هرمن هيسي/مراد علي مرزا

(جرمني)
ظاهر ۽ باطن
هن جو نالو فريڊرڪ هو، علم ۽ حڪمت جو شائق ۽
دانائيءَ جو پتلو. پر هن جي خيال مطابق سموري علم
۾ فرق هو ۽ سڀئي خيال هڪ جهڙا سٺا نه هئا. هو هڪ
خاص قسم جي سوچ کي پسند ڪندو هو ۽ ٻئي هر خيال کان
کيس نفرت ۽ ڪراهت هوندي هئي. منطق سان سندس چاهه
هو ۽ ان جو وٽس مان هو. هو ان شاندار طريقي کي
”علم“ ڪري سمجهندو هو.
”ٻه ڏون چار.“ هو اهو ئي چوندو هو، ”منهنجو ان ۾
يقين آهي، ۽ انسان کي گهرجي ته انهيءَ سچ جي آڌار
تي سوچي.“
هن کي اها به خبر هئي ته سوچ ۽ ڄاڻ جا ٻيا به
طريقا آهن، پر انھن کي علم نٿو چئي سگهجي ۽ انهن
جي لاءِ سندس راءِ سٺي نه هئي. جيتوڻيڪ هو هڪ آزاد
خيال انسان هو، پر مذهب سان تعصب ڪو نه هئس. عالمن
ته ماٺ ميٺ ۾ ٺاهه ڪري، مذهب جو بنياد رکيو هو.
ڪيترين صدين تائين عالمن جي انهيءَ علم ۾ روءِ
زمين جي هر شيءِ جيڪا معلوم هئي. اچي ٿي ويئي؛
سواءِ هڪ شيءِ جي، جنهن کي انساني روح چئجي ٿو. پر
جيئن وقت ويو گذرندو، تيئن اهو هڪ قسم جو راوج ٿي
ويو ته روح کي مذهب جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ ان تي
سنجيدگيءَ سان سوچڻ جي بدران، مذهبي خيالن کي قبول
ڪري ويھي رهو. اهڙيءَ ريت فريڊرڪ پڻ مذهب جي باري
۾ معتصب ڪو نه هو؛ پر هر اها شيءِ، جنهن کي هو وهم
ڪري سمجهندو هو، ان کان کيس سخت نفرت هوندي هئي.
اهو اوپرن، اڻ گهڙين ۽ لولن لنگڙن جو ورثو هو. ٿي
سگهي ٿو ته تمام قديم زماني ۾ هڪ پراسرار ۽ جادوئي
سوچ جو وجود رهيو هجي، پر علم ۽ منطق جي پيدا ٿيڻ
کان پوءِ انهن مدي خارج ۽ شڪي هٿيارن جي استعمال
ڪرڻ ۾ ڪا به عقلمندي نه هئي.
هن جو اهو چوڻ هو ۽ اها ئي سوچ هئي؛ جڏهن به وهم
جا ڪي اهڃاڻ، سندس ڌيان تي ايندا هئا ته کيس ڪاوڙ
وٺي ويندي هئي ۽ محسوس ٿيندو هوس ته کيس ڪنهن
دشمن ڇهيو آهي.
ان وقت هن کي ويتر ڪاوڙ لڳندي هئي، جڏهن هو پاڻ
جهڙن ماڻهن ۾ اهڙين ڳالهين جا اهڃاڻ ڏسندو هو؛
انهن ماڻهن ۾ جيڪي پڙهيل لکيل هئا، جيڪي علمي سوچ
جي اصولن کان واقف هئا ۽ جڏهن مهذب ماڻهن کي اهڙن
خواريءَ جهڙن خيالن ۾ ورتل ڏسندو هو ”علمي سوچ“
ازلي ابدي، دائم قائم ۽ اعلى ڪانهي ۽ اجائي، بيڪار
۽ تنقيد لائق آهي ته کيس ڏاڍي تڪليف پهچندي هئي ۽
کانئس اها سَٺي نه ٿيندي هئي. اهو بيهودو، تباهه
ڪندڙ ۽ زهريلو خيال هر هنڌ هو، فريڊرڪ پاڻ به ان
کان انڪاري ڪو نه هو؛ اهو هر هنڌ اڀري ظاهر ٿيو
هو، جيڪو جنگ، انقلاب ۽ بک جي نتيجي ۾ سڄي دنيا ۾
پکڙجي ويو هو؛ اهو ڄڻ ته هڪ تنبيهه جيان، سفيد
ديوار تي ڀوائتي معصوميت واري تحرير مثل هو.
ان خيال جي موجودگيءَ جو احساس جيترو فريڊرڪ کي
پريشان ڪندو هو، اوتروئي هو ان تي ۽ ان جي مڃڻ
وارن تي سختيءَ سان حملا ڪندو هو. ان وقت تائين ان
نئين نظريي لاءِ جيڪو پکڙجڻ ۽ زور وٺڻ جي صورت ۾
سڀني روحاني قدرن کي تباهه برباد ڪري دنيا ۾
مونجهارا پيدا ڪري ها، پڙهيل ڪڙهيل ماڻهن مان ڪن
تمام ٿورن ماڻهن پنهنجي عقيدي جو کُليو کُلايو
اعلان ڪيو هو. پر ڳالهه اڃا ان حد تائين ڪين پهتي
هئي ۽ اهي ماڻهو، جيڪي ان خيال کي کُليو کُلايو
پسند ڪندا هئا، ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ٿي ڏٺا، جن
کي پورالو ۽ سودائي سمجهيو ٿي ويو. عام ماڻهن ۽ اڌ
پڙهيل ماڻهن ۾ اهڙن خيالن رکڻ وارن جو ته ڪاٿو ئي
ڪو نه هو؛ دنيا اهڙن ماڻهن سان ڀري پئي هئي؛ هر
هنڌ وهمن، وسوسن روحاني رمزن ۽ ٻين مخفي طاقتن جا
اهڃاڻ پئي نظر آيا، جن جو مقابلو ڪرڻ حقيقت ۾ تمام
ضروري هو. پر صحيح علم، شايد پنهنجي ڪنهن ڪمزوريءَ
جي ڪري انهن سڀني کي ڇيڪ ڇڏي ڏنو هو.
هڪڙي ڏينهن فريڊرڪ پنهنجي هڪ دوست جي گهر ويو،
جنهن سان هو گڏ پڙهيو هو. اصل ۾ هن گهڻي وقت کان
ان دوست کي ڏٺو ئي ڪو نه هو. دوست جي گهر جي ڏاڪڻ
تي چڙهندي، هن اهو ياد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته آخري
ڀيرو هن پنهنجي دوست سان ڪڏهن ۽ ڪٿي ملاقات ڪئي
هئي. جيتوڻيڪ ٻين ڳالهين لاءِ کيس پنهنجي حافظي تي
ناز هو، پر هو اهو ياد ڪري نه سگهيو. شايد ان ڪري
ئي هن هڪ اڻ لکي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ کي محسوس ڪيو ۽ جنهن
مان جيئن ئي هو دوست جي ڪمري جي در تائين پهتو، هن
زوريءَ پاڻ کي ڇڏائي ورتو.
ارون کي کيڪاريندي ئي هن سندس کلمک چهري تي هڪ
اوچتي مُرڪ ڏٺي، جيڪا کيس لڳو ته هن اڳ ڪڏهن به نه
ڏٺي هئي. اها مرڪ ڏسندي شرط، جيڪا دوستاڻي هوندي
به هڪدم چٿر ۽ ٽوڪ سان ڀريل ٿي لڳي، هن کي اوچتو
خيال آيو ته ارون سان آخري ملاقات جي باري ۾ مون
پنهنجي حافظي تي اجايو زور ڏنو. کيس ياد آيو ته
آخري ڀيرو جدا ٿيڻ وقت ٻنهي جي وچ ۾ ڪو به جهيڙو
ڪو نه ٿيو هو، پر ان هوندي به دل ۾ هڪ رنجش ۽ بي
آرامي ضرور پيدا ٿي هئي؛ ڇاڪاڻ ته ان وقت وهم ۽
وسوسن جي خلاف، هن جيڪي ڳالهايو هو، ان جي ارون
تمام گهٽ پٺڀرائي ڪئي هئي.
عجب صورتحال هئي. اها سموري ڳالهه هن کان ڪيئن
وسري وئي هئي؟ ۽ هاڻي کيس احساس ٿيو هو ته شايد
اهو ئي سبب هو جو ڪيترن ئي ڏينهن تائين، هو پنهنجي
دوست سان ملي نه سگهيو هو. ان ڳالهه جي ڪري جيڪا
لاڳيتي کيس ستائيندي رهندي هئي ۽ ٻين بهانن جي سبب
،هو ان ملاقات کي ملتوي ڪري ڇڏيندو هو.
هينئر ٻئي دوست هڪ ٻئي جي آمهون سامهون هئا؛ ۽
فريڊرڪ کي محسوس ٿيو ته ان ڏينهن جي ننڍڙي وڇوٽي
هاڻي تمام وڏي ٿي وئي آهي. هن کي لڳو ته ان گهڙيءَ
۾ هن جي ۽ ارون جي وچ ۾ ان شيءَ جي کوٽ آهي، ايڪي
۽ اتحاد جي روشن ڪرڻن جي، هڪ ٻئي کي هڪدم سمجهڻ جي
۽ دراصل محبت ۽ ڀروسي جي کوٽ آهي. جيڪا اڳ ڪڏهن به
محسوس نه ٿيندي هئي. انهن جي جاءِ تي هن کي هڪ خال
محسوس ٿيو. هنن هڪ ٻئي کي کيڪاريو؛ موسم بابت
ڳالهايو؛ يارن دوستن ۽ چڱڀلائيءَ جون ڳاليون ڪيون
۽ خدا ڄاڻي ڇو! فريڊرڪ کي هر لفظ تي بي چيني پي ٿي
۽ تاءُ پي آيو ته هو پنهنجي دوست کي سمجهي نه
پيو سگهي؛ ته هن جو دوست حقيقت ۾ کيس سمجهي نه پيو
سگهي؛ ته سندس لفظ به اصل مطلب نه پيا ادا ڪري
سگهن؛ اصل ڳالهه ٻولهه ڪرڻ لاءِ کين ڪو وجهه ئي نه
پيو ملي. وڌي ڳالهه ته ارونِ جي مُنهن تي اڃا
تائين، اها مرڪ پئي نظر آئي، جنهن کان فريڊرڪ کي
بنهه نفرت ٿيڻ لڳي هئي.
ان تڪليف ڏيندڙ ڳالهه ٻولهه جي وڇوٽيءَ ۾ فيڊرڪ
اسٽوڊيو ۾ چوڌاري چتائي ڏٺو، جنهن مان هو چڱيءَ
طرح واقف هو. هن ڀت تي هڪ ڪاغذ ٽنگيل ڏٺو. ان جي
نماءَ هن کي ڌونڌاڙي ڇڏيو ۽ هن جي دل ۾ پراڻيون
يادگيريون اڀري آيون. هن کي ياد آيو ته گهڻو وقت
اڳ سندن شاگرديءَ واري زماني ۾ ارون جي عادت هوندي
هئي ته هو پنهنجي ذهن ۾ ڪنهن ڏاهي جي قول يا ڪنهن
شاعر جي ڪلام کي تازو ۽ ياد رکڻ لاءِ ايئن ئي ڪندو
هو. هو اٿيو ۽ ان ڪاغذ کي پڙهڻ لاءِ ديوار ڏانهن
ويو، جتي اهو ٽنگيل هو.
ڪاغذ تي ارون جي سهڻن اکرن ۾ لکيل هو ته ؛ ”ظاهر ۾
ڪي به ڪونهي. باطن ۾ ڪي به ڪونهي؛ ڇاڪاڻ ته جيڪو
ظاهر ۾ آهي اهو ئي باطن ۾ آهي.“
اهو پڙهي فريڊرڪ کان ڇرڪ نڪري ويو ۽ هو پل کن لاءِ
پنڊ پهڻ ٿي ويو. نيٺ اُهو ئي ٿيو! هو جنهن خيال
کان ڊنو ٿي، اهو هينئر هن جي اکين اڳيان هو. ٻئي
ڪنهن وقت هو ان ڪاغذ جي پرزي کي ذري به اهميت نه
ڏئي ها. ان کي هڪ چڱو وهم ۽ هڪ بي ضرور خامي سمجهي
برداشت ڪري وڃي ها. پر هاڻي ته ڳالهه ئي ٻي هئي.
هن کي لڳو ته اهي لفظ ڪنهن اجائي شاعراڻي ترنگ ۾
اچي ڪري نه لکيا ويا هئا؛ نه وري ايترن سالن گذارڻ
کان پوءِ ارون ان عادت جي وهڪري ۾ لڙهي ويو هو.
اتي جيڪي لکيل هو، اهو ان ويل هن جي دوست جي
ڳڻتيءَ جو اقرار هو؛ اهو هڪ ماورائي خيال هو! ارون
۾ هاڻي اها اڳواڻي وفا نه رهي هئي.
هن آهستي آهستي ڦري ارون ڏانهن نهاريو، جنهن جي
مُرڪ ۾ اها ئي چمڪ هئي.
”مون کي هن جو مطلب سمجهاءِ!“ هن گهر ڪئي.
ارون دوستاڻي انداز ۾ ڪنڌ لوڏيو.
”تو اهو قول اڳ ڪين پڙهيو آهي ڇا؟“
”ڇو نه!“ فريڊرڪ دانهن ڪئي. ”بيشڪ مون کي خبر آهي.
اهو تصوف آهي. اهو باطني علم آهي. اهو خيال
شاعراڻو نٿو ٿي سگهي، پر ان هوندي به ان قول جو
مون کي مطلب سمجهاءِ ۽ ٻڌاءِ ته اهو ڪاغذ ديوار تي
ڇو ٽنگيو آهي؟“
”مون کي خوشي ٿيندي“. ارون وراڻيو. ”اهو قول علم
شناسيءَ جي طريقي جي پهرين سڃاڻپ آهي، جنهن جي
مون کي ويجهڙائيءَ ۾ ڄاڻ ٿي آهي. ان جي ڪري آئون
ڏاڍو خوش رهان ٿو.“
فريڊرڪ پنهنجي ڪاوڙ کي روڪيو. هن پڇيو. ”علم
شناسيءَ جو نئون طريقو؟ اهڙو به ڪو طريقو آهي ڇا؟
اهو ڪهڙي نالي سان ٿو سڏجي؟“
”منهنجي لاءِ ته اهو اڃا نئون آهي.“ ارون چيو. ”پر
اهو تمام پراڻو علم آهي. ان کي جادو چون ٿا.“
ان سچي ۽ صاف اقرار فريڊرڪ کي ڏاڍو حيران ۽ وائڙو
ڪري ڇڏيو.
هن جو سمورو جسم ڏڪي ويو ۽ هن محسوس ڪيو ته هو
پنهنجي دوست جي اڳيان نه، پر هڪ وڏي دشمن جي اڳيان
بيٺو آهي. کيس خبر ئي نه ٿي پئي ته منجهس ڪروڌ
ڀرجي ويو آهي يا اکين ۾ ڳوڙها اچي ويا آهن. هن کي
پنهنجي شڪست جو سخت احساس ٿيو ۽ هو ڪيتري دير
تائين ماٺ ڪيو بيٺو هو.
پوءِ ٺٺولي ڀريل آواز ۾ هن چوڻ شروع ڪيو.”ته هاڻي
تون جادوگر ٿيڻ گهرين ٿو؟“
”هائو“. ارون ٺهه پهه وراڻيو.
”ته تو جادوگر جي شاگردي قبولي آهي هان؟“
”بلڪل دست.“
پاسي واري ڪمري ۾ ٽنگيل گهڙيال جي ٽڪ ٽڪ چٽي ٻڌڻ ۾
پئي آئي. ڪمري ۾ ڏاڍي ماٺ هئي.
فريڊرڪ وري چيو، ”ان جو مطلب ٿيو ته تو سڀني
سنجيده علمن سان لاڳاپو ٽوڙيو آهي ۽ اهڙيءَ ريت
مون سان پڻ.“
”نه ايئن نه!“ ارون رڙ ڪري چيو؛ ”نه، تون هتان
ايئن نه ويندين ،سمجهه کڻي ته اسان مان ڪو هڪ موت
جي بستري تي پيو آهي، ها ايئن آهي! ۽ اسين آخري
ڀيرو موڪلايون ٿا.“
”پر ارون ،اسان مان ڪير موت جي بستري تي پيو آهي؟“
”اڄ اُهو شايد آئون آهيان، منهنجا دوست، جيڪو نئين
سر پيدا ٿيڻ گهري ٿو. مون کي مرڻ لاءِ تيار ٿيڻ
گهرجي.“
هڪ ڀيرو وري فريڊرڪ ،ان ڪاغذ جي ويجهو ويو ۽ ظاهر
۽ باطن جي باري ۾ اهو قول پڙهڻ لڳو.
”تمام سٺو.“ هن نيٺ چيو. ”تون سچ ٿو چوين. ڪاوڙجي
جدا ٿي وڃڻ ۾ ڪو به فائدو ڪونهي. تون جيئن چوين
ٿو، آئون ايئن ئي ڪندس . آئون سمجهندس ته اسان مان
ڪو هڪ موت جي بستري تي پيو آهي. ان لاءِ آئون ئي
اهو شخص آهيان، جيڪو حياتيءَ جا پويان پساهه پيو
کڻي. پر وڃڻ کان اڳ آئون تو کي آخري عرض ڪرڻ گهران
ٿو.“
”مون کي خوشي ٿيندي.“ ارون چيو.“ ٻڌاءِ ته
موڪلاڻيءَ وقت توسان ڪهڙي مهرباني ڪريان؟“
”آئون پنهنجو پهريون سوال ورجايان ٿو ۽ اهو منهجو
عرض پڻ آهي .ان قول جي مون کي سٺي ۾ سٺي وضاحت ڪري
ٻڌاءِ.“
ارون پل کن لاءِ سوچ ۾ پئجي ويو ۽ پوءِ هن چيو.
”ظاهر ۾ ڪي به ڪونهي، باطن ۾ ڪي به ڪونهي. ان جو
مذهبي مطلب تون سمجهين ٿو؛ خدا هر هنڌ آهي. هو روح
۾ آهي ۽ فطرت ۾ پڻ آهي. ساري سنسار ۾ خدائي آهي.
ڇاڪاڻ ته خدا سڀ ڪجهه آهي اڳي ان کي همھ اوست يا
وحدت الوجود چوندا هئا. فلسفي ۾ ان جو مطلب ٿيو
ته، اسين پنهنجي سوچ ۾ باطن کي ظاهر کان جدا ڪري
ڏسڻ جا عادي هوندا آهيون، پر اهو ضروري ڪونهي.
اسان جو روح ان لائق آهي جو اسان جي مقرر ڪيل حدن
جي پٺيان ٻئي پاسي هليو وڃي. اسان جي دنيا جن ٻن
ضدن جو مجموعو آهي. ان کان پري هڪ نئين ۽ جدا علم
جي شروعات ٿئي ٿي،،،،،،،
پر منهنجا پيارا دوست، آئون قبول ڪريان ٿو ته جيئن
ته منهنجي سوچ ۾ ڦيرو آيو آهي، تنهڪري منهنجي لاءِ
هاڻي لفظ ۽ قول غير واضع نه رهيا آهن؛ هر هڪ لفظ
جون هزارين معنائون آهن. ۽ هت لفظ جادو آهي، جنهن
کان تون ڊڄين ٿو.“
فريڊرڪ جي پيشانيءَ ۾ گهنڊُ پئجي ويو. هن وچ ۾
ڳالهائڻ گهريو ٿي. پر ارون جي نهارَ هن کي بيوس
ڪري ڇڏيو. تنهنڪري هن وڌيڪ چٽن لفظن ۾ چيو، ”آئون
تو کي ان جو مثال ڏيندس. تون مون وٽان ڪا به شيءِ
پاڻ سان کڻي وڃ ۽ وقت بوقت ان کي ڏسندو رهه. پوءِ
جلد ئي ظاهر ۽ باطن جو اصول پنهنجين ڪيترين ئي
معنائن مان هڪ معنى کي ظاهر ڪندو.“
هن ڪمري ۾ چوڌاري نهاريو. هڪ جاري ۾ مٽيءَ جو هڪ
ننڍو بوتو رکيو هو. هن اهو کڻي فريڊرڪ کي ڏيندي
چيو؛
”هيءُ منهنجو الوداعي تحفو، پاڻ سان کڻي وڃ. هيءَ
شيءِ جيڪا آئون تو کي تنهنجي هٿ ۾ ڏيان ٿو، اها
جڏهن تو مان ٻاهر نه رهي ۽ تو ۾ ئي رهي ،تڏهن تون
مون وٽ موٽي اچ! پر جي ڪڏهن هيءُ تومان هميشه لاءِ
ٻاهر رهي جيئن هينئر آهي، ته پوءِ پنهنجي جدائي
هميشه هميشه لاءِ هوندي.“
فريڊرڪ اڃا به گهڻو ئي ڪي چوڻ ٿي گهريو، پر ارون
سندس هٿ جهلي ،ان کي زور ڏنو ۽ اهڙي طرح سان
الوداع چيو جو وڌيڪ ڪي چوڻ جي ضرورت ئي نه رهي.
فريڊرڪ هليو ويو. هو ڏاڪڻ لٿو؛ ڪيترين ئي گهٽين
مان لنگهندو، پنهنجي گهر ڏانهن ويو. هٿ ۾ مٽيءَ جو
ننڍو پتلو هئس ۽ دل ڏکويل. هو پنهنجي گهر جي اڳيان
بيهي رهيو. هن پنهنجي اها مُٺ زور ڌونڌاڙي، جنهن ۾
ننڍو بوتو هو. دل ۾ هڪ شديد خواهش اڀري آيس ته ان
نڪمي شيءِ کي زمين تي اڇلائي ڀور ڀور ڪري ڇڏي. پر
هن ايئن نه ڪيو؛ هن پنهنجي چپ کي چڪ هنيو ۽ گهر ۾
گهڙيو. هڪ ٻئي جي خلاف جذبن جي ڪري، هن پنهنجي
اندر ۾ اهڙي پيڙا ۽ ولوڙ اڳ ڪڏهن به محسوس نه ڪئي
هئي.
پنهني دوست جي ڏنل سوکڙيءَ کي رکڻ لاءِ هن چوڌاري
نهاريو ۽ ڪتابن جي هڪ ڪٻٽ جي مٿان اها رکي ڇڏي.
ڏينهن گذرڻ لڳا. هو ڪڏهن ڪڏهن ان کي ڏسندو هو. ان
تي ۽ ان جي اصل نسل تي ويچاريندو هو. هو ان بيهودي
شيءِ جي مطلب تي به غور ڪندو هو. جيڪو هن سمجهيو
ٿي. اهو ڪنهن ماڻهوءَ يا ڪنهن ديوتا جو ننڍو بوتو
هو ۽ رومي دويوتا جينس وانگر ان جا ٻه منهن هئا.
ان جي بناوت ڪا سٺي نه هئي ۽ مٿس لڳل روغن سڙيل ۽
سيرون سيرون ٿيل هو. اهو ننڍو بوتو، ناقص ۽ نڪمو
پئي لڳو. ڇاڪاڻ ته اهو نه يوناني ۽ نه وري رومي
ڪاريگريءَ جو نمونو هو. پر آفريقا يا ٻئي ڪنهن
قديم ۽ پٺتي پيل قوم جو ٺهيل ٿي لڳو. ان جا ٻه
منهن ،جيڪي بلڪل هڪ جهڙا هئا،انهن تي ٿڌي، سست ۽
ڏند شيڪي ڪچڻ واري مُرڪ پڌري هئي. ڄامڙي جي اها
مجهول مُرڪ ڏاڍي بڇڙي پئي لڳي.
فريڊرڪ، ان بوتي کي ڏسڻ جو عادي ٿي نه سگهيو. هن
کي اهو بلڪل اُگرو ۽ ڪراهت جهڙو پئي لڳو. اهو هن
لاءِ هڪ رنڊڪ هئي، جنهن کيس پريشان ٿي ڪيو. ٻئي
ڏينهن هن اهو اتان کڻي، سگريءَ ۾ وجهي ڇڏيو. ٻٽي
ڏينهن رکي ،هن وري اهو هڪڙي ڪٻٽ ۾ بند ڪري ڇڏيو.
پر اهو هر هر هن جي سوچ جي راهه ۾ موٽي ٿي آيو ۽
هن جي مٿان ان پاڻ مڙهڻ ٿي گهريو؛ ان هن تي ٺٺولي
ٿي ڪئي،پاڻ کي اهميت ٿي ڏني، هن جي ڌيان کي پاڻ
ڏانهن ٿي ڇڪيو. ٿورن هفتن کان پوءِ هن اهو کڻي
پاسي واري ڪمري ۾ فوٽن ۽ اجاين سوکڙين جي وچ ۾
رکي ڇڏيو، جن ڏانهن ڪنهن ڪڏهن به نه ڏٺو هو. هاڻي
هو ان کي ان وقت ڏسندو هو. جڏهن ،ان ڪمري ۾ ويندو
هو يا ان مان ٻاهر ايندو هو ۽ پوءِ ان کي چڱيءَ
طرح سان ڏسڻ کانسواءِ ئي جلدي اتان لنگهي ويندو
هو. پر تڏهن به کيس پريشاني وڪوڙي ويندي هئي،
جيتوڻيڪ هو ان ڳالهه کي قبول ڪرڻ کان نٽائي ڇڏيندو
هو.
هن جي زندگيءَ ۾ مٽيءَ جي ان ٻه مُنهين راڪاسپڻي
سان گڏ، عذاب ۽ پيڙا داخل ٿي ويئي هئي.
ڪيترن ئي مهينن کان پوءِ هڪڙي ڏينهن هو ڪنهن ننڍي
سفر تان واپس موٽيو. هاڻي هو وقت بوقت اهڙا سير
سفر ڪرڻ لڳو هو. ڪا شيءِ هئي .جنهن کان پريشان ٿي
، هيڏانھن هو ڏانهن گهمڻ ڦرڻ تي لاچار هو. هو
پنهنجي گهر ۾ ويو. نوڪرياڻيءَ سندس آڌر ڀاءُ ڪيو.
هن ننڍي ڪمري ۾ چوڌاري نهاريو ۽ اهي خط کڻي پڙهڻ
لڳو، جيڪي سندس انتظار ۾ اتي پيا هئا. پر کيس هڪ
بيچئني ۽ بيقراري محسوس ٿي، ڄڻ ته کاؤنس ڪا تمام
ضروري ڳالهه وسري ويئي هئي. کيس نه ڪتاب ٿي پاڻ
ڏانهن ڇڪيو ۽ نه ڪنهن ڪرسيءَ تي ويهندي کيس آرام
ٿي آيو.
هن کي ذهني پيڙا جو سخت احساس ٿيو. ان جو ڪهڙو سبب
هو؟ ڇا کاؤنس ڪا غفلت ته نه ٿي هئي؟ هن ڪا اڻوڻندڙ
شيءِ ته نه کاڌي هئي؟ اهو سوچيندي، هن کي خيال آيو
ته گهر ۾ پير رکڻ شرط ئي کيس اهو پريشان ڪندڙ
احساس ٿيو هو. هو واپس پاسي واري ڪمري ۾ ويو ۽ هن
جون نظرون بي اختيار مٽيءَ جي بوتي کي ڳولڻ لڳيون،
هڪ عجيب خوف هن جي سموري جسم کي وڪوڙي ويو. جڏهن
کيس بوتو نظر نه آيو. بوتو اتي هو ئي ڪو نه. اهو
گم ٿي ويو هو. ڇا اهو پنهنجن ٺڪر جي ٽنگن تي هلندو
ڪنهن پاسي هليو ويو هو؟ اڏامي ويو هو؟ جادوءَ جي
وسيلي؟
فريڊرڪ پاڻ سنڀاليو ۽ پنهنجي ڏڪڻيءَ تي مُرڪي ڏنو،
پوءِ هن آرام سان سڄي ڪمري کي ڦلهوريو، پر جڏهن
ڪٿي به نظر نه آيس ته هن ٻانهيءَ کي سڏيو. هوءَ
آئي ۽ مُنهنجي بيٺي ،پر پوءِ هڪدم قبول ڪيائين ته
صفائي ڪندي، کاؤنس اها شيءِ ڪري پئي هئي.
”ڪٿي آهي؟“
هاڻي اهو اتي نه هو. اهو ننڍڙو بوتو ڏسڻ ۾ ڪيترو
نه مضبوط ٿي لڳو؛ هن اهو ڪيترائي ڀيرا پنهنجي هٿ ۾
کنيو هو پر ان هوندي به اهو ايترو ته ڇيهون ڇيهون
ٿي ويو هو جو ان جو جوڙڻ ممڪن ئي نه هو. نوڪرياڻي
اُهي ٽڪرا ڪنڀار وٽ به کڻي ويئي هئي. جنهن انهن کي
ڏسي ،مٿس کلي ڏنو هو. پوءِ هن اهي ٽڪرا اڇلائي
ڇڏيا هئا.فريڊرڪ نوڪرياڻيءَ کي ڪي به نه چيو، هن
مرڪي ڏنو. مڙئي خير آهي. سچ ته ان بوتي جي کيس
ٿوري به ڳڻتي نه ٿي. چڱو ٿيو جو اها ڪراهت جهڙي
شيءَ نظرن کان پري ٿي. هاڻي کيس آرام نصيب ٿيندو.
اها جيڪر پهرئين ئي ڏينهن ڀڃي ڀوري ڇڏي ها! ان
سموري عرصي ۾ هن ڪيڏي نه پيڙا محسوس ڪئي هئي! ان
بوتي ڪيتري نه مڪاريءَ، ڌڪار، بديءَ ۽ شيطانيءَ
سان ڏانهس ڏسي کليو هو! ان مٽيءَ جي بوتي کان کيس
خوف ٿيندو هو، سچ پچ ڊپ ٿيندو هو، حقيقت ۾ اهو ان
شيءَ جي علامت ۽ نشاني هو، جنهن کان کيس نفرت ۽
ڪراهت هئي؛ اها بدي نفرت ۽ بڇڙائيءَ جي علامت هئي؛
وهمن، وسوسن، خوف ۽ ڊپ جي نشاني هئي. ڇا اها ان
اسرار ڀري قوت جي تصوير نه هئي، جيڪا ڪنهن وقت
زمين جي آنڊن ۾ غضبناڪ ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ڀري ڇڏيندي آهي
۽ پوءِ زلزلا ايندا آهن تهذيبون مٽيءَ ۾ ملي
وينديون آهن ۽ اوندهه انڌڪار ٿي ويندي آهي؟ ڇا ان
نيچ ۽ ڌڪار لائق بوتي، سندس بهترين دوست کي کاونس
نه رڳو جدا ڪيو هو بلڪ دوست مان دشمن ڪري ڇڏيو هو؟
خير چڱو ٿيو جو اهو ويو، غائب ٿيو، ڇيهون ڇيهون ۽
پرزا پرزا ٿيو، جان ڇٽي. چڱو ٿيو؛ وڌيڪ چڱو ته اهو
ٿئي ها جو هو پاڻ ان کي ڀڃي ڀوري ڇڏي ها.
اهي ڳالهيون سوچي، هو وري اڳي جيان پنهنجن ڪمن
ڪارين ۾ لڳي ويو. پر اها مصروفيت هڪ نحوست وانگر
هئي. هاڻي هو ان بڇڙي بوتي جو ٿورو ڪي گهڻو عادي
ٿي ويو هو، ۽ جڏهن پاسي واري ڪمري جي ان جاءِ سان
سندس چڱي سڃاڻپ ٿي ويئي هئي، جتي اهو رکيو هوندو
هو، ۽ جڏهن هو ان کي ڪا به اهميت ڏيڻ نه لڳو، تڏهن
ان جي غير موجودگيءَ کيس هڪ عجيب عذاب ڏيڻ شروع
ڪري ڏنو. هينئر هو جڏهن به ان ڪمري ۾ ويو ٿي ته
کيس ان بوتي جي غير موجودگيءَ جو سخت احساس ٿي
ٿيو؛ هو اتي رڳو اهو خالي هنڌ ڏسي ٿي سگهيو، جتي
اهو رکيو هوندو هو ۽ ان سکڻائيءَ جي ڪري، سڄي ڪمري
۾ عجب جهڙي ويڳاڻائيءَ جو واسو ٿي نظر آيو.
فريڊرڪ کي هاڻي نه ڏينهن جو چين ٿي آيو ۽ نه رات
جو آرام. پاسي واري ڪمري مان لنگهندي هو ٻن مُنهن
واري بوتي بابت سوچڻ کانسواءِ رهي نه ٿي سگهيو،
جنهن کي هو وڃائي ويٺو هو ۽ جنهن جي ڪوڙڪي ۾ هن جو
ذهن ڦاٿو پيو هو. اها هڪ اذيتناڪ ذهني پريشاني
هئي. ۽ اها رڳو انهن وقتن تي محسوس نه ٿيندي هئس،
جڏهن هو رڳو، ان ڪمري مان لنگهندو هو؛ ان پاسي
واري ڪمري جي ان خالي ميز تان سکڻائيءَ ۽ ويرانيءَ
جا شعاع ٿي نڪتا، ساڳئيءَ ريت اهو اذيتناڪ خيال هن
جي اندر ۾ وڌندو ويو ۽ رفتي رفتي اتي به هڪ سکڻائي
۽ عجب جهڙي ويراني پکڙجي ويئي.
رکي رکي هن کي اهو بوتو چٽو ٿي ڏسڻ ۾ آيو ۽ هن کي
لڳو ٿي ته ان جي نه هجڻ تي ڏک ڪرڻ ڪهڙي نه بيهودي
ڳالهه آهي! هو ان ۾ بڇڙائيءَ ۽ وحشي پڻي کي، ان جي
اجائي ۽ مڪريلي مُرڪ کي ان جي ڌڪاريل ۽ نفرت ڀريل
ٻن مُنهن سميت ڏسي پئي سگهيو، ۽ هن پاڻ کي چٻو
منهن ڪري اهڙيءَ طرح کلڻ تي مجبور ڏٺو. کيس اهو
سوال به ستائيندو رهيو ته ڇا ان بوتي جا ٻئي مُنهن
هڪ جهڙا هئا؟ ڇا هڪڙو مُنهن جنهن تي لڳل روغن ۾
سيرون سيرون پئجي ويون هيون ٻئي مُنهن کان ٿورو
جدا نه ٿي ڏٺو؟ اهو سراسر طنز ۽ ٽوڪ نه هو؟ ڇا اهو
ابوالوال جهڙو نه هو؟ ۽ ان تي لڳل روغن جو رنگ خاص
نه هو؟ سائو ۽ نيرو ۽ ڀورو پر ڳاڙهو به _ اهي سڀئي
رنگ هئا ان ۾، ۽ هن اڪثر انهن ئي رنگن کي ٻين شين
جهڙوڪ دريءَ مان ايندڙ سج جي تڙڪي ۾ يا آلي فرش جي
چلڪي ۾ ڳولهڻ شروع ڪيو هو.
هو ان رنگ تي ڪيترو وقت غور ڪندو رهندو هو، رات جو
پڻ. هن کي اوچتو خيال آيو ته اهو لفظ ”روغن“ ڪهڙو
نه عجيب، اوپرو، بد آواز، اسڃاتل ۽ سراسر نفرت
جهڙو ٿي لڳو. هن ان لفظ جي چڪاس ڪئي ۽ هڪ ڀيرو ته
هن ان کي ابتو به ڪري پڙهي ته ٿيو ”نغور“ ان لفظ
کي اهو منحوس آواز ڪٿان مليو؟ هن کي ان لفظ ”نغور“
جي خبر هئي، پڪ سان ڄاڻ هئي؛ وڏي ڳالهه ته اهو
خراب ۽ خصومت وارو لفظ پڻ هو؛ هڪ اهڙو لفظ ،جنهن
جا نتيجا بڇڙا ۽ ستائيندڙ نڪري ٿي سگهيا. هو پاڻ
کي ڪيتري وقت تائين، ان سوال جي اذيرت ڏيندو
رهيو. نيٺ هن اهو ڳولي لڌو؛ ”نغور“ لفظ کيس اهو
ڪتاب ياد ڏياريو، جيڪو ڪيترا سال اڳ ڪنهن سفر ۾ هن
خريد ڪيو هو ۽ پڙهيو هو، جنهن جي ڪري کيس خوف ٿيو
هو، پريشاني ٿي هئي؛ پر ان هوندي به هن کي هڪ ڳجهي
ڪشش محسوس ٿي هئي. ڪتاب جو نالو هو ”شهزادي نگار“_
”نگار ۽ نغور“؛ هر اها شيءَ جنهن جو ان ننڍي بوتي
سان تعلق هو، اها ڄڻ ته لعنت هئي، هڪ عذاب هو_
روغن، نيرو، سائو، چهري جي مُرڪ_ جنهن مان غضبناڪ
۽ زهريلي دشمني ظاهر هئي ۽ سندس عزيز دوست ارون
کيس اهو بوتو هٿ ۾ ڏئي ڪيئن نه کليو هو!
پنهنجيءَ سوچ جي ورچائيندڙ وهڪري کي روڪڻ لاءِ هن
ڪيترائي ڏينهن پنهنجو پاڻ سان مقابلو ڪيو هو. کيس
خطرو چٽيءَ طرح سان ڏسڻ ۾ پئي آيو. هن ديوانو ٿيڻ
نه ٿي گهريو! نه، ان کان بهتر ته موت هو. ضرورت
عقل جي هئي ۽ نه زندگيءَ جي ۽ کيس محسوس ٿيو ته
شايد اهو جادو هو، جيڪو ان بوتي جي ذريعي ، ارون
مٿس ڪيو هو ۽ اهرين دهشتناڪ قوتن جي خلاف علم ۽
عقل جي حمايت ڪرڻ جي ڪري شايد کيس ئي قرباني ڏيڻ
لاءِ پنهنجو سر جهڪائڻو پوي. پر جيڪڏهن ايئن ٿيندو
۽ جيڪڏهن هو ان کي ممڪن سمجهي سگهيو ٿي، ته پوءِ
جادو نالي ڪنهن اهڙيءَ شيءَ جو وجود آهي، ڪو جنتر
منتر آهي، نه ان کان ته موت بهتر آهي!
هڪڙي رات هو پنهنجيءَ نئين عادت مطابق سويل ئي وڃي
هنڌ ۾ ستو، پر بيچئني ۽ بيقراريءَ کان ننڊ نه ڪري
سگهيو. هن پاڻ کي بيمار ۽ ناچاق محسوس ڪيو. هن
سوچڻ ويچارڻ ٿي گهريو. هن کي دل جو آرام کپندو هو.
هن پاڻ سان ڪي جملا ڳالهائڻ گهريا ٿي سٺا جملا،
فرحت ڏيندڙ ۽ خاطري ڪرائيندڙ جملا؛ صاف چٽا ۽
اطمينان ڏياريندڙ، جيئن ”ٻه ڏون چار.“ پر هن جي
ذهن ۾ ڪي به نه آيو؛ البت ٿڌي دماغ واري حالت ۾ هن
جي وات مان پاڻ مرادو ڪي آواز، ڪي لفظ نڪتا، آهستي
آهستي هن جي چپن تي ڪي لفظ آيا، ۽ ڪيترائي ڀيرا
انهن جي معنى سمجهڻ کانسواءِ هن پنهنجو پاڻ سان
اهي ساڳيا ننڍڙا جملا ڳالهايا، جيڪي هن جي اندر
مان نڪري ٿي آيا، هن پنهنجو پاڻ سان ڀڻڪيو، ڄڻ ته
اهو کيس موڳو ڪري ڇڏيندو، ڄڻ ته ان جي وسيلي، هو
هٿوراڙيون ڏئي، ڄڻ ته ان جي وسيلي ، هو هٿوراڙيون
ڏئي، ننڊ تائين پهچڻ لاءِ پنهنجو گس ڳولي ڪڍندو،
جيڪا کاونس نٽائي ويئي هئي.
پر اوچتو هن جڏهن ڏاڍي ڳالهايو، تڏهن جيڪي لفظ هن
ڀڻڪيا، اهي سندس دل جي اونهائيءَ ۾ لهي ويا. هو
اهي لفظ سمجهڻ لڳو؛ اهي لفظ هئا؛ ”ها، هاڻي تون
منهنجي باطن ۾ آهين!“ هو هڪدم سمجهي ويو. هو انهن
لفظن جو مطلب سمجهي ويو_ اهي ان مٽيءَ جي بوتي
بابت هئا ۽ هاڻي رات جي ان بيگاهه وقت ۾ اها اڳ
ڪٿي لفظ به لفظ پوري ٿي، جيڪا ارون ان ڀوائتي
ڏينهن ڪئي هئي. اهو بوتو، جنهن کي هن ان وقت ڏاڍي
نفرت سان پنهنجي هٿ ۾ جهليو هو، هاڻي هن کان ٻاهر
نه هو، پر هن جي اندر ۾ هو! ”ڇاڪاڻ ته جيڪو ظاهر ۾
آهي اهو ئي باطن ۾ به آهي.“
هو ٽپ ڏئي اُڀو ٿي ويو ۽ کيس ايئن محسوس ٿيو ته
سندس رڳن ۾ باهه ۽ برف پئي ڊوڙي، دنيا هن جي
چوڌاري پئي ڦري ۽ گرهن چريائپ وچان ڏانهس پئي
نهاريو. هن جلدي جلدي ڪپڙا مٽايا،ڪمري جي بتي روشن
ڪئي ،گهر مان ٻاهر نڪتو ۽ آڌيءَ رات جو ارون جي
گهر ڏانهن ڊوڙندو ويو. اتي هن ان ڪمري جي دريءَ ۾
روشني ڏٺي ، جنهن کي هو چڱيءَ طرح ڄاڻندو هو. گهر
جو دروازو کليل هو. کيس لڳو ته اتي جي هر ڪا شيءَ
سندس انتظار ۾ آهي .هو ڊوڙندو ڏاڪڻ چڙهڻ لڳو ۽
ٿڙندو ٿڙندو ارون جي ڪمري ۾ ويو. هن ڏڪندڙ هٿن
سان، ميز کي جهلي، پاڻ سنڀاليو. بتيءَ جي وڻندڙ
روشنيءَ ۾ ارون ميز جي ڀرسان ڪنهن ڳوڙهي سوچ ۾
ويٺو هو. هن جي مُنهن تي مرڪ هئي.
ارون هن تي ٻاجهه ڀري نظر وڌي ۽ اٿي بيٺو ”تون آيو
آهين ،تمام سٺو.“
”ڇا تو کي پڪ هئي ته آئون ايندس؟“ فريڊرڪ ڀڻڪيو.
”مون ته ان وقت ئي سمجهيو هو، جڏهن تون پاڻ سان
منهنجي ننڍڙي سوکڙي کڻي ويو هئين. نيٺ ايئن ئي ٿيو
جيئن مون تو کي چيو هو؟“
”هائو، ايئن ئي ٿيو.“ فريڊرڪ وراڻيو. ”اهو بوتو
منهنجي باطن ۾ ويهي رهيو آهي . هاڻي مون کان وڌيڪ
سَٺو نٿو ٿئي.“
”آئون تنهنجي مدد ڪريان؟“ ارون هن کان پڇيو .
”مون کي ڪا به خبر ڪانهي. تو کي جيڪي وڻي سو ڪر.
مون کي پنهنجي جادوءَ جي باري ۾ وڌيڪ ٻڌاءِ! مون
کي ٻڌاءِ ته اهو بوتو، منهنجي باطن مان ڪيئن ٿو
نڪري سگهي؟“
ارون پنهنجي دوست جي ڪلهي تي هٿ رکيو. کيس هٿ کان
وٺي، هڪ آرام ڪرسيءَ ڏانهن هليو ۽ هن کي ان تي
ويهايو. پوءِ هن ڏاڍي سچائيءَ سان مرڪندي، ڀائرن
جيان فريڊرڪ سان ڳالهايو؛
”اهو بوتو تنهنجي باطن مان نڪري ايندو. تون مون تي
ڀروسو رک. تون پنهنجو پاڻ تي ڀروسو ڪر. تو ان تي
يقين ڪرڻ سکيو آهي. هاڻي ان سان پيار ڪرڻ سک! اهو
تنهنجي باطن ۾ آهي. پر اهو اڃا تائين مئل آهي. اهو
تنهنجي لاءِ اڃا تائين ڀوت آهي ان کي سجاڳ ڪر، ان
سان ڳالهاءِ، ان کان سوال ڪر! ڇاڪاڻ ته اهو ته تون
پاڻ آهين! هاڻي ان سان وڌيڪ نفرت نه ڪر. ان کان ڊپ
نه ڪر، ان کي اذيت نه پهچاءِ_ تون ان غريب بوتي کي
ڪيترو نه ڏکويو آهي ، جيتوڻيڪ اهو تون پاڻ هئين!
تو پاڻ کي ڪيتري نه تڪليف ڏني آهي!“
”ڇا جادوءَ تائين پهچڻ جي اها ئي راهه آهي؟“
فريڊرڪ پڇيو. هو ڪرسيءَ ۾ پيهي ويو، ڄڻ ته ڪراذو
ٿي ويو هجي. هن جو آواز جهيڻو هو.
”اها ئي راهه آهي.“ ارون وراڻيو. ”۽ شايد تو هڪ
تمام ڏکيو قدم کنيو آهي. تو اهو تجربي جي ذريعي
حاصل ڪيو آهي؛ ظاهر باطن ٿي سگهي ٿو، تون ٻين ضدن
کان به ٻاهر هئين. اهو تو کي دوزخ ٿي لڳو، منهنجا
دوست ڄاڻڻ گهر ته اهو بهشت آهي! ڇاڪاڻ ته بهشت ئي
ته تنهنجو منتظر آهي. ڏس، اهو ئي جادو به آهي،
ظاهر ۽ باطن کي پاڻ ۾ بدلائڻ ،زور زبردستيءَ سان
نه ،نه وري روحاني اذيت سان، جيئن تو ڪيو آهي، بلڪ
بنا ڪنهن حجاب جي ، راضي خوشيءَ سان. تون ماضيءَ
کي سڏ، تون مستقبل کي سڏ ، ٻئي تو ۾ موجود آهن! اڄ
تائين، تون باطن جو غلام هئين. ان کي پنهنجي قبضي
۾ رکڻ سک. اهو ئي جادو آهي.“ |