سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون 1996ع

مضمون --

صفحو :2

 

شمشيرالحيدري

سنڌيءَ ۾ رزمي شاعري

حب الوطني انسان ذات جي هڪ قديمي، جمهوري ۽ عالمگير خصلت آهي. جنهن جي ڪري دنيا جون مختلف قومون ۽ انهن جون مخصوص تهذيبون، مختلف ملڪ ۽ انهن جون مقرر سرحدون ڪيترن زماني کان پنهنجيءَ پنهنجيءَ جاءِ تي قائم ۽ برقرار آهن. اها ئي انساني وصف آهي، جيڪا ڪنهن قوم  جي مخصوص اخلاقي نظام کي جنم ڏئي ٿي. ۽ ان جي فردن ۾ قومي غيرت، شجاعت، جدوجهد، خدمت، سخاوت، سچائيءَ ۽ قربانيءَ جي مقدس جذبن جي پرورش ڪري ٿي.

حب الوطني انسان ذات جي عظيم ميراث آهي. ۽ ان تي فخر ڪرڻ لاءِ پنهنجي شعر، ۽ ادب ۾ هر  ملڪ وٽ اهڙا مثال محفوظ آهن جيڪي حق ۽ باطل جي تصادم جي تاريخ ۾ سندس قومي ڪردار جي عڪاسي ڪن ٿا. مهراڻ جي ماٿري به اهڙن فخر لائق ڪارنامن کان خالي نه آهي. بلڪه سورهيائي ۽ سرويچي، سخا ۽ سچائي هن سر زمين جي قومي اخلاق جون نمايان وصفون رهيون آهن.

جيتري قدر شاعريءَ جو تعلق آهي، اها انسان جي بنيادي جذبن ۽ احساسن جي ترجماني ڪندڙ  آهي. انسان پنهنجي سماجي حياتيءَ جي سمورن مرحلن ۾، پنهنجن بهترين مقصدن جي حاصلات  خاطر، بدترين، مصيبتن سان جنگ جوٽيندو رهيو آهي.  شاعري ان ڪري اندروني جذبن جي اظهار سان گڏ، ٻاهرين احساسن جي اپٽار به ڪري ٿي. ساڳئي وقت، پنهنجي ارتقائي تاريخ جي لحاظ کان، شاعري اول ڪنهن دور ۾ بادشاهي درٻارين سان وابسته رهي آهي. جتي[1] ”رزم“ ۽ ”رومان“ هڪ ئي ميدان تي اچي ٿي مليا. رومان اڪثر  حالتن ۾ رزم آرائي جو سبب بنيو آهي. يا شاعرن ڪو نه ڪو رومانوي سبب پيدا ڪري ورتو آهي. ۽ اهڙي ريت هنن بادشاهن  ۽ بهادرن کي آدرشي ڪردار بنائي قومي ناموس، شان ۽ عظمت جا ترانا ڳايا اهن. رزميه شاعريءَ جو اهو مخصوص دور تقريباً سڀني زبانن ۾ رهيو آهي. مغرب ۾ ”ايپڪ“ شاعري ان جو مثال آهي. ۽ ننڍي کنڊ جي قديم هندي شاعريءَ ۾ ٻارهين صدي عيسويءَ کان چوڏهين صدي تائين ”ويرگاٿا“ جو دور مشهور رهيو آهي. اهو ئي هتي (يارهين کان چوڏهين صدي عيسوي تائين) سومرن جي حڪومت جو دور آهي. جنهن ۾ سنڌي جا اڪثر عشقي ۽  رزمي قصا (سسئي پنهون، سورٺ راءِ ڏياج، مومل راڻو، ليلا چنيسر، سومرن ۽ گجرن جي لڙائي جو قصو وغيره) وجود ۾ آيا ۽ اهو ئي دور آهي جڏهن کان اسان کي سنڌي شاعري جي اوائلي تاريخ معلوم ٿئي ٿي. انهيءَ سلسلي ۾ (دودي چنيسر) واري جنگي داستان جون ڳاهون معلوم سنڌي شاعري ۾ سڀ کان آڳاٽيون چيون وڃن ٿيون. ان ڪري اسين چئي سگهون ٿا ته سنڌي شاعري جي شروعات ئي رزميه شاعريءَ سان ٿي آهي. يا ڪم از ڪم رزميه شاعريءَ جي  روايت سنڌيءَ ۾ شروع کان وٺي موجود آهي.

جيتوڻيڪ ”دودي، چنيسر“ جي ڳالهه وارين ڳاهن بابت محققن ۾ هن ڳالهه تي اختلاف آهي ته اهي  ڳاهون ڪي سومرن جي دور ۾ چيون ويون هونديون، ڇاڪاڻ ته انهن ۾ الحاقي جزا ايتري تعداد ۾ اهڙي انداز ۾ گڏجي ويا آهن جو اصل ۽ نقل قديم ۽ جديد جو فرق معلوم ڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي. انهن کي ڪنهن هڪڙي ئي دور جي تخليق  چوڻ ممڪن ناهي. تنهن هوندي به ڪن  بيتن جي ٻولي ۽ سٽا جي قدامت جي ساک ڀري ٿي.(1)

ازان سواءِ: محقق هن ڳالهه تي يقين رکن ٿا ته ”سنڌ دوهي جي ابتدا توڙي ارتقا سومرن جي دور ۾ ٿي چڪي هئي“(2) ۽ ”ڳاهون اصولي طور دوهن جي صورت ۾ منظوم مصراعون آهن.“ (3) دوهي جي صنف سان اسان کي هندي شاعري کان ملي آهي. جنهن پوءِ سمن جي دور ۾ قافيي جي هير ڦير جي تجربن سان ۽ ان کان پوءِ مصراعن ۾ اضافي جي تجربن سان ”بيت“ جي صورت اختيار ڪئي آهي. ازان سواءِ  ساڳئي ئي  زماني ۾ هندي، جي رزميه شاعريءَ جو مرڪز زياده تر راجپوتانا جون رياستون هيون آهن.(1) ۽ سومرن جا مکيه مرڪز به عمر ڪوٽ ۽ وڳهه ڪوٽ هئا. انهيءَ ڪري  سومرن جي دور کي هنديءَ جي رزميه شاعريءَ واري ”وير گاٿا ڪال“ جي فني روايتن سان ڀيٽيندي يقين ڪري سگهجي ٿو ته دودي چنيسر جو جنگي داستان  انهيءَ ئي زماني ۾ جڙيو هوندو، ٿي سگهي ٿو ته اهو شروعات ۾ مختصر ۽ نامڪمل هجي جنهن کي پوءِ جي سگهڙن وڌايو ۽ مڪمل ڪيو آهي. يا زماني جي تبديلين سان ان جو ڳچ حصو ڪنهن طرح گم ٿي ويو هجي ۽ اسان تائين اصلي طرز جا ڪي ٿورا بيت پهچي سگهيا هجن. بهرحال ”دودي،  چنيسر“ جو رزمنامو“ سنڌي شاعريءَ ۾ قومي ناموس ۽ عظمت جي ابتدائي روايت آهي. ۽ ڳوٺ ڳوٺ، ۾ اهو داستان صدين کان وٺي ڳائبو اچي.

واقعاتي لحاظ کان پنهنجن ملڪي معاملن ۾ ٻاهرين دست اندازيءَ خلاف دهليءَ جي سلطان سان سومرن جي اها جنگ، قومي غيرت ۽ خود داريءَ، وطن دوستي، ۽ دليري، سچائي ۽ قرباني جو زبردست ڪارنامو آهي. تاريخ جي ڪن جزوي مغالطن جي باوجود اسان وٽ ان جا مڪمل حالات موجود آهن جن ۾ شاعرن ڪيترائي طلسمي ۽ رومانوي واقعا شامل ڪري قصي کي وڌيڪ دلچسپ ۽ پراثر بڻايو آهي.

قصي جي عام روايت موجب دودو ۽ چنيسر سومرن جي حاڪم ڀونگر جا پٽ هئا، دودو ڏاڏي پوٽي مان، چنيسر ڌاري زال مان،  پيءُ جي مرڻ بعد گادي جي مسئلي تي اميرن ۾ اڻ بڻت ٿئي ٿي ۽ آخر ڪار فيصلو ٻاگهڻي ٻائي تي ڇڏيو ويو جيڪا ڀونگر جي ڏاڏي پوٽي ڌيءَ آهي ۽ ٻنهي ڀائرن کان وڏي آهي. ٻاگهي  تخت وڏي ڀاءُ چنيسر کي ڏياري ٿي چنيسر پنهنجي ماءُ کان موڪل وٺڻ لاءِ ڀريءَ درٻار مان پڳ ٻڌڻ کانسواءِ اٿي هليو وڃي ٿو. جا ڳالهه راڄڌاني جي لحاظ کان ان وقت سخت معيوب سمجهي وڃي ٿي. چنيسر کي ”زنانو“ سمجهي راڄ وارا دودي کي پڳ ٻڌڻ تي مجبور ڪن ٿا. دودو ڏاڏي پوٽو آهي. ۽ بيحد بهادر ۽ لائق آهي. تنهن ڪري سومرن توڙي سوڍن جا سڀ راڄ گهڻو  راضي ٿين ٿا.

جت سوڍا سومرا، راڄ مڙوئي مڙن،
پاڪ تت دودي شير تي دمر دهل وڄن
خلقون مراچن، دودل جي درٻار ۾.

 

چنيسر ڪاوڙجي، دهليءَ جي سلطان علاءُ الدين وٽ دانهين ٿي وڃي ٿو ۽ کيس پنهنجي ڀيڻ ٻاگهيءَ جي سڱ جي لالچ ڏئي کانئس لشڪر جي مدد وٺي اچي ٿو دودوي کي چڙهائي جي خبر پوي ٿي. ته هو پهرين سلطاني لشڪر جي مهندار ڏانهن خود چنيسر جي هوئڻهار پٽ ”ننگر“ کي ڪجهه ماڻهو ساڻ ڏئي ايلچي موڪلي ٿو. نوجوان ننگر جو اهو تاريخي ڪردار  قومي غيرت جو شاندار مثال آهي. جيڪو اٿاهه لشڪر جي هجوم ۾ ٻاگهيءَ جو سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏي ٿو ۽ بر وقت لڙائي جو آغاز ڪري پنهنجن سمورن ساٿين سميت قربان ٿي وڃي ٿو. دودي جي  همراهي ۾ پهرين سندس دوست، عمر ڪوٽ جو حاڪم هاسو سوڍو راڄ سميت سلطاني لشڪر سان سامهون ٿئي ٿو ۽پنهنجو سر قربان ڪري ٿو. جڏهن دودي کي ڌارئين لشڪر جي اڳيان اچڻ جي خبر پوي ٿي تڏهن شاهي خاندان جي سمورين عورتن کي، پنهنجي ڀيڻ ٻاگهيءَ سميت ڪچڇجي نامياري حاڪم ڄام ابڙي سمي،  ڏانهن سام ڪري موڪلي ٿو. ۽ خود سڀني ساٿين سميت سر ڏيڻ لاءِ تيار ٿي وڃي ٿو.

ويس جن جا سون جا، عاجاوان ارٽ،
سام وڃن ابڙي ڏي، ڇڏي ڇانءَ ڇپٽ،
گهر، ماڙيون ۽ پٽ، ساڙي هليون سومريون.

 

”سام پوڻ“ جو قديم اخلاقي اصول فقط سنڌ  سان ئي مخصوص آهي. جنهن موجب هارايل ڌر کي عورتن جي عصمت جي نگهداشت کٽندڙ ڌر تي لازم هئي، يا وري، جنگ جي حالت ۾ جنگ ڪندڙ حاڪم يا سردار جو ڪو  وفادار دوست انهن عورتن جي ذميداري قبول ڪندو هو. اها هڪ اهڙي اخلاقي ذميداري هئي جنهن جي پوئواري هر قسم جي نقصان ۽ خطري تي حاوي، فرض ۽ ايمان جي حد تائين لازم سمجهي ويندي هئي. سنڌ کان سواءِ اها روايت فقط عربن جي بدوي قبيلن ۾ ملي ٿي. جنهن موجب هو  جنگ ۾ هٿ آيل عورتن جي حرمت پاڻ تي فرض ڄاڻيندا هئا. بلوچ قبيلن ۾ البته اهو رواج آهي،ظاهر آهي ته اها ذميداري بيحد ڪٺن ۽ بيحد جوکي واري آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڄام ابڙي طرفان سومرين کي ”سام وٺڻ هڪ عظيم اخلاقي جرئتمندي جو ڪم سجهيو ويو ۽ اسان جي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ هن قومي سورمي کي گهڻو ساراهيو ويو.

بهرحال ٻنهي طرفن کان زبردست جنگ هلي، جنهن ۾ دودو زبردست دليريءَ جو مظاهرو ڪري ٿو

واچوڙي جيئن،  وچڙي، گينور گوڙ ڪياءِ،

ڏهه لک ڏهن اڳرا، ماري خلق وڌاءِ،

سورهيه سڀ ٿياءِ، ويري سڀ وچڙي ويا.

آخر ڪار سڀني ساٿين ۽ سپاهين سميت دودو به وطن تان پنهنجو سر  صدقي ڪري ٿو ڇڏي:

ست هٿيارا، سومرا، مٿي تو ڪا ناهه،

سمن سوڍن وچ ۾، مر مرڪي ماءُ سندياءِ،

ڏاڙهي ڏاڙهون ڳل جيان، رچي لال ٿياءِ

هئين سپاهي راءِ، پيو آهين پڙ ۾.

سلطاني لشڪر پوءِ فتحيابيءَ سان روپاهه ۾ شهر اچي، ساهي ڪوٽ اندر داخل ٿئي ٿو، ٻايون ۽ ٻانهيون ڪين ته آهن، پر سڀني پاسي ڀڙڀينگ لڳي ويو آهي پوءِ هو ڄام ابڙي تي ڪاهي اچن ٿا. جنهن سومرن جون سامون جهليون  آهن  ابڙو زبردست اخلاقي جرئت جو مظاهرو ڪندي سامن ڏيڻ کان انڪار  ٿو ڪري. ابڙي کان اڳ سندس سرحدي دوست حاڪم جاڙيجا، سندس طرفان بادشاهي لشڪر جو مقابلو ڪري، پاڻ قربان ڪن ٿا. ابڙو تمام هاڪارو پهلوان آهي ۽ هو بيحد بيجگريءَ سان مقابلو ڪري ٿو. اها جنگ نه بلڪ جنگاهه آهي.

سج نه ڪري سوجهرو، ڌان ڌان ڌو ڌڌڪار،

اتي ابڙو ائين وڙهي، جئين پاڻي ٻوڙي تار!

ابڙاڻي ابڙو، سڄي ڪنڊ ڪٿان،

ڏئي منهن مهند ۾، سامهون سن منجهان،

تنهن جي اڳيان، بيهي سگهي ڪونه ڪو!

سچار سورهيه ابڙو به پنهنجي پٽ ”ممٽ“ ۽ سمورن ساٿين سميت سر ڏئي سرهو ٿي ٿو. سموريون  سومريون پوءِ ستيون ٿين ٿيون ۽ ان طرح اهي به پنهنجي لڄ ۽ ناموس تان پاڻ قربان ڪريو ڇڏين.

دودي، چنيسر جي انهي جنگي داستان جون ڳاهون سون جي تعداد ۾ آهن، جن جي شروع کان وٺي آخر تائين هر هڪ واقعي جي سلسليوار ۽ تفصيلي بيان ڪيل آهي. دودو سونهن، سياڻپ ۽ سورهيائي جو مجسمو، حب الوطني ۽ قرباني جي جذبن سان سرشار، مکيه سورمو آهي. جيڪو  اسان جي قومي ڪردار جي بهترين نمائندگي ڪري ٿو. ڄام ابڙو، شهزادو ننگر، ٻاگهي، هاسو سوڍو، ممٽ ابڙو، جاڙيجا سردار ۽ داستان جا سمورا ڪردار واقعا، مڪالما ۽ جنگي ميدانن جا منظر حب الوطنيءَ ۽ قربانيءَ جي پر خلوص جذبن سان لبريز، سچائي ۽ جوش سان ڀرپور آهن.

اهو رزميه داستان آڳاٽي  سمي کان وٺي ڀٽن ۽ ڀانن حب الوطنيءَ جي جذبي سان ڳايو ۽ صدري روايتن ذريعي مختلف دورن جي سگهڙن کان رنگ وٺندو اسان تائين  پهتو آهي. پنهنجي پکيڙ ۽  سلسلي، تفصيلي ۽ تمدني جزيات جي بنياد تي، اها تصنيف”رزميه داستان“ جي مخصوص فني وصف سان ٺهڪي اچي ٿي، رزميه داستان  جي اها روايتي خاصيت آهي ته ان ۾ ڪنهن هڪ ئي مهم يا جنگ جو مفصل ۽ مسلسل بيان هجي ۽ اها جنگ ٻن مخصوص تمدنن جي وچ ۾ لڙي  وئي هجي.”مها ڀارت“ ۽  هومر جو ”ايلئڊ“ ان جا خاص مثال آهن،ڪي اهڙا رزمي داستان به آهن جن ۾ ڪنهن هڪڙي جنگ جي احوال بدران ڪنهن هڪڙي ڪردار يا سورمي جي مختلف جنگين ۽ ڪارنامن جو بيان هوندو آهي. هندي جي پهرين تسليم  ٿيل وڏي شاعر چند بردائيءَ جي تصنيف ”پرٿوي راج راسو“ ان جو مثال آهي. ٻنهي حالتن ۾ پنهنجي خاصيت جي بنياد تي اهو پنهنجي دور جو هڪ اعليٰ تمدني ڪارنامو هوندو  آهي ۽ تنهن ڪري ان ۾ قومي ۽ ملڪي خاصيتن جا پر جوش جذبا هر سٽ ۾ سمايل نظر ايندا. ان جا سورما قومي ڪردار جا عظيم نمائندا آهن. ۽ سندن جنگي ڪارناما وطن جي راهه ۾ سر فروشيءَ ۽ قربانيءَ جي عوامي جذبن جي ترجماني ڪن ٿا.

جيتري قدر ”رزميه داستان“ جو تعلق  آهي. سنڌي شاعريءَ ۾ اهڙا ڪيترائي داستان چيا ويا آهن، پر مخصوص فني ۽ روايتي خاصيتن جي بنياد تي، دودي، چنيسر جي داستان کان سواءِ اسين انهن مان فقط ”سنڌ جي شاهنامي“ کي انهيءَ زمري ۾ شمار ڪري سگهون ٿا. باقي ٻيا جنگناما ۽ اهڙيون سموريون تصنيفون ”رزميه شاعري“ جي عام دائري ۾ اچن ٿيون. اهي جنگ ناما مڪاني قوتن ۽ قبيلن جي لڙاين تي ٻڌل آهن يا وري غير مسلسل ۽ مختصر پيرائي ۾  چيل آهن،.

در اصل اسان جي رزميه شاعريءَ جا مختلف پهلو آهن، (1) اهي داستان  ۽ جنگ ناما جن ۾ ڪنهن  خاص جنگ جو تفصيل ۽ ان جي سورمن جا ڪارناما بيان ڪيل آهن (2) اهي مسلسل واقعاتي بيت ڳاهون نظم، گيت وغيره جن ۾ ڪنهن جنگ جو مختصر ۽ اڻ پورو بيان يا ڪن واقعن ۽ سورمن جو ذڪر ڪيل آهي. (3) اهي مفرد ڳاهون ، بيت  ۽ جنگي نعرن جون منظوم مصراعون جن ۾ ڪنهن نه ڪنهن لڙائيءَ جي واقعي يا قومي سورمي ڏانهن اشارا آهن، (4) اهي بيت، نظم، گيت وغيره جيڪي عملي طرح” جنگ“ متعلق نه آهن، پر اهي ڪنهن ڌارئين اقتدار جي مقابلي ۾، مختلف دورن۾ وطن جي حفاظت ۽ آزاديءَ جي عوامي تصور سان وابسته آهن.* اهي  سموريون چيزون  اسان جي قومي ڪردار جي  تاريخ کي نمايان ڪن ٿيون ۽ اهي رزميه شاعريءَ جي بنيادي سرچشمن سان وابسطه آهن. يعني حب الوطنيءَ جي جذبي سان پر انهن مڙني جو تفصيل ۽ پس منظر ڪافي طويل ٿيندو. تنهن ڪري اسين پنهنجي رزميه شاعريءَ جا ڪي مکيه نشان مرتب ڪنداسين.

سومرن  جي دور ۾ اسين دودي چنيسر جي مڪمل جنگي داستان جي اهميت واضح ڪري چڪا آهيون، انهي سلسلي ۾ سومرن جي گجرن سان لڙائي، بابت ڳاهون به اسان وٽ موجود آهن جيڪي دودي چنيسر کان البته آڳاٽي دور سان تعلق رکن ٿيون.  پر  اهي تعداد ۾ ان کان گهڻو گهٽ آهن. گجر قوم جا راءَ گهڻي وقت تائين سومرن جي سحد سان هٿ چراند ڪندا رهيا. اوائلي دور ۾ پنهنجين ڪمزور حالتن سببان سومرن کي گجرن سان آخر ٺاهه ڪرڻو پيو. جنهن موجب سومري حاڪم، ڀونگر راءِ، گجرن کي سڱ ڏيڻو ڪيو. پر اڳتي هلي ڀونگر جي پٽن ڏونگر راءِ ۽ دودي (لهري) اها ڳالهه پنهنجي قومي غيرت ۽ خودداريءَ جي خلاف سمجهي ۽ سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو انهي ڪري ٺاهه ختم ٿي ويو. ۽ گجرن جو لشڪر سنڌ تي ڪاهي آيو. دودي کي جڏهن  چيائون ته ”ڪا ٻانهي گولي کي گجرن کڻي سڱ ۾  ڏياري موڪل“ ته هن جواب ڏنو.

جر نه کٽن ڪنگرين، راو نه ڳنڍين ويڻ،

گولي ويئي گجرين، تو چندا دودي ڀيڻ.

ٻنهي ڀائرن پوءِ گجرن سان مڙساڻو مقابلو ڪيو ۽ ان طرح قومي ناموس جو مثال قائم ڪيو.

جيئن مٿي چيو ويو آهي سومرن جو دور سنڌي ۾ رزميه شاعري جو خاص دور آهي جنهن ۾ ان جي ابتدائي روايت قائم ٿي ان کان پوءِ به هن سر زمين  جي هر تاريخي دور ۾ ٻاهرين طاقتن  جي حملن ۽ مداخلتن جا سوين مثال ٿي گذريا آهن ۽ هر ڀيري انهن جو زبردست مقابلوڪيو ويو آهي، هر دور جي شاعرن، رزميه شاعريءَ جي روايتن کي قائم  رکندي، ڪنهن نه ڪنهن انداز ۾ انهن لڙاين ۽ قومي سورمن جو ذڪر تفصيل يا اشاري سان پيش ڪيو آهي.

سومرن جي دور کان پوءِ سمن جو دور به مقامي سياست جي اقتدار جو دور هو. جنهن ۾ دهليءَ جي سلطنت پاران بار بار مداخلت ڪئي وئي ۽ اقتدار جي ارغونن ڪيترا حملا ڪيا. انهيءَ سلسلي ۾ سمن پنهنجيءَ سر زمين جي آزادي کي برقرار رکڻ لاءِ دهلي جي ٻن زبردست بادشاهن سلطان محمد بن تغلق ۽ سلطان فيروز شاهه  تغلق ۽ قنڌار جي حاڪم شاهه بيگ ارغون سان مقابلا ڪيا. سلطان محمد تغلق ٺٽي جي ويجهو گذاري ويو. جتي سندس ڀائيٽي فيروز شاهه حڪومت جي واڳ سنڀالي، ۽ سمن سان لڙائي ڪرڻ بنا ئي دهلي موٽي ويو. ان بعد هو ٺٽي تي چڙهائي ڪري آيو پر شڪست کائي گجرات ڏانهن ڀڄي ويو. سنڌي لشڪر انهي تي پنهنجي سوڀ جو هي نعرو بلند ڪيو.

ببرڪت پير پٺو،

هڪ مئو ٻيو ٺٽو.

(سلطان محمد تغلق مري ويو ۽ سلطان فيروز تغلق ڀڄي ويو)

مٿيون جنگي نعرو سمن جي تغلق سلطان سان مقابلي ڏانهن اشارو ڪري ٿو. ۽ سنڌي ادب جي تاريخ ۾ محفوظ آهي.

سلطان فيروز  شاهه پوءِ گجرات کان موٽي ٻيهر اچي ٺٽي کي گهيرو ڪيو، ڪيترن ئي مهينن تائين سلطاني لشڪر جي دال ڪانه ڳري، آخرڪار مخدوم جهانيان جي ذريعي صلح ٿيو، ۽ سلطان فيروز شاهه حرفت  سان سمن سردارن، ڄام ٻانڀڻئَ ۽ ڄام جوڻي کي دهلي وٺي ويو، پويان ملڪ جي واڳ ڄام تماچيءَ جي حوالي رهي،  ۽ ان طرح مقامي اقتدار بحال رهيو. سلطان فيروز شاهه سنڌ تي اڻ سڌي تسلط جي سٽا موجب ڄام جوڻي کي پنهنجو ڪري، سنڌ جي حڪومت سندس حوالي ڪئي، هن اچڻ شرط ڄام تماچي ۽ سندس پٽ صلاح الدين کي نظر بند ڪري دهلي روانو ڪيو. جتي اهي سلطان فيروز شاهه جي وفات تائين اٽڪل  تيرنهن سال نظر بند رهيا ان وچ ۾ ڄام جوڻي خلاف جيڪو دهلي جي تابعداري هيٺ حڪومت هلائي رهيو هو، عوام ۾ زبردست اضطراب ۽ بيزاريءَ جا احساس پيدا ٿيا ۽ هو ڄام تماچيءَ جي آزاديءَ ۽  پنهنجي  مقامي اقتدار جي واپسي جي تمنا رکندا رهيا. انهي سلسلي ۾ شيخ حماد جو هيٺيون ”دعا جو بيت“ انهي جمهوري جذبي جي عڪاسي ڪري ٿو:

صلاح الدين تماچي، ايندا سيگهه سري،

جوڻا جڙ جپيو، پيس ڪوٽ ڪري. (1’)

مٿيون بيت جيتوڻيڪ ڄام تماچيءَ جي مٽي اچڻ جي فقط آرزو ٿو ظاهر ڪري، پر واقعاتي لحاظ کان ان جي پس منظر ۾ سلطان فيروز شاهه جي گجرات کان موٽڻ بعد ٺٽي تي چڙهائي ۽ ان  جا سمورا واقعا به اچي ٿا وڃن ڄام تماچي ان وقت جو مقبول عوامي سورمو  آهي. جنهن جي واپس اچڻ تي سڄي قوم سندس ساٿ ڏنو ۽ ڄام جوڻي کي شڪست ڏئي پنهنجي وطن جي خودمختياريءَ  کي نئين سر بحال ڪيو. هي اهو ئي ڄام تماچي آهي جنهن جو عشقي قصو ”نوري ۽ ڄام تماچي“ مشهور آهي

سمن جي آّخري دور ۾ ڄام نندي جي وزير ۽ سپهه سالار دريا خان جو نالو دليريءَ ۽ حب الوطنيءَ ڪري مشهور آهي. جنهن شاهه بيگ ارغون کي سخت شڪستون ڏنيون ۽ وري ڄام نندي جي ايامڪاريءَ ۾ سنڌ تي حملي ڪرڻ جو ست ئي ساري نه سگهيو. ”همون راٺوڙ“ سان سندس عشق جو قصور مشهور آهي.(1) لڪي جبلن وٽ شاهه بيگ سان جنگ ٿي رهي ئي ۽ مائي همون دريا خان کي پنهنجي سوڀ جي چتاءُ طور جبل جي چوٽي تي باهه جو مچ ٻارڻ جو تاڪيد ڪيو. پوءِ دريا خان آڙاهه مچ ٽڪري جي چوٽي تي ٻاريو.

دولهه دريا خان جا، ديهين دود دڳن،

انين جا اهاءَ تي، رات چُنو روجهن.(2)

هن سلسلي جا ٻيا به گهڻا بيت سگهڙن وٽ محفوظ آهن. جيڪي شاهه بيگ ۽ دريا خان جي جنگ سان متعلق آهن. سمن جي آخري حاڪم، ڄام فيروز  پنهنجي  هن محسن ۽ محب وطن سپاهيءَ کي گهڻو رنجايو. جنهن ڪري دريا خان ملڪي معاملن کان علحدو ٿي گوشي نشين بڻجي ويو. پر جڏهن شاهه بيگ ارغون آخري ڀيرو مڪمل تياري سان وري به ٺٽي تي ڪاهي آيو(1520)ع تڏهن هي سورهيه مرد پنهنجي حب الوطني جي جذبي کان مجبور ٿي جنگ جي ميدان ۾ ٽپي پيو.”ساموئي“ جي ميدان ۾، پنهنجي بهادري جا جوهر ڏيکاري آخرڪار هي سنڌي فوج جو عظيم سپهه سالار شهيد ٿي ويو پوءِ جي شاعرن هن قومي سورمي کي وڏي اهميت سان ڳايو آهي، جنهن جو ذڪر اڳتي ايندو، هن جنگ سان سنڌ تي ارغونن جي مڪمل حڪمراني  قائم ٿي ۽ جلد ئي ترخانن اقتدار سنڀاليو.

مٿي اسين چئي آيا آهيون ته شاعري پنهنجي اوائلي دور ۾ بادشاهي درٻارين سان وابسته رهي  آهي. ڀٽ، ۽ ڀان، چارڻ ۽ مڱڻهار وقت جي حاڪمن اڳيان سندن بزرگن، بهادرن ۽ سخي مردن جا ڪارناما ٻڌائي کانئن داد ۽ انعام حاصل ڪندا هئا، اهڙي ريت سنڌي جي رزميه شاعري سومرن حاڪمن جي سرپرستي ۽  همت افزائي سان اسري ۽ ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڳائي  وئي. جيتري قدر سمن جي دور جو  تعلق آهي اول ته سندن مڪمل  عروج واري وقت تائين سومرن جي ٽن سون سالن جي طويل حڪمراني جو اثر جاري  هو ۽ سومرن جا گهڻگهرا اڃا موجود هئا، جن جو ”پڙاڏو“ماموين جي بيتن“ ۾ ملي ٿو جي ”سمن جي عروج وقت سومرن جي خير خواهن طرفان اڳين حالت جي موٽجڻ جون تمنائون آهن.(1) اهو ئي سبب آهي جو عوام جي همدردي  حاصل ڪرڻ لاءِ هنن ڀٽن ۽ ڀانن کي جي ”ان وقت جون اخبارون“ هيون  تمام گهڻو ورسايو، ڀٽن ۽ ڀانن به سندن سخا ۽ ڏات جو ايترو ناماچار ڪيو جو اها ڳالهه سندس دور جي خاصيت بنجي وئي، ايتري قدر جو اها ڳالهه سنڌي شاعري جي هڪ اهم روايت بنجي وئي ۽ خاص طرح ڪلاسيڪي دور جي شاعري ۾ اهي ”ڏاتار“ قومي سورمن جي حيثيت سان شامل ٿي ويا. سمن جي دور جا”ڏهه ڏاتار“ مشهور  آهن (جهڙڪ لاکو ڦلاڻي، جکرو اوڍاڻي، سپڙ چوٽاڻي، جسودن آگرو، وڪيو  ڌنار وغيره) جن جي سخا جا قصا ان وقت ڳايا ويا ۽ اسان وٽ ان دور جون اڪيچار ڳاهون ۽ بيت موجود آهن. ازانسواءِ ساموئي واري آخري جنگ کان سواءِ هن دور ۾ ڪو خاص فيصلي ڪن معرڪو ڪو نه ٿيو. البت ڪي اندروني اقتدار جا واقعا، ۽ ٻاهرين مداخلت جون ڪوششون ٿينديون رهيون. جن جو عڪس ڄام تماچي بابت شيخ حماد جي مٿين بيان  ڪيل بيت ۾ نظر اچي  ٿو، ڀٽن ڀانن، ان ڪري سمن سردارن جي خوشنودي خاطر سندن سخا ۽ عشق جي قصن سان گڏ سندن سورهيائي جي عام  واقعن کي به ڳايو آهي. جيڪي اسان جي ”رزميه شاعري“ واري موضوع تي نٿا اچن.

ساموئي جي لڙائي بعد ارغونن ۽ ترخانن جي صاحبي شروع ٿئي ٿي. جيتوڻيڪ اهي هتي جا بنجي ويا ۽انهن هن ملڪ جي چڱي خدمت ڪئي پر اهي ديسي حاڪم نه هئا ۽سندن زبان فارسي هئي، فارسي سندن حڪومت جي زبان هئي. ۽ هو پاڻ به انهي زبان جا شاعر ۽ عالم هئا. جنهن ڪري فارسي جو زور ۽ مان ٿيو. سنڌ جي تاريخ حب الوطني ۽ غداريءَ، عوامي جدوجهد ۽ قتلام جو هي عبرتناڪ دور هو، انڙ پور جي لڙائي ۾ مرزا جاني بيگ جي شڪست بعد سنڌ مغل سلطنت ۾ شامل ٿي وئي. ۽ فارسي جي اوج ۽ عزت ۾ اضافو ٿيو. خود ديسي عالم به فارسي ۾ شاعري ۽ تصنيف تاليف ڪرڻ لڳا. نتيجي طور حاڪمن طرفان سنڌي شاعريءَ جي روايتي سرپرستي ختم ٿي وئي ۽ ان طرح پهريون ڀيرو سنڌي شاعري درٻار مان نڪري هاڻي عوامي حلقن ۾ اچي وئي. لازمي طرح حاڪمن ۽ سردارن جي سخا، سورهيائي ۽ عشقي ڪارنامن جي پٺڀرائي بدران قومي سورمن جي تعريف ۽ عموميت جو انداز پيدا ٿيو. ساڳئي وقت، ملڪ جي عام  سياسي صورتحال جي عوامي رد عمل طور شاعري ۾ اشاريت جو عنصر آيو، جنهن سان ”فن“ جي پختگي پيدا ٿي، شاعرن پنهنجن جذبن ۽ احساسن کي ديس جي ماحول ۽ زبان، قومي ۽ اخلاقي روايتن سان وابسته ڪري ڇڏيو. ان طرح سنڌي شاعريءَ جو اهو تاريخي”ڪلاسيڪي“ دور شروع ٿي ويو. جنهن جو پهريون نشان سمن جي آخري دور کان قاضي قاضن جي بيتن ۾ نظر اچي ٿو. ۽ ان کان پوءِ ارغون ترخان دور ۾  شاهه ڪريم ۽ مخدوم نوح پاران اهل دل بزرگ نمايان آهن. ڪلهوڙن جي اوائلي دور ۾ ميين شاهه عنايت جهڙو عظيم شاعر ۽ کانئس پوءِ  شاعرن جي سرتاج شاهه  عبداللطيف ڀٽائي،سنڌي  شاعريءَ جا اهي مثالي معمار آهن جن نه فقط تمثيلي انداز جون نيون راهون پيدا ڪيون  بلڪه انهن جي ذريعي پنهنجي شاعري جي اڳين قومي روايتن ۽ ڪردارن کي به قائم ۽ جاري رکيو. جهڙي ريت هندي ادب ۾ ”ڀڳتي“  دور جي شاعرن ۽ فقيرن شاعري جو رشتو درٻاري کان ٽوڙي جمهور سان جوڙيو. تهڙي ريت سنڌي شاعريءَ ۾ اهو ڪم ”تصوف“ جي شاعرن ڪيو. بهرحال تصوف جي تاڃي پيٽي ۾ ”رومان سان گڏ ”رزم“ جي  روايت به جاري رهي. شاعرن  نه صرف ماضيءَ جي جهونجهارن ۽ قومي سورمن جي ڪردار کي جيئرو رکيو بلڪه رومانوي ڪهاڻين جي ڪردارن کي به حب الوطني جي جدوجهد جو مثال بنائي عوام جي حوصلن کي بلند رکيو.

شاهه عنايت جي ڪلام ۾ هي ٽي بيت(1) دودي چنيسر ۽ علاءُ الدين واري جنگ سان واسطو رکن ٿا، جنهن ۾ ڄام ابڙي جو سومرين کي سام وٺڻ ۽ سندس بهادري جو ذڪر واضح آهي.

ٿر ڏونگر جي وچ ۾، منهن ڪئو اچن جي،

ڪٿي سمون ابڙو، سرڻيون جنهن ڳري،

سو مر موٽائي ڏي، مڇڻ اڇل عيراقين نه سهي!

******

گجي  ڏي گوڙيون، رڇلين ڳر سريڻين،

ڏسي هڏ نه ڏهسيو، در ڏير ڏوڙيون،

سي لاکي نه لوڙيون، جي تو اجهي ابڙا!

******

سر تان سرڻيون نه ڏيان، جي هميراڻا ٻار،

مون وٽ مهاڻين گهڻا، تون ڪرٺا ڪرمير ٺهار،

ابيٺو، ”عنات“ چئي ڳنهي جاڙيجا يار،

رڻمل رب آهار، ٿو سمون سونهريون هڻي!

شاهه لطيف جي ڪلام ۾ به سر بلاول ۾ ڪيترائي  بيت آهن جيڪي دودي  چنيسر ۽ علاءُ الدين واري جنگ تي ٻڌل آهن، ۽ انهن ۾ ابڙي ڄام سمي جي صفت آهي:

سمون تن سڏ ڪر، جن تي وڏو وير،

اٿئي ته آجي  ٿيان، پاءِ پاڳوڙي پير،

توريءَ ٻيو ڪير، سرڻين جا سوٺا سهي.

******

سرڻين جا سوٺا سهي، وسيلو ولهن،

لڏي ڪين،  ”لطيف“ چئي، اڳيان لال لکن،

جت ڪوڙين ڪين ڪڇن، ات پاٻوهي پڌرو.

******

جو ڇليون پسي نه ڇڪيو، تنهن واکاڻيو وک

لڏي ڪين ”لطيف“ چئي، لکن اڳيان لک،

پير نه موڙي پانهنجو، تکيءَ پيئي تک،

سرڻين ڏي نه سک، هڪل سين هالار ڌڻي.

******

آرڙو جي اٿيو، ديهن پيس دک،

لاٿائين ”لطيف“ چئي عالم تان اهک،

تن سرڻين ٿيا سک، جي اجهي آيون ابڙي.

******

آروڙ جي اٿيو، ديهين پيس دانهين،

پاٻوهيو پير کڻي، سمو سرڻين ڏانهن،

مٿان مٿي ٻانهن، اڀو آڇي سلطان کي.

******

علاءُ الدين آئيو، کڻي ڇل ڇڳير،

ڪنهين ڪين همٿيو ڪان جهليندو ڪير؟

سومري سام کنئي، ابڙي ڪيو اُٺ پير،

سو ساهو شير، پر مستوراتن مارايو.

******

ساڻين جي سک لئه، سام کنئي، سردار،

جي آيون ابڙي آڌار، سي سونگ نه ڏينديون سومريون!

******

ابڙو وٽوڙو، سوڙو جهلي سامن،

سرڻين جا سوٺا سهي، سمون سونهن سين،

تو در ترڪ اچن، ڪئن ڪريندين ڪڇ ڌڻي!

شاهه جون هيٺيون بيت سومرن ۽ گجرن واري مٿي بيان ڪيل جنگ سان تعلق رکي ٿو. جنهن ۾ ”ڏونگر راءِ“ طرفان گجرن کي سڱ ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ طرف اشارو آهي:

ٻين مڙني ڏنيون، ڏني نه ڏونگر راءِ
اڻ ڏٺين آڏو ٿئي، ڏٺيون ڏئي ڪياءِ
لوڙهيو لڪ مٿاءِ، تنهن مٿيري موٽائيون.
(سر بلاول)

ان کان پوءِ سنڌي جي رزميه شاعريءَ جي اهم تصنيف سنڌ جي پوئين ٽالپر حاڪم مير نصير خان (وفات 1446ع) جي وڏي فرزند، مير حسن علي خان (1824- 1919) جو ”فتح نامو“ آهي،جو هن مير صوبدار خان تخلص”مير“ (وفات 1946ع) جي فارسيءَ ۾ جوڙيل فتح نامي جي مثال تي جوڙيو آهي.(1) مير صوبدار خان پنهنجي والد مير فتح علي خان (پهرين ٽالپر حڪمران) جي نسبت سان  پنهنجي تصنيف جو اهو نالو اختيار ڪيو ۽ ساڳئي وقت ۾ ان ٽالپرن جي سياسي ۽ جنگي فتحيابين جو احوال منظوم ڪيو. مير حسن علي خان جو فتح نامو ان ڪري جيتوڻيڪ فارسي فتح نامي جو سنڌي نقش آهي پر اهو ڪو هوبهو ترجمو يا چرٻو ڪونه آهي، بلڪه واقعن جي سند خاطر فارسي نسخي کي بنياد بنائي بقول مصنف ، ان ۾ ڪيترائي اضافا به ڪيا ويا آهن. مير حسن علي خان جو اهو ”فتح نامو“ اصل ۾ تمام ضخيم ۽ تمام مفصل آهي جو مڪمل صورت ۾ اڃا  ڇاپي هيٺ نه آيو آهي، ان جو اختصار ”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي“ حيدرآباد پاران ”سنڌ جو شاهه نامو يا ڪلهوڙن جي هار“ جي نالي سان 1938ع ۾ شايع ڪيل اسان وٽ موجود آهي،”سنڌ جي شاهه نامي“ ۾ ميان سرفراز خان ڪلهوڙي جي وقت ۾ مير بهرام خان جي شهادت واري واقعي کان وٺي ڪلهوڙن جي زوال ۽ ٽالپرن جي ڪمال جو اهو سمورو تاريخي پس منظر پيش ڪيل آهي. جنهن جي نتيجي ۾ ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي مشهور ”هالاڻي“ واري جنگ لڳي ۽ ٽالپر سنڌ جا حڪمران بنيا. انهي سلسلي ۾ هالاڻي جي جنگ کان اڳ وارن انهن مڙني مقابلن جو بيان پڻ ”شاهه نامي“ اندر آيل آهي. جيڪي ٽالپرن کي ڪلهوڙن جي حڪومت پاران ڌارين طاقتن سان ڪرڻا پيا يا بعد ۾ ٽالپرن کي خود ڪلهوڙن جي مقامي حڪومت سان ڪرڻا پيا. ان ڪري هن ۾ ڪنهن هڪڙي جنگ يا ڪنهن هڪڙي حاڪم جي جنگي ڪارنامن جو احوال نه آهي. بلڪه مختلف حاڪمن يا قومي سردارن يا سورمن جا حالات پيش ڪيل آهن. پر سموري  بيان جو مرڪز هڪڙي ئي قوم آهي (يعني بلوچ قوم)  ۽  سمورا واقعا پس منظر طور انهي قوم جي مجموعي اقتدار جي ارتقائي صورتحال پيش ڪندا. آّخر ۾ هڪ وڏي جنگ جي نتيجي ۾ اچي ٿا ڇيهه ڪن، تنهن ڪري انهن ۾ تسلسل، تفصيل ۽ پکيڙ جون اهي خوبيون پيدا ڪيون ويون آهن جيڪي هڪڙي جنگي داستان لاءِ ضروري آهن. ساڳئي وقت ڪلهوڙن ۽  ٽالپرن جي مکيه مقامي مقابلي سان گڏ ڪيتريون ئي ٻاهرين طاقتن سان جوٽيل جنگيون، به هن ۾ موجود آهن. انهن مڙني ڳالهين جي بنياد تي دودي، چنيسر“ کان پوءِ ”جنگي داستان“ جي وصف اسين ڪنهن حد تائين هن جنگ نامي سان لاڳو ڪري سگهون ٿا. جيئن اڳ ۾ بيان ڪيو ويو آهي.

سومرن ۽ سمن جي  ڏيهي حڪومتن پڄاڻا، ترتيب وار ارغونن، ترخانن ۽ مغلن جي اٽڪل ڏيڍ سو سالن جي صاحبيءَ کان پوءِ ڪلهوڙن ۽  ٽالپرن جو دور مقامي سياسي اقتدار جي نئين سر بحالي جو دور آهي. تان جو 1843ع ۾ مياڻي ۽ دٻي جي لڙاين ۾ ميرن کي شڪست ڏئي انگريز اچي ملڪ جا والي بنيا، فارسي انهي سموري عرصي ۾ حڪومت ۽ علمي طبقي جي زبان  رهي، ۽ خاص ڪري سري جو ڀاڱو ڪلهوڙن کان  ڇڄي ويو، ايران ۽ قنڌار جي سلطنت سان مليو. سياسي لحاظ کان اهو سنڌ جي تاريخ جو انتهائي عجيب ۽ طلاطم انگيز دور  آهي. جنهن ۾ ڪلهوڙن جي صاحبي دوران ڪيترائي غير معمولي ۽ عبرت ناڪ واقعا ۽ حادثا  هن سر زمين تي ٿي گذريا. صوفي شاهه عنايت جي شهادت، ميان نور محمد ڪلهوڙي جي وقت ۾ کهڙن واري مخدوم عبدالرحمان جي شهادت، ميان سرفراز جو مير بهرام کي ناحق خون ڪرائڻ، ميان   عبدالنبي جو مير بجار  خان کي سازش ڪري مارائڻ ۽ ان کان پوءِ مدد خان پٺاڻ  هٿان سنڌ ۾ بيدردي سان عام ڦرلٽ ڪرائڻ ۽ بار بار ڌارين لشڪرن کي سڌ تي چاڙهي اچڻ، بلڪه سنڌ جا مختلف پرڳڻا انهن کي اجوري ۾ ڏئي ڇڏڻ، اهي سڀ اهڙا انوکا واقعا آهن جيڪي ٻئي ڪنهن  به دور ۾ نظر نه ٿا اچن. ڪلهوڙن جي پهرين حاڪم کان وٺي پوئين حاڪم تائين سخت ۽ سنگين حالتن جي انهي تيز ۽ مسلسل طوفان ۾ جتي هڪڙي طرف سجاڳ ۽ حساس دل شاعرن عوام جي دلين ۾ آس ۽ همت جي لاٽ کي روشن رکيو، اتي ٻئي طرف اهي سورهيه سپوت به عمل جي ميدان ۾ مصروف نظر اچن ٿا جن پنهنجي طاقت تدبر ۽ قرباني سان پنهنجي وطن جي هر حال ۾ حفاظت ڪئي. سنڌ جا اهي سچا سپاهي، سنڌي قوم جا اهي مثالي سورما،  ٽالپر خاندان جا عظيم محب وطن مجاهد آهن جن مسلسل ڏيڍ  صدي تائين سنڌ جي سلامتيءَ ۽ خود مختاري  کي برقرار رکڻ جو فرض ادا ڪيو.

بهادر بلوچ قوم  جو هي خاندان ڪلهوڙن جو مريد ۽ سندن سپاهه هو، ڪلهوڙن جي حڪومت ۾ شروع کان ئي هي خاندان سنڌ جي سياست ۽ سرحدن جو محافظ  هو ۽ ميان يار محمد ڪلهوڙي ۽ ميان نور محمد ڪلهوڙي جي وقت ۾، فوج جو سپهه سالار مير شهداد خان ٽالپر هو، کانئس  پوءِ سندس پٽ مير بهرام خان ڪلهوڙن جي فوج جو سپهه سالار ٿيو. هن ئي ميان مراد ياب کي تخت تان لاهي ميان غلام شاهه کي سنڌ جو حاڪم بنايو. ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو وڏي ۾ وڏو حاڪم شمار ٿئي  ٿو. جنهن جي طرفان مير بهرام خان ڪيتريون ئي جنگيون جيتيون ۽ ڪيترائي علائقا فتح ڪري سنڌ سان ملايا. ميان غلام شاهه  کان پوءِ ميان سرفراز خان گادي تي ويٺو هو جيتوڻيڪ ڏاهو ۽ هر دل عزيز حاڪم هو پر پنهنجي صلاحڪار وزير راڄ ليکيءَ جي برغلائڻ ۾ اچي مير بهرام خان کي ڀري درٻار ۾ شهيد ڪرايو. مير بهرام خان پنهنجي قوم جو  سردار هو. جنهن ڪري سڀني بلوچن جو پنهنجن ڪلهوڙن مرشدن مان اعتبار ڀڄي ويو ۽ پهريون ڀيرو کين پنهنجي طاقت ۽ تنظيم جو ويچار جاڳيو”سنڌ جو شاهه نامو“ هالاڻيءَ واري جنگ جي انهي اوائلي پس منظر کان شروع ٿئي ٿو:

”چيئون، اڳتي ڪهڙو رکون آسرو،
هي پيري، مريديءَ مان ٿيو فائدو،
ڪيا قتل سردار جنهن بي خطا،
اسان کي سو جيئرو ڇڏيندو ڀلا!
روئڻ مان اگر، ايندو هٿ ڇا ڀلا؟
اچو تان ڪريون اهڙي تدبير ڪا،
ڪريون ڪم، رهي جنهن کان نام ونشان،
ٿي پيوند دشمن وڃي خاڪ سان،“

مير بهرام خان کان پوءِ سندس فرزند مير بجار خان جو ڪردار هڪ مثالي مدبر ۽ محب وطن جو ڪردار آهي، جنهن انتهائي صبر ۽ ضبط سان حالتن کي وڌيڪ بگڙڻ کان بچايو. هن هڪڙي طرف سنڌ جي حفاظت  لاءِ ٻاهرين طاقتن سان مقابلا ڪيا ته ٻئي طرف، خود وقت جي ڪلهوڙي حاڪم کي شڪست ڏيڻ بعد به پاڻ حڪومت جي هوس نه رکي. سندس وطن دوستيءَ جو اندازو انهيءَ مثال مان لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن قلات جي حاڪم کيس پنهنجي پيءُ جي قتل جي وير وٺڻ لاءِ لشڪر جي مدد آڇي تڏهن پاڻ ائين چئي انڪار ڪري ڇڏيائين ته”پنهنجي ملڪ تي ڌارئين لشڪر کي چاڙهي وڃڻ مون کي منظور ناهي!“

چيو ميرڪ”اي خانِ با عز وجاهه
مون کي ڪنهن طرح سان هي منظور ناهه،
جو بيگانو لشڪر وٺي پاڻ سان،
نيئي ملڪ پنهنجي تي حملو ڪريان.“

 

*-------*-------*


 


[1]  ”هندي ادب جي تاريخ“ (اڙدو): ڊاڪٽر محمد حسين، ڇاپو پهريون، انجمن ترقيءَ هند، عليڳڙهه، ص 30 ۽ 45.

(1)  ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“ 1962، صفحو 65: ”هن رزميه داستان جي روايتن ۾ ڪيئي بيت ۽ ڳاهون شامل آهن، جن مان گهڻيون پوءِ جون آهن، مگر ڪي بيت ۽ ڳاهون البت آڳاٽا معلوم ٿين ٿا، ۽ ٿي سگهي ٿو ته سومرن جي آخري دور جا هجن.“

(2)   ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“، ص 138.

(3)  ايضاً– ص 100.

(1)  ”هندي ادب جي تاريخ“، ص 32.

*  ڪربلا جي مشهور تاريخي واقعي تي سنڌيءَ ۾ رزميه شاعريءَ جو تمام گهڻو ذخيرو موجود آهي. ڪيترن ئي شاعرن ”ڪيڏارا“ ۽ ”مرثيا“ چيا آهن، حق ۽ باطل جي انهيءَ عظيم مقابلي ۾ اصول ۽ اخلاق جا سوين سبق سمايل آهن. سنڌيءَ جي رزميه شاعريءَ جو اهو هڪ علحدو پهلو آهي، جنهن کي ان جي مقدار ۽ موضوع جي خاصيت سبب، بيان نه ڪيو ويو آهي. – ش.ا.ح.

(1’)  ”سنڌي شاعريءَ جا ڪي نادر نمونا“، محمد خان غني: سماهي ”مهراڻ“، 4/1962ع، ص 95.

(1)  ڏسو ”مشهور سنڌي قصا“ (لوڪ ادب)، سنڌي ادبي بورڊ.

(2)  (سگهڙن جي روايت، پروفيسر محرم خان (سنڌ يونيورسٽي) جي زماني

(1)  ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ: ”سنڌي ٻوليءَ جي مختصر تاريخ“، ص – 100.

(1)  ”ميين شاهه عنايت جو ڪلام“، مرتب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، سنڌي ادبي بورڊ: سرود بلاول، فصل 3.

(1)  مير صوبدار خان پهرئين ٽالپر حاڪم مير فتح علي خان (وفات 1802ع) جو فرزند هو، ۽ مير حسنعلي خان آخري ٽالپر حاڪم مير نصير خان جو فرزند هو. مير فتح علي خان مير نصير خان جو چاچو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com