ڪجهه وقت کانپوءِ راءِ سهاسي بيمار ٿي پيو. حڪيم طبيب علاج ڪري
ٿڪجي پيا. پر فائدو نظر نه آيو. مٿانس بيهوشي طاري
ٿي ويئي. راڻي سوهن ديوي ان ڳالهه جو فائدو ورتو.،
چچ سان ملي ڀڳت ڪري دربانن کي چيائين ته راءِ
سهاسي جو حڪم آهي ته سڀاڻي عام درٻار آهي، جنهن
ڪري عام ۽ خاص ماڻهو اچي حاضر ٿين . صبح جو راڻي
جي حڪم موجب تخت جو ديوان خانه عام ۾رکيو ويو.
جنهن وقت عام ۽ خاص ماڻهو حاضر ٿيا ته راڻي جي حڪم
موجب دربانن ٻاهر نڪري چيو ته راءِ فرمائي ٿو ته
مان ڪمزوري سبب ٻاهر نڪري نه ٿو سگهان. مان پنهنجو
موت قريب ٿو ڀانيان تنهن ڪري چچ کي پنهنجو جاءِ
نشين مقرر ٿو ڪريان. دربانن راءِ جي مهر چچ جي
حوالي ڪري کيس تخت تي ويهاريو. هي حالت ڏسي ماڻهو
خاموش ٿي ويا.
راءِ سهاسي سڪرات ۾ هو. راڻيءَ چچ کي گهرائي چيو ته راءِ سهاسي
کي جيئن ته ڪو پٽ ناهي تنهن ڪري سندس سرڪش مائٽ
ضرور ملڪ ۽ ملڪيت جي وارث هئڻ جي دعويٰ ڪندا، تنهن
ڪري انهن جو علاج هئڻ گهرجي. هنن ٻنهي پنجاهه
زنجير گهرائي حرمسراءِ جي هڪ ڪوٺي ۾ رکيا ۽ راءِ
سهاسي جي مائٽن کي چيائون ته راءِ توهان کي ملڪ جي
وصيت بابت گهرايو آهي. هڪ هڪ ٿي اندر وڃي. انهن
مان جيڪو به اندر ٿي ويو تنهن کي ڪوٺي ۾ بند ڪري
زنجيرن سان جڪڙيندا ويا. جڏهن سڀ ٻڌجي ويا ته راءِ
جي مسڪين ۽ تنگ دست مائٽن کي گهرائي چيو ته توهان
جي دشمنن کي قيد ڪيو اٿم. توهان مان هر هڪ انهن
مان هڪڙي هڪڙي کي قتل ڪري سندن مال تي وڃي قبضو
ڪري. اهڙي طرح سان راڻي ان جنجال مان آزاد ٿي.
راءِ ساهه ڏنو.
جنهن جو لاش راڻي ساڙائي، چچ کي تخت تي ويهاريو. سندس حڪم موجب
تاج چچ جي مٿي تي رکيو ويو. اهو واقعو سن 632ع ۾
رونما ٿيو.
چچ تخت تي ويهڻ شرط عام وخاص ماڻهن جي سخا لاءِ خزاني جا دروازا
کولي ڇڏيا. سپاهين جو پگهار وڌايو ۽ ڍل گهٽائڻ جو
اعلان ڪيو. هن راڻي سوهن ديوي سان پنهنجي دستور
موجب شادي ڪئي.
چچ جنهن حرفت ۽ چالاڪي سان تخت هٿ ڪيو، سا ڳالهه راءِ گهراڻي
جي مائٽن تي بجلي ٿي ڪري. چتوڙ جو راڻو مهورت
انتقام وٺڻ لاءِ وڏو لشڪر تيار ڪري الور ڏانهن
روانو ٿيو. هو جڏهن جيسلمير جي پسگردائي ۾ پهتو
تڏهن چچ کي خط لکيائين ته تون ”برهمڻ“ آهين. حڪومت
جو ڪاروبار توکان هلي نه سگهندو ۽ لڙائي جي مهم کي
تون پڄي نه سگهندين ، تنهن ڪري بهتر اٿئي ته پاسو
ڪري وڃ. پاڻ کي ۽ ماڻهن کي موت جي منهن ۾ نه
اڇلاءِ. چچ هي خط راڻي وٽ کڻي ويو. راڻي کيس جواب
ڏنو ته ”جنگ جي رٿن کي مرد چڱيءَ طرح ڄاڻندا آهن،
جيڪڏهن تون ڊڄين ٿو ته پنهنجا ڪپڙا مون کي ڏي ۽
منهنجا ڪپڙا تون پهر ته مان وڃان ٿي دشمنن سان
پڄان. چچ شرمنده ٿي ويو. راڻي چيس ته بيشمار خزانا
۽ پوريل مال تنهنجي هٿ چڙهيا آهن. ماڻهن کي گهڻو
سون عطا ڪر، جيئن هو تنهنجا خواهان ٿين. تنهنجي
جهنڊي هيٺان جمع ٿين.
هن ٻيهر خزاني جو منهن کولي عام ماڻهن ۽
سپاهين کي پنهنجو ڪري لشڪر تيار ڪري راڻي مهورت
سان جنگ جوٽي ۽ کيس ماري مڃايو. راڻي مهورت جو
لشڪر شڪست کائي ڀڳو. چچ ڪامياب ٿي الور پهتو. شهر
جي سڀني ماڻهن شهر ۽ بازارين کي سينگاري هن جو
استقبال ڪيو. انهي سال پنهنجي وزير ٻڌيمن کي حڪومت
جي ڪاروبار متعلق ضروري هدايتون ڏيئي اتر واري حصي
جي دوري ڪرڻ لاءِ نڪتو.
پنجاب تي راءِ سهاسي جا مائٽ حڪومت ڪندا
هئا، جن کي چچ هڪ ٻئي پٺيان ماري مڃايو. ان
کانپوءِ هي ڏکڻ الهندي طرف ڪاهي ويو ۽ سڀني کي
پنهنجي قبضي ۾ آندو. هن اٽڪل چاليهه سال وڏي شان
شوڪت ۽ دٻدٻي سان حڪومت ڪئي. راءِ گهراڻي جي خاتمي
سان برهمڻ خاندان جي حڪومت جو دور سنڌ ۾ شروع ٿيو.
راڻي سوهن ديوي مان هن کي ٻه پٽ ڏهر، ڏهر سين ۽ هڪ
ڌيءَ ٻائي ناهي پيدا ٿيا.
**
ٻاجهري جا سنگ
هڪ دوست چيو:
”اڄ ڪا اهڙي نظم ٻڌاءِ جنهن کي ٻڌڻ سان پيٽ ڀرجي وڃي.“
مون گهر کان ٻاهر هڪ دڙي تي بيهاري پنهنجي دوست کي کيتن ۾
لڏندڙ ٻاجهريءَ جا سنگ ڏيکاريا.
- تاجل بيوس
عبدالله چنا
يادگيريون
ڪيئن وساريان بيگم زينت چنا
ويا اوهري اوءِ مونکي ڇڏي ماڳ هن جڳن جا جڳ ٿيا
تنئان نه موٽيون ڪوءِ جڏهن سنڌ تي مسلمان حاڪمن جي
حڪومت هوندي هئي. يعني عيسوي سنه716 کان وٺي 1843ع
تائين، تڏهن اڪثري پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جو ڪم مڪتبن
مدرسن يا مسجدن ۾ ٿيندو هو. اوائل ۾ ڪلام الله
شريف پڙهايو ويندو هو. ان بعد ڪي ڪلام الله شريف
ياد ڪرڻ لاءِ ۽ حافظ ٿيڻ لاءِ وڌيڪ وقت پڙهڻ تي
لڳائيندا هوا ۽ ڪي قرات سان پڙهڻ لاءِ ۽ قاري ٺيڻ
لاءِ وقت پورو ڪندا هوا ۽ ان بعد وري مٿي پڙهڻ
لاءِ فارسي پڙهندا هوا جا سرڪاري زبان هئي ۽ ان
کانپوءِ ڪي عربي پڙهي، پڙهڻ پورو ڪندو هوا جن لاءِ
دستاربندي جي رسم ادا ڪئي ويندي هئي، گويا اها
انهن کي مولوي هجڻ جي ڊگري ملي. انهن مان ڪي فقط
زياده پڙهندا هوا ۽ ڪي تاريخ پڙهندا هوا ڪي علم
منطق ۽ ڪي طب جا ڪتاب مطالعه ڪري حڪيم ۽ طبيب
ٿيندا هوا. ڪي وري مدرسا کولي پڙهائڻ جو ڪم ڪندا
هوا ۽ ڪي شاعري ۽ ادب سان دلچسپي رکندا هوا. ان
وقت مدرسن ۽ مڪتبن ۾ نه رڳو ڇوڪرا پڙهندا هوا مگر
خصوصاً مسجدن ۾ ۽ مڪتبن ۾ مسلمان ڇوڪريون به
پڙهنديون هيون مگر اهي رڳو ڪلام الله شريف جون
حافظ ٿينديون هيون. اهو رواج 1843ع تائين هليو.
جڏهن انگريزن جي حڪومت آئي ان وقت تائين ڪي عورتون
ديني ڪتاب جيئن نورنامون، روزة اسهدا، حڪايت
الصالحين وغيره به پڙهنديون هيون جي ابوالحسن
واريءَ سنڌي ۾ لکيل يا ڇپيل هوندا هوا. جڏهن
هاڻوڪي سنڌيءَ جي الف-ب نڪتي ۽ ٺاهي وئي تڏهن ڪتاب
به انهيءَ سنڌي ۾ ڇپجڻ لڳا.
انگريزن جي حڪومت جي اوائل ۾ به سرڪاري زبان فارسي
هئي. ڇاڪاڻ ته انگريزن مسلمانن کان حڪومت ورتي هئي
ان ڪري مسلمان انگريزن جي زبان، پوشاڪ ۽ تهذيب کي
برو سمجهندا هوا ۽ ان کان نفرت ڪندا هوا. ان وقت
تائين هندن جون عورتون ڪجهه به پڙهيل نه هونديون
هيون. البت مرد جي واپار ڪندا هوا سي واڻڪن اکرن ۾
پنهن جو حساب ڪتاب لکندا هوا جو بلڪل ٻوليءَ جي
لحاظ کان غلط ۽ ناقص هو.
ڇاڪاڻ ته انگريزن هندن جي مدد سان مسلمانن کان سنڌ
۾ حڪومت ورتي هئي ۽ مسلمانن جي هنر يعني ڪپڙي ڇرڻ،
اڻڻ وغيره تي به قبضو ڪيو، ان ڪري مسلمان هيڪاري
انگريزن هندن کان بدظن رهيا. انهيءَ وچ ۾ ته
انگريز هندن ڏانهن وڌيڪ خوش هوا ان ڪري هندو سندن
هر ڪنهن ڳالهه ۾ ساٿ ڏيڻ لڳا ۽ انهن جي اسڪولن ۾
پڙهڻ لڳا ۽ انگريزي به سکڻ لڳا مگر اڪثري مسلمان
ڇوڪرا خواه ڇوڪريون پڙهڻ جو پراڻو دستور وٺيون
آيا. جڏهن هندو تمام گهڻو اڳتي واپار، نوڪرين ۽
ٻين ڌنڌن ۾ وڌي ويا ۽ مسلمان تمام پوئتي رهجي ويا
تڏهن مسلمانن جي مفڪرن تحريڪ هلائي مسلمانن مردن
کي اول نئين قسم جي تعليم لاءِ آماده ڪيو. انهيءَ
عرصي اندر هندن جون ڇوڪريون نه رڳو زنانن سنڌي
اسڪولن ۾ پڙهڻ لڳيون پر ڇوڪرين لاءِ هندن انگريزي
اسڪول به کوليا ۽ ڇوڪريون هتي جا امتحان پاس ڪري
ولائت تائين به پڙهڻ ويون.
مسلمان ڇوڪرن خواه ڇوڪرين ۾ تعليم جو انداز وڌائڻ
لاءِ ملا مڪتب نڪتا جن ۾ ڪلام شريف سان گڏ سنڌيءَ
جا به 4-5 درجه پڙهيا ويندا هوا. حيدرآباد ۾
زنانه ٽريننگ ڪاليج به کوليو ويو جيئن مردانه
ٽريننگ ڪاليج به کليو جتي پڙهائڻ جي سکيا ڏني
ويندي هئي جا سنڌي ڪاميٽي پاس ڪرڻ بعد ڏني ويندي
هئي ۽ ان بعد ماستريءَ جي نوڪري جي حقداري سمجهي
ويندي هئي. البت ملان مڪتب کانپوءِ ڇوڪريون
حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج ۾ اچي 3 سال پڙهنديون
هيون ۽ ڪاليج ۾ امتحان پاس ڪرڻ بعد ماستري جي
نوڪري جي حقداري ٿيندي هين مگر مسلمانن ۾ ڇوڪرين
کي سنڌي پڙهائڻ وڏو عيب سمجهيو ويندو هو.
اهڙي زماني ۾ زينت سيوهڻ شهر جي مسٽر محمد صالح
چنه جي گهر ۾ 4 جنوري 1919ع ۾ ڄائي. سندس نالو
زينت سندن ماءُ رکيو جنهن تي شمس العلماءَ مرزان
قليچ بيگ مرحوم جي ڪتاب ”زينت“ جو اثر پيو ۽ اهو
نالو کيس ڏاڍو پسند پيو هو. جڏهن زينت پڙهڻ لائق
ٿي تڏهن اوائل ۾ کيس ملي جي مڪتب ۾ پڙهڻ لاءِ
وهاريو ويو جتي پهريائين ڪلام الله شريف پڙهيائين.
ان بعد سنڌي پڙهڻ لڳي. سندس هوشياري سبب ۽ مسلمان
ڇوڪرين ۾ وڌيڪ پڙهڻ جو چاهه پيدا ڪرڻ لاءِ کيس
ڪنهن تعليم کاتي جي آفيسر جي چوڻ تي حيدرآباد جي
ٽريننگ ڪاليج ۾ وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليو
ويو. زينت جو والد اگرچه پاڻ پوسٽ ماستر هو ۽
انگريزي سنڌ مدارة لاسلام ڪراچي ۾ پڙهيو هو مگر
تڏهن به ڇوڪرين کي سنڌي پڙهائڻ لاءِ راضي نه هو
مگر تڏهن به زينت جي والده جي زور ڀرڻ تي سندس
ماءُ کيس حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج ۾ اچي داخل
ڪرايو. شايد اهو سال 1931 يا 1932ع ۾ هوندو ڇو ته
1935ع ۾ هوءَ ڪاليج جا ٽيئي سال پاس ڪري وئي. ان
بعد ڪاليج ۾ خواهه اسڪول ۾ اڪثر هندو ڇوڪريون
پڙهنديون هيون. زينت کي 15 سالن جي عمر ۾ زناني
ٽريننگ ڪاليج مان ڪاميابيءَ سان امتحان پاس ڪرڻ
خاطر هڪدم سيوهڻ تعلقي جي شهر ٽلٽيءَ ۾ (مرحوم
شمس العلماءَ ڊاڪٽر عمر دائود پوٽه جي ڳوٺ) نوڪري
ڏني وئي جتان ٿوري عرصي کانپوءِ کيس سندس ڳوٺ
سيوهڻ ۾ بدلي ڪري هيڊ ماسترياڻي ڪري زنانه اسڪول ۾
رکيو ويو. اسڪول ۾ رڳو هندو ڇوڪريون پڙهنديون
هيون. مگر زينت جي شوق ڏيارڻ ۽ ڪوشش سان مسلمان
ڇوڪريون به پوءِ زناني اسڪول ۾ سنڌي پڙهڻ لاءِ
ويٺيون. زينت کي واندڪائيءَ جي وقت ۾ لکڻ ۽ پڙهڻ
سان گهڻو شوق هوندو هو، ان ڪري سنڌي ۽ اڙدو رسالا
عصمت، زيب النساءَ ۽ اديب سنڌ وغيره جو ڏاڍو شوق
هوندو هوس ۽ انهن ۾ پنهنجا مضمون ڇاپڻ لاءِ
موڪليندي هئي. ان وقت ۾ ڪابه عورت پنهنجا مضمون
اخبارن ۽ رسالن ۾ ڪونه ڇپائيندي هئي. ان ڪري
پنهنجي نالي زينت جي بدران پنهن جي قلمِي نالي
”شبنم“ سان سندس مضمون ڇپجڻ لڳا جي ڏاڍا مقبول
ٿيا. ان زماني ۾ مان حيدرآباد ۾ چٽنس جي عهدي تي
هوس. ڪڏهن ڪڏهن زينت جا مضمون اخبارن يا رسالن ۾
پڙهندو هوس. مونکي به رسالن ۽ اخبارن پڙهڻ ۽ انهن
۾ مضمون موڪلڻ جو شوق هوندو هو ۽ مون پهريون
مضمون ان وقت لکيو جڏهن منهن جي عمر 18 يا 19 سال
هئي ۽ ان وقت ڪاليج ۾ وڃي داخل ٿيو هوس. منهن جا
مضمون گهڻو ڪري تاريخي ۽ سماجي سڌارن ۽ غلط رسمن ۽
رواجن جي باري ۾ هوندا هوا. هڪ دفعي اهڙو اتفاق
ٿيو جو محمد خان غني جي رسالي ”المخلص“ جو هن پنهن
جي نامور مزاحيه اديب ۽ ايڊيٽر مسلمان اخبار
ميرپور خاص جي نالي ۾ ڪڍيو هو) ان ۾ زينت جو به
مضمون ڇپيو ۽ منهنجو به مضمون ڇپيو ۽ اهو محض
اتفاق هو يا ايڊيٽر جي ترتيب هئي جو مضمون ساڳي
هنڌ هڪ ٻئي جي پويان ڇپيا ويا. ان وقت تائين منهن
جي واقفي زينت سان ڪابه ڪانه هئي ۽ نه هن جي مون
سان. البت پرپٺ مضمونن خاطر هڪ ٻئي جي نالي کان
واقف هئاسين، البت سندس ڀاءُ محبوب علي (جو هاڻي
پروفيسر محبوب علي پاڪستان سرڪار ۾ پڻ تعليم کاتي
۾ وڏي عهدي تي آهي ۽ ان وقت شايد ڪاليج ڦليلي
حيدرآباد ۾ پڙهندو هو) يا ڪراچيءَ جي ڪاليج ۾ ۽
زينت جو ڀيڻيويو مرحوم علي محمد ڪوئنريجو مئينجر
ڪوآپريٽو بئنڪ) سان واقفي هئي. ذاتي اڻ واقفيءَ
جي حالت ۾ اهو مناسب نه ڄاتم ته سواءِ ڪنهن
موزون مصلحت ۽ طريقي جي زينت سان سواءِ مضمونن
جي باري ۾ خط و ڪتابت ڪيان سو مسٽر محبوب علي کي
لکي موڪليم ته جيڪڏهن اوهين يا اوهان جا والدين
اجازت ڏين ته مان زينت کي سندس مضمونن جي باري ۾
خط لکان. مسٽر محبوب علي از خود يا والدين يا پنهن
جي همشيره جي صلاح ڪرڻ بعد مونکي موڪليو ته ڀلي
اوهين زينت کي مضمونن جي باري ۾ خط لکي سگهو ٿا.
اتفاق اهڙو ٿيو جو ان وقت ڌاري زينت جو هڪڙو مضمون
ڪنهن سنڌي رسالي ۾ ڇپيو. شايد اهو ”اديب سنڌ“
رسالو هو جو لاڙڪاڻي مان مرحوم خادم ۽ ماستر جمع
خان ڪڍندو هو. ان رسالي ۾ منهن جا به مضمون ڇپيا
هئا هونءَ ته منهن جا مضمون تمام گهڻن رساڪن ۾
ڇپيا هئا. جيئن ته ”ملا مخزن“، اخبار تعليم جي
(جي ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان نڪرنديون هيون)
مولوي عبدالرزاق جو رسالو، مولوي وفائي جو رسالو،
توحيد، خليق مورائيءَ جو رسالو ۽ اخبار الوحيد.
المخلص ۽ ڏيپلائي صاحب جو رسالو وغيره، زينت جي
مضمون جو عنوان هو ”عقل ۾ گهٽ مرد آهن يا عورتون.“
سندس لکڻ جو نمونو اهڙو هو جو ان مان معلوم پئي
ٿيو ته هن جي لکڻ جو مقصد هو ته عقل ۾ عورتون مردن
کان زياده آهن. مونکي اهو چڱو موقعو مليو زينت کي
خط لکڻ جو ۽ مضمون جي باري ۾ پنهن جي خيال ظاهر
ڪرڻ جو ڇو ته مونکي موڪل ملي وئي ته مان زينت کي
خط مضمونن جي باري ۾ لکي سگهان ٿو سو مون کيس لکيو
ته جيڪڏهن عورت مرد کان عقل ۾ وڌيڪ هجي ها ته مرد
کي غلط ڪم ڏسي بهشت مان ڪونه ڪڍائي ها. جواب ۾
لکيائين ته بهشت مان نڪرڻ سان ته مرد جو مرتبو ۽
مان مٿي ٿيو جو هو زمين جو مالڪ ۽ خدا جو خليفو
ٿيو ملائڪن کيس سجدو ڪيو ۽ عورت وري پيغمبر ڄڻيا ۽
پهرين مسلمان عورت ٿي ۽ بهشت ان جي پيرن هيٺان آهي
وغيره وغيره.
بهر صورت اها هئي شروعات خطن جي. ان کانپوءِ منهن
جي بدلي سيوهڻ جي ڊپٽي ڪليڪٽريءَ تي ٿي. جنهن جو
هيڊ ڪوارٽر ڪوٽڙي هو. آئون جڏهن سيوهڻ وييس تڏهن
مرحوم محمد صالح (زينت جي والد سان ملڻ ويس عذر
خواهي ڪرڻ سندس وڏي نالي يعني مرحوم علي محمد جي
جوانيءَ جي وقت ۽ فوت ٿيڻ ڪري مرحوم علي محمد سان
واقفيت پنهن جي دوست مرحوم پير الاهي بخش جي معرفت
ٿي جو ان وقت لاڙڪاڻي ۾ وڪالت ڪندو هو ۽ آئون
وارهه ۾ مختيارڪار هوس ۽ سندس واقفي مون سان مرحوم
رئيس علي محمد خان کهيڙي جي معرفت ٿي هئي. اهو سال
1933ع هو. مرحوم علي محمد ڪوريجو جڏهن گشت ۾ وارهه
۾ ايندو هو ته مون وٽ اچي ٽڪندو هو.
ان وقت ٻي جنگ عظيم چالو هئي ۽ مونکي سرڪار اول
ڪلڪته پوءِ لاهور جي سول ڊفينس ڪاليج ۾ هوائي
جهازن جي حملي کان شهرن ۾ بچاءَ جا طريقا سکڻ لاءِ
موڪليو هو ۽ ان بعد ڪوٽڙيءَ ۾ انڪري مقرر ڪيو جو
ڪوٽڙيءَ جي پل بچاءَ جي لحاظ کان خاص اهميت ٿي
رکي ۽ سرڪار آرڊر ڪيو هو ته جيسين جنگ جاري هوندي
تيسين مسٽر چنه کي ڪوٽڙيءَ ۾ رهڻو پوندو جو هو
پنهنجي عهدي سان گڏ ڪوٽڙيءَ شهر ۽ پل جو هوائي
جهازن جي حملي جي بچاءَ جو آفيسر به ٿي رهندو.
رات جي وقت پل تان وڃڻ جي ڪنهن کي به اجازت ڪانه
هوندي هئي ايتريقدر جو رات جو ريل گاڏيون به ڪونه
هلنديون هيون ۽ حرن جي تحريڪ به انگريزن جي
برخلاف زور هئي.
هڪ دفعي مرحوم پير محمد چنه بئريسٽر (زينت جو
ماروٽ) جو ان وقت سول سرجن حيدرآباد جو هيڊ ڪلارڪ
هو ۽ حيدرآباد ۾ صدر ۾ رهندو هو ۽ مون سان گهڻي
وقت کان واقفي هيس جو هڪ دفعو مون ساڻس چڱي مدد
ڪئي هئي سو مون وٽ منجهند جي وقت آيو ۽ اچي چيائين
ته زينت ۽ سندس ساهيڙيون جي سندس زيردستيءَ ۾ وٽس
ماسترياڻيون آهن سي سيوهڻ کان اچن ٿيون ۽ تون مون
سان گڏجي هل جو ڪوٽڙي کان پوءِ کين گاڏي حيدرآباد
لاءِ مٽائڻي پوندي جا گاڏي ٻن ڪلاڪن کانپوءِ
ڇڏيندي ۽ ايتري وقت لاءِ زناني سيڪنڊ ڪلاس جي
ويٽنگ روم کولائي ڏجانءِ ۽ جو هونءَ هنن وٽ انٽر
ڪلاس جا ويٽنگ روم ڪونه هوندا هئا. مان ساڻس گڏجي
ويس ۽ گاڏي اچڻ بعد جڏهن زينت ۽ سندس هندو
ساهيڙيون آيون ته مون هنن کي زنانه ويٽنگ روم
کولائي ڏني ۽ مان پاڻ مردانه ويٽنگ روم ۾ وڃي
ويٺس. هندو ماسترياڻين کي ته پردو ڪونه هو پر زينت
پڙدو ڪندي هئي ۽ برقعو هوس ان ڪري مان وڃي مرداني
ويٽنگ ۾ ويٺس ٿورن منٽن کانپوءِ مرحوم پير محمد
مون وٽ آيو ۽ مون کي چيائين ته تون به هلي اسان
وٽ ويهه مون کيس چيو ته زينت پردو ٿي ڪري ان ڪري
مان ڪيئن ٿو هلي سگهان. مرحوم پير محمد چيو ته هو
منهنجي ڀيڻ آهي ۽ مان توکي پاڻ سان وٺي هلي ٿو
واقفيت ڪرايان تنهن ڪري تون ڪوبه خيال نه ڪر. مان
ساڻس گڏجي زناني ويٽنگ روم ۾ ويس جتي مرحوم پير
محمد منهنجي واقفيت سڀني سان ڪرائي. زينت کي سندس
ماسترياڻيون ”دادي“ چونديون هيون. مون شربت وغيره
گهرائي سندن تواضع ڪيو. وقت تي جڏهن گاڏي آئي ته
سڀئي پير محمد سميت روانا ٿي ويا ۽ آءٌ ڪوٽڙي واپس
آيس.
ٿورن هفتن بعد جڏهن آئون سيوهڻ ويس ته زينت جي
والد مرحوم منهنجي پنهنجي گهر مهماني ڪئي جنهن ۾
سڀني گهر جي ڀاتين ۽ مون گڏجي هڪ ميز تي رات جي
ماني کاڌي ۽ دير تائين ڪيترين قسمن جون ڳالهيون
بحث ۽ دليل ٿيا.
هن وقت تائين زينت ۽ منهنجي وچ ۾ جيڪا خط و ڪتابت
ٿيندي هئي تنهن ۾ عبارت ۾ مان کيس ”همشيره صاحبه“
لکندو هوس ۽ هوءَ مون کي ”برادرم صاحب“ لکندي هئي.
هن دعوت بعد جڏهن مان ڪوٽڙيءَ واپس آيس ته زينت کي
دعوت شڪريه جو خط لکيم ۽ ان ۾ عبادت ۾ ”همشيره
صاحبه“ بدران ”محترم خاتون“ لکيم. جواب ۾ زينت مون
کي لکي موڪليو ته تنهنجي عبارت مون کي پسند نه
آهي. مون کيس جواب ۾ لکيو ته منهنجي غفلت معاف
ڪئي وڃي مگر آئينده مان اصل خط ئي ڪونه لکندس.
ڪجهه هفتن بعد زينت لکيو ته مون خط لکڻ کان منع
ڪانه ڪئي آهي. مگر عبارت جي تبديليءَ تي اعتراض
ڪيو آهي.
مون ڪي هفته جواب ڪونه ڏنو. ان وقت مان ورهين ۾ به
ڪو خواب ڪونه ڏسندو هوس پر جيڪڏهن ڪنهن جواب ۾
پنهنجو والد مرحوم ڏسندو هوس ته هو جيڪي مون کي
ٻڌائيندو هو سو بلڪل سچ نڪرندو هو. هڪ دفعي جڏهن
مان ميرپور خاص ۾ بيراج مختيار ڪار هئس ۽ عمر ڪوٽ
تعلقي جي ڪنهن ڳوٺ ۾ سرڪاري بنگلي ۾ اڪيلو ورانڊي
۾ ستو پيو هوس. ته خواب ۾ پنهنجي والد کي ڏٺم.
کيسي مان هڪڙو ڪاغذ ٽائيپ ٿيل ڪڍي ان تي هٿ رکي
فقط جتي منهنجو نالو ٽائيپ ٿيل هو اهو ڏيکاري
چيائين ته هيءَ لسٽ آهي انهن مختيارڪارن جي جن کي
ڊپٽي ڪليڪٽريءَ جي عهدي تي واري سان کنيو ويندو.
مون کيس چيو ته هٿ پاسي ڪيو ته باقي نالا به ڏسان
جواب ۾ چيائين ته مون کي رڳو اها اجازت آهي ته رڳو
توکي تنهنجو نالو ڏيکاريان سو رڳو اهو ڏس. ائين
چئي ڪاغذ موٽائي کيسي ۾ وڌائين ۽ مان جاڳي پيس.
هيءَ سال 1941ع هو. سو ڪوٽڙيءَ ۾ جڏهن مون ڪاغذ
لکڻ بند ڪيو هو تڏهن هڪ دفعو مون خواب ۾ ڏٺو ته
هڪڙو وڏو بيابان آهي مان ان ۾ سخت اڃ سبب پريشان
پاڻيءَ جي ڳولا ۾ هلي رهيو آهيان ته پري کان ڪنهن
هنڌ دونهون پيو ڏسڻ ۾ اچي خيال ٿيم ته اتي ضرور
ڪا وسنهن هوندي ۽ پاڻي ملي ويندو ته مان اوڏانهن
ويس در تي بيهي آواز ڏنم ته اڃ اٿم ڪو مون کي پاڻي
پياري اندران هڪڙي ڇوڪري پاڻيءَ جو وٽو ڀري آئي.
مون کيس ڏسي دل ۾ خيال ڪيو ته هن پرائي ڇوڪريءَ
کان پاڻي ڪيئن وٺان سو واپس ٿيڻ لڳس ته ڇوڪريءَ
چيو ته مان ”زينت“ آهيان منهنجي هڪ ڀاڻيجه جو نالو
به ”زينت“ آهي سو صفائي لاءِ وري چيائين ”محبوب
عليءَ جي ڀيڻ مون کانئس پاڻي جو وٽو وٺي پيتو ۽
سندس مهرباني مڃي واپس ٿيس. |