٺن ۽ ڳوٺاڻن جو قدر ڪرڻ گهرجي.
ڳوٺ جو هاري شهرين کان وڌيڪ پورهيو ڪري ٿو. هي
اُهو پورهيت آهي، جيڪو اونهاري ۾ تَتَل ڌرتيءَ تي
پگهر وهائي هَرَ هلائي ٿو. رُونبو ڪري ٿو، ڪوڏر
هڻي زمين سِڌي ڪري ٿو؛ ۽ سياري جي سخت ٿڌ ۾ پاري
جهڙي پاڻيءَ ۾ گهڙي پوک لاءِ پاڻي ورائي ٿو. هو
پاڻ رکو سکو ٽُڪر کائي، اسان لاءِ اناج، ڀاڄيون ۽
ميوا پيدا ڪري ٿو. پاڻ سادا يا ڦاٽل ٽُٽل ڪپڙا
پائي، ٻين کي قيمتي ويس وڳا پهرائي ٿو. اسان جي
وڏي شاعر شاهه عبدالللطيف ڀٽائيءَ جي بيت جي هيٺين
سِٽ سُئيءَ بابت آهي؛ پر اسان جي هاريءَ جي حالت
سان به اها ٺهڪي اچي ٿي:
”ڍڪي اُگهاڙن کي ڪِين ڍڪيائين پاڻ“
ايڏي پورهيي کان پوءِ به هن کي ايترو پِڙِ نٿو پوي جو هو سڄو
سال سک ۽ آرام سان حياتي گذاري سگهي. هو نه چڱو
چوکو کائي سگهي ٿو، ۽ نه هو پنهنجون گهُرجون ئي
پوريون ڪري سگهي ٿو. دوا درمل جون سهولتون به کيس
پوريون ڪونه ٿيون ملن. سندس ٻارن جي تعليم لاءِ به
جوڳو بندوبست ڪونهي.
ڳوٺن جي حالت به ڏاڍي اَبتر آهي. صفائي نه هجڻ ڪري گندگي ٿئي
ٿي؛ جنهنڪري ڪيتريون ئي بيماريون وقت به وقت منهن
ڪڍيو بيهو رهن.
وڏي ڳالهه اها ته هو زراعتي هنر جي نئين سکيا کان به وانجهيل
آهي. ٽرئڪٽرن ۽ ٻين مشينن تائين به سڀڪنهن جي هٿ-
پڄندي ڪانه ٿي ٿئي. سُٺي ٻج ۽ ڀاڻ لاءِ به کيس وڏي
ڊُڪ ڊوڙ ڪرڻي پوي ٿي. ان کان سواءِ اناج وڪرو ڪرڻ
وقت به کيس ڏجها ڏِسڻا پون ٿا.
هوڏانهن وري ڏسبو ته معلوم ٿيندو ته ملڪ اهوئي خوشحال نظر
ايندو، جنهن جا هاري سکيا ۽ آسودا آهن. ڄاڻن جو به
اهو خيال آهي ته جيستائين هارين کي آسودو نه رکبو،
تيستائين ملڪ ترقي ڪري نه سگهندو.
جيتوڻيڪ اسان جا شهر به ايڏي وڏي اوج تي ڪونه آهن، تڏهن به ڳوٺن
جي ڀيٽ ۾ شهرن ۾ تعليم وڌيڪ آهي، اوچيون ۽ پَڪيون
جايون آهن، صفائيءَ سُٿرائي آهي، دوا درمل جي
سهولت آهي، ۽ ٻيون ڪم ايندڙ شيون عام جام ملن
ٿيون. مطلب ته شهرن ۾ جيڪي سهولتون آهن، اُهي ڳوٺن
۾ ڪونهن. البت هينئر ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ بجلي اچي
ويئي آهي. وڏن ڳوٺن ۾ اسپتالون پيون آهن، ۽ ٻيون
ڪجهه سهولتون ڳوٺن کي ملي رهيون آهن. ان هوندي به
ضرورت آهي ته ڳوٺن جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ اڃا به
وڌيڪ ڌيان ڏجي.
ڳوٺن ۾ قدرتي سونهن ۽ سوڀي جهجهي آهي. اُتي ماڻهو قدرت جي نظارن
مان دل کي فرحت ڏئي سگهي ٿو. اُتي جي صاف هوا
انسان جي تندرستيءَ لاءِ وڏي نعمت آهي. جيڪڏهن
اسان ڳوٺن ۾ سڌارا آڻيون ته ڳوٺن جي رهائش، شهري
حياتيءَ کان تمام سٺي آهي. هينئر جو ماڻهو ڳوٺن
کان لڏي شهرن ۾ اچي رهن ٿا، اها ڳالهه جيڪر ختم ٿي
وڃي. پاڻ شهري ماڻهو، ڳوٺن ۾ رهڻ جي سَڌَ ڪن، ۽
ڳوٺن ۾ جايون جوڙائي ڪجهه وقت وڃي اُتي سک جو ساهه
کڻن.
5- ڳوٺن جو سڌارو ۽ واڌارو
ڳوٺن جي حالت سڌارڻ فقط سرڪار جي ذميواري نه آهي. اسان کي به ان
لاءِ ڪوشش وٺڻي آهي. سرڪار ته ڳوٺاڻن جي سڌاري ۽
واڌاري لاءِ گهڻو ڪجهه ڪري پئي: ڳوٺن ۾ تعليم جون
سهولتون ڏيڻ لاءِ ننڍن ننڍن ڳوٺن ۾ به اسڪول قائم
ڪيا ويا آهن. ان کان سواءِ ننڍن توڙي وڏن ڳوٺن ۾
هاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن جو انگ به وڌايو ويو آهي.
اسپتالون به ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ کوليون ويون آهن.
هارين جي سهولت لاءِ به حڪومت گهڻو ڪجهه ڪيو آهي، ۽ ڪري پئي:
کين ٽرئڪٽرن، ٻين مشينن ۽ ٽيوب ويلن جي سهولت لاءِ
تمام وڏو خرچ ڪري رهي آهي. ڀاڻ جي لاءِ ڪيترائي
ڀاڻ جا ڪارخانا لڳايا ويا آهن، ۽ اڃا ڪجهه ٻيا به
لڳايا پيا وڃن. سُٺن ٻجن لاءِ به کوجنائون ڪيون
ويون آهن، ۽ ٻين ملڪن ۾ ٿيل کوجنائن مان به فائدو
ورتو ويو آهي. سِمَ ۽ ڪَلر کي ختم ڪرڻ لاءِ وڏيون
ڪوششون ورتيون پيون وڃن، ۽ گهڻو پيسو خرچ ڪيو پيو
وڃي. فصلن کي ڪِيڙي ۽ جِيت کان بچائڻ لاءِ دوائن
ڇٽڪائڻ جو بندوبست آهي.
حڪومت جون ڪوششون به تڏهن ڪامياب ٿينديون، جڏهن اسان ان ڏس ۾
سرڪار سان سهڪار ڪنداسون، ۽ هارين ۽ ڳوٺن جي سڌاري
لاءِ گهُربل اُپاءَ وٺنداسون. جيڪڏهن واپاري ۽
ڪامورا ٺڳي ۽ دولاب ڪندا ته سرڪاري سهولتن مان
هارين کي پورو فائدو ملي نه سگهندو. انهيءَ ڪري
اسان کي گهرجي ته پنهنجي پيٽ ڏانهن گوڏا نه
سوريون؛ پر ٻئي جو به خيال ڪيون. چوندا آهن ته
”پَرَ خير، ته پنهنجو خير.“ اسان کي رڳو پنهنجي
پيٽ لاءِ سوچڻ نه گهرجي، پر اهو خيال ڪرڻ گهرجي ته
ڪنهن ٻئي جي به ڪم اچون.
سياڻا چئي ويا آهن ته: اها حياتي ڪهڙي ڪم جي، جيڪا فقط پنهنجو
پاڻ تائين هجي. ماڻهو اهو چڱو، جيڪو ٻئي جو حق نه
کائي، پر جيترو پڄي سگهيس اوترو ڪنهن ٻئي سان ڀالَ
ڀَلائي. انهيءَ ڪري اسان کي جڳائي ته جيترو پڄي
سگهي اوترو پنهنجي پاڙيسرين، شهر وارن ۽ ٻين ڳوٺن
وارن جي مدد ڪريون.
ڳوٺن جي سڌاري ۽ واڌاري لاءِ اهڙيون انجمنون قائم ڪرڻ گهرجن،
جيڪي ڳوٺن ۾ وڃي ڳوٺاڻي آباديءَ کي شهر جي رهڻي
ڪهڻي سيکارين ۽ حياتيءَ جي سُکن ۽ سُهنجن کان واقف
ڪن. انهن جي گهريلو هنرن کي همتائين، ۽ انهن کان
مال جي وڪري لاءِ جوڳا اپاءَ وٺن. ڳوٺاڻن کي
صفائيءَ جا فائدا سمجهائين، ۽ صفائي رکڻ جا طريقا
سيکارين. ان کان سواءِ انهن انجمنن جي رضاڪارن جا
هيٺان ڪم به ٿي سگهن ٿا:
1- ڳوٺاڻن کي سمجهائين ته گند ڪچري جي ڪري بيماريون پيدا ٿين
ٿيو. انهيءَ ڪري گند ڪچرو جتي ڪٿي ڦِٽو نه ڪن، پر
ٻاهر کڏون کوٽي، اُنهن ۾ ڦِٽو ڪن. ڪِني پاڻيءَ
لاءِ ناليون کوٽين، جيئن پاڻي نيڪال ٿي، ٻاهر ڪنهن
کَڏ يا ڪَسيءَ ۾ وڃي پوي.
2- کوهن ۽ تلائن جي حفاظت ڪن، ۽ انهن جي ويجهو گندگي ٿيڻ نه
ڏين.
3- کين سيکارين ته وبائي بيمارين کان بچڻ لاءِ اڳ ۾ ڪهڙا اُپاءَ
وٺن، جيئن وبائي بيماريون منهن ئي نه ڪڍن.
4- کين دوا درمل جون سهولتون ڏيڻ لاءِ اهڙيون اسپتالون ڳوٺن ۾
کولارائين، جتي ڳوٺاڻن کي سستو ۽ سولو علاج ملي
سگهي.
5- ڳوٺاڻن جا اهنج دور ڪرڻ لاءِ انهن سان ٻانهن ٻيلي ٿين. کين
ڪاموري ۽ وڏيري جي ڏاڍاين کان بچائڻ لاءِ جوڳا
اُپاءَ وٺن.
6- کين سُٺي ٻج، ٽريڪٽر، ڀاڻ ۽ ٻين ڳالهين ۾ مدد ڪن، جيئن کين
پريشاني نه ٿئي، ۽ وقت تي مُنجهي نه پون.
7- اسان جا ڳوٺاڻا وهمن ڀرمن ۾ مبتلا آهن. انهيءَ ڪري هو اٻوجهه
۽ اڻڄاڻ رهجيو وڃن. ضرورت آهي ته کين انهن ڳالهين
کان پري رکڻ لاءِ، منجهن سمجهه پيدا ڪجي.
8- اسان جا ڳوٺاڻا مرد توڙي عورتون ڏاڍا محنتي آهن. هو پوکي
راهي کان سواءِ ٻيا هنر به ڄاڻن ٿا. هو ڪيتريون ئي
شيون ٺاهين ٿا، جيڪي چڱو ناڻو پيدا ڪري سگهن ٿيون.
عورتون رَليون ۽ ٽوپَ ٺاهين ٿيون، ۽ ڀَرت جو ڪم به
ڏاڍو عمدو ڪن ٿيون. مرد پَترون، کارا، تؤنريون ۽
ٻيون ڪيتريون شيون ٺاهين ٿا. انهن کان سواءِ
ڪيترائي هنرمند به ڳوٺن ۾ رهن ٿا، جيڪي ڪيترن ئي
قسمن جو ڪپڙو اُڻن ٿا، جُتيون ٺاهين ٿا، ٺِڪر جا
ٿانوَ جوڙين ٿا، ڪاشيءَ جا برتن ٺاهين ٿا، جنڊيءَ
جو ڏاڍو سهڻو ڪم ڪن ٿا.
جيڪڏهن ڪوشش ورتي وڃي ته ڳوٺاڻن کي انهن شين مان تمام گهڻو
اُپراسو ٿي سگهي ٿو. پر واپارين جي خود غرضيءَ جي
ڪري کين مناسب اُجرت ڪونه ٿي ملي. جيڪڏهن اهڙا
اُپاءَ وٺجن، جو انهن جي پيداوار سُٺي اگهه تي
وڪامي، ۽ انهن جو کپُ وڌائجي ته جيڪر ڳوٺاڻن
هنرمندن جي مالي حالت ڏاڍي سڌري وڃي. ان سان گڏ
اهو فائدو به ٿيندو، ته اسان جي سنڌي ثقافت جو
بچاءُ ٿيندو.
حقيقت اها آهي ته اسان جي ثقافت توڙي نج ٻولي آهي ئي ڳوٺن ۾.
جيڪڏهن اسان گهرون ٿا ته اسان جي ثقافت اصلي حالت
۾ قائم رهي ۽ ان جو وار ونگو نه ٿئي، ته جڳائي ته
ڳوٺاڻن هُنرن کي هَٿي ڏيون. انهن جو مانُ ڪيون، ۽
اُن جو چالامان وڌايون. اهڙيءَ طرح اسان مالي حالت
۾ پاڻ ڀَرا ٿينداسون، ۽ ڪنهن جا ڳيجهو نه
ٿينداسون.
6- شهري حياتيءَ ۾ سڌاري جي
ضرورت
اسان جي شهرن کي به سڌارڻ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن شهرن ۾ گندگي
ٿئي ٿي ته ان جو تمام اُگرو نتيجو نڪري ٿو. ڏٺو
ويو آهي ته شهرن جي گهٽين ۽ رستن جي صفائيءَ جو
گهڻو خيال نه ڪيو ويندو آهي. اسان گهٽين ۾ جتي
ايندو آهي، اتي گند ڪچرو اُڇلائي گندگي ڪندا
آهيون. رستي تي هلندي شيون ۽ ميوو کائي، ڪاغذ،
لفافا، دونا، پئڪيٽ ۽ ميون جون کلون اُڇلائي
ڇڏيندا آهيون. انهيءَ ڪري هڪ ته گندگيءَ مان
بيماريون نِسرن ٿيون، ٻيو ته ميون جي کلن تان
ماڻهو تِرڪيو ڪِريو پون. وقتي ته ڪي حادثا به ٿيو
پون.
انهيءَ ڪري هر شهريءَ تي واجب آهي ته هو صفائيءَ جو خيال رکي.
گهٽين ۾ گند نه اُڇلايو وڃي، پر اهو کڻي وڃي انهن
جاين تي اُڇلجي، جتي ميونسپالٽيءَ طرفان گند اُڇلڻ
لاءِ خاص طرح سان انتظام ڪيا ويا آهن. ان کان
سواءِ رستي هلندي کَلون ۽ ٻيون بيڪار شيون نه
اڇلائجن، پر گند گڏ ڪرڻ وارين جاين تي اُڇلايون.
ڏٺو ويو آهي ته شهري حياتيءَ ۾ هرڪو پنهنجيءَ ۾ پورو هوندو آهي.
هن کي اها به خبر نه هوندي آهي ته پاڙي ۾ ڪير ٿو
رهي. اها ڳالهه نهايت خراب آهي. ماڻهپو انهيءَ ۾
نه آهي ته ماڻهو لڳ لاڳاپو ئي نه رکي. اسلام اسان
کي سيکاريو آهي ته پاڙيسرين جو پورو پورو خيال
رکون. ائين نه ٿئي ته پاڙيسري بکيو رهي ۽ پاڻ پيٽ
ڀري کائون؛ اسان سک ۽ آرام ۾ گذاريون، ۽ پاڙيسري
اهنج ۽ آزار ۾ هجي. انهيءَ ڪري پاڙيسرين سان ميٺ ۽
محبت سان هلجي. اوکيءَ ويل انهن کي ڪم اچجي، ۽ هر
ڪم ۾ ساڻن ٻانهن ٻيلي ٿي بيهجي.
شهري حياتي سُٺي گذارڻ لاءِ اسان تي ٻيون به ڪيتريون ئي
جوابداريون آهن. جهڙوڪ:
1- ٻارن جي تعليم ۽ سِکيا جو جوڳو بندوبست ڪرڻ.
2- قانون تي هلڻ ۽ قاعدن قانون جي ڀڃڪڙي نه ڪرڻ.
3- بُراين جي پاڙ پٽڻ لاءِ حڪومت جي مدد ڪرڻ.
4- شهر جي سڌاري لاءِ جيڪي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، انهن سان هر
حال ۾ مدد ڪرڻ.
5- سرڪاري محصول باقاعدگيءَ سان ادا ڪرڻ.
6- شهر ۽ ملڪ جي ڀلي لاءِ حڪومت کي سڏيءَ سڏ ڏيڻ.
اچو ته گڏجي عهد ڪريون ته انساني حياتيءَ جي ڀلي لاءِ جيترو پڄي
سگهندو اوترو ڪوشش وٺنداسون. جيڪڏهن اسان دل جي
سچائي سان انهيءَ نموني پاڻ پتوڙيو ته اهو ڏينهن
پري نه آهي، جڏهن اسان جا شهر توڙي ڳوٺ هڪ جهڙا
آرام ۽ آسائش وارا ٿي ويندا؛ ۽ انسان ڏک، ڏولائي ۽
ڏوجهري کان آزاد رهي، سک جو ساهه کڻي سگهندو. |