3_
سنڌي افسانو
مختصر افسانو اسان جي پنهنجي زماني جي پيداوار
آهي. ان جي بناوت تي نظر ڪنداسون ته معلوم ٿيندو
ته اختصار ان جي سڀ کان زيادهه نمايان خصوصيت آهي.
چون ٿا ته يورپ ۾ جڏهن ارڙهين صديءَ بعد مشيني دﺆر
جو آغاز ٿيو، تڏهن عام انساني زندگي تمام مصروف
بنجي ويئي ۽ ان هماهميءَ ۽ عديم الفرصتيءَ جي دﺆر
۾ طويل ناولن پڙهڻ جي فرصت ڪانه ٿي ملي سگھي، جن
جو ان دﺆر ۾ رواج هو اها ضرورت ئي هئي. جنهن نثري
ادب ۾ هن مختصر صنف کي جنم ڏنو ۽ ادبي صفحن ۾
مستقل طرح سان مروج ٿي. چنانچه افسانو جنهن جنهن
زماني جي چيز آهي، ان زماني جي سموري مزاج جي
خصوصيت ان ۾ سمايل آهي، ڏسڻ ۾ ايندو ته افساني ۾
فن جي نزاڪت به آهي. ته ان سان گڏ مختصر ۽ دلچسپ
آهي. تفصيل کان زياده منجهس تصور آفريني آهي.
افسانو، پڙهندڙ جي جذبات تي انتهائي تيزي سان اثر
اندار ٿئي ٿو. ازانسواءِ هن جي تخيل کي عمل جو
موقعو ڏئي ٿو. هڪ مصروف انسان جنهن کي پڙهڻ لاءِ
گھڻو وقت ميسر نه آهي، تنهن لاءِ هڪ عمدي ذهني غذا
آهي. گويا افساني اڄ جي انسانن جون ادبي گھرجون ۽
تقاضائون پوريون ڪيون آهن. اهوئي سبب آهي جو
افسانو اڄ جي سڀني اصناف ادب ۾ گهڻو مقبول آهي. ان
ڪري عوام جي سڀني طبقن ۾ گھڻي شوق سان پڙهيو وڃي
ٿو.
افسانو ان ڪري لکيو وڃي ٿو ته ان کي ئي نشست ۾
پڙهي پورو ڪري سگھجي. اهوئي سبب آهي، جو بعض نقادن
فني تشريح ۾ ان اختصار واريءَ خصوصيت کي ٻين سڀني
کان مقدم رکيو آهي. ايڊ گرايلن پـﺆ آمريڪن افساني
نگار، جنهن جي هٿان ابتدا ۾ افساني کي گھڻي تقويت
پهتي، تنهن به هن فن جي تعريف ڪجھ اهڙي انداز سان
ڪئي آهي، جا تمام ٿورن الفاظن ۾ سادي سودي فهم ۾
آهي. هو چوي ٿو ته ”نثر جي اها ڪهاڻي، جيڪا
پڙهندڙهڪ ئي نشست ۾، اڌ ڪلاڪ يا زياده هڪ يا ٻن
ڪلاڪن اندر پڙهي پورو ڪري سگھي ته ان کي افسانو
سمجھڻ گھرجي. اهو اختصار يا مختصر هجڻ افساني جي
سڀ کان وڏي سڃاڻپ آهي. ازان سواءِ پلاٽ، ڪردار ۽
واقعات کان سواءِ افساني جا ٻيا به ڪيترائي جزوي
پهلو آهن. هتي آءٌ مختصر طرح سان افساني جي فني
خصوصيتن جو ذڪر ڪريان ٿو.
انساني زندگي بيشمار واقعات ۽ گوناگون تجربات جي
حامل آهي. ليڪن افساني نگار ان مان هڪ واقعي يا
ڪنهن هڪ ڪردار کي انتخاب ڪري پنهنجي افساني جو
اساس قرار ڏئي ٿو. هو ڪنهن هڪ تحريڪ کان متاثر ٿي
قلم کڻي ٿو ۽ ان جو ڀرپور تاثر پڙهندڙن تائين
پهچائڻ لاءِ ڪوشش ڪري ٿو. هن جي ذهن ۾ واقعات جو
ذخيرو محفوظ رهي ٿو. ليڪن ان مان هو رڳو ان واقعي
جو انتخاب ڪري ٿو. جنهن جو سندس تحريڪ سان سڌو
سنئون تعلق ٿئي ٿو. چنانچه افساني لکڻ وقت افساني
نگار جي ذهن ۾ صرف هڪ منزل هڪ خيال ۽ هڪ نقطئه نظر
هوندو آهي، جنهن کي هو پهرئين جملي کان وٺي آخر
تائين قائم رکڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، ڇو ته مقصد ۽ منزل
جي ڪثرت هجڻ سبب افساني جي وحدت کي صدمو رسي ٿو،
جنهن ڪري هڪ منزل ۽ هڪ تحريڪ کان وڌيڪ ان ۾ مطلب
ڪڍڻ نه گهرجي ته افساني ۾ صرف هڪ واقعي جي عڪاسي
ٿي سگهي ٿي. حقيقت ۾ مکيه يا اهم واقعو صرف هڪڙو
ئي هوندو آهي. ۽ ٻيا ننڍا ننڍا واقعا يا حادثا به
افساني ۾ ٿيندا آهن ليڪن اهي سڀ ان مکيه واقعي جون
ڪڙيون هونديون آهن، جي ان کي اجاگر ڪنديون آهن ۽
افساني جي تڪميل ۾ مدد ڪنديون آهن. انهن ننڍڙن
واقعن ۾ به زندگيءَ جي مختلف پهلوئن جي تصوير ڪشي
ڪئي ويندي آهي. ليڪن مختصر افساني ۾ بيڪار بحث
مباحثا، بيسود نظرين جو پرچار يا فضول واقعن جو
ذڪر ڪونه هوندو آهي، تنهن ڪري ئي اهو مختصر ٿئي
ٿو.
افساني ۾ اتحاد زمان، اتحاد مڪان ۽ اتحاد عمل به
موجود هوندو آهي، جا خصوصيت افسانوي ادب جي ٻين
صنفن ۾ پڻ لازمي طور ٿيندي آهي. اتحاد زمان جو
مفهوم اهو آهي ته افساني جي واقعات ۽ وقت جو پاڻ ۾
مطابقت نه هوندو ته افساني ۾ تضاد پيدا ٿي پوي ٿو.
اتحاد عمل به افساني ۾ هوندو آهي يعني ته ڪردار جي
مختلف افعالن ۽ عملن ۾ مطابقت هوندي آهي. ڪردار جي
فطرت ۾ جا به تبديلي ايندي آهي، سا، واقعن جي اثر
کان رفتي رفتي ٿيندي آهي. مگر هڪ ئي وقت ۾ ساڳيو
ئي ڪردار متضاد عادتن وارو نه هوندو آهي، ڇاڪاڻ جو
ڪوبه انسان به يڪ وقت ايماندار ۽ بي ايمان، ظالم ۽
همدرد ٿي نٿو سگهي.
افساني جا ڪردار به حقيقي انسان لڳن ٿا. ڪردارن جي
خاص طرز عمل، جا افساني نگار منتخب ڪري ٿو، سا
بلڪل فطري نظر اچي ٿي ۽ پڙهندڙ کي يقين ٿي وڃي ٿو
ته انهيءَ ماحول ۾ جيئرا جاڳندا ڪردار صرف اهوئي
ڪري سگهيا ٿي ۽ انهيءَ فضا ۾ رڳو اهي ئي واقعا
رونما ٿي سگهيا ٿي.
ڪردارن وانگر مڪالمن ۾ به حقيقت جو رنگ ڏسڻ ۾ اچي
ٿو. مڪالما نه صرف موقعي ۽ مهل جي لحاظ کان مناسبت
رکندا هوندا آهن، بلڪ ڪردارن جي شخصيت کي هڪ طرف
اجاگر ڪندا آهن ته قصي جي رفتار کي ٻئي طرف
وڌائيندا آهن. مخصوص طبع، عمر ۽ صنف وارا جدا جدا
ڪردار پنهنجي اصلي زندگيءَ ۾ ڳالهائيندا ٻڌڻ ۾
ايندا آهن، جن جي زبان هر لحاظ کان فطري ٿيندي
آهي.
افساني جي عمل ۽ ڪردار نگاريءَ ۾ هڪ توازن هوندو
آهي، جا نهايت ضروري چيز آهي. ان جا سڀئي جزا پاڻ
۾ ڳنڍيل ۽ ڳتيل ٿيندا آهن ۽ ڪهاڻي پنهنجي پوري
سلسلي سان ختم ٿيڻ واري مقرر هنڌ ڏانهن آهستگي سان
هلندي رهندي آهي.
آغاز ۽ انجام ٻيئي افساني جا اهم جزا آهن، ليڪن ان
لاءِ ڪوبه شرط مقرر ڪونه آهي، ڇاڪاڻ جو ڪي افساني
نگار افساني کي پلاٽ جي خاتمي کان شروع ڪندا آهن.
خاتمي کان ابتدا ڪرڻ ۾ خاتمي جو بلڪل فڪر نٿو رهي،
ڇو ته افسانو پنهنجي منزل مقصود کان سفر جو آغاز
ڪري ٿو ۽ اهو افساني نگار جيڪو وچ مان قصو کڻي ٿو،
سو پوري اعتماد ۽ اختصار سان گڏ اڳتي وڌندو رهي
ٿو. هن کي هر منزل تي پنهنجي آخري منزل جو پورو
پورو احساس رهي ٿو.
افساني جي ڪن پهلوئن تي روشني وجهڻ بعد آءٌ سنڌي
افساني جي تاريخ تي قلم کڻان ٿو، جو منهنجي مضمون
جو اصل مقصد آهي.
سنڌي ادب تي نظر وجهڻ سان سر دست ڪابه اهڙي حقيقت
معلوم نٿي ٿي سگهي ته صحيح معنيٰ ۾ افساني جي
ابتدا ڪڏهنکان ٿي، ليڪن هن کان اڳ ۾ جيئن ته ٻين
مقالن ۾ ذڪر ڪري آيو آهيان، ته سنڌي زبان ۾ هر
ڪنهن جديد صنف، ناول، ڊرامي ۽ مضمون وغيره جي
ابتدا انگريزي جي دؤر کان ٿي آهي، تنهن ڪري هن صنف
کي پڻ ساڳئي دؤر جي پيداوار سمجهڻ گهرجي.
اڄ کان تقريباً هڪ صدي اڳ ۾ سنڌي نثر ۾ ڪهاڻين لکڻ
جو رواج پيو. راءِ ڏياچ ۽ سورٺ، شهزادي ماڻڪي جي
ڳالهه، ڀنڀي زميندار جي ڳالهه، سڌاتورو ۽ ڪڌاتورو
۽ ٻيون ڪي ڪهاڻيون 1851ع ڌاري لکيون ويون. انهن
مان پويون ٻه ڪهاڻيون وڏي اهميت رکن ٿيون، ڇاڪاڻ
جو هنن قصن جو پلاٽ اخلاق ۽ نيڪيءَ تي رکيل آهي.
سنڌي زبان ۾ شايد اهي پهريون ئي ڪهاڻيون آهن جن ۾
روزمره واري زندگيءَ جا واقعات ۽ حقيقي ڪردار پيش
ڪيا ويا آهن ۽ منجهن مقامي رنگ به سمايل آهي. ليڪن
انهن کي اسان باقاعدي ”مختصر افسانو“ ڪونه
چونداسون، ڇاڪاڻ ته اهي افساني جي فني اصولن ۽
لوازمن کان گهڻو دور آهن. البت انهن کي ”سنڌي
افساني“ جي هڪ اوائلي صورت چئي سگهجي ٿو. سنڌي رسم
الخط عام ٿيڻ بعد ٻيا به ڪيترائي ڪهاڻين جا مجموعا
شايع ٿيڻ لڳا. ميران محمد شاهه جو ”مفيد الصبيان“
مرزا قليچ بيگ جو ”دلپسند قصا“ ۽ ديوان ڪيولوام جا
”سوکڙي ۽ گل“ ان سلسلي جون ڪڙيون آهن.
برصغير هندو پاڪ جي گهڻو ڪري سڀني زبانن ۾ افساني
جي سچي پچي شروعات ويهين صديءَ جي اوائلي دؤر ۾
ٿي. اسان وٽ به افساني نگاريءَ جو باقاعدي فن نئين
تهذيب ۽ نين حالتن جي اثر ماتحت رائج ٿيو. ان جا
ڪامياب تجربا 1915ع جي لڳ ڀڳ شروع ٿيا هئا. جنهن
کي بلاشبه اسان افساني جو اوائلي دؤر چئي سگهون
ٿا. هن دؤر جا افسانا سماجي مسئلن معاشرتي بڇڙاين
۽ ٻين انيائن خلاف لکيا ويا آهن. ان وقت هندستان ۾
سماج سڌار تحريڪن جي هڪ ملڪ گير مهم هلي هئي. جنهن
سڀني زبانن جي ادب تي گهاٽو اثر ڇڏيو. چنانچه سنڌي
ادب به ساڳين حالتن هيٺ لکجڻ لڳو.
شايد ڪوڙو مل پهريون ئي اديب هو. جنهن جي هٿان
اهڙن افسانن جي لکڻ جو آغاز ٿيو. هن بينگالي ليکڪ
بنڪم چندر چئٽرجيءَ جا سماجي افسانا سهڻيءَ سنڌيءَ
۾ ترجمو ڪيا، جن مان ”ٻه منڊليون“ (1914ع) ڪافي
مشهور آهن. هن ٻين به ڪيترن هندستاني ۽ بينگالي
افساني کي سنڌيءَ جي روپ ۾ آندو. پرمانند جي دل
بهار (1912ع) جا چار ڀاڱا شايع ٿيا. جن ۾ مزيدار ۽
دل وندرائيندڙ آکاڻيون هيون. ساڳئي مصنف جا ڪن
سماجي مسئلن تي به مفيد افسانا شايع ٿيا. جن مان
”لڇڻ ڪين لڌو“ هڪ طبعزاد افسانو آهي. ازانسواءِ
”هيري جي منڊي“ پڻ هڪ سماجي افسانو آهي اهو به
سندس لکيل هو. نانڪرام ڌرمداس به معاشر تي ۽
اخلاقي افسانا ”ڌرم راءِ جي وهي“ ۽ ”جيوت جو جس“
(1915ع) ۾ لکيا هئا.
1914ع ۾ سنڌي ساهت سوسائٽي جا رسالا شايع ٿيڻ لڳا،
جن ۾ پڻ مختصر افسانا اچڻ لڳا. ازان سواءِ پهرين
عالمگير جنگ (1914ع) کان پوءِ به ڪي رسالا نڪتا.
مثلن:”لٽڪا چٽڪا“، ”ماهوار گلشن“، ”ماهوار راجپوت“
وغيره جن ۾ افسانا اچڻ لڳا. هنن رسالن ۾ به اديبن
سنڌي عوام ۾ صحيح سماجي شعور پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
۽ سنڌي معاشري جي اوڻاين مثلاً عورتن جي پيڙا ۽
بيوسي، گڏيل ڪٽنبن جا مسئلا، زوريءَ شادي، ننڍپڻ
جي شادي، هڪ کان گهڻين شادين ۽ ٻين انيڪ گهرو
ريتين رسمن ۽ رواجن جي صحتمند معاشري جي تعمير
لاءِ رڪاوٽ بنيل هئا، تن کي ظاهر ڪيو ويو. انهن
موضوعن تي هيٺين ليکڪن چند اثر دار افسانا لکيا.
لالچند امر ڏنو مل جو ”ڪشنيءَ جو ڪشت“ هڪ درد ناڪ
۽ دل ڀِڄائيندڙ افسانو آهي، جنهن ۾ سنڌي گهرو
زندگيءَ جو هڪ خاڪو آهي. سندس ٻيا مشهور افسانا
”ڏکن ڏڌي زندگي“ ۽ ”ننڍڙي نينا“ آهن. جن جو پلاٽ
به ساڳين مسئلن تي ٻڌل آهي.
ڄيٺمل پرسرام جا افسانا 1923ع ۾ ”چمڙا پوشيءَ جون
آکاڻيون“ جي نالي سان شايع ٿيا. هن صاحب پڻ پنهنجي
باريڪ بين نظرن سان سماجي براين کي عيان ڪيو. هن
ٻين سماجي مسئلن سان گڏ سنڌي سرمائيدارن ۽ وڏيرن
جي گناهن تان به پردو کنيو هو. جي پنهنجي ڏاڍ سان
غريب عوام کي پيڙيندا رهندا هئا. ازان سواءِ هن
صاحب ”نئين سنڌي لئبريري“ ۽ ”ستو هندو ساهت مالا“
جي نالي سان ٻه ڪتابي سلسلا شروع ڪيا، جن ۾ ناول ۽
افسانا وغيره سڀ اچي وڃن ٿا. خود ڄيٺمل صاحب مغرب
جي ڪيترن مشهور ناولن ۽ طويل ڪهاڻين کي سنڌي زبان
۾ مختصر طرح سان ترجمو ڪري افسانن جو روپ ڏنو، جن
۾ ”مونا وانا“، ”ٻال هتيا“، جو ٽالسٽاءِ جو ڊرامي
power of darkness
تان ورتل هو ۽ گل بلاس، جو هڪ مشهور ”اسپين جي
سفر“ واري ناول تان کنيل هو ۽ ٻيا ڪيترائي افسانا
اچي وڃن ٿا.
پرڀداس ڀيرو مل به ڪيترائي گهرو زندگيءَ متعلق
افسانا لکيا، جي طنز و مزاح سان ڀرپور هئا. ”اندر
جا اڌما“ ۽ ”هير- جواهر“ سندس افسانن جا ٻه مجموعا
شايع ٿي چڪا هئا.
”علمي دنيا“ ماهوار رسالو به لڳ ڀڳ ان دؤر ۾
نڪرندو هو، جنهن ۾ ٻين سان گڏ ٻن مشهور مسلمان
اديبن: مسٽر عبدالله ”عبد“ ۽ محمد عثمان حبيب الله
ڏيپلائيءَ جا افســانا اينــدا رهــــيا ٿــي.
عــبدالله صــــاحب جــــي افســانن ۾ ”ماسترياڻي“
۽ ”اتفاق“ امتيازي حيثيت رکن ٿا.
افسانن جو ٻيو دؤر 1925ع کان 1940ع تائين قائم
رهيو. جنهن کي ”ترجمي“ جو دؤر چئي سگهجي ٿو. اهو
زمانو عالمگير جنگين جو هو. سموري دنيا جون سياسي
حالتون نهايت ڪشيده بنجي چڪيون هيون. خود هندستان
۾ به آزاديءَ جي تحريڪ شروع ٿي چڪي هئي، جنهن جو
اثر سنڌي ادب تي به نمودار ٿيو. هيءُ ئي دؤر هو،
جنهن ۾ هندستان جي مختلف زبانن: هندي، اردو،
بنگالي، گجراتي، مرهٽي ۽ ٻين ٻولين مان سوين
افسانا سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيا، جن مان ڪي ته هوبهو
ترجمو هئا ۽ ڪن افسانن ۾ صرف ماحول ۽ ڪردار
نگاريءَ کي ٿورو تبديل ڪري، سنڌي حالتن مطابق
بنايو ويو هو. ايترا سارا افسانا جي ڪيترن ئي
مشهور ادارن جي طرفان شايع ٿيندڙ سلسليوار ڪتابن ۾
ڇپيا هئا تن مان چند هيءُ آهن، سندر ساهتيه 1914ع،
مسلم ادبي سوسائٽي 1931ع، رتن ساهتيه منڊل 1934ع.
ازانسواءِ 1939ع کان 1943ع جي وچ ۾ ڪهاڻي، ڀارت
جيون ۽ آشا، ٽي ماهوار رسالا نڪرندا هئا، جي ادبي
حلقن توڙي عوام ۾ گهڻو مقبول ٿيا. انهن مڙني ڪتابي
سلسلن ۽ رسالن سنڌي ادب جي گهڻي خدمت ڪئي. انهن جي
مد نظر هميشه اها ڳالهه هئي ته سنڌي ادب ۾ جا کوٽ
آهي. تنهن کي ڌارين زبانن جي ڪهاڻين سان مالا مال
ڪجي. چنانچه مختلف هندستاني زبانن جي جن مشهور
ليکڪن جا افسانا سنڌيءَ ۾ آيا، تن مان ڪن جا نالا
هي آهن:
پريم چند، ٽئگور، ڪرشن چندر، ڪشور ساهو،
رڻبيرسنگهه، ڪوراناٿ، سدرشن، ڪملاڪانت ورما،
ترشچندر گپتا، سانڪر نياپن، ڪنيا لعل منشي، اختر
حسين، رشيد جاويد، عشرت رحماني، احمد عباس،
ابراهيم جليس، احمد نديم قاسمي وغيره.
هندستاني افسانن کان علاوه يورپ جي به جڳ مشهور
افساني نگارن جا افسانا سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيا ويا.
جن مان ڪي هي آهن:
چيخوف، گورڪي، ٽالسٽاءِ، ترجينوف (روسي)، پشڪن،
موپاسان (فرانس)، اوهينري، پرل بڪ (آمريڪا)،
گالسوردي ۽ ماري ڪاريلي (انگلنڊ)، پال هين (جرمن)،
الاسڪان (اسپين) وغيره.
ترجمي جي هيڏي ساري عظيم ڪم ۾ ڪيترن ئي اديبن جو
حصو آهي، جن پنهنجا فرائض نهايت ئي ڪاميابيءَ سان
بجا آندا. هندو ليکڪن مان جڳت آڏواڻي، ميلارام
منگترام، آهوجا، گوبند مالهي، ديو سنڀاڻي، ليکو
تلسياڻي، وديارٿي، هيرانند عبدناڻي، ۽ مسلمان
مصنفن ۾ دوست علي، اميد علي ۽ دلدار حسين موسوي ان
حلقي ۾ شامل آهن.
مٿئين سموري عرصي ۾ سڀ کان قابل ذڪر رسالو ”ماهوار
سنڌو“ آهي، جو جديد ادب خصوصن افساني جي ترويج ۽
ترقيءَ ۾ سڀني کان اڳرو رهيو. اهو جريده 1932ع ۾
اول شڪارپور ۽ بعد ۾ جيڪب آباد مان شايع ٿيڻ لڳو ۽
ملڪ جي ورهاڱي ٿيڻ تائين باقاعدگيءَ سان نڪرندو
رهيو. هن جي نمايان خوبي اها آهي جو ان ۾ ترجمي ۽
نقل جي بجاءِ اصلوڪن افسانن کي به گهڻو فروغ مليو.
مرزا قليچ بيگ جي لائق فرزند نادر بيگ، لطف الله
بدوي، آسانند، مامتورا، تاراچند ڦٽيل، گوبند
مالهيءَ ۽ ٻين جا معياري افسانا ان ۾ شايع ٿيندا
رهندا هئا.
هاڻي چند شهرت يافته فنڪارن ۽ سندن افسانن تي
روشني وجهي هن دؤر کي اختتام تي رسايان ٿو. هنن جو
فن اصل ڪو
original
هئڻ سبب قابل داد آهي ۽ انسان جي ادب ۾ ان کي
نهايت اهم مقام حاصل آهي.
مرزا نادر بيگ جي افسانن ۾ ”اڇوت“، ”مس رستمجي“،
”ماهه جو قهر“، ”موهني“، ”عينڪ جو آزار“ ۽
”ڀاڄائيءَ“ جي مضمون نوشيءَ کي گهڻي شهرت حاصل ٿي.
هن ڪن افسانن ۾ طنز و مزاح واري انداز ۾ معاشري جي
اوڻاين کي ظاهر ڪيو آهي.
لطف الله بدويءَ جي افسانن ۾ وري ”غربت“ ۽
”خوفناڪ بدلي“ کي خاص مقام حاصل آهي. اهڙيءَ طرح
آسانند مامتورا جا افسانا هڪ خاص رنگ جا حامل آهن.
هن جي افسانن جا ٻه مجموعا ”آرسين“ ۽ ”پاپ ۽ پريم
جون ڪهاڻيون“ ورهاڱي کان اڳ شايع ٿيا هئا. هو
پنهنجي ڪردارن جو نفسياتي تجزيو ڪندي، جنسي
مونجهارن جي ڇندڇاڻ ڪري ٿو. هن جي بهترين تسليم
ٿيل ڪهاڻي ”ڪڪي“ آهي، جا هندي، انگريزي ۽ اطالوي
زبانن ۾ ترجمو ٿي، داد حاصل ڪري چڪي آهي. هن جا
ٻيا ناليوارا افسانا ”وڏيرو رمضان“ ۽ ”ڳنوارڻ“
آهن.
هن دؤر جي مقبول فنڪارن ۾ امر لعل هنگوراڻيءَ جو
نالو به پيش پيش آهي. هن 1930ع ۾ پنهنجو رسالو
”ڦلواڙي“ ڪڍيو هو. جنهن ۾ سندس افسانا شايع ٿيندا
هئا. هو وڪيل هو ۽ افسانن جا موضوع پڻ پنهنجي ڌنڌي
مان ئي چونڊيندو هو، جن کي تمام وڻندڙ ۽ اصلاحي
انداز سان پيش ڪندو هو.
”ادو عبدالرحمان“، ”لکيو ڪين ٽريو“، ”ٻڍيءَ جي
ڳالهه“، ”هيءَ به رانجهوءَ سندي رمز“، ”رام رحيم“،
”گوئي جو گناهه“ وغيره سندس بهترين افسانا مڃيا
وڃن ٿا. ”ادو عبدالرحمان“ ته ڪيترن ئي دنيا جي
زبانن ۾ ترجمو ٿيل آهي. يونيسڪو طرفان به شايع ٿي
چڪو آهي.
مرحوم عثمان علي انصاريءَ به ان دؤر جي افساني
نگارن ۾ خاص مقام رکي ٿو. هن جو ”پنج“ افسانن جو
مجموعو 1937ع ۾ شايع ٿيو، جنهن ۾ پنج مختصر افسانا
ڏنل آهن، جن مان وري ”ململ جو چولو“ داد جي لائق
آهي. انصاري صاحب جي افسانن جا واقعات نهايت
دلنشين، عبارت سليس ۽ پيشڪش جو انداز دلڪش ۽ وڻندڙ
آهي.
1940ع کان 1947ع تائين افساني جو ٽيون ۽ انگريزي
راڄ جو آخرين دؤر آهي. هن عرصي جي اها خصوصيت آهي،
جو ٻين سڀني اصناف ادب کان افسانا گهڻا شايع ٿيا.
هن دؤر جي ادبي اظهار جو مکيه وسيلو هو ئي افساني
نوسي. هيءُ سڄو زمانو هنگامن سان ڀرپور هو.
آزاديءَ جي تحريڪ برصغير ۾ عروج کي پهچي چڪي هئي.
چؤ طرف سياسي ۽ سماجي هلچل ۽ تحريڪن جو ملڪ ۾ هڪ
مانڌاڻ متل هو. چنانچه هن دؤر ۾ 90 سيڪڙو افسانن ۾
آزاديءَ جو جذبو ڪار فرما آهي، جن ۾ ڌارينءَ حڪومت
خلاف باغيانه خيالات ملن ٿا. سواءِ هن زماني کان
ٿورو اڳي ڪيترن بين الاقوامي تحريڪن جهڙوڪ سوشلزم
۽ ڪميونزم وغيره جو اثر به سنڌي ادب تي پيو جو
هندستاني ادب جي معرفت اسان جي ادب تي اثر انداز
ٿيو. هن دؤر جي افسانن جو موضوع سياسي، سماجي،
معاشي ۽ اخلاقي مسئلن مان کنيل آهي. ڌارين جي
حڪومت خلاف نفرت، هندو مسلم ايڪتا، شاهوڪار شاهي
ظلم، غريبن جي بدحالي ۽ اقتصادي ڦُرلٽ وغيره. اهي
ئي مسئلا اسان جي افسانن جو موضوع بنيل هئا. هن
دؤر ۾ تمام گهڻا افسانا لکيا ويا، ليڪن اڪثريت
اهڙن جي آهي، جن ۾ فنڪاريءَ جو لحاظ نه رکيو ويو
آهي، فني حسن، انهن ۾ ناپيد آهي. افساني جي لوازمن
۽ اصولن کي بالائي طاق رکيو ويو آهي. محض جذبات،
جوش و خروش، تقرير و تبلغ ۽ پروپئگنڊا انهن مان
ظاهر ٿئي ٿي، مگر اسان ان دؤر جي ليکڪن کي قصور
وار ٺهرائي نٿا سگهون، ڇاڪاڻ جو اهو دؤر ئي ڪشمڪش
جو هو. حالات نهايت ئي سنگين هئا. اسان کي اهڙي
ادب جي ضرورت هئي جو قوم جي ستل جذبن کي يڪدم
جاڳائي. تنهن ڪري ڪيترا نوان لکندڙ فني اصولن جي
ڄاڻ کان سواءِ ئي صرف اندر جي جذبي ۽ اتساهه کان
لکندا هئا. باقي جيڪي پخته قلمڪار هئا، جن جا
افسانا گهڻي قدر ڪامياب چئي سگهجن ٿا، تن جو ۽ بعض
انهن ڪتابي سلسلن ۽ رسالن جو ذڪر هتي ڪريان ٿو، جن
۾ هن دؤر جو اهو ادب قلمبند ٿي چڪو آهي. هيٺين
افساني نگارن جو فن هر وجهه کان قابل ذڪر آهي:
گوبند پنجابي، گوبند مالهي، ڀڳوان لالواڻي، شيخ
عبداستار، آنند گولاڻي، سڳن آهوجا، رام امر لعل،
جيوت نرياڻي، ڪشن کٽواڻي، ڪماري نانڪ گدواڻي،
مائيداساڻي، آسن اتمچنداڻي، هرو سدا رنگاڻي، ليکو
تلسياڻي، ڀون پنجواڻي، ڪيرت ٻاٻاڻي، شيخ اياز،
لڇمڻ راجپال، ڀوڄراج موٽواڻي ۽ ٻيا.
”سرد آهون“، ”پرهه ڦٽي“، ”ريگستاني ڦول“، سنڌي
ڪهاڻيون ۽ سفيد وحشي وغيره ان دؤر جي افسانن جا
مجموعا آهن، جي نئين دنيا پبلڪيشن، زندگي
پبليڪيشن، باغي منڊل ۽ ٻين ادبي اشاعت گهرن جا
شايع ڪرايل هئا. انهن مجموعن ۾ هن دؤر جا ڪم و بيش
سڀئي شهره آفاق افسانا اچي وڃن ٿا. ازانسواءِ
1940ع اندر ڪيترائي ماهوار رسالا ۽ ڪتابي سلسلا
علم و ادب جي ميدان تي ظهور پذير ٿيا، جن ۾ به
ڪيترن ننڍن وڏن اهم ۽ غير اهم افسانن جو ذخيرو
ڇپجي چڪو آهي.
افساني جو نئون دؤر
پاڪستان قائم ٿيڻ بعد يڪايڪ حالتون بدلجي ويون ۽
سنڌي ادب جي اشاعت به گهڻي ڀاڱي روڪجي ويئي، ڇاڪاڻ
جو اشاعتي ذريعن ۽ ادب تي گهڻي ڀاڱي قبضو هندن جو
هوندو هو. ٿوري مدت بعد جيتوڻيڪ حالتون ڪجهه معمول
تي موٽي آيون هيون ۽ سنڌي ادب جي اشاعت بدستور
جاري رهي، مگر افسوس جو افساني جو فن ڪابه ترقي
ڪري نه سگهيو. سواءِ آڱرين تي ڳڻڻ جيترن افسانن
جي، ڪي به اهڙا افسانا شايع نه ٿيا جي قابل ذڪر
هجن. ان جو سبب اهو آهي ته سنڌي زبان جا افساني
نگار ۽ فنڪار گهڻو ڪري هندو اديب هوندا هئا، جنهن
ڪري نين حالتن پيدا ٿيڻ سبب هيءَ فن بلڪل ختم ٿيڻ
تي وڃي رسيو هو. ان هوندي به قيام پاڪستان کان اڳ
افساني کي سنڌي ادب ۾ بلند ۽ واضح مقام حاصل هو ۽
ادبي اظهار جو مکيه وسيلو افسانو ئي هوندو هو.
ڪجهه عرصي جي خاموشيءَ بعد ڪيترن ڪتابي سلسلن ۽
ماهوار رسالن جو اجراءُ ٿيو. 1950ع ڌاري اهڙيون
ادبي ڪوششون نظر اچن ٿيون، جن جو مطمع نظر افساني
جي ترقي هو. ”پرهه ڦٽي“ ۽ ”اڳتي قدم“ رسالن ۾
افسانا ايندا هئا. ازان سواءِ ٻه_ ٽي افسانن جا
مجموعا به شايع ٿيا، جن ۾ ”ڊاڪ بنگلو“، ”پنهل کان
پوءِ“ ۽ ”گل ۽ مکڙيون“ خاص طرح سان مشهور ٿيا.
مسٽر حيدر بخش جتوئي سوشلسٽ تحريڪ جي اثر ۾، قيام
پاڪستان کان اڳ تقريباً 1936ع ڌاري افسانا لکڻ
شروع ڪيا هئا. پاڪستان قائم ٿيڻ بعد پڻ هن جا ڪي
افسانن جا مجموعا شايع ٿيا آهن، جي هاريءَ جي
مظلوميت ۽ زميندارن جي ظلمن بابت آهن. ”فردوس“،
”اسان جي منزل“، ”ادا“، ”رهنما“ ۽ ٻيا به ڪيترا
رسالا انهيءَ زماني کان شايع ٿيڻ لڳا، جن مان هن
وقت تائين ڪوبه زنده رهي نه سگهيو آهي. انهن ۾
افسانا ايندا رهيا ٿي، ليڪن گهڻائي اهڙن جي هئي جي
فڪر و فن کان بلڪل خالي هئا. اهي گهڻو ڪري غير
معروف ۽ سيکڙاٽ اديبن جا لکيل هئا، جن ۾ ڪابه جان
نه هئي. غير حقيقي ۽ غير دلچسپ واقعات، پلاٽ
گهرگلا، فني ترتيب معدوم ۽ زبان جي لذت نه هوندي
هئي. انهن ۾ افسانا هڪ رواجي ڪهاڻيءَ جي عام
پيرايي ۾ بيان ٿيل هوندا هئا. انهن افسانن کي ڏسي
ائين لڳندو هو ته سنڌي افسانو ارتقا جون هيتريون
ساريون منزلون طئي ڪري وري يڪدم پوئتي هٽي ابتدائي
مرحلي ۾ وڃي داخل ٿيو آهي. الله تعاليٰ جل شانہ جا
لک احسان آهن، جو سنڌي افسانو انهيءَ حالت ۾ گهڻو
وقت ڪونه رهيو ۽ جلدي مسلمان اديبن جو هن پٺتي
پوندڙ صنف ڏانهن توجهه ڇڪيو ۽ ان تي خاص خيال ڏيڻ
لڳا. سنڌي ادبي سنگت ڪراچيءَ طرفان ادبي ڪلاس جو
اهتمام ڪيو ويو، جن ۾ افسانا پڙهيا ويندا هئا ۽
ٻيا اديب ۽ نقاد ان تي تنقيد ڪندا هئا. ليڪن جا به
خيال آرائي ۽ راءِ زني ٿيندي هئي، سا تعميري نوعيت
جي هوندي هئي ۽ ان ۾ افساني جي ترقي جو جذبو
ڪارفرما هو.
سنڌي افساني جي نمايان ۽ حقيقي ترقيءَ ۾ جيڪي سو
ماهوار نئين زندگيءَ ۽ سماهي مهراڻ اضافو ڪيو.
چوٽيءَ جي افساني نگارن جون ڪاوشون ۽ فن جي لحاظ
کان عروج تي پهتل افسانا، اول اول انهن ئي جريدن
جي صفحن جي زينت بنيل آهن.
1950ع کان 1960ع تائين ڏهن سالن جي قليل عرصي ۾
سنڌي افساني توقعات کان وڌيڪ ترقي ڪئي ۽ ڪن افساني
نگارن جو فن ته ادب جي آسمان تي پوري آب و تاب سان
چمڪڻ لڳو. هن مختصر ادبي دؤر ۾ ڪيترن ئي اديبن جا
افسانا شايع ٿيا، مگر آءٌ صرف انهن چند فنڪارن جا
نالا هيٺ ڏيان ٿو، جن جو فن هن دؤر تي پوريءِ طرح
سان مسلط رهيو آهي.
جمال ابڙو، غلام رباني، شيخ حفيظ، سراج، بشير
مورياڻي، رشيد ڀٽي، ڊاڪٽر غلام حسين جعفري، ابن
حيات، اياز قادري، ڪريم بخش خالد، علي بخش ميمڻ،
ڪروڙ پتي، خواجه سليم، جمال رند، ع_ق شيخ، مرزا
مراد علي، ثميره زرين چنو، بيگم زينت ۽ علي احمد
بروهي وغيره. انهن مان رشيد ڀٽي، محمد حسين، ڪروڙ
پتي ۽ علي احمد بروهيءَ جو نالو مزاحيه افساني
نگارن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. هن دؤر ۾ چند هندستاني اديبن
جا پڻ سنڌي افسانا، سنڌ جي مختلف رسالن ۾ شايع ٿيا
هئا، جن ۾ ڪيرت ٻاٻاڻي، گورڌن محبوباڻي ۽ موهن
ڪلپنا جا افسانا خاص طرح سان ساراهيا وڃن ٿا.
هتي آءٌ اهو به ضروري سمجهان ٿو ته هر ڪنهن افساني
نگارجي ڪن چند مقبول افسانن جا نالا پڙهندڙن کي
ٻڌايان، تاڪ جيڪي شائقين ۽ باذوق حضرات آهن، تن کي
مطالعي ۾ مدد ملي سگهي.
جمال ابڙو: بد معاش، خميسي جو ڪوٽ، پشو پاشا، منهن
ڪارو، مان مڙد، مهرباني ۽ شاهه جو ڦر.
غلام رباني: بري هن ڀنڀور ۾، نئون مڙدو، شيدو
ڌاڙيل، پن ٻوڙي پاتال ۾، هوندا سي حيات ۽ آبحيات،.
بشير مورياڻي: چهڙي، پريم، ٽڪري ۽ زندگيءَ جو روڳ.
سراج: ٻهڻي، ديوتا ۽ انسان، زندگي جي ڪنارن تائين
۽ چنڊ گرهڻ.
شيخ حفيظ: ٻه ڳوڙها، ٽه واٽو، ٻه پاڇا، مبارڪون ۽
پن ٻوڙين پاتال ۾.
رشيد ڀٽي: ميرل، ڍءَ بنا ڍوليا ڪانهي ساڃهه سونهن
جي ۽ بَڻ.
ڊاڪٽر جعفري: بدلو.
خواجه سليم: الا ڪنهن پر ۽ انٽريسٽ.
اياز قادري: فرشتو، بلو دادا، هي ليڊر، امڙ مان به
ڪندس، ڀوڪ ۽ هاجرا.
ابن حيات: واهه وڏيرا.
ع_ق شيخ: لکيل جواب، پريشان انسان.
ثميره زرين: دروازو ۽ پلؤ پايو سچ.
1960ع کان هن وقت تائين، سنڌي افسانو ترقيءَ جا
مختلف مرحلا نهايت تيزيءَ سان طي ڪري چڪو آهي.
ترقيءَ جي لحاظ کان افساني جي حق ۾ هيءُ دؤر
انتهائي خوشگوار ۽ انقلاب آفرين سمجهڻ گهرجي.
افسوس جو ڪيترن سٺن افساني نگارن جن جو ذڪر هن کان
اڳ ۾ ڪري چڪو آهيان، افسانا لکڻ ڇڏي ڏنا آهن، نه
ته هنن جو فن اڃا به ترقي ڪري ها. ان هوندي به
مختصر عرصي ۾ سنڌي زبان ۾ بلند پايي جا افساني
نگار پيدا ٿيا آهن. هنن مان گهڻن جيتوڻيڪ 1940ع
کان گهڻو اڳ لکڻ شروع ڪيو هو، ليڪن سندن فن پوري
نشو و نما پائي هن وقت پخته بنجي چڪو آهي. ڪن
ناميارن فنڪارن جا نالا هيٺ ڏيان ٿو، جن مسلسل مشق
۽ محنت سان پنهنجي فن لاءِ سنڌي ادب ۾ مستقل طرح
سان جاءِ پيدا ڪئي آهي.
آغا سليم، نسيم کرل، غلام نبي مغل، علي بابا، نذير
شيخ، طارق اشرف، حميد سنڌي، غياث جوڻيجو، ذوالفقار
راشدي، امرجليل، قمرشهباز، رشيده حجاب، الهبچايو
لغاري، شوڪت راهي ۽ عبدالقادر جوڻيجو وغيره.
ازانسواءِ ٻيا به ڪيترائي نوجوان افساني نگار ان
فن ۾ پنهنجي طبع آزمائي ڪري رهيا آهن. جن جي فن
نؤمولود هوندي به، فني لحاظ کان ڪافي سٺا افسانا
پيش ڪيا آهن. انهن جو هن وقت ذڪر ڪرڻ قبل از وقت
ٿيندو.
سنڌي زبان ۾ هن وقت تائين سوَن جي تعداد ۾ افسانا
شايع ٿي چڪا آهن، جي مختلف رسالن ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا
آهن، مگر افسوس جو ڪابه اهڙي پبلشنگ ڪميٽي نه آهي
جا مختلف مصنفن جي ڌار ڌار افسانن کي يڪجا ڪري
ڪتابي صورت ۾ ڇپائي. جن چند افساني نگارن جا
مجموعا شايع ٿي چڪا آهن، سي هي آهن:
1.
پشو پاشا_ جمال ابڙو
2.
آب حيات_ غلام رباني
3.
بلو دادا_ اياز قادري
4.
سونهن، پٿر ۽ پيار_ طارق اشرف
5.
نئون شهر_ غلام نبي مغل
6.
عبرت ڪده (ٻه ڀاڱا)_ ابراهيم خليل
7.
گهڙيءَ گهڙيءَ هڪ گهاءُ_ رشيد ڀٽي
8.
اي درد هلي آءُ_ سراج
9.
چنڊ جا تمنائي_ آغا سليم
10.
مهراڻ جون ڇوليون (مختلف اديبن جي افسانن جو
مجموعو (مطبوعه پاڪستان پبليڪيشن).
11.
ڪنول ڪنول، شبنم شبنم_ نسيم کرل
12.
اداس واديون_ حميد سنڌي
هن دؤر ۾ غير ملڪي زبانن جي افسانن کي پڻ سنڌيءِ
جو ويس پهرايو ويو آهي ۽ ڪيترن ئي عالمي شهرت
رکندڙ اديبن جي افسانن کي سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو ويو
آهي. ان سلسلي ۾ چند مجموعا پڻ شايع ٿي چڪا آهن.
1_ آمريڪي ڪهاڻيون_ پبلشر سنڌي ادبي بورڊ
مترجم: سراج ۽ غلام رباني.
2_ ديس ديس جون ڪهاڻيون_ مترجم: ميمڻ عبدالحميد
سڌي
3_ سپون_ خليل جبران جي افسانن جو ترجمو.
4_ دنيا جا عظيم افسانا_ سنڌي ادبي بورڊ.
آخر ۾ پڙهندڙن کي ايترو ذهن نشين ڪرائڻ چاهيان ٿو
ته سنڌي افسانو هينئر ترقيءَ جي شاهراهه تي گامزن
ٿي چڪو آهي. سنڌي افسانن نه رڳو اردو ۽ هند و پاڪ
جي مختلف زبانن ۾ ترجمو ٿي داد حاصل ڪيو آهي، بلڪ
انگريزي، جرمني ۽ فرينچ ٻوليون ۾ ترجمو ٿيا آهن.
قيام پاڪستان کان اڳ جي افسانن ۾ فني عناصر يا ته
عدم پيدا هئا يا ته ڪين جهڙا هوندا هئا. ازانسواءِ
اهي نعريبازي ۽ ڪنهن خاص نظريي جي تبليغ ساڻ ڀريل
هوندا هئا. ان جي برعڪس فني لحاط کان اڄوڪو افسانو
نهايت ئي پختو ۽ منجهس سنجيدگي ۽ متانت آهي. اڳي
نقل تي زور هوندو هو هاڻي ”اصليت“ پيش پيش آهي.
هاڻوڪي سنڌي افساني ۾ ماحول جي ڀرپور عڪاسي ٿيل
آهي. سنڌي معاشري جا انيڪ مسئلا ان ۾ آندل آهن.
انهن ۾ سنڌي ڪردار پنهنجي سٻاجهي انداز ۾ فطري ۽
نج زبان سان مخاطب آهن. ازانسواءِ مقصد جي لحاظ
کان سياسي، اخلاقي ۽ ٻين قومي ۽ بين الاقوامي
مسئلن بابت انهن ۾ صحتمند انداز فڪر ملي ٿو. ليڪن
اهو سڀڪجهه فنڪارانه انداز ۾ ڪيو ويو آهي، جنهن ۾
نڪو تصغ آهي ۽ نڪي فني اصولن کان تجاوز ڪيل آهي.
مواد ۽ فن جي لحاظ کان اڄوڪو سنڌي افسانو گذريل
دؤرن جي افسانن کان گهڻو ترقي يافته آهي. هيئت (form)
جي لحاظ کان به انيڪ قسمن ۾ سنڌي افسانا لکيا ويا
آهن. سڄي دنيا ۾ افساني نويسيءَ جا جيڪي به ڍنگ
مروج آهن، تن سڀني ۾ سنڌي افسانو لکيو ويو آهي.
مثلاً: مسئلن وارا افسانا، واقعن وارا افسانا،
ڪردارنگاريءَ وارا افسانا، ماضيءَ تي روشني وجهندڙ
افسانا، مونولاگ ۾ لکيل افسانا وغيره ازانسواءِ
طويل مختصر افسانا ۽ ڪامياب فئنٽيون به لکيون ويون
آهن، ۽ هاڻي بلاشبه اها دعويٰ ڪري سگهجي ٿي ته
”اهو وقت پري نه آهي جڌهن سنڌي افسانو به قدر ۽
معيار جي لحاظ کان دنيا جي بهترين ادب سان همسري
ڪري سگهندو.
4- سنڌي مضمون
سنڌي زبان ۾ مضمون جو لفظ ڪيترين ئي معنائن ۾ ڪم
اچي ٿو. ڪنهن مختصر ۽ عام نوعيت جي تحرير کي به
مضمون چئبو آهي. يا وري ڪنهن به نثري تحرير جي رڳو
مرڪزي خيال، مطلب ۽ منهوم کي به مضمون ڪوٺيو آهي.
نه صرف ايترو بلڪ شعر جي مواد يا مفهوم کي به عام
زبان ۾ مضمون چوندا آهن.
مضمون بحيثيت فن جي هڪ علحدي ادبي صنف آهي، جنهن
کي اردوءَ وارن انشاء جو نالو ڏنو آهي. هندستان جي
مختلف زبانن جي ادب ۾ هيءَ صنف انگريزي زبان جي
معرفت پهتي. سنڌي زبان ۾ به هيءَ صنف انگريزي دؤر
جي ابتدا ۾ پنهنجي سمورين خصوصيتن سان ظاهر ٿي.
انگريزيءَ ۾ ان کي
Essay
چون ٿا، جو لفظ فرينچ زبان جي
Essay
تان ورتل آهي. نثري ادب ۾ هيءَ صنف سڀ کان قابل
تحسين آهي. مضمون جي ماهيت ۽ مفهوم کي سمجهڻ لاءِ
ضروري آهي ته اسان مغربي نقادن جا هن فن متعلق ڪي
رايا پڙهون. ڇاڪاڻ جو مغربي ادب جي زير اثر ئي
انهيءَ صنف اسان جي زبان ۾ رواج پاتو. هڪ ڳالهه
ياد رکڻ گهرجي ته نقادن جا هن متعلق مختلف رايا
آهن ۽ هونءَ به ڪي ٻه نقاد گهڻو ڪري ڪنهن به شيءِ
جي تعريف ۾ سڀني نڪتن تي هڪٻئي سان اتفاق راءِ
ڪونه رکندا آهن. ليڪن هنن تعريفن جي ڏنل جائزي ۽
مشترقه نڪتن جي امتزاج بعد اسان ”مضمون“ متعلق هڪ
ابتدائي نظريو قائم ڪري سگهنداسون .
انگريزي علم و ادب ۾ مضمون جي قابل ذڪر ۽ اهم
تعريف، سڀ کان اڳ ۾ جانسن ڪئي آهي، جو ارڙهين
صديءَ جو معروف اديب ۽ خود به هڪ مضمون نگار هو.
هو چوي ٿو ته:
”مضمون انساني اندر جي اڻ هضم ٿيل بي ترتيب خيالات
سان ڀرپور، هڪ مختصر ادبي تحرير آهي، جا ڪنهن خوش
مزاج دل مان آزاديءَ سان نڪري نروار ٿئي ٿي.“
سرايڊ منڊ گاس، جو اڻويهين صديءَ جو هڪ ناول نويس
۽ نقاد ٿي گذريو آهي، تنهن مضمون جي تشريح هنن
الفاظن ۾ ڪئي آهي: ”مضمون عام طرح سان هڪ درمياني
طوالت واري نثري تحرير آهي، جنهن ۾ مضمون نگار،
ڪنهن به موضوع جي خارجي پهلوءَ تي آسان ۽ سرسري
انداز سان نظر وجهي ٿو ۽ موضوع تي صرف انهيءَ حد
تائين بحث ڪري ٿو، جيستائين سندس شخصيت ان موضوع
کان متاثر ٿيل هوندي آهي.“
جان لوبن
John Lobban
انگريزي مضمون جو مشهور مدبر، جنهن کي مضمونن جي
ترتيب ۽ اشاعت ۾ خاص اختيار حاصل آهي، سو ادبي
مضمونن جي تعريف ڪندي چوي ٿو ته: ”مضمون نثر جي هڪ
اهڙي صنف آهي، جنهن ۾ ڪنهن ادبي، فلسفيانه يا
سماجي موضوع تي شخصي يا تاريخي نقطئه نظر کان
روشني وڌي ويئي هجي ۽ زباده طويل نه هجي،“
انگريزي مضمونن جو ٻيو مشهور مدير جان فائولر
John Fowler
آهي. جنهن جو تعلق ڪيمبرج يونيورسٽيءَ سان آهي. هن
صاحب مضمون جي وصف جو جيڪو تجزيو ڪيو آهي سو زياده
سادو، آسان ۽ عام فهم آهي. اهو هيءُ آهي: پهريون
ته
Essay
جو لفظ فرانسيسي زبان
Essay
مان نڪتو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي سعيو يا ڪوشش (Attempt)
انهيءَ معنيٰ کي نظر ۾ رکڻ سان ظاهر ٿئي ٿو ته
مضمون ڪنهن موضوع تي لکڻ جي ڪوشش جو نالو آهي. ان
کان علاوه ڪوبه ادبي مضمون زياده طويل نه هئڻ
گهرجي. ٻيو هيءُ ته مضمون ۾ اديب جو ذاتي نقطئه
نظر موجود هئڻ ضروري آهي ۽ مضمون نگار جي شخصيت کي
سندس مضامين جي مطالعي مان سمجهي سگهجي. آخر ۾ چوي
ٿو ته ”هڪ اديب جو انداز هميشه دوستانه ۽
رازدارانه هئڻ گهرجي. ايتري قدر جو سمجهڻ ۾ اچي ته
گويا هو پڙهندڙ سان روبرو ڳالهائي رهيو آهي ۽ سندس
مضمون پڙهندڙ پوريءَ طرح سمجهي رهيو آهي.“
مٿين سڀني تعريفن مان ايڊ منڊ گاس جي تعريف بهترين
آهي. هن مضمون نگاريءَ لاءِ جن به ڳالهين جو هئڻ
ضروري ڄاڻايو آهي، تن سڀني جو علحده علحده نموني ۾
جائزو وٺي سگهجي ٿو.
(1) ”مضمون جي طوالت درمياني هئڻ گهرجي.“
مگر سوال آهي ته مضمون ڪيترو طويل هجي؟ ان
لاءِ ڪوبه قاعدو قطعي طور مقرر ڪيل نه آهي ۽ نه
وري ڪو اهڙو قانون واضح ڪري سگهجي ٿو.
(2) ”مضمون نثر ۾ هئڻ ضروري آهي.“ اهو ان ڪري چيو
ويو آهي، جو ارڙهين صديءَ ۾ انگريزي مضمون نظم ۾
به لکيا ويندا هئا.
(3) ”مضمون جو تعلق موضوع جي خارجي پهلوءَ سان
هجي.“ ان مان مطلب آهي ته مضمون نگار کي موضوع تي
مفصل بحث ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. بلڪ آسان ۽ سرسري
بيان ڪرڻ ڪافي آهي.
(4) ”مضمون تي پابندي انهيءَ حد تائين هجي
جيستائين مضمون نگار جو تعلق آهي.“ ان مان مطلب
آهي ته مضمون نگار انتخاب ڪيل موضوع يا موضوع تي
پنهنجي نقطئه نظر سان لکي، يعني ته سندس تحرير مان
سندس شخصيت جهلڪي. لهاذا اهي چارئي شرط آهن، جي هو
هر ڪنهن ادبي مضمون ۽ مضمون نگار لاءِ ضروري
ٺهرائي ٿو.
انهن وصفن ۽ طويل تبصري آرائيءَ بعد به مضمون جي
فن تي اڃا به ڪجهه روشني وجهڻ جي ضرورت محسوس
ڪريان ٿو. انهيءَ ڪري جو سنڌي مضمون نگاريءَ جي
تاريخ تي بعض هڪ ٻه مقالا اهڙا به نظر مان گذريا
آهن، جن ۾ ادبي مضمون ۽ علمي يا تحقيقي مقالي ۾
ڪابه تميز نه ڪئي ويئي آهي. هڪ مقالي ۾ ته سنڌيءَ
۾ سمورن ڇپيل ڪتابن کي مضمون جي دفعي ۾ ڄاڻايو ويو
آهي (ڀيرو مل جي سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ به مضمون ته
محمد صديق ميمڻ جي سنڌي ادبي تاريخ به مضمون!).
مٿين سڀني تعريفن ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته مضمون
جي سرسري بيان ۾ عام فهم زبان ضروري آهي. جيڪڏهن
ڪنهن تحرير ۾ موضوع بابت ذري پرزي تفصيلوار بيان
ڏنل آهي، يا منطقي استدلال ۽ سائنٽيفڪ نوع ۾ ڪنهن
موضوع تي وضاحت سان لکيل آهي ته پوءِ ان کي مقالو
Monograph
چوڻ زياده مناسب ٿيندو. مقالي ۽ تحقيقي تصنيف ۾
ٻولي پُرتڪلف ۽ معلق هوندي آهي. ان ۾ علمي اصطلاع
۽ غير مانوس ۽ دقيق الفاظ ڪثرت سان ڪم آندل هوندا
آهن. مگر مضمون ۾ ان جي برعڪس، ٻولي گهڻو ڪري
روزمره عام استعمال ٿيندڙ لکبي آهي، جا مائيدار ۽
ٻوليءَ تي دسترس جو اندازو سندس مضمون مان چڱيءَ
طرح سان لڳائي سگهجي ٿو. مضمون نگاريءَ ۾ شاعريءَ
وانگر تخيلات جي رنگيني ۽ جذبات جي فراواني به
هوندي آهي، مگر علمي مقالي ۾ اهڙي گنجائش نه آهي.
ان ۾ انداز بيان بلڪل ٺوس حقائق تي مبني هوندو
آهي. مقالن ۾ حاشيه آرائي به ڪيل هوندي. آهي ۽ ٻين
ڪتابن تان حوالا پڻ ورتل هوندا آهن. هڪ محقق يا
نقاد علمي انداز ۽ مدلل بيان سان پنهنجي نقطئه نظر
۽ نتيجي کي پڙهندڙن جي ذهن تي مسلط ڪندو آهي.
مضمون نگاري ۾ انفرادي سوچ ۽ فڪر ڪلام ۽ گفتگو جي
انداز، ذاتي مشاهدن ۽ تجربن ۽ پنهنجي افتاد طبع جو
گهڻو دخل هوندو آهي. مضمون نگاريءَ جو فن رنگين ۽
دلچسپ آهي، جنهن ۾ پڙهندڙ گهڻي قدر لطف اندوز
ٿيندو آهي. زبان جي نزاڪت ۽ صحت جي مشق پڻ هن صنف
مان ئي ٿيندي آهي. ان کان علاوه مضمون جي هڪ ٻي به
خصوصيت هوندي آهي جو ان ۾ باقاعدي ربط نه هوندو
آهي. مضمون نگار ڪٿي ڪو واقعو بيان ڪندو ته ڪٿي
وري پنهنجا ذاتي خيال ۽ تجربا بيان ڪندو ته ڪٿي ڪو
لطيفو پيش ڪندو ۽ ڪٿي جذبات جي وهڪري ۾ لڙهي
ويندو. هو ڪڏهن تخيلات ۽ منظر نگاريءَ جي واريءَ ۾
گم ٿيندو ته ڪڏهن اخلاقي سبق ٻڌائيندو ۽ ڪڏهن طنز
و مزاح ڪندي وڃي مٿي چڙهندو. اهڙيءَ طرح هڪ ڳالهه
تان ٻي ڳالهه ٺاهيندو، هڪ نڪتي کان ٻئي نڪتي تي
ايندو وڃي مضمون کي پورو ڪندو آهي. ليڪن اهو
سڀڪجهه ته اهڙي لطيف پيرايه ۾ هوندو آهي، جو
پڙهندڙ ان کي پڙهندي ذهني سرور محسوس ڪندو آهي.
مضمون جي مقابلي ۾ مقالو بلڪل خشڪ ٿيندو آهي ۽
پڙهندڙ جي ذهني واڌاري ۽ علمي ڄاڻ ۾ اضافو آڻيندو
آهي. ان ۾ موضوع جي هر زاويه تي سلسليوار بحث ڪيل
هوندو آهي. ان جو انداز بيان عالماڻو، منطقي ۽
فلسفياڻو ٿيندو آهي. ڪنهن به مضمون کي هڪ معمولي
پڙهيل شخص به سمجهي ۽ ان مان حظ حاصل ڪري سگهي ٿو،
مگر تحقيقي تصانيف يا علمي مقالي کي ڪوبه ٿورو
پڙهيل ماڻهو سمجهي ان مان صحيح نتيجو اخذ ڪري نه
سگهندو. مضمون جي صنف ساڳئي وقت آسان کان آسان به
آهي ۽ ڏکئي کان ڏکي به آهي. اسڪول ۽ ڪاليج جي
شاگردن کان وٺي هڪ عالم فاضل تائين، هرهڪ ان تي
بلڪل آزاديءَ سان طبح آزمائي ڪري ٿو ۽ پنهنجي
پسنديده موضوع تي ڪونه ڪو مضمون لکڻ شروع ڪريو
ڏئي. ليڪن هيءَ حقيقت آهي ته هن فن لطيف کي صرف
اهو ماهر فنڪار ئي ڪاميابيءَ سان نباهي سگهندو،
جنهن کي وسيع مشاهدو ۽ معلومات هوندي ۽ پنهنجي
خيالات کي لطيف، رنگين ۽ ميٺاج واريءَ زبان ۾
نباهڻ ۾ پورو پورو هنر هوندو. ورنه اهو مضمون،
ادبي مضمون نه رهندو. مضمون جو ميدان تمام گهڻو
وسيع آهي. سموري ڪائنات مان ڪنهن به شيءِ کي موضوع
بنائي ان تي مضمون لکي سگهجي ٿو.
هر ڪنهن زبان ۾ مضمون نگاريءِ جي نشو و نما جو
تعلق هميشه نثر جي ترقيءَ سان رهيو آهي. هر ڪنهن
جو اوائلي نثر دشوار ۽ پيچيده هوندو آهي، جو رفتي
رفتي ترقي ڪري آسان بنبو آهي. اڄڪلهه ساري دنيا جي
ادب ۾ مضمون نگاري تمام تيز رفتاري سان ترقي ڪري
رهي آهي. ان ڪري ضروري آهي ته اسان به پنهنجي زبان
جي مضمون نگارن ۽ سندن ادبي ڪاوشن تي ڪجهه روشني
وجهون. اها هڪ حقيقت آهي ته اسان جي سنڌي شاعري هر
دؤر ۾ فڪر و فن جي لحاظ کان هندي، فارسي ۽ عربيءَ
کان متاثر رهي آهي، ليڪن ائين ڪونه چئبو ته ان جي
ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ پنهنجون خالص امتيازي خصوصيتون
آهن ئي ڪونه! انگريزي دؤر واري سنڌي شاعريءَ جو
وڏو حصو ته فارسيءَ ۽ اردوءَ جي نقالي آهي، ليڪن
سنڌي نثر وري انگريزي ۽ ٻين يورپي ٻولين کان اثر
پذير آهن. جيتوڻيڪ سنڌي زبان ۾ قديم فارسي نثر جي
طرز تي مقفيٰ مسجمع ۽ رنگين نثر به لکيو ويو آهي،
ليڪن اهو تڪبنديءَ وارو نثر هن دؤر ۾ متروڪ بنجي
چڪو آهي. هڪ طرف اهو تصنع آميز آهي ته ٻئي طرف ان
کي روانيءَ سان لکي به نٿو سگهجي.
اهوئي سبب آهي جو ان قسم جو نثر جديد دؤر جي
تقاضائن مطابق ٺهڪي نه سگهيو. ڊرامو، ناول، تنقيد
۽ مضمون نگاري وغيره سڀئي نثر جون جديد صنفون
سنڌيءَ ۾ انگريزي زبان جي اختلاط بعد پيدا ٿيون.
ڪيترن ئي نامور انگريزي اديبن جون تصنيفون، ڊراما
۽ ناول وغيره سنڌي زبان ۾ ترجمو ٿيا، جن مان سڀ
کان اول اول شهره آفاق ناول راسيلاس جو ترجمو ٿيو،
ان ڪري ئي سنڌي نثر ۾ سنجيدگي ۽ متانت آئي، ۽ ان ۾
هر موضوع لاءِ انداز بيان جي وسعت پيدا ٿي. سنڌي
نثر جي ترقي ويتر صحافت جي وجود ۾ اچڻ سان ٿي،
جنهن جي ڪري ئي نثر ۾ وسعت پيدا ٿي ۽ اهو زياده
سليس ۽ عام فهم بنيو.
سنڌ ۾ باقاعده صحافت جي ابتدا 1854ع ۾ انگريزي ۽
فارسي زبانن ۾ اخبار نويسيءَ جي وجود ۾ اچڻ سان
ٿي. سنڌي زبان کي سرڪاري سرپرستي حاصل ٿيڻ ڪري، ان
۾ پڻ صحافت لاءِ رستو هموار ٿيو. پهرين سنڌي اخبار
معين الاسلام آهي جا مرزا محمد صادق 1861ع ڌاري
جاري ڪئي. سنڌي صحافت جو سچو پچو دؤر ”سنڌ سڌار“
جي نڪرڻ سان ٿئي ٿو، جا اخبار تعليم کاتي طرفان
1882ع ۾ جاري ٿي. ان جا ايڊيٽر سلسليوار مرزا صادق
علي بيگ، ساڌو هيرانند ۽ ٻيا ناليرا صحافي ٿي
گذريا آهن.
سنڌي صحافت، سنڌي ادب جي هر شعبي ۾ ترقي آندي،
مثلاً مضمون نگاري، مقالي نويسي، شعر گوئي ۽ تنقيد
جي فروغ ۽ ترقيءَ ۾ سنڌي صحافت اهم حصو ادا ڪيو.
شروعاتي سنڌي اخبارن جهڙوڪ معين الاسلام ۽ سنڌ
سڌار جي مطالعي ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته انگريز
دؤر ۾ علم و ادب جا جيڪي به شعبا وجود ۾ آيا ۽
ترقيءَ جي منزل تي رسيا، تن ۾ انهن اخبارن ٻين
سڀني وسائل کان گهڻو ڪم سر انجام ڏنو.
صحافت ۾ ادب جي ٻين شعبن جي ترقيءَ سان گڏ مضمون
نويسيءَ کي پڻ اؤج حاصل ٿيو. پاڪستان کان اڳ وارن
رسالن ۽ اخبارن کي نظر مان ڪڍبو، ته معلوم ٿيندو
ته انهن ۾ مضمونن جو تعداد البت ٻين ادبي صنفن کان
گهڻو هوندو هو. هن دؤر ۾ وري مضمون کان وڌيڪ مقالي
تي توجهه ڏنو ويو آهي. مضمون جو اوائلي دؤر
اُڻويهين عيسوي صدي جي نصف کان شروع ٿئي ٿو ۽
ويهين صديءَ جي ابتدا ۾ ان جو اختتام ٿئي ٿو.
اوائلي سنڌي اخبارن، جن ۾ مضمون اچڻ لڳا، سي
سرسوتي (1890)، پرڀات (1891) ۽ جوت (1894) هيون،
جن جا ايڊيٽر ساڌو هيرانند، ليکراج تلوڪشچند، ۽ پر
مانند ميوارام هئا. سرسوتي مخزن جا ڪجهه مضمون
”هيري جون ڪڻيون“ ۽ جوت اخبار جا چند مضمون ”گل
ڦل“ ڪتابن ۾ محفوظ آهن. اهي ڪتاب بنيادي مضمون
نگاريءَ جي لحاظ کان سنڌي ادب ۾ وڏي اهميت رکن ٿا.
جوت اخبار مسلسل 50 سالن تائين سنڌي صحافت ۽ ادب
جي آسمان تي چمڪندي رهي. هن اخبار ۾ گهڻا مضمون،
ان جي ايڊيٽر مسٽر پرمانند ميوارام جا شايع ٿيندا
هئا. جوت، پرڀات ۽ سرسوتي مخزنن ۾ جن ٻين مضمون
نگارن جا مضمون شايع ٿيا هئا، تن ۾ ايم ٽي گدواڻي،
ريواچند آڏواڻي، ڀائي شامنداس، راءُ صاحب اُڌارام
۽ ٻين جا نالا اچي وڃن ٿا. جوت اخبار جي پاليسي
اها هوندي هئي ته سنڌي ٻوليءَ ۾ گهڻي ۾ گهڻا اديب
پيدا ڪيا وڃن ۽ ان ۾ هر علم و فن تي ڪتاب لکيا
وڃن. اهوئي سبب آهي مسٽر پرامانند جا مضمون،
سماجي، اخلاقي تعليمي ۽ سير و سياحت تي ٻڌل آهن.
سڀني مضمونن ۾ تعليم سان گڏ تفريح طبع جو به گهڻو
خيال رکيو ويو آهي. ”هر ڪنهن مضمون جو بيان اهڙي
ته مزيدار نوع ۾ ڪيل آهي جو پڙهندڙ ان جي پڙهڻ سان
تمام گهڻو لطف اندوز ٿئي ٿو. جوت اخبار جا مضمون
فن جي لحاظ کان مضمون نويسيءَ جا اعليٰ شاهڪار
آهن. انهن جي ٻوليءَ ۽ طرز بيان سندن جان آهي،
جنهن کي پرمانند نهايت ئي سليس انداز ۾ ڪاميابيءَ
سان نباهيو آهي. سندس مضمونن ۾ طرز بيان بلڪل فطري
اختيار ڪيل آهي. انهن کي پڙهڻ سان ائين محسوس ڪبو،
جيئن ڪو روبرو ويٺو پنهنجي طبعي انداز سان ڪا
ڳالهه ٻڌائي، جنهن ۾ هو يا ته ڪو ڏٺل واقعو، يا
زندگيءَ جو آزمودو يا فطري مشاهدو بيان پيو ڪري.
سندس بيان جو مقصد فقط تعليم ڏيڻ آهي، جا مختلف
نمونن ۽ طريقن جي آهي. اها ڪٿي اخلاقي ٿئي ته ڪٿي
صرف عملي. سندس مضمون ۾ نج ۽ فطري ٻولي ۽ بيان
اختيار ڪيل آهي، جنهن جي شهادت لاءِ انهن مضمونن ۾
ڇپجي آيل پهاڪا، اصطلاح، محاورا ۽ چوڻيون موجود
آهن. هن دؤر ۾ بهرحال فن ۽ فڪر ۾ تمام گهڻي ترقي
ٿي آهي، جنهن ڪري عوام جي ذهن ۾ به واڌارو آيل
آهي. انهيءَ نقطئه نگاهه کان ڏسبو ته پرمانند جي
مضمونن ۾ بلڪل سادا خيال آهن. ازانسواءِ ٻولي جو
به ڪجهه سقم رهجي ويو آهي. ليڪن اهي ڪي اهڙيون
خاميون نه ”آهن جو سندس فن جي خوبين تي ڇانئجي وڃن
۽ ان کي لڪائي ڇڏين.
ديوان
نولراءَ 1890ع ۾ سڌار سڀا قائم
ڪئي هئي. ان جي زير سايي هڪ مخزن سرسوتيءَ نالي
سان جاري ڪيائين. جنهن ۾ اخلاقي، جسماني، مذهبي ۽
تعليمي نوعيت جا مضامين شايع ٿيندا هئا. ڪجهه عرصي
بعد انهيءَ مان چونڊ مضامين ڪٺا ڪري ”هيري جون
ڪڻيون“ نالي هڪ
ڪتاب ڇپايو ويو. اوائلي دؤر ۾ جيڪي
مضمونن جا مجموعا شايع ٿيا. تن ۾ ”ويچار“ کي به
گهڻي اهميت حاصل آهي. ان جو مرتب سنڌ جو مشهور
اديب پروفيسر لال
سنگهه اجواڻي آهي. هن صاحب ڊي. جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ جي مسنيءَ جي چاليهن
سالن
جا
پرچا اڳيان رکي، انهن مان خاص خاص مضمونن کي
پنهنجي انتخاب ۾ جاءِ ڏني. اهڙي قسم جي مجموعن ۾
”گلدستو“ کي اوائلي دؤر ۾ مضامين جو انتخاب هجڻ جي
لحاظ کان خاص درجو حاصل آهي. اهو مجموعو 1907ع ۾
شايع ٿيو ۽ ان کي پريمچند ۽ ڏيارام وسڻ مل گڏجي
ترتيب ڏنو هو، جنهن ۾ هڪ کان گهڻن اديبن جا مضامين
گڏ ڪيا ويا هئا. مختلف اديبن جا مضامين گڏ ڪري،
هڪڙي ڪتاب ۾ ڇپائڻ جو رواج ڪافي عرصي تائين هلندو
رهيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي مجموعا ڇپجي ظاهر
ٿيا، مثلاً: ادبي گلشن، ادبي غنچو، من جا مڻيا، ادب ۽ مروت وغيره. انهن مجموعن ۾ جن
قلمڪارن جا مضامين هوندا هئا. سي سڀئي ڪنهن مشق اديب ڪونه هئا. بلڪ ڪن جو ته هن وقت ادبي دنيا ۾ ڪو نالو نشان به نه
آهي. ڪي هاءِ اسڪولن
جا مدرس ۽ ڪاليجن جا ليڪچرار هئا، جن جو شايد ادب سان شوق شغف
گهڻي وقت تائين قائم رهي نه سگهيو. انهن مجموعن ۾
ڪن نؤ آميز ۽ سيکڙاٽ لکندڙن جا مضامين آندا ويا
آهن، جي ڪن قابل اديبن جي ترميمن ۽ اضافي بعد شامل
ڪيا ويا هئا. اهڙيءَ طرح، اهڙن مضامين جا ڪي لکندڙ
ته صرف شاگرد هئا،
ليڪن ان هوندي به زياده تر مضمون وري به انهن قابل
۽ معروف اديبن جي زور قلم جو نتيجو هئا، جي صاحب
خود انهن جا مرتب هئا. انهن مجموعن جي مضامين جا
موضوعات گهڻو ڪري عام هوندا هئا، جي اڪثر انساني
روزاني مشاهدي ۾ ايندڙ شين، روزانو پيش ايندڙ
واقعن ۽ ڪن سماجي مونجهارن جا موضوع هوندا هئا.
انهن جو مقصد تعليمي ۽ اخلاقي هوندو هو ۽ انداز
بيان صاف ۽ سليس زبان ۾ هوندو هو.
مرزا قليچ بيگ اهو مايئه ناز اديب آهي، جنهن سنڌي
ادب ۾ مختلف اصناف کي باقاعدي رواج ۾ آندو. ڊرامو،
افسانو، ناول تنقيد وغيره کان علاوه مضمون نگاريءَ
۾ به هن جون ڪوششون قابل قدر آهن. مرزا صاحب جي
مضمون نگاري خواه ادب جي ٻين صنفن ۾ ڪاوشون ٻن
دؤرن تائين ظاهر ٿينديون رهيون. سوانح، سير
وسياحت، تاريخ توڙي سماجي ۽ اخلاقي موضوعن تي هن
صاحب جا ڪيترائي مضامين مختلف ڪتابن ۽ رسالن ۾
شايع ٿيا. لارڊ بيڪن سورهينءَ صديءَ جو انگريزي
مضمون نگار هو، جنهن جا مضامين
Becons Essays
جي نالي سان مقبول هئا. مرزا قليچ بيگ، اهي مضمون
سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري، مٿس ”مقالات الحڪمت“ جو نالو
ڏنو جو 1899ع ۾ ڇپيو. اهو پهريون ئي مضمونن جو
ڪتاب آهي، جنهن ۾ سمورا مضمون هڪ ئي مصنف جا هئا.
سڀ مضامين اخلاقي موضوعات تي ٻڌل هئا. اسلوب ۽
انداز بيان جو اهو ڪمال آهي، جو ڪتاب پڙهڻ کان
پوءِ، عقل سليم ان کي مغربي تخليق سمجهڻ کان ئي
قاصر ٿي وڃي ٿو ۽ سمجهڻ ۾ ائين ٿو اچي، گويا هيءَ
ڪا اصلوڪي سنڌي تصنيف آهي ۽ نه ترجمو. بيڪن جي
اصلي تصنيف نهايت دقيق ۽ فلسفياڻن نقطن سان معمور
آهي، جنهن جو ڪنهن حد تائين سمجهڻ مشڪل آهي، ليڪن
مرزا صاحب سڀني موضوعن کي سليس ۽ نصيحت ڀريل گفتن
۾ لکيو آهي. ابتدائي مضمون نگاريءَ واري دؤر ۾
جيڪي به اهم ڪتاب شايع ٿيا، تن جو ذڪر ڪيو ويو.
جيئن جيئن مضمونن ۽ مقالن لکڻ جو رواج وڌيو، تيئن
تيئن اخبارن ۽ رسالن ۾ مضمونن کي ئي مناسب ۽ مستقل
جاءِ ملڻ لڳي. سال 1900ع تائين سنڌي زبان ۾
ڪيترائي رسالا ۽ اخبارون نڪري چڪيون هيون، جن مان
ٿورن جا نالا هي آهن: مدرسه، معاون مجمع، سرسوتي،
مسافر، خيرخواه، جوت، تحفئه احباب ۽ آفتاب. انهن
مان ڪيترا رسالا ڳچ سالن تائين هلندا رهيا. انهن
سڀني ۾ مختلف اديبن جا مضامين شايع ٿيندا رهندا
هئا. ڪيترا صحافي ته پنهنجي دؤر جا باڪمال اديب ٿي
گذريا آهن، جن جي مضمونن جو ٻئي دؤر هيٺ ذڪر
ايندو.
سنڌي صحافت، سنڌي قوم ۾ سياسي شعور پيدا ڪرڻ سان
گڏوگڏ معاشي ۽ سماجي ميدان ۾ به سنڌي قوم ۽ سنڌ
گهڻي خدمت ڪئي. ساڳيءَ طرح هن دؤر جي سنڌي صحافت
جو، ادب کي ترقي ڏيارڻ ۾ مکيه حصو آهي، حالانڪ
صحافت ۽ ادب جو پاڻ ۾ ڪوبه سڌو سنئون تعلق نه آهي.
هي ٻيئي فن جيتري قدر همه گير آهن، اوتري قدر هڪ
ٻئي کان مختلف به آهن. ليڪن ڏٺو ويو آهي ته دنيا
جي اڪثر زبانن ۾ هيترا صحافي ساڳئي وقت مشهور اديب
به ٿي گذريا آهن. سنڌي صحافت ۽ ادب ۾ پڻ اهڙو سنگم
آهي. هن دؤر جا شمس الدين ”بلبل“، ڄيٺمل پرسرام،
محمد هاشم مخلص ۽ مولانا دين محمد وفائيءَ جهڙا
معروف صحافي پنهنجي وقت جا اعليَ پايي جا اديب ۽
مضمون نگار پڻ هئا. شمس الدين بلبل ”آفتاب سنڌ“ جو
ڳچ عرصو ايڊيٽر رهيو ۽ پنهنجون ذاتي اخبارون پڻ
ڪڍيائين. محمد هاشم مخلص به پنهنجي حياتيءَ جي
عرصي ۾ ڪيترن رسالن ۽ اخبارن جو ايڊيٽر ٿي رهيو،
جن مان تحفئه احباب، بهار اخلاق، ڪچڪول، جعفر
زٽلي، الامين ۽ مسلمان ڪافي مشهور آهن. مخلص جي
مضمونن تي طنز ۽ مزاح جو رنگ چڙهيل آهي. بلبل
مرحوم جي قلم جو سڄو زور معاشري ۾ سڌاري آڻڻ ۾
لڳو. نئين تهذيب ۽ تمدن ۾ جيڪي خرابيون عام ٿي
ويون هيون، انهن جي بيخ ڪني ڪرڻ لاءِ هن جو قلم
تلوار وانگر وهندو هو، ان ڪري سندس طنز ۽ مزاح
خالص تعميري آهي ۽ ڪنهن به خاص شخصيت تي بيجا حملي
ڪرڻ کان پاڪ آهي. سندس مضمون ۽ ظرافت سنڌي ادب ۾
لازوال حيثيت رکن ٿا، سندس نثر موزون، شائسته ۽
بليغ آهي.
مخلص جي مضمونن ۾ جيتوڻيڪ مزاح ۽ طنز جو پهلو ضرور
آهي، ليڪن ان تي گلا ۽ هجو جو رنگ به چڙهيل آهي.
سندس انداز بيان تلخ لهجي ۽ سخت ڪلاميءَ وارو آهي.
سندس مضمونن ۾ نه صرف وقت جي سياستدانن، زميندارن،
پيرن ٻين مشهور هستين تي ٽوڪ بازي ۽ نشتر زني ڪيل
آهي، بلڪ سندس همعصر صحافين جهڙوڪ شمس الدين بلبل
۽ نور اسلام جي ايڊيٽر مولوي نور محمد نظاماڻيءَ ۽
وقت جي ٻين اعليٰ هندو، مسلم اديبن ۽ صحافين تي به
چٿر ڪئي ويئي آهي ۽ سندن مذاق اڏايو ويو آهي. اهو
ئي سبب آهي، جو ڪريم بخش خالد لکي ٿو ته: ”مخلص جي
مضمونن ۾ فحش ۽ عريان زبان استعمال ڪيل آهي، جن ۾
شرافت ۽ اخلاق کي سرِعام ننگو ڪيو ويو آهي. اهي
مضمون حد درجي جا فحش آهن، پر انهن جي رواني، لفظن
جي سٽاء ۽ انتخاب، نوَن جملن جي ترڪيب ۽ محاورن جي
ايجاد سببان اهي تحريرون خالص ادبي حيثيت رکن
ٿيون.
ان دؤر جو ٻيو برک صحافي مولانا دين محمد وفائي
آهي، جيڪو جدا جدا وقتن تي صحيفئه قادريه،
الڪساشف، توحيد ۽ الوحيد جو ايڊيٽر ٿي رهيو. هن جا
مضمون زياده تر مذهبي آهن، مگر چند ادبي ۽ سياسي
مضامين پڻ لکيا اٿس.
حڪيم فتح محمد سيوهاڻي به هن دؤر جو هڪ بلند پايي
جو عالم، شاعر ۽ اديب ٿي گذريو آهي. سندس مضامين
اڪثر و بيشتر اخبارن ۾ ڇپبا رهندا هئا، جي تاريخ،
مذهب ۽ سياست تي هوندا هئا. هن دؤر ۾ هندن جا به
ڪيترا رسالا ۽ اخبارون نڪرنديون هيون. سناتن ڌرم
پرچارڪ پتر، ماتا، هندو، هندستان، هندواسي وغيره.
انهن جا جيڪي به ايڊيٽر هئا، تن سڀني ۾ ڄيٺمل
پرسرام هڪ ناليرو صحافي ٿي گذريو آهي. هن جي ادبي
خدمتن کي به قدر جي نگاهن سان ڏٺو وڃي ٿو. اخبارن
۾ هن جا سماجي، اخلاقي ۽ سياسي موضوعن تي لکيل
مضامين اڪثر شايع ٿيندا رهندا هئا، جن جي مضمونن ۾
غلط ڪار ۽ چالباز سياستدانن، راشي ڪامورن توڙي
سماج جي شرپسند عناصرن تي نڪته چيني ڪيل هوندي
هئي، ليڪن اهو سڀ ڪجهه مهذبانه طريقي ۽ اديبانه
رنگ ۾ هوندو هو. هن جو انداز بيان نهايت دلچسپ ۽
وڻندڙ آهي. سنڌو، اديب سنڌ، مهراڻ، علمي دنيا ۽
ٻيا ڪي ماهوار رسالا هن دؤر جي ادب جا نمائندا
جريدا آهن، جي جديد قدرن ۽ نئين طرز تي شايع ٿيڻ
لڳا. انهن رسالن جو، ادب جي جديد صنف جي اشاعت ۽
ترقيءَ ۾ وڏو حصو آهي.
جڏهن بمبئي يونيورسٽيءَ طرفان مئٽرڪ لاءِ سنڌيءَ
کي لازمي سبجيڪٽ ۽ بي. اي لاءِ اختياري سبجيڪٽ
قرار ڏنو ويو، تڏهن هن صنف اڃا به گهڻي ترقي ڪئي.
جدا جدا ڪورسن جي مناسبت سان ڪيترائي سنڌي نثر ۽
نظم جا انتخاب شايع ٿيا، جن ۾ چونڊ سنڌي نثر ۽
چونڊ سنڌي نثر و نظم ڪافي مشهور آهن.
هن دؤر جي انهن چند مضمونن جي ڪتابن جا نالا درج
ڪريان ٿو، جن جي حيثيت ادب ۾ مسلم آهي ۽ جن جي سبب
سنڌي زبان جي مضمونن جي خزاني ۾ هڪ بيش بها اضافو
ٿيو. زبان، اسلوب بيان ۽ ٻين فني خصوصيتن سببان هن
مان هر هڪ ڪتاب پنهنجي جاءِ تي هڪ بهترين فن پاره
آهي.
1.
ڳوٺاڻي چهر ۽ اناردانه _ نرائنداس ملڪاڻي
2.
ادبي غنچو _ رام پنجواڻي ۽ نارائڻداس ڀمڀاڻي
3.
چڻگون _ تيرٿ بسنت
4.
ادبي آئينو _ ليکراج عزيز
5.
سدا گلاب _ لالچند امرڏنو مل (هن مجموعي ۾ ڪي
طبعزاد مضمون آهن ته ڪجهه وري هندي مضمونن جو
ترجمو آهن.)
6.
درس عمل ۽ ادبي انتخاب _ عثمان علي انصاري
(ادبي انتخاب ۾ ٻين ٻولين تان ترجمو ٿيل مضمون به
شامل آهن.)
ازانسواءِ مسافريءَ جو مزو، سير جو رنگ، انسان ۽
انسانيت، ويچار ۽ من جي مڻيا وغيره جو شمار به
مضمونن جي سٺن ڪتابن ۾ ڪيو وڃي ٿو. ٻيا به ڪيترائي
هندو ۽ مسلمان مشهور اهل قلم آهن، جن جا مضامين هن
دؤر جي اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿيا، جيئن ته محمد
صديق مسافر، محمد صالح ڀٽي، منگهارام ملڪاڻي،
ڀيرومل مهرچند، ڊاڪٽر دائودپوٽو، عثمان علي
انصاري، شيخ عبدالله عبد، علي محمد راشدي، ڪشنچند
عزيز، ميران محمد شاهه، الهه بچايو سمون، مولانا
محمد نورنگزاد، نبي بخش بلوچ، محمد اسماعيل عرساڻي
وغيره. انهن مان ڪيترا اهي اديب آهن جن جا مضامين
ايندڙ دؤر تائين به شايع ٿيندا رهيا، تنهن ڪري
سندن مضِامين جو تذڪرو ٽئين دؤر ۾ ٿيندو.
تعداد ۽ ڪثرت جي لحاظ کان سنڌي مضمون نگاريءَ جو
هيءُ شاهڪار دؤر آهي، جنهن ۾ هن صنف جي هر زاويي
کان ترقي ٿي. سياسي، مذهبي، سماجي، تهذيبي،
تعليمي، اخلاقي، سوانحياتي، تاريخي، ادبي، تفريحي
۽ ٻين به هر طرح جي نقطي نگاهه کان قسمين قسمين
مضامين لکيا ويا، جن ۾ سنجيده ۽ فڪر انگيز مضامين
به آهن ته بحث مباحثي ۽ دليل دلائل وارو رجحان
رکندڙ مضامين به آهن، ازانسواءِ ڪيترا مضمون نقطه
چيني، طنز ۽ مزاح سان به لبريز آهن. چند مضمون وري
هزل ۽ ظرافت جي چاشنيءَ سان ڀريل آهن.
مضمون نگاريءَ جي ايتري ساري ترقيءَ سنڌي ادب سان
گڏ زبان جي لغت ۾ پڻ اضافو آندو. جديد زماني جي
تقاضائن ۽ نئين فڪر جي ترجماني ۽ اظهار لاءِ نوان
نوان علمي اصطلاح، نيون نيون ترڪيبون ۽ تشبيهون
جوڙيون ويون، جنهن ڪري سنڌي زبان ۾ وسعت بيان به
آئي ته ان سان گڏوگڏ شيرين ۽ دلڪش انداز پڻ پيدا
ٿيو.
سنڌي مضمون نگاريءَ جو ٽيون دؤر قيامِ پاڪستان کان
وٺي اڄ ڏينهن تائين هليو ٿو اچي. هن دؤر ۾ مضمونن
جا ڪي گهڻا مجموعا شايع ڪونه ٿيا، جنهن مان هن صنف
جي ترقيءَ جي سلسلي ۾ سست رفتاريءَ جي سڌ پوي ٿي،
پر جيڪڏهن باريڪ بين نظر سان ڇنڊڇاڻ ڪبي ته معلوم
ٿيندو ته هن صنف به ٻين ادبي صنفن جيتري ترقي ضرور
ڪئي آهي. ڪيترن اديبن جا مضامين جدا جدا رسالن ۾
آيل آهن، ليڪن اها اسان جي بدقسمتي چئبي جو هر هڪ
مصنف جي جدا جدا ڇپيل مضمونن کي، هڪ ڪتاب ۾ گڏ
ڪري، شايع ڪرڻ جو ڪم اڃا نه ٿيو آهي. ان جو سبب
اهو آهي جو اسان وٽ اشاعتي ادارا تمام ٿورا آهن،
جن جا وسيلا نهايت ئي محدود آهن، جنهن ڪري نه ڪي
پاڪستان کان اڳ جا ڪتاب دوباره شايع ٿي سگهيا آهن
۽ نه وري گذريل دؤر ۽ هن دؤر جي مضمونن مان جدا
جدا ادبي چيزن کي چونڊي، هڪ ڪتاب ۾ شايع ٿيڻ جو
موقعو ملي سگهيو آهي.
مسٽر عثمان علي انصاري سنڌ جو مشهور اهل قلم ۽
اديب ٿي گذريو آهي. هن صاحب جيتوڻيڪ ٻين به ادبي
صنفن تي قلم آرائي ڪئي آهي، مگر هو بنيادي طور هڪ
مضمون نگار هو. پاڪستان کان اڳ ۾ به هن جا مختلف
رسالن ۾ ڪيترا مضمون آيل آهن. سندس هڪ مجموعو ”درس
عمل“ شايع به ٿيل آهي، جو نفسياتي ۽ تعليمي نقطي
نگاهه کان لکيل آهي. هي مضمون خصوصاً شاگردن ۽
استادن ۾ اصلاح آڻڻ جي غرض کان لکيا ويا هئا، جيئن
شاگردن ۾ تعليم پرائڻ جو شوق وڌي ۽ استادن ۾ محنت
ڪرڻ ۽ پڙهائڻ جو جذبو پيدا ٿئي. شگفته عبارت،
وڻندڙ بيان ۽ اديب جي شخصي آزمودن ۽ تجربن ڪري،
سندس مضمون نهايت ئي جاندار بنجي پيا آهن. هن دؤر
جي سماهي مهراڻ ۽ نئين زندگي رسالي ۾ سندس چند
مضمون شايع ٿيل آهن، جن سڀني مان ”سنڌ جي تهذيب“
مشهور آهي، جو اول الذڪر رسالي ۾ شايع ٿيو آهي.
هلندڙ دؤر ۾ راقم جا به ڪيترا مضمون سنڌ جي مختلف
تعليمي ۽ ادبي رسالن ۾ شايع ٿيا آهن. مثلاً:
توحيد، عام راءِ، فردوس (هالا)، نئين زندگي، نئين
کيتي، ڳوٺ سڌار، تعليم اخبار، ”سماهي مهراڻ“ ۽
روزانه مهراڻ جا ساليانه نمبر وغيره. انهن سڀني
مضمونن جي فهرست علحده علحده موضوعن تحت، هيٺ درج
ڪجي ٿي، منهنجا مضمون سلاست، دلچسپ انداز بيان ۽
مضمون نگاريءَ جي ٻين ڪيترن ئي خوبين ڪري ادبي
حلقن ۾ گهڻو ساراهيا وڃن ٿا.
(تعليمي مضامين)
1.
اڳوڻي تعليم ۽ هاڻوڪي تعليم.
2.
ماسترن جون مشڪلاتون.
3.
لازمي تعليم.
4.
ڪجهه ڏوهه پنهنجو به آهه.
5.
تعليمي نفسيات.
6.
اسڪولي نظم و نسق.
(شخصيات، سوانح ۽ تاريخ)
1.
بُلا شاهه
2.
مشڪل ڪشا
3.
اُڏيرو لعل
4.
پٿورو پير.
5.
رحمت اللعالمين
6.
روم جي تاريخ جو هڪ خوني ورق
(سير و سياحت ۽ معلومات)
1.
ٽئڪسيلا
2.
ڀنگڍ
3.
ڌونرا هڱورا
4.
روپا ماڙي
5.
ولاسو
6.
وسڪارو
7.
پلو
8.
گوڙيءَ جا ڏهڙا
9.
فتح باغ ۽ جوڻ
(متفرقه)
1.
شاهه جي شعر ۾ ريگستان
2.
لاهوتي
3.
حضرت عمر بن عبدالعزيز
4.
آغا عبدالحليم شرر جي ڊرامن جو اخلاقي پهلو
انهن سڀني مضمونن مان اڃا ڪنهن کي به ڪتابي صورت ۾
نه آندو ويو آهي. انهن کان علاوه ٻيا به مضمونن جا
مجموعا ”خيال خاطر“ ۽ ”نقش عمل“ شايع ٿيل آهن، جي
پنهنجي افاديت ۽ علمي نقطه نظر سببان جدا جدا
تعليمي ۽ نصابي ڪتابن ۾ شايع ٿي چڪا آهن.
پاڪستان جي قيام کان پوءِ جن قلمڪارن هن ميدان ۾
قدم رکيو آهي، تن ۾ مسٽر ڪريم ڏنو راڄپر جو نالو
خاص طرح سان ورتو وڃي ٿو. هن جا ڪيترائي مضامين
”نئين کيتي“ رسالي ۾ شايع ٿيا هئا. نئين کيتي
اداري طرفان، انهن مان ڪي مضمون گڏ ڪري، ڪتابي
صورت ۾ شايع به ڪرايا ويا، جنهن مجموعي جو نالو
”ڪک هيٺان لک“ آهي. سير و سياحت متعلق ٻيا سندس
مضامين سندس ڪتاب ”آمريڪا جو سير“ ۾ آهن، جو ساڳئي
اداري جو شايع ڪرايل آهي. هن جا مضمون اڪثر
معلومات افزا آهن ۽ آهن ۾ تفريح ۽ اصلاح جو گهڻو
خيال رکيو ويو آهي. منجهس ڪم آيل زبان به نهايت ئي
شائسته آهي، جنهن ڪري پڙهندڙ سندس تحرير مان علم
پرائڻ سان گڏ لطف اندوز به ٿئي ٿو.
عطا حسين شاهه موسوي پڻ هن دؤر جو هڪ بهترين انشا
پرداز آهي. هن جي مضمونن جو هڪ مجموعو ”ڪچ ڪوڏيون“
آهي، جنهن کي ادبي حلقن ۾ گهڻي شهرت حاصل آهي ان ۾
سڀئي مضمون مصنف جا طبعزاد آهن، جن جي طرز بيان
نهايت ئي لطيف ۽ وڻندڙ آهي. ڪي مضمون دلچسپ مزاح ۽
ظرافت سبب گهڻي ذوق ۽ شوق سان پڙهيا وڃن ٿا،
خصوصاً سندس مضمون ”شڪار“ ۾ کي گهڻو پسند ڪيو ۽
ساراهيو وڃي ٿو.
هن دؤر ۾ جن هندو اديبن جا سنڌ جي رسالن ۾ مضامين
شايع ٿيندا رهيا آهن، تن ۾ پروفيسر چيتن ماڙيوالا
جو نالو قابل ذڪر آهي. هن صاحب جا اڪثر مضامين سه
ماهي ”مهراڻ“ ۾ شايع ٿيل آهن. هو گهڻو ڪري تاريخي
مضمون لکندو آهي، ڇاڪاڻ ته هو تاريخ جو ئي پروفيسر
آهي. هن جا تاريخي مضمون نهايت دلچسپيءَ سان پڙهيا
وڃن ٿا. سندس انداز بيان اهڙو ته وڻندڙ آهي، جو
تاريخ جي تلخ حقيقتن کي پڙهڻ سان اهڙو ته لطف
ايندو آهي، جهڙو هوند ڪنهن مختصر افساني پڙهڻ مان
اچي. اهو پروفيسر صاحب جو ئي ڪمال آهي، جنهن
تاريخي اتهاس کي به ”ادب“ جو حصو بنائي ڇڏيو آهي.
سه ماهي مهراڻ ۾ سندس هيٺان مضامين شايع ٿي چڪا
آهن:
1.
دوستاڻو ناتو
2.
سنڌ ۽ افغانستان جي پهرين لڙائي
3.
سنڌو نديءَ تي واپاري آمدورفت جو نئون رنگ
4.
هندستان ۾ انگريزي سلطنت ۽ روسي ڪاهه جو اڊڪو.
ورهاڱي کان اڳ به هن جي مضمونن جو هڪ مجموعو
بعنوان ”تاريخي مضمون“ شايع ٿيو هو. هندستان ۾
سندس ٻه نوان مجموعا ”اتهاسڪ چتر“ ۽ ”وچتر ورق“
شايع ٿيا آهن.
ڊاڪٽر علي احمد قاضي به هن دؤر جو ڪهنه مشق اهل
قلم ۽ انشا پرداز آهي. هن جا به ڪيترائي مضمون
ماهوار نئين زندگي ۽ سه ماهي ”مهراڻ“ ۾ شايع ٿي
چڪا آهن، جن مان چند هي آهن:
1.
عشق ۽ عقل
2.
فلسفو ۽ سائنس
3.
آسائي ۽ نراسائي
4.
سچ ۽ ڪوڙ
5.
پليگ
6.
ماڻهوءَ جون ڪَل جون ٽي ڪُنجيون.
پروفيسر جهامنداس ڀاٽيا سنڌي زبان جو برک اديب ۽
مضمون نگار ٿي گذريو آهي. ورهاڱي کان اڳ واري دؤر
۾ هو ماهوار ”سنڌوءَ“ جو ايڊيٽر ٿي رهيو هو، جتان
هن جي ادبي زندگيءَ جو آغاز ٿيو. موجوده دؤر ۾ هن
جا بهترين مضمون سه ماهي مهراڻ ۾ ادب لطيف جي
عنوان هيٺ شايع ٿيا، جن ۾ هن زندگيءَ جي گوناگون
مسئلن کي ٽئگور ۽ خليل جبران جي اسلوب ۽ انداز ۾
بيان ڪيو آهي. انهن مجموعن جو جرمني زبان ۾ به
ترجمو ٿيو آهي ۽ اتي جي ريڊيو اسٽيشن تان پڻ نشر
ڪيو ويو آهي. اهڙيءَ طرح سان اهي مضمون انگريزي ۽
ٻين زبانن ۾ ترجمو ٿيل آهن. هن جا مضمون ڪيترن
مشهور رسالن مثلاً شاعر، مارئي، نئين زندگي، روح
رهاڻ ۽ روزنامه عبرت ۾ شايع ٿيل آهن.
سيد ميران محمد شاهه، سياسي ميدان جو هڪ شهسوار ٿي
گذريو آهي. هو هڪ سـٺو اديب ۽ شاعر به هو. جيتوڻيڪ
ملڪي سياست سان وابسته هئڻ سبب، ادب ۾ گهڻو ڪم
سرانجام ڏيئي نه سگهيو آهي، پر ورهاڱي کان اڳ سندس
ڪي مضمون رسالن ۾ شايع ٿيل آهن. سندس ڪي مضمون
درسي نصاب ۾ گهڻو عرصو شامل رهيا، جهڙوڪ: ”دل جي
طلب ۽ گنجي ٽڪر جو سير“.
الهه بچايو سمون به هڪ چڱو مضمون نگار ليکيو وڃي
ٿو. ”سير ڪوهستان“ سندس هڪ بينظير تصنيف آهي، جا
انداز بيان جدت ۽ نذرت جي نقطي نظر کان بلڪل منفرد
آهي. سندس ڪي مضمون جدا جدا رسالن ۽ نصابي ڪتابن ۾
شايع ٿيل آهن.
مٿي جن مضمون نگارن جو ذڪر ڪيو ويو آهي، انهن کان
علاوه ٻيا به ڪيترائي معروف ۽ غير معروف مضمون
نگار آهن، جن جا مضمون رسالن ۽ روزنامه اخبارن ۾
گاهي گاهي ايندا رهن ٿا، مثلاً: لعل بخش ٽالپر جا
مضمون، ضمير شاهه جو مڪان، دل جا افسانا ۽
تنهنجيون اکڙيون، سه ماهي ”مهراڻ“ ۾ ڇپجي چڪا آهن.
اهڙيءَ طرح ولي محمد طاهرزادي جو هڪ مضمون
”مارئيءَ جي محبت“ پڻ ساڳئي رسالي ۾ شايع ٿيو آهي.
اصلوڪن مضمونن کان سواءِ ٻين زبانن مان به ڪيترائي
ترجمو ٿيل مضمون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپجي چڪا
آهن ۽ اهو سلسلو چالو آهي.
جيڪڏهن هرهڪ لکندڙ، جنهن جو ڪو هڪ ٻه مضمون لکيل
آهي، تن سڀني جو هتي ذڪر ڪيو ويندو، ته هيءُ مقالو
نهايت طويل ٿي ويندو، لهاذا مناسب ائين آهي ته
مقالي کي ختم ڪيو وڃي. مضمون نويسيءَ جو شوق روز
بروز وڌندڙ آهي ۽ اميد آهي ته ايندڙ چند سالن ۾
سنڌي ادب جي هيءَ صنف توقع کان به وڌيڪ ترقي ڪري. |