2. سيوستان سرڪار ۽ دشت باران جا بزرگ
1. قاضي ڏتو: قاضي صدر الدين جي پنجين پيڙهيءَ مان هو، سندس
والد قاضي شرف الدين عرف مخدوم راهو، جو تحفته
الڪرام ۾ شيخ محمود جي اولاد مان ڏيکاريل آهي، سو
به هڪ خدا رسيد بزرگ هو، قاضي ڏتي پهريائين تعليم
”مطول“ تائين پنهنجي پيءُ، قاضي شرف الدين کان
ورتي، تفسير ۽ حديث جي تڪميل، حضرت مخدوم بلال رحه
جي خدمت ۾ حاصل ڪيائين ۽ ٻيا ڪاثر علوم ۽ فنون
مخدوم فخر پوٽي ڪاهانيءَ ۽ حضرت عبدالعزيز
هروريءَ ثم ڪاهاني جي حلقه درس ۾ رهي پڙهيائين، ان
دور جي مشهور ارڙهن تفسيرن جي مختلف تفسيري مضمون
سندس ذهن ۾ هن وقت موجود رهندا هئا، ترڪي اکر به
پڙهي ويندو هو، علم جفر ۽ ٻيا ڪي ناياب علم به
ڄاڻندو هو ۽ ڪشف جو به صاحب هو، مرزا شاهه حسن
ڪيترو وقت سندس خدمت ۾ رهي علم پرايو، علم ۾ کيس
”امام جار الله زمشخريءَ“ جي لقب سان ياد ڪندو هو،
تاريخ معصوميءَ جي مصنف به اقرار ڪيو آهي ته مرزا
شاهه حسن قاضي صاحب کان سبق ورتا آهن، پاڻ
”باغبان“ ۾ مدفون آهي.
2. شيخ خضر سيوستاني: شهزادي دارا شڪوه جي مشهور تفنيف جي اردو
ترجمي ”سڪينته الاولياءَ“ ۾ ميان مير سيوهاڻيءَ جي
ذڪر ۾ آيل آهي ته سندس مرشد شيخ خضر سيوستان جي
جبلن ۾ رهندو هو، پاڻ انهيءَ جا مريد ننڍپڻ ۾ ئي
ٿيا هئا، شيخ خضر سنڌ ۾ قادري سلسلي کي چوٽ تي
چاڙهيو، پاڻ پرهيز گاريءَ، توڪل ۽ استغنا جو پتلو
هو، پهريائين هو قبرستان ۾ گذاريندو هو، پوءِ
سيوستان لڳ هڪ پهاڙ ۾ وڃي گوشه گير ٿيو، اتي هن هڪ
تنور بنايو هو، جنهن ۾ روٽيءَ پچڻ جي نوبت ڪڏهن به
نه آهي (1) گرميءَ ۽ سردي ۾ هن جو لباس هڪ تهبند
هو، شهر ۾ گهٽ ايندو هو، دنوي تعلقات کان ايترو ته
پاسو ڪندو هو، جو سواءِ الله تعاليٰ جي سندس ڪو به
رفيق ۽ دوست نه هو، وڻن جي پنن تي گذران ڪندو هو،
شيخ خضر سنه 994هه/1585ع ۾ وفات ڪئي.
3. شيخ مير محمد عرف ميان مير: هي صاحب قاضي سائيڏني جو نور چشم
هو، قاضي سائيڏنو، حضرت عمر فاروق رضي الله تعاليٰ
عنه جي اولاد مان هو ۽ وقت جو وڏو عالم ۽ متقي
بزرگ هو،شريعت کي طريقت سان ۽ طريقت کي حقيقت سان
شامل رکندو هو، ”ميان مير“ جي ولادت تحفته الڪرام
957هه/1550ع لکي آهي، مگر مستند ذريعي مطابق
975هه/1567ع آهي،پاڻ دنيا جي ولين جو اڳواڻ ۽ وقت
جو قطب هو، سندن والده بيبي فاطمه قاضي قاضن جي
ڌيءُ ۽ وقت جي ”رابعه“ هئي، سندس طيڻ بيبي جمال
خاتون به پنهنجو مٽ پاڻ هئي، ميان مير رحه نظريه ۽
وحدت الوجود جو عالم ۽ حامي هو، ستر سالن جي عمر ۾
سن 17 ربيع الاولد 1045 هه مطابق 31 آگسٽ 1635ع ۾
لاهور ۾ وفات ڪيائيون، جهانگير ۽ شهجهان جي ساڻن
بيحد عقيدت هوندي هئي، داراشڪوه سندس سنگ آستان جو
ادنيٰ خادم هو، سندس خليفن مان شيخ شاهه محمد
المشهور به ”ملاشاهه بدخشي“ خاص طرح سان مشهور
آهي.
4. سيد مير ڪلان: سندس پورو نالو سيد مير علي ڪلان هو، هي بزرگ
اصل ڪربلا معليٰ جو ويٺل هو، پوءِ لڏي اچي قنڌار ۾
رهيو، مرزا شاهه بيگ جي وقت ۾ سيوهڻ ۾ اچي مقيم
ٿيو ۽ گهڻو وقت لعل شهباز جي مزار پرانوار تي
گذاريندو هو، سندس ڏهٽاڻ ۽ پوٽاڻ تمام گهڻو هو،
سيد مير معصوم شاهه بکري به سندس ڏهٽاڻ مان هو،
سيوهڻ جا کاٻروٽي سبزواري سادات سندس اولاد مان
آهن.
5-6. ملا دائود سيوستاني ۽ ملا نور الحق مشتاقي: ملا دائود
فضيلت ۽ علم جو صاحب ۽ وقت جي مقتدر عالمن مان
هو،هي صاحب نوح رحه جو همعصر هو.
سندس فرزند رشيد استاد نور الحق ننڍي هوندي ڏاڍو غبي هو، خواجه
خضر جي فيض اثر ڪري سندس حافظو برق وانگر تيز ٿي
ويو ۽ پاڻ استاد جي لقب سان ياد ڪيو ويندو هو، شعر
جي ميدان ۾ سندس تخلص ”مشتاقي“ هو، جڏهين مرزا
محمد علي صائب تبريزي اصفهاني (وفات 1080هه/1669ع)
سنڌ مان اچي لنگهيو، تڏهن کيس ملا جو شعر ڏاڍو
وڻيو ۽ چيائين ته ”هن خطي ۾ هن ملا جهڙو شاعر نه
ڏٺو اٿم“ سندس شعر ملاخطه ٿئي:
برگ سبزي برڪف آزادگان باشد گران.
شرط آزادي آگر اينست سور آزاد نسيت
7. حيدر هروي: هي صاحب مرزا شاهه حسن جي زماني ۾ پنهنجي ملڪ کان
ڪهي اچي سيوستان پرڳڻي جي هڪ مکيه آباديءَ پاٽ ۾
رهيو، مرزا شاهه سام صفوي بن شاهه اسماعيل صفوي
(شهادت 983هه/1575ع) ۾ تذڪره شعريٰ بنام ”تحفته
سامي، ۾ سندس لقب ڪليجه، (جيرو) لکيل آهي، ڇو ته
اوائل ۾ جيرن پچائڻ جو ڪم ڪندو هو، کيس ڪليجه جي
لقب سان به ياد ڪندا هئا، سيد عبدالرشيد بن
عبدالغفور حسيني ٺٽوي پنهنجي مشهور فرهنگ ”فرهنگ
رشيديءَ“ ۾ لکيو آهي ته ڪلوچ لفظ جي معنيٰ آهي
ڪليچء بزرگ، يعني وڏو جيرو، ان ڪري مير معصوم
تاريخ معصومي ۾ کيس حيدر ڪلوچ لکيو آهي پاڻ صاحب
ديوان هو، شعر جو نمون پيش خدمت آهي.
دلا مجنون صفت خود را خلاص از عالم ڪن،
ره صحراي محنت گيرورو در واديءَ غم ڪن،
پس ازين بخاڪ ڪويت من و عجز بي نوائي،
ڪــه ڪــنــم دعـــائـــي جــانـــت بــبــهــانــهءَ گدائي.
8. مخدوم عباس هنڱورجائي: بزرگ اصل پاٽ جو ويٺل هو، هن جو ذڪر
تاريخ معصوميءَ ڪيو آهي. 947هه/1540ع جي اوائل ۾
هنڱورجن ۾ اچي رهيو، علم تفسير، حديث، قفه ۽ ٻين
علومن ۾ تبحرتام حاصل هوس، مسئلن جي تحقيق ۽ تدقيق
محققانه ۽ عالمانه نموني ۾ ڪندو هو، زهد ۽ تقويٰ ۾
پنهنجو موٽ پاڻ هوندو هو، حديث جي درس و تدريس وقت
نياز ۽ نئڙت ڪندو هو، قال قال رسول الله صلي الله
عليه وسيلم چوڻ وقت بي اختيار ٿي ويندو هو ۽ سندس
اکين مان ڳوڙها وهي هلندا هئا، جنهن ڪري سامعين به
بي اختيار ٿي ويندا هئا، 14 شعبان 997هه/1589ع ۾
عالم آخرت ڏانهن اسهيو، غوثي صاحب ”گلزار ابرار“ ۾
لکيو آهي ته قاضي عبدالسلام سنڌي جي خانديش جي قضا
تي قائم هو ۽ حڪيم عثمان بوبڪائيءَ جي شاگردن مان
هو، تنهن سنڌ تحصيل علوم مخدوم صاحب کان حاصل ڪيا
۽ اهو به ڄاڻايو اٿس ته هاڻي مخدوم صاحب کان پوءِ
شيخ حبيب الله درس و تدريس ۾ مصروف آهي.
9. مخدوم محمود فخطر پوٽو ڪاهاني: ڳوٺ ڪاهان (هاڻوڪو ڳاهن جو
ڳوٺ نزديڪ ٽلٽي) جو هڪ معروف ۽ مشهور بزرگ هو،
تاريخ معصوميءَ ۾ سندس ذڪر خير ان طرح آيل آهي ته
”عالم رباني هو، سنڌ ۾ علم پکيڙڻ جو سهرو سندس سر
تي آهي“ ظاهري ۽ باطني علم جو صاحب هو، هرات مان
سنڌ ۾ آچڻ وقت رستي ۾ کانئس ڪيتريون ڪرامتون ظاهر
ٿيون ”شيخ الاسلام جي درجي تي فائز هو، هن صاحب جو
ڳوٺ ڳاهن ۾ وڏو مدرسو هو، جنهن مان ڪيترا طابق
العلم ديني علوم جي تڪميل ڪري نڪتا، پاڻ اتي ئي
وفات ڪيائيون.
10. مخدوم عبدالعزيز محدث ابهري ۽ سندس پٽ: ڳوٺ ڳاهي جو ٻيو
قابل فخر بزرگ مخدوم عبدالعزيز محدث ابهري آهي، جو
ڄان فيروز جي ڏينهن ۾ شاهه اسماعيل صفويءَ جي
بغاوت ڪري ٻن گوهرن سان گڏ هرات کان ڳاهن جي ڳوٺ
۾ سن 918هه/1513ع ۾ آيو، تاريخ معصومي خواهه تحفته
الڪرام ۾ سندس ذڪر آيل آهي، تحفته الڪرام ۾ لکيل
آهي ته ”تبحر ۽ تحقيق جي معصر جو عزيز، علم ۽
تدقيق جي ملڪ جو شهنشاهه هو، سندس ٻه فرزند مولانا
اثير الدين ۽ مولانا يار محمد فضيلت ۽ ڪمال جا
روشن ستارا ۽ علمن جي جامعيت ۾ يگانه هئا، اتي ئي
وقات ڪيائون، مشڪوات شريف جي شرح ۽ اڪثر مروجه
ڪتابن جي حاشين جهڙي عجيب و غريب تصنيفون يادگار
ڇڏي ويا، مولانا اثيرالدين ڪڏهين ڪڏهين بيت ۽
مشنوي به چوندو هو.
11. سيد حيدر سنائي: محترم جي ايم سيد جو جدامجد، مخدوم بلال
رحه جو خليفو ويٺل ڳوٺ سن، وڏي پايي جو بزرگ هو،
تاريخ معصومي خواجه تحفته الڪرام ٻنهي سندس احوال
آندو آهي، ٻار هن سالن جي ڄمار ۾ مولانا عمر هليه
۽ مخدوم بلال رحه جي خدمت ۾ حاضر ٿي ، واضع حالات،
ڪشف ۽ يقين جو صاحب ٿيو، سندس اولاد به گهڻي
بزرگيءَ سان موصوف آهي، پاڻ صاحب ڪرامات ٿي گذريو
آهي، مرزا شاهه حسن جي حڪومت ۾ سن 937هه/1530ع ۾
رحلت ڪيائون، هن صاحب جو ذڪر خير علامه غوثيءَ
پنهنجي ڪتاب ”گلزار ابرار“ ۾ ڪيو آهي ۽ آخر ۾ هي
مصرع لکي اٿيس.
بــصـارت بـاصـيـرت روزيـش بـاد“
12. شيخ مبارڪ ريلي سيوستاني: شيخ مبارڪ جنهن کي تاريخ جا طالب
شيخ مبارڪ ناگوريءَ جي نالي سان ياد ڪندا آهن، سو
شيخ خضر جو فرزند هو، شيخ خضر شيخ موسيٰ جي اولاد
مان هو، شيخ موسيٰ شيخ مبارڪ جو چوٿون ڏاڏو يمن
مان لڏي اچي سيوستان جي نزهتگاهه ”ريل“ ۾ مقيم
ٿيو، هي نائين صدي هجريءَ جو واقعو آهي، شيخ خضر
ڏهين صدي هجري ۾ سير و سفر جي خيال سان ناگور جي
شهر ۾ پهتو، جتي مخدوم جهانيان جي جاءِ نشين شيخ
بخاري اچوي، شيخ عبدالرزاق قادريءَ ۾ شيخ يوسف
سنڌي جو مريد ٿي، ظاهري ۽ باطني علوم ۽ فيوضات
حاصل ڪري سنڌ موٽي آيو ۽ سال 911هه/1505ع ۾ کيس
شيخ مبارڪ ڄائو، هي تحفته الڪرام جو بيان آهي، ٻين
تذڪرن ۾ آهي ته شيخ خضر ناگور ۾ اچي رهيو ۽ شيخ
مبارڪ اتي ڄائو، اسان تحفته الڪرام جي بيان کي
ترجھيج ڏينداسيون، ازان سواءِ تحفته الڪرام لکيو
آهي ته شيخ مبارڪ، شيخ فياض بخاريءَ ۽ شيخ عمر
ٺٽويءَ کان مريدي جا ارشادات ورتا، هن مان ظاهر
آهي ته هي صاحب هتان سنڌ مان عقلي توڙي نقلي علمن
۾ متبحر ٿي، باقي ڏينهن ناگور ۾ گذارڻ لڳو، هڪ ٻيو
نڪتو تحقيق طالب آهي ته مرحوم قانع سندس اقامت
گاهه اڪبر آبادگار ڏياري آهي ۽ ناگور، مگر ماثر
الڪرام جي صاحب ان جي تصديق ان طرح ڪري ٿو،
950هه/1543ع ۾ آگره (اڪبر آباد) ۾ آيو ۽ تقريب
پنجاهه سال اتي رهي، علمي حلقن کي وڏو فائدو
رسايائين، پنج سئو ضخيم جلد پنهنجي هٿ سان
لکيائيون، جڏهن آخري عمر ۾ سندس نظر ويهي وئي،
تڏهين حافظي کان ڪم وٺي لکيائيندو هو، اهڙي طرح
چار جلد بنام ”منبع عيون العاني“ سندس ان خداداد
ذڪاوت تي شاهدي ڏين ٿا، پاڻ آگري ۾ 17 ذي القد
1001هه/1592ع ۾ وفات ڪيائين، سندس ٻن نور نظر
فرزندن شيخ ابوالفيض فيضي فياضي (وفات
1004هه/1595ع) ۾ شيخ ابوالفضل (قتل 1011هه/1502)
اڪبري درٻار کي پنهنجي علم و فضل سان منور ڪري
ڇڏيو، اڪبري دربار جا روشن رتن بنيا، شيخ فيضي
”ملڪ الشعرا“ هو ته ابوالفضل وري قلم ۽ سيف جو
صاحب، شيخ فيضي به نقطه تفسير ”سواط الالهام“ ۽
”موار دالڪلم“ بي نقاط پيش ڪيو ته ابوالفضل وري
آئين اڪبري عيار دانش ۽ مڪتوبات علامي، المعروف
انشاي ابوالفضل ميدان ادب ۾ آندا، شيخ فيضي جو
هيٺيون سعر واقعي سندس علم و تبحر جو دليل آهي.
آنــم ڪــه فــنــون، ذوفــنـــون دارم،
انــــوار چـــــراغ رهـــنـمــون دارم،
اين ڪالبدم زخاڪ، هند است ولي،
درهر بن مو هزار يونان دارم
هي آهن سيوستاني خاڪ جا آبدار ۽ تابناڪ ذرا
13. مخدوم نجيم: ريل جي بزرگن جو سردار، مريدن جي وڏي ٽولين جو
صاحب ۽ مخدوم نوح عليه رحمت جو همعصر هو.
14. درويش رڪن الدين ولد ڏتو: الله پاڪ جي درگاهه جو هڪ مقبول
بندو هو، گهڻو ڪري عبادت ۽ رياضت ۾ مشعول رهندو
هو، ڪافي ڪرامت جو صاحب هو، چون ٿا ته پوين ڏينهن
۾ وجد جي غلبي ۽ ذڪر جي جوش کان سندس هڪ عجيب حالت
ٿي پئي هئي، جڏهن به ڪو بلند آواز يا ڏاڍيان
ڳالهائڻ ڪن ته پ وندو هوس، تڏهن هڪدم وٺي درد ڀري
دانهن ڪندو هو ۽ انهن دانهن جي ٻڌڻ سان اهو آواز
ڪندڙ ساهه ڏيندو هو، سندس وفات سن 988هه/1580ع ۾
واقع ٿي.
15. شيخ هوٿي لاکو: دشت باران جي بزرگن جي تحت هن جو ذڪر آيو
آهي، سن نه هئڻ ڪري سندس سمو مقرر ڪي نٿو سگهجي،
مگر دليل الذاڪرين جي هڪ روايت موجب مخدوم ساهڙ
لنجار ۽ هي صاحب مخدوم نوح رحه وٽ گڏ حاضر هئا ۽
ڪلمي شريف جر ذڪر جي تلقين حاصل ڪئي هئائون، ان
ڪري هي صاحب مخدوم نوح رحه جن جو همعصر آهي، تحفته
الڪرام لکيو آهي ته ”وقت جي پيرن جو پير هو، اڪثر
مٿي کان پيرن تائين ڳاڙهو لباس پهريندو هو،
تيرڪمان هٿ ۾ کڻندو هو ۽ خانقاهن ۾ وجد ۽ سماع جي
غلغلي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو، سندس مزار
پرانوار دشت جي ڪنڊ ۾ ساڪره جي ڪناري تي مورياڻي
ڳوٺ ۾ الله وارن جي گڏ ٿيڻ جي جاءِ آهي“ سندس ٻه
فرزند شيخ احمد ۽ شيخ محمد بيشمار ڪرامتن جا صاحب
ٿي گذريا آهن، شيخ احمد الله پاڪ جي حضور ۾ پهتل ۽
شيخ محمد سنڌ جي ناميارن بزرگن ۽ وڏن اوليائن مان
آهي، سندن تربتون سندس والد بررگوار جي ڀر ۾آهن.
15 هارون مڱريو: هڪ وڏي درجي ۾ ڪاني ڪرامتن جو مالڪ ۽ درويش شيخ
احمد ۽ شيخ محمد جن جو همعصر دشت ۽ تل جو رهاڪو
هو، پاڻ ۾ محققانه ۽ عارفانه صحبتون ڪندا هئا.
17: شيخ ڪتين لاکو: هن صاحب جو ذڪر فقط هڪ تذڪري ”گلزار ابرار ۾
ملي ٿو، افسوس جو ٻيا سنڌ جا تذڪرا هن بزرگ جي
احوال ڏيڻ کان خاموش آهن، مذڪوره تذڪري ۾ آيل آهي
ته مخدوم بلاول رحه جو مريد هو، ترڪ دنيا ۾ ڪمال
حاصل هوس، ايتري حد تائين جو ظاهري ملامت نفس ڪري
کيس روحاني لذت نصرب ٿيندي هئي، جڏهين سندس جنازو
قبر ۾ ٿي رکيائون، تڏهن ذڪر جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو.
جــــذبـــه ذڪــــر حـــق زبــــان گـــويـــا مــبـــاد،
3. سرڪار نصرپور جا مشائخ
جيئن ته مخدوم نوح سرور رحه جو اقامتگاهه خواهه آرامگاهه
هالاڪنڊي آهي ۽ هالاڪنڊي سرڪار نصرپور ۾ آهي، تيئن
واجب آهي ته سرور سائين جو ذڪر خير پهرين آڻي،
پوءِ ٻيا بزگر آڻجن، معلوم هجي ته هي احوال مولانا
غوثيءَ جي مشهور ڪتاب ”گلزار ابرار“ تان ورتال آهي
۽ اڳ هي مواد سنڌ واسين سان روشناس ٿيل نه آهي.
ملاخطه ڪجي.
”مخدوم نوح هالاڪنڊي وارا سنڌ جي بزرگ مشائخ مان آهن، مسيغ
القلوب ”شيخ عيسيٰ جندالله پاٽائي ثم برهانپوري)
کان روايت آهي ته سندس ڏاڏو شيخ يوسف رسمي علمن جي
آغاز تحصيل ۾ سندس هم درس هو، هڪ دفعني مخدوم صاحب
تي جذبو طاري ٿيو ۽ چند روز بعد سندن زبان ۾ قوت
بيانيه پيدا ٿي وئي، باوجوديڪ علم نحوجي استعداد
نه هئڻ ڪري قرآن شريف جو تفسير ڪيترن ئي نمونن ۾
بيان ڪندا هئا، سنڌ خواهه ٺٽي جا اڪثر اهل علم
حضرات امتحان واسطي هر هڪ فن جي مشڪلات سندن
سامهون پيش ڪندا هئا، پاڻ بي تامل هڪ روشن جواب
سان سندس خدشات جي شورش دٻائي ڇڏيندا هئا، معترضن
کي معتقد بنائي ڇڏيندا هئا، حڪيم عثمان بوبڪائيءَ
کان روايت آهي ته مان هڪ ڏينهن مخدوم صاحب جي خدمت
۾ هاضر ٿيس ۽ چاهيم ته علمي ڪمالات جي حصول جي دعا
لاءِ التماس ڪريان، اڃان ضمير جي مخفي بات عبارت ۾
نه آئي ته پاڻ فرمايائون ته ”واتقوالله بعلمڪم“ ان
وقت کان منهنجي اتقا ۽ علم ۾ واڌارو ٿيندو رهيو،
بعضي چون ٿا ته قرآن شريف جي معاني جي تعليم کين
”من عندالله“ هئي بعض جو بيان آهي ته خواجه خضر
کان ملي ۽ بعض روايتن مطابق هڪ بزرگ کان حاصل
ڪيائون جو خراسان مان آيو هو“
1. مخدوم مراد راهوٽي: هي صاحب مخدوم صدر الدين راهوٽي، جنهن جو
ذڪر خير اڳ اچي ويو آهي جو فرزند هو، هي صاحب هڪ
وڏو عالم ۽ نهايت پرهيزگار هو، هي حسن مقري
(بانگي) درويش ڀاڻوٺيءَ جو همعصر هو، سندس اولاد
مان قاضي منور مشهور ٿي گذريو آهي، جو شاهه
عبدالڪريم بلڙيءَ جي رشد و هدايت تي سلوڪ وارن جي
سلسلي ۾ شامل ٿيو.
2. درويش حسن مقري: ڀاڻُ لڳ بلالي ڳوٺ ۾ هي بزرگ حسن ٻانگو
مدفون آهي، هي به بلالي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي ۽ سيد
حيدر شاهه سنائيءَ جو مريد هو، مخدوم نوح رحه وٽ
به گهڻو انيدو ويندو هو، اصل واڍو هو، دل جي
ڦرهيءَ کي صفائي جي رندي سان سلو ڪري، چٽي
سينگاريو هئائين، چون ٿا ته هڪ طهارتخانو هوندو
هوس ۽ جڏهن به وضو ڪرڻ لاءِ انهيءَ ۾ ويندو هو
تڏهن بيخود ٿي ويندو هو، هڪ ڏينهن ٻپهريءَ جي وقت
ڪونرو کڻي وضو ڪرڻ ويٺو. هٿ تي پاڻي هارڻ ٿي
گهريائين ته هوڏانهن ٻانگي ٻانگ شروع ڪئي، درويش
بيخود ٿي ويو، ورندي ٻئي ڏينهن جڏهين ٻانگي ساڳي
وقت جي ٻانگ شروع ڪئي، تڏهين هوش ۾ اچي پڇيائين ته
”اڃا شايد ٻانگي ٻانگ پوري نه ڪئي آهي“ ان ڪري کيس
ٻانگو ڪري ٿا سڏين، مخدوم مراد ولد مخدوم صدر
الدين راهوٽي سندس همعصر به هو مگر عقيدتمند به.
3. مخدوم ساهڙ لنجار انڙ پوري: هي صاحب به بلالي طريقي جو مکيه
طالب آهي، وڏو آزاد انسان ۽ وقت جي صالحن مان هو،
سدائين عبادت ۾مشغول رهندو هو، سندس مجلس ۾ دنيوي
گفتگو ڪڏهن به ڪا نه هلندي هئي، جنهن تي به توجه
جي نظر ڪندو هو، ته اهو ولايت جي درجي کي وڃي
رسندو هو، جڏهن به مٽيارين ۾ ايندو هو تڏهين پير
ڊگهار ڪري نه سمهندو هو، ڇو ته چوندو هو ته چوطرف
ساداتن جا گهر آهن، انڙپور جي ٽڪريءَ تي مدفون
آهي، سندس فيض مان مير رڪن الدين متعلويءَ ڏاڍو
پرايو، دليل الذاڪرين ۾ آيو آهي ته پنهنجي هڪ عزيز
شيخ محمود ولد صديق فخريه کان مخدوم نوح رهح جو
لدني مرتبو معلوم ڪري، سروري حضور ۾ حاضر ٿيو ۽
هوٿي لاکي ان گڏجي ڪلمي شريف جي ذڪر جي تلقين
ورتائين.
4. شيخ فاضل شاهه قريشي بڪيراڻي: هي صاحب شيخ بهاؤ الدين ملتاني
رحه جي اولاد مان سن 1000هه/1591ع کان ڪي مٿي سال
گذريا ته سنڌ ۾ آيو ۽ اچي بڪيرن ۾ رهڻ لڳو، نهايت
ڪامل بزرگ ۽ پنهنجي وقت جو ڪمال هو، پنهنجي نياڻي
شيخ شهر الله کي ڏنائين، جنهن مان ٻه فرزند شاهه
سراج الدين ۽ شاهه قائم الدين ٿيا، ٻئي صاحب کي
اولاد ڪو نه هو، تنهن ڪري پهرين صاحب جو اولاد
بڪيرن جي گاديءَ تي رهندو آيو، تحفته الڪرام مطابق
شاهه سراج الدين، شاهه عنايت صوفيءَ جهوڪ واري سان
گڏجي جهوڪ جي جنگ جي شروعات ڪئي هئي.
5. مخدوم اسماعيل سومرو اگهم ڪوٽي: گلاب لغاري تعلقي ماتلي جي
متصل اگهاماڻي مقام جو مڻيادار مڻيو مخدوم محمد
اسماعيل سومرو، هڪ وڏو ولي ۽ ناليوارو بزرگ ٿي
گذريو آهي، هيءَ مقام جي اڳي عربن جي آمد کان اڳ
اگهم ڪوٽ مشهور هو سو هاڻي ”اگهاماڻي جي مقام“ جي
نالي سان مشهور آهي ۽ قلعي جا ڦٽل ۽ ڦٽايل نشان
نشانبر آهن، ننڍپڻ کان وٺي پيريءَ تائين سڄي عمر
رياضت ۾ گذاريائين، تمام مالدار ۽ شاهوڪار هو،
قسمن قسمن طعام ۽ نموني نموني جا شربت، طالب علمن
۽ مسافرن کي ڏيندو هو، مگر پاڻ جون جي ماني
کائيندو هو، پاٽولي قوم سندس مريد آهي، سندس مجاود
ميان صاحب آهن، جي جوڻ ۽ فتح باغ مان اگهاماڻي
آيا، پاڻ سنه 998هه/1589ع ۾ وفات ڪيائون، سندس
نياڻيءَ به وڏي خدا رسيده هئي، اگهاماڻيءَ جي
بزرگن جو زياده احوال بندي جي اگهاماڻي واري مقالي
۾ ايندو، مولانا غوثي پنهنجي تذڪري ۾ هن صاحب جو
احوال ڏيندي لکي ٿو ته سندس خانقاه ڇا هئي؟
زاهدستان هو.
6. مخدوم صڌو موهيو: هڪ ناليرو عالم، وقت جو پرهيزگار بزرگ ۽
مخدوم اسماعيل جو دوست هو.
7. مخدوم عثمان: پنهنجي وقت جو بزرگ ۽ مخدوم اسماعيل جو همعصر ۽
ڳوٺائي هو.
8،9. درويش دائود ۽ ميان همون: هر هڪ مخدوم اسماعيل سومري جو
همعصر هو، هر هڪ جي مدرسي ۾ اٽڪل پنج سئو طالب
قرآن شريف جي قرات ۽ درس ۾ مصروف رهندا هئا، جن جي
خوراڪ ۽ پوشاڪ جو انتظام پنهنجي طرفان ڪندا هئا،
مرزا باقي باوجود سخت بخيل هئڻ جي جيڪا به آبادي
هي بزرگ ڪندا هئا، تنهن تان ڍل وغيره معاف ڪري ڇڏي
هئي، پاڻ جون جي ماني کائيندا هئا ۽ لوڻ سان
افطاري ڪندا هئا، پنهنجي زمين جي پيدائش، شاگردن ۽
مسڪينن تي خرچ ڪندا هئا.
10. سيد للو متعلوي: سيد عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو والد بزرگوار
آهي، پنهنجي وقت ۾ خدائي فيض جي پالوٽ جي جاءِ ۽
دائمي شهود جو سرچشمو هو، سندس مزار مٽيارين ۾آهي،
سندس وڏو فرزند سيد جلال هو جو به روحاني جلال جو
صاحب هو ۽ حال واري حالت ۾ شاهه عبدالڪريم رحه جي
حياتيءَ ۾ گذاري ويو.
11. سيد رڪن الدين: سيد صاحب مخدوم ساهڙ لنجار جو نوازيل متعلوي
خاندان جي ”جرار پوٽه“ سيدن مان ٿي گذريوآهي، پاڻ
هڪ دفعي وجد جي حالت ۾ چيو هئائين ته ”تيرن جي بٿي
ڀريو ويٺو آهيان ۽ پيو ٿو هڻان، ڪن جي ڪنن کان ۽
ڪن جي منهن کان نڪرندا ٿا وڃن، پرڪنهن کي سڌو تير
ڪو نه ٿو لڳي، جو ڪري پوي. هي تير جنهن کي به
لڳندو ته اهڙو ڪرندو جو وري نه اٿيندو“ سندس وفات
جو پورو سال معلوم نه ٿي سگهيو آهي، مگر محتره جي
ايم سيد پنهنجي تاليف ”پيغام لطيف“ ۾ سندس وفات جو
زمان 950هه/1543ع ۽ 980هه/1572ع جي وچ ڌاري ڄانائي
ٿو.
12. درويش حسين سهار: سهار جي ڳوٺ جو رهاڪو اصل ڌوٻي، حال ۽ قال
جو صاحب پيدا ٿيو هو، هو سيد عبدالڪريم بلڙي واري
جو همعصر هو.
13. درويش ڀنڀو سهار: سهار جي ڳوٺ جو هي بزرگ صاحب حال هو، سندس
زمانو سيد عبدالڪريم بلڙي واري جي وقت کان ٿورو اڳ
مخدوم نوح رحه جي وقت سان لڳ ڀڳ لڳي ٿو.
14. شيخ ابراهيم ريحاني: شيخ ريحاني جهنگليءَ جي اولاد مان
پنهنجي وقت جو صاحب هو. هڪ ڏينهن سيد علي شيرازي
ٺٽويءَ جي زيارت لاءِ آيو، شاهه صاحب کي تسبيح هٿ
۾ هئي، هٿ ڏنائينس ته سيد صاحب چيس ته اوهان کي پڻ
تسبيح هٿ ۾ آهي، وراڻيائين ته ”ڏٻري ۽ ضعيف گهوڙي
لاءِ ته چهبڪ ضروري آهي، پر تازي ۽ تکو گهوڙو به
چهبڪ کان سواءِ نٿو سونهين.“
15. درويش ونهيون چانهيو: وقت جو شيخ ۽ قال ۽ حال جو صاحب هو،
وڏو ولي ٿي گذريو آهي، سندس ڪرامتون بيان کان ٻاهر
آهن، سندس وفات جو سن 1001هه/1592ع آهي، سندس عربي
ماده ”مات في عشق“ آهي، ساڱري جي ڪناري تي تور
ڪئي، جي ڳوٺ ۾ دفن ٿيل آهي، جو هاڻي سندس نالي
پٺيان ”ونهيي جو مقام“ ڪري ٿو سڏجي ۽ ٽنڊي آدم ۽
ٽنڊي الهيار روڊ تي واقع آهي، حديقته الاولياءَ
کيس ”اويس ثاني“ ڪري ڪوٺيو آهي.
16. درويش لڌو: جن ماڻهن تي درويش ونهين جي نظر فيض اثر هئي،
انهن مان هڪ مکيه ماڻهو هو، مرشد جي توجه جي برڪت
سان وڏي مرتبي کي پهچي ڪشف ۽ حضور جو صاحب ٿي
پيو.
17. مولانا عباس: شيخ ونهيي جو هڪ خاص خادم هو، جو برگزيده
روزگار، وڏي درجي وارو ۽ حال ۽ قال جو صاحب هوندو
هو.
18. شيخ صڌو نهڙيو: هڪ وقت جو عارف ۽ پنهنجي زماني جو بزرگ ۽
شيخ ونهيي جو همعصر هو.
19. مرزا شاهه حسن: سرڪار نصرپور جي بزرگ جو احوال هن علم نواز
شخصيت تي ختم ڪجي ٿو، جو چنگيز خان جي اولاد مان
آهي، مرزا شاهه حسن ”سپاهي“ بن شاهه بيگ ارغون بن
ذوالنون ارغون جو ڏاڏو ارغون خان پنجين پيڙهيءَ ۾
وڃي چنگيز خان سان ملي ٿو، شروعات کان آخر تائين
جيڪي به جنگيون ڪيائين تن ۾ سوڀارو رهيو، سن
896هه/1490ع ۾ ڄائو هو، سال 921هه/1521ع ۾ شاهه
بيگ جو فوتي ٿيڻ بعد نصرپور ۾ تخت ٿي ويهي، خطبو
بابر بادشاهه جي نالي پڙهيو، 34 سال حڪومت ڪري
962هه/1554ع ۾ فوت ٿيو، سندس لاش مڪه شريف کڻي
ويا، منقولي علمن ۾ وڏو ماهر هو ۽ ڪڏهين ڪڏهين شعر
به چوندو هو، سندس تخلص ”سپاهي“ هو، عالمن، فاضلن
۽ سيدن جي ڏاڍي عزت ڪندو هو، سندس شعر جو نمونو
ملاخطه ٿئي.
عشقت ڪ بود مايهء ارباب سلامت
ازوي نبود حاصل ماجز به ندامت
آن ڪس ڪ به تيغ ستم عشق تو ميرد
نبود هوس، زندگيش روز قيامت
اي شاهه تو دربار گه ناز مقمي
مارا بسر ڪوئي نياز ست اقامت
پابوس سگت گر به ”سپاهي“ ندهد دست
تا زنده بود مي گزد انگشت ندامت
4. سرڪار چاچڪان جا بزرگ
1. درويش حاجي سوڌو جوڻي: چاچڪن جي سرڪار جي هڪ ناليري پرڳڻي
جوڻ جي هڪ ڳوٺ ۾ رهندڙ هو، هن صاحب مخدوم نوح رحه،
اسماعيل جاڳي، سيد رڪن الدين ۽ شاهه عبالڪريم جي
صحبت مان فيض پرايو هو، گهڻا ماڻهو مريد هوندو
هئس.
2. درويش بهاءُ الدين گودڙيو: پهريائين هن جو مريد هو، تنهن کان
پوءِ مخدوم نوح رحه جي خدمت مان فيض پرايائين.
3. مخدوم عبدالحميد بن مخدوم نورنگ سومرو: جوڻ جي سرزمين جي پٽي
تعلقي جي ورياه ڳوٺ جو مکيه مخدوم بزرگ آهي، هن
جووالد صاحب مخدوم نورنگ سومرو، هڪ ڪامل پير هو،
هي صاحب به وقت جي عارفن ۽ پرهيزگارن مان هڪ هو،
سندس فرزند رشيد مخدوم اسحاق مشهور عالم ۽
پرهيزگار هو، جنهن جو فرزند مخدوم رحمته الله اچي
ٺٽي ۾ رهيو، سندس فرزند مخدوم آدم به پنهنجي والد
کان پوءِ درس تدريس ۾ مشهور ۽ معروف رهيو، جو
مخدوم نوح رحه جي مريد مخدوم ابو مصطفيٰ جو همعصر
هو ۽ مخدوم آدم جو فرزند مخدوم رحمت الله وري
مخدوم ابومصطفيٰ جي فرزند مخدوم بايزيد جو شاگرد
هو.
4. مخدوم الياس: شيخ شهاب الدين سهروردي جي اولاد مان آهي، هو
صاحب بزرگ جي خوبين ۾ برگزيدگي جي وصفن سان موصوف
هو، آب داڻي جي ڪشش کان سنڌ ۾ اچي هن صاحب ڳوٺ
ورياهه، پرڳڻي جوڻ ۾ رهي عمر سڳوري پوري ڪئي، سندس
فرزند مخدوم عجائب ۽ سندس پوٽو مخدوم هارون هو،
جنهن جو فرزند مکيه مخدوم ضياءَ الدين آهي، جو سن
1090هه/1680ع ۾ ڄائو، هن حساب سان هي مخدوم الياس
مخدوم صاحب نوح رحه جي همعصر ٿي سگهي ٿو.
5. مخدوم طوغاچي: هن بزرگ جي درگاهه بدين جي الهندي طرف، گهڻي
وقت کان عام ماڻهن جي زيادتگاهه آهي.
6. مخدوم صالح: مخدوم طوغاچي جو مريد، وڏو ڪامل برزگ هو، مخدوم
طوغاچي جي مزار جي نزديڪ مدفون آهي، هن جو پٽ
مخدوم يوسف ۽ پوٽو مخدوم عثمان مشهور ۽ معروف عالم
هئا، مخدوم عثمان جو پٽ مخدوم عبدالرحيم شاهه جهان
جي پوين ڏينهن ۾ ٺٽي جي مفتيءَ جي عهدي تي سرفراز
هو، ان حساب سان سندس پڙڏاڏو مخدوم صالح مخدوم نوح
رحه جو همعصر ٿي سگهي ٿو.
7. حافظ دائود بدينوي: هڪ متبرڪ ملا بدين جو رهاڪو هو، سندس
وفات سن 1030هه/1620ع ۾ ٿي، جا هن مصرع مان لڌي
ويئي آهي، دائود بدين رفت بفردوس ابد“ مقالات
الشعراء ۾ سندس سن وفات 1020هه/1610ع ۾ آيو آهي،
مگر مصرع جو ابجد حساب ڪندي سال 1120هه/1780ع ۾
نڪري ٿو، جيڪڏهن سندس سن وفات پهريون سال آهي ته
پوءِ هي صاحب مخدوم نوح رحه جو همعصر ٿي سگهي ٿو،
مگر جي پويون سال آهي ته پوءِ همعصر ٿي نٿو سگهي،
سندس هيٺيون شعر مقالات الشعراء ۾ آيل آهي.
ديده اندر راه وصلش بس ڪه باشد منتظر
گر غباري خيزد ازرديء زمين دانم ڪه اوست.
8. شيخ موسيٰ بن مغل چاچڪ، شيخ ڀرڪئي ڪاتيار جي نام ڪٺيي ۽
نامور همعصر شيخ مغل چاچڪ، جو موڪليءَ تي مدفون
آهي، جو فرزند هو، پيءُ کان پوءِ گاديءَ تي ويهي
وقت جي پرهيزگارن ۽ نامور بزرگن ۾ شمار ٿيو، هميشه
الله وارن جي خدمت لاءِ تيار رهندو هو، سندس قبر
بدين جي جوڻ تعلقي جي هڪ ڳوٺ چاچڪن ۾ موجود آهي.
5. سرڪار چڪرهاله جا بزرگ
1. شيخ ريکن: شيخ ريحان جهنگلي جي اولاد مان هو ۽ شيخ اسماعيل
جنهن جو ذڪر اڳي ئي آيو آهي ان جي عزيزن مان هو،
سندس تربت چڪرهاله ۾ خدا وارن جي زيادتگاهه ۾
پرهيزگارن جي مرجع آهي.
2. درويش راڄو ستيو دل: لنڊن جي ڳوٺ رائدن ۽ ستيار جي پرڳڙي مان
هڪ مجذوب مطلق ۽ واصل بالله هو، هميشه خانه بدوش
رهيو، سندس زبان مان جيڪي به نڪرندو هو سو ٿيندو
هو، جڏهين به کيس ڪو معاملو پيش ايندو هو، تڏهين
بيهي سر ۾ الحان سان ڪو سنڌي بيت پڙهندو هو، جيڪي
آکي سو ٿئي سندس تمام گهڻيون ڪرامتون مشهور اهن،
سندس وفات مٿئين ڳوٺ ۾ سن 977هه/1569ع ۾ ٿي.
3. مخدوم يعقوب پليجو: مرزا شاهه حسن ارغون جو معاصر وقت جو
عارف ستيار پرڳڙي جي ناري ڳوٺ جو رهندڙ هو، تحفته
الڪرام ۾ حديقته الاولياءَ ۾ سندس ڪيتريون ڪرامتون
آيل آهن.
6. سرڪار ٺٽي جا مشائخ
1. درويش احمد رونجهو اپلاڻي: بٺوري پرڳڙي جي ڳوٺ اپلاڻ جو هو،
سيد عبدالڪريم جو همعصر ۽ بزرگيءَ ۽ ڪمال وارن
ولين جي فهرست ۾ داخل آهي.
2. قاضي حسن: بٺوري تعلقي جي ڳوٺ هٽڙيءَ جو وڏو عالم، سير ۽
سلوڪ جو صاحب ۽ سيد عبدالريڪم جو همعصر هو.
3. درويش جوڻو: بٺوري پرڳڙي جي ڳوٺن مان هڪ ڳوٺ دٻي جا باشندو،
بزرگيءَ ۽ ولايت ۾ مشهور هو، سيد عبدالڪريم رحه جو
همعصر هو.
4. مولانا ضياءَ الدين ولد مخدوم صدر الدين راهوٽي: بٺوري پرڳڻي
جي هڪ مشهور شر راهوٽ جو رهاڪو هو، سندس تعريف،
تاريخ معصومي خواهه تحفته الڪرام ۾ آيل آهي، سندس
والد به هڪ عالم ڪامل ۽ علمن جو جامع ٿي گذريو
آهي، مرزا شاهه حسن جوهمعصر هو، پهريائين تعليم ۽
تدريس ڏنائين پر پوءِ گوشه نشين ٿي ياد الاهيءَ ۾
باقي وقت بسر ڪيائين ۽ لوڪ جي لياڪن کان لکي ويهي
رهيو. |