انٽرويوئر: گلبدن جاويد مرزا
آزادي حدن اندر سٺي لڳندي آهي
قوم کي درس ڏيندڙ پاڻ ۾ وڙهي پيا
آهن
اِرم محبوب سان ڳالهه ٻولهه
سوال: ارم سڀ کان پهرين ته اوهان اسان کي پنهنجي
ننڍپڻ ۽ تعليم متعلق ڪجهه ٻڌايو؟
جواب: منهنجي ننڍپڻ جو گهڻو حصو ڪراچيءَ ۾
گذريو.... خوشين ۽ بيفڪرين ۾! ٻُڌندي آهيان ته
ڏاڍي سدوري قسم جي نينگري هئس...... ٻار هئڻ جي
ناتي شرارتون به ڪيم پر ڊيسينٽ قسم جون
cages
۾ سهڻا سهڻا پکي ڏسي مون کي ڏاڍو ڏُک ٿيندو هو، تن
کي آزاد ڪرائي زبردست خوشي ٿيندي هئي. ڪراچيءَ ۾
اسان جا ڪيترائي ملڻ جلڻ وارا اهڙا هئا جن جي
”عقوبت خانن“ مان لِڪ چوري مون پکين کي آزادي
ڏياري پنهنجي شرارتن جو انگ وڌايو ۽ اڄ ڏينهن
تائين اهڙا وجهه ڳوليندي آهيان.
Crocrs prt
منهنجو سڀ کان پهريون اسڪول هو، جتي ڀُوري ڀُوري
گڏي جهڙي سِسٽر فلو مِينا جي سُر سان سُر ملائي
وڏي ڳاڙهي پيانو تي اُن پويان امريڪن لهجي
“Humpty Dumpty BA..BA..Black Sheep”
ڳائڻ واري خوشي ...... رنگين فوٽن ۽ ڪهاڻين وارا
ننڍڙا ننڍڙا ڪتاب گهر ۾ ملڻ جي خوشي ...... ڊاجم
ڪار ۾ ٽڪر کائڻ واري خوشي...... گهر ۾ مائٽن ۽
ٻاهر دوستن وٽان ڀرپور پيار ۽ توجهه ماڻڻ واري
خوشي...... اِهو ئي منهنجو ننڍپڻ هو!
توڙي جو اڄ به منهنجي زندگيءَ ۾ اِهي سڀ رنگ شامل
آهن، ته به الائي ڇو زندگي جا شروعاتي ڏينهن مون
کي ڪنهن ”فيري ٽيل“ جيان لڳندا آهن...... ايڏا
سارا پَل... ايڏا سارا ڏينهن...... اسان جي اکين
سامهون ئي خبر ناهي ڪيئن ۽ ڪيڏانهن پَر ڪري اُڏامي
وڃن ٿا.
حيدرآباد شفٽ ٿيڻ کانپوءِ مون سينيٽ ميريز ڪانوينٽ
مان سائنس گروپ ۾ مئٽرڪ پاس ڪيو، پهرين ارادو هئم
ته ڊاڪٽر ٿينديس پر پوءِ جيئرن جاڳندن معصوم
ڏيڏرن جو ڊائيسيڪشن، ۽ انساني لاشن جو پوسٽ مارٽم
ڪرڻ واري تلخ حقيقت کي محسوس ڪندي، مون کي پنهنجا
ڊاڪٽر بڻجڻ وارا نيڪ اراده بدلائڻا پيا. تنهن ڪري،
سائنس گروپ
change
ڪري
humonities
هِيومنٽيز ۾ نزرٿ ڪاليج مان انٽر ڪيم ۽ سوشيالوجي
۾ گريجويشن ڪرڻ کانپوءِ هِن سال ماس ڪميونيڪيشن ۾
M.A
ڪرڻ جو ارادو آهي.
سوال: لکڻ جي شروعات ڪڏهن ڪيوَ ۽ ڪهڙين ڳالهين کان
متاثر ٿي اوهان لکڻ کي اظهار جو ذريعو بڻايو؟
منهنجي زندگيءَ جي شروعات اهڙي ماحول ۾ ٿي آهي،
جتي هر پاسي ادبي رنگ وکريل هئا. گهر ۾ ايندڙ
مهمانن ۾ وڏو انگ اديبن جو ئي هوندو هو. جتي ٿيندڙ
هلڪيون ڦلڪيون ادبي گڏجاڻيون ۽ دعوتون ڏسي، لڳندو
هو اِها منهنجي دنيا آهي.
بهرحال، مان ائين ته نه چونديس ته مون کي لکڻ جو
شوق صرف ان ڪري پيدا ٿيو جو ماحول ادبي هو، ڇو ته
ادبي ماحول ۾ ته ڪيترائي ٻار پلجن نپجن ٿا، تنهن
ڪري ضروري ناهي ته هڙئي اديب ۽ شاعر بڻجي وڃن.
منهنجي خيال ۾ ٻار جي
Apptitude
کي ڏسندي، مائٽ ئي اِن ڏس ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.
ننڍپڻ ۾ ٻاراڻا ڪهاڻين جا ڪتاب ۽
Comics
مون لاءِ وڏي خزاني جي حيثيت رکندا هئا، ڪتابن سان
دوستي رکڻ واري اِن شوق کي وڌيڪ
florish
منهنجي
parents
ڪيو، ڪهاڻيون پڙهي دل چوندي هئي ته مان به ائين
لِکان ۽ پوءِ ڪچِي ڦِڪي شيءِ لکجي وڃڻ تي گهر ۾
تمام گهڻي همٿ افزائي ٿيندي هئي. اهڙيءَ ريت ننڍپڻ
کان ئي انگريزي، سنڌي ۽ اردوءَ ۾ کوڙ ٻاراڻيون
شيون لکيم، جيڪي مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾
باقاعدگيءَ سان ڇپجنديون هيون. ڪجهه شعور وڌڻ تي
منهنجي سامهون منهنجي امي (ماهتاب محبوب) منهنجي
آئيڊيل بڻي، اوهان کي ٻُڌايان ته ٻاراڻي ادب
کانپوءِ مون وَڏن جي ادب ۾ کين ئي سڀ کان پهريون
پڙهيو آهي. سو ادبي ماحول، مائٽن طرفان ٿيندڙ
حوصلا افزائي ۽ شوق کي همٿائڻ، انهن ٽِنهي ڳالهين
مِلي لِکڻ کي اظهار جو ذريعو بڻائڻ لاءِ مون کي
اتساهيو.
سوال: جيئن ته اوهان جي سڃاڻپ هڪ شاعره جي حيثيت
سان ٿئي ٿي، پر ڇا اوهان نثر به لکيو آهي، ڇو ته
ادبي ورثي جي حوالي سان اچڻ ته اوهان کي به ڪهاڻي
واري فيلڊ ڏي گهربو هو؟
جواب: شاعري کان اڳ پنهنجي ادبي ورثي جي ابتدا ته
مون به ڪهاڻيءَ سان ئي ڪئي هئي، پر اِهي شيون
ٻاراڻي ادب جي دائري ۾ اچن ٿيون. سچ ٻڌايان ته مون
وٽ شاعري ڪرڻ جو ڪو تصور ئي نه هو، بس منهنجي ذهن
۾ اهو ئي
concept
رهندو هو ته مون کي به ڪهاڻيڪار ٿيڻو آهي، پر
اسڪول لائيف ۾ هوندي ماحول ۾ هر پاسي بندشون
پابنديون ۽ ناانصافيون ئي ڏسڻ ۾ آيون، جنهن ڪري
Intensionly
مون کان اِن
Tension
واري دور ۾ ڪجهه نظم لکجي ويا، جن جي ڇپڻ تي نه
رڳو سٺي موٽ ملي، پر وڌيڪ نظم لکڻ لاءِ چيو ويو،
تڏهن محسوس ڪيم ته مان ان صنف ذريعي ئي پنهنجا
خيال شايد وڌيڪ بهتر طور
Express
ڪري سگهان ٿي. بهرحال ڪهاڻي واري ورثي ڏي به مان
ضرور اينديس، پر ان ڏس ۾ مون کي اڃا گهڻو سکڻو
آهي. هونءَ به اڄڪلهه سنڌي ڪهاڻيءَ جي عالم نزع ۾
وڃڻ ۽ نڪرڻ وارن بيانن ۾ ڌُم لڳي پيئي آهي. مان
اهڙو ڪوبه تڪڙو قدم کڻي ڳالهه پنهنجي ڳچيءَ ۾ وجهڻ
نٿي چاهيان.
هونءَ نثر جي حوالي سان انگريزيءَ ۾ مختلف موضوعن
تي باقائدگيءَ سان لکندي پئي اچان، پر اهي مضمون
youth mags
۾ ئي ڇپجندا آهن.
سوال: ڏٺو ويو آهي ته گهڻو ڪري اسان جا نوجوان
رومينٽڪ شاعري وسيلي پنهنجي سفر جي شروعات ڪندا
آهن. اوهان ڪجهه الڳ انداز رکيو.... ڪو خاص سبب؟
جواب: اوهان جي ڳالهه صحيح آهي ته نوجوان شاعر،
اسٽارٽ رومينٽڪ شاعري سان وٺن ٿا. رومينٽڪ شاعريءَ
جي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي، جو اها هر دور
۾ انساني جذبن جي ضرورت رهي آهي ۽ وڌ کان وڌ شاعر،
وجود ۾ آيا به فقط ان ئي جذبي هٿان مجبورٿي آهن،
پر ڪنهن به شيءِ جي گهڻ بيزار ڪندڙ ٿئي ٿي، ڏسو هڪ
دور مزاحمتي شاعريءَ جو به آيو، يعني گذريل ڏهن
يارنهن سالن وارو عرصو. ان عرصي ۾ وڏن شاعرن سان
گڏ اسان جي نون شاعرن به ڀرپور ۽ بهترين طريقي سان
پنهنجي شاعريءَ وسيلي ڏاڍ سان ويڙهه ڪئي، سُتل ذهن
ڌونڌاڙيا، ۽ بي حسيءَ جي بيٺل تلاءُ ۾ هلچل آڻڻ جي
وس آهر ڪوشش به ڪئي- پر هر شيءِ وقت ۽ حالتن مطابق
Iimits
۾ ئي رهندي پنهنجي اهميت رکي ٿي. اڄوڪين حالتن ۾
اسان اهڙيءَ شاعريءَ جي ضرورت نٿا محسوس ڪريون.
ساڳيءَ ريت رومينٽڪ شاعريءَ جي اهميت به اوستائين
هئي، جيستائين جذبن ۾ صداقت ۽ سچائي هئي، اڄوڪو
رومانس ته فقط
“Helo, hi, I Love you bye”
يا ”تو نهين اور سهي، اور نه سهي اور سهي“ تي اچي
ٿو دنگ ڪري.... اهڙيءَ شيءِ تي وقت وڃائڻ بيوقوفي
ناهي ته ٻيو ڇاهي؟ ...... گهٽ ۾ گهٽ منهنجي ته اها
ئي سوچ آهي...... زندگيءَ ۾ هر پاسي رنگ ئي رنگ
آهن، هزارين جذبا آهن، ڪروڙين موضوع آهن، رنگ رڳو
رومانس ئي ته ناهي! بس فقط اهو ئي سوچي مون پنهنجو
simple
ئي سهي، پر الڳ انداز رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
سوال: جي شاعره نه هجو ها ته پوءِ؟
جواب: ته به ”ارم محبوب“ ضرور هجان ها......
منهنجو اسٽار
“pisces”
آهي ۽ ان اسٽار وارا ڪنهن نه ڪنهن فن سان ضرور
وابسته ٿيندا آهن...... شايد مان آرٽسٽ... فوٽو
گرافر...... انيٽرئيئر ڊيڪوريٽر يا ڊريس ڊزائينر
هجان ها!
سوال: اڄوڪي سرجندڙ شاعريءَ متعلق اوهان جي ڇا
راءِ آهي؟
جواب: سٺي شاعري ڪنهن به دور جي مهتاج نه هوندي
آهي، پر اهو ڊپينڊ ٿو ڪري شاعر تي، ته هو پڙهندڙ
جي دل تارن کي پنهنجي خيال ذريعي ڪيستائين ڇهي
سگهڻ جي سگهه رکي ٿو.
ادب جي هر صنف جيان اسان شاعريءَ جي ميدان ۾ به
شاهوڪار آهيون. مٿان وري ”آدرش“ جي مهربانيءَ سان
ترجمن جي لحاظ کان به چڱا خود ڪفيل ٿي پيا آهيون.
دنيا جي بهترين شاعرن جي شاعري سنڌ ۾
Convert
ٿي هر عام توڙي خاص جي شاعراڻي اڃ اُجهائي پئي، پر
فائدي سان گڏ ان جا
Side effects
به ڪافي ٿيڻ لڳا آهن، نوان شاعر ترجما پڙهي پرڏيهي
اسٽائيل ۾ شاعري ڪرڻ تي هرکجي پيا آهن، ضروري ناهي
ته هو تيز ذهن ۽ چرب زبان فرد تخليقي صلاحيتن جو
به مالڪ هجي اهڙا شاعر“ ڏاڍي ديده دليريءَ سان
شاعراڻيون چوريون ڪرڻ ۾ مگن آهن. اڄوڪي سرجندڙ
شاعري اهڙن لاتعداد مثالن سان ڀريل ملندي.
ٻيو ته اڄڪلهه ”مظهرالسلام مارڪ“ نمونن ۽ لهجي
واري شاعري ڪرڻ به هر ٻئي نوجوان شاعر لاءِ
must
ٿي پيئي آهي. شاعر ته ٻيا به کوڙ آهن اُردوءَ ۾،
پر مظهر صاحب هڪ ته حيدرآباد رونق افروز ٿيندو رهي
ٿو ۽ ٻيو نوجوان شاعرن ۽ صحافين سان واسطي ۾ به
رهندو اچي. تنهن ڪري، اڄڪلهه هر ذهن تي سوار آهي
نتيجي ۾ ”برف ۾ ڄميل باهه“ ۽ ”لفافي ۾ ليٽيل
گهوڙو“ ٽائيپ شاعري
create
پئي ٿئي. خبر ناهي ته ان قسم جا ٿِرلنگ عنوان ڏئي
اسان جو شاعر ڇا ٿو
prove
ڪرڻ چاهي؟ هو پاڻ ۾ ايڏي سگهه ڇو نٿو پيدا ڪري ته
ٻيا سندس انداز تي رشڪ ڪن؟
هر تخليقڪار وٽ پنهنجو رنگ هئڻ گهرجي، ٺيڪ آهي
توهان ڪنهن کان
Inspire
ٿي، ان انداز ۾ ٽي چار شيون لکيون
!its
oky
پر يڪو ان جي ڪاپي ڪري ته توهان پنهنجو پاڻ کي ئي
وڃائي ويهندا.
سوال: توهان جي خيال ۾ اسان جو ميڊيا نون لکندڙن
کي ڇا اها سڃاڻ ڏيارڻ ۾ ڪامياب ٿيو آهي، جنهن جا
هو حقدار آهن؟
جواب: سڃاڻ ڏيڻ رڳو ميڊيا جو ئي فرض ناهي، اهو
لکندڙ تي
depend
ٿو ڪري، ته هو پنهنجي صلاحيتن وسيلي ڪيتري سڃاڻ
ماڻڻ جي سگهه رکي ٿو. بهرحال اسان جي ميڊيا جنهن ۾
به ڪي صلاحيتون ڏٺيون آهن، ان جي ڀرپور همٿ افزائي
ڪئي آهي.
سوال: اوهان وٽ شاعريءَ سرجڻ جي رفتار ڏينهن ۾
آهي، هفتن ۾ يا مهينن ۾؟
جواب: رفتار موڊ تي منحصر آهي، پر جي خدانخواسته
ڏينهن جي رفتار سان شاعري ڪرڻ شروع ڪري ڏنم، ته
پوءِ پنهنجا لاتعداد ”ديوان“ سنڀالڻ مون لاءِ هڪ
وڏو مسئلو بڻجي پوندو. هونءَ سال ۾ ڏهه، ٻارنهن
”نظم سرجي وڃڻ مون لاءِ اطمينان جو ڳو سفر آهي.
سوال: اديبن شاعرن لاءِ چيو ويندو آهي ته ڏاڍا
careless
ٿيندا آهن بي ترتيبي سندن ذات کان ويندي گهرن
تائين ڏسڻ ۾ ايندي آهي، ان معاملي ۾ توهان ڇا
چونديون؟
جواب: شاعره هئڻ کان پهرين مان هڪ ڌيءَ به ته
آهيان! جنهن گهر ۾ منهنجي پرورش ٿي آهي ترتيب اتي
جي زندگيءَ جو اهم حصو آهي، ۽ زندگيءَ جي هر شعبي
۾ ترتيب رکڻ مون کي ان ئي گهر مان ورثي طور ملي
آهي. نه ته رائيٽر ته منهنجي امي به آهي پر مون کي
نٿو سنڀري ته ڪو سندن لکڻ پڙهڻ ڪري گهر جو ڪم ڪار
رُليو پيو هجي، ٽپڙ ٽاڙِي ٽڙيل پکڙيل حالت ۾ هجين،
وقت تي رڌو پڪو نه ٿئي يا ڪنهن به قسم جي افراتفري
هجي. اوهان ۾ جيڪو سليقو هوندو ته ترتيب زندگيءَ ۾
پاڻمرادو اچيو ٿي وڃي، ان لاءِ اهو ضروري ناهي ته
رڳو شاعر يا اديب ٿيڻ وارا ئي بيپرواهه ۽ بي ترتيب
هوندا آهن.
جيستائين منهنجو سوال آهي ته مان سمجهان ٿي ته مان
نه
careless
آهيان ۽ نه ئي بي ترتيب ۽ جڏهن ذات ۾ ترتيب هوندي
ته گهر به ان آئيني ۾ ڏسي سگهجي ٿو، منهنجي ننڍڙي
جنت اهڙي بي ترتيبي کان پاڪ آهي. البت جيستائين
(منهنجي گهر واري) حسن جو تعلق آهي ته هو ننڍپڻ
کان ئي گهر کان پري ۽ دوستن ۾ وڌيڪ رهيو آهي
naturally
بي ترتيبي سندس طبيعت ۾ شامل هئي، پر هاڻ هو گهڻي
حد تائين ترتيب پسند ٿيندو پيو وڃي. بهرحال، مان
ائين چئي اهو ڪريڊٽ کڻڻ جي ڪوشش هرگز نه ڪنديس ته
اهو ”انقلاب“ منهنجي ڪري آيو آهي! ٿي سگهي ٿو اهو
ڪرشمو گهر جي ماحول جو هجي!
سوال: عورت جي آزاديءَ متعلق اوهان جي ڇا راءِ
آهي؟
جواب: آزادي رڳو عورت جي ئي ڇو؟ مرد جي هجي، يا
سموري معاشري جي، حدن اندر سٺي لڳندي آهي، بجاءِ
ان جي ته ڪو ٻيو اچي حدن جو احساس ڏياري.
سوال: دوستيءَ جي باري ۾ اوهان ڇا چونديون؟
جواب: دوستيءَ جي معاملي ۾، مان تمام گهڻي سليڪٽؤ
آهيان، ڌڻ ساهيڙين جو ساڻ ڪري پاڻ کي سوشل يا
پاپولر شو ڪرائڻ جو ڪو شوق نه اٿم. محدود دائري ۾
رهندي منهنجي ڪوشش هوندي آهي ته دوستي
purely sincerity
جي بنياد تي هلي، نه ڪي
give n take
وارن اصولن تي ! ان قسم جون
observation
ويجهڙائي ۾ ڪافي ماڻيون اٿم ته ماڻهو ڪيئن نه
پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ ”دوستيءَ“ جي نالي کي
expolite
ٿا ڪن.
سوال: ڪي ڳالهيون جيڪي اوهان کي پسند نه هجن؟
جواب: بي ترتيبي...... گهڻ ڳالهائو ماڻهو ۽
بيهودگيءَ ۾ شمارجڻ واري
Boldness
!
سوال: سنڌي اديب اوهان جي نظر ۾؟
ڪن تمام ٿورن کي ڇڏي، جيڪي اسان لاءِ تمام قابل
احترام ۽ قابل عزت آهن، مجموعي طور اسان جي اديب
يا شاعر جو ڪردار ڏاڍو
hopeless
آهي !
هڪ ٻئي لاءِ غلط رويا .... بيان بازيون .... ساڙ
ڪڍڻ..... ذاتيات تي حملا ڪرڻ ۽ زهر اوڳاڇڻ! اسان
جي اديب جي اڄڪلهه اها ئي ڊيفي نيشن وڃي بچي آهي.
افسوس جو مقام آهي جو اهو قلم جنهن سان قومن جون
تقديرون بدلائي سگهجن ٿيون، ان کي هڪ ٻئي جي خلاف
استعمال ڪرڻ تي ترجيع ڏجي ٿي.
اسان جي اديبن کي به سياسي آکاڙو بڻائي ڇڏيو آهي،
ٽولا بازي جدا خواري ڪرائي آهي، اديب، اديب کي
سکيو ڏسي نٿو سگهي، جنهن کي چاڙهيو تنهن کي ڊاهيو!
ڪير پجارو ۾ ڇو چڙهيو، ڪو
A.C
۾ ڇو ويٺو، ڪنهن غاليچو ڇو وڇرايو، فلاڻي سيٽ مان
ڇو ڳالهايو، اهي ته اسان جي ادب جا ڪجهه
glimpses
آهن، مٿان وري هي نه کپي، هُو نه کپي، هي کپي واري
راند جدا کل ڪرائي آهي.
قوم کي هڪ ٿيڻ جا درس ڏيندڙ قلمڪار ذري پرزي تي
پاڻ ۾ ئي وڙهي ڍانگا ٿيا آهن. قول ۽ فعل ۾ ايڏو
تضاد ڏسي لڳندو آهي، سمورو سرجندڙ ادب پنهنجي
معنيٰ وڃائي پيو. هر اديب فقط ليڊر بڻجڻ ۾ پورو
آهي. ڪنهن کي ٽياڪڙي ۾ ٽپڻ جو شوق آهي، ته ڪنهن کي
جهيڙا نبيرا ڪرائي، نوان جهيڙا
create
ڪرڻ جو چسڪو آهي، جنهن جو فائدو قوم کي ته خبر
ناهي ڇا ٿو ملي البته اخبارن رسالن لاءِ اهڙا
”برِننگ ادبي اشو“ ڪانءَ کي لڙ ۾ مزو واري حيثيت
رکن ٿا.
سوال: شاعريءَ کي اوهان ڪيئن ڊفائين ڪنديون؟
جواب: ان جواب لاءِ
deep
وڃڻو پوندو پر مخصتراً مان ان لاءِ فقط ٻه لفظ
چونديس
Rythamic thoughts
سوال: اسان جي معاشري ۾ موجود ڪيترين ئي بُراين
مان هڪ بُرائي ڏاج ڏيڻ جي رسم به آهي، ان متعلق
اوهان پنهنجي راءِ ڏيو؟
جواب: ڪيترين
self created
رسمن جيان ”ڏاج ڏيوڻ“ ۽ نمود نمائش واري رسم به
اسان پنهنجي مٿان پاڻ ٿاپي آهي ! منهنجي خيال ۾ ته
ان بُرائيءَ جي پاڙ مردن بدران عورتون ئي آهن،
جيڪر اهي سچائي تي اچن ته اها فضول رسم پاڙئون پٽي
سگهجي ٿي.
پر هر عمر جون عورتون، توڙي ڇوڪريون، انهن هُل
هنگامن ۾ خوش آهن..... تمام خوش!
پڌري، مڱڻو، ونواهه، ڇوڪري وارن جي ميندي، ڇوڪريءَ
وارن جي ميندي، نڪاح، (ڪن حالتن ۾ ميلاد به) شادي،
وليمو، ستاوڙو، اهي ته هڪ شاديءَ پويان ڇڙا اٺ نَو
پروگرام آهن، جنهن ۾ پيسو بُري طرح لٽايو وڃي ٿو.
فضول رسمن جي شوقينن جو وس هلي ته جيڪر ايندڙ ٻان
لاءِ ۽ غائبانا ڇٽي، عقيقو، طهر، برٿ ڊي کهنبا
وغيره به انهن ئي فنڪشن سان گڏ ڪري وجهن!
باقي جيستائين ڏاج ڏيوڻ واري بُرائي جو تعلق آهي
ته ”فضل مِن رَبي“ واري ڪلاس کي ڇڏي نياڻين جا
پيئر ۽ ڀائر ڪيئن پيڙجن ٿا اهو هرڪو ڄاڻي ٿو، ان
ڏس ۾ جيتريقدر مون
observe
ڪيو آهي ته ڇوڪريون به گهٽ ناهن مٿيون طبقو هجي يا
وچولو، ڀائينديون وڌ کان وڌ ڏاج ميڙيون يا شاديءَ
جي موقعي جو فائدو وٺندي هر طرح جي لُٽ لائجي، سون
جي تعداد ۾ ذرين جا ڪم ڪرائبا، وڳا ٺهرائبا، اها
حقيقت ڄاڻندي به ته اڄڪلهه جي فيشن جي حالت موسم
جهڙي ٿي پيئي آهي. موسم جي اوچتي تبديلي جيان فيشن
بدلجيو وڃن بهرحال اها هر مائٽ جي خواهش هوندي آهي
ته شاديءَ مهل پنهنجي اولاد کي توفيق آهر ڪجهه نه
ڪجهه ڏئي، پر اُن لاءِ ڊمانڊ ڪرڻ يا پنهنجي ڌيءَ
کي ڏنل ڏاج جي نمائش ڪرائڻ، پڙهيل لکيل ماڻهن جو
انتهائي جاهلاڻو روپ آهي. اهو انداز معاشري ۾
احساس محرومي جي باهه کي وڌيڪ هوا ڏي ٿو.
سوال: ڪنهن به برائي کي نندڻ لاءِ ڪنهن نه ڪنهن کي
وک وڌائڻي پوندي آهي، تازو اوهان جي به شادي ٿي،
Self createad
رسمن مان اوهان پاڻ کي ڪيئن بچايو؟
جواب: منهنجي
parents
جي سدائين کان اها خواهش هئي ته ٻارن جي شادي، عام
مروج هُل هنگامن، شوبازين ۽ وقت برباد ڪندڙ شادين،
بدران، پوري وقت تي سِمپل پر سهڻي نموني ڪبي. اها
ڳالهه ٻُڌي اسان جون ملڻ جلڻ واريون عورتون دعويٰ
سان چونديون هيون، ”سسٽم ئي اهڙو پيو هلي، توهان
کي به اٺ ڏهه ڏينهن هل هنگامن کي منهن ڏيڻو پوندو
۽ وقت جي پابندي واري ڳالهه ته صفا ناممڪن آهي“.
اهو چئلينج هو، يا کڻي ڇا به هو، منهنجي ۽ حسن جي
شادي، شهرن جا شهر ميڙڻ بدران سليڪٽيڊ گيدرنگ ۾
بنا ڏاج جي نمائش، دُهلن لنگهياڻين ۽ گهورن ناچن
جي، هڪ ڏينهن جي فقط ٽن ڪلاڪن ۾ ٿي گذري يعني
4th feb
8 کان 11 تائين، سڀني وقت جي
پابندي ۽ فضول رسمن کان آجي ان ڪاڄ کي ساراهيو ۽
مزي جهڙي ڳالهه ته هاڻ اهي ئي عورتون جن چواڻي
شاديءَ کي گهل اٺ نَو ڏينهن هلڻ گهرجي ان راءِ سان
ڪافي متفق ٿيڻ لڳيون آهن ته ”اجائي ڊيگهه کان هڪ
ڏينهن کوڙ آهي!“.
سوال: لکڻ کانسواءِ اوهان جا ٻيا ڪهڙا مشغلا آهن؟
جواب: فوٽو گرافي کان ويندي فلاور ميڪنگ ۽ پينٽنگ
تائين مشغلا ته کوڙ آهن، پر اُهي موڊز سان گڏ
بدلبا رهندا آهن، البته ٻه شوق اهِڙا آهن جن جو
بدلجڻ ممڪن ئي ناهي، يعني ميوزڪ ۽ پڙهڻ ان
کانسواءِ
youth organization
جهڙوڪ جيسز ۽ گليڪسي آف يوٿ سان وابسته هئڻ ڪري،
انهن جي پليٽ فارم تان ٿيندڙ پروگرام پڻ منهنجون
activites
۾ شامل آهن.
سوال: توهان پنهنجي شخصيت کي ڪيئن ڊفائين ڪنديون؟
جواب: اهو ته
Observe
ڪرڻ وارا ئي وڌيڪ بهتر طور ڄاڻندا هوندا. هونءَ
جيتري قدر مان سمجهان ٿي، ته
hyper sensitive
۽
reserve nature
جي ڇوڪري آهيان، هر ڪنهن سان گهرو ٿي وڃڻ منهنجي
طبيعت ۾ شامل ناهي. گوڙ گهمسان ۾ رهڻ بدران
”پنهنجي دنيا“ ۾ رهڻ وڻندو اٿم ۽ سلجهيل ذهنن ۽
ڊيسينٽ قسم جي ماڻهن سان ملي خوشي ٿيندي آهي.
سوال: توهان جي خيال ۾ اسان جو ادبي ماحول ڇوڪرين
لاءِ ڪيتريقدر مناسب آهي؟
جواب: ماحول کي مناسب ٺاهڻ اسان جي پنهنجي وس ۾
آهي. حدن ۾ رهڻ واري هر ڳالهه
favour
۾ ويندي، البته گهڻي
involvement
يا تڪڙي مشهوري ماڻن جي شوق ۾ هر ڪنهن سان گهرو
ٿيڻ کانپوءِ اوهان کي طرح طرح جي
gossips
کي منهن ڏيڻو پوندو ڇو ته ڪن ٿورن کي ڇڏي اسان جا
”ذهن“ اڃا ايڏا
vast
نه ٿيا آهن جو ڪنهن اجائي
gossips
کان پاڻ بچائي سگهن.
سوال: زندگيءَ کي ڪيئن ٿيون ڏسو؟
جواب: هر اينگل کان نئين...... عجيب...... کِل
جهڙي...... خوشيءَ جهڙي...... درد جهڙي...... جُهڙ
جهڙي...... بهار جهڙي...... ڪا واضح شڪل ناهي.
* * *
|