تانيا يونيورسٽيءَ کان موٽي ٿي. لنچ کان پوءِ ڪمري
۾ اچي بيڊ تي ليٽي ٿي.
”هڪ گڊ نيوز.“ ثانيه ڪمري ۾ ايندي چيو.
”ٻڌاءِ،
ڪهري
آهي گڊ نيوز.“
”مفت جو مشورو آهي، عمل ڪرين ته ٻڌايانءِ.“
ثانيه صوفي تي ويهندي چيو.
”مشورو پاڻ وٽ رکي ڇڏ. توهان کي ڪم ايندو!“
”توهان جي فائدي جو آهي. نه ٻڌو ته توهان جي
مرضي!“
”ٻڌائين ته ٻڌاءِ،
نه ته مٿي ۾ سور نه وجهه!“ تانيا جذبات مان چيو.
”اوڪي بابا، ٻڌ. پاپا جي ڊائريءَ مان سڪندر جي
موبائيل جو نمبر ڪڍيو اٿم. منهنجو مطلب آهي فون
ڪري پڇينس!“ ثانيه نمبر ڏيندي چيو.
”ڇو بيمار آهي ڇا؟“ تانيا موبائيل جو نمبر وٺي
چيو.
”الله نه ڪري بيمار ٿئي ورنه...!“ ثانيه جملو اڌ ۾
ڇڏيو. ملاءِ نمبر مان به ته ٻڌان ڇا ٿي چوينس.
”گهٽ ۾ گهٽ توهان اڳيان نه ڳالهائيندي مانس.“
”اڇا، ته اها ڳالهه آهي! اوڪي مان وڃان ٿي.“
ثانيه ويندي چيو.
”ٻڌ ته مذاق ڪيم.“ تانيا سڏيندي چيو.
پر ثانيه واپس نه وري. ثانيه خود اهو چاهيو ٿي ته
تانيا اڪيلائيءَ ۾ سڪندر سان ڳالهائي.
ٿئنڪس ثانيه توهان ته منهنجو مسئلو حل ڪري ڇڏيو.
مان پاڻ به اهو ٿي چاهيو. سڪندر سان ڳالهايان.
تانيا پنهنجو موبائيل کڻي سڪندر جو نمبر
Save
ڪيو ۽ هن کي فون ڪرڻ لڳي، نمبر
ملائي تانيا ڪنفيوز ٿي وئي ”ڇا ڳالهايان؟“
”هيلو!“ پريان سڪندر جو آواز هو.
”مان خوشبو ٿي ڳالهايان. توهين سڪندر صاحب آهيو
نه!“ تانيا پنهنجو نالو بدلائي ٻڌايو.
”جي مان سڪندر آهيان! توهان جو ڪو ڪم؟“
(هلندڙ)
نجمه نور ڦلپوٽو
واهه جو ڪمپيوٽر دور آ
واهه جو ڪمپيوٽر دور آ،
نئون نسل ٿي ويو زور آ.
ٻارڻ عجب ٻاريا اَٿس،
گهر ويٺي ڪيئي کاريا اَٿس.
چيٽنگ تي زور آهي ٿيو،
لفظن تي غور آهي ٿيو.
آهي جوابن جي طلب،
ڪا ڳالهه ڳُجهڙي زيرِ لبَ.
دل ئي ته چورائي اَٿس،
ڏينهن رات ننڊ ڦِٽائي اٿس.
ڪير آ جا چيٽنگ ٿي ڪري،
ڪيئن ڄاڻجي سچَ ڪوڙ کي.
شاديءَ لاءِ تانگهي پَئي،
ڳولا ڪري پئي گهوٽ جي.
چيٽرَ چٽن ڪئين ڪاڪ ٿا،
چوکا ٿين چالاڪ ٿا.
ڊها لڪِائي
ڊوهه سان،
ڳالهيون ٿا ڪن پاٻوهه سان.
خود کي پَڏائن
خوب ٿا،
ڳُڻَ
سڀ سُڻائين
خوب ٿا.
حربن تي پيا حربا هَلن،
جند جان پيا قدمين رکن.
اُٻرن پيا اُڌِما اندر،
اهڙا چَلائين پيا چڪر.
سَکڻا
پُلاءُ
سَکڻيون
سَڌون،
گَڏجي
جيو گڏجي مَرون.
اَڏين هوائي پيا محل،
من ۾ نڪا جُهمرِن جي جَهلَ.
نالو نه شهر نه جنس هڪ،
لالوءَ ۾ ليلان جي لِڪَ.
ڪنهن کي مليا ٻٻرن مان ٻيرَ،
سمجهائي نادانن کي ڪيرُ.
پنهنجي لِڪائي
اصليت،
پوڙها به پيا ٻوڙين پتِ.
پوڙهيون به ڇو پُٺتي
رهن،
لاڏن سان پيون لاڏا لکن.
ڪاڳرين ڪارڊ آهي ته واهه،
ڳڀرو پيا ڪن وعدا وَڏا.
اهڙي به ڪا شادي چئون،
لالچ سان بربادي چئون.
حرص ۽ هوس جوئي چڪر،
کاڌي نه پيتي جي خبر.
هر شيءِ کان غافل ٿي ويا،
اهڙي ڪنهن اُڻتڻ ۾ پيا.
دروازا ۽ کڙِڪيون بَندِ،
پنهنجي منهن ڪن پيا ڇَند.
ڄڻ پيا اسائينمينٽ ٺاهين،
وڏڙن کي پيا سُرمو پائين.
وڏڙا به ٿا ٺڳجي وڃن،
ڪيڏا نه ٿا سادا ٿين.
ننڍڙا به ريجهائين پيا،
وڏڙن کي کيڏائين پيا.
چون هاڻ اسان آهيون وَڏا،
اَڻڄاڻ ناهيون جَڏا.
آهي اسان کي علمُ سَڀُ
سانڍيل آ سرَ ۾ فلم سَڀُ.
بي وس دليئون مجبور ٿيا،
سوچڻ کان معذور ٿيا.
چون ڇو نه انٽرٽين ٿيون،
موڳا مڄو ڇالئه رهون.
هي آهي انهن جو فلسفو،
کوٽو کٽلُ ڪوڙو ڪَسو.
فوٽوءَ ۾ انگريزياڻي هُئي،
شاديءَ لاءِ شيدياڻي رَسي.
اهڙا چڪر چوکا ٿين،
سوکا به پيا اوکا ٿين.
شرميلا شهزور ٿيا،
ڇَٺيءَ
کان گُل
مور ٿيا.
سسئي پنهون ڪمپيوٽر آ،
سکُ ۽ سُڪون ڪمپيوٽر آ.
مومل راڻو روميو جوليٽ،
جوش ۽ جنون ڪمپيوٽر آ.
اوکون اڻانگو عشق هي،
سمجهڻ جي وَٿ آهي وڏي.
جو ساهه جو سانگو کڻي،
مستي متل نعرو هَڻي.
واهه جو ڪمپيوٽر دور آ،
نئون نسل ٿي ويو زور آ،
نئون نسل ٿي ويو زور آ.
نسرين طاهر وفائي
گهريلو ڏَسَ
ميڪ اپ جو سامان گرميءَ جي موسم ۾ خراب ٿي ويندو
آهي، جيڪڏهن ميڪ اپ جون شيون فرج ۾ رکجن ته اهي
رجڻ ۽ خراب ٿيڻ کان بچي وينديون.
**
منهن جا مسام جيڪڏهن کليل هجن ته منهن تي ڦٽڪي هڻڻ
سان مسام بند ٿي ويندا آهن ۽ منهن کي ڪو نقصان نه
پهچندو آهي.
**
وهنجڻ کان پوءِ منهن تي ليمي جو رس هڻو. ڪجهه دير
کان پوءِ منهن تي سرنهن جو تيل هڻو. پوءِ ٽوال سان
اگهي ڇڏيو. ڪجهه دفعا ائين ڪرڻ کان پوءِ توهان جو
رنگ گلاب جي پتيءَ وانگر خوبصورت ٿي ويندو.
**
جيڪڏهن اکين جا ڇپر ڪرندا هجن
ته آئرا پاڻيءَ ۾ ڀڄائي، انهن کي هٿ سان مهٽيو.
پوءِ اهو پاڻي آڱر سان ڇپرن ۾ هڻو، هفتي کن ۾ ڪريل
ڇپر ٻيهر نڪرڻ شروع ٿي ويندا.
**
جسم تي جيڪڏهن ڪارا وڏا(هسا)
هجن ته گهوڙي جو وار انهن تي ڇڪي ٻڌي ڇڏيو. ڪجهه
ڏينهن ۾ هسا ڪري پوندا.
تازي ڏهي مهنن
تي مهٽڻ سان ڪجهه ڏينهن ۾ منهن تان ڪاراڻ ختم ٿي
ويندي.
ونگا صحت جي لاءِ هر لحاظ کان مفيد آهن. ونگا کائي
انهن جون کلون اڇلايو نه پر انهن کي منهن تي
مهٽيو. رنگ صاف ٿي ويندو ۽ سڀ داغ لهي ويندا.
**
اکين جي چوڌاري پيل ڪارن نشانن
کي ختم ڪرڻ لاءِ ٿوري ليمي جي رس، ٻه ٽي ڦڙا
چنبيليءَ جو تيل ۽ ٿوري ماکي ملائي، روزانو سمهڻ
کان پهرين ڪارن حصن تي آهستي آهستي مالش ڪريو.
**
سخت ۽ کهري کل کي صاف ڪرڻ لاءِ اڌ ليمي کي ان تي
رڳڙيو. کل صاف ۽ نرم ٿي پوندي.
**
بيسڻ ۽ ڪچو کير ملائي پيسٽ
ٺاهيو. ان کي مهٽي منهن تي ملڻ سان منهن صاف ٿي
ويندو.
**
کل کي صاف ۽ نرم رکڻ لاءِ ڏهي
يا مايونيز هڻو. ڏهن منٽن تائين ڇڏي ڏيو. پوءِ
پاڻيءَ سان ڌوئي ڇڏيو.
**
پيٺل باداميون ۽ بيسڻ هڪ هڪ
چمچو، هيڊ هڪ چپٽي ۽ هڪ چمچو کير ملائي پيسٽ ٺاهيو
۽ منهن تي ابٽن وانگر هڻو. جڏهن سڪي وڃي ته مهٽي
لاهي ڇڏيو. ان سان رنگ به صاف ٿيندو ۽ کل صاف ۽
چمڪدار ٿي پوندي.
**
بيسڻ ۽ ڪچو کير ملائي ڪنڌ تي
مهٽڻ سان ڪنڌ جو رنگ صاف ٿي ويندو.
**
وارن ۾ چمڪ آڻڻ لاءِ وارن ڌوئڻ واري پاڻيءَ ۾ سرڪي
جا ٻه ٽي ڦڙا ملايو.
**
نارنگين جون کلون سڪائي پيهو، جيڪڏهن توهان جي کل
خشڪ آهي ته ان ۾ کير ملايو، جيڪڏهن سڻڀي آهي ته
گلاب جو عرق ۽ ليمي جي رس جا ٻه ٽي ڦڙا ملايو.
روزانو ٻه ٽي دفعا منهن تي نڪرندڙ داڻن ۽ نشانن تي
هڻو.
**
ڪلونجي ڪچي کير ۾ پيهي رات جو
ڇانئن جي داغن تي هڻو. ايئن ڪرڻ سان توهان کي انهن
داعن کان جلدي ڇوٽڪارو ملي ويندو.
**
منهن تي گهنج پئجي وڃن ته بصرن ۽ ليمي جي رس
ملائي، هفتي ۾ ٻه دفعا منهن تي هڻو ۽ هفتي ۾ ٻه
دفعا بيدي جي سفيديءَ جو ماسڪ هڻو.
**
اکين جي چوڌاري پيل ڪارن نشانن
تي بادام روغن جي مالش ڪريو. مالش آهستي آهستي ڪرڻ
گهرجي.
**
پٽاٽن جا ڳترا ڪٽي اکين تي رکڻ
سان اکين تي پيل ڪارن نشانن ۽ اکين جي سوڄ کي
فائدو ٿيندو.
**
جيڪڏهن توهان جون اکيون سڄل ۽
ٿڪل هجن ته کيري جا ڳترا ڪٽي اکين تي رکڻ سان
فائدو ٿيندو.
**
ٿلهن چپن کي سنهو ڪرڻ لاءِ
ڦٽڪي ۽ گليسرين برابر مقدار ۾ ملائي چپن تي هڻڻ سان فائدو ٿيندو آهي.
**
زيتون جي تيل ۾ ماکيءَ ۽ ليمي
جي رس ملائي هڻڻ سان چپن تان داغ لهي ويندا آهن.
**
ڦودني جا پن سرڪي ۾ پيهي منهن
جي داغن ۽ موهيڙن تي روزانو هڻڻ
سان داغ ڪجهه ئي ڏينهن ۾ لهي ويندا آهن.
**
جيڪڏهن توهان جي منهن جي کل
سڻڀي هجي ۽ داڻا وغيره نڪرندا هجن ته صابڻ سان
منهن نه ڌوئو پر بيسڻ سان منهن ڌوئو.
**
ڪڻڪ جو اٽو ۽ هيڊ، هڪ جيتري
مقدار ۾ ملائي ڪچي کير سان پيسٽ ٺاهيو ۽ روزانو
منهن تي مهٽيو. ان سان رنگ به صاف ٿيندو آهي ۽
منهن تان هر قسم جا داغ لهي ويندا آهن.
**
صوف کي پيهي پيسٽ ٺاهيو، پوءِ
ان ۾ اڌ چمچو کير ۽ هڪ چمچو ماکي ملايو. هي ماسڪ
منهن تي هڻو. هڪ دفعو اهو ماسڪ منهن تي هڻڻ سان
جيڪو نتيجو نڪرندو، اهو توهان کي ٻيهر اهو ماسڪ
هڻڻ تي مجبور ڪندو.
**
ماکيءَ کي وارن جي ڪنڊيشنر جي طور به استعمال ڪيو
ويندو آهي. ان لاءِ هڪ بيضي ۾ هڪ چانهه جو چمچو
ماکي ۽ ٻه چمچا سرنهن جو تيل ملائي وارن ۾ هڻو. اڌ
ڪلاڪ کان پوءِ وار ڌوئي ڇڏيو.
نصرت لاشاري
سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري
ڪراچيءَ کان
دهليءَ تائين
(ڀارت جو سفر نامو) حصو چوٿون
آگري ڏانهن سفر دوران جيتوڻيڪ سڄي رات سفر ۾ گذارڻ
۽ پوءِ وري لکنؤ جي تيز صحافين کي منهن ڏيندا،
آگره شهر ڇهن ڪلاڪن جي روڊ جي سفر ذريعي پهتاسين
پر تاج محل کي ڏسڻ جي چاهه سمورا ٿڪ لاهي ڇڏيا. هي
شهر ڪافي وڏو هو،هي شهر سکر جهڙو پئي لڳو. آبادي
به لڳ ڀڳ ايتري هيس، شهر ۾ داخل ٿيندي ئي اسان جي
آجيان لاءِ لڳل بينرن تي نظر پئي. اسان جي ڪوچ اڌ
ڪلاڪ شهر ۾ هلڻ کان پوءِ ساڄي پاسي هڪ عاليشان سجايل بلڊنگ اڳيان جيئن ئي بيٺي ته فائر ورڪس، ڦٽاڪن، دهلن،
شرناين سان اسان جي آجيان ڪئي وئي، گيٽ تي گذريل
ٻن ڪلاڪن کان بيٺل ماڻهو تاڙيون وڄائي اسان کي هال
۾ وٺي ويا. ٻنهي پاسي آگري جا ماڻهو سياسي طور
وڌيڪ باشعور لڳا. اسان کي ائين پئي لڳو ڄڻ ڪنهن
سياسي جلسي ۾ آيل هجون، هتي نوجوان ڇوڪرا اسان جي
خدمت لاءِ بيٺل هئا، انهن اسان کي هتان جي خاص
مٺائي ”پيٺا“ تحفي طور ڏني ۽ گلن جا هار پارايا.
دادا سريش ڪيسواڻي ۽ قمر شهباز تقرير ڪئي. ان کان
پوءِ هڪ وڏي عمر جي ادا اچي چيو ته ”منهنجي امڙ
توهان سان ملڻ لاءِ ڪيترن سالن کان سڪي آهي! جڏهن
ٻڌايومانس ته سنڌ مان اسان جا پنهنجا ٿا اچن، ان
ڏينهن کان هڪ هڪ پل توهان جي انتظار ۾ گذاريو اٿس.
توهين هڪ منٽ ترسو، مان وٺي ٿو اچانس.“ ٻن منٽن
کان پوءِ آف وائيٽ ساڙهيءَ ۾ ملبوس اکين تي چشمو
پاتل سهڻي، سٻاجهڙي گنگاديوي، شبنم، آپا ممتاز ۽
ٻين کي ڀاڪر پائي ملندي آئي، مون کي ڀاڪر پائي نه
ڄاڻ ڪيتري دير ڀاڪرن ۾ ڀري بيٺي. منهنجي اکين ۾
ڏسي ڍنڍڪرون ڏيئي روئڻ لڳي. مون به سندس ڀاڪر ۾
سندس ڪجهه چوڻ کان اڳ ئي هن جي دل جو حال سمجهي
ورتو. ٻئي گڏجي هڪٻئي جي ڀاڪر ۾ روئينديون
رهيونسين.
ان منظر کي اُتي موجود ٽي وي ڪئمرائن ۽ اسٽل
ڪئمرائن ايترا ته فليش ڏنا ڄڻ ته باليوڊ جي ٻن سپر
اسٽارز جي ملاقات ٿيندي هجي. پر ان منظر کي لکڻ
لاءِ اهڙا لفط ئي ناهن جهڙو جذباتي سين هو. منهنجي
منهن کي پنهنجن ٻنهي هٿن ۾ وٺي نه ڄاڻ ڪيتريون
ڳراٽڙيون پاتائين. منهنجي هٿن کي ڇُهي
ڄڻ ته هوءَ سنڌ جي مٽيءَ جو واس وٺندي هجي. هوءَ
ويٺي ته امداد صاحب سندس پيرن وٽ پلٿي هڻي ويهي
رهيو. هُن
سندس مٿي تي هٿ رکي کيس دعائون ڏنيون. گنگا امڙ
ٻڌايو ته: ”گنبٽ ڄائي آهيان، ٽيهن سالن جي هيس
جڏهن سنڌ ڇڏڻي پئي!“ اُهي لفظ چوندي سُڏڪي پئي. ”هاڻ هتي آگري ۾ آهيان. ٻار آهن، پَٽ،
ڌيئر، ننهون، هر شيءِ آهي، پر سنڌ جي مٽيءَ جي
خوشبو نه ٿي وسري. بس مرڻ کان اڳ هڪ ڀيرو سنڌ
ڏسان، اُها آخري خواهش اٿم.“
امداد صاحب ۽ مان روئندا کانئس موڪلائي اچي ڪوچ ۾
چڙهياسين. نه ڄاڻ ڪهڙو رشتو هو اسان جي وچ ۾! جنهن
اندر ۾ اُڻ تَڻ
مچائي ڇڏي هئي. آءٌ ڪافي دير تائين ڪجهه ڳالهائي
نه سگهيس.
آگري جا هوٽل تمام صاف سُٿرا
۽ ڪي قدر مهانگا به آهن، ڇو ته تاج محل کي ڏسڻ
لاءِ سڄي دنيا مان ٽوئرسٽ هتي اچن ٿا. اسان جو
بندوبست امر هوٽل آگري ۾ ٿيل هو. هتي اسين لڌاڻي
خاندان جا مهمان هئاسين. هي چار ڀائر آهن، هڪ جون
اٺ فلائٽس آهن، ٻئي جو امر ۽ ان جي ڀرسان وارو
هوٽل آهي. آگري ۾ ۽ ٽئين ڀاءَ جي هتان جي مشهور
ڪولڊ ڊرنڪ ڪوڪا ڪولا، ٿمس اپ جون فيڪٽريون آهن.
سندن چوٿون ڀاءُ بمبئيءَ ۾ رهندو آهي ۽ اهو انڊين
فلمن ۾ پئسا سيڙائي منافعو ڪمائيندو آهي. هي چارئي
ڀائر صورت ۾ تمام سهڻا، سندن ونيون، ڌيئر ۽ ننهون
به ڏاڍيون سهڻيون ۽ قربائتيون هيون. سڀني کي
ساڙهيون پهريل هيون. هوٽل پهچي ڪمرن مان تيار ٿي
ڀرسان واري هوٽل جي هال ۾ اسان سان گڏ آيل فنڪارن
سان رهاڻ رٿيل هئي. اُتي گڏ ٿياسين. شروع ۾
تقريرون ٿيون، شري ايس، اين لڌاڻي اسان کي ڀليڪار
چئي. اسان کي ماربل جو ٺهيل تاج محل جو تحفو ڏنو.
ان کان پوءِ اسان کي ڪمپيئرنگ لاءِ سڏيو ويو ۽ راڳ
رنگ جي محفل جي شروعات ٿي.
ڊنر ۾ ڪيترائي کاڌي جا ڊش موجود هئا. هتان جا
ماڻهو مرچن وارو کاڌو کائيندا آهن، اسين ماني کائي
ڪمرن ڏانهن روانيون ٿيونسين.
مان، ماهين ۽ اُما لالا ساڳئي ڪمري ۾ رهيونسين.
صبح جو نائين وڳي اُٿي، ڪلاڪ ۾ تيار ٿي، وڃڻ کان
پوءِ خبر پئي ته تاج محل ۾ داخل ٿيڻ لاءِ جيڪا
پرميشن سنڌي اڪئڊمي دهليءَ وارن ورتي هئي، اهو خط
دهلي آفيس ۾ رهجي ويو. يارهين وڳي فيڪس ذريعي اهو
ليٽر امر هوٽل جي رسيپشن تي پهتو. سڀئي تاج محل کي
ڏسڻ لاءِ اُتاولا پئي لڳا. ڪوچ ۾ چڙهي ستن اٺن
ڪلوميٽرن جو مفاصلو طيءَ ڪري هڪ وڏي گيٽ ۾ داخل
ٿياسين. اُتان بيٽريءَ تي هلندڙ ويگنن ۾ سوار ٿي
اٽڪل ٻن ڪلوميٽرن کان پوءِ اچي تاج محل جي گيٽ وٽ
پهتاسين. ٻاهران ٻنهي پاسي گفٽن جا دڪان هئا. گيٽ
تي اسان جي سختچيڪنگ ٿي، جنهن وٽ رڳو پنا يا
اخبارون هيون، اهي به اندر کڻي وڃڻ جي اجازت نه
هئي، انڪري ته متان اندر وڃي باهه ٻاري ۽ دونهون
ٿئي!
تاج محل جي خوبصورتيءَ کي بچائڻ لاءِ انڊين
گورنمينٽ سڀ ڪارخانا ٻين شهرن ڏانهن اُماڻي ڇڏيا
ته جيئن تاج محل جو اڇو ماربل ڪارو نه ٿئي ۽ ان جي
سونهن برقرار رهي.
تاج محل دنيا جو اٺون عجوبو آهي. تاريخ لکڻ وارن
جو خيال آهي ته هن جهڙي سهڻي عمارت ڪٿي به تعمير
ٿيل ناهي. تاج محل عمارت سازيءَ جو حسين نمونو
آهي. تاج محل جنهن جي تعمير لاءِ مغل حڪمران شاهه
جهان پنهنجي پياري زال ارجمند بانو جنهن کي شاديءَ
کان پوءِ شاهه جهان ممتاز محل جو نانءُ ڏنو، ان جي
ياد ۾ تعمير ڪرايو، ان ۾ جيڪو اڇو ماربل ۽ خاص پٿر
استعمال ڪيو ويو آهي، اهو سون وانگر ڪيرٽ جي حساب
سان وڪيو ويندو هو، مغل حڪمرانن جو تعميرات جي
حوالي سان تاريخ ۾ تمام اهم ڪردار رهيو آهي، جنهن
جا نشان انڊيا جي شهر دهليءَ ۾ بادشاهي مسجد جئپور
جو سڄو شهر، اسان وٽ لاهور بادشاهي مسجد، قلعو ۽
شاليمار باغ ۽ ٺٽي جي شاهه جهان مسجد ۽ ٻيون اڻ
ڳڻيون عمارتون موجود آهن، پر جنهن چاهه سان
شاهجهان پنهنجي پياري زال جي ياد ۾ تاج محل ٺهرايو
آهي، سچ پچ به هن جي سونهن کي ساراهڻ لاءِ لفظ کُٽي
ٿا پون.
گيت
کان داخل ٿي هڪ وڏي گهٽي جيڪا ڳاڙهين سرن سان ٺهيل
هئي، جنهن جي ساڄي پاسي مين گيٽ هو، ان جي مٿان
ننڍا ننڍا گنبذ ٺهيل هئا، ان لاءِ ٻڌايو ويو ته هي
اڳيان يارنهن ۽ پويان ٻيا يارنهن ٽوٽل ٻاويهه گنبذ
آهن، هر سال پوري ٿيڻ تي هڪ گنبذ رکيو ويندو هو،
تاج محل جي تعمير جو ڪم ٻاويهن سالن ۾ مڪمل ڪيو
ويو.
شاهه جهان بابت تاريخ لکڻ وارن اهو به لکيو آهي ته
ممتاز محل جڏهن مري ويئي هئي ته کيس پهرين دهليءَ
۾ دفنايو ويو هو، ڇهن مهينن کان پوءِ تاج محل
واريءَ جاءِ تي سندس قبر ٺهرائي وئي هئي. هيءَ
راڻي شاهه جهان کي سڀني کان وڌيڪ پياري هئي. تاج
محل سندن عشق جي لازوال يادگار طور دنيا جي سچن
عاشقن جي توجهه جو مرڪز آهي.
تاج محل جي تعمير جو ڪم ويهه هزار انجنيئرن ۽
مزدورن ٻاويهن سالن ۾ مڪمل ڪيو. 1648ع ۾ ٻٽيهن لکن
جي لاڳت سان تيار ٿيو. هن جو ڊزائينر استاد عيسيٰ
هو. جيڪو ان دؤر جو مشهور تعيمراتي ڊزائيننگ جو
ماهر هو، هن جي تعمير جي پنن ۾ ڄاڻايل آهي ته خاص
طور تي تاج جو ڪچو مال دنيا جي مختلف ملڪن مان
گهرايو ويو ۽ ماهر وري بغداد، شيراز، ملتان، لاهور
ڪُنج
۽ دهليءَ مان گهرايا ويا، جيڪي سڀ مسلمان هئا، جن
هڪ هڪ شيءَ ان جي نزاڪت ۽ نفاست سان ٺاهڻ ۾ پنهنجا
مهارتي جوهر ڏيکاريا، هن جي وچين گنبذ جي ڊيگهه 58
فوٽ (ڊايا ميٽر) ۽ 213 فوٽ ويڪر آهي. چئني ڪنڊن تي
سهڻا اڇي ماربل جا پلر ٺهيل آهن.
تاج محل تي جيئن ئي نظر پئي هڪ عجيب احساس ٿيو ڄڻ
ته آءٌ به ان دَور جي هجان! ان محبت جو هڳاءُ ۽ ان
جي سچائي ماحول کي اڃا به معطر ڪيو بيٺي آهي، ان
عشق تي هر دَور جي شاعرن شاعري ڪئي آهي، ساحر
لڌيانويءَ جو شعر دادا سَريش ڪيسواڻي (جيڪو پاڻ به شاعر آهي) ٻڌايو:
”اڪ شهنشاهه ني بنوا ڪي حسين تاج محل،
هم غريبون ڪي محبت ڪا اُڙايا هي مذاق،
تاج محل ۾ پهچي اتي سڄي جڳ جهان مان انگريز توڙي
انڊيا ۽ ٻين ملڪن مان آيل جوڙن کي ڏسي شاهه جهان
جي واعدي وفائي ياد آئي ته مان اهڙي لازوال پيار
جو اهڙو لازوال نمونو ٺهرائيندس، جو ان کي ڏسڻ
لاءِ سڄي دنيا جا پيار ڪرڻ وارا ايندا. مان سمجهان
ٿي ته اهي کين عقيدت جا گل ارپڻ ايندا آهن ۽ پاڻ
سان ڪي وچن به ڪري ويندا آهن. تاج محل جنهن جاءِ
تي تعمير ٿيل آهي، ان جاءِ تان جمنا ندي موڙ
کائيندي آهي. ان منظر کي صبح جو باک ڦٽيءَ مهل
ڏسجي ۽ وري سج لهڻ وارو منظر ڏسجي ته هميشه ذهن جي
ڪئنواس تي چٽجي وڃي ٿو. تاج جي اڱڻ مان جمنا ندي
ڏسندي دل مان اُڌما نڪريو وڃن. وري جمنا ۾ ٻيڙيءَ
مان ان شاهڪار کي ڏسجي ته بلڪل ٻيو منظر ڏسڻ ۾
ايندو، پر ان کي ڏسڻ مهل هر پاسو عورت جي حَسين
بيهڪ وانگر سهڻو پيو باسندو.
تاج
محل
جي ٻاهران اسان فوٽو گرافي ڪئي. ان سيٽ تي به فوٽو
ڇڪياسين، جتي آمريڪا جي اڳوڻي صدر بل ڪلنٽن ۽ سندس
زال هيلري ڪلنٽن فوٽو ڇڪرايو هو. پوءِ سينٽر مان
ڦوهارن کي ڏسندا، ارڙهن ڏاڪا چڙهي تاج محل جي اڱڻ
۾ پهتاسين. اُتي اسان کي اڇي پلاسٽڪ جا ٺاهيل
ويڪرا جوراب پارايا ويا، ته جيئن پيرن ۾ لڳل دز
کان تاج جي حفاظت ٿي سگهي. هتي فوٽو گرافي ڪري
اندر مقبرا ڏسڻ وياسين. ٻن قبرن تي قل پڙهياسين.
ٻنهي تي قرآن پاڪ جون آيتون سهڻي ڪئليگرافيءَ سان
اُڪريل هيون. سائي، ڳاڙهي ۽ اڇي رنگ جي پٿر سان گل
اُڪريل هئا. شاهجهان جي قبر وڏي هئي، ۽ ممتاز جي
ٿوري ننڍي ٺهيل هئي. ٻنهي قبرن تي ڪو به ڪتبو ناهي
لڳل، جنهن تي سندن نالو، ولديت، ڄمڻ يا مرڻ جي
تاريخ لکيل هجي. اهو شايد انڪري جو فقط مغل حڪمران
۽ سندس راڻيءَ جون فقط ٻه قبرون آهن، جتي قبرستان
جو نه ماحول آهي، نه وري اهڙي اُداسي! بس تاريخ جي
ورقن ۾ لکيل هن بادشاهه جي عروج کان پوءِ پڇاڙڪا
ڏينهن سندس پُٽ
اورنگزيب کيس قيد ۾ رکيو جتي هو اڪيلائيءَ جا
ڏينهن گهاريندي نير وهائي ويهندو هو . ان تي افسوس
۽ ڏک محسوس ٿيو. باقي تاج محل جي هر گُل
ٻُوٽي
کان وٺي، جمنا نديءَ توڙي کاٻي پاسي ٺهيل بادشاهه
جو محل، هنن ديوانن جي عشق جي مشڪُ
سان ٽي صديون گذري وڃڻ کان پوءِ به معطر آهن.
شروع ۾ موسم گرم هئي، پر پوءِ هڪ ڪڪر مهرباني ڪري
اسان تي هنن ديوانن جي اڱڻ ۾ ڪرم جو ڪڻيون وسائي
ويو. هڪ روايت مطابق سنڌو درياهه ٻه صديون اڳ تاج
محل وٽان وهندو هو.
خبر ئي نه پئي ته پنج ڪلاڪ ڪيئن گذري ويا، مينهن
۾ پسندا گيٽ کان ٻاهر نڪري آياسين. مون دڪان تان تاج محل جا چار ماڊل
ورتا، ٻه صفا ننڍڙا ۽ ٻه ٿورا وڏا، ايتري ۾ خبر
پئي ته اسان وارا سڀئي ساٿي بيٽريءَ واري گاڏيءَ ۾
چڙهي روانا ٿي ويا، اسين شبنم، آپا ممتاز، ادا
اسحاق، ماهين ۽ مان رهجي وياسين. بيٽريءَ واري
گاڏيءَ ۾ پهچي خبر پئي ته اسان جا ميزبان اسان کي
وٺي اچڻ لاءِ ميندي رتا صاحب کي ڇڏي ويا هئا. اسين
بيٽريءَ واري گاڏيءَ مان لٿاسين ته مينهن تيز ٿي
ويو. پوءِ پيلي رنگ جي رڪشا ۾ سوار ٿي شهزادي خرم
(شهاب الدين عرف شاهجهان) جي گهٽين مان ٿيندا اچي
امر هوٽل پُهتاسين.
سامان کڻي ڪوچ ۾ اٽڪل ساڍي چئين وڳي ڌاري اسين
دهليءَ ڏانهن روانا ٿياسين، رستي ۾ هڪ ڊاٻي تان
ڪجهه کاڌوسين.
ڪوچ ۾ ويهي رليڪس ٿي مون گذريل لمحن کي وري ريورس
ڪرڻ شروع ڪيو، شايد هي ڏينهن منهنجي زندگيءَ جو
حسين ترين ڏينهن هو! اُهو ڏينهن به گذاري رات جو
نائين وڳي دهليءَ پهتاسين.
ليڊيز ڪلب ۾ موسيقيءَ جي شام
تاريخ 25 مئي جي شگفته ۽ خوشگوار شام ليڊيز ڪلب
هيرآباد، حيدرآباد ۾ ”شام موسيقي“ جي موضوع سان
ملهائي ويئي. ميمبرس، انهن جا مهمان ۽ ان کان
سواءِ معزز شهري خواتين کي به گهرايو ويو هو. سڀني
خواتين هن پروگرام کي بيحد ساراهيو ۽ انتهائي لطف
اندوز ٿيون. شروع ۾ سهڻي قرائت
ٿي جيڪا محترمه صفوران ڪئي ۽ نبي ڪريم
صلي الله عليہ وآلہ وسلم
جي شانِ اقدس ۾ نعت جي صورت ۾ عقيدت ۽ احترام جا
گل پيش ڪيا ويا. نعت شريف زبيده جيڪا ليڊيز ڪلب
اسڪول جي استاد به آهي ۽ الله کيس مٺو آواز عطا
ڪيو آهي، سڀئي سرتيون اکيون بند ڪري آقا
صلي الله عليہ وآلہ وسلم جي
ثنا ٻڌي رهيون هيون. ان کان پوءِ جنرل سيڪريٽري
ڊاڪٽر خورشيد ميمڻ سڀني شريڪ خواتين ميمبرس توڙي
مهمانن جي دل ۽ وڏي جذبي سان آجيان ڪئي.
”آيا آس ٿيام ٻاروچا ڀنڀور ۾،
پسي پهر پنهون جي ننهن سين نيڻ ٺريام،
گوندر وسريام، سورج شاخون ڪڍيون.“
اردوءَ جو شعر به پيش ڪيائين:
”آپ آئي تو مجهي زندگي ملي،
زندگي ڪيا روح ڪو روشني ملي.
ميوزيڪل پروگرام ۾ محترمه ڊاڪٽر خورشيد ميمڻ جنرل
سيڪريٽري ليڊيز ڪلب هيرآباد حيدرآباد محترمه رضيه
صديقي، خزانچي ليڊيز ڪلب محترمه روشن رزاق جوئنٽ
سيڪريٽري ڪلب، محترمه زيب لغاري، وائيس پريزيڊنٽ
ڪلب، ضامن علي مشهور فنڪار جي منفرد آواز ۽ انداز
سان محفوظ ٿي رهيون آهن.
ڳالهه ٻولهه ڪندڙ: نجمه پنهور
ڳُڻن
ڀريون ڳالهيون
سرتيون: پنهنجي باري ۾ تفصيل سان ٻڌايو؟
زينت: منهنجو جنم 1947ع ۾ مٽياريءَ ۾ ٿيو. هڪ ڳوٺ
۾ رهندا هئاسين، منهنجو بابا شاعر هو. سندس نالو
آخوند فضل صديقي هو. آهيون آخوند سڏجون عطار، اسان
جا وڏا عطر جو ڪاروبار ڪندا هئا. سُرهيا
سڏبا هئا. شيخ فريد الدين عطار جو اولاد آهيون.
تعليم پرائمري، دادي رابعه جي اسڪول مٽياريءَ ۾ ٻه
درجا پڙهيس. ان کان پوءِ پنجون ڪلاس حيدرآباد ۾
هيرآباد مان نانا غلام علي اسڪول مان پاس ڪيم.
ميران اسڪول مان مئٽرڪ ڪيم، ان کان پوءِ فرسٽ ايئر
۽
B.A
آنرز زبيده ڪاليج مان ڪيم. اڳتي پڙهڻ جو شوق هئم
پر شادي ٿي وئي انڪري وڌيڪ پڙهي نه سگهيس.
سرتيون: موسيقيءَ جي ميدان ۾ ڪيئن اچڻ ٿيو؟
زينت: آءٌ ستين ڪلاس ۾ هئس ته رضيه پناهه علي شاهه
اسان جي ڪلاس ٽيچر هئي. فري پيرڊ ۾ ڪلاس ٽيچر کي
مون گيت ٻڌايو. سڀني کي منهنجو آواز وڻندو هو.
ربيع الاول ۾ ميلاد
سريف
ٿيندا هئا، ڪلاس ۾ آپا ممتاز قريشيءَ چيو ته جيڪي
ڇوڪريون نعت ڳائڻ چاهين اُهي اچن. ڪيترين ئي
ڇوڪرين نعت پيش ڪئي پر منهنجي نعت سڀني کان وڌيڪ
پسند ڪئي وئي. نعت هئي زبيده خانم جي آواز ۾:
جو نه هوتا تيرا جمال هي،
تو جهان ٿا خواب و خيال هي،
صلو عليہ
و آلہ،
صلو عليہ
و آلہ.
ڪلاس ۾ سڀني کان ننڍي هئس. جڏهن نعت اسٽيج تي ڳايم
ته ڪلاس ٽيچر حيران ٿي وئي ۽ چيائين ته پتڪڙي تو ۾
ته وڏا گُڻ
آهن!
سڀني مبارڪون ڏنيون، پوءِ احساس ٿيو ته منهنجو
آواز سٺو آهي. موقعو ڪونه مليم ته ڪلاسيڪي راڳ
سکان، ٻارڙا هئا ننڍا. هاڻ ڪجهه سکان پئي.
سرتيون: ”ڇو ٿي ڄڻيئي اهڙيون ڌيئر امان“، اِهو گيت
توهان جو مشهور ٿيو. اهو گيت ڪنهن ڏنو توهان کي
ڳائڻ لاءِ؟
يادن کي تازو ڪندي زينت گيت جهونگاريو:
ڇو ٿي ڄڻيئي اهڙيون ڌيئر امان،
ڌيئر پرايو ڌڻ، اٿئي ڙي امان،
لوليون ڏنئي پرديس وڃڻ جون.
زينت: آءٌ خيرپور ۽ روهڙي ويس گهمڻ. اُتي ڪنهن
ڇوڪريءَ ڳائي ٻڌايو. اُهو گيت لکت جي صورت ۾ هو.
ان کي گيت جي صورت ۾ آندو غلام حسين شيخ، مون اُهو
گيت ريڊيو تي ڳايو ۽ ريڪارڊ ڪرايو. استاد محمد جمن
ان گيت کي ڪمپوز ڪيو. جنهن ڇوڪريءَ مون کي ڳائي
ٻڌايو، اُها به ڪا مائٽن کان وڇڙيل هئي.
شاديءَ کان پوءِ مون هڪڙو گيت ريڪارڊ ڪرايو:
جيجل تو ڏني سا ٻڌي مون،
آيل تو ڏني سا ٻڌي مون،
ڏکن جي ته لولي ڏني آ،
سُورن
جي ته لولي.
سرتيون: پنهنجي ڳائڻ مان مطمئن آهيو؟
زينت: اُن وقت مطمئن هئس، هاڻ اُها ڳالهه ناهي
رهي. اُهو ماحول ناهي رهيو، ڳايان ٿي پر اهڙي محفل
۾ جتي پڙهيل ڪڙهيل ماڻهو هجن ۽ عورتن جي محفل هجي،
هن دَور ۾ ڪو به ڪنهن کي ڪجهه سچائيءَ سان ڏيڻ
لاءِ تيار ناهي. مون پنهنجو گهڻو وقت گهر کي ڏنو
آهي. عورت ڪيڏي به محنت ڪري، قربانيون ڏئي پر اُن
کي اُن جو صلو ڪونه ٿو ملي. سڀ قربانيون بنان ڪنهن
صلي جي ڏنيون. منهنجي گهر واري کي 17 سال ٿيا آهن
فالج ٿيو آهي. مون پنهنجي ٻچڙن جي تعليم ۽ تربيت
لاءِ گهڻي محنت ڪئي آهي، جيئن کين ڪا ڏکيائي نه
ٿئي. مون کي نياڻين جي تعليم جو گهڻو اونو هوندو
هو ته منهنجون ڌيون پڙهيل ڪڙهيل هجن، منهنجي وڏي
ڌيءَ ڊاڪٽر شيبا هاڻ پوسٽ گريجوئيٽ آهي، سندس گهر
وارو ڊاڪٽر محمد سومار کوسو يونيسيف بدين ۾ آهي،
ٻيءَ ڌيءَ صائمه سنڌ يونيورسٽيءَ مان زولاجيءَ ۾
ماسٽرس ڪئي. بي. ايڊ ڪيائين، هاڻ پبلڪ اسڪول ۾
پڙهائي ٿي. ان کان پوءِ منهنجو پٽ آثم آخوند
B.A ڪامرس ۽ فلاسافي ڊپارٽمنٽ مان ڪئي. ماسٽرس لاءِ روس
ويو. روسي ٻوليءَ ۾ ماسٽرس ڪيائين. ان کان پوءِ
ڪنول ڌيءَ بي.اَيB.A
ڪئي. آخري ڌيءَ صنم جنهن
يونيورسٽيءَ مان اي. بي. اي
M.B.A ڪئي آهي، نئشنل بئنڪ ۾ گريڊ ٽو آفيسر آهي.
سڀني ٻارن کي پڙهائڻ لاءِ مون کي جنون هو. اڄ سڀ
پنهنجي پيرن تي بيٺل آهن.
سرتيون: شهرت ڪيئن ٿي لڳي؟
زينت: شهرت تمام گهڻي سٺي ٿي لڳي. عزت واري شهرت
آهي، سٺو لڳندو آهي. پر ٻاهر نڪرڻ ڏکيو لڳي ٿو.
سرتيون: ڪو اهڙو گيت جيڪو اوهين ڳائڻ چاهينديون
هجو؟
سرتيون: مون کي شوق آهي ته ڪلاسيڪي راڳ ڳايان پر
ڳائي نه سگهي آهيان. ذميواريون گهر جون وڌيڪ آهن،
ڳائڻ کي ٽائيم نه ٿي ڏيئي سگهان. اظهر سمون کان
هفتي ۾ هڪ ڪلاس وٺان ٿي ايڊيوڪيشن ٽرسٽ ۾.
سرتيون: شادي پسند جي ڪئي يا ارينج هئي؟
زينت: شادي ارينج هئي. منهنجو گهر وارو منهنجو سؤٽ
به ٿئي ۽ ماسات به. اڳي لو مئريجز گهٽ ٿينديون
هيون.
سرتيون: توهان جي موسيقيءَ سان لڳاءَ هجڻ ڪري
ٻارڙا هن فيلڊ ۾ آيا؟
زينت: منهنجي سڀني ٻارن کي ٿورو گهڻو شوق آهي،
ڳائڻ به اچين، منهنجي ڌيءَ صائمه مون سان گڏ راڳ
جي تربيت وٺي پئي.
سرتيون: توهان کي ريڊيو پاڪستان تي ڳائڻ لاءِ گهر
وارن خوشيءَ سان موڪل ڏني يا روڪ ٽوڪ ٿي؟
زينت: جڏهن آءٌ زبيده ڪاليج ۾ پرهندي
هئس انهن ڏينهن ۾ سگهڙين سٿ جي طرفان عورتن سان هڪ
هفتو ملهايو پئي ويو. چيو ويو ته جنهن به ڇوڪريءَ
کي لوڪ گيت ڳائڻ ايندا هجن، اُها آڊيشن اچي ڏئي.
اسان جي ڪاليج ۾ غلام حسين شيخ، آپا شمس عباسيءَ
جي آفيس ۾ اچي ويٺو، اسان ڇوڪرين واري واري سان
آڊيشن ڏنو، مون به جهونگاريو، منهنجي آواز کي پسند
ڪيو ويو. مون سان گڏ ڪجهه ٻيون ڇوڪريون به هيون جن
۾ امينا به مون سان گڏ سليڪٽ ٿي ۽ ٽريننگ ڪاليج
مان مختيار ڀٽي، عزيز سومرو هئي، ريڊيو تي ويس، ٻه
گيت ريڪارڊ ڪرايم، ان دور ۾ برقعو پائيندي هئس. هڪ
گيت هو ته:
جهونگايندي
مينهن وسين تون ڇو نه، مينهن وسين تون ڇو نه
الا، منهنجي اباڻن لاتم ڏينهڙا،
مئيءَ جو ملڪ ملير چون ٿا،
مينهن وسين تون ڇو نه، مينهن وسين تون ڇو نه
ٻيو گيت هو:
هور وهيو ڙي هور، هور ته تنهنجي ڀائرن جو
هور وهيو ڙي هور.
اِهو گيت بدين جي پاسي جو هو، جهار هڪلبي آهي،
تڏهن چيو ويندو آهي. ڪڻڪ ۽ ساريون پچي وينديون آهن
ته جهار هڪلبي آهي.
ان وقت ۾ آپا مريم نوحاڻيءَ جهڙيون استاد هيون ۽
فهميده رياض انهن مون کي همٿايو.
مون کي تمام گهڻي
خوشي ٿي ته آءٌ ريڊيو تي گيت ڳائي رهي آهيان. مون
پنهنجو اصل نالو ڪونه ٻڌايو پر زرينه شيخ نالو
ٻڌايم ۽ گهر وارن کي به خبر ڪانه هئي ته آءٌ ڪو
ريڊيو تي وئي آهيان.
منهنجا گيت رات جو براڊ ڪاسٽ ٿيا، اُن وقت
ٽيليويزن ڪانه هئي، سڀ ريڊيو شوق سان ٻڌندا هئا.
بابا جون ٻه شاديون ٿيل هيون. ٻه گهر هئا! بابا
صبح جو اسان جي گهر آيو ۽ چيائين: ”امان زرينه شيخ
خوش آهين. وڌيڪ چيائين ته بابا پنهنجي لاءِ حدون
مقرر ڪري ڇڏيو پوءِ ڀلي پيون کيل تماشا ڪريو.
منهنجو بابا الاهي کليل ذهن جو مالڪ هو. اجايون
ڳالهيون سندس ذهن ۾ ڪونه اينديون هيون. اڃا اسين
ڀينر ننڍڙيون هيونسين ته اسان کي چوندو هو ته
توهان کي مدرسة
البنات ۾ پڙهائيندس. پر پوءِ اهو اسڪول پري هو.
اسان ميران اسڪول ۾ پڙهيونسين. مون کان ننڍي ڀيڻ
ڊاڪٽر خورشيد صديقي آهي.
سرتيون: جيڪي ڇوڪريون هن فيلڊ ۾ اچڻ چاهين انهن کي
اوهين ڪهڙي صلاح ڏينديون؟
زينت: جيڪي
چوڪريون
اچڻ چاهين ته ڀلي اچن، ڳائڻ به هڪ فن آهي، پنهنجي
عزت پاڻ ڪرائينديون، هن فن کي به وڪيو ويو آهي.
ڳائڻ خراب ڪونهي، اهو هڪ اميج ويهاريو ويو آهي.
ڪجهه ماڻهو انهيءَ کي سٺي نظر سان نه ٿا ڏسن، اسان
جو ته زميندار گهراڻو هو، گهڻيون سختيون هيون. پر
هاڻ زمانو بدلجي ويو آهي، سٺي ماڻهوءَ کي هر ڪو
سٺي نظر سان ٿو ڏسي.
سرتيون: ڪهڙن فنڪارن کان متاثر آهيو؟
زينت: آءٌ عابده پروين، روبينه، محمد جمن ۽ لتا
کان گهڻي متاثر آهيان. منهنجي دل چوندي آهي ته آءٌ
به لتا جيان ڳايان، استاد محمد ابراهيم کان ڪاليج
جي دور ۾ ڳائڻ سکيس، استاد سدائين چوندو هو ته بي
بي تون هل ريڊيو تي ڳاءِ. اسڪول جي زماني ۾ استاد پريتم داس هو ان به ڳائڻ سيکاريو.
دادي ليلان به ڳائڻ سيکاريو.
سرتيون: موسيقي/اداڪاري جي فيلڊ لاءِ ڪو ادارو هجڻ
گهرجي؟
زينت: بلڪل هڪڙو خاص ادارو هجڻ گهرجي. ڪجهه اهڙا
استاد آهن، جيڪي اهڙي هنڌ رهن ٿا، اتي وڃي نه ٿو
سگهجي، پر محمد ابراهيم جويو صاحب جي مهرباني آهي
ته وچ شهر ۾ ايڊيوڪيشن ٽرسٽ ۾ راڳ جي سکيا جا ڪلاس
ورتا وڃن ٿا. آچر جي ڏينهن ڪلاس ٿئي ٿو.
سرتيون: ريڊيو جو اڳ ماحول ڪيئن هو ۽ هاڻي ڪيئن ٿو
لڳي؟
زينت: آءٌ ان وقت ريڊيو تي ويس جڏهن آءٌ شاگردياڻي
هئس ۽ شاگردياڻيءَ جي حيثيت سان ويندي هئس. ريڊيو
تي منهنجي تمام گهڻي
عزت ڪندا هئا، مون جيڪي ماحول ڏٺو، هاڻ اهڙو ڪونه
ٿي ڏسان، اڳي جيڪو فن جو پياسو هوندو هو اُن کي
اُهو ڪجهه ملندو هو. منهنجي ته اڄ به ريڊيو وارا
تمام گهڻي عزت ڪن ٿا. جڏهن به ريڊيو تي ويندي
آهيان، عزت ملندي اٿم.
سرتيون: زينت صديقي ڳائي نه ها ته ڇا هجي ها؟
زينت: زينت صديقي ڳائي نه ها ته هجي ئي نه ها.
سرتيون: هن وقت توهان ميلاد شريف جي محفلن ۾ نعتون
ڳايو ٿيون، اڳ به ڳائينديون هيون؟
زينت: آپا مريم نوحاڻيءَ مون کي ۽ امينا صادق کي
ميلاد جي پروگرام تي پاڻ اچي وٺي ويندي هئي. هاڻ
به جڏهن به وٺي ويندي آهي ته آءٌ شوق سان ويندي
آهيان. ميلاد پڙهڻ سان مون کي ذهني سڪون ملي ٿو.
اندر کي اطمينان ملي ٿو. اسان جي دل جي خواهش به
پوري ٿي وڃي ٿي. پر هاڻ گانن جي طرز تي نعتون پيش
ڪيون ٿيون وڃن، ڏک ٿو ٿئي. اڳي استاد محمد جمن ۽
استاد محمد ابراهيم جهڙا قابل استاد هئا، ۽ ان وقت
جن نعتن جون ڌُنون ٺهيل آهن، اُهي ڳائيندي آهيان.
اڃا ڪي استاد هوندا، پر انهن کي کپي ته پنهنجون
ڌنون ٺاهيو نه ڪي گانن جون. هاڻي ته چوري ڪيل ڌنن
تي نعتون ڳايون وڃن ٿيون، اڳ صوفياڻا راڳ ڳاتا
ويندا هئا.
سرتيون: کاڌو ڪهڙو سٺو رڌينديون آهيو؟
زينت: اها ڳالهه نه پڇ. مون کاڌن رڌڻ جو ڪورس ڪيو
آهي. بيوٽيشن جو ڪورس ڪيو اٿم، جڏهن گهر وارو
بيمار ٿيو ته پريشان ٿيندي هئس، ان وقت پاڻ کي
مصروف رکڻ لاءِ مختلف ڪورس ڪيم، سنڌي برياني سٺي
رڌيندي آهيان، مڇي سنيل، پلو تريل، سنيل پلو، پلي
جو پلاءُ، ڪيڪ ٺاهيان، ڪريم رول هر شيءِ سٺي ٺاهي
ويندي آهيان. منهنجي پٽ کي منهنجي هٿ جو اڦراٽو
وڻندو آهي. منهنجي سهري کي منهنجي هٿ جو ٺهيل
آمليٽ وڻندو آهي. پيزا، بسڪيٽ، ٽڪا به گهر ۾
ٺاهيان. منهنجو گهر وارو چوندو آهي ته تو رڌڻ
پچائڻ ڇڏيو آهي ته سڀ بک ٿا مرون، پر هاڻ ته
منهنجي ماني به نوڪرن تي آهي. گهر جو ٻوڙ آءٌ پاڻ
ٺاهيندي
آهيان، ٻارن جي فرمائش تي جيڪي چون سو ٺاهيان.
سرتيون: کائڻ ۾ ڇا وڻندو آهي؟
زينت: مون کي کائڻ ۾ مٺو وڌيڪ وڻي، آئسڪريم ۽
کيرڻي شوق سان کاوان ۽ فالودو پڻ.
سرتيون: رنگ پسند جو؟
زينت: سائو ۽ آف وائيٽ ڪلر وڻندا اٿم.
سرتيون: پسند جو لباس؟
زينت: سلوار ۽ قميض ۽ ساڙهي پسند ڪريان ٿي.
سرتيون: خوشبو پسند جي؟
زينت: خوشبو مون کي موتئي جي وڻي. پرفيوم ڪونه
هڻان، پر عطر موتئي جو وٺان.
رپورٽ: شبانه شاهه
ميڙو آهي مچَ تي! (سرتيون رپورٽ)
[ماڻڪ
موتي تنظيم پاران
K.T.N
سان رهاڻ].
ماڻڪ موتي تنظيم پاران سنڌيءَ جي پهرئين چئنل
K.T.N
سان 29 مئي تي هڪ مقامي هوٽل ۾ روح رهاڻ رچائي
وئي.
پروگرام جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي. تلاوت
عنايت الله زنگيجي ڪئي. ان کان پوءِ مشتاق
چنگيزيءَ آجيان ڪئي.
K.T.N
جي سرواڻ علي قاضيءَ کي پڳ
ٻڌرائي وئي.
امداد حسينيءَ ان موقعي تي ڳالهائيندي پنهنجي
تقرير ۾ چيو ته رات جو سمهڻ مهل آءٌ ڪي.ٽي.اين ڏسي
سمهندو آهيان، جيئن ننڊ اچڻ تائين سنڌي ٻولي ٻڌندو
رهان ۽ سنڌ جا سهڻا سپنا ڏسندو رهان ۽ صبح جو جاڳڻ
سان به ڪي.ٽي.اين ڏسندو آهيان، جيئن پکين جي مٺڙين
لاتين سان گڏ پنهنجي مٺڙي ٻولي به منهنجي ڪنن ۾ رس
اوتيندي رهي.“
ڊاڪٽر حبيب الله صديقيءَ چيو ته ”اسان گهرندا
هئاسين ته من پي ٽي وي سنڌي پروگرامن جو ٽائيم
وڌائي، پر پوءِ خبر پئي ته هڪ مڪمل سنڌي چئنل اچي
رهيو آهي.ڪي.ٽي.اين جا اداڪار ۽ اداڪارائون اسان
جا گهر ڀاتي آهن.“
شوڪت حسين شوري چيو ته: ”هند ۾ سنڌي ٻوليءَ جي
صورتحال ڏاڍي خراب آهي، سنڌي اسڪول بند ٿي ويا
آهن. انگريزي، هندي ۽ ٻين پرانتن جون ٻوليون
سنڌيءَ کي ڳڙڪائي رهيون آهن.“ شوڪت ان ڏس ۾ هڪ
واقعو ٻڌايو ته ”ڪي.ٽي.اين تان سنڌي پروگرام پئي
آيو ته هڪ ٻار چيو ته دادي امان تمهاري ڀاشا ۾
پروگرام آ رها هي! پر ڪي.ٽي.اين اچڻ کان پوءِ اُتي
هند ۾ هاڻي سنڌي ٻولي شايد بچي وڃي!“
حميد سنڌي، ڄام ساقيءَ به ان روح رهاڻ ۾ ڳالهايو.
علي قاضيءَ چيو ته اسين ڪنهن فيڪٽر کي، جيئن ڌاڙيل
فيڪٽر آهي، پروجيڪٽ نه پيا ڪريون، اهو هڪ فڪشن
آهي، انٽرتينمينت
آهي. سنڌي سوسائٽيءَ جا اونداها گوشا آهن، اُهي
ڏيکاريون ٿا. سنڌ ۾ ميڊيا بحث هيٺ رهي ٿي، پر اها
راءِ براءِ راءِ يا تنقيد براءِ تنقيد آهي، اها به
ٺيڪ آهي، سٺي ڳالهه اُها آهي ته سنڌي سوسائٽي پوري
ڪمٽمنٽ سان ميڊيا کي ڏسي ٿي.“
مظهرالحق صديقي چيو ته ”ادارن کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ
”ماڻڪ موتيءَ“ کي جس ڏيان ٿو، جن سنڌ ۾ پنهنجو
نالو ڪيو آهي، انهن کي مانُ ڏيڻ جي روايت هن کان
اڳي مون کي ڪانه سُجهي،
هيءَ تنظيم جيڪي ڪجهه ڪري پئي اُها اسان کي هڪ وڏي
قوم ثابت ڪري ٿي. ٽن سالن ۾ ڪي ٽي اين مايوس قوم
کي رڳو انٽرٽين ڪرڻ نه، پر انتهائي سنجيده پروگرام
ڏنا آهن، سنڌي باشعور رهيا آهن، سجاڳ رهيا آهن، پر
انهيءَ سجاڳيءَ ۾ ”الوحيد، عبرت، ڪاوش يا
ڪي.ٽي.اين جو وڏو هٿ آهي. اها سجاڳي نه هجي ته
اسين شايد هجون به نه.“ مان ڪاوش، ڪي.ٽي.اين ڏسندو
رهيو آهيان، خوشيءَ سان، اميد سان پر جهنجهلاهٽ
سان، هڪ مهذب قوم جو رويو آهي ته:”اديباڻي طريقي
سان ڪڙاڻ پيش ڪئي وڃي، پر اها تکاڻ ڪجهه وڌيڪ ٿي
وئي آهي. تنقيد اهڙي نه ڪجي جو اسان جي پاڙ کي ڌڪ
هڻي، خبرن جي صحت ۾ ڪنهن اخبار توهان کي
Over take
نه ڪيو آهي، اشوز کڻڻ، جيڪي سماج کي بگاڙين ٿا،
اُهي کڻي آيا، جيئن ڳوٺن کي ڊاهڻ لاءِ يلغارون،
معيشت، سياست، ثقافت لاءِ توهان جاکوڙيو آهي، جيئن
توهان جا ڪئمرا مين، صحافي پهچن ٿا. بهادريءَ سان
شهادت ماڻين ٿا، آءٌ انهن کي سلام ڪريان ٿو. نفاق،
فساد کي اسان جو سماج پاڙان پٽڻ لاءِ چئي ٿو، زبان
جو خيال رکو، جيئن زبان ۾ بگاڙ ۽ فساد نه اچي. ڪي
اخبارون ڪڏهن به ان تي ٺاهه نه ٿيون ڪن، جيئن
مانچسٽر گارجين. سٺو ڪم ڏکوئيندڙ آهي، ۽ توهين اهو
ڪندؤ. اسين ان ڏس ۾ توهان جي مدد ڪري سگهون ٿا.
توهان اسان جون دليون گرمائي ڇڏيون آهن.“
ماڻڪ، موتي، تنظيم پاران مڃتا طور جن کي ايوارڊ
ڏنا ويا انهن ۾ جان محمد مهر، نياز پنهور، ناز
سهتو، نور جوکيو، نصير مرزا، مير محمد لاکو، محمود
مير جت، محمد قاسم ماڪا، ثمر نظام، سمير ڀٽو،
سهراب ۽ علي گل، طارق قريشي، ذلفي پنهور، هادي
سانگي، سڪندر بلوچ، امانت مغل، ياسر لغاري ۽ علي
محمد شاهه لڪياري هئا.
انهيءَ سڄي فنڪشن جي ڪي.ٽي.اين جي لاڙڪاڻي جي
ڪئمرا مين منير سانگيءَ جي شهادت جي ڪري، فضا
سوڳوار رهي ۽ سڀني مقررن ان واقعي تي ڏک جو اظهار
ڪيو ۽ منير سانگيءَ کي سندس فرض ادائگيءَ تي سلام
پيش ڪيو.
انهيءَ روح رهاڻ ۾ ناميارن اديبن، شاعرن،
ڪهاڻيڪارن، دانشورن ۽ فنڪارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
پروين راڄپر
ڀوري آهيان مان!
جانم! نه قلم ٿو ساٿُ ڏي نه دماغ،
۽
نه دل!
اُداسي ايتري جو هَوا
۾ سڏڪا.
ٻڌڻ ۾ ٿا اچن!
مان پنهنجي هن ڪمري ۾
جيڪو تابوت جيان
مون کي لڳي رهيو آهي
۽
منهنجو ساهه ٻوساٽي
رهيو آهي
اکين مان لڙڪ لار ڪريو پيا لڙن
بيهڻ جو اصل نالو نٿا وٺن
دل جي گهُر
ته اِها آهي ته جيڪر توکي اکڙيون پَسن
انهيءَ لاءِ اَڀاڳيون پيون پُسن
لکڻ جي سگهه به نه ٿي سمجهان پيئي
تون مون کي ايترو پيار نه ڪر
نه ڪر ايترو پيار مون کي
تنهنجي پيار مون کي جَڏو
ڪري ڇڏيو آهي
مون سان پيار ڪرڻ وارا ته سال ٿيا ته پَرلوڪ
هليا ويا
مون کان ته اُهو پيار جو ڇهاءُ ئي
وسري ويو آهي
آءٌ زندگيءَ جي چوواٽي تي
هر هڪ ايندڙ ۽ ويندڙ ماڻهوءَ کي ڏسان ٿي
هيڏي هوڏي نهاريان ٿي
ته منَ ڪو مون کي به دڳ لائي
پر! هت هر ڪو پنهنجي پگهر ۾ ٻڏل آهي
هر هَڪ
کي پنهنجا پنهنجا غرض ۽ مطلب آهن
ڪيڏي نه ڀوري آهيان مان
وري به انهيءَ اميد تي آهيان
ته متان شايد ڪا خوش
قسمت گهڙي اچي
منهنجي تقدير بدلائي وجهي
واقعي! ڀوري آهيان مان!
جدائيءَ جو ماتم!
سمنڊ جي ڪناري تي ويهي
ڇولين کان
تنهنجي هجڻ جو يقين ڪيم
برسات جي هر بوند کي
تولاءِ
سڪ جو سنديس ڏنم
سرد هوائن جي سامهون
ٻنهي ٻانهن ۾ ويڙهي
ڪلهن کان ٺونٺين تائين
پنهنجا هٿ گهمائي،
توکي پاڻ سان گڏ
محسوس ڪيم
۽
پوءِ
آڱر سان
اک جي ڳوڙهي کي کڻي
تنهنجي جدائيءَ جو
ماتم ڪيم!
***
تنهنجي خوشبو!
تنهنجي خوشبو
ساهن ۾
جيئن باد صبا
اسر ويل گُهلي.
جيئن برکا رُت
کان پهرين
ڪنهن ڪوئل جي
ڪا ڪُوڪَ
هُلي.
جيئن پنڇي ڪوئي
هيڪلڙو
۽
وياڪلڙو
ڇولين جي جهولي
تي پيو جهلي!
ليئو پائي اندر ۾
پوڄاري جيئن مندر ۾
ڪو گل رکي ڄڻ ڀيٽا جو
اهڙو ئي ڪو سندر گُل
منهنجي من ۾ ٽيڙي وئين!
خوابن کي ڄڻ کيڙي وئين!
***
چنڊ ٽٽل - تارا ڇنل
چنڊ ٽُٽل
ٽُٽل
۽
تارا ڇِنل
ڇِنل
پلاند آهي منهنجو ڀِنل
ڀِنل
ڪيو هو ڪڏهن مون به پنهل پنهل!
لوڪ آهي مون کان ڊِنل ڊِنل
دامن به آ سڙيَل
سڙيَل
آهي جسم ڏنڀيل ڏنڀيل
نشتر دل ۾ چُڀيل
چُڀيل.
تون به آهين رُٺل رُٺل
اکيون منهنجون رُنل رُنل
ڪنڌ تنهنجو جهُڪيل
جهُڪيل
زلف منهنجا وکريل وکريل.
****
کن پل ۾
کَنَ
پل ۾
ڪو هن بي آس جيون ۾،
پيار جي جوت جلائي ويو!
جام اُلفت جو پياري،
مون کي وري جياري ويو!
جانب جا جوت جلائي ٿئي،
اُن جي مٺا پارَتَ ٿَئي
رهيو ناهي ڪو اعتبار
زماني جو
هت هر ڪو ٻئي کي
کاٽ لڳائي ويو!
ڄاتل اڻڄاتل چهرن ۾
پيار کي پنهنجي کائي ويو!
***
روسامو!
رُسي ويندوسانءِ،
ڪڏهن نه پرچندوسانءِ!
هوا ۾ تحليل ٿي
ساهه جيان نڪري ويندوسانءِ
واري ٿي ترِين
مان ترڪي ويندوسانءِ
نه ڳوڙها
نه آهون نه دانهون
نه سڏڪا نه واڪا
بس!
ماٺ ميٺ ۾ مٽي ٿي ويندو سانءِ!
ڪرين ڪوئل ڪُوڪَ
جيان
يا
ڪُرلائين
ڪونج جيان
وري!
نه ورندوسانءِ،
وري نه ورندوسانءِ!
رُسي ويندوسانءِ،
ڪڏهن نه پرچندوسانءِ!
ويڇو!
تون مون کان ڏُور
مان توکان ڏُور
نه وچ ۾ آهي ڪا ڏورِ
نه راهون ساڳيون
نه پيچرا
رهيا آهيون
نه ويجها اوترا! |