سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: مهراڻ 1997ع (1)

 

صفحو :14

خواجا سليم احمد

 

جوڳيءَ تي جڙاءُ، نِسورو ئي نينهن جو!

 

(اشفاق قاضيءَ جي ياد ۾!)

 

”مان جيئرو آهيان!“

اشفاق انگريزيءَ ۾ وراڻي ٿو. سندس گورنر هائوس واري آفيس ۾ مون کانئس پڇيو آهي ته جڏهن کيس سور رهي ئي رهي ٿو ۽ مهيني ۾ ٻه ٽي ڀيراHospitalize ٿيڻو پوي ٿو، تڏهن هو هي جيڪي ڍڳ جيتريون دوائون واپرائي ٿو، تن جوڪهڙو سودُ. ورندي ڏيندي سندس لهجو ايترو ته Stark ايترو ته Expressionآهي، جو منهنجو هيانءُ لُڏي وڃي ٿو. لڳيم ٿو ته ڄڻ هُو پاڻ بابت نه پر ڪنهن ٻئي اوپري اڻڄاڻ ماڻهوءَ بابت ڳالهائي رهيو آهي هيءُ منهنجودلبر دوست، جنهن جو حياتيءَ سان چاهه، ڀرپور زندگي گذارڻ ۽ جياپي جي پَل پَل کي Enjoyڪرڻ، هنڊائڻ جو ڏانءُ مون جهڙو نؤدن تائين کي اُتساهيندو رهيو آهي، سو ايتري impersonal ورندي ڪيئن ٿو ڏي؟ ڇا پنهنجي بيماريءَ سان ڏهه ورهيه لاڳيتي ويڙهاند سندس اندر کائي ڇڏيو آهي، کيس ايترو ٿڪائي ڇڏيو آهي جو هاڻ آرامي ٿيڻ ٿو چاهي؟ شايد ائين ئي هو جو ستت پوءِ هو بستري داخل ٿيو ۽ مهيني ٻين پڄاڻان هيءُ نينهن_جڙيو جوڳي پنهنجي جُوءِ هليو ويو.

 ساڻس پهرين ملاقات ته سٺ واري ڏهاڪي جي شرعات ۾ ٿي هيم، پر سندس ڪافي ناماچار اڳيئي ڪنين پيل هوم_ نينهن جي جڙاءُ ۽ حياتيءَ جي پل پل کي هنڊرائڻ جي  نيت سان. پوءِ مان سندس ڪِن سوڀن جو اکين ڏٺو ۽ ڪنين ٻُڌو شاهد ٿيس. انهن سوڀن جو ڇيهه ڀاڀي مختيار سان سندس وهانءُ هو.

وهانءُ کان پوءِ مون کي پنهنجي هڪڙي خط ۾ لکيائين: ”مان خوش آهيان ۽ مختيار پڻ . هوءَ مون لاءِ بي انداز خوشي کڻي آئي آهي. مان ان جي لائق نه هوس. لڳيم ٿو ته خوشي مون لاءِ ئي خلقي ويئي هئي. هوءَ پيار ئي پيار آهي.“ (ڪراچي، 21_12_67ع.)

خط گهڻو ڪري انگريزيءَ ۾ لکندو هو، جيئن مٿيون خط، ٻولي ڏاڍي تُز هوندي هيس_ چهنڊڙين، مُرڪن، پيار، پاٻوهه ۽ پنهنجائيءَ سان ڀرپور. پڙهندي ائين لڳندو هو، ڄڻ سامهون ويهي ڳالهائيندو هجي. انهن منجهان تاريخوار چونڊ،

_”....کهڙن ۾ جيڪا ڪَٽُ چڙهي وئي هُيئي، سا هٿ1 لاهي سگهندين. مون کي پڪ آهي ته هِت ڌَپَ ڪرڻ کان بچي ويندين....هيڏي ڪڏهن ٿو اچين؟...هرڪو توکي ڏسڻ لاءِ تڙڦي پيو...سکر اچڻ جي نينڍ آهي ته دل وٽان، پر اچي ڪونه سگهبو. توکي خبر ته آهي. گهڻو اڳ جڏهن گڏ سفر ڪيو هيوسين، تڏهن حميد قسم کنيو هو ته هُو اسان منجهان ڪنهن ساڻ حيدرآباد کان ٻاهر پير نه ڪڍندو2.

....تون چاهين ٿو ته تنهنجا سلام سڀني کي پهچايان. تون ڀليءَ ڀت ڄاڻين ٿو ته اهو ٿي نٿو سگهي. پوءِ اهڙيون رسمي ڳالهيون ڇو ڪجن.“ (حيدرآباد28_8_1966ع،انگريزي)

_”تنهنجو ٽائيپ ٿيل خط ثابتي آهي ته تون جنرل مئنيجر3 آهين. مان ناهيان، تنهن ڪري هيءُ هٿ جو لکيل خط. پاڻ ۾ آهيون، تو وارو ٽائيپ رائٽر لاشڪ 1938ع جو ٽي ماڊل آهي، جنهن جا اڌ اکر ڇپن ٿا ۽ باقي هوا ۾ ٻاٿون ٿا کائين. ربَن مٽائڻ بابت ڪهڙو خيال ٿي؟...حميد ڪالهه هت هو. اڳي جيان روڄارو ۽ اڳي جهڙو دلبر. غياث پڻ هتي آهي. هو هَري هَري ڪامورن وارا پرڪار پرائيندو پيو وڃي. ناصر خوش خورم آهي. هُو اڃا تائين توکي قربانگاهه ڏانهن نيئي ٽياس تي چاڙهڻ لاءِ آتو آهي. هو اڃا تائين اسان جو ڇوٽڪارو ڪميونزم ۾ ئي ڏسي ٿو. سلام روشن لاءِ پڻ انهيءَ بدنصيب وينگس لاءِ، جنهن تنهنجي سنگتياڻي ٿيڻ جي آڇ ڪئي آهي....“ (ڪراچي،21_12_67ع،انگريزي)

_”مان تار ۽ خط لاءِ تنهنجو ۽ روشن جو ٿورائتو آهيان. اسان جي غميءَ4 ۾ اهي وڏي آٿت هئا، توڻي جو تنهنجو اهو چوڻ ٺيڪ آهي ته ان غميءَ ۾ ڪو ڀائيوار نٿو ٿي سگهي....حياتيءَ جو وهڪرو ايترو ته تکو آهي جو ماڻهو گهڻو وقت غميءَ ۾ نٿو گذاري سگهي. ماڻهوءَ کي وهڪري_حال_ سان گڏ وَهڻو پوي ٿو. ماضي يادگيري بڻجي وڃي ٿو. اهو ڄاڙ آهي.هاڻ باقي نيش وڃي رهيو آهي،جيڪو ڪنهن ڪنهن مهل چڀي ٿو، ڄڻ ماڻهو اُمالڪ نٽهڻ ۾ اچي نڪتو هُجي؛ بنا ڇپر ڇانو جي، سج جي بيرحم تاءُ ۾ .“ (ڪراچي27_1_68ع، انگريزي)

_...ناصر رات ملڻ آيو هو ۽ مون کيس تنهنجو خط ڏنو.... هن مون کي ڏانهس ارپيل آزاد نظم انهيءَ تبصري سان ڏيکاريو ته اڄڪلهه ڪو گهڻو ڪم ڪار ڪونهيس. مان تائيد ٿو ڪريان....غياٽ ٺيڪ آهي. اسان هفتي ۾ هڪڙو ڀيرو هر ڇنڇر تي حيدرآباد ويندي ريل ۾ ملندا آهيون ۽ وري سومر ڏينهن صبح جو موٽ تي، اهو  نيم آهي. نه ته قسمت سان رستي ويندي. گهڻونه. لڳي ٿو ته اسان ٻئي پنهنجي مُنهين هڪ ٻئي ملڻ جي ڪوشش ئي نٿا ڪريون. الائجي ڇو؟“ (ڪراچي 2_2_1968ع،انگريزي)

_”خط جي مهرباني . اهو  ٻي ڪنهن ڳالهه جي ڪري نه پر رڳو جاءِ ڀرڻ جي خيال سان لکيو ويو آهي. تو ”ڳرا“ لفظ چونڊڻ ۽ انهن کي سموهڻ سنوارڻ تي جيڪا سخت محنت ڪئي آهي. آءُ ان جو مداح آهيان. ڀائي غضب جو داٻ هوندو. منهنجي هڪ صلاح ٿي. اهو شيڪسپيئر (۽ اوپر ڪن)، جيڪو تو ميٺارام هاسٽل ۾ ايام رهي ڪٺو ڪيو آهي، مون تي ضايع نه ڪر. شُڪر جو تون لاڙڪاڻي وئين ۽ ان کي استعمال ڪرڻ جو وجهه مليو ٿي؛ پر، ڀائي، مان نه، ٻيو ڪو تاڙ، مان اڳيئي مرعوب آهيان، مار پَويَئي ! نه ، مان نٿو مڃان ته ائين پئي لڳو ڄڻ ڪو ڪتو هڏي لاءِ اونڪاريندو هُجي. نه، ايئن نه هو. مون کي ته ائين لڳو ڄڻ ڪو هيکلو بگهڙ اهڙي شڪار لاءِ رڙندو هُجي، جيڪو کانئس نڪري ويو هجي. ناصر ۽ مان رات گڏ هئاسون. هن ٻاهر هلي بهار جو مزو وٺڻ ٿي چاهيو، سو اسان  وياسون ۽ فزارو ۾ چانهه پيتي سون ۽ ڊگهي ڪچهري ڪئي سون. سچ پچ، ڏاڍو مزو آيو. غياث ٺيڪ آهي .هن جو ڪمرو سانجهيءَ جو گهڻو ڪري مڪاني اديبن سان سٿجي ويندو آهي. لڳي ٿو ته راتو رات مليل اهميت جو لطف پيو ماڻي. مان خوش آهيان ۽ منهنجي جان پڻ 120 ميل پري. مان تڪڙين تيارين ۾ لڳو پيو آهيان ته جيئن کيس هت وٺي اچان. ڪراچيءَ ۾ ڏاڍي گرمي آهي، هر طرح جي، تنهنجي سوچ کان به وڌيڪ. تنهنجي هيڊ آفيس توکي ڪنهن ميٽنگ، مشوري لاءِ يا شايد تنهنجي بر خلاف گهوٻيءَ جي ڪنهن رپورٽ تان پڇا ڳا ڇا لاءِ نٿي طلبي ڇا؟ ميان؛ هت اچڻ لاءِ ڪو ته بهانو ڳولهه. ۽ ها، مون کي اڃا به اصرار آهي ته پاڻ واري رِبَن ترت مٽاءِ. قسم خدا جو، ڏاڍي خوفائتي آ“(ڪراچي، 4_3_68ع، انگريزي)

_” تون آئين، تو ڏٺو، تو ڪُجهه نه کٽيو ۽ موٽي وئين، اڻ_ ڳاتو، اڻ ٻُڌو. ڪهڙو نه زيان، منهنجا هموطن ! ناصر کان ٻڌم ته تنهنجي بسم الله ئي بر غلط ٿي. هو توکي جنگشاهيءَ ۾ نه مليو ته تون ڪروڌ ۾ ساڳي ريل تي روانو ٿي وئين، توڻي جو سندس گهر واريءَ ۽ سُهري (ويچارو) توکي ترسڻ جي فراخدل آڇ به ڪئي. هت هڪڙو ڏهاڙو رهين ۽ ٻئي ڏينهن موٽي وئين. واهه سائين واهه! ريان ٽائيڪون جي ٻوساٽيندڙ مصروفيت لائق طوفاني پروگرام آهي نه ؟ مون سان پڻ چڱي ڪانه ٿي. جيئن توسان طئي ٿيو هو، آءُ اڱاري جي صبح جو ڪراچيءَ روانو ٿيس. رواجي ٽرانسپورٽ يعني ريل رستي نه، پر پنهنجي چاچي سان سندس ڊاٽسن ۾ ؛ ريلوي تي کلندي جوهن ڀيري مون اٽڪل ڪري پاڻ مان پائي به ڪمائڻ نه ڏني هئي مانس. پر منهنجي لاعلميءَ ۾ تقدير مون تي کلي رهي هئي. اسان صبح جو سوير نڪتاسين، ۽ شاهراهن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ائين ٿيو جو ٽائر ٽئي ڀيرا پنچر ٿيو، ٽئي ڀيراهڪ ٻئي کان ويهن ويهن ملين جي مفاصلي تي . رستي تي بيواها بيوس، واٽهڙن جون ترس کائيندڙ نظرون سهندا (ڪوبه واهر ڪرڻ تي آمادو نه)، هر مٿي تي(چيلهه تي نه، جئين رومانوي ڪهاڻين ۾ ٻڌايو ويندو آهي) دلو کڻي لنگهندڙ وينگس کي پاڻيءَ لپ لاءِ ليلائيندا جو اڃ ۾ مري رهيا هئاسون، ٻوٽ پيلا ۽ ويچارا ڪيون، تز رفتار ٽرڪن جي اٿاريل ڌوڙ جا ڦڪ ڦڪيندا رات جو 30-8 بجي اچي ڪراچيءَ پهتاسون. اڻ ڳاتا ۽ اڻ ٻڌا. هاءِ اهي خوابن ۽ اميدن جا گل، جيڪي مون ۽ ناصر تاتيا هئا ته توکي خوب گهمائينداسون، سي نسرڻ کان اڳ ئي سُڪي ويا. ڪيڏو نه زيان! تون پنهنجي پٺيان شڪ شبهي ۽ شرارت ڀري چُرپُر جي عجيب فضا ڇڏي ويو آهين. مشڪوڪ سرگوشيون ۽ نرالي مذڪرات. مان رات ناصرسان مليو هوس. انهن ٿورن لفظن سان مان پنهنجي جاءِ وٺان ٿو،“ (ڪراچي 16،_3_68ع،انگريزي)

_”ميان سکر، وعدي ڪيل ٽن چئن مسلمان دوستن جي سالياني زڪوات جو بيحد انتظار آهي. آڪـﮧ تيرا انتظار هئي، دل بيقرار هئي.،آ. آ. آ.“ (ڪراچي 27،_3_68ع،سنڌي).

_”خبرناهي ته خط لکڻ ۾ ايتري دير ڇو ڪئي اٿي. زمانا لنگهي وياآهن، ميان! مون کي رڳو ٻه سبب سُجهن ٿا: ياته ڏاڍو مصروف آهين يان وري دل اڙي اٿي. پهريون نه. ٻيو ٿي سگهي ٿو. ڀلائي ڪري تصديق ڪر. ڳهير مان نڪرڻ بابت ڇا خيال آ؟ تنهنجي دوُريءَ کي ڳپل وقت ٿي ويو آهي، هت حياتي مزي ۾ آهي. ناصر جي گهر واري هتي آهي ۽ تنهنجي نياز مند جي پڻ. تنهنجي ڪراچيءَ اچڻ تي آجيان ٿيندي. آءُ ساک ٿو ڀريان ته ڪوبه اهڙو نه هوندو جيڪو تنهنجي اچڻ تي منهن مٿو پٽي. مون تي اعتماد ڪر، توکي چُميون ٿو  موڪليان، لکين ڪروڙين،“ (ڪراچي، 1_7_ 68ع، انگريزي)

_چُمين ۾ منهنجي پتيءَ لا مهرباني، پر منهنجي لڳاتار لابنگ ۽ مذاڪرات جي باوجود ٻيو ڪوبه هيءَ نعمت وصول ڪرڻ تي راضي نه آهي. سڀني جو هڪڙو ئي رد عمل آهي. سندن چوڻ آهي ته جنهن جي چپن شيدڻ جا چپ چُميا آهن، سو بهتر جي لائق نه آهي. سو اي معتوب شخص، پنهنجي شيدڻ ڏانهن موٽي وچ...قلم تازو! ايڊريس کان سواءِ خط موڪلڻ ته ٺيڪ آهي ،پر متان ڪنهن ڏينهن وڏماڻهپائيءَ جي علامت طور سٿڻ پائڻ نه وسري وڃيئي.“ (ڪراچي، 8_11_69غ، انگريزي)

_”تنهنجا ٻئي خط پهتل اٿم. جواب ۾ دير لاءِ معافي ٿو وٺان. ڪو سبب ڪونهي. شايد رڳو آلسپڻو. ٻه ڏهاڙا اڳ مختيار جي ويم لاءِ حيدرآباد روانگي کان پوءِ پاڻ کي گيئر کان صفا نڪتل پيو ڏسان. ان جو ڪو جواز نٿو ڏيئي سگهان . بس ائين آهي. ڪا موڳائي آهي ۽ دل ڪُجهه به ڪرڻ تي نه ٿي وري. شام جو آفيس کان سڌو گهر ۽ ويٺو ٽي ويءَ اڳيان اوٻاسين تي اوٻاسيون ڏيندو آهيان. جيئن ئي اهو پورو ٿيندو آهي، تئين ئي وڃي بستري ۾ ڪرندو آهيان. ابرو5 پڻ هفتي لاءِ حيدرآباد هليو ويو آهي، ۽ مان ڏاڍو  اڪيلو ٿي پيو آهيان....تون اچ ۽ اچي مون وٽ ٽڪُ. مان ڏاڍو خوش ٿيندس. ڇا ٿو چئين؟ مون کي انتظار رهندو...سواچين ٿو يا نه،“ (ڪراچي،20_1_70ع،انگريزي)

_”مومل6 جي ڄم جو ٻڌي آءُ 22 تي حيدرآباد هليو وي هئس. سندس ڇٺيءَ کان پوءِ ڪالهه 29تي موٽيو آهيان. انهيءَ وچ ۾ تو وارو 24 تي پهتل خط منهنجي انتظار ۾ رکيو هو. جواب ۾ دير جو سبب اجهو اهو هو...تو منهنجي ڪڪيءَ بابت جا وڙائتي تار ڪئي هُئي،تنهن لاءِ مهرباني، مون کي يقين آ ته هوءَ سرهي ٿيندي. ڇا، منهنجي اڪيلائي توکي حيران ٿي ڪري؟ شيطان جا ابا، شل دوزخ جو منهن ڏسين ! تون ته نيرو کان به ويل آهين، جيڪو لعنتي روم سڙي رهيو هو ته سرندو وڄائي رهيو هو. گهٽ ۾ گهٽ روم هن جو دوست ته نه هو...“ (ڪراچي، 30_ 1_ 70ع، انگريزي)

_”مان خميس ڏينهن ڪراچيءَ کان حيدرآباد پيو وڃان، جتان جمع ڏينهن 13_ مارچ تي روهڙي ايڪسپريس رستي سکر ويندس. گهٽ ۾ گهٽ سومر تائين اُتي هُجڻ جو ارادو اٿم. تون انهن مان ڪنهن ڏينهن وقت ڪڍي سکر اچي سگهندين؟ وندر ورونهن لاءِ توتي جو مون کي شڪ آهي ته جيڪو ڪم اٿم، تنهنجي نوعيت وندر ورونهن  لاءِ ڪو وقت ڪڍڻ ڏيندم، تڏهن به توکي هت ڏسي دل ڏاڍي خوش ٿيندي. انهيءَ سفر ۾ لاڙڪاڻي ضرور اچان ها، پر ڊڄان ٿو ، ته سمورو وقت ڪم ۾ بنهه سُڪَ هوندس. سو توکي سکر ۾ ڏسڻ جي آس رکان ؟ پر جي تون نٿو اچڻ چاهين ته نه سهي. منهنجو مطلب سمجهين ٿو نه؟“ (ڪراچي، 11_ 3_70ع، انگريزي)

_” مان سکر ۾ تنهنجو انتظار ئي ڪندو رهجي ويس ۽ مايوس موٽي آيس ته تنهنجو ڌڪار جهڙو ۽ دڙڪن وارو خط مليم. مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته تون تپيو ڇا تي آهين. ڇا اهو منهنجو قصور آ؟ پر ڪيئن؟ گذريل دفعي مون کي مقرر ملاقات لاءِ گهر پهچڻ تي ٿوري دير ٿي ويئي هئي، پر خيال هوم ته تون ناصر جي گهر هوندين ۽ مان ساڳين پيرن تي سندس گهر ڀڳيس، پر اهو ڪلف سان بند هو. موٽي آيس ته ناصر منهنجي گهر جي ٻاهران بيٺل هو. اچي توکي فون ڪئي سون ته تنهنجي بي لحاظ ’نه‘ ٻڌي سون، تون رات جي انهيءَ وڳڙي ٻاهر ڪونه ٿي نڪري سگهين. تفو. اهو وڳڙو، توتي ۽ تنهنجي وڳڙن تي لعنت، ٽائيڪون. اسان کي پنهنجو اهو پراڻو کُٽل يار پر آزاد روح کپي، ۽ نه پابندين جي پڃري ۾ ڦاٿل ٽائيڪون. ڇا ٿو آکين؟... ۽ ها، وري ڪڏهن ٿو ڀيرو ڀرين؟ منهنجيون اکيون اوسيئڙي ۾ هونديون، جيئندا قبلا.“ (ڪراچي، 30_3_ 70ع، انگريزي)

_” ان رات حيدرآباد جو سفر خراب نه هو، سواءِ ان ڳالهه جي ته ريل تي هڪڙو اڻوندڙ شخص به سوار هو. ٻه ڏهاڙا اڳ حميد هتي هو، پنهنجن دستوري ڪمن سان. ڏاڍي ڪچهري ڪئي سون، ۽ مون کيس راضي ڪيو ته ايندڙ سياري ۾ ڏينهن ٻه لاڙڪاڻي هلجي. هو ڏاڍو سرهو ٿيو. مون کيس ٻڌايو ته ڪيئن نه ٿو ٿو ۽ مون پنهنجا ڪُجهه ڪلاڪ سندس جهڙي سخت ورچائيندڙ موضوع تي ڳالهائيندي وڃايا هُئا. هو ظاهر آ ته گد گد ٿيو. ”ذڪر ميرا مُجهه سي بهتر هئي ڪـﮧ اُس محفل ۾ هئي.“........ اهي کليل وستار، اُڀَ ۽ ٿڌڙي هير ڏاڍا ياد ٿا اچن. ايتري وسيع زمين سالن کان پوءِ ڏني هُئم. اهو سڀ ڪيڏو ته اُتم. ڪيڏو ته فرحت وارو هو!“ (ڪراچي، 19_ 9_ 70ع، انگريزي)

_”آءُ ڏهين تاريخ خميس ڏينهن بولان ميل تي ڪراچيءَ کان لاڙڪاڻي اُسهندس. سمجهان ٿو ته گاڏي رات جو ڏهين ڌاران لاڙڪاڻي جي پليٽفارم تي سٽيندم. ڀلائي ڪري وٺڻ اچجان، ۽ سنبت ڪري رکجانءِ. ٻئي ڏينهن صبح جو سوير سکر هلنداسين، وڌيڪ روبرو.“ (ڪراچي، 8_ 9_ 70ع انگريزي)

”......... هائو، منهنجا پيارا،هو اڻ ٽر آهي، اسد موجود ۽ هر سگهه وارو. هن جو ويندي اسان جي خطن ۾ ڪر کڻڻ به لازم آهي، تون صحيح آهين، اهو لکيو منجهه نراڙ آهي، تقدير آهي. لاڙڪاڻي جا سهڻا ڪيئن آهن؟“ (ڪراچي، 26_ سيپٽمبر70ع، انگريزي).

_”عيد مبارڪ، اهو فرض ڪندو لاهور کان موٽي وٿاڻين آيو هوندين.“ (عيد ڪارڊ تي انگريزيءَ ۾).

_”تون مون سان ملڻ بنا ڪراچيءَ مان هليو وئين. پوءِ به نئين سال جون مبارڪون،“ (ڪراچي 2_ 1_71ع، انگريزي).

_”اُلهندي محاذ تي ايتري سانت ڇو؟“ (ڪراچي، 18_2_71ع، انگريزري).

_”توکي ڏاڍو مس پيو ڪريان، يار.“ .ڪراچي، 31_7_71ع، انگريزي).

_”ڪا نئين ڳالهه ڪانهي. ناهر(چخي)!“ (ڪراچي، 15_9_ 71ع، انگريزي).

_”مون کي يقين ناهي ته تنهنجو خط پڙهي سرهو ٿيو هوس. توکي کهري ٿيڻ جو ڪو ضرور ڪونه هو. تنهن کان سواءِ گرانڊ انڪئيزيٽر، ۽ ’ڪمينو ڪافر‘ جهڙا ڳرا لفظ هضم ڪرڻ مون لاءِ سدائين ڏکيو ٿيندو آهي. لڳي ٿو ته اڄڪلهه تون لغت سان چڱو چوکو وقت پيو گذارين. تنهنجيون حيدرآباد ۾ جيڪي سرگرميون_منهنجو مطلب آ، بدمعاشيءَ واريون_ هيون، تن بابت پڙهڻ ٿئي چاهيم. ٿرپاڪر جي سلسلي ۾ ڪهڙيءَ وئڪيشن ڏانهن اشارو اٿي؟ڪاليج/اسڪول واري وئڪيشن؟ تنهنجو ۽ منهنجو ان سان ڪو خاص واسطو ڪونهي. اهو حميد ته ناهي، جنهن جو فڪر اٿي؟ بهرحال، مون وٽ جوابي تجويز آهي. ڇو نه جنوريءَ جي پچاڙيءَ جو پروگرام رکون؟ توسان حياتي ڪيئن آ؟ مون سان ته صفا بيڪار آ. حياتي مون کي اڳي ڪڏهن به ايترو مايوس نه ڪيو آهي. ڪيئن به هُجي.مون کي پاڻ بابت ٻڌاءَ. تو واري انهيءَ ٺاهو ڪڙي گهر ۾ اڪيلائي گهڻي ته نه آهي؟ مون کي اڪثر اها شئي ياد ايندي آهي،جيڪا تنهنجي هنڌ مٿان ڀت سان ٽڪرائبي رهندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن ننڊ ۾ ڊيڄاريندي ته نٿي؟ مان 6ڊسمبر تي هنگامي ڊيوٽي ڪندس. يعني30_4 کان صبح30_9 تائين .جيڪر تون هت هُجين ها. ٻئي هن وسيع ويڪري آفيس ۾، جتي هڪ چوڪيدار ۽ هڪ ڪلارڪ کان سواءِ رڳو مان هوندس، ويهي اوڀاريون لهواريون ڪيون ها...“ (ڪراچي، 3_ 12_ 71ع، انگريزي)

_” تار لاءِ مهرباني. جڏهن لڙائي لڳي هئي، تڏهن اسان کي ڳڻتيءَ ورايو هو ڇو ته ابرار اُتي هو. پوءِ پي. آءِ. اي. وارن معلوم ڪرڻ تي، خاطري ڏياري ته هُو محفوظ هو ۽ اوڀر پاڪستان کان ٻاهر هو. ڪٿي؟ سوڪونه ٿي ٻڌايائون. بهرحال، هو اوڀر پاڪستان کان ٻاهر هو ، ۽ سندس هڪڙي پي.آءِ. اي واري دوست ڪالهه اچي ٻڌايو ته هُو ڏينهن ٻن ۾ پنهنجي اڻ ڄاتل هنڌ کان موٽي اسان وٽ اچڻ وارو آهي. تو منهنجي اڳين خط جو جواب ناهي ڏنو.“ (ڪراچي، 21_12_71ع، انگريزي).

_” مارَ پويَئي، لعنت هُجيئي، ڦاٽي مرين ! (ممڪن هُجي ته نابود ٿئين. تون مادام7 جي شهر ۾ هئين ۽ اڪيلو (يعني، مون کان سواءِ)؟ تو جهڙن گنهگارن تي آسمان ڇو نه ڪريو؟ تون دوستيءَ جي نانءُ تي ٽڪو آهين. آءُ توسان پنهنجا دوستيءَ جا سڀ ناتا هينئر جو هينئر ٽوڙيان ٿو. جهنم ۾ وڃ.“ (ڪراچي، 26_1_ 82ع، انگريزي).

ايڏانهن ڇا پيو وهي واپري، ميان؟ ديدار ۾ ايتري دير! مان رُڌل هوس. مختيار جي صحت جي بحالي؛ ٻار8 جي تندرستيءَ جا اوائلي مسئلا؛ اسپتال، آفيس ۽ گهر جي وچ ۾ ڀڄ ڀڄان مون کي گهڻو مصروف رکيو آهي. توکان ايترو نه ٿيو جو ان جو لحاظ ڪرين ها. پاڻ لکڻ کان بس. انتظار پئي ڪيوئي ته پهرين آءُ لکانءِ. ڪراچيءَ پنهنجي وڏي صاحب کي لاهور واري دوري جي رپورٽ نه ڏيڻ ايندين ڇا؟ ٻه ٽي سُٺا فلم هلي رهيا آهن ۽ منهنجي پاڙي ۾ رُوسٽر‘ پڻ تيار آهي. مون آزمايو اٿس. سٺو آهي. ۽ جيڪڏهن توکي نه وڻي ته تون مون کي روڊ جي ٻيءَ ڀر چائنيز ۾ وٺي وڃي سگهين ٿو، يامان توکي. ڇا ٿو چئين؟ هيءَ آڇ تمام محدود وقت لاءِ کليل رهندي.“ (ڪراچي. 17_2_72ع، انگريزي)

_” تنهنجوخط مليو اٿم، مهرباني. مان 1_مارچ کان 9يا 12مارچ تائين حيدرآباد ۾ هوندس. پي. سي ايس. جا امتحان آهن. 6کان9 تائين امتحان ۾ مصروف رهندس، پر ٻين ڏينهن تي نه. تون انهن آجن ڏينهن تي اچي سگهندين، پنهنجيءَ سهولت موجب؟ حميد به  اتي هوندو. ٿي سگهي ٿو ته اسان ڪي گهڙيون گڏ گذاري پنهنجي شاندار ماضيءَ جا ورق ورايون.“ (ڪراچي، 21_2_72ع، انگريزي)

_”ڪهڙي عريضي ۽ ڪهڙو ڪميونسٽ؟ واقعي ڪجهه ٿي پيو آهي ڇا؟ تنهنجو خط پرولي آهي. پلائي ڪري ان کي ڀڃڻ ۾ منهنجي واهر ڪر_هڪدم.“ (ڪراچي، 15_3_72ع، انگريزي)

_” ڪنهن پکيئڙي ڀڻڪو ڪيو ته تون هن شهر تي بڇجڻ وارو آهين. ڀلائي ڪري تصديق ڪر....قلم تازو: يعني، دائمي طرح بڇجڻ وارو.“ (ڪراچي، 4_ 7_ 72ع انگريزي)

_ڦاهي ڏيندڙ جي ڳنڍ ۾ باقي ڏهه ڏينهن9. “ (ڪراچي، 8_8_72ع انگريزي).

_”ٽياس تي ٽنگجڻ ۾ باقي اٺ ڏينهن، پٽ!“ (ڪراچي، 10_8_72ع، انگريزي).

_”ڦاهيءَ ۾ ڇهه ڏينهن، ٻچا،“ (ڪراچي، 12_8_72ع، انگريزي).

_” وري جيئري ٿيڻ کان پنج ڏينهن پوءِ دُنيا ڪيئن ٿي لڳئي؟ سڄي گلابي ۽ سون ورني.“ (ڪراچي، 23_8_ 72ع، انگريزي).

_”هاڻي شينهن ڪڏهن به گجگوڙ نه ڪري سگهندو. اهي ڏينهن، اهي شينهن ! پوئين خط ۾ جيڪا ڳالهه لکي هئي ۽ دراصل جنهن ڳالهه لاءِ خط لکيو هوم، سا ئي رهجي وئي. اهو ٿئي حال. شاديءَ جي پنجين سال کان پوءِ...“ (ڪراچي، 18_11_72ع،سنڌي)

_ ٻه ڏينهن کن ٿيا جو حميد آيو هيو. تنهنجي ڪمي محسوس ٿي، سو تنهنجي گهر فون ڪئي سين.ڊائلاگ ڪجهه هيئن هليا:-

سوال: سليم آهي؟ جواب: نه، سوال: ڪراچيءَ ۾ آهي؟ جواب: نه. سوال: اڃا لاڙڪاڻي آهي؟ جواب: ها. سوال: ڪڏهن ايندو؟ جواب: ڪا خبر ناهي. اڄ اچي، ٻن ڏينهن ۾، ڇهن مهينن ۾ اچي. مرضيءَ جو مالڪ آهي.“ (ڪراچي، 7_11_73ع، سنڌي)

_”زمانا ٿي ويا آهن، گذريل دفعي تون ڪراچيءَ ۾ هُئين ۽ مون سان ملين ئي ڪونه ! ڇو؟“ (ڪراچي، 19_6_74ع، انگريزي).

...حميد سڀاڻي اچي پيو، توکي نينڍ آهي ته اچي وندر ورونهن واري ٽوليءَ ۾ شامل ٿي. توکي اڄڪلهه ان  جي ئي گهڻي کان گهڻي ضرورت آهي...“ (ڪراچي،21_9_74ع،انگريزي).

_” فون تي طبيعت پُرسيءَ لاءِ مهرباني، انجام موجب هن کان اڳ خط نه لکي سگهڻ تان معافي ٿو وٺان. واقعو هيءَ آهي ته پنهنجي صحت جي مسئلي سان ايترو وچڙيل هوس جو ٻي ڪا ڳالهه سوچي ئي نٿي سگهيس. توقع اٿم ته درگذر ڪندين، تڏهن به، توکي پنهنجي صحت بابت تفصيل سان نه ٻڌائڻ جو ارمان اٿم. ڊاڪٽر معمول موجب تپاس ڪندي ڪا ڳالهه ڏٺي هئي، سو سندس صلاح تي تڙڪڙ ۾ اسهڻو پيو هوم، اُن جو مطلب اهو ڪونه هو ته ڪو خطرو هو يا ڪا امرجنسي هُئي پر جيئن ته اچڻو هوم، سو هڪدم هليو آيس. هلڻ کان اڳ توسان ۽ حميد سان رابطي جي ڪوشش ڪئي هئم، حميد سان ته ٿي ويو هو ، پر توسان نه. تو گهر ڪونه هُئين. تاهم، پتو نه هوم ته ڪو ايترو گهڻو وقت ترسڻو پوندو.مون سمجهيو هو ته وڌ ۾ وڌ 4_6هفتا لڳندا.موٽندس ته توکي دير ۽ ڊگهي ترسڻ جا ڪارڻ سربستا ٻڌائيندس. پڙهڻ لاءِ جيڪو مواد گهران آندو هوم، سو کٽي ويو ته وڃي ’سيون منٽس‘ وٺي آيس، جنهن جي تو ايتري ساراهه ڪئي هئي. مون کي مايوس ڪيائين. ڪيئن به، اهو انهيءَ اعليٰ درجي جي لائق نه لڳم، جيڪو تو ان کي ڏنو هو. مون ٻه ٽي ٻيا ڪتاب به ورتا آهن، جيڪي موٽي اچي توکي پڙهائڻ چاهيندس. شايد توکي وڻن. گهڻو علاج ٿي ويو اٿم. ستت مڪمل ٿي ويندو. سڀڪجهه ٺيڪ رهيو ته هن مهيني جي پڇاڙيءَ ڌاري وطن موٽي ايندس، توکان پوءِ حميد پڻ فون ڪئي. توهان ٻنهي کي ٻڌڻ چڱو لڳو. حميد، هميشه جيان ، وڏي سڪ ڏيکاري، ۽، تو وانگر، وڏي ڳڻتي هُيس. دوست ايڏي پرواهه ڪندا آهن ته حياتي جيئڻ جو ڳي ٿيو پوي...هن ڀيري لنڊن ڪو خاص نه گهمي سگهيو آهيان. گهڻو وقت ڊاڪٽر، اسپتالن ۽ علاج جي حوالي رهيو آهيان. علاج جي ضمني اثرات جي ڪري ڪجهه وقت بستري داخل به رهيو هوس، پر هاڻي آجو آهيان. آس اٿم ته هن مهيني جي پڇاڙيءَ ڌاري وطن ورڻ جي موڪل ملي ويندم. وطن ڏاڍوياد ايندو اٿم. گهر جي ڏاڍي سڪ لڳي اٿم. سنڌيءَ کي گهڻو وقت گهر کان پري نه رهڻ کپي. ڪراچيءَ وارا ڪئين آهن؟ هت خبرچار خير ڪا پهچندي آهي. ميڊيا وارن لاءِ پاڪستان جي ڪا گهڻي اهميت ڪا نهي. البت ڪجهه هيڊلائينون هيون. امپريس مارڪيٽ ۾ بم جو ڦاٽڻ ، ڪراچيءَ ۾ ڪرفيو ۽ بينظير جي شاديءَ جو اعلان....“ (لنڊن، 16_8_87ع، انگريزي).

_”پس اهو ثابت ٿيو ته قرب، محبتون ۽ سڪ فاصلن جي مرهون منت آهن. ٿر واري ٽولي سانگهڙ هلڻ جو پروگرام ٺاهيو آهي. اڄ شام حيدرآباد مان روانگي آهي. مان 12يا 1 تائين ڪراچي ڇڏيندم. سنگت پرزور چيو آهي ته توهان کي به صلاح ڪيان. ممڪن هُجي ته ٻڌائجو. اهو به ممڪن آهي ته توهان جي طاق لڳائڻ وارو پراڻو پروگرام به پورو ٿئي.“ (ڪراچي 9_12_90ع سنڌي).

_”جيڪڏهن مان خط نه لکان ته تو ۾ اميد گهٽ هوندي آهي ته ڪا سار لهين. خدا ڄاڻي ڇو حميد ۽ منهنجي جيڪڏهن محنت جي باوجود به تنهنجي ڪٺورتا ۾ ڪمي نه آئي آهي. منهنجو علاج هلي پيو. نومبر ڌاري واپسي ٿيندي، جيڪڏهن سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويو. مختيار ۽  تانيا[1] گڏ آهن، تنهنڪري دل کي تسلي آهي، نه ته هيءُ ڏاڍو ظالم ملڪ آهي. اڪيلائپ جيڪر ماري وجهي. لنڊن ٿڌ ۾ وڪوڙجي وئي آهي. ٻاهر نڪرڻ سان ٿڌيون هوائون جسم کي چيرينديون ٿيون گذرن. گهر گرم آهن، تنهنڪري اسان جهڙن ماڻهن جو گذر ٿي سگهي ٿو. ڄام صاحب هتي آيل آهي. ڪرامويل هاسپيٽل ۾ داخل آهي. ايڏانهن جو ڇا حال آهي؟ ڪا خبر ڪانهي جو ايترو انسان ڪٽيل آهي... ڪراچيءَ جي موسم بهتر  ٿيڻ شروع ٿي وئي هوندي. سيارو ته ڇا آيو هوندو پر گرمي ڪُجهه گهٽ ٿي وئي هوندي. دوستن جو ڪهڙو حال آهي؟ ناصر سان حال احوال ڪري ڇڏجانءِ. حميد جي طرف به گهٽ خبر آهي. خير عافيت جي تار موڪلي اٿائين، تنهن مان ته ڪو گهڻو حال احوال ملي نه سگهيو. توکي ڪا خبر هُجي ته لکي موڪلجانءِ.... واند ڪائيءَ ۾ ڪتابن جا دوڪان ڳوليندو آهيان. ڪتاب پاڪستان کان وڌيڪ مهانگا آهن. ڪُجهه ورتا اٿم تن ۾ قابل ذڪر ’و ُيٽنگ فار الله‘ آهي؛ مصنف ڪرسٽينا لئمپ. اڃا پڙهيو نه اٿم. موٽي اچڻ تي پڙهڻ لاءِ ڏيندو مانءِ.“

(لنڊن، 20_10_91ع،سنڌي).

_”توهان جو 11تاريخ وارو پروگرام گهڻو نه آئڙيو. ڪراچيءَ جي هنگامي مان نڪري ميلي جي هنگامي ۾ وڃي ڦاسڻ ساڳي ڳالهه آهي. مون کي سڪون کپي ۽ صبوح جو پنهنجي مرضيءَ سان اُٿي مغز ۽ جيرن جو ناشتو کپي . توهان ڀلي روانا ٿيو.الله کي پرتوُ.“ (ڪراچي، 6_4_93ع،سنڌي.)

”ڪيتري عرصي کان توهان سان عذر خواهيءَ جو فرض پورو نه ٿي سگهيو آهي. رڪاوٽ صرف اها رهي آهي ته تنهنجي گهر جون ڏاڪڻيون چڙهڻ وس کان ٻاهر آهي. ذهني طرح پاڻ کي تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اٿم، پر جسم سگهه نٿو ساري. قرب ڪري اهڙي ڪا جاءِsuggestڪريو جتي مٿي نه چرهڻو پوري،“ (ڪراچي، 13_8_93ع،سنڌي)

_ڪراچيءَ جي هڪ ادبي فنڪشن ۾ اسان ٻنهي جي انگريزيءَ ۾ تحريري ڏيوٺ. تاريخ درج نه آهي. شايد ٽي چار ورهيه اڳ ٿيو هو.

هو: لڳي ٿو آءُ وقت تي آيو آهيان؟

مان: اهو اڄ جو وڏي ۾ وڏو چرچو آهي.

هو: دير سان اچڻ جو سبب منهنجي لعنتي ۽ دوزخي(منجهند جي ) ننڊ.

مان: منهنجو اندازو به اهوئي هو.

هو:هيءُ همراهه ڪير آهي؟

مان: مشهور سامونڊي، مسٽر الطاف شيخ....

هو:اوهه.


1  روزاني نواءِ انقلاب، سکر، جي نيوز ايڊيٽر طور.

2  شايد 1965ع ۾ اديبن جي ٽوليءَ واري اپر سنڌ جي دوري ڏانهن اشارو.

3  لاڙڪاڻي ۾ وڏي ڀاءُ جي ريان/ نائيلان مان روا ۽ ڪني ٺاهيندڙ ننڍڙي ڪارخاني جو پهريون مئنيجر ۽ پوءِ ريزيڊنٽ ڊئريڪٽر.

4  سندس والد سچيڏني قاضيءَ جي جنوري 1968ع تي وفات.

5  ابرار قاضي، اشفاق جو ننڍو ڀاءُ، جيڪو تڏهن پي.آءِ.اي ۾ انجنيئر هو.

6  اشفاق جي وڏور ڌيءَ.

7  مشهور ڳائڻي نورجهان.

8  اشفاق جو پٽ، فيصل، جيڪو ويهارو ڏينهن اڳ ڄائو هو.

9 خ.س.ا جي وهانءَ جي حوالي سان، جيڪو 18-8-72ع تي ٿيو.

[1]  اشفاق جي ننڍي نياڻي ۽ آخري ٻار.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 9 8 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com