شگفته شاهه
تو بنان ڍوليا
تعارف: شگفته شاهه، سنڌ جي اها سڄاڻ شخصيت آهي،
جيڪا هڪ ئي وقت مصور، شاعر، ڪهاڻيڪار، ناول نگار،
مقالا نگار، مضمون نويس، ريڊيو فيچر رائيٽر، ريڊيو
۽ اسٽيج ڪمپيئر آهي. نوي واري ڏهاڪي ۾ صحافت سان
واڳيل رهي. هن وقت پبلڪ اسڪول لطيف آباد ۾
استادياڻي آهي ۽ ان سان گڏ ايم. فل جي شاگردياڻي
پڻ آهي.
”سرتيون“ سان پهرين شماري کان وٺي اڄ ڏينهن تائين
سندس ساڳي ڪمٽمينٽ ۽ دلچسپي آهي. سرتيون لاءِ
ٽائيٽل ۽ اسڪيچ بنان حساب جي ٺاهيندي رهندي آهي.
سندس هيءَ گهريلو ۽ سماجي پسمنظر ۾ لکيل سندس هيءَ
ڏاڍي دلچسپ ڪهاڻي آهي. اميد ته پڙهندڙ به پسند
ڪندا. ادارو
”مرد ڪڏهن به وفا نٿا ڪري سگهن. معصوم ۽ سڌا سادا
نظر ايندڙ مرد صرف هڪ عورت تائين محدود نه رهندا
آهن.... فقط موقعو ملڻ جي دير هوندي آهي. هو ان
موقعي کي فقط دوستي ڪرڻ يا وقت گذاري خاطر ئي سهي
ڀليڪار ضرور ڪندا آهن.“
ڪاليج جي اسٽاف روم ۾ ليڪچررز جي هڪ گروپ ۾، ”مردن
جي نفسيات“ متعلق بحث دوران جڏهن ارم پنهنجو رايو
ڏنو ته نفسيات جي لڪچرر ثوبيه جيڪا ليڪچر جي تياري
لاءِ هڪ نفسياتي ڪتاب پڙهي رهي هئي، تنهن فقط ڪجهه
لمحن لاءِ ڪتاب تان نظرون هٽائي ارم ڏانهن ڏٺو ۽
وري ڪتاب جي مطالعي ۾ مصروف ٿي وئي. نفسيات جي
لڪچرر هئڻ جي باوجود به هن کي ان بحث سان ڪا
دلچسپي نه هئي. البت بحث ڪندڙ گروپ ۾ شامل مسز
انور، ارم جي راءِ تي ڪاوڙ ۾ ايندي چيو:
”توهان اڄڪلهه جون ڇوڪريون ٻه اکر پڙهي پاڻ کي
وڏيون عاقل سمجهنديون آهيو. هر ڳالهه ۾ فقط پاڻ کي
ئي صحيح سمجهنديون آهيو. آئون ٿي توکي ٻڌايان ته
شادي شده مرد، زالن سان بي وفائي نه ڪندا آهن باقي
مخصوص شعبن سان لاڳاپيل مرد، اديب، شاعر يا آرٽسٽ
عاشق مزاج هوندا آهن ۽ ان جو هڪ سبب اهو به آهي ته
سندن واسطو خوبصورت ڇوڪرين سان پوي ٿو. شاديءَ کان
اڳ گهڻو ڪري سڀئي ڇوڪرا ڇوڪرين سان دوستي يا عشق
وغيره جي چڪر ۾ پوندا آهن پر شاديءَ کان پوءِ جڏهن
مٿن ذميواريون پونديون آهن، ۽ هو عملي زندگيءَ ۾
قدم رکندا آهن ته اهي به سڌري ويندا آهن ۽ پوءِ
پنهنجي زالن سان وفادار رهندا آهن.“
”مون ڪڏهن چيو آهي ته اُهي زالن سان وفادار ناهن.
پر گڏوگڏ موقعو ملڻ تي دوستي يا وقت گذاري به ڪري
وٺندا آهن. ”ته“ پوءِ زور ڇا تي ٿيو... ”موقعو ملڻ
تي“ مسز انور چيو ارم زوردار ٽهڪ ڏنو. جنهن تي وري
مسز انور، جنهن جي هر ڳالهه انور صاحب کان ئي
شروع ٿيندي هئي ۽ هن تي ئي ختم ٿيندي هئي، وڌيڪ
ڪاوڙجي پئي ۽ حسب معمول انور صاحب جو ذڪر آيو:
”مون کي انور صاحب تي پورو ڀروسو آهي، کين هڪ ته
ڇا ڏهه موقعا به ملن تڏهن به اهڙي حرڪت نه ڪندا.
بئنڪن ۾ به اڄڪلهه نوجوان ۽ اسمارٽ ڇوڪرين کي
نوڪريون ڏنيون ٿيون وڃن. هو ايڏا وڏا آفيسر آهن ۽
ڪيترين ئي بئنڪن ۾ سندن بدلي ٿي آهي، پر اڄ تائين
هو ڪنهن به ڇوڪريءَ سان فري نه ٿيا آهن.“
”ٻين لفظن ۾ اسين اهو به چئي سگهون ٿا ته ”لفٽ“ نه
ملي هوندي....!“ ارم چيو ۽ سڀئي کلڻ لڳيون. ۽ پوءِ
ڏسندي ئي ڏسندي ارم ۽ مسز انور وچ ۾ شرط لڳي ويو
ته هوءَ (ارم) هڪ مهيني اندر انور صاحب سان دوستي
ڪري ڏيکاريندي. مسز انور طنزيه مرڪ سان ارم ڏانهن
ڏسندي کيس انور صاحب جي آفيس جو فون نمبر ڏنو.
ٿوري دير ۾ ڳالهه جو موضوع بدلجي ويو ته ارم اٿي
ثوبيه جي ڀرسان اچي ويٺي ته ثوبيه ڪاوڙ مان ڏسندي
چيس:
”هي وري ڇا شروع ڪري ڇڏيئي؟ آخر تون ڪڏهن ٻاراڻيون
حرڪتون ڇڏي ميچيئور ٿينديئين؟“
”زندگيءَ کي انجواءِ پئي ڪريان. تو وانگر نه آهيان
جو سڄي عمر فقط پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ گذاري ڇڏيان.“
ايستائين پيرڊ ختم ٿيڻ جي بيل ٻڌي ارم پنهنجو
فائيل کڻي ڪلاس ۾ وڃڻ لڳي ۽ معمول مطابق پنهنجو
موبائيل ثوبيه کي ڏيندي چيائين:
”عرفان جي ڪال اڃا نه آئي آهي، پر ڪيڏي مهل به اچي
سگهي ٿي. چئجانس ته هن پيرڊ کان پوءِ ڪال ڪري.“
ثوبيه کانئس موبائيل وٺي پاسي تي رکي وري ڪتاب
پڙهڻ لڳي.
ثوبيه ۽ ارم گهريون سهيليون هيون. ڪجهه سال اڳ
ٻنهي جي هن ڪاليج ۾ گڏ
Posting
ٿي هئي. ٻنهي جي طبيعتن ۽
عادتن ۾ تمام گهڻو فرق هوندي به سندن سٺي دوستي ٿي
وئي. ثوبيه هر وقت سنجيده رهڻ واري هئي ته ارم خوش
مزاج ۽ رلڻي ملڻي هئي. زنده دلي سندس شخصيت جو
نمايان پهلو هئي. ثوبيه کي خبر هئي ته لاپرواهه
نظر ايندڙ ارم زندگيءَ ۾ جن به ماڻهن سان محبت ڪئي
انهن سان نڀايو پوءِ چاهي ثوبيه هجي يا عرفان،
هوءَ انهن لاءِ ڪجهه به ڪرڻ لاءِ تيار هوندي هئي.
عرفان ثوبيه جو سوٽ هو جيڪو اسڪالر شپ ملڻ تي لنڊن
روانو ٿي ويو هو. هو ۽ ارم هڪٻئي کي چاهڻ لڳا هئا.
لنڊن وڃڻ کان اڳ هن چاهيو هو ته سندس ۽ ارم جو
مڱڻو ٿي وڃي، پر سندس مائٽ ارم بدران ڪنهن ٻي
ڇوڪريءَ سان سندس شادي جا خواهشمند هئا، تنهنڪري
عرفان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ارم کي تسلي ڏنائين ته هو
واپس ايندو ۽ پنهنجي مائٽن کي مڃائي وٺندو. ارم
زندگيءَ جي آخري دم تائين سندس اچڻ جي انتظار جو
واعدو ڪيو. لنڊن پهچي عرفان، ارم جي گهر ٻه ٽي
دفعا فون ڪئي، پر ارم گهر وارن آڏو هن سان ڳالهائي
نه سگهي، تڏهن عرفان کيس مشورو ڏنو ته هوءَ موبائل
وٺي ته جيئن هو ڪاليج ٽائيم ۾ هن سان ڳالهائي
سگهي. ائين ارم موبائيل ورتو، پر عرفان سان فقط
ڪاليج ٽائيم ۾ ئي ڳالهائي سگهندي هئي. سندس گهر
وارن کي به موبائيل بابت ڄاڻ نه هئي. موبائيل جي
رنگ وڳي ته ثوبيه ڪال اٽينڊ ڪئي. عرفان کان سواءِ
ڪنهن جي ڪال ٿي ٿي سگهي. ثوبيه کيس ٻڌايو ته ارم
ڪلاس ۾ هئي. ۽ هو اڌ ڪلاڪ کان پوءِ فون ڪري. فون
بند ڪري هن دل سان دعا ڪئي ته خدا هنن ٻنهي جا
خواب پورا ڪري!
ٻئي ڏينهن ارم ثوبيه کي ٻڌايو ته مسز انور سان
لڳايل شرط خاطر کيس هڪ ٻيو موبائيل وٺڻو پيو ڇو ته
هوءَ پنهنجي موبائيل کي انگيج رکڻ نه چاهيندي هئي،
جو عرفان ڪنهن وقت به ڪال ڪري ٿي سگهيو. ثوبيه
چيس:
”تون ايڏا ڪارڊ ۽ موبائيل وٺي ڪيڏا پئسا برباد ٿي
ڪرين، فقط ٿوري دير جي تفريح خاطر؟“
”توکي خبر آهي ته منهنجن گهر وارن کي منهجي پگهار
جي ضرورت ڪانهي ۽ تو وانگر آئون ٻچڙيوال ته آهيان
ڪانه، جو ٻارن تي خرچ ڪريان. پوءِ عيش ڇو نه ڪجي.
شرط کٽڻ کان پوءِ نئون موبائيل آئون توکي گفٽ
ڪندس. مهيني کان پوءِ تنهنجو جنم ڏينهن آهي نه!“
هن مرڪندي چيو.
”توکي خبر آهي ته مون کي موبائيل وغيره سان دلچسپي
ناهي. ڪاشان مون کي ڪيترائي ڀيرا سيل فون وٺي ڏيڻ
جي آفر ڪئي آهي.“ ثوبيه چيو.
”يار سيل فون صرف فيشن نه، پر اڄڪلهه جي ضرورت به
آهي. ۽ جڏهن
sms ڪرڻ سکندينءَ ته پوءِ گهٽ پئسن ۾ ضروري ۽
مختصر پيغام جي اهميت کان واقف ٿيندينءَ. مون کي
ڏس. عرفان جو هڪ به
sms
منهنجي ۽ هن جي وچ ۾ آيل سمنڊ جي دوري به ختم ڪري
ڇڏيندو آهي. ايڏو پري رهي به فقط هن موبائيل ذريعي
اسين هڪٻئي سان پنهنجا ڏک سک ۽ پريشانيون ونڊيندا
آهيون. هڪٻئي جي اکين ۾ خواب پوکيندا آهيون. ۽
مستقبل جا ڪيئي منصوبا ٺاهي وٺندا آهيون.
۽ پوءِ ارم، ثويبه کي به موبائيل استعمال ڪرڻ
سيکاريو ۽
sms جو طريقو پڻ. هاڻي جڏهن به ارم جي غير
موجودگيءَ ۾ عرفان جي ڪال ايندي هئي ته پئسا بچائڻ
خاطر ثوبيه ڪال اٽينڊ ڪرڻ بدران ارم جو ٻڌايل
پيغام
sms
وسيلي موڪلي ڇڏيندي هئي. ڪجهه ڏينهن بعد ارم مزو
وٺي وٺي ثوبيه کي ٻڌايو ته:
”مسز انور کي مون ٻڌايو ته شروع ۾ لنوائڻ کان پوءِ
هاڻي انور صاحب آهستي آهستي مون ۾ دلچسپي وٺي رهيو
آهي ته کيس يقين ئي نه پيو اچي. هاڻي ته منهنجي
باري ۾ ڄاڻڻ ۽ مون کي ڏسڻ لاءِ آتو آهي.“
ثوبيه چيس: ”ارم، ڪنهن جي گهر جي ماحول کي اهڙي
طرح الجهائي مزو وٺڻ سٺي ڳالهه ته ڪانهي.“
”شرط مسز انور پاڻ رکيو هو. مون نه! کيس منهنجو
شڪر گذار رهڻ گهرجي ته آئون کيس اونداهيءَ مان ڪڍي
روشنيءَ ۾ آڻي رهي آهيان. کيس جيڪو انڌو اعتماد
آهي انور صاحب تي مان هن جي اصيلت ڏيکاري رهي
آهيان.“
ثوبيه کي ارم جي ڳالهه نه وڻي.... شايد ان ڪري جو
اڄڪلهه سندس زندگيءَ ۾ وڏا لوڏا اچڻ لڳا هئا. ان
شام کيس ڪاشان جو (ڪراچيءَ مان) اچڻ جو تمام گهڻو
انتظار هو ڇو ته ويڪ اينڊ هو. جڏهن کان ڪاشان جي
ڪراچيءَ ۾ بدلي ٿي هئي ته پهريائين ته هو هر ويڪ
اينڊ تي حيدرآباد ايندو هو. جڏهن ته سال کان مٿي
عرصو گذرڻ بعد هاڻي هو ٻن يا ٽن هفتن کان پوءِ اچڻ
لڳو هو. ڏوهه ڪنهنجو هو؟ سندس يا ڪاشان جو؟ هوءَ
سمجهي نه سگهندي هئي، پر کيس هر گذرندڙ ڏينهن سان
سندس ۽ ڪاشان جي وچ ۾ فاصلو وڌندي محسوس ٿيندو هو.
اوپرائپ جو احساس ٻنهي جي وچ ۾ پنهنجا پر پکيڙي
رهيو هو. اڄ ڪاليج مان اچڻ کان پوءِ هن ٻه ٽي دفعا
ڪاشان جي ڪراچيءَ واري گهر تي فون ڪئي، پر فون
اٽينڊ نه ڪئي وئي. هن سندس موبائيل تي به ڪوشش
ڪئي، پر موبائيل به بند هئي. شام تائين گهر جا ڪم
ڪار ڪرڻ کان پوءِ وري به ڪوشش ڪندي رهي، پر نتيجو
ساڳيو رهيو. رات ٿي وئي. هن ڪاشان لاءِ سٺو کاڌو
تيار ڪيو هو کيس الائي ڇو اڄ سندس اچڻ جو وڌيڪ
انتظار ٿيو، پر کيس خبر نه هئي ته هو ايندو به يا
نه! ٻار ٽيوشن کان فارغ ٿي ٽي. وي ڏسي رهيا هئا.
هن وري فون تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪاشان
ڳالهايو.
”ڪاشان! تون اچين پيو نه؟“ ثوبيه اُڪير مان چيس.
”نه، هتي آفيس ۾ شام دير تائين مصروفيت رهي ان ڪري
في الحال ايڏي لانگ ڊرائيو جي همت ئي نه اٿم. خبر
اٿئي ته هاڻي منهنجي طبيعت ٺيڪ نٿي رهي. هاڻي
اڳوڻي همت ڪٿي. اڳئين هفتي آفيس مان جلد نڪرندس.“
ڪاشان جي لهجي ۾ ٿڪاوٽ هئي، پوءِ هن ٻارن بابت
رسمي ڳالهيون پڇي فون بند ڪري ڇڏي.
هونئن ته اٺن نون مهينن کان روٽين جي ڳالهه هئي ته
ڪاشان ٻن ٽن هفتن جي وقفي سان ايندو هو ۽ ثوبيه
کي ڪڏهن به اها ڳالهه ڏکي محسوس نه ٿي هئي، پر
اڄڪلهه ارم جڏهن کيس انور صاحب سان سندس فون تي
ڳالهائڻ جو هڪ هڪ جملو مزو وٺي وٺي ٻڌائيندي هئي
ته سندس ڪنن ۾ هڪ ئي جملو گونجڻ لڳندو هو.
”مرد بي وفا آهي.“
تڏهن رات جو ٻارن کي سمهارڻ کان پوءِ هوءَ پنهنجي
بيڊ تي ليٽي پئي ته ننڊ سندس اکين کان ڪيئي ميل
پري هئي، ماضيءَ جا سڀئي ورق جيڪي سندس ۽ ڪاشان جي
بابن متعلق هئا هڪ هڪ ٿي تصور جي ڪتاب مان نڪري
سندس چوڌاري پکڙجي ويا. ۽ گهڻو ڪجهه ياد اچڻ لڳس.
يونيورسٽيءَ ۾ پڙهائي دوران ئي ثوبيه ۽ ڪاشان جي
ملاقات ٿي هئي. جيتوڻيڪ ٻئي الڳ الڳ ڊپارٽمينٽ ۾
هئا، پر قسمت کين هميشه گڏ رهڻ لاءِ ملايو. ائين
ڪيتريون ئي ملاقاتون پهريان پسنديدگي ۽ انڊر
اسٽينڊنگ جو سبب بنيون جيڪي اڳتي هلي محبت جي روپ
۾ نروار ٿيون. تعليم مڪمل ڪرڻ کان پوءِ نوڪري
ملندي ئي ڪاشان ثوبيه سان شادي ڪرڻ لاءِ مائٽن کي
چيو. ثوبيه خوبصورت ڇوڪري هئي. سو هنن کي به
پنهنجي اڪيلي پت آڏو هار مڃڻي پئي. شادي تمام ڌوم
ڌام سان ٿي. شاديءَ کان پوءِ ثوبيه پنهنجي سس ۽
سهري جي ايتري ته خدمت ڪئي جو هو به ساڻس ڏاڍو
پيار ڪندا هئا. پنهنجي ڌيءَ ته هئن ڪانه انڪري
ثوبيه کي ئي سڀ ڪجهه سمجهندا هئا. ٻئي پاسي ثوبيه
۽ ڪاشان هڪٻئي سان ملي پاڻ کي ڪهڪشائن تي گهمندي
محسوس ڪري رهيا هئا. ٻن ٻارن، پٽ ۽ ڌيءَ ٿيڻ سان
فيملي مڪمل ٿي ته سندن گهر هڪ خوبصورت ننڍڙي جنت
بنجي ويو. محبت پنهنجي جاءِ تي پر وقت گذرڻ سان
گڏ، ثوبيه ۽ ڪاشان کي هڪٻئي جي طبيعتن جي ڄاڻ پوڻ
لڳي. ڪاشان ٿڌي مزاج جو هو. جهيڙو سندس طبيعت ۾ ئي
نه هو. ڪنهن ڳالهه تي ڪاوڙ ايندي هيس ته خاموش ٿي
ويندو هو يا وري ڪمري کان ئي ٻاهر هليو ويندو هو.
جڏهن ته ثوبيه کي ننڍين ننڍين ڳالهين تان ڪاوڙ اچي
ويندي هئي ۽ جڏهن هوءَ ڪاوڙجندي هئي ته بنان سوچڻ
سمجهڻ جي ڪاشان کي گهڻو ڪجهه چئي ويندي هئي. پوءِ
جڏهن کيس احساس ٿيندو هو ته ڏاڍو شرمسار ٿيندي
هئي. ڪاشان کائڻ، پهرڻ ۽ گهر سجائڻ جي معاملي ۾
تمام گهڻو نفاست پسند هو، جڏهن ته ثوبيه وري
لاپرواهه هئي. ڪاشان چاهيندو هو ته هوءَ سٺا ۽
سوادي کاڌا تيار ڪري ۽ جڏهن هو اچي ته هوءَ کيس
تيار ٿيل ملي، تڏهن هوءَ کلندي لاپرواهيءَ سان
چوندي هئي ته:
”لڳي ٿو ته خواتين جا ڊائجسٽ گهڻا پڙهيا اٿئي جو
انهن جي افسانن کان متاثر آهين.“
ٻنهي جي جهيڙي جو ٻيو سبب هو ڪاشان جو دوستن کي
گهڻو ٽائيم ڏيڻ. آفيس مان اچڻ کان پوءِ ماني کائي
هو آرام ڪندو هو ۽ شام جو تيار ٿي دوستن سان گڏ
نڪري وڃڻ ۽ رات جو دير سان گهر اچڻ سندس معمول
هوندو هو. جڏهن ته هوءَ چاهيندي هئي ته هو شام جو
وقت ساڻس گذاري. تڏهن هو به ان کي چوندو هو ته:
”اهو سڀڪجهه به ته فقط عورتن جي ڊائجسٽن ۽ افسانن
۾ ئي هوندو آهي. نه آئون افسانوي هيرو آهيان ۽ نه
ئي تون افسانن جي هيروئن.“
تڏهن.... هوءَ مٿس شروع ٿي ويندي هئي. ”ڇا، منهنجي
اها خواهش غلط آهي ته تون مون کي ڄمڻ ڏينهن تي وِش
ڪرين. توکي ته هاڻي منهنجي سالگرهه جي تاريخ به
وسري وئي آهي. شاديءَ کان اڳ ته ائين نه هو.“
”شاديءَ کان اڳ وقت ئي وقت هوندو آهي گهڻو ڪجهه
ياد رکڻ لاءِ. هاڻي پاڻ گڏ آهيون. ٻار آهن.
ذميواريون وڌي ويون آهن پوءِ ... ڪڏهن زندگيءَ جي
هڻ هڻان ۾ ڪيئي ڳالهيون ذهن تان لهي به وينديون
آهن، ان ۾ ايڏو جذباتي ٿيڻ جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ ڇا
مون توکي اهو سڀڪجهه نه ڏنو آهي جيڪو ڪابه عورت
چاهيندي آهي؟ گهر آهي... محبت آهي... سڀڪجهه
تنهنجي لاءِ ته آهي.“
هو هميشه جيان ڌيرج سان اهو چوندو هو ته هوءَ
لاجواب ٿي ويندي هئي. پر دوستن سان گڏ گهمڻ تي
هوءَ هميشه هن سان جهيڙو ڪندي هئي، اهو ڄاڻندي به
ته سندس عادت نه مٽبي. پوءِ کيس به مصروفيت ملي
وئي. هن کي ڪاليج ۾ ليڪچراري ملي ته هن ڪاشان کي
خوشيءَ مان اها خوشخبري ٻڌائي ته هن خوش ٿيڻ جي
بدران کيس چيو:
”ثوبي، آئون روايتي مردن مان ناهيان جيڪي پنهنجي
زالن تي مرضي مڙهيندا آهن. پر منهنجي خواهش آهي ته
تون سروس ڪرڻ بجاءِ گهر ۽ ٻارن تي توجهه ڏين ته
بهتر آهي. منهنجي خيال سان معاشي طور تي تنهنجو
مسئلو ڪو به ڪونهي جو توکي نوڪري ڪرڻي پوي. وڌيڪ
تون خود مرضي واري آهين.“
”ڇا ٿيو آهي گهر ۽ ٻارن کي؟ سال ٻن ۾ ٻئي ٻار
اسڪول وڃڻ جيترا ٿي ويندا، پوءِ آئون گهر ۾ ويهي
ڇا ڪريان. هونئن به امان ته آهي گهر ۾ پوءِ ڪهڙي
پريشاني؟ باقي جيستائين رهي تنهنجي خواهش جي ڳالهه
ته ڇا تو منهنجي خواهش جي احترام ۾ دوستن کي ڇڏيو
جو آئون اها سروس ڇڏي ڏيان. گهر ۾ ويهي ويهي آئون
پاڻ کي بيڪار سمجهڻ لڳي آهيان. گهٽ ۾ گهٽ مون کي
پنهنجي ذهانت ڏيکارڻ جو موقعو ته مليو.“
واقعي به ليڪچرر ٿيڻ کان پوءِ هن پنهنجو ٽئلنٽ
ڏيکارڻ شروع ڪيو. هوءَ پوزيشن هولڊر هئي. پڙهڻ
پڙهائڻ سان بيحد دلچسپي هئس، سو پنهنجي سخت محنت ۽
ذهانت سبب جلد ئي ڪاليج جي مقبول ترين ليڪچرر بنجي
وئي. ايڪٽوَ به هئي انڪري مختلف ورڪشاپن ۾ ليڪچر
ڏيڻ لڳي ۽ ڪانفرسن ۾ به شرڪت ڪرڻ لڳي. ڪاليج ۾ ڪو
پروگرام هجي ۽ ان ۾ ثوبيه جو نالو نه هجي اهو ممڪن
ئي نه هو.
هڪ پاسي ته اهي ڪاميابيون هيون ۽ ٻئي پاسي غير
محسوس طريقي سان ڪاشان ۽ سندس وچ ۾ دوريون اچڻ
لڳيون. پر هاڻي ثوبيه کي ايتري واندڪائي ئي نه
هئي، جو هوءَ ڪا ڳالهه محسوس ڪري ها، نه هاڻي هوءَ
ڪاشان جي دوستن کي ٽائيم ڏيڻ سان چڙندي هئي، ڇو ته
هوءَ خود ان وقت ڪو ليڪچريا آرٽيڪل لکندي هئي.
ڪجهه وقت کان پوءِ ٻار به اسڪول وڃڻ لڳا. زندگي هڪ
نئين موڙ تي اچي وئي. ڪاشان ۽ ثوبيه ڄڻ مشين جا
پرزا بنجي ويا. پنهنجي پنهنجي جاءِ تي مخصوص طريقي
سان ڪم ڪندي. ثوبيه نفسيات تي ايڏو ڪجهه پڙهڻ ۽
پڙهائڻ باوجود خود ان شخص جي نفسيات نه سمجهي
سگهي، جنهن سان جيون ۽ محبت جو رشتو هو، هاڻي ته
هنن هڪٻئي جي معاملن ۾ دلچسپي وٺڻ يا دخل ڏيڻ ڇڏي
ڏنو هو. ڪجهه عرصو ايئن ئي گذري ويو. تبديلي تڏهن
آئي جڏهن ڪاشان جي ڪراچي بدلي ٿي وئي. بدليءَ جو
آرڊر ملڻ کان پوءِ ڪاشان ثوبيه کي چيو هو:
”مون کي اتي گهٽ ۾ گهٽ ٻه اڍائي سال رهڻ کان پوءِ
واپس هتي موڪيلندا ان لاءِ پاڻ کي اتي رهڻو پوندو.
مون کي اتي گهر پڻ ملندو.“
ثوبيه چيس: ”.... پر.... آئون ڪيئن ٿي ڪراچي هلي
سگهان؟ منهنجي نوڪري هتي آهي ۽ هاڻي ته مون ايم.
فل ۾ به داخلا ورتي آهي. ايندڙ مهيني کان منهنجا
ايم. فل جا ڪلاس شروع ٿي ويندا. توکي ته خبر آهي
ته پي. ايڇ. ڊي ڪرڻ منهنجو خواب آهي.“
”... ۽... انهن خوابن جو ڇا ٿيندو جيڪي اسان هڪٻئي
سان هر ڏک سک ۾ نڀائڻ لاءِ ڏٺا هئا؟“ هن ڏک مان
چيو:
”پي. ايڇ. ڊي ته ڪڏهن به ٿي سگهي ٿي. مون کي
تنهنجي ضرورت آهي. آئون اتي اڪيلو نه رهي سگهندس.“
ان وقت ثوبيه ايڏي خود غرض ۽ بي حس ڇو بنجي وئي جو
هن تي ڪاشان جي ان ڳالهه جو ڪوبه اثر نه ٿيو پر هن
کيس چيو:
”آئون، بابا کي چوندس ته هو تنهنجي بدلي واپس
حيدرآباد ڪرائن. ايستائين ڪجهه وقت ڏکيو سکيو ڪڍي
وٺجانءِ ۽ هر ويڪ اينڊ تي اچي وڃجانءِ. گاڏي ته
آهي پنهنجي.... ۽ .... هونئن به تون ته لانگ
ڊرائيونگ جو شوقين آهين. دوستن سان گڏ ڪڏهن ڪراچي
ته ڪڏهن ٺٽي ته ڪڏهن ڪٿان اڌ اڌ رات جو ڊرائيو
ڪندي. گهر ايندو آهين ۽ ڏس نه اسين هتي هن شهر ۾
هري ويا آهيون، امان بابا، ٻارن ۽ سڄي گهر کي ڪيئن
ڊسٽرب ڪجي؟ تون ڏسجانءِ بابا ڪوشش ڪري توکي واپس
هتي وٺي ايندو.“
ثوبيه جو اهو جواب ٻڌي ڪاشان وري کيس ڪجهه نه چيو
هو. ظاهر آهي ته ثوبيه ساڻس نه وئي ته هو ماءُ
پيءُ کي به وٺي وڃي نه سگهيو. ايئن ثوبيه اڪيلي ٿي
پوي ها ۽ کيس ڪراچيءَ ۾ به ان ڳاله جي ڳڻتي هجي
ها. کيس پندرهن ڏينهن اندر ڪراچي وڃڻو هو. هو
ڏينهن رات اتي وڃڻ جي تيارين ۾ لڳي ويو. ٽي چار
ڀيرا ڪراچي به وڃڻو پيس. هو ڪافي پريشان به رهڻ
لڳو سندس ۽ ثوبيه جي وچ ۾ هڪ اڻ ڏٺل ديوار ٺهڻ
شروع ٿي. پر.... ثوبيه.... پنهنجي مصروفيتن ۾ ايڏي
گم جو هن ڪابه ڳالهه محسوس نه ڪئي. ڪراچي وڃڻ کان
ڪجهه ڏينهن اڳ اوچتو ڪاشان جي طبيبت خراب ٿي پئي.
کيس شديد بيچيني ۽ گهٻراهٽ محسوس ٿي ۽ پوءِ حالت
ايتري خراب ٿيس جو سندس دوست کيس ڊاڪٽر ڏانهن وٺي
ويو. جنهن ٻڌايس ته فڪر جي ڪابه ڳالهه نه هئي. اي.
سي. جي، بلڊ پريشر ۽ ٻيون رپورٽون سڀ نارمل هيون
شايد کيس فوڊ پوائزننگ ٿي پئي هجي. اهو سڀ ڪجهه
ثوبيه کي رات جو دير سان خبر پئي، ڇو ته اڄڪلهه
هوءَ هڪ ورڪشاپ اٽينڊ ڪري رهي هئي ان ڪري شام کان
پوءِ گهر اچڻ ٿيندو هوس. گهر ۾ هڪ نوڪر، نوڪرياڻي
۽ امان بابا هئا، ان ڪري کيس رڌ پچاءُ يا ٻارن جو
اونو ته هوندو ئي نه هو. ٻئي ڏينهن به هوءَ سڄو
ڏينهن هڪ ٽي. وي چينل پاران نفسياتي مسئلن بابت
پروگرام جي تياري ڪندي رهي، جنهن ۾ کيس به سڏيو
ويو هو. ڪاشان سڄو ڏينهن پلنگ تي ليٽيو رهيو ۽
دوائون کائيندو رهيو، پر ساڻس همدردي ڪرڻ ۽ خيال
رکڻ بدران هوءَ کيس چيڙائيندي رهي:
”بس!؟ حوصلو به اهو اٿئي نه؟ ايتري ۾ ئي پريشان ٿي
وئين؟“
جڏهن ته سندن ننڍڙيءَ ذونش جڏهن پتڪڙن هٿن سان
ڪاشان لاءِ پاڻي ڀري ايندي هئي، مٿي کي زور ڏيندي
هئي ۽ سندس سيني تي پيار مان مٿو رکندي هئي ته
ڪاشان جي اکين ۾ پاڻي ڀرجي ايندو هو ۽ هو ان معصوم
کي ڀاڪر ۾ ڀري سندس ننڍڙا ننڍڙا هٿ چمڻ لڳندو هو.
ٻئي ڏينهن تائين هو ٺيڪ ٿي ويو ۽ وڃڻ جي تيارين ۾
لڳي ويو. جڏهن ثوبيه چيس ته هوءَ هلي اتي سندس گهر
سيٽ ڪري ڏيندي ۽ بورچيءَ کي پڻ هدايتون ڏيندي تڏهن
ڪاشان طنز مان چيو هئس:
”مهرباني، توکي خبر آهي ته گهر کي سيٽ ڪرڻ جي
معاملي ۾ آئون توکان وڌيڪ هوشيار آهيان ۽ سڀ ڪجهه
توکان وڌيڪ بهتر انداز ۾ سنڀالي سگهان ٿو. پنهنجي
Ph.D تي ڌيان ڏيو ته بهتر ٿيندو.“
.... ۽ پوءِ هو ڪراچي روانو ٿي ويو. پهريان هو هر
ويڪ اينڊ تي ايندو هو ۽ ٻڌائيندو هو ته هو اتي
سڀني کي بيحد ياد ڪندو هو. ثوبيه به هر ويڪ اينڊ
تي سندس اچڻ جو انتظار ۽ اهتمام ڪندي هئي. کيس
هاڻي ڪاشان جي ڪمي محسوس ٿيندي هئي. شام جو دوستن
۾ هوندو هو ته ڇا هو. نيٺ ته گهر موٽي ايندو هو.
سندس جهيڙن جي جواب ۾ خاموش رهندو هو. کيس اطمينان
هو ته سندس بابا جلد ئي بدلي ڪرائي وٺندو. ايئن ست
اٺ مهينا گذري ويا. هاڻي ڪاشان کي اچڻ ۾ ٻه هفتا
به لڳي ويندا هئا، ٻئي پاسي ثوبيه پنهنجي سوشل
سرڪل ۽ ايم- فِل ۾ بيحد مصروف ٿي پئي. زندگي وري
اِن روٽين تي اچي وئي. هڪ ڀيرو جڏهن ڪاشان ٽن هفتن
جي وقفي کان پوءِ گهر آيو ته ثوبيه شرارت مان چيس:
”اتي ڪا ٻي ته نه ڳولي ورتي اٿئي؟“
”ڳولڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، توکي ته خبر آهي ته آئون
ڪيترو خوبصورت آهيان. ڇوڪريون منهنجي ڳالهائڻ ۽
دوستي لاءِ آتيون هونديون آهن.“
ثوبيه پڇيو: ”آفيس ۾ ڪيتريون ڇوڪريون آهن.“
ڪاشان مرڪندي چيو: ”آهن ته ٻه ٽي پر خوبصورت صرف
هڪ ئي آهي ۽ هوءَ مون سان دوستي ڪرڻ چاهي ٿي.“
”ڪير آهي؟“ ثوبيه اکيون ڦوٽاريندي چيو ته ڪاشان
چيس:
”آهي هڪ ڇوڪري، 28 سال عمر اٿس.“
”اوهه! ته عمر جي به خبر آهي. انهن ڇوڪرين کان پري
رهجانءِ اهي شل نه تو جهڙو سڌو سادو ”ٻاٻُو ٻُڌُو“
ٽائپ بندو ڏسن ته ڦاسائڻ جي چڪر ۾ هونديون آهن.
خبردار رهجانءِ ان مس ٽوئنٽي ايٽ کان. نالو ڇا
اٿس؟“
”هاڻي نالو پڇي ڇا ڪندينءَ جڏهن ته تو خود نالو 28
Miss ڏئي ڇڏيس. هونئن به ڀلا ڇا ڪريان. اتي
اڪيلو آهيان. ڪمپني ته گهرجي نه.“
”بس ٿوري وقت جي ڳالهه آهي. بابا چيو آهي ته جلد
ئي تنهنجي بدلي هتي ٿي ويندي. باقي رهي مس 28 جي
ڳالهه ته توکي چڱيءَ طرح سڃاڻان ٿي. تون مون سان
بي وفائي ڪري ئي نٿو سگهين؟“
”بس.... ان کان وڌيڪ تو مون بابت شايد ڄاڻڻ چاهيو
ئي ناهي.“ ڪاشان ڏک مان چيو.
وقت وڌيڪ گذرندو رهيو. سندس بدلي نه ٿي سگهي هئي.
ساڳيو روٽين هلندو رهيو. هڪ ڏينهن جڏهن ڪاشان رات
دير تائين گهر ۾ به آفيس جي فائلين ۾ مٿو کپائي
رهيو هو ته کيس سيني ۾ شديد سور محسوس ٿيو ۽ هٿ
پير بالڪل سن ٿي ويس. هن جيئن تيئن اها رات گذاري
۽ ٻئي ڏينهن چڪاس ڪرائڻ لاءِ ڊاڪٽر وٽ ويو. هن
ڀيري به سڀ رپورٽون نارمل آيس. ڊاڪٽر چيس ته ڪم جي
گهڻائيءَ ۽ ذهني دٻاءُ سبب ايئن ٿيو هو ۽ پوءِ کيس
آرام ڪرڻ جي هدايت ڪندي سڪون جو دوائون لکي ڏنيون.
ان ڏينهن هو آفيس به نه وڃي سگهيو ۽ گهر اچي
دوائون کائي ٻنپهرن کان رات تائين ستو رهيو. رات
جو اٺين ڌارين اٿيو ۽ رات جي ماني کائي چانهه
پيتائين ته پاڻ کي نوبنو محسوس ڪيائين. اوچتو
ثوبيه، ٻار ۽ ماءُ پيءُ ياد اچڻ لڳس. آفيس جي
انچارج کي فون ڪري طبيعت جو احوال ٻڌائي هفتي جي
موڪل گهريائين ۽ پوءِ موڪل جي درخواست ڏئي هو رات
جو دير سان حيدرآباد لاءِ روانو ٿيو. اڌ رستي طئي
ڪرڻ کان پوءِ اوچتو وري سيني ۾ شديد سور ٿيس ۽ هٿ
پير سن ٿيڻ لڳس. ذهن گهوماٽيون کائڻ لڳس ۽ دل جي
ڌڙڪن کيس ٻڌڻ ۾ اچڻ لڳي. هن ڏاڍي مشڪل سان پاڻ تي
ضبط ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ کيس محسوس ٿيو ته اهو ڪو
معجزو ئي هو جو، هو جيئن تيئن ڪري باقي رستو طئي
ڪري حيدرآباد پهتو. گهر اچڻ بدران سڌو پنهنجي هڪ
ڊاڪٽر دوست جي گهر وڃي پهتو. هو هن کي اهڙي حالت ۾
ڏسي ڏاڍو پريشان ٿيو ۽ کيس هڪ وڏي ڊاڪٽر ڏانهن وٺي
ويو جنهن سندس سمورو احوال ۽ ڪراچيءَ ۾ ڪرايل
رپورٽن بابت ڄاڻ ورتي ۽ پوءِ سندس چڪاس ڪرڻ بعد
ٻڌايائين ته هو جسماني طور تي نارمل هو، پر هو
شديد ڊپريشن ۾ مبتلا ٿي چڪو هو. هن کيس ڪيئي
دوائون لکي ڏنيون ۽ آرام ڪرڻ جو مشورو ڏنو. دوائون
وٺي هو رات دير سان گهر پهتو ته سڀئي کيس ان حالت
۾ ڏسي پريشان ٿي ويا. هو دوائون کائي بي سڌ ٿي
سمهي رهيو. ائين هفتي تائين علاج هليو پر فائدي
بدران حالت خراب ٿي ويس. کيس هڪ مهيني جي موڪل
وٺڻي پئي. ٽن هفتن بعد هو ڪافي بهتر ٿي ويو، پر
هاڻي اڳوڻو زنده دل ڪاشان الائي ڪيڏانهن ويو. هر
وقت ويڳاڻو ٿيو بستري تي پيو هوندو هو. دوست کيس
گهمائڻ ڦيرائڻ لاءِ وٺڻ ايندا هئا ته هو کين
موٽائي ڇڏيندو هو. جنهن تان هڪ ڀيري ثوبيه کلندي
چيو هوس:
”هڪ زمانو هو جو آئون تنهنجي دوستن سان گڏ گهمڻ
ڦرڻ تان چڙندي هيس، پر هاڻي توکي اهڙيءَ طرح هڪ
هنڌ گهر ۾ بند ويٺل ڏسي مونجهه پئي ٿئي. هينئر
آئون توکي خود ٿي چوان ته ٻاهر نڪر، دوستن سان گهم
ڦر ته ذهن مٽجئي.“
”آئون بلڪل ٺيڪ آهيان. تون فڪر نه ڪر.“ ڪاشان
اداسيءَ مان چيو.
هڪ مهيني جي موڪل ڪرڻ کان پوءِ هو ڪافي بهتر ٿيو ۽
وري ڪراچي روانو ٿيو. هن دفعي وڃڻ کان پوءِ ثوبيه
سندس رويي ۾ وڏي تبديلي محسوس ڪئي. هاڻي هو مشڪل
سان هڪ اڌ دفعو فون ڪري پنهنجي خيرت ٻڌائيندو هو ۽
گهر وارن جو حال احوال وٺندو هو. ثوبيه جڏهن به
گهر تي فون ڪندي هئي ته ڪير به فون نه کڻندو هو ۽
موبائل اڪثر بند ملندو هو. جڏهن هوءَ ان ڳالهه تان
ساڻس جهيڙو ڪندي هئي ته هو سدائين اهي ئي ساڳيا
جواب ڏيندو هو:
”گهر ۾ نه هئس.“
”دوستن سان گڏ هئس ان لاءِ موبائل اٽينڊ نه ڪيم.“
”موبائل گهر وسري ويو.“
”موبائل ۾ ڪارڊ نه هو.“ .... وغيره.
.... ۽ .... اڄ به.... ساڳيءَ طرح نه هن فون کنيو
۽ نه ئي وري نه اچڻ جو اطلاع ڏنو هو. رات گهري
ٿيندي پئي وئي ۽ ثوبيه جون سوچون ڀٽڪي رهيون هيون.
ڪيئي وسوسا ڪر کڻي رهيا هئا ۽ دماغ ۾ ارم جو آواز
گونجي رهيو هو:
”مرد ڪڏهن به عورت سان وفا نه ڪندا آهن. هڪ عورت
جي هوندي هميشه ٻيءَ لاءِ واجهائيندا آهن.“
.... اوچتو.... موبائيل جي تيز وڄندر رنگ ثوبيه کي
هوش ۾ وٺي آئي. اڄ ارم موبائيل کيس ڏيندي چيو هو
ته هوءَ پنهنجن گهر وارن سان ڪراچي وڃي پئي، انڪري
عرفان سان ڳالهائي نه سگهندي، سو هوءَ موبائيل پاڻ
وٽ رکي ڇڏي. کيس شايد موبائل بند ڪرڻ وسري ويو هو.
هاڻي رنگ ٻڌي ثوبيه پرس مان موبائيل ڪڍي ڪال اٽينڊ
ڪئي. رانگ نمبر هو. ثوبيه فون بند ڪرڻ واري هئي ته
بلڪل اوچتو ذهن ۾ خيال آيس ته ڇو نه هن اڻ ڄاڻ
نمبر تان ڪاشان کي
sms
ڪري ٿورو تنگ ڪري مزو وٺي ۽
سندس رد عمل ڏسي. هن ڪافي دير سوچيو ته ڇا لکان؟
اڄ کيس ڪاشان جي بيحد ياد اچي رهي هئي. ماضيءَ جون
ڪيئي خوبصورت يادون ذهن ۾ تري آيس ۽ پوءِ بيحد
اڪير مان هي مختصر پيغام لکي موڪليو:
I love you, I love and I will love you forever.
(مون کي توسان پيار هو، آهي ۽ سدائين رهندو.)
”هاڻي ڏسندس ڇا ٿو ٿئي؟ هن جو ڇا رد عمل آهي...
پر.... نه.... هو اهڙو هلڪڙو آهي ئي نه؟! جو ڪنهن
اهڙي
Unknown
نمبر ۽ ماڻهوءَ کي اهميت ڏي.“
هوءَ اڃا اهو سوچي رهي هئي ته موبائيل جي رنگ وڄڻ
لڳي. هن فون کڻي اسڪرين تي ڏٺو ته خبر پيس ته
ڪاشان پنهنجي موبائيل تان ڪال ڪري رهيو هو. ٿوري
دير تائين هوءَ ڄڻ پِنڊ پهڻ ٿي وئي ۽ هن سوچيو ته
مون سان ڳالهائڻ لاءِ ته هن وٽ نه وقت هوندو آهي ۽
نه ڪارڊ ۽ رات جو دير سان ايندڙ هڪ نامعلوم شخص ۽
نامعلوم نمبر تان ايندڙ هڪ مختصر پيغام هن لاءِ
ايڏو اهم آهي؟!!؟ هن ڪال اٽينڊ نه ڪئي. رنگ وڄي
وڄي بند ٿي وئي. ثوبيه جو دماغ ڀنواٽيون کائڻ لڳو.
شديد ڪاوڙ ۽ ڏک جا مليل جليل احساس هئا. کيس ڄڻ
پنهنجي اکين ۽ ڪنن تي اعتبار ئي نه پئي آيو.
رنگ وري وڄڻ لڳي. ثوبيه ڪال اٽينڊ نه ڪئي. ڪڏهن
سندس دل چاهي ته هوءَ زور زور سان ٽهڪ ڏئي ڪاشان
جي (بيخبريءَ ۾) سندس لاءِ ان بيچينيءَ تي کلي ۽
مزو وٺي ته ڪڏهن دل چيس ته هو زور زور سان روئي.
ڇا هي اهوئي ڪاشان آهي جنهن تي کيس انڌو اعتماد؟!!
رنگ وڄي وڄي بند ٿي وئي. ڏهن منٽن جو وقفو ٿيو. ان
وقفي ۾ ثوبيه کي فقط گونگا لڙڪ ڳلن تي وهندي ۽ دل
جي تيز تيز ڌڙڪنن جو احساس ٿيو. ڏهن منٽن بعد وري
رنگ وڳي. هاڻي هو گهر جي نمبر تان ڪال ڪري رهيو
هو. هڪ بي اختيار مرڪ ثوبيه جي چپن تي اچي وئي.
ڪاشان کي ڪهڙي خبر ته هو هڪ اهڙي ماڻهوءَ کي ڪال
ڪري رهيو هو جيڪو سندس ان نمبر کان به واقف هو هن
سمجهيو ته نامعلوم ماڻهو شايد نئون نمبر ڏسي ڪال
اٽينڊ ڪري نيٺ ثوبيه ڪال اٽينڊ ڪئي پر ڳالهايو نه.
ڪاشان چوندو رهيو:
”پليز، توهان ڳالهايو، ۽ مون کي ٻڌايو ته توهان
ڪير آهيو. پليز..... ڳالهايو.“
ثوبيه ڳالهائڻ بدران فون ڊسڪنيڪٽ ڪري ڇڏي. هوءَ
روئندي رهي، روئندي رهي..... کيس خبر نه پئي ته
ڪيترو وقت گذريو. هاڻي کيس پنهنجو ذهن خالي خالي
محسوس ٿيو. اوچتو وري فون جي رنگ وڳي. هن کي ذهن ۾
ڪو خيال آيو ۽ هن فون رسيو ڪيو پر ڳالهايو نه. ٻئي
پاسان ڪاشان چوندو رهيو:
”هيلو! توهان ڪير آهيو؟...... ڳالهايو پليز....“
”آئون آهيان.“ ثوبيه پر سڪون انداز ۾ چيو.
”ڪير؟!“
”ڇو؟! هاڻي آواز به نٿو سڃاڻين ڇا؟“
ٻئي پاسان ڪجهه لمحا ته گهري ماٺ رهي ڄڻ ڪاشان کي
وهم گمان به نه هو ته هو ثوبيه جو آواز ٻڌندو.
تڏهن ثوبيه طنز مان چيس:
”مون سان ڳالهائڻ ته ڇا پر منهنجو فون اٽينڊ نه
ڪندو آهين. مون کان ته هڪ نامعلوم ماڻهو به تنهنجي
لاءِ اهم آهي جو چار دفعا فون ڪئي اٿئي.“
”ڏس ثوبيه!“ هن گنڀير لهجي ۾ ڌيرج سان چيو: ”مون
کي يقين هو ته منهنجو ڪو بي تڪلف دوست مون کي تنگ
ڪري مزو وٺي رهيو آهي؟“
”جڏهن يقين هو ته صبر ڪرين ها ايترو اتاولو ڇو ٿي
پئين. اهو ته فقط ان وقت ممڪن آهي جڏهن توکي يقين
هجي ته اهو پيغام ڪنهن ڇوڪريءَ طرفان ئي هجي.“
”ثوبيه! توکي ته خبر آهي ته آئون ڊپريشن جو مريض
بنجي چڪو آهيان، ان ڪري ٿوري دير به ٽينشن جي
حالت ۾ رهي نٿو سگهان، بيچيني ٿي پئي ته جلد خبر
پوي ته ڪير آهي. ڇوڪريون هڪدم ڪنهن اجنبي نمبر تي
اهڙو پيغام ڏئي نٿيون سگهن.“
”اجنبي نمبر ڇو؟! 28
Miss
لاءِ ته تون اجنبي نه آهين.“ ثوبيه وري طنز جو تير
هنيس.
”مون کي خبر نه هئي ته تو ان معاملي کي ايترو
سنجيدگيءَ سان ورتو آهي. بهرحال آئون توکي ڪابه
وضاحت ڏيڻ جو پابند ناهيان. هونئن هيءَ موبائيل
ڪنهن جو آهي؟“
”منهنجي سهيلي جو آهي. اتفاق سان اڄ مون وٽ آهي.“
”چڱو ٺيڪ آهي. رات گهڻي ٿي وئي آهي. هاڻي تون آرام
ڪر.“ اهو چوندي ڪاشان فون بند ڪري ڇڏي. ثوبيه
سوچيو ته هاڻي آرام ڪٿي......!!!“
* *
رات جي خبر ناهي ڪهڙي پهر کيس ننڊ آئي. ٻئي ڏينهن
موڪل هئي ۽ هوءَ دير تائين ستي رهي. جڏهن اٿي ته
پورو ڏينهن ذهن تي عجيب بار محسوس ڪيائين. بار بار
سوچيندي رهي ته خبر ناهي سندس سوچ صحيح هئي يا وري
ڪاشان. ٻئي ڏينهن ڪاليج ۾ به اداس رهي. وڌيڪ اداس
ان وقت ٿي جڏهن ارم ٻڌايس:
”ثوبي، ڪالهه ته مزو اچي ويو. اسان کي ڪراچي وڃڻو
هو، پر نه وڃي سگهياسين. پوءِ مون سوچيو ته انور
صاحب واري ڪهاڻي جو به هاڻي ڊراپ سين ڪجي، سو کيس
چيم ته جيڪڏهن هو مون سان ملڻ ۽ مون کي ڏسڻ چاهي
ٿو ته (فلاڻي) هوٽل ۾ اچي وڃي. آئون توهان کي
سڃاڻان ٿي ان ڪري خود توهان سان اچي ملندس. هو
ڏاڍو خوش ٿيو ۽ تيل ڦليل ڪري اچي هوٽل پهتو.“
”تون اتي پهتينءَ ۽ هن سان ملينءَ؟“ ثوبيه چيو.
”پهتس ضرور ۽ سندس ويجهو ئي ٽيبل تي ڀيڻ سان گڏ
موجود هيس، پر آئون ڇو هن سان ملان.... هن سان ملڻ
لاءِ ”مسز انور جو اچي پهتي.“ ارم مزو وٺي چيو.
ثوبيه حيران ٿي پڇيو: ”اها اتي ڪيئن اچي پهتي؟“
”سامهون جي ڳالهه آهي، مائي ڊيئر ثوبي، مون کيس
فون ڪري اطلاع ڏنو ته پنهنجي گهر واري جي اصليت
اچي ڏسي. پوءِ نه پڇ ته ڪيئن نه مون ۽ منهنجي ڀيڻ
ان گهڙي مان مزو ورتو. گهر وڃي ته مسز انور هن جو
ڇا حشر ڪيو هوندو، پر ان مهل انور صاحب جي بيگم
صاحبه کي ڏسي جيڪا حالت ٿي اها ٻڌائڻ کان ٻاهر
آهي. اڄ مسز انور جي چهري کي ڏٺو اٿئي؟ ايئن ٿو
لڳي ته سڄي رات روئندي رهي آهي. اکيون ڳاڙهيون
لڳيون پيون اٿس. ڪير پڇيس ٿو ته طبيعت جي خرابي جو
بهانو ويٺي ڪري ۽ مون کي خاص طور تي پاسي تي وٺي
وڃي چيو اٿس ته ان ڳالهه جو ڪنهن سان به ذڪر نه
ڪريان.“ اهو چئي ارم زور زور سان کلڻ لڳي ۽ ثوبيه
اداس ٿيندي چيو:
”ارم، ڪنهن جي سڪون کي ايئن برباد نه ڪبو آهي،
آئينده وري اهڙي حرڪت نه ڪجانءِ.“
”چڱو محترمه اڳتي ايئن نه ڪندس“ اهو چوندي هن
ثوبيه جي هٿ مان پنهنجو موبائيل ورتو جنهن تي
عرفان جي ڪال اچي رهي هئي.
* |