پڙهندڙن جا پيغام
- اسين اهو فخر سان چئون ٿا ته پاڪستان توڙي ڀارت
۾ سنڌي ٻوليءَ جو اهو هڪ ئي ڪامياب ”مهراڻ“
رسالوآهي، جنهن جي وسيلي سنڌي علم ۽ ادب جي چڱي
ترقي ٿي رهي آهي، ۽ اُميد ته خدا اڃا به ”مهراڻ“
کي وڌيڪ توفيق بخشيندو- آمين!
- ڪريم بخش محمد سليمان، ملڪاڻي، خيرپور گنبو
(ٿرپارڪر)، سنڌ
- بخدمت رفيع منزلت، عالي جناب، ڊاڪٽر صاحب مدظلہ،
السلام عليڪم و رحمة الله و برڪاتہ. خيريت طرفين
مطلوب.بعد اداي آداب معروض ته بخار جي بستر تي
”مهراڻ“ مليم،۽ ٻاهرئين ڪوَر ئي ايڏو خوش ڪيو جو
بخار وسري ويو. جنهن خوش مذاقيءَ سان سائينجن هيءُ
ڪَور ٺهرايو آهي، اها غالباً سنڌيءَ ۾ پهريون مثال
رکي ٿي.
ان بعد رسالو کوليم، ۽ منهنجس اهڙو ته کوئجي ويس
جو رسالي کان سواءِ ڄڻ ته ڪجهه به ياد نه رهيم.
ايڊيٽوريل جي عظمت جو ذڪر ڪرڻ لاءِ لفظ نٿا ملنم-
هڪڙو هڪڙو اکر موتيءَ جي داڻي کان گهٽ ناهي!
عام طرح سمجهيوٿي ويو ته جويي صاحب جي ايڊيٽريءَ
ڇڏڻ بعد اهڙو سٺو رسالو مرتب ٿي ڪونه سگهندو؛ پر
هيءُ رسالو ته مورڳو اڳين سڀني رسالن کان زور آهي.
انجي ترتيب ۽ مواد جي انتخاب مان به ائين ئي پيو
ڀاسجي ته پاليسيءَ ۾ ڪوبه خاص فرق ڪونه آيو آهي.
عام طرح جا مايوسي ڇانيل هئي ته رسالي ۾ هاڻي
دلچسپي گهٽ هوندي ۽ خشڪ علمي مضمون گهڻا هوندا، سا
پڙهڻ سان ڪافور ٿي ويئي.
رسالي نڪرڻ ۾ ڏينهن گهڻا لڳا آهن، پر چيز اهڙي ته
اعليٰ نڪتي آهي، جو ’دير پيا درست ٿيا‘ وارو
معاملو پيو ڏسجي.
اديبن لاءِ ’هدايتنامو‘ سٺو آهي، پر اَٺون فقرو
ذرا سخت آهي- اهو ساڳيو مطلب نرم لفظن ۾ به ادا ٿي
سگهيو ٿي.
نيازمند،
- محمد عثمان ڏيپلائي
- محترم ايڊيٽر صاحب، بعد تسليمات جي عرض ته
”مهراڻ“ جو تازو پرچو (1-2/1957ع) ڇهن مهينن جي
طويل انتظار ۽ اوسيڙي بعد پسي، اندر کي آرام ۽ قلب
کي قرار نصيب ٿيو. سچ پچ ته توهان جهڙن لائق ۽
قابل شخصيتن جنهن محنت ۽ مشقت سان هن پرچي کي
سينگاري هڪ خاص انداز سان پيش ڪيو آهي، سو قابل
تعريف آهي.
مان نڪي اديب آهيان ۽ نه شاعر، مگر سنڌي ادب سان
والهانه عقيدت ۽ گهري محبت اٿم، ۽ ”مهراڻ“ جهڙي
ادبي شهپاري کي اسان جي تهذيب ۽ تمدن جو پاسبان ۽
شيرين زبان سنڌيءَ جو نگهبان سمجهندو آهيان. جيئن
ته ”مهراڻ“ جو نئون دور شروع ٿيو آهي، ان ڪري
”مهراڻ“ جي هن پرچي بابت پنهنجا ناقص خيالات ۽
ذاتي تاثرات، جن جي حيثيت ڪکن ۽ ڪانن کان وڌيڪ نه
آهي، سي عرض ڪرڻ جي جرات ڪئي اٿم.
افسانن جو معيار هن پرچي ۾ اهڙو بلند نه آهي، جهڙو
هئڻ گهرجي. محترم عبدالحق ”عظيم“ جو ”بابلي“ البت
هڪ نصيحت آموز فسانو آهي. سچ پچ ته اسان جي هن
گندي ماحول ۾ هزارين اهڙيون ’بابليون‘ پنهنجي
چلولائي، مرڪ ۽ عصمت وڃايو ويهن. اهڙا افسانا اسان
جي خراب ماحول جي سڌارڻ ۾ ڪافي حد تائين معاون
ثابت ٿيندا. محترم حافظ حسينيءَ جو ترجمو ڪيل،
خليل جبران جو، ”قانون ۽ انصاف“ افسانو به دلخراش
۽ پُر معنيٰ آهي، جنهن ۾ اسانجي ناقص قانون کي ان
جي ننگي روپ ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي.
مضمونن مان تيرٿ و سنت جو ”ڀلا اهو لکئي“ جي عنوان
سان لکيل مضمون، جنهن ۾ سنڌي ڳوٺاڻن جي زندگيءَ جو
پس منظر پيش ڪيل آهي، سو بيحد پسند پيم. قابل
ليکڪ، غريب ڳوٺاڻن جي زندگيءَ جي هر پهلوءَ –
جهڙوڪ حاضر جوابي، سمجهه، سادگي ۽ الله تي ڀروسي
جهڙين مثالي خصلتن – تي مفصل روشني وجهي، هڪ نهايت
اهم ۽ سُهڻو ڪم ڪيو آهي. سندس اهڙي گرانقدر ڪوشش ۽
ڪاوش مبارڪ جي مستحق آهي.
موهن ڪلپنا جو ’ايشيائي اديبن جي ڪانفرنس‘ جو
احوال – جنهن ۾ محترم اديب، نهايت سهڻي ۽ سليس
پيرايي ۾، اسان جي مٺڙي زبان سنڌيءَ جون خوبيون
بيان ڪيون آهن. هڪ بي بها خدمت آهي. اهي حقيقتون
انهن انڌن جي اکين پٽڻ لاءِ ڪافي ثبوت بنبيون، جي
سنڌي ادب ۽ زبان کي ڪچلڻ جا خواهان پئي رهيا آهن.
”مهراڻ“ جو اهڙي مناسب موقعي تي ههڙو بهترين مضمون
ڇاپڻ به سنڌ جي ٻچي ٻچي تي ٿورو ۽ احسان آهي، جو
انهيءَ مضمون بعد اسان جا انڌا اڳواڻ ۽ ناپهچ
ليڊر، هن مضمون جي روشنيءَ ۾،پنهنجيءَ زبان کي
گهڻيءَ حد تائين بچائي سگهن ٿا.
سرسري طور، ”مهراڻ“ جو هيءُ پرچو هڪ لاثاني شاهڪار
آهي، ۽ اسان جي ادبي خزاني جو هڪ بي بها موتي.
دعا آهي ته الله پاڪ اسان جي لائق ليکڪن کي اها
توفيق ڏئي ته هو، اڃا به وڌيڪ ڪوشش ڪري، ”مهراڻ“
کي بلند کان بلند تر بنائين. شال، ”مهراڻ“ سدائين
ساڳئي آب ۽ تاب سان ترقي ڪندو رهي- آمين!
- عبدالرحمان پهوڙ (ايم. اي.)، سنڌ يونيورسٽي،
حيدرآباد
- محترمي شمشير صاحب، اسلام عليڪم. ”مهراڻ“ جو
پرچو 1،2/1957ع مس مس اَٺن مهينن جي وڇوڙي بعد
مليو. ايترو وقت جدائيءَ جو اسان ڪيئن گهاريو،
اوهين ان کان بيخبر آهيو. خير، ٿي سگهي ٿو، اوهان
کي ڪي مشڪلاتون ضرور هونديون، جنهنڪري ”مهراڻ“ جي
نڪرڻ ۾ دير ٿي آهي. پرچو اڳيان آهي، ۽ جيڪي منجهس
نظر آيو اٿم، ان جو اظهار ڪريان ٿو.
مهڙ ۾ آيل مضمون، ”موت جا تجربا“، اڄ جي وايو منڊل
جو آئينو آهي. ڏيکاري ٿو ته سرمائيدار ملڪ،حرص ۾
اچي، بم اڇلائين ٿا ته ان جو نتيجو ڪهڙونه ڀيانڪ
نڪري ٿو. جڏهن هيءُ مضمون مون ڳوٺاڻن کي ٻڌايو
پئي. تڏهن هڪ پير مرد چيو: ”بابا اهڙي مضمون جي
ٻڌڻ جي منهنجي ڪنن کي طاقت ڪانهي!“ ويچاري پير مرد
جو جوان پٽ گذريل مهاڀاري لڙائيءَ ۾ مارجي ويو هو.
سامراجي ملڪ ته انسان ذات جي خيرخواهيءَ ۽ آئيندي
جي معصومن جي زندگين بابت ڪجهه به نٿا سوچين. ڪاش،
هو ’ائٽم‘ کان انسان ذات جي فائدي جو ڪم وٺن، ۽
دنيا جي تباهيءَجا تماشا نه ڪن!
”گذارش“ وارا ”گل محمد“ واقعي اڃا به ڪي سنڌ ۾ پيا
آهن. هو پنهنجي مفاد خاطر مذهب کي خواهه مخواهه وچ
۾ آڻيو هڻن، ۽ هر هڪ ڳالهه مان هنن کي ’الحاد‘ جي
بوءِ پيئي ايندي آهي. انهن جي ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ
ڪري ادب ترقي نه ڪري سگهندو- اهڙن انتهاپسندن جي
پرواهه نه ڪجو!
ميان محمد اشرف جي مدح ڇپائي، اوهان ان کي ناپيد
ٿيڻ کان بچايو آهي. بهتر هو ته توهان انهن عربي
بيتن جي تصحيح، عربيءَ جي قابل شخصيت علامه
دائودپوٽي کان ڪرايو ها. هڪ ڳالهه سمجهه ۾ نٿي
اچي: صفحي 12 جي حاشيہ ۾ لکيل آهي ته سٽ 22 کان
وٺي مدح ٺٽي مان هٿ آيل آهي، ۽ ان کان اڳيون
ايڪيهه سٽون ”مجموعہ مدحيات“، بمبئي جي ڇاپي، تان
ورتل آهن: تنهن هوندي به توهان حاشيہ ۾ 13 صفحي
کان وٺي ويندي 17 صفحي تائين بمبئي جي ڇاپي جي
تصحيح ڇو ڄاڻائي آهي؟
محمد خان ”غني“ جا بيت، ”جاجڪ ۽ جهونا ڳڙهه“، سرس
آهن. گيتن ۾، گوورڌن ڀارتيءَ ’نئين صبح‘ جي پچار
ڪئي آهي – خوب!
نه پوڄيو هاڻ پٿر کي، ڪريوعزّت ڪسانن جي،
ڪسانن، پورهيتن، مزدور، محنت ڪش جوانن جي:
ملي انسانيت جي آرتي ڳايو!
گوورڌن جو نظم، ”شاعر ڏانهن“، سڄي ”مهراڻ“ جي شعر
واري حصي جي سونهن آهي.
هي بکايل پيٽ ڏس، هو ڀڀ ڀريل،
هِت ڀُريل ڀونگي، هُتي ماڙيون اَڏيل!
ڪي مٽائين نت نئين پوشاڪ ٿا، تَن اگهاڙي تي مَلن
ڪي خاڪ ٿا!
هڪ خدا جي خلق، ان ۾ فرق هي آيو ڪٿان؟
کڻ قلم، لک درد جو هيءُ داستان!
گوورڌن هن نظم ۾ سماج کي کوکلو ڪري ڏيکاريو آهي، ۽
غريبن جي جنسي تصوير پيش ڪئي اٿس. ڪاش، اسان جي
مادر سنڌ جا ٻيا فرزند به، ان طرف توجهه ڏيئي،
سرمائيداري سماج جا پول پڌرا ڪن! افسوس آهي جو سنڌ
جا اڪثر شاعر گهڻو ڪري زلفن جي زنجيرن ۾ ڦاٿل نظر
اچن ٿا!
لوڪ گيتن ۾ ”رشيد“ لاشاري واڌاين جو مستحق آهي جو
ڪجهه عرصي کان هن لوڪ گيتن کي گڏ ڪرڻ شروع ڪري،
ادب جي هن حصي کي گم ٿيڻ کان ٻچايو آهي. ”نياز“
همايوني ۽ عبدالڪريم ”گدائي“ زلفن جي دام کان ٻاهر
آهن. ”بشير“ مورياڻيءَ جو بين الاقوامي مسئلي
”الجزائر“ بابت شعر قابل تعريف آهي. اميد ته ٻيا
شاعر به ان ڏس ۾ قدم کڻندا. افسوس جو ”اياز“ اڃا
زلف جي دام ۾ ڦاٿل آهي! 1942ع وارو ”اياز“ شايد
ٻيو هو: جي ساڳيو آهي، ته پوءِ هيڏي ساري تبديلي
ڪهڙي سبب؟
اڄ قوم کي صحيح رهنمائي جي ضرورت آهي. سماج کي-
”ڇڏ رسڻ جي ريت راڻا، آءٌ ته پرچون پاڻ ۾“ جهڙن
شعرن جي ضرورت نه رهي آهي. بلڪ، ”نياز“ همايونيءَ
جي لفظن ۾،
اچو انهيءَ نظام کي جلايون دل جي باهه سان،
جلي سگهيو نه جو اڃا ستم زدن جي آهه سان!
افسانن واري حصي ۾، ”قانون ۽ انصاف“ ۾ پيش ڪيل
’قانون‘ اڄ عام مروج آهي. قانوندان اصل ڏوهه جي
تهه تائين پهچڻ جي ڪوشش نٿا ڪن. هو اها ڪوشش ئي
نٿا ڪن ته ڏوهه جو اصل ڪارڻ ڪهڙو آهي، ۽ ان کي دور
ڪرڻ جي لاءِ ڪهڙي ڪوشش ڪجي؛ هو صرف ڏسن ٿا ته
اڳيان آيل ماڻهو قتل جي الزام ۾ پيش ٿيو آهي، سو
ڦاسيءَ جي سزا ڏجيس! اهو خيال بنهه نا ڪن ته
انهيءَ قتل جا سبب ڇا آهن، ۽ ڪهڙين حالتن هيٺ اهو
قتل ٿيو؟
”روزي جي ماني“- اها ’هڪ ڏينهن جي ڳالهه‘ چئجي، يا
ورهين جو ويچار!
”طفيل، او طفيل! ماني ڪنهن مسلمان فقير کي ته ڏي،
ڪمبخت!“
ڄڻ ته فقيرن جو به ڪو مذهب ٿيندو آهي! پيٽ بکيو،
انگ اگهاڙو، جيڪو بيمارين ۾ مبتلا آهي، ڀلا ان جو
ڪهڙو مذهب هوندو؟ هو ته صرف ’فقير‘ آهن، پينو،
سرمائيداري سماج جي عملن جو آئينو؛ مذهب سان انهن
کي ڪهڙي دلچسپي ٿيندي، جيڪي مانيءَ ڳڀي لاءِ حيران
پريشان هوندا آهن؟ مذهب بابت ته اهوئي سوچيندو،
جنهنکي پيٽ جي باهه جو فڪر نه هوندو. مذهب جي
ٺيڪيدارن کان وري به اهو غريب بهتر آهي، جنهن پِن
جي مانيءَمان به پنهنجي برادريءَ جي فقير کي حصو
ڏنو – اهو نه سوچيائين ته هو ڪهڙي مذهب جو آهي!
مضمونن جو حصو البت مٿڀرو آهي. ”جنگنامو مياڻي“
جهڙا مضمون اسان جي ستل قوم کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ
ڪارائتا آهن. جنگنامو ڏيکاري ٿو ته وطن تان سر
صدقي ڪرڻ وارن جي ساراهه، ۽ گيدين تي ڦٽڪار، قيامت
تائين ٿيندي رهندي. اهي نابڪار، جن پياري ديس تان
جان قربان ڪرڻ تي غداريءَ جي ذليل زندگيءَ کي
ترجيح ڏني، ۽ ڀڄي، سنڌ جي هار ڪري، سنڌ کي غلام
ڪرايو، انهن تي، ۽ اهڙن ئي ٻين وطن وڪڻڻ وارن تي،
لعنت جو وسڪارو پوندو ئي رهندو!
اهي مغرب پرست تاريخ نويس، جيڪي چون ٿا ته انگريزن
جو لشڪر 27 سَو ۽ ميرن جو 22 هزار هو، اکيون پٽي
ڏسن ته انگريزن جا انعام حاصل ڪندڙ، خود انگريزن
جي لکت موجب، 7431 هئا، تڏهين مئل ۽ بنا انعام
وارا به ته ڪي هوندا يا نه؟
”عربيت جو فڪري بنياد“ بهترين مضمون آهي. خود عرب
ملڪن جا رهاڪو پاڻ کي پهرين ’عرب‘ ۽ پوءِ ’مسلمان‘
ٿا سڏائين، ته پوءِ ڇو نه اسين پاڻ کي پهريائين
’سنڌي‘ سڏايون؟ اسان کي ڇو ٿو ان چوڻ کان روڪيو ۽
ٽوڪيو وڃي!
”سنڌ ۽ 1857ع جو بلوو“ مضمون ۾ اسين ڏسون ٿا ته
سنڌين به انهيءَ انقلابي جدوجهد ۾ بهرو ورتو هو؛
مگر افسوس جو جڏهن به آزاديءَ جي انهيءَ اوائلي
تحريڪ جو ذڪر ڪيووڃي ٿو، سنڌين جي حصي کي بلڪل نظر
انداز ڪري ڇڏيووڃي ٿو. هيءُ اسان سنڌين جو فرض آهي
ته اسين پنهنجن يادگار ڪارنامن جي کوج لڳايون، ۽
ٻين کي انهن کان واقف بنايون.
”ڪنٽ ڪراچي، ڪئٽ سنڌ“ مضمون ۾ اسين ڏسي سگهون ٿا
ته انگريز ڪهڙي نه چالبازي ڪم آڻي، هندوستان وارن
کي غلام بنائيندا رهيا ٿي. هو ’واپار‘ جي پردي ۾
سياسي چالبازي کيڏندا هئا؛ مگر سنڌ جا امير ان
چالبازيءَ کان غافل نه رهيا. افسوس جو ڪن غدارن
ڪري ئي سنڌ انگريزن جي غلاميءَ ۾ اچي ويئي!
”ادبي نثر“ مضمون، معلومات افزا ۽ سٺو مطالعو آهي.
جويي صاحب وارو مضمون، ”ٻاهرينءَ دنيا بابت اسان
کي ڪهڙي خبر آهي“، بلڪل بيڪار آهي. خشڪ فلسفو هو،
- منهنجي سمجهه ۾ ڪين آيو.جويي صاحب کي هيءُ مضمون
ڪتابي صورت ۾ ڇپائڻ گهربو هو- ”مهراڻ“ جا صفحا
خراب نه ڪري ها.
”جهرڪن جو شهر“ بابت ادبي خط پڙهيم. آءٌ ته اڃا به
ان خيال ۾ آهيان ته ”مهراڻ“ نمبر 1/1956ع واري
خواجه عبدالحسين جي مضمون ”جهرڪ“ تي اعتبار ڪريان،
يا هن بحث تي. باقي، صحيح هينئن آهي ته خواجه صاحب
واري مضمون ۾ ڪجهه خيالي ۽ اڻ ٿيندڙ ڳالهيون به
هيون، جن تي ڪوبه سالم دماغ اعتبار ڪري نه سگهندو.
”ايشيائي اديبن جي ڪانفرنس“ واري احوال مان معلوم
ٿيو ته روس ۾ سٺ ٻوليون سرڪاري طرح تسليم ٿيل آهن،
۽ هڪ ٻوليءَ جا ته اتي صرف ٽي يا چار هزار
ڳالهائيندڙ مس آهن: ڪيڏو نه ظلم آهي جو هتي اسان
جا اقتدار پرست ۽ خود ساخته ليڊر سنڌي ٻوليءَ کي
تسليم نٿا ڪن، جنهن جا اڌ ڪروڙ ڳالهائيندڙ آهن!
سراسري طرح، ”مهراڻ“ جو هيءُ پرچو اڳين پرچن کان
اڳرو آهي.
- محمد خان جمالي، ”آواره“، بکر جمالي (ٽنڊو آدم)،
سنڌ
- ڀائو ايڊيٽر صاحب، ”مهراڻ“ جي ٽئين سال جو گڏيل
پرچو (1-2/1957ع) هٿن ۾ آهي. ”هن ئي پرچي کان
’مهراڻ‘ جي اداري ۾ تبديلي آئي آهي“: تبديلي رڳو
نالي خاطر ٿي آهي، ورنه ”مهراڻ“ ته پنهنجن ساڳين
ئي سورهن سينگارن سان اچي پيش ٿيو آهي! انهيءَ چوڻ
۾ ڪو وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته ”مهراڻ“ ۾ ڪابه تبديلي
نه آئي آهي. ”مهراڻ“ جي خدمت جيڪا محمد ابراهيم
جويي صاحب ڪئي، سا واقعي تحسين جوڳي آهي؛ اها ڪنهن
به صورت ۾ وساري نٿي سگهجي. ”مهراڻ“ جو جيڪو
موجوده مثالي معيار هو صاحب قائم ڪري ويو آهي،
اُميد ته اوهين ان کي پوريءَ ڪوشش سان محڪم رکندا،
بلڪ وڌيڪ اجاڳر ڪندا. اوهان جي ڪوششن جو اندازو هن
پرچي مان بخوبي ڪري سگهجي ٿو. منجهس شعر، غزل،
افسانا ۽ مضمون – سڀني جو انتخاب ساراهڻ جوڳو آهي.
ائين کڻي چئجي ته هيءُ پرچو اڳين کان بهتر آهي.
پهريائين ”اپيل“ ۽ ”موت جا تجربا“ وارا مضمون
ڏيئي، توهان پنهنجين ذميدارين جو پورو حق ادا ڪيو
آهي، ۽ ٻئي طرف ”مهراڻ“ کي بين الاقوامي معيار جي
رسالن جي صف ۾ آڻي بيهاريو آهي.اڄ ڪي خود غرض شخص،
انسان ذات جي تباهيءَ ۽ برباديءَ لاءِ راتو ڏينهن
خطرناڪ ايجادن ۽ تجربن ۾ مشغول آهن. لازم آهي ته
ساريءَ دنيا جا انسان، يڪ آواز، پنهنجي پوريءَ
طاقت ۽ سمورن وسيلن سان، هنن ڪميڻپائين کي روڪڻ جو
مطالبو ۽ تدارڪ ڪن، ورنه هي ظالم درندا انسان ذات
جو بُن بنياد نابود ڪري ڇڏيندا.
”گذارش“ پسند آئي.سنڌ جي ووٽرن جون لسٽون اڙدوءَ ۾
ڇپجڻ جي اوهان زوردار مذمت ڪئي آهي، - هن کان اڳي
ٻيو ڪهڙو انصاف ٿيو آهي اسان سان؟ جيتوڻيڪ حڪومت
طرفان وچ ۾ اهو اعلان ٿيو آهي ته سنڌي ووٽرن جون
لسٽون سنڌيءَ ۾ ڇپبيون، ليڪن اهو اڃا ’اعلان‘ ئي
آهي، ۽ چونڊن جي عمل ۾ اچڻ تائين اسان کي يقيناً
اڃا ڪيترا ئي اهڙا آواز اٿارڻا پوندا.
ادا، هاڻي مان اچان ٿو پنهنجي مطالعي تي. ”مهراڻ“
جو هيءُ پرچو بيحد وڻيم. نظم واري حصي ۾ گوورڌن
محبوباڻيءَ جو ”شاعر ڏانهن“ بلڪل پسند آيو؛ بلڪل
حال جي حقيقتن پٽاندڙ لکيو اٿس. انهيءَ کانپوءِ،
”نياز“ همايوني ۽ ”تنوير“ عباسيءَ جا نظم به
عاليشان هئا. لکميچند ”پريم“، ”پتنگ ۽ ڀونئر“ ۾،
حقيقي ۽ مجازي مقصد کي خوب نباهيو آهي. ادب لطيف ۾
مهرالنسا انصاريءَ ”شڪست“ جي ڳوڙهي مفهوم کي ڏاڍي
سهڻي رنگ ۽ ڍنگ ۾ ادا ڪيو آهي- جس هجيس!
افسانا سڀ سٺا آهن. هڪڙن ته ”سنڌي ادبي سنگت“ جي
چٽاڀيٽيءَ ۾ انعام کنيو اهي؛ ٻيا به ڪي گهٽ ڪونه
آهن. مون پهرين عبدالحق ”عظيم“ جو ”بابلي“ پڙهيو،
ڏاڍو متاثر ڪيائين. ڪهڙي نه ٻالپڻ جي سادگي
ڏيکاريل آهي: ”او بابلي!“ ۽ ”هيڪ ٿئي!“- ڪهڙا نه
سهڻا ۽ من موهڻا لفظ آهن! ظالم سماج جا پول، ڏاڍي
سهڻي انداز ۾ پڌرا ٿيا آهن. ’بابلي‘ ڳوٺاڻن سان
ڪيتريقدر نه رلي ملي چڪي هئي، پر ظالم سماج جي
شڪارين جي شڪار بنجڻ کان بچي نه سگهي. هو ته ڪنهن
کي به خوش ٿيندو ڏسي سهي نٿا سگهن. معصوم بابليءَ
جي زندگيءَ جي بهار اڃا مس شروع ٿي هئي، هن جي دل
جي مکڙي به اڃا مڪمل طرح نه ٽڙي هئي، ته ظالم سماج
جو شڪار بنجي ويئي. گناهن جي خزان جو اثر هن جي
عصمت جي بهارن تي پيو، ۽ هن جي بهار به خزان ۾
بدلجي ويئي..... ۽ پوءِ کيس ٿڏي ڇڏيو ويو: ڪهڙو نه
وحشيانه نظارو آهي اسان جي اڄوڪي سماج جو! افسانو
”قانون ۽ انصاف“ به ڏاڍو وڻيو. ثميره زرين جو وطن
به سٺو هو. حب الوطنيءَ جو سهڻو چٽ چٽيل آهي. راج،
وطن جي سرزمين تي پهچڻ سان، پنهنجي اصلوڪي گهر کي
ڏسڻ لاءِ اچي ٿو: کيس ٻڌايو ٿو وڃي ته ”هي مڪان
اسان الاٽ ڪرايو آهي،۽ اسان جو ڀارت ۾ هن کان به
وڏو عاليشان ڪوٺي هو!“ ڀارت ۾ عاليشان ڪوٺيءَ جي
خبر هن مان بخوبي ٿي پوي ته راج جي ڪمري کي هنن
رڌڻو بنائي ڇڏيو هو! ٻولي به سادي ۽ سٺي ڪم آندل
آهي؛ بار بار پڙهڻ جو خيال پيو ٿئي. ڪي ليکڪ ته
رڳو فلسفو ٿا ڪم آڻين. هوهندي، عربي، پارسي ۽
سنسڪرت ٻولين جا ڏکيا لفظ ٽنبي، پنهنجي قابليت جو
اظهار ته ڪن ٿا، پر پڙهندڙن لاءِ غير دلچسپيءَ ۽
ٿَڪ جو باعث ٿا بڻجن. جمال ابڙي جو افسانو، ”ڪارو
پاڻي“، به تمام سٺو هو؛ ۽ اهڙيءَ طرح باقي افسانا.
مضمونن جي لاءِ مون وٽ اهڙا لفظ ئي نه آهن جو بيان
ڪري سگهان. ايترو ضرور چوندس ته ههڙا مضمون، جي
تاريخ ۽ تمدن، علم ۽ ادب، سائنس ۽ فلسفي سان پُر
آهن، مون اڳ ڪڏهن به ڪونه پڙهيا.
”ايشيائي اديبن جي ڪانفرنس، ۽ سنڌي ڊيليگيشن“ بابت
موهن ڪلپنا جو سهيڙيل احوال ڏاڍو وڻيو. پڙهڻ بعد
هيڪر ته فخر ۽ خوشيءَ وچان ڳاٽ مٿي کڄي ويو؛ پر
ٻيءَ گهڙيءَ ڪنڌ شرم کان جهڪي ويو. خوشي انهيءَ
ڪري ٿي جو ڀارت جا سنڌي سپوت اتي پنهنجي ٻوليءَ کي
مڃرائڻ لاءِ وڏي هلچل هلائي رهيا آهن، ۽ پڻ سمورن
ايشائي ملڪن جي مفڪرن کي هنن سنڌيءَ ٻوليءَ جي
عظمت کان متعارف بنائي ڇڏيو، بلڪ اڪثر ملڪ اسان جي
ٻوليءَ جي منفرد خصوصيتن جا قائل بنجي ويا؛ ۽ شرم
وچان ڪنڌ انهيءَ ڪري جهڪي ويو، جو اسان جي ملڪ
پاڪستان ۾، اسين سنڌ صوبي جا آبائي آباد مقامي
باشندا، پنهنجي وڏي اثر رسوخ ۽ وسيلن هوندي،
اڃاسنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري زبان تسليم نه ڪرائي
سگهيا آهيون! روس جهڙي وسيع ۽ جميل ملڪ ۾ به صرف
ٽي – چار هزار ڳالهائيندڙن جي علائقائي ٻوليءَ کي
سرڪاري طرح تسليم ڪيوويوآهي؛ ان جي مناسبت ۾،
پاڪستان جي ابتدائي جمهوريت ۾، اتي جو قدرتي
قوميتن جي ٻوليءَ – بلڪ وجود – کان ئي انڪار ڪرڻ
جو جيڪو مسئلو ڄاڻي ٻجهي پيدا ڪيو ويو آهي، تنهن
کي، خود ملڪي مفاد خاطر، ڪنهن به طرح جائز نٿو
ٺهرائي سگهجي.
”اختر“ رضويءَ جو مضمون ”سنڌي ٻولي“ پڙهي، دل کي
وڏو اطمينان ٿيو، ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بهتر مستقبل جو
يقين آيو. مون کي ته هيءُ صاحب غير سنڌي ٿو ڏسڻ ۾
اچي. سنڌ سان سندس ايتريقدر دلچسپيءَ لاءِ اسان کي
سندس شڪر گذار ٿيڻ کپي. اڄ جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي
قديمي حيثيت کان انڪار ڪندي، اڳوڻي درجي تان
هٽائي، ان کي سرڪاري ٻولي تسليم ڪرڻ کان صاف جواب
ڏنووڃي ٿو؛ سنڌين جي هن ڪاميابيءَ واري تعليمي
ذريعي کي منسوخ ڪري، کين هر ميدان ۾ پٺتي رکڻ جون
سازشون سٽيون وڃن ٿيون؛ نون پرائمري سنڌي اسڪولن
کولڻ جي اجازت نٿي ڏني وڃي؛ هاءِ اسڪولن مان
سنڌيءَ کي خارج ڪيو پيو وڃي؛ ڪراچيءَ جي سنڌي
اسڪولن کي بند ڪيو پيووڃي؛ ڪراچي، جا سنڌ جو قدرتي
حصوآهي، آزادي ملڻ کان پوءِ سنڌ کان کسي ويئي؛ اتي
جي يونيورسٽيءَ به امتحاني پيپر سنڌيءَ ۾ لکڻ کان
انڪار ڪري ڇڏيو آهي؛ سنڌ جي سڀني ريلوي اسٽيشنن،
رستن ۽ قومي ادارن تي سنڌيءَ بدران اردوءَ ۾ نالا
ٿوڦيا ويا آهن، ..... ڇا هيءَ آزادي آهي- اڳينءَ
غلامي کان به بدتر غلامي!
ڪجهه عرصو ٿيو ته ڪراچيءَ جي اردو رسالي ”نقاد“
به، سنڌين بابت پنهنجي دلي ڪدورت جو اظهار ڪندي،
هيئن آکيو هو- ’اولهه پاڪستان ۾، آدمشماريءَ جي
لحاظ سان، هڪڙي يونيورسٽي وڌيڪ آهي، جا آهي ”سنڌ
يونيورسٽي“، جنهن جي ضرورت نه آهي‘! اسان جا سنڌي
جيڪڏهن پنهنجي غيرت کي حرڪت ۾ آڻڻ لاءِ اڃا به
ڪنهن وڌيڪ چئلينج جا منتظر آهن، ته پوءِ اڳوپو
هينئر کان ئي ڇو نٿا پاڻ کي ’پناهگير‘ چوائڻ شروع
ڪن؟- اڳتي هلي به ته اهوئي حال بنجڻو آهي!
”پڙهندڙن جا پيغام“ ۾ ڀيڻ رشيده ”حجاب“ پنهنجي خط
۾لکيوآهي ته ”جنهن ساده لوحيءَ جو مظاهرو رباني
صاحب پنهنجي فساني (الا، جهُري م شال غريبن جي
جهوپڙي) ۾ ڪيوآهي، ان جو حقيقت ۾ هن دور سان ڪوبه
واسطو نظر نٿو اچي“. دراصل اها صرف گهر جي
چوديواريءَ جي معلومات آهي، ورنه ڳوٺاڻن ويچارن
سان ته ان کان به وڌيڪ عجيب عقوبتون ٿي گذرن ٿيون،
جن تي هوند اسين ڪڏهن اعتبار نه ڪريون. بيشڪ،
”ٿوريءَ ڳالهه تي ڳوٺن وارا ممڻ ايڏو ٿا مچائين،
جنهن جي ڪا انتها ڪانه آهي- خون به ٿي پوندا آهن“،
ليڪن هر معاملي جون نياريون نراليون حالتون ٿين
ٿيون. ڀلا، ڪڏهن ڳوٺاڻن ڍلن ڏيڻ کان به انڪار ڪيو
آهي؟ اهڙي ئي طرح هُو مسجد جي معاملي ۾ معذور هئا.
مون کي ته ربانيءَ جو هيءُ افسانو بلڪل حقيقت تي
ڏسڻ ۾ اچي ٿو.
- محمد امين، بلوچ
- ادا ايڊيٽر، السلام عليڪم. گهڻي عرصي کان
”مهراڻ“ پڙهندي اچان. ٻين ڀينرن جا پيغام پڙهي،
مان به سوچيندي هيس ته پنهنجا ڪجهه ويچار اوهان کي
لکي موڪليان؛ پر مون کي سنڌي ايتري ڪانه ايندي
آهي، ڇو جو منهنجو گهڻو واسطو اُردوءَ سان رهيو
آهي؛ ليڪن جيئن ته ”مهراڻ“ رسالو تمام گهڻو پسند
اٿم، تنهنڪري ان بابت ٻه اکر لکڻ جي همت ڪريان ٿي.
”مهراڻ“ جا افسانا سڀ مون کي گهڻا پسند آيا. خليل
جبران جو افسانو ”قانون ۽ انصاف“ بيحد سٺو آهي.هن
وقت اهڙي ئي غلط روش، دنيا جي انصاف ۾ جاري
آهي.ثميره زرين صاحبه جو ”وطن“ پڙهيم. حب الوطنيءَ
جي جذبي جي سهڻي ترجماني آهي. سندس ڪوشش قابل
تحسين آهي. هڪ ڏينهن جي ڳالهه ۾، ”روزي جي ماني“ ۽
”لولِي“ – ٻئي معياري چيزون آهن.
شعرن بابت مان ڪو رايو نٿي ڏيئي سگهان،ڇو جومون کي
زياده تر افسانن سان گهڻي دلچسپي آهي.
مضمون مختصر پڙهندي آهيان.مهنجي خيال ۾، وڏا مضمون
گهڻو وقت وٺن ٿا، ۽ انهيءَ ڪري خواهه مخواهه بيزار
ڪيو ڇڏين.
ادا، توهان جو ”مهراڻ“ رسالو واقعي قابلِ تعريف، ۽
سنڌين لاءِ هڪ قيمتي هيري مثل آهي. مان ته جڏهن به
هٿ ۾ کڻندي آهيان، ته ختم ڪرڻ بنا رهي نه سگهندي
آهيان. بهتر ٿئي جو ”مهراڻ“ کي سماهيءَ بدران
ماهوار شايع ڪريو، ته جيڪر ايترو انتظار نه رهي.
- توهان جي ڀيڻ، حُسن بانو، ميرزا، حيدرآباد، سنڌ
- پريه ايڊيٽر، ”مهراڻ“ جي ’سوانح نمبر‘ لاءِ تمام
گهڻو وقت ڏسڻو پيو. انتظار جو ڦل هميشه مٺو ٿيندو
آهي، سو سوانح نمبر ملڻ سان انتظار جو گهڙيون دور
ٿيون ۽ دل اڇلون مارڻ لڳي. هڪ ئي وقت مهيني کن جو
مصالحو هٿ لڳي ويو. سوانح نمبر تيار ڪرڻ ۾ جا سنڌي
ادبي بورڊ محنت ورتي آهي، تنهن لاءِ سنڌي ادبي
بورڊ جي ميمبر برابر کيرون لهڻيون. پر، افسوس جو
هيتري محنت ۽ ڪشالي بعد پڻ گهڻن ئي سنڌ جي اديبن ۽
شاعرن، هندو توڙي مسلمانن، جون سوانح عمريون هٿ
اچي ڪونه سگهيون آهن. خاص طرح، ”اديب ۽ شاعر“ واري
حصي ۾ اهڙا ڪيترائي سڄڻ آهن، جن جون جيونيون نه
اچي سگهيون آهن. گهڻي افسوس ۽ ارمان سان لکڻو ٿو
پوي ته ”مهراڻ“ جي سوانح نمبر ۾هڪ به هندو اديب يا
شاعر يا سياستدان کي جڳهه نه ڏني ويئي آهي! ان جو
ڪارڻ منهنجي سمجهه ۾ اچي ڪونه سگهيو آهي. جڏهن
’سنڌي‘ اديبن ۽ شاعرن جي جيونين جو سوانح نمبر
ڪڍيو وڃي ٿو، ته ڇا ان ۾ سنڌي هندو اديبن ۽ شاعرن
جو ڪو حصو ئي ڪونهي؟ هو به ته سنڌي آهن، سنڌ جا
رهاڪو رهيا آهن، کين به سنڌ لاءِ حب آهي، ۽ هزارن
ميلن تي رهي به پيا ’سنڌ – سنڌ‘ پڪارين: جيڪڏهن هو
سنڌ جا وڻ ڇڏي چڪا آهن، ته ان جو اهو مطلب ڪونهي
ته سنڌي ادب ۾ سندن حصو آهي ڪونه، ۽ ان ڪري سندن
سمورين محنتن ۽ خدمتن تي پاڻي ڦيري ڇڏجي!
اهڙا ڪيترائي سنڌي هندو اديب ۽ شاعر ٿي گذريا آهن،
جن جو درجو سنڌي ساهتيه ۽ ادب ۾ گهڻو اوچو آهي؛
مگر افسوس جي ڳالهه آهي ته سوانح نمبر تيار ڪرڻ
وقت انهن کي نظر انداز ڪيوويو آهي. اگرچه انهن جا
پويان هن فاني دنيا مان لڏي چڪا آهن، پر اهڙا
ڪيترائي سڄڻ موجود آهن،جي انهن اديبن جي هر هڪ
ڳالهه کان واقف آهي.
اڄڪلهه جي نوجوان شاعرن ۽ اديبن کي گهڻي قدر
پاسيرو رکيو ويو آهي- ان جو ڪارڻ به سمجهه کان
ٻاهر آهي.
شيوا ۾،
- ڪنيو ٽِي. کٽر ”پشپ“، راجڪوٽ (ڀارت)
- محترم ايڊيٽر صاحب! معاف ڪجو، اوهان کي صرف
’محترم‘ ڪوٺيو اٿم- حالانڪ ”مهراڻ“ جي اڳوڻي
سينگاريندڙ کي ’مٺڙا‘، ’پيارا‘ ۽ ’ڀاءُ‘ جي لفظن
کان سواءِ ڪجهه لکي نه سگهندو هوس. هو اسان کي ڇا
ڏيندو هو،۽ اوهين اسان کي ڇا ڏيئي رهيا آهيو، -
انهيءَ جو اندازو، ڪاش، اوهين خود لڳائي، پنهنجي
جوابدارين کان سبڪدوش ٿي وڃو! اسان کي وڌيڪ بيزار
نه ڪريو! انهيءَ دل آزاري ڪرڻ مان آخر اوهان کي
حاصل ڇا ٿو ٿئي؟ محترم، ”مهراڻ“ جا اڳوڻا پرچا
جڏهين ويهي کوليندو آهيان، تڏهين اهڙا ته چهڪ
ڏيندڙ لفظ نظر مان گذرندا آهن جواکين مان لڙڪ وهي
اُٿي هلندا آهن، ۽ دل سوچڻ تي مجبور ٿي ويندي آهي-
’ڇا، واقعي انسانيت موت و حيات جي ٻه – واٽي تي
آهي؟‘ جويي جي ايڊيٽوريل ۾شعر جو سوز و گداز به
اچي ويندوآهي، افساني جو تاثر به معلوم ٿيندو آهي،
مضمون جي معلومات به هوندي آهي، ۽ رهاڻ جو رس به
هوندوآهي: مطلب ته جيءُ چاهيندو آهي ته ورَ ورَ
ڏيئي پيو پڙهان! جيترو وڌيڪ پڙهندو آهيان، اوتريون
نيون ڳالهيون ڦٽنديون وينديون آهن، نوان مسئلا
کڙا ٿي ويندا آهن، - ۽ پوءِ ته الاهجي ڇا جو ڇا
سوچي ويندو آهيان! |