مهراڻ جيڪو سڳوري سنڌوءَ جو ٻيو نالو آهي، ان جي
اجراءَ کان اڳ ”سنڌوءَ“ جي سري سان هڪ معياري
رسالو اڳ ئي ميدان ۾ موجود هو، جيڪو معيار توڙي
مقدار واري حوالي سان اعليٰ درجي جو معياري رسالو
شمار ٿيندو هو. ان ڪري مهراڻ جي شروع ڪرڻ وقت مواد
جي چونڊ بابت ساڳيو ئي سنڌوءَ وارو انداز اختيار
ڪيو ويو. سنڌوءَ وار ي طريقيڪار موجب مکيه صفحا
مضمونن لاءِ وقف هوندا هئا، البت نموني طور هڪ ٻه
ڪهاڻي پڻ ڏني ويندي هئي شاعريءَ لاءِ ڪي ڌار صفحا
وقف ڪيل ڪو نه هئا، البت سنڌو رسالي واري نموني تي
قديم توڙي جديد شاعرن جو ڪلام وچوواڙي (اڪثر بچيل
اڌ صفحن تي) ڏنو ويو آهي. جنهن ۾ گھڻو تعداد ڪافي
واريءَ صنف جو نظر اچي ٿو. خبرن جي عنوان سان، هڪ
صفحو ملڪي ۽ بين الاقوامي خاص خبرن لاءِ وقف ٿيل
نظر اچي ٿو.
همت ۽ استقلال واري انداز ۾ سنڌ جي شهه رڳ سنڌوءَ
جي ٻئي نالي مٺي مهراڻ جي عنوان سان شروع ڪيل هن
رسالي جي اها شروعات هئي.
مهراڻ جو پهريون پرچو منجھيل ۽ منتشر ماحول ۾
نموني طور ڪڍيو ويو هو، پهرين پرچي ۾ ان ڳالهه جو
اظهار ڪيو ويو هو ته ”ٻيو پرچو، اول خير اپريل
ڌاري ڇپائي پڌرو ڪبو اهو سلسلو مهيني سر مهيني
چالو رهندو“ پر ٻئي پرچي جي اشاعت مان خبر پوي ٿي
ته، ٻيو پرچو ٻن مهينن جي وقفي کان پوءِ اپريل
1946ع ۾ نڪتو. 32 صفحن واري هن ٻئي پرچي ۾ اڳ وارن
هلندڙ سلسلن کي جاري رکندي، ڪجهه ٻين وڌيڪ سلسلن
کي متعارف ڪرايو ويو. مثال طور: هن پرچي ۾ اداري
پاران ”قلمي نسخن جي ڳولا ۾“ عنوان هيٺ ٺٽي جي
قديم خانداني ڪتب خانن ۾ موجود قلمي نسخن ۽ ٻئي
مواد جي ڳولا لاءِ سنڌي ادب جي صلاحڪار بورڊ طرفان
ورتل ڪوششن بابت هڪ سروي رپورٽ شايع ڪئي وئي آهي
جنهن منجھان اندازو ٿئي ٿو ته سنڌ جي سڄڻن، پاران
سنڌ جي تاريخ واري حوالي سان، اهي ئي بنيادي
ڪوششون هيون جن تي اڳتي هلي پير حسام الدين راشدي
۽ ٻين عالمن سنڌ جي تاريخ بابت جديد انداز ۾ حقيقت
پسنديءَ وارو قلم کنيو.
ان ئي پرچي ۾ تعليم طرف توجهه ڇڪائڻ خاطر اداري
پاران ساڳئي عنوان وارو نئون سلسلو شروع ڪيو ويو
جنهن ۾ تعليم جي اهميت کي اجاڳر ڪندي ان ڳالهه جو
اظهار ڪيو ويو ته:
”هن وقت اسان جا تعليم يافته، جن کي حقيقتن تعليم
زده چوڻ گھرجي، قوم ۽ ملڪ لاءِ رهبر ٿيڻ بدران قوم
۽ ملڪ مٿان هڪ عذاب آهن، جي ملڪ جي حالت سڌارڻ
بدران ملڪ جي خوشحاليءَ تي هڪ تمام ڳرو بار آهن.
ڇو ته منجھائن هر هڪ هيءَ اميد رکيون ويٺو آهي ته
ملڪ سان ڪهڙو به ويل وهي، پر اسان کي نوڪري ضرور
ملڻ گھرجي.“ (اداره، 1946ع، ص 9)
مٿي ذڪر ڪيل حوالي مان ان ڳالهه جو بخوبي اندازو
ٿئي ٿو ته سنڌي ادب جي صلاحڪار بورڊ رسالي مهراڻ
معرفت ان دور کان وٺي سنڌ جي تعليمي ترقي واري
حوالي سان ڪهڙا رجحان متعارف ڪرائڻ پئي گھريا. ان
ئي پرچي ۾ ڪجهه هيٺيان وڌيڪ شروع ڪرايل سلسلا نظر
اچن ٿا. جنهن جي حوالي سان اڳتي هلي سنڌ جي لوڪ
ادب جي عمارت جڙي. مثلاً (ڊاڪٽر) نبي بخش بلوچ جو
مضمون گمنام دهقاني شاعر يا ”سهجا جي سڪ يا پنهون
جي پرکا“ لوڪ ڪهاڻي ڏني وئي آهي اهڙيءَ ريت اداري
پاران لباس جي موضوع تي ڏنل ليک ۾ حُسن ۽ قباحت
واري حوالي سان نصيحت آميز نڪتا بيان ڪيا ويا آهن.
ڪافي سنڌ جي هڪ خالص ۽ نج سريلي صنف آهي ان کي
وڌيڪ اجاڳر ڪرڻ ۽ پڙهندڙن کي ان صنف بابت ڄاڻ ڏيڻ
واري مقصد سان ”سنڌي ڪافي“ عنوان هيٺ مرڪزي
صلاحڪار بورڊ طرفان ان حوالي سان 1944ع ۾ نومبر
مهيني جي 4 تاريخ تي ميرپورخاص ۾ سڏايل خالص علمي
ميڙاڪي جو سربستو احوال پيش ڪيو ويو آهي.
ان وقت واري بگڙيل ماحول ۾ پنهنجو پاڻ ۾ گڏجڻ ۽
تفرقي بازي کان باز رهڻ واري مقصد سان مولوي
عبدالڪريم چشتي جهڙي ڪهنه مشق عالم ۽ صحافي جو
’اتحاد جا طريقا‘ عنوان سان اتحاد جي اهميت کي
اُجاڳر ڪري پاڻ ۾ اتحاد ڪرڻ واري مقصد سان هڪ 10
نُڪاتي پريس بيان پڻ پيش ڪيو ويو آهي جنهن جي آخر
۾ ليکڪ لکي ٿو ته:
”آءُ اميد ٿو ڪريان ته منهنجن هنن چند وينتين ۽
استدعائن تي هندو ۽ مسلم ڀائر ڪافي توجهه ڪندا،
جنهن مان ملڪ ۽ خلق جو ججھو ۽ گھڻي ۾ گھڻو فائدو
ٿيندو.“ (ص 26)
هن پرچي کان رسالي ۾ ڪهاڻي ۽ جديد شاعري پڻ نموني
طور ڏيڻ شروع ڪئي وئي.
مهراڻ جو ٽيون پرچو ٽن مهينن بعد مئي، جون، جولاءِ
1946ع جي نمبر 3- 4، 5 طور نڪتو. جيڪو ڊبل ڪرائون
سائيز ۾ 80 صفحن تي مشتمل هو. هن پرچي ۾ اڳ وارن
هلندڙ سلسلن جهڙوڪ: تاريخ، سير سفر، صوفياڻي ۽
جديد شاعري ( چند شعر) جهڙن سلسلن کان سواءِ، شاهه
صاحب ۽ صوفي ڪبير جي شاعري ۽ فڪر بابت مواد ڏنو
ويو. ان کان علاوه صلاحڪار بورڊ پاران نثر ڪهڙو
هئڻ گھرجي عنوان هيٺ 28 سيپٽمبر 1944 تي ٽرينگ
ڪاليج حيدرآباد ۾ سڏايل ميڙاڪي جي تفصيلي رپورٽ پڻ
پيش ٿيل آهي، جيڪا در اصل سنڌي نثر کي سمجھڻ ۽
بهتر انداز ۾ لکڻ جي سلسلي ۾ رهنمائي ڪندڙ مواد
پيش ڪري ٿي. ان ۾ سنڌي ادب جي صلاحڪار بورڊ جي
سيڪريٽري پاران چيل هيٺيون ڳالهيون قابل ستائش
آهن.
”سنڌي زبان جي نثر تي ڪا به چوڪسي نه ٿي رکي وڃي
جنهن لئي مان لٺ ڀڳي سو ڪنهن نه ڪنهن ٻهر جو مصنف
ٿيو ويٺو آهي. ادب جو وڏو حصو ڇاڪاڻ ته نثر جو
آهي، تنهن ڪري ڪنهن به زبان جي ادب جو ٺهڻ يا ڊهڻ
گھڻي ڀاڱي نثر جي پاڪيزگي يا آلودگي تي منحصر آهي.
جيڪڏهن قوم جو تخيل پاڪ نه آهي ته ٻي ڪا به وصف
اهڙي قوم کي بلند نه ٿي ڪري سگھي. ڇاڪاڻ ته خيال
جو ظاهر ڪرڻ نثر جي وسيلي ٿئي ٿو، تنهن ڪري هن چوڻ
۾ ڪو وڌاءُ ڪونهي ته قوم جي ترقي يا تنزل سندس نثر
مان معلوم ٿي سگھي ٿو.“
(اداره، 19، ص 20)
اهي هيا اسان جي بزرگن جا ارادا جن جي حاصلات لاءِ
مهراڻ جهڙي رسالي جو معياري طور نڪرڻ ضروري ڄاتو
پئي ويو، ان ڪري محترم عثمان علي انصاري صاحب اڳتي
هلي لکيو:
”زبان کي پاڪ رکڻ لاءِ، ادب کي دلچسپ بنائڻ لاءِ،
ضروري آهي جو ادبي بورڊ طرفان هڪ ماهوار رسالو
نڪرندو رهي، جنهن ۾ ڪتابي، اخباري نثرتي گرفت
ٿيندي رهي، ۽ نوجوان مصنفن کي وقت بوقت رهبري
ملندي رهي، جيئن هو پنهنجي لکڻ جي طرز کي نه فقط
صحي ڪندا رهن، بلڪ دلچسپ به بنائيدا رهن.“ (اداره،
1946ع، ص 21)
اهي هيون ابتدائي ڪوششون ۽ انهن جي پورائي لاءِ،
مهراڻ جهڙي معياري رسالي جي ضرورت لاءِ پر اميد
خواهشون، جنهن جو ورهاڱو ٿيڻ سان بنياد وڌو ويو
هو. قلم جو علم ۽ معلم سان نه رڳو سڌي طرح واسطو
آهي پر انهن جي اعليٰ محنت ۽ مشقت سان متعلم جي
روپ ۾ جا حاصلات ٿئي ٿي ان جي اهميت جي مدنظر شيخ
ڪريم بخش جو ’علم، معلم، متعلم‘ عنوان سان پُر مغز
مضمون ڏنو ويو آهي جنهن ۾ ’علم، معلم ۽ متعلم‘ جي
اهميت ۽ انهن جي هڪ ٻئي سان تعلق کي اعليٰ انداز ۾
اجاڳر ڪيو ويو آهي.
اهي جيئن ته نئين حڪمرانيءَ جا شروعاتي ڏينهن هيا،
نئين جوڙجڪ پئي ٿي، اهڙي ماحول ۾ مهراڻ ايڊيٽوريل
بورڊ وارن پنهنجو موقف پيش ڪرڻ ۽ عام توڙي خاص کي
حاڪم ۽ حڪمرانيءَ وارن حقيقتن کان واقف ڪرڻ لاءِ
”حڪومت ڇا کي ٿو چئجي؟“ عنوان هيٺ اداري پاران ليک
پيش ڪيو، جنهن ۾ حڪومت جي بنيادي مقصد طرف اشارو
ڪندي ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ويو ته؛ ”ملڪ جا سياسي
رهبر ملڪ جا قانون اهڙا تيار ڪن جيئن؛
(1) عام کي سلامتي نصيب ٿئي.
(2) عام جي حياتي ۾ رنگيني پيدا ٿئي.
(3) عام مان احساس ڪمتري
Inferiority Complex
نڪري وڃي.“ (اداره 1946ع، ص 72)
هن پرچي ۾ به فڪشن واري حوالي سان
ساڳيواندازاختيار ڪيو ويو. يعنيٰ قديم ۽ جديد
شاعريءَ سان گڏ ڪي نصيحت ڀريا ٽڪرا ۽ هڪ ٻه افسانو
نموني طور ڏنا ويا.
مهراڻ جو چوٿون پرچو، پڻ ٽه ماهي ٿي نڪتو، جيڪو
نمبر 6، 7، 8 يعنيٰ آگسٽ کان آڪٽوبر تائين هو. هن
پرچي کي معيار توڙي مقدار جي لحاظ کان وڌيڪ بهتر
ڪيو ويو هو. هي پرچو 60 صفحن تي مشتمل هو، جنهن ۾
اڳين پرچن ۾ شروع ڪيل سلسلن جهڙوڪ لغت بابت مواد،
دهقاني شاعريءَ وارو مواد، ننڍا ننڍا اخلاقي ۽
اصلاحي قصا، سير سفر بابت مواد کانسواءِ نواڻ طور
سنڌ جي خالص شعري صنف ڪافيءَ بابت تحقيقي ليک پڻ
ڏنو ويو. سنڌي ٻوليءَ ۾ معياري نثر کي عام ڪرڻ
مهراڻ رسالي جي بنيادي مقصدن مان هڪ هو، ان بابت
ابتدائي پرچن ۾ ليک ڏنا ويا هئا. هن پرچي ۾ به ان
بابت خوبچند ايسرداس جڳتاڻيءَ جو معياري مضمون ڏنو
ويو. هن پرچي کان ڪاڪي ڀيرو مل پاران اسڪولن ۽
ڪاليجن ۾ پڙهائجندڙ ڪتابن ۾ اختيار ڪيل غلط ٻوليءَ
بابت تحقيقي ليک لکڻ جي شروعات ڪئي ويئي. هن پرچي
۾ روچيرام گنگارام جو مختصر ليک ”مهراڻ جو منهنجي
من مٿي اثر“ ۽ احمد خان سنائي جو ”مهراڻ جو مهورت“
سري هيٺ لکيل ليک، رسالي مهراڻ جي اهميت ۽ اعليٰ
مقام ۽ معاشري کي ان جي ضرورت کي اجاگر ڪرڻ جي
سلسلي ۾ پڙهندڙن جو توجهه ڇڪائين ٿا.
ان وقت واري تفرقي بازي پکيڙيندڙ ماحول ۾ سنڌي
سماج کي ايڪتا ۽اتحاد جي وڏي ضرورت هئي، ان ڳالهه
جي اهميت کي نظر ۾رکندي شري سڏاڻي لکيو؛
”مان مهراڻ جي ليکڪن کي سِپُن سان انهيءَ ڪري ٿو
ڀيٽيان، جو لکندڙن جي لياقت ڪري، هر هڪ ليک ساريءَ
سنڌ کي ڪنهن نه ڪنهن طرح فيض رسائي سگھي ٿو. پر
تڏهين به انهن موتين جي ماڳ ۾ ٻن ڳالهين کي، ٻين
ڳالهين کان جان تان وڌيڪ وزن ڏنل آهي؛ (1) هندو
مسلم ايڪتا، (2) سنڌيءَ ٻوليءَ جو سڌارو واڌارو.“
(سڏاڻي، 1946ع، ص 38)
ٻوليءَ جي بگاڙ تي ڪنٽرول ڪري، ان کي جوڳو مقام
ڏيارڻ ۽ تفرقيبازيءَ کان پاسو ڪندي اتحاد ۽ اتفاق
ڪيئن پيدا ٿئي، ان سلسلي ۾ اڳ ڪيل ڪوششن طرف اشارو
ڪندي وڌيڪ لکيو ويو:
”اميد ته جيئن انهن پرچن (مهراڻ جا اڳ وارا پرچا)
۾ آيل آهي، تيئن جي تتي تي لکندڙن جو ڌڪ مٿان ڌڪ
لڳندو ايندو ته هندو مسلم ايڪتا وارو سخت لوهه
ضرور ٺپجي آبدار رڪ ٿي پوندو، ۽ سنڌيءَ جو ادب به
اوڄ پائيندو رهندو.“ (سڏاڻي، 1946ع، ص 38)
احمد خان سنائي، رسالي مهراڻ وارن اڳ شايع ٿيل
پرچن جي مطالعي بعد، رسالي جي اهميت ۽ ضرورت بابت
هن ريت رقم طراز آهي: ”سنڌي علم ادب کي اجارڻ
مهراڻ جو مهورت نيڪ فال آهي. قديم سنڌي جو گم گشته
ذخيرو جو اسان جي سستيءَ سبب سڙي ويو هو، ۽ سنڌيءَ
سلاست، سادگي ۽ سونهن لاءِ جو سڪي رهيا آهيون، سا
خوشي مهراڻ جي مدد سان ماڻينداسين.“ (سنائي،
1946ع، ص 39)
رسالي مهراڻ جو پنجون پرچو 8 ۽ 9- آڪٽوبر- نومبر
1946ع ۾ شايع ٿيو. 60 صفحن تي مشتمل هي پرچو ٻه
ماهي هو. هي پهريون پرچو آهي، جنهن ۾ مهراڻ ۾ آيل
مواد جي فهرست ڏني ويئي. ان کان اڳ ڪنهن به پرچي ۾
شامل مواد جي فهرست ئي آيل ڪونهي. مواد جي لحاظ
کان ساڳيو طريقي ڪار روا رکيو ويو. ان کانسواءِ هن
پرچي ۾ ٻه نوان سلسلا شروع ڪيا ويا. پهريون حضرت
شاهه عبداللطيف ڀٽائي بابت، ٻيو سنڌي ادب جو سرموڙ
عالم مرزا قليچ بيگ بابت. سنڌي ادب جي صلاحڪار
بورڊ طرفان ترتيب وار جنوري 46 ۽ فيبروري 1946ع تي
ٿياسافيڪل هال ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ملهايل پروگرامن
جو اکين ڏٺو احوال ۽ ان ۾ پڙهيل مواد تي مشتمل
رپورٽون شامل ڪيون ويون آهن.
اهڙي ريت ”سنڌيءَ ۾ لکندڙن ۽ مترجمن جي رهنمائي
لاءِ“ عنوان هيٺ پڻ ڪيترائي مفيد مشورا پيش ڪيا
ويا، جن تي عمل پيرا ٿيڻ سان نه رڳو ان دور ۾ پراڄ
به سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو شاندار نموني سڌارو ٿي
سگھي ٿو. اداري پاران لکندڙن ۽ ترجمو ڪندڙن لاءِ
اهي مکيه نڪتا هن ريت بيان ٿيل آهن.
1: هي ڳالهه ڌيان ۾ رکڻي آهي ته هر ڪنهن تصنيف ۾
جيتري قدر ٿي سگھي اوتري قدر پنهنجي صوبي جي برتري
۽ بُلندي جو پهلو نمايان رهي.
2: ڪنهن به مضمون تي ڪتاب لکيو وڃي ته ان کان اول
ضروري آهي ته ان مضمون سان لاڳاپو رکندڙ جيڪا به
معلومات، يا مواد يا ڪتاب ميسر ٿي سگھي، تنهن سڀ
جو بخوبي مطالعو ڪيو وڃي، جيئن انهيءَ ڪتاب ۾ ڪي
به اهڙيون خاميون نه رهجي وڃن، جن ڪارڻ ان ڪتاب جي
معياري بنجڻ ۾ ڪا رڪاوٽ پيدا ٿئي.
ان باري ۾، جيڪڏهن، ڪنهن به مصنف يا مولف کي ڪا به
صلاح يا مشورو وٺڻو هجي ته بورڊ جي سيڪريٽريءَ سان
لکپڙه ڪري سگھي ٿو. بورڊ جو سيڪريٽري هر وقت هر
قسم جي رهنمائي ڪرڻ ۽ مدد ڏيڻ لاءِ تيار آهي.
3: ڪتاب ۾ اهڙي ڪابه ڳالهه لکڻ مناسب نه آهي، جنهن
جو اثر هي نڪري ته ڪنهن به خاص قوم، فرقي يا
سوسائٽيءَ جي ڪا دل آزاري ٿئي. انهيءَ جي معنيٰ
اها نه آهي ته ادبي تنقيد نه ٿئي، مگر اها تنقيد
هجي نه تذليل، اها تعميري يعني ٺاه جوڙ واري هجي،
۽ نه تخريبي يعني ڀڃ ڊاهه واري.
4: سنڌ جو ملڪ روحانيت ۽ تصوف جو گھر آهي. اهڙي
ملڪ جي زبان ۾ فحش نگاري بلڪل نه ٿي ٺهي، ڇو ته
اها نه اسان جي ملڪ، ۽ نه اسان جي زبان جي شان جي
مطابق آهي“ (ص 60)
ٽه ماهي مهراڻ جي ڊبل ڪرائون سائيز ۾ پهرين دور جو
ڇهون ۽ آخري پرچو نمبر 10، 11، 12، ڊسمبر 1946ع ۽
جنوري، فيبروري 1947 وارن ٽن مهينن تي مشتمل آهي.
اهڙيءَ طرح ان مرحلي تي هڪ ڀيرو وري مهراڻ ٽه ماهي
ٿي نڪتو. 80 صفحن تي مشتمل هي پرچو ڊبل ڪالم ۽
سنگل ڪالم طور ٻنهي نمونن واري مواد تي مشتمل آهي.
هن پرچي ۾ به اڳ وارن پرچن جيان مواد جي چونڊ ۾
ساڳيو طريقو، يعنيٰ ادب جي سڌاري، ٻوليءَ جي
واڌاري، لوڪ ادب بابت مواد، سير سفر ۽ فڪشن کي
مناسب حصي طور پيش ڪرڻ، وارن سلسلن کي اڳتي وڌائڻ
سان گڏو گڏ هڪ وڌيڪ سلسلو ترجمو ٿيل ڪتاب کي شايع
ڪرڻ وارو شروع ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ ديوانو نالي
مترجم پاران
Henrikibsen
جي ڪتاب
Gengangare
جي انگريزي ترجمي
Ghosts
جو ويهن صفحن تي مشتمل مواد پڙهندڙن لاءِ پيش ڪيو
ويو آهي.
هن پرچي ۾ سنڌي ادب جي صلاحڪار بورڊ طرفان مختلف
ليکڪن جي ڪتابن تي ڏنل انعامي رقم جو اعلان ڪندي
ان ڳالهه جو پڻ اظهار ڪيو ويو آهي ته؛
”قلمي نسخا (انعام حاصل ڪيل ڪتابن کانسواءِ) ٻيا
به آيل هئا پر انهن مان ڪي انهن صاحبن پيش ڪيا
هئا، جن کي اڳئين ڀيري قلمي نسخن تي بورڊ وٽان
انعام عطا ٿيو هو، پر بورڊ جي شرطن پٽاندر انهن
اهي قلمي نسخا ڇپائي پڌرا نه ڪيا هئا. ڪو به صاحب
جيڪڏهن اها اميد رکي ٿو ته بورڊ وٽان کيس ڪو انعام
جڙي، ته ايترو ته بورڊ به لهڻو، جو ان ڏس ۾ بورڊ
جي وڌل شرطن جي ڀڃڪڙي نه ٿئي.“ (ص 5)
1946ع کان ڊبل ڪرائون سائيز ۾ شايع ٿيندڙ رسالي
ٽه ماهي مهراڻ جو هي آخري پرچو هو. مٿي ذڪر ڪيل
مڙني پرچن کي هتي اسين ”ٽِماهي مهراڻ: اوائلي دور
(1946ع)“ طور ياد ڪيون ٿا. ان دور جي جنوري 1946ع
کان فيبروري 1947 تائين شايع ٿيل ڇهن پرچن واري
مواد تي نظر وجھڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ان ابتدائي
دور ۾ مجموعي طور هيٺ ذڪر ڪيل نڪتن طرف ڌيان ڏنو
ويو.
1: نفرت ۽ نفاق ۾ سڌارو آڻڻ لاءِ ڪوشش.
2: سنڌ جي تاريخي مواد کي اجاگر ڪري، ان جي ميڙ ۽
سهيڙ لاءِ ڪوشش.
3: سنڌي شاعري، خاص طور تي شاعريءَ جي نج ۽ خالص
سنڌي صنف ڪافيءَ کي جيارڻ جا جتن.
4: سنڌ اندر گم ٿيڻ جي قريب فارسي شاعريءَ واري
ٽڙيل پکڙيل مواد هٿ ڪرڻ واري مهم جُويانه ڪوشش کي
هٿي ڏيڻ.
|
|
دين محمد وفائي |
عثمان علي انصاري |
|
|
|
|
لالچند امرڏنومل جڳتياڻي |
ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي”خادم“ |
رسالي جو اڪثر مواد ”اداري“ پاران شايع ٿيل آهي
جنهن جو اهو مطلب آهي ته، اهو مواد ايڊٽوريل بورڊ
جي گڏيل مشاورت ۽ محنت سان تيار ٿيندو هوندو. ان
وقت واري ايڊٽوريل بورڊ ۾ هيٺيان نامور عالم شامل
هئا.
1 مسٽرعثمان علي انصاري، 2 مولوي دين محمد وفائي،
3 ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي، 4 مسٽر لال چند امر ڏنو
مل جڳتياڻي
ان پايي وارن عالمن تي مشتمل ايڊٽوريل بورڊ جو هڪ
ميمبر مسٽر عثمان علي انصاري، سنڌي ادب جي صلاحڪار
بورڊ جو سيڪريٽري پڻ هو.
مهراڻ جي مڙني پرچن تي ٽائيٽل سادو پر ڏاڍي جازبيت
وارو ڏنو ويو آهي جنهن ۾ سڄي سر ورق تي سنڌ جي
نقشي جو اسڪيچ ڏنل آهي ۽ ان ۾ خاص ماڳ مڪان جهڙوڪ:
سکر بئراج، موهن جو دڙو، حيدرآباد، ڪراچي،
ميرپورخاص ۽ عمر ڪوٽ جا آثار قديمه نمايان ٿيل آهن
۽ آخر ۾ هيٺان شاهه صاحب جو هي پرازم شعر ڏنل آهي.
گھڙياسي چڙهيا ايئن اٿيئي،
مئي متي مهراڻ ۾ پئه ٽپو ڏيئي.
(شاهه)
ان مايدار شعر جي آخري سٽ آهي:
ته ميهار مليئي، سنڀوڙو سيڻاه سين.
(شاهه)
شاهه صاحب جو مٿيون شعر همت، حوصلي، مستقل مزاجي ۽
مسلسل محنت جو سبق آموز درس ڏيندڙ آهي. اڄ اسين
جڏهن 67 سالن کان پوءِ ٽِماهي مهراڻ جي اوائلي
اشاعت ۽ ان جي ارتقا لاءِ ڪيل ڪوششن جي ڪٿا ڪريون
ٿا، تڏهن ان وقت وارن سنڌي ادب جي هڏڏوکي عالمن،
اديبن، وينجهارن جي مستقل مزاجيءَ سان ڪيل هن
پورهيي کي داد ڏيڻ کان رهي نٿو سگهجي. جن ڪشالا
ڪري، موج ڀري مهراڻ واري تسلسل کي برقرار رکڻ ۽
معيار توڙي مقدار واري حوالي سان سنڌي ادب جي
جهولي ڀرڻ جي سلسلي ۾ هڙان وڙان همت ڪري سنڌي ادب
جي ٻيڙي پار اُڪاري ورتي.
آءٌ ٿورائتو آهيان سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمن مخدوم
سعيدالزمان ”عاطف“ صاحب ۽ پبليڪيشن شعبي جي
انتظاميه جو، جن مهراڻ جي اوائلي پرچن جي اهميت کي
سمجهندي ۽ پڙهندڙن جي ضرورتن کي محسوس ڪندي، مهراڻ
جي اوائلي دور بابت ٿيل هن ڪم جو قدر ڪندي، هي
مواد شايع ڪيو. اُميد ته منهنجي هيءَ ڪاوش محققن ۽
مطالعي جي شوقينن لاءِ نهايت ڪارگر ڪم ثابت ٿيندو.
مددي مواد
(1)
مهراڻ ڪراچي جلد 1، نمبر 1، جنوري 1946ع
(2)
مهراڻ ڪراچي جلد 1، نمبر 2، اپريل 1946ع
(3)
مهراڻ ڪراچي جلد 1، نمبر 3، 4، 5، مئي- جولاءِ
1946ع
(4)
مهراڻ ڪراچي جلد 1، نمبر 6، 7، 8، آگسٽ- آڪٽوبر
1946ع
(5)
مهراڻ ڪراچي جلد 1، نمبر 8، 9، آڪٽوبر ۽ نومبر
1946ع
(6)
مهراڻ ڪراچي جلد 1، نمبر 10، 11، 12، ڊسمبر 1946ع،
جنوري ۽ فيبروري 1947ع
(7)
بولچند وسومل، مهتممي نوٽ، ماهوار سنڌو، شڪارپور
فيبروري 1935ع
(8)
سيوهاڻي، فتح محمد حڪيم، سنڌيءَ ۾ نظم ۽ نثر،
ماهوار سنڌو شڪارپور جنوري 1936ع
نماڻو، اي سنڌ جا مسلمان! (۾) نئين سنڌ ۽ ٻيا
مضمون، گڏ ڪندڙ: بولچند وسومل راجپال 1940 |