گذارش
سنڌ جي قديم علمي ذخيري جي حفاظت (ايڊيٽوريل)
سنڌ جي علمي عظمت ۽ ادبي فوقيت جي سلسلي ۾ اها ڳالهه بجا طور تي
حقيقت تي مبني آهي، ته سنڌ ۾ ماضيءَ ۾ علم ۽ فضل،
تعليم ۽ تدريس جا مشغلا نهايت اوج ۽ عروج تي پئي
رهيا آهن. سنڌ جي لائق ۽ سڄاڻ عالمن، سنڌ جي علمي
عظمت کي وڌائڻ لاءِ جيڪي نيڪ ڪوششون ورتيون آهن،
تن سان تذڪرا ڀريا پيا آهن. علم جو واسطو آهي ئي
ڪتاب سان. سنڌ ۾ مختلف علمن ۽ فنن تي مختلف دؤرن ۾
وڏي تعداد ۾ جيڪي ڪتاب لکيا ويا آهن، تنهن کان
انڪار ڪري نٿو سگهجي. آڳاٽي زماني جي دستور موجب،
اهي ڪتاب، گهڻو ڪري عالمن جي ذاتي ڪتابي ذخيري ۾
ئي محفوظ ڪيا ويندا هئا، يا مدرسن ۽ علمي درسگاهن
۾ رکيا ويندا هئا. سنڌ جي عالمن جي اهڙن علمي
ڪشالن جا احوال جابجا مختلف ڪتابن ۽ مقالن ۾ اڄ
اسان کي معلوم ٿيندا ٿا رهن. وقت گذرڻ کان پوءِ،
ظاهر آهي ته قلمي ڪتابن جا وڏا تعداد، مناسب حفاظت
۽ نگهداشت نه هئڻ ڪري يا ته اڏوهيءَ جي نذر ٿيندا
رهيا يا پوين جي بي توجهيءَ ڪري، ٻين سببن سان ناس
ٿيندا رهيا. ان طريقي سان سنڌ جو قلمي ذخيرو. جنهن
بيدرديءَ سان ضايع ٿيندو پئي رهيو آهي، اهو هڪ
نهايت ڏکوئيندڙ موضوع آهي.
قيام پاڪستان کان پوءِ سنڌ جي لائق ۽ سڄاڻ عالمن جون ذاتي
ڪوششون شروع ٿيون، ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪيئي
ناياب ۽ املهه، قيمتي ۽ نادر ڪتاب هٿ اچن شروع
ٿيا. دستياب ٿيل علمي ذخيرو هڪ طرف وڏي تعداد ۽
اشاعت هيٺ اچي منظر عام تي آيو ته ٻئي طرف سنڌ جي
علمي ادارن ۾ محفوظ ٿيڻ لڳو، جتي انهن جي نگهداشت
جو مناسب انتطام موجود آهي. يقيناً مستقبل جا محقق
اهڙي قيمتي وَٿ مان آئينده استفادو ڪندا رهندا.
ائين ڪونه آهي، ته ڪو سنڌ جي علمي ذخيري جي ٽڙيل پکڙيل سمورو
تعداد گڏ ٿي سگهيو آهي. سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ علمي ورثو
نه صرف اڄ به موجود آهي، پر اهو بچاءُ جي مناسب
انتظام نه هئڻ ڪري ڏکوئيندڙ حالت ۾ پيو آهي. رڳو
پير جهنڊي جي جڳ مشهور علمي مرڪز جو مثال وٺجي، ته
حيرت ٿي ٿئي ته ايترو سارو اهم علمي ذخيرو اسان وٽ
سنڌ ۾ هڪ ئي هنڌ موجود هو. مرحوم پير حسام الدين
راشدي، سنڌي ادبي بورڊ جي اوائلي زماني م جتي ٺٽي
۽ ٻين علمي مرڪزن جا قلمي ڪتاب هٿ ڪري، بورڊ جي
ڪتبخاني ۾ محفوظ ڪرايا، اتي پنهنجو عمر عزيز جي
پوئين زماني ۾، پير جهنڊي جي مشهور لئبرريءَ جا
ڪتاب، قومي عجائب گهر ۾ محفوظ ڪرائڻ جو انتظام
ڪرايو. سنڌ جو اهو اهم علمي ورثو، جيڪو اڳتي هلي
يقيناً تباهه ٿي وڃي ها، سو هڪ اداري جي حوالي سان
هميشہ لاءِ هٿيڪو ڪيو ويو.
هن طرح سان سنڌ ۾متعدد علمي مرڪزن ۽ درسگاهن، مدرسن ۽ مڪتبن ۽
ڪيترن ئي خاندانن جي ذاتي ڪٻٽن جي عظمت جا ڪيئي
تذڪرا، بوسيده خطي نسخن جي صورت ۾ اڄ به موجود
آهن، جن جي حفاظت ۽ نهگداشت جي وڏي ضرورت آهي.
ظاهر آهي ته اهڙن نسخن کي چند صديون ته اڳي ٿي
گذري چڪيون آهن ۽ اگر حفاظت نه ٿي سگهي ته ورندڙ
صدي ــ اڌ ۾ اهي ذاتي ذخيرا مڪمل طور تي تباهه ۽
برباد ٿي ويندا.
اڃا وقت هٿن مان ويو ناهي، انڪري سجاڳي جي ضرورت آهي. سنڌ جي
ماضيءَ جي عظمت کي برقرار رکڻ لاءِ اسان سڀني کي
توجهه ڏيڻ کپي. بي توجهيءَ ۾ ٿيل نقصان جو اندازو
ٿي سگهي ٿو ته ان جي بچاءُ لاءِ آئنده ڪا صورت
پيدا ڪجي.
الحمد الله، هن وقت سنڌ ۾ ڪيئي باوقار ۽ فعال علمي ۽ ادبي،
ثقافتي ادارا ۽ لئبرريون سرگرم عمل آهن، جتي اهڙن
قلمي خطي نسخن جي مناسب نگهداشت موجود آهي. اهڙن
ادارن ۾ سنڌي ادبي بورڊ، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي،
سنڌ ميوزيم، سنڌ آرڪائيوز، مهراڻ آرٽس ڪائونسل، سر
شاهنواز ڀٽو لئبرري ۽ خيرپور ڊويزنل پبلڪ لئبرري
مکيه حيثيت رکن ٿا.
سنڌ ۾ جيڪو به قلمي ڪتابي ذخيرو ذاتي طرح سان موجود اهي، ان جي
وارثن ۽ مالڪن کي دردمندانه اپيل ڪجي ٿي، ته اهو
قومي ورثو، ڪنهن نه ڪنهن ادار جي حوالي ڪن يا ان
جي فوٽو اسٽيٽ مهيا ڪن، جيئن ان جي ”مستقل حفاظت“
جو انتظام ٿي سگهي. ڪيترن ادارن وٽ مائڪرو فلمنگ
جا جديد انتظام پڻ ميسر آهن، جن وسيلي گهربل مقصد
حاصل ڪري سگهجي ٿو. ٻي صورت ۾ پاڻ ئي اهڙا مناسب
اپاءُ وٺن، جيئن اڏوهيءَ جي کاڄ کان محفوظ ٿي
سگهي، ۽ اهڙي ذخيري جو اطلاع ڪنهن اداري کي ڏين،
جيئن ان جي ڄاڻ حاصل ٿي سگهي.
سنڌي ٻارن جي ادبي تربيت
اڄ جو ٻار مستقبل جو صحيح معنيٰ ۾ معمار آهي. آئندي جي پختي
ذهني اڏاوت لاءِ لازم آهي ته اڄ جي ٻار جي صحيح ۽
منظم، موثر ۽ مضبوط ذهني تربيت جو بندوبست ٿئي.
تعليم ۽ تدريس سان گڏ ”ادب“ جو جيڪو ڪردار آهي،
اهو بنيادي حيثيت رکي ٿو، انڪري ان کي نظرانداز
نٿو ڪري سگهجي. سنڌي ٻار جي ادبي تربيت ۽ علمي
اوسر جي باري ۾ جڏهن ويچار ڪجي ٿو ته هڪ نهايت
ڏکوئيندڙ صورتحال سامهون اچي ٿي. سائنس ۽
ٽيڪنالاجيءَ جي هن حيرت انگيز ترقيءَ جي زماني ۾،
دنيا جي مهذب ۽ متمدن قومن وٽ ٻارن جي تربيت جا
جيڪي جديد سائينٽفڪ انتظام موجود آهن، تن جي ڀيٽ
۾، اسان وٽ سنڌي ٻارن کي ڄڻ ڪجهه به ميسر ناهي!
بدقسمتيءَ سان، ۽ نهايت ئي بدقسمتيءَ سان، اسان وٽ
ٻارن جي ادب جي اهيمت کي ڄڻ تسليم ئي نه ڪيو ويو
آهي! ادب پيدا ٿئي ته ڪٿان ٿئي؟ سرڪاري سطح تي ته
اڻهوند آهي، پر خانگي لحاظ سان پڻ ڪي به اثرائتا
ادارا يا تنظميون ناهن، جو سنڌي ٻار جي فڪري اوسر
ٿي سگهي. وري به شابس آهي انهن چند ٻارن کي، جيڪي
پنهنجي مدد پاڻ ڪري جي اصول تحت، پاڻ ئي هڙان ڪجهه
هٿ ڪري، ڪجهه نه ڪجهه ڪندا ٿا رهن. اسان وٽ ٻارن
لاءِ لٽريچر ناپيد آهي نه ٻارن لاءِ مناسب رسالا
آهن ۽ نه ڪتابي سلسلا نه وري ڪي منظم تنظميون يا
بزمون. سنڌي ادبي بورڊ ٻارن جو رسالو گل ڦل شايع
ڪري ٿو، جنهن کي ٻار برابر شوق سان پڙهن ٿا، پر
مجموعي طور تي سڀئي گهرجون، اهو هڪ رسالو پوريون
ڪري نٿو سگهي.
ٻارن لاءِ هڪ جامع ۽ وسيع ادبي پروگرام جي ضرورت آهي. اهڙي
صورتحال ۾ سنڌي ٻار مستقبل جي ذميدارين کي ڪيئن
منهن ڏيئي سگهندو ۽ آئندو اُجاري سگهندو، سو سمجهه
۾ اچي سگهي ٿو. سنڌي ٻار جي ادبي تربيت لاءِ سنڌ
سرڪار کي گهرجي ته ڪو جامع ادرو/ بورڊ قائم ڪيو
وڃي، جنهن تحت ٻارن جي صحتمند ۽ سٺي ادب شايع ڪرڻ
لاءِ اپاءُ ورتا وڃن، وقت بوقت ٻارن جا ميلا منعقد
ڪيا وڃن؛ ٻارن لاءِ با تصوير ڪتاب، سستي مُلهه تي،
وڏي تعداد ۾ ڇاپيا وڃن؛ ٻارن جي موجود تنظيمن جي
حوصلا افزائيءَ لاءِ خاص مالي مددون ڪيون وڃن. ۽
ٻارن لاءِ وڏي تعداد ۾ لئبرريون قائم ڪيون وڃن.
سنڌي ٻار جي ادبي تربيت وقت جي هڪ اهم تقاضا اهي،
جنهن لاءِ اسان جي وڏن اديبن ۽ شاعرن کي به پنهنجو
ڪردار ڀرپور نموني ادا ڪرڻ کپي.
آه! حفاظ محمد احسن چنا
سنڌي ٻوليءَ جي قادر الاڪلام بزرگ شاعر ۽ اديب جناب حافظ محمد
احسن چنا، 18 جون 1986ع تي وفات ڪئي. سندن رحلت
سان سنڌ جي علمي حلقي کي ڏک پهتو آهي.
حافظ صاحب پنهنجي 86 ساله زندگيءَ ۾ سنڌي ادب جي خدمت ڪئي آهي،
اها فڪر لائق آهي. کيس استاد شاعر جو درجو حاصل هو
۽ سندس شاگردن جو تعداد سڄي سنڌ ۾ ڦهليل آهي. کين
مرزا قليچ بيگ جهڙي فاضل جي شاگردي جو شرف حاصل
هو. حافظ صاحب جي شاعريءَ جا قومي، نعتيه، علمي ۽
عشقيه جواهر پارا سڀني سنڌي رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع
ٿيل آهن. ڪلام جي سادگي، رواني، پختگي سندن فن جو
نمايان معمار آهي. هر صنف تي لکيائون ۽ ’قطع
تاريخ‘ لکڻ ۾ مشهور هئا. نظم توڙي نثر ۾ ٻه ڊزن کن
ڪتاب شايع ٿيل آهن ۽ پاڻ آخري عمر تائين شعر گوئي
جو شغف جاري رکيائون. ڪافي ورهين کان دادو مان
”آواز سنڌ“ نالي هفتيوار اخبار به جاري رکندا پئي
آيا. گوشه نشينيءَ جي زندگيءَ ۾ سنڌي علم ادب جي
چراغ کي روشن رکيائون. ذاتي طرح سان نهايت نيڪ،
پرهيزگار، متقي، هر دلعزيز، مرنجان مرنج ۽ سٻاجها
انسان هئا، ۽ سنڌ جي عالمن ۽ شاعرن جي وضعدار
سلسلي جي نيڪ نشاني هئا. حافظ محمد احسن چنا جي
رحلت سان سنڌي شاعريءَ جو هڪ باب اختتام پذير ٿيو.
سندن ياد تازي رکڻ لاءِ ميونسپل دادو کي ڪاش حوصلو
ٿئي، جو ڪنهن روڊ يا چونڪ تي حافط صاحب جو نيڪ نام
ڌريو وڃي. اداره مهراڻ، حافظ صاحب جي روح جي مغفرت
لاءِ دعاگو آهي.
آه! مائي ڀاڳي!
_ کڙي نيم ڪي نيچي هون تون هيڪلي...
_ مُرلي والي من موهيو...
_ ڀٽ جا ڀٽائي...
_ تار منجهان ترندي اچي
۽ لاتعداد مقبول عوامي لوڪ گيتن کي سوز ڏيندڙ ۽ هزارن دلين کي
مسحور ڪندڙ منفرد آواز اچانڪ هميشہ هميشہ لاءِ
خاموش ٿي ويو، جو 7- جولاءِ 1986ع تي اها روح فرسا
خبر پهتي ته ”ٿر جي ڪوئل“ مائي ڀاڳي، طويل علالت
کان پوءِ پنجهٺ سالن جي عمر ۾ نئون ڪوٽ ۾ گذاري
ويئي! ريڊيو، ٽي. وي. تقريبن ۽ عوامي مجلسن جي
انتهائي مقبول لوڪ فنڪاره مائي ڀاڳي، ڪافي سالن
کان وٺي بيمار رهڻ جي باوجود پنهنجي آخري دم تائين
فن جي خدمت جاري رکندي آئي.
مائي ڀاڳي، سنڌ جي ثقافت جي مرڪز ”ٿر“ علائقي جي مٺي شهر ۾ جنم
ورتو. سندس ابتدائي زندگي، مقامي طرح شادين
مُرادين ۾ ڳائڻ وڄائڻ ۾ گذري. 1967ع ۾، ڀالوا جي
ڀلاري ڀونءَ تي مارئيءَ جي ميلي ۾، سندس منفرد ۽
روح پرور آواز جو پڙاڏو، پهريون ڀيرو سنڌ جي عالمن
۽ اديبن، شاعرن ۽ ثقافتي حلقن جي ڪنن تي پيو ۽ بعد
۾ کيس ريڊيو پاڪستان حيدرآباد آندو ويو، جتان سندس
دلپذير آواز سڄي سنڌ کي پنهنجي سحرانگيزيءَ ۾
لپيٽي ڇڏيو، ۽ اڳتي هلي، کيس قومي سطح تي وڏي مڃتا
ملي.
مائي ڀاڳي کي، سندس بلند مقام جي مڃتا ۾ ”تمغهء حسنِ ڪارڪردگي“
جو صدارتي ايوارڊ مليو هو. ان طرح ڀٽ شاهه ثقافتي
مرڪز ڪميٽي پاران ”ڀٽائي ايوارڊ“ جهڙو آبرومند
اعزاز پڻ ڏنو ويو. انهن کان سواءِ سنڌ گريجوئيٽس
ائسوسئيشن پاران شاهه لطيف ايوارڊ ۽ وزيراعظم
پاڪستان طرفان مارئي ايوارڊ جهڙا عزت بخش انعام
اڪرام مليا هئا.
سدا حيات شاهه لطيف جي ڪلام سان مائي ڀاڳي کي عشق جي حد تائين
دلچسپي هئي ۽ سندس ڪلام نهايت اڪير سان ڳائيندي
هئي، ۽ هر سال باوجود پيرانه سالي ۽ بيماريءَ جي
لطيف جي عرس تي حاضري ڏيندي هئي. آخري شرڪت دوران،
پاڻ کڻائي ڀٽ شاهه تي پهتي ۽ حضرت شاهه صاحب کي
نذرانه عقيدت پيش ڪيائين.
مائي ڀاڳي جي وفات سان سنڌ جي لوڪ موسيقيءَ جي تاريخ جو هڪ روشن
باب پورو ٿيو.
سندس ڳاتل لوڪ گيت ۽ ٻيا ڪلام، سدائين امر رهڻا آهن ۽ رهندا.
اداره مهراڻ، مائي ڀاڳي جي افسوسناڪ رحلت تي
پنهنجي رنج ۽ ملال جو اظهار ڪري ٿو.
ـــ نفيس احمد شيخ
سرورق
ڪوٽ ڏجيءَ جو قلعو، خيرپور ميرس شهر کان ويهه ڪلو ميٽر جي
مفاصلي تي، ڏکڻ طرف، ڪراچي ـــ پشاور قومي شاهراهه
لڳ، هڪ ننڍڙي ٽڪريءَ تي جُڙيل آهي. هن قلعي جي
ڊيگهه پنج هزار فوٽ، ويڪر ٽي هزار فوٽ ۽ اوچائي
ستر فوٽ آهي. سنهين پڪين سِرن سان جُڙيل هي قلعو
سابق خيرپور رياست جي پهرين حڪمران مير سهراب خان
ولد مير چاڪر خان سن 1797ع ۾ تعمير ڪرايو، جنهن جي
نگراني سندس وزير تعميرات سرائي محمد صالح زهري
بلوچ جي سُپرد هئي. هي قلعو ”قلعه احمد آباد“ پڻ
سڏيو ويو آهي.
اهم دفاعي ۽ رهائشي مقصدن لاءِ جوڙايل هن قلعي ۾ هڪ ’نواب‘ جي
نگراني هيٺ پنج سؤ سپاهين جو دستو، سؤ توبن سميت
مقرر ڪيو ويو ۽ اهو سلسلو 1843ع تائين جاري رهيو.
بعد ۾ حڪمران، مير علي مراد خان، قلعي کي جيل خاني
۾ تبديل ڪيو، جيڪو پنهنجي دؤر ۾ هڪ ”بدترين
قيدخاني“ جي صورت ۾ مشهور ٿيو.
ڪوٽ ڏجيءَ جو هي قلعو، سنڌ جو هڪ اهم قديم آثار آهي، جنهن جي
مناسب نگهداشت جي وڏي ضرورت آهي.
ـــ فوٽوگرافي: بابر سومرو
(بشڪريه: سانگهڙ هسٽاريڪل سوسائٽي، ٽنڊو آدم)
[سرورق ڇپائي: انجم آرٽ پيرس، حيدرآباد سنڌ.]
قِفانَبکِ مِن ذِکريٰ حَبيِبِ وَ مَنزِل
بِسِقطِ اَللّوَيٰ بَينَ الدُّخُولِ فَحَومَل
فَتَوِضِحَ فَالِمقراة لَم يَعفَ رَسمَهَا
لِمَا نَسَجَتهَا مِن جُنوبِ وَّ شَمالِ
* اي ساٿيو! گهڙي کن بيهو! اُسهيل يار جي ياد ۾، انهن وٿاڻن ۽
ماڳن مٿان آءٌ ٻه ڳوڙها ڳاڙي وٺان!
* دوستو! ترسو! آءٌ دخول، حومل، توضح ۽ مقراة جي وارياسي کي،
اکين جي آب سان ريجي وٺان!
* ڏکڻ ۽ اتر جي هوائن، انهن دونهن ۽ جهوڪن جا انگ ۽ آثار، اڃا
ڪونه ميٽيا آهن!
* اڃا وقت جي وٿي، منهنجي دل مان پڻ انهن جو ڪاڍو ڪڍي ڪونه سگهي
آهي!
(آزاد ترجمو)
شاعري جو ڀاڱو
ڪُڻڪن ڪانڌ چِت ڪئو، جهُڙ پَسئو جهڄن،
وَر ريءَ وانڍين اڏئا، پکا سي مَ پُسن،
اُتر ڊاهي ان جا ته ڪنهن کي ڪارُون ڪن،
وارث وري تَن، اچي شال اولو ڪري.
ـــ شاهه عبداللطيف ڀٽائيؒ
نعت شريف
نعت مرسل جي لکڻ، ٿو چاهيان،
شرف لفظن کي ڏيڻ، ٿو چاهيان.
سير جنت جو ڪرڻ، ٿو چاهيان، روح کي تسڪين ڏيڻ، ٿو چاهيان.
روشني جو ٿئو جتان جاري سفر، مان اُها ڌرتي چمڻ، ٿو چاهيان.
مان مصوّر ناهيان، پر نعت ۾، رنگ انڊلٺ جا چٽڻ، ٿو چاهيان.
خوبصورت شاهراهن تي هلي، شهر مرسل جو گهمڻ، ٿو چاهيان.
ڪيئن ڪبوتر ٿا اُڏن روضي اڳيان، ايءُ هوائن کان پڇڻ، ٿو چاهيان.
او! مديني جون هوائون ترسجو! مان اوهان سان گڏ هلڻ، ٿو چاهيان.
يا ادب، خدمت رسول الله ۾، روبرو حاضر ٿيڻ، ٿو چاهيان.
سبز گنبذ جي کليل ايوان ۾، شڪر جا سجدا ڏيڻ، ٿو چاهيان.
کوڙ صلواتون نبيءَ جي نانءَ تي، ڇانءَ ۾ ويهي پڙهڻ، ٿو چاهيان.
آرزو جي اُڃ اُجهائڻ واسطي، آبُ زمزم جو پيئڻ، ٿو چاهيان.
نُور جو نکري پوڻ ۽ ڦهلجڻ، پنهنجي نيڻن سان پسڻ، ٿو چاهيان.
حسرتن جي ذوق ۽ تڪميل لئه، هٿ دعائن جا کڻڻ، ٿو چاهيان.
مان گهڻئي صحرا ۾ ڀٽڪيو آهيان، هاڻ گلشن ڏي وڃڻ، ٿو چاهيان.
گل عقيدت جا کڻي گلدان ۾، ”سوز“ نذرانو ڏيڻ، ٿو چاهيان.
ـــ ”سوز“ هالائي
نياز همايوني
غزل
اسان جو عشق جي سُوريءَ سان سازگار ٿئي،
مجال ناهه جو ڪٿ حسن داغدار ٿئي.
اوهان جا خواب لهون ٿا اوهان کي ياد ڪري،
اوهان جي دَم سان حياتي ٿي خوشگوار ٿئي.
تپش ۾ آڻي ٿو تن مَن جڏهن اوهان جو غم،
اوهان جو پيار ڪڪر جان ٿو سايه دار ٿئي.
رقيب رشڪ ۾ آهي اسان جي رنديءَ جو،
حسد ۾ هوش هڻي ٿو خراب خوار ٿئي.
اوهان جي ديد جا مشتاق اسان هِتي هَردم،
هتي اوهان کي اسان جي ٿي سار يار ٿئي.
اوهان جو زخم ڏنو سو ڇُٽي نه شال ڪڏهن،
اوهان جي لطف مان ڪا شيءِ ته يادگار ٿئي.
ڀَلي ته درد ڌِڪي اُڇلي موت جي منهن ۾،
ڀلي ته عشق جو انجام شاندار ٿئي.
قرار موت ٿو بڻجي پوي تڏهن او ”نياز“
هي دل حياتي جي حق ۾ ٿي بي قرار ٿئي.
ذوالفقار راشدي
غزل
راز دل جو ته ڏبو، خوارُ ٿبو، ڇا ملندو،
جنهن سان احوال ڪبو، اسان تي کلندو.
ساٿ ننڍپڻ جو به نيبهه نه رهيو اوجهڙ ۾،
جيڪو اَڌَ واٽ تي گڏبو سو ڪٿي گڏ هلندو.
وقت ويساهه جي گردن تي رَکي آ ڪاتي،
ڪوئي ماڻهو نه هينئر سور ڪنهين سان سَلندو.
رات هر روز کان پوءِ روز ته ايندي آ مگر،
چنڊ اُڀريو سو لٿو هاڻي نه ٻيهر کِڙندو.
ٽهڪ جيڪي به هئا خواب کي بخشيم پنهنجا،
اڄ سجاڳيءَ ۾ اجايو ته چريو ڪو کِلندو.
ڪنهن پرائي کي چوڻ پنهنجو ته سولو آهي،
پَرَ پرائو ته پرائو هو، پرائو رهندو.
ياد کڙڪائيندي ڪجهه دير دريون، دروازا،
ذهن کي بند ڪبو، واءُ نه ساندهه گُهلندو.
حادثي بعد مفلوج ٿي زنده جو رهي،
هانءُ پٿر جو ڪري وقت گذاري وٺندو.
دوري احساس جي هر زخم کي ميٽي ٿي ڇڏي،
ماڻهو مجبور وڏو درد وساري سگهندو.
ويڙهه اُن لاءِ ڪبي هئي ته وري دل سان پرچون،
ڪنهن جي دل تان ئي لهي وڃبو ته ڇا لئه وڙهندو!
نيستي هڪ مهل سڄي باغ تي شايد نه اچي،
جيڪو ڪوماڻو اُهو گل ته نه ٻيهر ٽڙندو.
جند جي دشت جو هر ڪشٽ ٿو هيڪل ڪاٽيان،
پنهنجي پِڙ لئه ۾ سڄي عمر اڪيلو رُلندو!
بشير مورياڻي
ٻه غزل
(1)
نه ڪوئي سنگي، نه ڪوئي ساٿي، ۽ انتها جي آ غم نصيبي،
مثال ڏونگر جي ڏينهنُ ڏوريم ته سامهون آئي رات راوڻ.
نه تنهنجي ڪجلين اکين ۾ تجلي، نه تنهنجي قامت رهي قيامت،
نئين وڇوڙي جي وقت منهنجي اکين ۾ آهي نه ڪوئي سانوڻ.
اسان جي دل مشت خاڪ هوندي، بچي آ حالات جي هوا کان،
سهاري ڪنهن پيار جي هلي آ، وڄن جي وسڪار منجهه ڌانوڻ.
بشير هن سنگدل زماني ۾ آهي خطرو قدم قدم تي،
مصيبتن کان ٿئين جي محفوظ، پوءِ پيارن سان ڏانءِ ڏانوڻ.
(2)
ٿئي درد جي ٿي عطا سدا شبِ ماهه ۾،
ڪٿي مرڪ ۾ آ مزو اهو جو آ آهه م.
نه بهار ۾ ڪو قرار آ مٺا تو بنا،
نه ڪو ساءُ ٿو اچي ڪنهن به چيز جي چاهه ۾.
سرِ خاڪ ذوق سفر جو ڪو، نه ڏسي سگهيو،
مليا منزلن جا نشانَ هر نئين راهه ۾.
اهو نانءُ جنهنجي بني بشر کي خبر نه آ،
اهو نانءُ آهه سدا بشير جي ساهه ۾.
ڊاڪٽر سدارنگاڻي خادم
رباعيون
تُنبو نه گهڙو، دور ڪنارو آهي،
طوفان، ڪُنن، مڇن جو مارو آهي،
وچ سير ۾ لوڏا ۽ مٿان ڪاري رات،
سهڻيءَ جو ميهار سهارو آهي.
شاباس هجي عشق کي، شل شاد رهي،
ماريائين مون کي، موت اچڻ کان اڳي،
دنيا ۾ مليم دوست گهڻا، پر خادم!
هن هڪ ئي ڏنو وَر نه چڙهڻ دشمن جي.
ڏين عشق، ته ان سان گڏ ناڪامي ڏي،
ناداري، رسوائي، بدنامي ڏي،
فرقت ۾ آهه عشق عاشق کي بقا،
دک درد به ڏي پڻ بي آرام ڏي.
بلبل کي ڏييئ طعنو، پرواني چيو،
نه سجهي جهان ۾ عاشق ڪو،
معشوق مٿان مَرن ۽ مٽجن ٿا سڀ،
تون روز ڪڍين لاش نئين ڪنهن گل جو.
جيون ۾ مون ڪيئي وڏا سور سَٺا،
ڳاڙيم نه مگر تلخ ڪي ڳوڙها ههڙا،
سک چين ڦُري، عشق ڪيو ويچارو،
هڏ ماس پٽين ٿا درندي چنبا.
”سليم“ ڳاڙهوي
غزل
حقيقت آشنا ڪنهن جي نظر ناهي ته ڪجهه ناهي،
مسافر کي صداقت جو سمر ناهي ته ڪجهه ناهي.
سڄڻ جي رُوءِ روشن سان سحر جي روُءِ روشن آ،
سحر آخر سحر آهي، سحر ناهي ته ڪجهه ناهي.
ڏسڻ جي لاءِ سارو ڏيهه عبرت جي جڳهه آهي،
اِنهي هوندي به ڪوئي ديدوَر ناهي ته ڪجهه ناهي.
ستارن سان سنواريل هو فلڪ نُوري نگر، ليڪن،
پرينءَ جي چِهل قدميءَ جو پڌر ناهي ته ڪجهه ناهي.
حديثن ۾ لکيل آهي ته ”اَلڪاسب حبيب الله“،
اگر اِنسان کي حاصل هُنر ناهي ته ڪجهه ناهي.
بشر اخلاص جي خالص اکر سان ئي بشر چئجي،
بشر جي جيڪڏهن اهڙو اکر ناهي ته ڪجهه ناهي.
زماني ۾ زياده وڻج ۽ واپار وڻجين ٿو،
اگر تو دين جو وڻجيو وکر ناهي ته ڪجهه ناهي.
گهڻا ئي شعر جي ميدانَ ۾ گهوڙا گهُمائِن ٿا،
مگر شاعر اڳيان سچ جو سفر ناهي ته ڪجهه ناهي.
”سليم“ اِنسانيت روئي پُڪاري ٿي پئي پلپل،
عدالت جو ڌڻي ٿيو دادگر ناهي ته ڪجهه ناهي.
عبدالقيوم ”صائب“
غزل
پتڻ جيڪي نٿا اُڪري سگهن، تن کي اُڪاري اچ،
وسيلو واهرو بڻجي جڏن جو جيءُ جياري اچ.
اوهان کي ڏيهه ۾ ڏاهو تڏهن چوندا مڙئي ماڻهو،
ڏهاڳيل ڏيهه جي ڏاهن کي ڪنهن پر وڃ ڌتاري اچ.
سمهارڻ سامراجي ٿو گهري تنهنجي ئي مارُن کي،
ستل واهڻ، ستل بستيون، ستل رستا اٿاري اچ.
جڏهن ڀي مير ويچارن تي چڙهندي تون ڏسين ڪنهن پر،
تڏهن مارن جي فڪر و فن کي بستين ۾ اجاري اچ.
اهوئي ڏاڍ آهي ۽ ڏمر منهنجي مارن تي،
وطن جو حال ڇا آهي وڃي هيڪر نهاري اچ.
وڏا حيلا هلائي اڄ وڌي آيا هي ڳوٺاڻا،
مبارڪ ڏي تني کي هيج مان ۽ ميل ماري اچ.
ٻري آئي جڏهن آهي مٺن مارن جي ماڳن تي،
تڏهن منهنجا مٺا سائين، پيل ويڇا وساري اچ.
اسان کي ياد ڪجهه ناهي سوا سهڻن جي صورت جي،
اچين هونئن جي نٿو سهڻا ته سهڻن جي سهاري اچ.
هيا جي مال مارن جا وڃي اوجهڙ پيا آهن،
سنئين دڳ لاءِ تن کي تون وٿاڻن ڏانهن واري اچ.
غزل تنهنجو صفا سادو، ڪناين سان ڀريل آهي،
نٿا مفهوم جي سمجهن، گهڙي تن وٽ ئي گهاري اچ.
اڃا مارن ۾ ايڪي جي ضرورت آهه اي ”صائب“،
جتي دونهون دکيل آهي اتي آڙاهه ٻاري اچ.
مظفر حسين ”جوش“
غزل
چشم گريان ۾ سر شڪِ خنده زن پيدا ڪريون،
شامِ غربت ۾ وري صبحِ وطن پيدا ڪريون.
گيسوئن جي پيچ و خم ۾ زيست جي ڳولا نه ڪر،
اچ ته زلفِ يار مان دارو رسن پيدا ڪريون.
همنشين روڪي سگهي جا گردشِ موت و حيات،
نوع انسان جي جبين تي سا شڪن پيدا ڪريون.
ننگ و حشت آهي جو ٿئي لاله و گُلَ سان رفو،
خار سان جو ٿئي رفو سو پيرهن پيدا ڪريون.
جنهن سان پاڻي پاڻي ٿئي شمس و قمر جو ڀي وجود،
نغمهء نؤ ۾ اها طرزِ ڪُهن پيدا ڪريون.
جنهن جي هڪ هڪ حرف ۾ مُضمر هجي درسِ حيات،
بزمِ هست و بود ۾ اهڙو سخن پيدا ڪريون.
ٿئي جبينِ ڀي بي نُور جنهن جي نُورَ سان،
ڪو ته اهڙو دل ۾ زخمِ ضوفگن پيدا ڪريون.
ساقيا، بي ڪيف ڏسجن ٿيون هتي سڀ محفلون،
ماه و انجم ۾ هلي ڪا انجمن پيدا ڪريون.
رقص ۾ جيب و گريبان، وجد ۾ دامن هجي،
وحشيو، زندان ۾ اهڙي انجمن پيدا ڪريون.
جو سرِ منزل لٽي هي نوجوانن جو جمود،
”جوش“ سو راههِ عمل ۾ راهزن پيدا ڪريون.
محمد علي ”جوهر“
غزل
پري توکان پرين پيارا، رُئڻ ۾ رات ٿي گذري،
مِٺا محبوب موچارا، رُئڻ ۾ رات ٿي گذري.
اَچي پنهنجي اکين سان ڏس ته ڇاهي حال اکڙين جو،
ويچاريون ڪن ٿيون وسڪارا، روئڻ ۾ رات ٿي گذري.
ٻُهاري واٽ وارن سان ڪري ڇٽڪارُ ڳوڙن جو،
اڏيم اکڙين ۾ اوتارا، رُئڻ ۾ رات ٿي گذري.
سَنجهي سان سُور ٿيا سَنبرن، اَسَرَ جو ٿا ڏين اُڌما،
تڪيان ٿي ڏينهن جا تارا، رُئڻ ۾ رات ٿي گذري.
مٽايان ڪيئن ماڻڪ مان اُنهي دڳ تي بيٺي آهيان،
وَيا جا واٽ وڻجارا، رُئڻ ۾ رات ٿي گذري.
پُڇايان پِير ٿي پيارا، اُڏايان ڪانگ ٿي تولئي،
وِجهان ڦارُون هڻان ڍارا، رُئڻ ۾ رات ٿي گذري.
زمانو سُورُ آ سارو وِٿي واندي نه آ غم کان،
ڏُکيرا ڏينهن ٿيا سارا، رُئڻ ۾ رات ٿي گذري.
ڏکن ۾ ڏينهن پُورو ٿئي ڪري دانهون ٿي دل ”جوهر“،
رڳو آهُون ۽ اوسارا، رُئڻ ۾ رات ٿي گذري.
نواز علي ”شوق“
مِٺي آهي ماکيءَ کان مارُن جي ٻولي،
سچي سونهن واري سنگهارن جي ٻولي.
نشا نينهن جا رات ڏينهان اسان کي،
ڏئي ٿي هي موکي متارن جي ٻولي.
اسان لاءِ ڊِسڪو ۽ درٻاري کان وڌ، چَڙن جي،
گَهڙن جي، ۽ نارن جي ٻولي.
وڃن سور سالن جا سنڌا ڪري جهٽ،
ٻُڌين جي وڃي قربدارن جي ٻولي.
خزان ۾ رهيا جي، انهن جي خبر لَههُ،
ڌڻيءَ لڳ ڇڏي ڏي بهارن جي ٻولي.
مُئي آ نه مرندي، ڪڏهن ڪُوڙ سان هيءَ،
سچل، شاهه، سامي سچارن جي ٻولي.
ازل کان ملي آ، ابد تائين رهندي،
هي ”سنڌي“ سدا سنڌ وارن جي ٻولي.
”عنايت“ بلوچ
ساهه ـــ سنڀار
مون ريءَ ڪيئن گذاريو هوندئي،
آب اکين مان هاريو هوندئي.
سانجهيءَ سان ئي کڙڪي کولي،
منهنجي لاءِ نهاريو هوندئي.
ياد جڏهن ڪا آئي هوندي.
ڳلهي، پاڻ کي ڳاريو هوندئي.
جنهن ريءَ ساعت ڪين سريئي ٿي،
تنهن ريءَ گهنگهر گهاريو هوندئي.
منهنجي دل ٿي ساري توکي،
مون کي ڀي ته سنڀاريو هوندئي.
موتين جهڙا ڳوڙها ڳاڙي،
پنهنجو مک ڌئاريو هوندئي.
ڪافي ٽيبل تي پئي هوندي
سوچ ۾ تنهن کي ساريو هوندئي
هنجڙون هاري پاڻ کي ڳاري
ڪمري کي به رئاريو هوندئي.
سڏڪا روڪي، پنهنجيءَ دل کي،
دلبن ساڻ ڌتاريو هوندئي.
هاڻي هاڻي سنبري هوندينءَ،
پنهنجو پاڻ سينگاريو هوندئي.
سهڻا سهڻا ڪپڙا پائي،
آئيني ۾ نهاريو هوندئي.
ڪاش! ڏسان ها سهڻي صورت،
سرمو ڳل تي هاريو هوندئي.
تنهنجو جيڪر جيءُ جياريان،
جنهن کي مونجهه ۾ۡ ماريو هوندئي.
جي اک ڦرڪئي، پڪ تون ڀانئج،
منهنجي ساههَ سنڀاريو هوندئي.
تنهنجو روح رڙي جي راڻي،
منهنجي پيار پڪاريو هوندئي.
”تنهنجي آهيان، تنهنجي رهنديس“،
وعدو ڪين وساريو هوندئي. |