رسول بخش ٻگهيو
سڀني
قصن ۾ سهڻو قصو: يوسف زليخا
هيءُ قصو ’يوسف زليخا‘ جي نالي سان مشهور آهي، جو
نهايت قديم قصو آهي جنهن جو ذڪر قرآن مجيد ۾ تفصيل
سان بيان ڪيو ويو آهي. هن ۾ حضرت يوسف عليہ السلام
جو گهڻو ذڪر آهي، انڪري حضرت يوسف عليہ السلام جي
ئي نالي سان يوسف سوره مشهور آهي. ۽ الله پاڪ
پنهنجي ڪلام مجيد ۾ هن قصي کي ”احسن القصص“ سڏيو
آهي، ۽ هن سوره جا ٻيا نالا پڻ بيان ڪيل آهن، سوره
نمبر 12 هين آهي، هن ۾ 12 رڪوع آهن ۽ 12 رڪوعن مان
6 رڪوع کن 12 هين پاره ۾ ۽ 6 رڪوع 13 پاره ۾ آهن.
اسان جڏهن قصن، ڪهاڻين ۽ داستانن جو بيان ڪنداسين
ته معلوم ٿيندو ته هن صنف جو انسان ذات سان گهرو
تعلق نظر ايندو. جنهن جو انسان جي دل ۽ دماغ تي
تمام گهڻو ۽ گهرو اثر پئي ٿو. قصا، ڪهاڻيون ۽
داستان قديم زماني کان انسان کي سيني به سيني ورثي
۾ مليا آهن. ڏٺو وڃي ته وندر ۽ وررنهن لاءِ قصي ۽
داستان گوئي جي صنف لوڪ ادب جو اهم ۽ مکيه حصو
آهي. مهذب ۽ متمدن قومون پنهنجي هن سرمايي کي
سهيڙڻ ۽ محفوظ رکڻ لاءِ تمام گهڻي ڪوششون ڪنديون
آهن. هن صنف ذريعي ماضيءَ جي تهذيب، تمدن،
معاشرتي ۽ فڪري لاڙن، ريتن، رسمن ۽ رهڻي ڪهڻي
وغيره جي ڄاڻ انسان حاصل ڪري سگهي ٿو. هيءَ صنف هڪ
قومي ورثو ۽ خزانو آهي.
الله پاڪ پنهنجن پاڪ ڪتابن ۽ صحيفن ۾ انسان جي
سڌاري ۽ ترقي، زندگي گذارڻ جي ڏانءَ ۽ طور طريقي ۽
عبادتن جي قاعدن ۽ اصولن سان گڏوگڏ، انسان جي فلاح
۽ بهبودي ۽ عبرت حاصل ڪرڻ لاءِ اڳين قومن جي
تاريخي قصن ۽ واقعن کي بيان ڪرڻ فرمايو آهي. قرآن
پاڪ ۾ بيان ڪيل قديم قصا ۽ داستان بيان ڪرڻ جو
مقصد عبرت ۽ نصيحت پرائڻ آهي. انهن سڀني قصن،
ڪهاڻين، داستانن ۽ واقعن ۾ يوسف زليخا جي قصي کي
قرآن مجيد ۾ سهڻي ۾ سهڻو قصو سڏيو ويو آهي.
هن قصي جا اهم ڪردار حضرت يوسف عليہ السلام، حضرت
بيبي زليخا، حضرت يعقوب عليہ السلام. عزيز مصر
جنهن جو نالو قطفير هو، دائي عذرا ۽ انهن کانسواءِ
حضرت يعقوب جا ٻيا 11 پٽ ۽ ريان بادشاهه وغيره
شامل آهن. يوسف جو مشتق ’اسف‘ آهي، جنهن جي معنيٰ
آهي افسوس، ارمان ۽ غم. جڏهن ته عبراني ٻوليءَ ۾
يوسف جي معنيٰ آهي برڪت. اضافو- ڪثرت گهڻائي. سوره
يوسف ۾ حضرت يوسف عليہ السلام جو ئي قصو آيل آهي.
زليخا جو نالو قرآن مجيد ۾ ڪٿي به نه آيو آهي.
قرآن پاڪ ۾ صرف هڪ عورت ڏانهن اشارو ڪيل آهي، پر
زليخا نالو مفسرن ۽ محققن جي تحقيق مطابق آيل آهي،
ڪن مفسرن ۽ محققن هن عورت جو نالو زليخا لکيو آهي
۽ ان جو لقب ’راعيل‘ لکيو آهي ته ڪن مفسرن ۽ محققن
هن عورت جو نالو ’راعيل‘ ۽ لقب ’زليخا‘ لکيو آهي.
زليخا جو ’زلخ‘ مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي
ٿلهو ٿيڻ، ڦهلجڻ ۽ ڪنهن شيءِ سان دروازي کي بند
ڪرڻ. عزيز مصر جو نالو به قرآن مجيد آهي. جو ڪن جي
چوڻ مطابق وزيراعظم هو ۽ ڪن جي چوڻ مطابق وزير
خزانه هو. حضرت يعقوب عليہ السلام جنهن جو نالو
اسرائيل (يعني خدا پاڪ جو بندو) هو ان کي 12 پٽ
هئا جن مان بني اسرائيل جا 12 قبيلا وجود ۾ آيا.
(اسرا- ۽ ايل- الله يعني الله جو ٻانهو)
حضرت يعقوب عليہ السلام کي: بيبي راحيل مان (1)
حضرت يوسف ۽ (2) بن يامين ٻه پٽ هئا. بيبي لياه
ياليا مان:
(1) روبيل (2) شمعون (3) لاوي (4) يهودا (5) ريان
(6) يشحر ۽ هڪ نياڻي دينه تولد ٿيا.
ٻن ٻانهين زلفيٰ ۽ (1) يلهمه مان (1) تفتالي (2)
وان (3) جاد (4) آسر پيدا ٿيا. حضرت يعقوب عليہ
السلام جن پهريان شادي ليا يا لياه سان ڪئي ۽ ان
کان بعد ۾ راحيل سان شادي ڪئي. ڪي مفسر قرآن مجيد
۾ لکن ٿا ته حضرت يعقوب عليہ السلام ليا يا لياه ۽
راحيل جيڪي ٻئي ڀينرون هيون هڪٻئي پٺيان ٻنهي سان
سندن حياتيءَ ۾ شادي ڪئي، تڏهن ائين جائز هو. ليڪن
مفسر حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري صاحب جن
لکيو آهي ته ليا جي وفات کان پوءِ حضرت يعقوب عليہ
السلام راحيل سان شادي ڪئي هئي.
حضرت يعقوب عليہ السلام جن حضرت اسحاق عليہ السلام
جا فرزند هئا ۽ حضرت اسحاق عليہ السلام جن حضرت
ابراهيم عليہ السلام جا فرزند هئا. حضرت اسحاق
بيبي ساره مان حضرت ابراهيم عليہ السلام کي تولد
ٿيو. ڪن مفسرن ۽ محققن جي لکت مطابق حضرت يعقوب
عليہ السلام جن جي ولادت 1836 ق.م ٿي ۽ 1689 ق.م ۾
وفات ٿي. حضرت يوسف عليہ السلام جي ولادت 1745
ق-م، ۾ ٿي ۽ ان وقت حضرت يعقوب عليہ السلام جن جي
عمر 91 سال هئي.
ڪتاب ”سيده بيبي زليخا رضي الله عنها کا فراق“ جي
مؤلف غلام اڪبر اڄڻ سڪندري کوڙائيءَ لکيو آهي ته:
حضرت آدم عليہ السلام جو ذڪر قرآن مجيد جي 12
سورتن ۾، حضرت نوح عليہ السلام جو 6 سورتن ۾، حضرت
ابراهيم عليہ السلام جو 18 سورتن ۾، حضرت لوط عليہ
السلام جو 9 سورتن ۾ حضرت موسيٰ عليہ السلام جو 29
سورتن ۾، حضرت شعيب عليہ السلام جو 3 سورتن ۾،
حضرت عزيز عليہ السلام جو 2 سورتن ۾، حضرت سليمان
عليہ السلام جو 4 سورتن ۾ ۽ حضرت عيسيٰ عليہ
السلام جو 9 سورتن ۾ ذڪر آيل آهي ليڪن حضرت يوسف
عليہ السلام جو ذڪر مسلسل هڪ پوري سوره ۾ بيان
آهي، ان لحاظ کان هيءُ قصو ’احسن القصص‘
آهي.
حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري صاحب جن هن
سوره جي نازل ٿيڻ جي شان نزول جا ٽي قول بيان ڪرڻ
فرمايا آهن:
(1) حضور نبي ڪريم صلي الله عليہ وسلم جن کي
اصحابن سڳورن عرض ڪيو ته يا رسول الله جيڪڏهن قرآن
پاڪ ۾ ڪو سهڻو قصو نازل ٿئي ته ٻڌجي ته الله
تعاليٰ هيءَ سوره نازل ڪئي (روايت سعدبن ابي وقاص
رضي الله عنه) (2) يهودين، قريشي ڪافرن کي چيو ته
عاد ۽ ثمود جا قصا عام آهن باقي حضرت محمد ڪريم
صلي عليہ وسلم جن کان پڇڻ ته حضرت يعقوب عليہ
السلام ۽ سندس اولاد مصر ۾ ڪيئن پهتو؟ ۽ جڏهن
ڪافرن حضور پاڪ صلي الله عليہ وسلم جن کان هيءُ
سوال پڇيو ته هيءَ سوره نازل ٿي (3) يهودين، حضور
پاڪ صلي الله عليہ وسلم جن کان پڇيو ته اسان کي
حضرت يعقوب ۽ سندن پياري پٽ حضرت يوسف عليہ السلام
متعلق ٻڌايو (مفسر ضهاڪ- حضرت عبدالله بن عباس کان
روايت آندي آهي)
حضرت يعقوب عليہ السلام جن حضرت يوسف عليہ السلام
سان تمام گهڻي محبت ۽ پيار ڪندا هئا ڇاڪاڻ ته (1)
حضرت يعقوب عليہ السلام جن الله پاڪ جا نبي هئا ۽
کين معلوم ٿي چڪو هو سندن وارث حضرت يوسف عليہ
السلام ئي ٿيندو ۽ کين نبوت عطا ڪئي ويندي (2)
حضرت يوسف عليہ السلام جن (۽ سندن ڀاءُ بن يامين)
سڀني ڀائرن ۾ ننڍا هئا ۽ ننڍي هوندي ئي سندس ماءُ
وفات ڪري وئي هئي ۽ هو يتيم نبي ٿي پيا هئا.
(3) حضرت يوسف عليہ السلام جن پنهنجي والد بزرگوار
جي بيحد عزت ۽ خدمت ڪندا هئا ۽ منجهن نبوي وصفون
هيون. جڏهن ته سندن ڀائرن ۾ اهي وصفون ۽ نشانيون
نه هيون ۽ حضرت يعقوب عليہ السلام جن جي حضرت يوسف
عليہ السلام سان گهڻي محبت ۽ پيار جي ڪري باقي
ڀائر حسد ڪرڻ لڳا ۽ پاڻ ۾ صلاح ڪري حضرت يعقوب
عليہ السلام کان اجازت گهريائون ته پاڻ حضرت يوسف
کي اجازت ڏين ته هو اسان (يعني ٻين ڀائرن) سان گڏ
گهمڻ هلي. نيٺ حضرت يعقوب عليہ السلام جن حضرت
يوسف عليہ السلام کي موڪل ڏني.
مفسر لکن ٿا ته سيدنا حضرت يوسف عليہ السلام ننڍپڻ
۾ خواب ڏٺو، جنهن ۾ ڏٺائين ته سج چنڊ ۽ يارهن تارا
کين يعني حضرت يوسف عليہ السلام کي سجدو ڪري رهيا
آهن.
مفسرين ڪرام 11 تارن جا نالا هيءُ لکيا آهن:
(1)جريان (2) طارق (3) ذيال (4) قابس (5) عمودان
(6)فليق (7) المصبح (8) الفرع (9)وثاب (10)
ذوالڪتفين (11) ضروج.
خواب ۾ حضرت يوسف عليہ السلام ڏٺو ته پهريان
يارنهن تارا زمين تي لهي آيا ۽ جاندار يعني
ساهوارا بنجي سجدو ڪرڻ لڳا، ان کانپوءِ سج پنهنجي
پوري روشنيءَ سان لهي آيو ۽ حضرت يوسف عليہ السلام
کي سجدو ڪيو پوءِ چنڊ لهي آيو ۽ ان به ساڳي طرح
حضرت يوسف جي آڏو سجدي ۾ ڪري پيو ۽ اتي وقت حضرت
يوسف جي عمر 7 سال هئي يا 12 سال هئي يا 17 سال
هئي؟ علامه مفتي احمد ياد لکيو آهي ته پهريون قول
صحيح آهي. حضرت يوسف عليہ السلام اهو خواب 27
رمضان المبارڪ يعني شب قدر جي رات لڌو هو. حضرت
امام غزالي رحه جن فرمايو آهي ته حضرت يوسف عليہ
السلام اهو خواب ڏينهن جو ڏٺو هو ۽ ان وقت پنهنجي
پيءُ حضرت يعقعوب عليہ السلام جي هنج ۾ ستل هو.
علامه رازي حضرت وهب رضي الله تعاليٰ عنہ جن جو
قول آندو آهي ته 7 سالن جي عمر ۾ حضرت يوسف عليہ
خواب ڏٺو ته يارهن وڏيون لٺيون زمين ۾ دائري وانگر
کتل آهن ۽ اوچتو هڪ ننڍي لٺ آئي جيڪا انهن 11 وڏين
لٺين کي ڳهي وئي. ۽ ان کانپوءِ ٻارنهن سالن جي عمر
۾ خواب ڏٺائين ته کيس سج، چنڊ ۽ تارا يارنهن زمين
تي لهي اچي (تعظيمي) سجدو ڪيائون. اهو هو حضرت
يوسف عليہ السلام بن حضرت يعقوب عليہ السلام بن
حضرت اسحاق عليہ السلام بن حضرت ابراهيم عليہ
السلام جن جو خواب، جنهن جو ذڪر حضرت يوسف عليہ
السلام پنهنجي والد بزرگ حضرت يعقوب عليہ السلام
سان ڪرڻ فرمايو ۽ حضرت يعقوب عليہ السلام الله جو
نبي سڳورو هو انڪري خواب جي ساري راز کي سمجهي ويا
۽ پنهنجي فرزند کي اهو خواب ڀائرن کي ٻڌائڻ کان
منع ڪرڻ فرمايو.
حضرت بيبي زليخا جو خواب:
ڪن مفسرن ۽ محققن بيبي زليخا جو نالو راعيل بنت
رعايل لکيو آهي، ڪن ليکڪن زليخا بنت تلميخ لکيو
آهي. ڪن مفسرن ۽ محققن لکيو آهي ته: حضرت بيبي
زليخا تمام حسين و جميل عورت هئي، سندس حسن جي هاڪ
مشهور هئي. هيءَ بيبي صاحبه دنيا جي ٽئين حصي تي
راڄ ڪندڙ بادشاهه ”شاهه طب موس“ يا (شاه طيموس) جي
پياري نياڻي هئي، جنهن خواب ۾ حضرت يوسف عليہ
السلام کي ڏٺو. هڪ سال بعد وري خواب ۾ ڏٺو ۽ وري
ٽيون ڀيرو خواب ۾ ڏٺو ۽ کانئس پڇيائين ته: ”تون
ڪير آهين ۽ مان توکي ڪٿي تلاش ڪيان ۽ تون ڪنهن جي
لاءِ آهين، حضرت يوسف عليہ السلام، بيبي زليخا کي
جواب ڏنو ته: ”مان انسان آهيان ۽ مان تنهنجي لاءِ
آهيان ۽ تون منهنجي لاءِ آهين ۽ تون مون کانسواءِ
ڪنهن کي پسند نه ڪر. مون کي مصر ۾ ڳولجان، آءٌ
عزيز مصر يا (بادشاه مصر) آهيان؟ حضرت يوسف جو حسن
به مشهور هو، مفسر ڪرام لکن ٿا ته حضرت يوسف عليہ
السلام ايترو حسين هو جو سندس حسن جو چاليهون حصو
پوري دنيا جو حسن آهي ليڪن حضور ڪريم حضرت محمد
صلي الله عليہ وآلہ وسلم جن جي حسن جو حسنِ يوسف
هڪ ٿوري جهلڪ آهي.
حضرت بيبي زليخا، حضرت يوسف عليہ السلام جو خواب ۾
حسن ۽ ڳالهه ٻڌي، حيران ۽ پريشان ٿي وئي، هن جي
حالت روزانو خراب ٿيندي وئي، بادشاهه سلامت خود
پريشان ٿي ويو ۽ بيبي زليخا جي حالت ڏسي کيس بند
ڪري ڇڏيو. شاهه طب موس يا (طيموس) جي هڪ عمر رسيده
خادمه هئي، جنهن شهزادي زليخا جي خراب حالت ڏسي
کانئس پڇيو ته ڇا ڳالهه آهي. شهزاديءَ خواب واري
ساري ڳالهه ان عمر رسيده خادمه کي ٻڌائي ۽ خادمه
سندس دلجوئي ڪندي رهي.
جيئن چوندا آهن ته عشق ۽ مشڪ لڪي نه ٿا سگهن. سو
بادشاهه سلامت به پريشان ٿي پيو ۽ سندس شادي ڪرائڻ
لاءِ سوچيائين، مفسر ۽ محقق لکن ٿا ته 19 بادشاهن
۽ ڪيترن شهزادن نڪاح لاءِ چيو، ليڪن شهزادي انڪار
ڪندي رهي ۽ جڏهن عزيز مصر جو پيغام آيو ته شهزادي
ان سان نڪاح ڪرڻ قبوليو. شهزاديءَ کي راضي ڏسي
سندس والد صاحب به خوش ٿيو ۽ نهايت ڌام ڌوم ۽ وڏي
ڏاجي ۽ ملڪيت ڏيڻ سان بادشاهه پنهنجيءَ نياڻيءَ جي
شادي عزيز مصر سان ڪئي، جيتوڻيڪ عزيز مصر جنهن جو
نالو قطفير هو سو بدشڪل هو، ليڪن شهزاديءَ خواب ۾
ڏٺل شخصيت جنهن پاڻ کي عزيز مصر ٿي ٻڌايو، تنهن
سمجهيو ته عزيز مصر اهو ئي آهي جيڪو مون کي خواب ۾
نظر آيو آهي، انڪري ڏاڍي خوش هئي، پر جڏهن شادي
ٿيڻ بعد ڏٺائين ته عزيز مصر جيڪو هن خواب ۾ ڏٺو
هو، اهو نه هو بلڪ هيءُ ڪو ٻيو بدشڪل هو، تنهن کي
ڏسڻ بعد شهزادي زليخا، بيهوش ٿي وئي ۽ سجاڳ ٿيڻ تي
هن پاڻ کي مارڻ جو فيصلو ڪيو پر ٻانهي يا (دائي
زليخا جي) کيس روڪيو ۽ ٻڌايو ته تون صبر ڪر. صبر
جو ميوو مٺو آهي ۽ عزيز مصر نامرد آهي ۽ اهو عزيز
مصر وسيلو بنيو، ان حقيقي عزيز مصر جي ملڻ جو.
شهزاديءَ صبر ڪيو جڏهن ته عزيز مصر جي شهزاديءَ
سان بي حد محبت ۽ الفت هئي. ليڪن بيبي زليخا صبر،
تحمل، شرافت ۽ نهايت پاڪدامنيءَ سان هڪ بدشڪل ۽
ڪوجهي عزيز مصر سان پنهنجي ڏکن، سورن ۽ درد ڀري
زندگي گذاريندي حقيقي عزيز مصر کي ياد ڪندي رهي.
حضرت يوسف عليہ السلام جن جي ڀائرن، حضرت يعقوب
عليہ السلام کان اجازت ملڻ بعد خوشيءَ ۾ حضرت يوسف
عليہ السلام کي ڪلهن تي کڻي ٻاهر نڪتا. ان وقت
حضرت يوسف عليہ السلام جن جي ڀيڻ زينت خواب ڏٺو ته
يوسف کي بگهڙ کائي رهيا آهن. خواب مان سجاڳ ٿي ته
پيءُ وٽ آئي ۽ کانئس حضرت يوسف عليہ السلام جو
پڇيائون ۽ حضرت يعقوب عليہ السلام کيس ٻڌايو ته
يوسف عليہ السلام پنهنجن ڀائرن سان گڏ گهمڻ ۽ سير
ڪرڻ ويو آهي. زينب روئندي رڙندي سندن پٺيان وئي ۽
وڃي پنهنجي ڀاءُ يوسف عليہ السلام کي پهتي ۽ کيس
واپس ٿيڻ لاءِ چيائين ليڪن حضرت يوسف عليہ السلام
واپس نه ٿيو ۽ ڀيڻ کي چيائين ته دعا ڪر آءُ ڀائرن
سان گڏ آهيان ۽ سير سفر ڪري واپس اچان ٿو ۽ زينب
روئندي واپس آئي. حضرت يوسف عليہ السلام جا ڀائر
جڏهن گهڻو نڪري ويا ته هڪ ميدان تي سندس ڀائرن
حضرت يوسف کي زمين تي ڪيرائي مارڻ لڳا سڀ ڏاڍو
ساڻن وڙهيا ۽ روبيل ته ڪنڌ مروڙي قتل ٿي ڪيو ته
حضرت يوسف عليہ السلام عام يهودا کي چيو ته ڇا
توهان چپ ڪري منهنجي هيءَ حالت ڏسي رهيو آهيو.
يهودا ڀائرن کي روڪيو ۽ پنهنجو واعدو ياد ڏيارو ته
توهان واعدو ڪيو هو ته هن کي قتل نه ڪنداسين. بلڪ
ڪنهن کوهه وغيره ۾ اُڇلائينداسين، جتي خود به خود
ختم ٿي ويندو يا ڪي قافلي وارا کڻي وڃي ڪنهن ولايت
پهچائيندس. ۽ پوءِ سڀني ڀائرن يڪراءِ طور حضرت
يوسف عليہ السلام کي کوه ۾ اُڇلائڻ جو فيصلو ڪيو.
ان وقت حضرت يوسف عليہ السلام جي ڀائرن حضرت يوسف
عليہ السلام کان پڇيو ته تو خواب لڌو هو ته توکي
سج چنڊ ۽ 11 ستارا سجدو ڪري رهيا آهن هاڻي انهن کي
چئه ته توکي ڇڏائين. واضح رهي ته حضرت يوسف جي
ڀائرن کي گهر جي ڪنهن ڀاتيءَ کان اهو خواب معلوم
ٿي چڪو هو.
جنهن کوهه ۾ حضرت يوسف عليہ السلام کي اُڇليو ويو،
اهو کوهه شام کان مصر ويندڙ شاهراه تي هو جيڪو
شدادبن عاد کوٽايو هو. هڪ روايت آهي ته حضرت هود
عليہ السلام جي قوم ۾ هڪ بزرگ دعا گهري ته منهنجي
عمر ايتري ٿئي جو آءُ حضرت يوسف عليہ السلام جو
حسن ۽ جمال ڏسي سگهان ته ان کي غيبي آواز آيو يا
هاتف ان کي غيب مان آواز ڏنو ته هڪ کوهه جيڪو شداد
بن عاد کوٽايو آهي، ان کوهه ۾ وڃي رهه، ته حضرت
يوسف عليہ السلام اتي کوهه ۾ خود بخود ڪنهن ريب
(ڀائرن طرفان) جي ذريعي پهچي ويندو. پوءِ اهو شخص
ان کوهه ۾ اچي رهيو ۽ عبادت الٰهيءَ ۾ مشغول رهيو
۽ جڏهن حضرت يوسف عليہ السلام کي ڀائرن کوهه ۾
اڇلايو ته ان شخص حضرت يوسف عليہ السلام جو ديدار
ڪيو ۽ حضرت يوسف عليہ السلام کي گلي لڳايو هو.
حضرت يوسف عليہ السلام جي ڀائرن جي ڪيل فيصلي
مطابق حضرت يوسف کي ان کوهه ۾ اڇلايو ويو. هڪ
روايت مطابق اهو کوهه حضرت يعقوب عليہ السلام جي
رهائش گاه کان 12 ميل ته ڪن وري 10 ڪلوميٽر لکيو
آهي. مولانا خورشيد فاضل تفسير و حديث پنهنجي
ڪتاب ”داستان يوسف“ ۾ ڪُنهان کان ٽن ميلن جي فاصلي
تي کوهه لکيو آهي، جو مصر ۽مدين جي وچ تي آهي ۽ ڪن
جو چوڻ آهي ته بيت المقدس جي قريب هو ۽ اردن جي
جهنگل ۾ نهايت خطرناڪ جاءِ تي هو جنهن جو منهن
ويڪرا پر اندر سوڙهو هو. کوهه ۾ ڪيرائڻ وقت حضرت
يوسف عليہ السلام ڪناري ۾ هٿ وڌا ته کيس وري ٻاهر
ڪڍي هٿ پير ٻڌي پوءِ کوهه ۾ اڇلايو ويو. هڪ طرف
حضرت يوسف عليہ السلام کي ڀائرن هڪ خطرناڪ کوهه ۾
اڇلايو ۽ جڏهن ته ٻئي طرف الله پاڪ جل شان حضرت
جبرائيل عليہ السلام جو عرش تي هڪ ٿنڀي وٽ هو، ان
کي حڪم ڪيو ۽ حضرت يوسف عليہ السلام اڃا کوهه جي
اڌ وٽ مس پهتو ته حضرت جبرائيل عليہ السلام کوهه ۾
پهچي ويو ۽ حضرت يوسف عليہ السلام کي آهستي ۽ آرام
سان هڪ پٿر تي وهاريو. ڪي مفسر ۽ محقق لکن ٿا ته
اها تاريخ 10 محرم الحرام جي هئي، حضرت يوسف عليہ
السلام کي ڀائرن کوهه ۾ اُڇلائڻ جو مشورو 9 محرم
الحرام تي ڪيو هو. کوهه ۾ اڇلائڻ وقت حضرت يوسف
عليہ السلام جي قميص لاهي ورتي وئي هئي ته جيئن ان
کي رت مکي حضرت يعقوب کي ڏيکارينداسين ته حضرت
يوسف عليہ السلام کي بگهڙ کائي ويا. کوهه ۾ اڇلائڻ
بعد وري حضرت يوسف عليہ السلام جا ڀائر کيس مٿان
پٿر اڇلائي هنيا ته يهودا کين ان عمل ڪرڻ کان به
روڪيو.
حضرت جبرئيل جڏهن نهايت آرام سان حضرت يوسف عليہ
السلام کي پٿر تي وهاريو ته سندس ٻانهن يا سندس
ڳچيءَ ۾ ٻڌل هڪ تعويذ کوليو ته ان ۾ بهشتي پوشاڪ
پيل هئي. هيءَ اها پوشاڪ هئي، جيڪا حضرت ابراهيم
عليہ السلام کي آڙاهه ۾ جڏهن اڇلايو ويو هو ته
سندس يعني حصرت ابراهيم عليہ السلام جا ڪپڙا
لهرايا ويا هئا ۽ الله پاڪ جي حڪم سان حضرت
جبرائيل جنتي وڳو کڻي اچي حضرت ابراهيم عليہ
السلام کي پهرايو هو ۽ اهو وڳو حضرت ابراهيم عليہ
السلام پنهنجي فرزند حضرت اسحاق عليہ السلام کي
محفوظ ڪري رکڻ لاءِ ڏنو هو ۽ حضرت اسحاق عليہ
السلام وري اها پوشاڪ پنهنجي فرزند حضرت يعقوب
عليہ السلام پاڻ وٽ رکي، وري اها پوشاڪ پنهنجي
فرزند حضرت يوسف عليہ السلام جي ڳچيءَ ۾ يا ٻانهن
۾ تعويذ ڪري ٻڌي هئي. واضح رهي ته جنتي پوشاڪ جي
اها اهم خصوصيت آهي ته ان کي ويڙهي تعويذ جيترو
بنائي سگهجي ٿو جڏهن ته کولڻ وقت مڪمل پوشاڪ ٿي
پئي ٿي. اهڙي طرح اها ابراهيم عليہ السلام پوشاڪ
حضرت جبرائيل حضرت يوسف عليہ السلام کي کوهه ۾
تعويذ مان ڪڍي پهرائي. ۽ جبرائيل امين جتي آب
وطعام حضرت يوسف عليہ السلام جن کي پيش ڪيو. پوشاڪ
پهرڻ سان کوهه روشن ٿي ويو، اردو ڪتاب ”سيده بي بي
زليخا رضي الله عنها کا فراق، جي مؤلف غلام اڪبر
اڄڻ کهڙائيءَ لکيو آهي ته ان وقت کوهه ۾ تمام
خطرناڪ نانگ هئا جن پاڻ ۾ مشورو ڪيو ته گهرن کان
ٻاهر نه نڪرو متان حضرت يوسف نبي الله اسان کي ڏسي
مغموم ٿئي. سبحان الله وڏن نانگن کي به الله پاڪ
جي نبيءَ جو ادب ۽ احترام هو. ان کوهه ۾ هڪ ازدها
زهريلو وڏو نانگ) پنهنجي ٻِرَ مان ٻاهر نڪرڻ جو
ارادو ڪيو ته جبرائيل عليہ السلام هڪل ڏنس جو هُو
ٻوڙو ۽ موڳو ٿي ويو پر ان جو نسل قيامت تائين ٻوڙو
رهندو.
حضرت يوسف عليھ السلام جو کوهه مان نڪرڻ:
حضرت جبرائيل عليہ السلام جي ڏسيل دعا ۽ ڪي ٻيون
دعائون به تفسيرن ۾ اچن ٿيون، انهن جي پڙهڻ ۽ رب
پاڪ کي اهڙي سهڻي انداز سان حضرت يوسف عليہ
السلام ياد ڪيو جو ملائڪن کي اهو آواز ڏاڍو وڻيو
۽ رب ڪريم کي عرض ڪيائون ته يا الله کوهه مان ڪيڏو
نه مٺو آواز ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي، اسان کي مهلت ڏي
ته ويجهي کان ٻڌون ۽ پوءِ الله پاڪ جي حڪم سان
ملائڪ آسمان کان هيٺ لهي آيا ۽ حضرت يوسف عليہ
السلام جو آواز ٻڌي مانوس ٿيا. هڪ روايت مطابق
حضرت يوسف عليہ السلام جبرائيل امين ۽ ٻين دعائن
جي ڪري صرف ٽي ڏينهن کوهه ۾ رهڻ بعد ٻاهر نڪتا.
قافلي جو ظاهر ٿيڻ مولانا غلام مصطفيٰ قاسمي تفسير
سوره يوسف ۾ لکيو آهي ته عرب هميشه مشرق ۽ مغرب جي
واپار ۽ تجارتي لاڳاپن ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا رهيا.
اڳئين دور ۾ ائين ٿيندو هو جو آفريڪا ۽ هندستان
مان واپار جو سامان خشڪيءَ رستي سان اچي يمن ۽
حضرموت جي ساحلن تي پهچندو هو ۽ اتان خشڪي رستي
بحرِ احمد جي ڪناري، حجاز، مدين ۽ وادي القريٰ کي
پار ڪري شام پهچندو هو ۽ شام جي سرحد کان مصر
پهچندو هو. هن بابت توريت ۾ بيان هن طرح آهي ته،
حضرت يوسف عليہ السلام جي ڀائرن ڏٺو ته اسماعيلين
جو هڪ قافلو جلعا (شام) ۾ هڪ جبل ڏانهن آيو جيڪي
اٺن تي خوشبودار شيون ۽ مسالا کڻي مصر ڏانهن وڃي
رهيو هو. (اسماعيلين جو وطن مدين هو) مدين بحر
احمد ۽ عقبه جي ڪناري تي هو جو حجاز ۾ هو، سو اڄ
به ان نالي سان سڏجي ٿو. بني اسرائيل به ان کي ان
نالي سان سڏيندا هئا. اهو قافلو جڏهن کوهه جي
ويجهو پهتو ته انهن کي پاڻيءَ جي ضرورت ٿي ۽ هڪ
ڄڻو کوهه تي آيو ۽ ڏول کوهه ۾ لاٿو ته ان ڏول ۾ هڪ
حسين وجميل نينگر نڪري آيو. ڏول ڪڍڻ وارو ڏاڍو خوش
ٿيو ۽ ان کي نهايت قيمتي سرمايو سمجهي لڪائي ڇڏيو.
هيءُ قافلو مدين کان مصر وڃي رهيو هو. هن ڏول واري
شخص هن حسين نينگر کي وٺي اچي قافلي وارن کي ٻڌايو
۽ هن کي لڪائي محفوظ ڪري ڇڏيو.
ٻئي طرف حضرت يوسف عليہ السلام جا ڀائر قميص کي
ٻڪريءَ يا بگهڙ جو رت هڻي پيءُ وٽ کڻي آيا ۽ زار
وقطار روئڻ لڳا ۽ حضرت يعقوب عليہ السلام جي پڇا
تي چيائون ته بابا سائين يوسف عليہ السلام کي بگهڙ
کائي ويا هيءَ قميص ڏسو رت سان ڀريل آهي حضرت
يعقوب ڏٺو ته قميص کي ڪابه رهنڊ وغيره نه هئي لڳل
۽ نه ڦاٽل هئي تي حضرت يعقوب کين ڪوڙو ڪيو ۽ بگهڙ
جڏهن حضرت يعقوب عليہ السلام جن جي خدمت ۾ حاضر
ٿيو ته (ان کي الله ڳالهائڻ جي قوت ڏني) ان چيو ته
اسلام عليڪ يا نبي الله! اسان کي نبين سڳورن جو
گوشت کائڻ حرام آهي ۽ اسان هرگز حضرت يوسف نبي
الله کي نه کاڌو آهي اسان ان ڳالهه کان آزاد
آهيون. ۽ حضرت يوسف عليہ السلام پنهنجن پٽن کي
فرمايو ”توهان جي نفسن توهان جي لاءِ هڪ ڳالهه
بنائي پوءِ صبر بهتر آهي ۽ الله کان ئي مدد گهران
ٿو انهن ڳالهين لاءِ جيڪي توهان گهڙي رهيا آهيو.
حضرت يعقوب کي خواب مان معلوم ٿي چڪو هو ته يوسف
کي زنده رهڻو آهي ان کي الله پاڪ تاج نبوي
پهرائيندو، کيس خوابن تي يعقوب کي پورو يقين هو ته
منهنجو يوسف زنده آهي ان کي علم وحڪمت ۽ نبوت ۽
سلطنت سان نوازيو ويندو. ليڪن فراق جدائيءَ ۾ حضرت
يعقوب روئي روئي پنهنجيون اکيون اڇيون ڪري ڇڏيون ۽
غم و درد ۾ رهيو.
حضرت يعقوب عليہ السلام جا فرزند ان علائقي کي ڏسي
رهيا هئا ته هنن جي نظر قافلي تي پئي ۽ جڏهن هنن
ڏٺو ته کوهه جنهن کي ”جب الحزن“ (ڏکن وارو کوهه)
سڏيندا هئا ته ان ۾ يوسف ڪو نه هو، ته هو سڌو
قافلي وارن ڏي آيا ۽ چيائون ته اسان جو هڪ غلام
ڀڄي ويو آهي جيڪو توهان کي هٿ آيو آهي. قافلي وارن
چيو ته ها، اسان وٽ هڪ نينگر آهي. پوءِ حضرت يعقوب
عليہ السلام جي فرزندن پنهنجي ڀاءُ يوسف کي قافلي
جي اڳواڻ مالڪ بن ذعر کي 20 درهمن ۾ وڪڻي ڏنو.
قافلو هلندو رهيو رستي ۾ جڏهن حضرت يوسف پنهنجي
والده جي قبر ڏٺي ته اُتي بيهي عرض ڪيائين:
”امان حضور مون کي منهنجن ڀائرن بابا يعقوب عليہ
السلام کان جدا ڪري ڇڏيو آهي. اَي امان جيجل اگر
تون منهنجي هيءَ حالت ڏسين ته ڏاڍو روئين. اَي
امان انهن منهنجن ڳلن تي چماٽون هيون. آهن جن کي
تون پيار مان چمندي هئينءَ، امان انهن مون کي قتل
ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. کوهه ۾ اڇلايو ۽ مٿان پٿراءُ
ڪيو. مون کي اُڃيو ۽ بکيو رکيو ويو. هنن مون تي
رحم نه ڪيو، هنن مون کي ويهن درهمن ۾ وڪڻي غلام
بنائي ڇڏيو، قافلي وارن مون کي لوهه جون ٻيڙيون
پيرن ۾ پارايون آهن مون کي قيدي بنائي پاڻ سان
وٺيو پيا وڃن.“ دانهون ڪندي ڪندي بيهوش ٿي ڪري
پيو، جڏهن هوش ۾ آيو قبر مان سندس امڙ جو آواز
آيون ته: ”صبر ڪر! اَي منهنجين اکين جا ٺار! اَي
پيارا فرزند! اَي منهنجيءَ دل جا ميوا، صبر ڪر ۽
تنهنجي صبر جو اجر الله تعاليٰ وٽ آهي.“
دعا گهرڻ بعد حضرت يوسف عليہ السلام قافلي ڏانهن
روانو ٿيو ته مليح اسود، جنهن جي نظرداريءَ ۾ حضرت
يوسف عليہ السلام ان قافلي ۾ اعلان ڪيو ته يوسف
ڀڄي ويو ۽ پوءِ پوئتي ڏسڻ لاءِ اچي رهيو هو ته
حضرت يوسف عليہ السلام خود هن ڏانهن اچي رهيو هو ۽
مليح اسود هن کي پڪڙي چيو ته واقعي تنهنجن مالڪن
وڪري ڪرڻ وقت سچ ڳالهايو ته خيال رکجو هيءُ نينگر
(غلام) ڀڳوڙو آهي. حضرت يوسف عليہ السلام چيو ته
رستي ۾ منهنجي امڙ جي مزار اچي وئي مان ان تي بيهي
دعا گهري ۽ پوءِ مان خود به خود توهان ڏانهن اچي
رهيو هئس مليح اسود دير ڪا نه ڪئي ۽ يوسف عليہ
السلام جي ڳلن تي چماٽون هنيون ۽ پيرن کان پڪڙي
منهن ڀر ڪيرائي کيس مارڻ شروع ڪيو ته يوسف عليہ
السلام بيهوش ٿي ويو ۽ سجاڳيءَ بعد حضرت يوسف عليہ
السلام وڏي درد مان دانهن ڪري الله پاڪ کي عرض ڪيو
ته منهنجا مولا ڪريم منهنجي ۽ هن ظالم جي درميان
فيصلو ڪرڻ فرماءِ! هڪ روايت مطابق اها يوسف جي
دانهن ايتري ته درديلي هئي جو ملائڪن جي سردار
حضرت جبرائيل امين يڪدم دانهن ٻڌڻ شرط الله پاڪ جي
حڪم سان هيٺ لهي آيو ۽ حضرت يوسف عليہ السلام کي
چيائين ته جيئن حڪم ڪيو تيئن ڪريان، ليڪن حضرت
يوسف کيس صبر جي هدايت ڪئي ۽ حضرت جبرائيل پنهنجو
پرُ زمين تي هنيو ته انڌوڪار ٿي ويو. ۽ هڪ ٻي
روايت مطابق ته آسمان تي ڪارو ڪڪر ظاهر ٿيو، جنهن
مان وڏا وڏا وزني باهه جا ٽانڊا، وسڻ شروع ٿي ويا،
قافلي وارن کي يقين ٿي ويو ته اسان ختم ٿي
وينداسين، پوءِ مالڪ بن ذعر اعلان ڪيو ته ڪنهن کان
ڪا غلطي ٿي آهي جنهنڪري هيءَ مصيبت اسان تي نازل
ٿي رهي آهي. ايتري ۾ مليح اسود پنهنجو ڏوهه قبول
ڪيو ۽ بيان ڪيو پوءِ مالڪ بن ذعر، حضرت يوسف وٽ
ڊوڙندو آيو ۽ کانئن دعا لاءِ عرض ڪيائون ۽ حضرت
يوسف عليہ السلام دعا گهري ۽ مليح کي ڏوهه بخش
ڪيو، پوءِ باهه جا شعلا بند ٿي ويا ۽ ڪڪر به گم ٿي
ويو. پوءِ قافلي جي اڳواڻ حڪم ڏنو ته حضرت يوسف
عليہ السلام (غلام) کي سخت ڪپڙا لاهي نرم ۽ ڀلا
ڪپڙا پهرايا وڃن، جن رسين ۾ ٻڌل هو، اهي رسيون
ڇوڙيون ويون ۽ سٺا ڪپڙا کين پارايا ويا، ان بعد
قافلو روانو ٿيو ۽ جڏهن قافلو مصر جي شاهراهه تي
بستان وٽ پهتو ته اتي قافلي وارن ماني کاڌي ۽ حضرت
يوسف کي پاڻ سان گڏ ماني کارائي. حضرت يوسف عليہ
السلام اهو پهريون ڀيرو قافلي وارن سان ماني کاڌي.
پوءِ قافلو تابلستان پهتو ته اتان جا ماڻهو ۽ حاڪم
حضرت يوسف عليہ السلام جي حسن کي ڏسي حيران ٿي ويا
۽ حضرت يوسف عليہ السلام کان پڇيائون ته توکي ڪنهن
پيدا ڪيو آهي؟ ته حضرت يوسف فرمايو ته مون کي الله
جلشانه پيدا ڪيو آهي، پوءِ هنن چيو ته جنهن توکي
پيدا ڪيو آهي اسين ان تي ايمان آڻيون ٿا ۽ چئن
هزار (4000) ماڻهن مٿن ايمان آندو ۽ انهن بت ڀڄي
ڇڏيا. پوءِ حضرت يوسف عليہ السلام کين هڪ الله جي
عبادت ڪرڻ جي تعليم ڏني. ان کان پوءِ تابلستان کان
18 ميلن جي فاصلي تي قافلو قدس شهر ۾ پهتو ۽ اتي
جي بادشاه کي خواب ۾ حڪم ٿيو هو ته هڪ قافلو شهر ۾
داخل ٿي رهيو آهي جنهن ۾ هڪ تمام ڀلو شخص به داخل
ٿي رهيو آهي، ان جو شاندار استقبال ڪر. ننڊ مان
اُٿڻ بعد بادشاهه عظيم الشان دعوت ۽ استقبال جو
انتظام ڪيو ۽ اهڙي ته دعوت ڪئي جو قافلي جو اڳواڻ
حيران ٿي ويو ۽ سوچيائين ته اڳ ته منهنجي اهڙي عزت
ڪڏهن ڪا نه ٿي ۽ هاڻي هن غلام (يوسف) جي ڪري ئي
ڀلائي ٿي آهي. بادشاهه به حضرت يوسف عليہ السلام
کي ڏسي سڃاڻي ويو ليڪن راز ڳجهو رکيائين. قافلي جي
ٻين ماڻهن ته طرحين طرحين جا کاڌا نوش ڪيا، ليڪن
حضرت يوسف عليہ السلام لاءِ چانور ۽ کير تيار ڪيو
ويو جيڪي پاڻ کاڌائون. واضح رهي ته الله پاڪ جا
پيارا ٻانها چلي ڪڍڻ بعد چانور ۽ کير کائيندا آهن.
اڪيلائپ ۾ بادشاهه حضرت يوسف کان پڇيو توهان ڪير
آهيو ته حضرت يوسف کيس جواب ڏنو ته آءٌ اهو ئي
آهيان، جنهن جي دعوت ۽ استقبال ڪرڻ جو خواب ۾
اوهان کي حڪم ٿيو. بادشاه حيران ٿي حضرت يوسف عليہ
السلام کان پڇيو ته اوهان کي منهنجي خواب جو ڪنهن
ٻڌايو؟ حضرت يوسف عليہ السلام جواب ڏنو ته مون کي
ان الله پاڪ ٻڌايو، جنهن توهان کي منهنجي استقبال
۽ دعوت لاءِ حڪم فرمايو. پوءِ بادشاهه مسلمان ٿيو
۽ ان بادشاهه جي گهر جا بُتَ ٽڪرا ٽڪرا ٿي اچي
حضرت يوسف جي پيرن ۾ پيا ۽ پوءِ ساري شهر جا بت
ڀڃرائي ڇڏيائون ۽ سڄو شهر مسلمان ٿيو. ان کان پوءِ
قافلو عسقلان روانو ٿيو ۽ عسقلان جي بادشاهه کي
اطلاع مليو ته هڪ حسين و جميل غلام مصر ۾ وڪامڻ
وڃي رهيو آهي ته بادشاهه هڪ هزار جو لشڪر وٺي اهو
حسين غلام قافلي وارن کان کسڻ جي ارادي سان روانو
ٿيو ۽ هن پنهنجي لشڪر کي پنهنجي مقصد کان واقف نه
ڪيو هو جڏهن بادشاهه جي نظر حضرت يوسف عليہ السلام
تي پئي ته بادشاه بيهوش ٿي ويو. بادشاهه جو لشڪر
بادشاه جي فڪر ۾ ئي رهيو ته قافلو هنن کي پار ڪري
روانو ٿي ويو ۽ بادشاهه ٽي ڏينهن بيهوش رهيو.
قافلو هلندي هلندي اچي نيل نديءَ جي ڪناري تي پهتو
۽ اتي قافلي جي اڳواڻ غلامن کي وڪرو ڪرڻ لاءِ کين
تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ غلامن کي سينگاريو ويو ۽
حضرت يوسف عليہ السلام کي به وهنجاري سهنجاري ڀلا
ڪپڙا پهرائي سندس مٿي تي موتين جو تاج رکيو ويو.
جڏهن مصر جي شهرين کي خبر پئي ته نهايت هڪ حسين
نينگر وڪامڻ لاءِ آيو آهي، ته انڪري ان جي
خريداريءَ لاءِ ڪئين امير اچي گڏ ٿيا، وڏي خلق ڏسي
مالڪ بن ذعر پڇيو ته توهان ماڻهو ايتري تعداد ۾ ڇو
اچي گڏ ٿيا آهيو ته ماڻهن چيو ته ان غلام جو ديدار
ڪراءِ، مالڪ خلق ڏسي تنگ ٿي پيو، پوءِ کيس ڪنهن
صلاح ڏني ته ان غلام جي ڏسڻ لاءِ هڪ شرط رک ته:
”جيڪو هڪ سونو دينار جمع ڪرائي اهو ڀلي ان غلام جو
ديدار ڪري، ظاهر آهي ته سونو دينار ڪير ڪو نه
ڏيندو ۽ تون تڪليف کان بچي ويندين.“ قافلي جي
اڳواڻ اهو اعلان ڪيو ته ماڻهو هڪ هڪ سونو دينار
جمع ڪرائيندا ويا ۽ ڇهه لک (600000) دينار سونا
جمع ٿي ويا. هر هڪ دينار ۾ ٻه سو (200) درهم آهي.
اهڙي طرح 12 ڪروڙ درهم گڏ ٿي ويا، پوءِ مالڪ بن
ذعر يوسف جي ديدار لاءِ دروازو کوليو ۽ ماڻهن
ديدار ڪيو بيهوش ٿي ويا. حضرت ابن عباس جو قول آهي
ته حضرت يوسف عليہ السلام جو ديدار ڪندڙ هڪڙا چريا
ٿي ويا، هڪڙا مست ٿي ويا، هڪڙا وري حيران ٿي نظر
آيا. ديدار ڪندڙن کانپوءِ وري رهيل ماڻهو آيا ته
مالڪ بن ذعر ٻه ٻه سونا دينار رکيا ته به ڏهه هزار
دينار گڏ ٿي ويا ۽ پوءِ انهن به ديدار ڪيو. اهڙي
طرح حضرت يوسف عليہ السلام جي ديدار جا ڪل 00000،
20، 12 (اکرين ٻارنهن ڪروڙ ۽ ويهه لک درهم) مالڪ
بن ذعر کي مليا جڏهن ته حضرت يوسف عليہ السلام کي
ڀائرن صرف ويهن درهمن ۾ وڪرو ڪيو هو. هڪ طرف حضرت
يوسف عليہ السلام جي ڀائرن کين ويهن درهمن ۾ وڪرو
ڪيو، ٻئي طرف خريدار کي صرف حضرت يوسف عليہ السلام
جي ديدار جا 12 ڪروڙ ۽ 20 لک درهم ملن ٿا. تڏهن ته
ڪنهن
شاعر
چيو آهي ته:
اگر محبت ہوتی
خون کے
رشتوں
میں،
یوسف
کیوں
بکتے
مصر کے
بازاروں
میں۔
ٽن ڏينهن کانپوءِ خريدارن واڪ ڏنو ليڪن خريد ڪري
نه سگهيا. ٻئي ڏينهن به خريدار آيا ليڪن خريد ڪري
نه سگهيا.
عزيز مصر پنهنجي گهرواريءَ کي چيو ته تون به وڃي
ڏس ته ان
غلام
کي خريد ڪيون ڇو ته هڪ طرف عزيز مصر کي اولاد ڪونه
هو ۽ ٻي ڳالهه ته عزيز مصر پنهنجي گهر واريءَ سان
بي حد محبت ڪندو هو،
انڪري بيبي سڳوريءَ جي دلجوئيءَ لاءِ ان غلام کي
خريد ڪرڻ ٿي چاهيو. حضرت بيبي زليخا کي ته خواب
واري عزيز مصر سان محبت هئي،
انڪري پنهنجي مڙس عزيز مصر کي چيائين ته مون کي
عزيز مصر کانسواءِ ڪير به نه گهرجي،
آخر عزيز مصر خود پاڻ اچي پهتو.
يوسف عليہ السلام جي خريدارن ۾ هڪ عورت بازعه نالي
جيڪا نهايت مالدار ۽ شاهوڪار هئي اها به آئي هئي
ان جڏهن حضرت يوسف عليہ السلام کي ڏٺو ته حيران ٿي
وئي ۽ کانئس پڇيائين ته ڇا واقعي تون غلام آهين ته
حضرت يوسف عليہ السلام وراڻيو ته ها! مان عبدالله
(الله جو غلام) آهيان وري بازعه سوال ڪيو ته توکي
ڪنهن ٺاهيو آهي. حضرت يوسف عليہ السلام فرمايو ته
مون کي الله تعاليٰ ٺاهيو آهي، پوءِ بازعه الله تي
ايمان آڻي سڀ ملڪيت الله جي نالي تي ورهائي ڇڏي ۽
هڪ جهوپڙيءَ ۾ وڃي رهي ۽ الله پاڪ جي عبادت ۽ ذڪر
ڪندي رهي ۽ هڪ عورت صرف نالي ڳڻائڻ لاءِ خريدارن
جي لسٽ ۾ سُٽَ جا 20 سير ڪَتيل سُٽُ
کڻي آئي هئي.
عزيز مصر جمعي جي ڏينهن
حضرت
يوسف عليہ السلام کي خريد ڪرڻ لاءِ آيو هو،
ٻين ڪيترن واپارين وڏا وڏا واڪ ڏنا پر عزيز مصر جو
اعلان ٻڌي چپ ٿي ويا.
عزيز مصر چيو ته مان هن غلام جي تور جيترو سون
ڏيندس، هن جي تور جيتري چاندي به ڏيندس، هن جي تور
جيترو زمرد به ڏيندس، هن جي تور جيترو حرير به
ڏيندس، هن جي تور جيترو ڪافور به ڏيندس، هن جي تور
جيترا هيرا به ڏيندس، هن جي تور جيترو ياقوت به
ڏيندس، عنبر به ڏيندس ۽ ريشم پڻ هن جي تور جيترو
ڏيندس، مالڪ بن ذعر قبول ڪيو ۽ سودو پڪو ٿيو. ان
وقت حضرت يوسف عليہ السلام جو وزن 5 مڻ هو. خريد
ڪرڻ کانپوءِ عزيز مصر جڏهن حضرت يوسف عليہ السلام
کي ڏٺو ته مالڪ بن ذعر کي چيائين مون جيتري قيمت
تي حضرت يوسف عليہ السلام کي خريد ڪيو آهي اها هن
جي حسن ۽ جمال کان گهٽ آهي ۽ هاڻي آءُ مصر جي
خزانن جا دروازا کولي ڇڏيان ٿو ۽ تون بنان تور جي
جيڪي وڻئي سوکڻ!!!
مصر جي خزاني جا سڀ دروازا کوليا ويا ۽ مالڪ بن
ذعر بنا طور جي خزاني مان سڀ شيون کنيون ۽ جڏهن
خزانا ڍوئي دنگ ڪيائين ۽ حضرت يوسف عليہ السلام
کان آخر ۾ موڪلايائين ۽ آخري ديدار ڪيائين ته مالڪ
بن ذعر بيهوش ٿي ويو ڇو ته هاڻي حضرت يوسف عليہ
السلام جو حقيقي جمال ۽ جلوو سامهون اچي ويو هو ۽
جڏهن مالڪ بن ذعر هوش ۾ آيو ته حضرت يوسف کانئس
پڇيو ته توکي ڇا ٿيو. هينئر هن جي حالت بدلجي چڪي
هئي. روئي رهيو هو افسوس جا هٿ مهٽي رهيو هو ته
يوسف عليہ السلام کي ڇو وڪيم ۽ حضرت يوسف کي
روئندي چيائين ته يوسف اسان ته توکي پنهنجو غلام
ڪري سمجهيو ۽ وڪرو ڪيو. توهان کي توهان جن ڀائرن
به غلام ڪري صرف 20 درهمن ۾ وڪيو ۽ مون کي ته
دنيا جي وڏي طاقت واري ملڪ مصر جو سارو خزانو ملي
ويو، پر جڏهن تنهنجو حقيقي حسن ۽ جمال ظاهر ٿيو
آهي، ته سمجهان ٿو ته مصر جو سارو خزانو حقير آهي.
وڌيڪ چيائين ته: جن جون اکيون روشن آهن، انهن کان
پڇو ته قليل ڪير آهي ۽ ڪثير ڪير آهي؟
پوءِ مالڪ بن ذعر، حضرت يوسف کي عرض ڪيو ته سائين
حقيقت ۽ راز کولي ٻڌايو. حضرت يوسف عليہ السلام ان
شرط تي ته ڪنهن کي نه ٻڌائيندين، پوءِ سارو ڀائرن
۽ پيءُ جو احوال ٻڌايو، پوءِ مالڪ بن ذعر زارو
قطار روئڻ لڳو ۽ ڪيل گستاخين جي معافي گهرڻ لڳو.
هڪ روايت مطابق مالڪ بن ذعر کي حضرت يوسف عليہ
السلام جي دعا سان 24 پٽ ڄاوا هئا ۽ ساري ملڪيت
انهن پٽن ۽ زال جي حوالي ڪري، تجارت ۽ واپار ڇڏي
الله جي عبادت ۾ گذاريندي آخر دارالفنا کان
دارالبقا ڏانهن روانو ٿيو. واضح رهي ته حضرت يوسف
عليہ السلام، مالڪ بن ذڪر کان ڀائرن وارو ”بيع
نامه“
واپس ورتو هو.
حضرت يوسف عليہ السلام کي خريدڻ جي برڪت: عزيز مصر
کي پنهنجن درٻارين چيو ته توهان سڀ ڪجهه لٽائي
ڇڏيو، هاڻي حڪومت جو ڪاروهنوار يا چرخو ڪيئن
هلندو. عزيز مصر انهن کي چيو ته توهان وڃي ڏسو ته
ڪجهه خزانو بچائي ويا آهن يا سڀڪجهه کڻي ويا آهن.
درباري جڏهن ڏسڻ ويا ته خزاني جون صندوقون سون،
زمرد، ياقوت، ريشم، مشڪ، عنبر، ڪافور ۽ حرير سان
پهريان کان وڌيڪ ڀريون پيون آهن. خزانچين اچي عزيز
مصر کي ٻڌايو ته عزيز مصر کي شڪ پيو ته دربارين
مالڪ بن ذعر کان مال واپس کسي ورتو آهي، بلڪ هن جو
مال به لٽي کڻي آيا آهن، پوءِ عزيز مصر پنهنجن
دربارين سان گڏ مالڪ بن ذعر وٽ ويو ۽ ڏٺائين ته ان
وٽ سمورو مال موجود هو جيڪو عزيز مصر حضرت يوسف
عليہ السلام جي قيمت ۾ ڏنو هو. ۽ پوءِ اچي ڏٺائين
ته خزانن جون صندوقون پهريان کان به وڌيڪ ڀريون
پيون آهن، تڏهن تمام حيرت ۾ پئجي ويو. پوءِ عزيز
مصر، حضرت يوسف کان ان راز متعلق پڇيو ته حضرت
يوسف عليہ السلام فرمايو ته: اهو رب ڪريم جو ڪرم
آهي. انهن صندوقن کي الله پاڪ ئي ڀريو آهي. ڇاڪاڻ
ته متان توکي ماڻهو مهڻا ڏين ته تو هڪ غلام خاطر
مصر جو خزانو لٽائي ڇڏيو ۽ ٻي ڳالهه ته تنهنجو مون
تي احسان نه رهي ۽ تنهنجين نگاهن ۾ منهنجو شان
بلند رهي.
پوءِ عزيز مصر پنهنجي زال يعني بيبي زليخا کي چيو
ته هن يعني حضرت يوسف عليہ السلام جو پورو پورو
خيال رکج ۽ هن لاءِ هڪ جداگانه محل اڏائڻ لاءِ پڻ
زليخا کي چيائين. ڪن روايتن ۾ اچي ٿو ته بيبي
زليخا کي سندس دائيءَ حضرت يوسف عليہ السلام لاءِ
جدا محل اڏائڻ لاءِ صلاح ڏني هئي. جڏهن ته بيبي
زليخا حضرت يوسف عليہ السلام کي ڏسڻ سان ئي سڃاڻي
ورتو هو ته هيءُ اهو ئي نوجوان آهي، جنهن کي هن
خواب ۾ ڏٺو هو. بائيبل ۾ اچي ٿو ته قطفير (يعني
عزيز مصر) سڀ ڪجهه حضرت يوسف عليہ السلام جي حوالي
ڪري ڇڏيو هو.
حضرت بيبي زليخا عاليشان عمارت تيار ڪرائي عزيز
مصر کي گهمايو، عزيز مصر محل جي ڏاڍي تعريف ڪئي ۽
چيائين ته هن محل جو نالو ”بيت السرور“ رکو. مؤرخن
لکيو آهي، ته حضرت يوسف عليہ السلام کي زليخا جي
گهر ۾ 7 سال گذري چڪا هئا ليڪن هيءَ ڪاميابي حاصل
نه ڪري سگهي هئي بالآخر جڏهن زليخا عشق ۾ بيحال ٿي
وئي ته يوسف عليہ السلام سان اها ئي ڳالهه ڪئي
جيڪا قرآن پاڪ ۾ فرمائي وئي آهي: ”ته جنهن عورت جي
گهر ۾ (حضرت يوسف عليہ السلام) رهندو هو ان عورت
ان کي پنهنجي طرف مائل ڪرڻ چاهيو.“
بيبي زليخا جيڪو محل ٺهرايو، ان کي هڪ بعد ٻيو،
ويندي ڪل 7 ڪمرا بهترين ٺهيل هئا. بيبي زليخا حضرت
يوسف عليہ السلام کي گهرايو ۽ ان کي سينگار ڪرڻ
لاءِ دربارين کي حڪم ڪيو ۽ خود بيبي زليخا جيڪا هڪ
حسن جي ديوي هئي، ان جي منهن مان نور پيو چمڪندو
هو. ان جي باوجود پاڻ به سينگار ڪيو، ڀلا ڪپڙا ۽
ڳهه پهريا ۽ چمڪندڙ هار ڳچيءَ ۾ پاتو ۽ پوءِ حضرت
يوسف کي آندو ويو ته ڄڻ هُو چوڏهين جي چنڊ مثل ٿي
دروازي تي پهتو جنهن جي حشمت عطارد جهڙي هئي.
(عطارد هڪ سيارو آهي جنهن کي دبيرالفلڪ به چيو
ويندو آهي. هيءُ سيارو ٽئين آسمان تي آهي. سج جي
چوگرد ڦرڻ وارن سيارن مان هيءُ سيارو سج کي وڌيڪ
ويجهو آهي، ان جو قطر 38000 ميل ۽ سج کان ان جو
فاصلو 3 ڪروڙ 60 ميل آهي ۽ سج جي گرد 88 ڏينهن ۾
پنهنجو هڪ چڪر پورو ڪري ٿو.) بيبي زليخا کيس بيت
السرور جي پهرين ڪمري ۾ وٺي آئي ۽ ان جو تالو بند
ڪري، پوءِ ٻئي ڪمري ۾ وٺي آئي، آخر دروازا بند
ڪندي آئي ۽ اچي ستين ڪمري ۾ يوسف عليہ السلام وٺي
پهتي ۽ ان جو به دروازو بند ڪيو ۽ پنهنجي خواهش
ظاهر ڪئي ۽ يوسف کي چيو ته منهنجي طرف ڏس ته
منهنجي حسن و جمال جي توکي خبر پئي. ليڪن حضرت
يوسف چيو ته تنهنجي حسن و جمال کي ڏسڻ جو حقدار
صرف تنهنجو مڙس آهي ۽ اهوئي ڪافي آهي. بيبي زليخا
يوسف کي چيو ته هي مڪان مون صرف تنهنجي لاءِ ئي
بنايو آهي ۽ هن جو نالو بيت السرور رکيو ويو آهي.
حضرت يوسف عليہ السلام فرمايو خبردار ائين نه ٿئي
جو هيءُ محل جنهن جو نالو تو بيت السرور رکيو آهي
۽ اهو محل ”بيت الاحزان والتبور“ (ڏکن ۽ هلاڪتن جو
گهر) ۽ جهنم بنجي وڃي. ان ڪشمڪش ۾ هئا ته:
قرآن پاڪ جي ارشاد مطابق:
”۽ بيشڪ ان عورت ارادو ڪيو ۽ هُو به عورت جو ارادو
ڪري ها جيڪڏهن پنهنجي رب پاڪ جو دليل نه ڏسي ها ۽
اسان اهو ئي ڪيو يا ائين ئي ڪيو ته ان کان برائي ۽
بيحيائي ڦيرائي ڇڏيون، بيشڪ هُو اسان جي چونڊيل
ٻانهن مان آهي.“
اگر پنهنجي رب جو برهان (دليل) نه ڏسي وٺي ها.
برهان ڇا آهي: (1) اها حجت باهره جازنا جي قباحت
تي دلالت ڪري ٿي.
(2) ڪي مفسر فرمائين ٿا ته: برهان مان اها مراد
مڪتوب آهي جا يوسف عليہ السلام جن بيت السرور ۾
لکيل ڏٺو ته: لاتقربوالزنا- زنا جي قريب نه وڃو.
(3) ڪي مفسر لکن ٿا ته ان وقت حضرت يوسف کي هڪ
فرشتي چيو ته: اَي يوسف عليہ السلام توهان هي خراب
ڪردار هرگز ادا نه ڪجو، انڪري جو توهان جو اسم
گرامي ته انبيائن جي فهرست ۾ لکجي چڪو آهي.
(4) ڪن مفسرن جو چوڻ آهي ته جڏهن زليخا حضرت يوسف
کي برغلائڻ جي ڪوشش ڪئي ته مٿان ڇت ڦاٽي پئي ته
حضرت يوسف پنهنجي والد حضرت يعقوب عليہ السلام کي
ڏٺو ته هُو پنهنجي آڱر پنهنجي منهن (وات) ۾ دٻائي
ويٺو آهي، جهڙي طرح اسين پنهنجن ٻارن کي ڪنهن
ڳالهه کان روڪيندا آهيون.
حضرت قتاده رضي الله عنه جن فرمائين ٿا ته: جڏهن
حضرت يعقوب عليہ السلام پنهنجي آڱر ڏندن تي رکي ۽
اها نظر آئي ته رب ڪريم سيدنا يوسف عليہ السلام کي
پنهنجي برهان ڏيکاري ۽ پاڻ حضرت يوسف عليہ السلام
برائي ته ٺهيو، پر ارادو ڪرڻ به نه فرمايو.
پوءِ حضرت يوسف چيو ته ”يا الله! ڀڄڻ ڪم منهنجو
ڪلف کولڻ ڪم تنهنجو.“ پوءِ حضرت يوسف دروازن ڏانهن
ڊوڙيو ۽ تالو خود به خود ٽٽندو ويو ۽ دروازو کلندو
ويو. تان جو بيبي زليخا، حضرت يوسف عليہ السلام کي
آخري دروازي تي اچي پهتي ۽ پوئتي هٽائڻ لاءِ کيس
قميص مان ورتو ته قميص ڦاٽي پئي ۽ دروازي تي عزيز
مصر هنن کي ڏٺو. زليخا يڪدم ڊوڙي اچي عزيز مصر کي
چيو ته: ”اَي عزيز مصر! ڏس جنهن کي تو محبت ۽ چاهت
سان پاليو آهي. ان جي جواني تنهنجي عزت جي خلاف ٿي
وئي آهي. هي مون کي بي آبرو ڪرڻ چاهي ٿو. اَي عزيز
مصر! جو شخص تنهنجي گهر واري سان برو ارادو رکي ٿو
ته ان کي يا قيد ڪيو وڃي يا دردناڪ عذاب ڏنو وڃي.
حضرت يوسف ان ڳالهه کان انڪار ڪيو آخر ننڍو ٻار جو
نهايت معصوم هو ۽ زليخا جي عزيزن جو ٻار هو، ان کي
رب ڪريم ڳالهائڻ جي قوت ڏني ۽ ان شاهدي ڏني ته جي
پٺيان قميص ڦاٽل آهي ته زليخا جو ڏوهه آهي جي
اڳيان ڦاٽل آهي ته يوسف جو ڏوهه آهي. ٻار جيڪو
زليخا جي گهر وارن مان هو ۽ ان جي عمر چار مهينا
هئي. ٻار زليخا جو ماروٽ هو. حضرت يوسف بلڪل مطمئن
رهيو. ان ننڍي ٻار اٿي بيهي عزيز مصر جي سامهون
شاهدي ڏني ته:
(1) هر دروازي وٽ ڪلف ٽٽل ڪريو پيو هو.
(2) ڪنجيون زليخا جي کيسي مان نڪتيون.
(3) ڪمرا هڪٻئي پٺيان زليخا ٺهرايا هئا. حضرت يوسف
نه ٺهرايا هئا.
(4) گهر جي ڀاتين کي اڳ ئي خبر هئي ته زليخا حضرت
يوسف سان محبت ڪري ٿي.
(5) زليخا جو منهن زرد، لٿل ۽ گهٻرايل هو جڏهن ته
يوسف عليہ السلام مطمئن نظر پئي آيو.
(6) زليخا پٺيان ڊوڙندي ڇو آئي، ڇو ته يوسف اڳيان
ڊوڙندو ويو ٿي ۽ پٺيان زليخا ڊوڙندي نه بلڪ وڙهندي
اچي ها ته يوسف مطمئن نه هجي ها.
(7) ڪنهن حرڪت لاءِ خريد ڪيل غلام ستن دروازن جا
دروازا بند ڪري نه ٿو سگهي.
(8) زليخا صفائي پيش ڪرڻ جي بجاءِ يوسف کي ڌمڪي
ڏيڻ لڳي ۽ کيس، عزيز مصر کان سزا ڏيارڻ لاءِ چيو.
۽ يوسف گناه کان انڪار ڪيو.
(9) زليخا سينگاريل هئي ليڪن يوسف سادو هو.
بيبي زليخا جو اهو پهريون قُصور هو، نه ته ايتري
عمر نامرد سان گڏ نهايت پاڪدامني ۽ صفائيءَ سان
گذاري انڪري ئي ماڻهن (مردن خواه عورتن) تعجُب
کاڌو ۽ عزيز مصر جو به زليخا تي مڪمل اعتماد هو،
انڪري ئي يوسف جهڙي نوجوان حسين کي پنهنجي گهر ۾
رهايو، نه ته ائين هرگز نه ڪري ها! پر زليخا جي
پاڪدامني ايتري ته مشهور هئي جو ان جي خلاف اها
ڳالهه ٻڌي عورتون به حيرت ۾ پئجي ويون. مولانا
محمد ادريس ڏاهري صاحب لکي ٿو ته جيڪڏهن ڪن عالمن
بيبي زليخا جي خلاف لکيو آهي يا جملا استعمال ڪيا
آهن، ته اها سندن سمجهه جي ڪوتاهي آهي.
هيءَ ڳالهه خاص ڪري امير گهراڻن جي عورتن کي ڏاڍي
ڏکي لڳي ڇاڪاڻ ته ان وقت امير گهراڻن جي غلامن ۽
نوڪرن کي حويليءَ ۾ اچڻ جي اجازت هوندي هئي، انڪري
سڀئي عورتون ان ڳالهه کان خائف رهيون ۽ بيبي زليخا
ڏي طعنا ڏياري موڪليائون. جڏهن زليخا اها حالت ڏٺي
ته هن انهن جي زبان کي روڪڻ لاءِ هڪ تدبير سوچي ۽
شاهي گهراڻي جي هڪ روايت مطابق چاليهن عورتن کي
دعوت طعام ڏياري موڪلي ۽ جڏهن اهي زليخا جي گهر ۾
پهتيون انهن جي ويهڻ جي جاءِ نهايت سينگاريل هئي ۽
انهن لاءِ زليخا اهڙا ته لذيذ کاڌا تيار ڪرايا جو
انهن نه ڪڏهن ڏٺا ۽ نه ڪڏهن ٻڌا هئا. هرطرف کان
نوڪرياڻيون ڦِري رهيون هيون ۽ خدمت چاڪري ڪري
رهيون هيون، مصر جون حسين و جميل 40 عورتون حلقو
ٻڌي مَسند تي ويٺيون هيون، جڏهن انهن جي آڏو کاڌو
رکيو ويو ۽ ان کاڌي سان گڏ ميوا به رکيل هئا ۽ هر
هڪ جي هٿ ۾ ڇري به ڏني وئي هئي.
زليخا حضرت يوسف عليہ السلام کي عجز ۽ نياز سان
عرض ڪيو ته اَي منهنجي اکين جا نور تنهنجي تمنا ۽
عشق منهنجي دل ۾ گهر ڪري ويو آهي. ماڻهن ۾ تنهنجي
محبت جي ڪري خوار ٿي رهي آهيان، مون کي طعنا ملي
رهيا آهن، مان تسليم ٿي ڪيان ته مان تنهنجين نظرن
۾ خوار بلڪ بي اعتبار آهيان ليڪن هن خواري ۽ بي
اعتباريءَ سان مون کي مصري عورتن جي سامهون وڌيڪ
رسوا ۽ شرمسار نه ڪيو. زليخا جي عجز ۽ نياز وارين
ڳالهين جي سبب يوسف عليہ السلام جي دل ذرا نرم ٿي
۽ زليخا حضرت يوسف کي بهترين پوشاڪ پهرائي. سندس
چيلهه جيڪا نهايت سنهي هئي ان تي سونو ڪمربند ٻڌو.
مٿي مبارڪ تي هيرن جواهرن ۽ موتين سان جڙيل تاج
رکيو، جنهن مان دل کي خوش ڪندڙ هزارين ترورا ۽
چمڪاٽ نظر اچي رهيا هئا ۽ جوتي تي لعل ۽ موتي لڳل
هئا، پوءِ زليخا، يوسف عليہ السلام کي عرض ڪيو ته
انهن سڀني جي سامهون نڪري اچو، پوءِ زليخا عورتن
کي چيو ته ميوا ڪٽي کائو. ايتري ۾ يوسف عليہ
السلام جن ٻاهر نڪتا ته عورتن پنهنجا هٿ وڍي ڇڏيا.
منبه پنهنجي پيءَ کان روايت آندي آهي ته جن عورتن
هٿ وڍيا هئا، انهن مان 19 مري ويون. باقي جيڪي 21
بچيون، اهي يوسف عليہ السلام جي پويان لڳيون ۽ کين
عرض ڪيائون ته اسين به مصر جون حسينائون آهيون.
تون زليخا کي پنهنجو ڪر يا اسان مان جيڪا توکي
پسند اچي، ان سان پيار ڪر!
ليڪن يوسف عليہ السلام ڪنهن ڏانهن به اک کڻي نه
ڏٺو، پوءِ انهن عورتن هار کائڻ بعد زليخا سان گڏجي
فيصلو ڪيو ته عزيز مصر کي چيئون ته يوسف جيل جو
حقدار آهي ۽ کيس جيل موڪليو وڃي، آخر عزيز مصر
پنهنجي ناموس بچائڻ لاءِ يوسف عليہ السلام کي جيل
موڪليو ۽ ان سان گڏ ٻن ٻين شخصن جن تي اهو الزام
لڳايو ويو ته هنن کاڌي ۾ زهر ملائي عزيز مصر ۽
بادشاهه کي ختم ڪرڻ ٿي چاهيو، انهن مان هڪ انگورن
مان رس ڪڍندو هو ۽ ٻيو بورچيخانو سنڀاليندو هو.
حضرت يوسف کي جيل واري ڳالهه پسند آئي ڇاڪاڻ ته
جڏهن مصر جي حسينائن خلوت ۾ هر هڪ يوسف عليہ
السلام کي برائيءَ جي دعوت ڏني ته يوسف عليہ
السلام دعا گهري هئي ته:
”اَي پروردگار جنهن ڪم جي لاءِ هيءُ عورتون مون کي
دعوت ڏين ٿيون، ان جي مقابلي ۾ مون کي قيد وڌيڪ
پسند آهي. اگر تون مون کان انهن جي فريب کي نه
هٽائيندين ته مان انهن جي فريب ۾ اچي ويندس ۽
نادانن ۾ داخل ٿي پوندس. جيتوڻيڪ عزيز مصر کي به
خبر هئي ته حضرت يوسف عليہ السلام جو ڪردار بي داغ
آهي، تنهن هوندي به ان خواريءَ کان بچڻ جي لاءِ ۽
عورت جي خواهش تي حضرت يوسف کي جيل موڪلڻ جو حڪم
صادر ڪيو هو.“
نقل آهي ته عزيز مصر جا ٽي قيد خانا (جيل) هئا:
(1) سجن العذاب- هڪ تهه خانو هو، جنهن ۾ نانگ ۽
وڇون هوندا هئا ۽ رات ڏينهن اونداهه هئي.
(2) سجن القتل- اهو به زمين جي اندر 40 گز هو.
بادشاهه جنهن تي سخت ناراض ٿيندو هو ته ان کي ان
جيل ۾ وڌو ويندو هو جو تهه تائين پهچڻ کان اڳ مري
ويندو هو.
(3) سجن العافيت: اهو محل جي بلڪل ويجهو هو ۽ جنهن
۾ پنهنجي خاص ماڻهوءَ تي ناراضگيءَ جي صورت ۾ ان
کي ان جيل ۾ وڌو ويندو، هيءُ جيل زمين تي چند جاين
تي مشتمل هو.
حضرت يوسف عليہ السلام کي سجن العافية ۾ وڌو ويو
هو. ليڪن جيل موڪلڻ کان اڳ ۾ زليخا جيل خانه جي
عملدار کي نئون جدا مڪان تيار ڪرڻ جو حڪم ڪري ڇڏيو
هو. جڏهن حضرت يوسف عليہ السلام جيل ۾ اندر داخل
ٿيو ته
بسم الله الرحمٰن الرحيم پڙهي اندر داخل ٿيو ته
اتي موجود سڀ قيدي سندس زيارت لاءِ اچي گڏ ٿيا.
يوسف عليہ السلام زمين تي ويهي روئڻ لڳو ته جبرئيل
عليہ السلام نازل ٿيو ۽ کيس چيائين ته اَي يوسف
عليہ السلام توهان ته جيل ۾ اچڻ لاءِ دعا گهري هئي
ته پوءِ روئڻ ڇا لاءِ! حضرت يوسف عليہ السلام چيو
ته جيل جي خوف کان نه ٿو روئان بلڪ ان لاءِ ٿو
روئان ته نماز پڙهڻ جي جاءِ نه آهي. حضرت جبرئيل
الله پاڪ جي حڪم سان کيس ٻڌايو ته توکي جيل خانه ۾
عام اجازت آهي جتي چاهين نماز ادا ڪري سگهين ٿو.
الله تعاليٰ تنهنجي خاطر جيل خاني جي اندر ٻاهر جي
چاليهه گز زمين پاڪ ڪري ڇڏي آهي ۽ يوسف عليہ
السلام نماز جي هڪ جڳهه مقرر ڪئي ۽ صرف جمع جي رات
جيل خاني جي دروازي وٽ نماز ادا ڪندو هو.
قيدخاني ۾ ٻن قيدين خواب ڏٺو. هڪ بيان ڪيو ته هو
خواب ۾ شراب نپوڙي رهيو آهي. ٻئي ڏٺو ته سندس مٿي
تي ماني آهي، جنهن کي پکي پيا کائين. انهن حضرت
يوسف عليہ السلام کان تعبير پڇيو ۽ حضرت يوسف عليہ
السلام پهريائين انهن کي الله پاڪ جي وحدانيت ۽
دين جي دعوت ڏني ۽ پوءِ تعبير ٻڌايو ته هڪڙو وڃي
بادشاهه کي شراب پياريندو ۽ ٻيو ڦاهيءَ چڙهندو ۽
ان کي پکي کائيندا. پهريون خاموش رهيو جڏهن ته ٻئي
ڦاهيءَ واري چيو ته اسان خواب ڏٺو ئي نه آهي ۽ کلڻ
لڳا. يوسف عليہ السلام چيو ته منهنجي زبان مان
جيڪي الفاظ نڪري ويا، اهي تقدير جو فيصلو بنجي
ويا. واقعي انهن خواب ڪو نه ڏٺو هو ليڪن قدرتي
فيصلو ٿي ويو. پوءِ اهي جنهن وقت آزاد ٿيا ته بچڻ
واري قيديءَ کي چيائين ته بادشاهه سان منهنجي
بيڏوهي هئڻ جو سارو احوال ڪجانءِ پوءِ شيطان ان
کان اها ڳالهه وسارائي ڇڏي. واقعي ٿيو به ائين جو
هڪ ڦاسيءَ تي چڙهي ويو ۽ باقي هڪ بچي ويو ليڪن ان
کان حضرت يوسف عليہ السلام واري ڳالهه بلڪل وسري
وئي. بادشاه خواب ڏٺو ته هڪ سُڪل ۽ خشڪ نهر مان
سَتَ ٿلهيون ڳئون نڪتيون ۽ ڪناري تي اچي بيٺيون ته
اتي اڳ ئي سَتَ ڏٻريون ڳئون بيٺيون هيون جن ٿلهين
ڳئن کي ساري جو سارو کائي (ڄڻ ڳهي ويون) ويون. ۽
سَتَ ساوا سنگ ۽ سَتَ سُڪل سنگ ڏٺا جڏهن سڪل سنگ
ساون سنگن کي لڳا ته ساوا سنگ به سڪي ويا. هيءُ
بادشاهي خواب هو ان جي تعبير جو اهتمام به ايترو
ڪيو ويو ليڪن ڪنهن به نجوميءَ خواب جو تعبير نه
ٻڌايو صرف ايترو چيائون ته خواب تمام خراب آهي.
پوءِ خواب جو تعبير جڏهن ناممڪن ٿيو ته جيل مان
آزاد ٿيل ٻن شخصن مان بچي ويل شخص کي يوسف عليہ
السلام واري ڳالهه ياد اچي وئي ۽ هن بادشاهه سان
ڳالهه ڪئي ۽ ٻڌايو ته يوسف ئي هن خواب جو تعبير
ڪري سگهي ٿو، پوءِ بادشاهه هن کي حضرت يوسف عليہ
السلام ڏانهن تعبير لاءِ موڪليو. حضرت يوسف تعبير
اهڙي نموني ڪرڻ شروع ڪيو جو الله پاڪ جي طرفان عطا
ڪيل علم ۽ حڪمت جا دفتر کلي پيا. صرف خواب جو
تعبير ئي نه ٻڌايائين، پر نظام سلطنت جو پورو نظام
قانون سمجهائي ڇڏيائين.
خواب جو تعبير: اَي مصر وارؤ اوهان 7 سال مسلسل
پوک پوکيندؤ، هر قسم جي پوک ڪڻڪ، ٻاجهري، جوئر،
ساريون، مڪئي ۽ باغات وغيره. انهن مان سنگن ۾ رهڻ
جهڙا اناج سنگن ۾ ئي ڇڏي سرڪاري گدامن ۾ گڏ ڪرائجو
۽ صرف ايترو کڻجو جيترو کائي سگهو. تجربو آهي ته
جيستائين اناج سنگن ۾ هوندو، ته نه پراڻو ٿيندو ۽
نه ان کي ڪيڙو وغيره لڳندو. ان بعد اهڙا 7 سال سخت
ايندا (يعني ڏڪار وارا) پوءِ وري سڪار وارا سال
ايندا. اهڙا مينهن وسندا جو پوکون ڀليون ٿينديون
اهڙا ميوا ٿيندا جو ماڻهو انگور نپوڙي انهن مان رس
ڪڍندا.“
بادشاهي سفير خواب جو تعبير حضرت يوسف عليہ السلام
کان ٻڌي اچي بادشاه کي ٻڌايو. بادشاهه ڏٺو ته حضرت
يوسف عليہ السلام نه صرف خواب جو تعبير ٻڌايو آهي
بلڪ تدبير به ٻڌائي آهي ۽ گڏوگڏ خوشخبري به ڏني
آهي، جنهن مان حضرت يوسف عليہ السلام جي علمي ڪمال
۽ وسعت معلومات ۽ انتظامي صلاحتين جي خبر پئي ٿي.
پوءِ بادشاهه قاصد کي چيو ته حضرت يوسف عليہ
السلام کي جيل مان وٺي اچ. ڪن مفسرن حضورپاڪ صلي
الله عليہ وسلم جن جي هڪ حديث مبارڪ بيان ڪندي
لکيو آهي ته حضور پاڪ جن فرمايو ته: ”اخي يوسف
عليہ السلام تي الله تعاليٰ رحم فرمائي جو هو اگر
اَذکرني عندربک (منهنجو ذڪر ڪجانءِ پنهنجي مربيءَ
وٽ) انهن ٻنهي آزاد ٿيندڙن مان (جيڪي حضرت يوسف
عليہ السلام سان جيل ۾ گڏ هئا) هڪ کي نه چئي ها ته
هو جيل ۾ 5 سالن کانپوءِ 7 سال وڌيڪ جيل ۾ نه رهي
ها.“ حضرت يوسف عليہ السلام اذکرني عند ربلڪ جي
اعداء حروف ابجد جي مطابق 12 سال جيل ۾ رهيو.
جڏهن ساڻس جيل ۾ رهندڙ ٻن شخصن 5 سال رهڻ بعد خواب
ڏٺو ۽ پوءِ هو آزاد ٿي ويا ته ان وقت حضرت يوسف
عليہ السلام چيو (هڪ کي) اذکرني عندربک ته ان بعد
7 سال وڌيڪ جيل ۾ رهيو. ڪن مفڪرن ان حديث کي ضعيف
قرار ڏيندي حضرت يوسف عليہ طرفان اذکرني عندربک
چوڻ کان انڪار ڪيو آهي ته حضرت يوسف عليہ السلام
ائين نه ٿي چئي سگهيو ڇاڪاڻ ته سندن الله تي وڌيڪ
توڪل هئي ۽ پاڻ عورتن جي ڦندي ۾ ڦاسڻ کان جيل وڃڻ
جي دعا گهري هئي.
بادشاهه خواب جي تعبير ٻڌڻ بعد قاصد کي حڪم ڪيو ته
حضرت يوسف کي آزاد ڪري منهنجي سامهون آندو وڃي ۽
قاصد حضرت يوسف عليہ السلام کي اچي عرض ڪيو ته
حضرت اوهان کي بادشاه آزاد ڪري ڇڏيو آهي ۽ پنهنجي
دربار ۾ اچڻ جي دعوت ڏني آهي، ته حضرت يوسف عليہ
السلام چيو ته: ”مان هن قيدخاني کان ٻاهر قدم نه
رکندس، جيستائين منهنجي مقدمي جي تحقيق نه ڪئي
ويندي.“
حضرت مولانا جامي رحمت الله عليہ جن فرمايو آهي
ته:
(1) بگفتامن چه آيم سوئي شاهي، که چون من بي کس
رابي گناهي.
يعني اَي بادشاه مان تو ڏي ڪيئن اچان
(2) بزندان سالها محبوس کردست- ز آثار کرم مايوس
کر دست.
يعني (توهان) مون کي هڪ عرصي تائين قيد ۾ رکيو ۽
پنهنجي آثار ڪرم کان محروم رکيوَ.
(3) اگر خواهد که من بيرون نهم پائي- ازين غمخانه
کو ارل بفرمائي
يعني اگر هو (بادشاهه) چاهي ٿو ته ان کي چئو ته
مان جيل کان ٻاهر اچان ته هن غمخانه کان نڪري اچان
ته ان کي چئو ته (4) که آناني که جون دويم بدبدند
نصيرت در رحم کفها بريدند.
انهن عورتن کي حڪم فرمائي جن منهنجو مُنهن ڏسي
حيرت مان پنهنجا هٿ ڪٽيا.
(5) که جرم من چه بود ازمن ديدند- چرا رختم سوئي
زندان کشيدند
يعني ان کان پڇو ته ان ڪهڙو منهنجو گناهه ڏٺو،
جنهن سبب ان مون کي جيل موڪلي ڇڏيو.
(6)بودکين سرشود برشاه روشن- که پاکست ازخيانت
دامن من
يعني- اهو به ان لاءِ ته جيئن بادشاهه جي سامهون
واضح ٿي وڃي ته برائيءَ کان منهنجو دامن پاڪ آهي.
(7) مرا به گرزنم ثقب خزائن- که هاشم درفراش خانه
خائن
يعني- مان چوري ڪرڻ کي ترجيح ڏيان ٿو. نسبت ان
گناهه جي ته بادشاهي حرم خاني ۾ خيانت ڪيان.
(يوسف زليخا فيوض رحمٰن پاره 12- ص 867)
قرآن حڪيم ۾ آهي.
ترجمو: ”جڏهن قاصد ان (يوسف) وٽ ويو ته ان چيو ته
پنهنجي آقا وٽ واپس وڃ ۽ ان کان پڇو ته انهن عورتن
جو ڇا حال آهي، جن پنهنجا هٿ وڍي ڇڏيا هئا. بيشڪ
منهنجو پروردگار انهن جي مڪرن ۽ فريبن کان خوب
واقف آهي.“
بادشاهه، قاصد جي احوال تي انهن عورتن ۽ بيبي
زليخا کي دربار ۾ گهرايو ۽ کانئن پڇيائين: اوهان
جڏهن يوسف کان نفساني خواهش طلب ڪئي ته ان وقت
اوهان جو معاملو ڪيئن هو؟ عورتن چيو ته الله لاءِ
پاڪائي آهي ته اسان کي ان لاءِ برائيءَ جو علم نه
آهي ۽ نه برائي محسوس ٿي. پوءِ زليخا به چيو ته:
ترجمو: عزيز جي زال چيو ته هينئر حق ظاهر ٿيو آهي،
مون ان کان نفساني خواهش طلب ڪئي هئي ۽ يقينن اهو
سچن مان آهي. ۽ چيائين ته منهنجي غلطي آهي، مان
غلطيءَ جو اقرار ڪريان ٿي. يوسف پاڪ، صاف ۽ سچن
ٻانهن مان آهي، ان جو ڪوبه قصور نه آهي.
عورتن ۽ بيبي زليخا جي اقرار بعد بادشاهه حضرت
يوسف عليہ السلام کي گهرايو. بادشاهه جو نالو ريان
بن وليد هو. يوسف عليہ السلام جيل مان نڪرڻ وقت
سڀني جيل وارن لاءِ هيءَ دعا گهري.
ترجمو: يا الله انهن مان سٺن ٻانهن جون دليون نرم
فرماءِ
جيل جي دروازي تي لکيائين:
ترجمو: هي آزمائش جون منزلون ۽ جيئرن جون قبرون،
دشمنن جون خواريون ۽ دوستن کي آزمائڻ جا ذريعا
آهن، حضرت يوسف عليہ السلام، بادشاه جي دربار تي
اچي فرمايايو:
ترجمو: ”يعني مون لاءِ منهنجو رب مخلوق جي شر کان
ڪافي آهي، ان جي پناهه غالب ۽ ثنا وڏي آهي. ان
کانسواءِ ڪو به عبادت جي لائق نه آهي.“
حضرت يوسف عليہ السلام عربيءَ ۾ سلام ۽ عبرانيءَ ۾
دعا گهري ته بادشاهه حضرت يوسف عليہ السلام کي چيو
ته هي ڪهڙيون ٻوليون آهن؟ حضرت يوسف عليہ السلام
جواب ڏنو ته هيءُ عربي ۽ عبراني ٻوليون آهن. پوءِ
بادشاه حضرت يوسف عليہ السلام کان روبرو خواب جو
تعبير ٻڌو ته حيرت ۾ پئجي ويو. ۽ پوءِ بادشاهه
جيڪو 70 ٻوليون ڄاڻندو هو، تنهن حضرت يوسف عليہ
السلام کان انهن 70 ٻولين ۾ سوال پڇيا ۽ جنهن
ٻوليءَ ۾ بادشاهه سوال ڪيو ٿي ته حضرت يوسف عليہ
السلام ان ئي ٻوليءَ ۾ کيس جواب ڏنو ٿي. واضح رهي
ته حضرت يوسف عليہ السلام 900 ٻوليون زمين وارن
انسانن جون ڄاڻندو هو، 900 ٻوليون آسمانن وارن جون
ڄاڻندو هو. 900 ٻولين پکين جون ۽ 900 ٻولين ڪيڙن ۽
جيتن جون ڄاڻندو هو.
حضرت مجاهد فرمايو آهي ته بادشاهه، حضرت يوسف عليہ
السلام وٽ دين حق کي قبول ڪري مسلمان ٿيو ۽ ان سان
گڏ بيشمار ٻين ماڻهن به دين حق قبول ڪيو ان لاءِ
جو حضرت يوسف عليہ السلام انهن ماڻهن ڏانهن نبي
ڪري موڪليو ويو هو.
مصر جي بادشاهه حضرت يوسف عليہ السلام کي چيو ته
اَي سچا بزرگ توهان اڄ کان پوءِ اسان وٽ وڏي مرتبي
۽ وڏي عزت ۽ وڏي مَانَ وارا ٿي رهندا ۽ اسان توهان
کي هر معاملي ۾ امين مقرر ڪري ڇڏيون ٿا، ته حضرت
يوسف عليہ السلام فرمايو ته مون کي پنهنجي ملڪي
خزاني تي مقرر ڪيو (يعني وزير خزانه بنايو) بيشڪ
مان ان خزاني جي حفاظت ڪرڻ ۽ ملڪي معاملات کان
پوريءَ طرح واقف آهيان. بادشاهه، حضرت يوسف عليہ
السلام کي خزانن جو مالڪ بنائي ڇڏيو. ان سال ئي
قطفير، عزيز مصر وفات ڪئي.
هڪ طرف حضرت يوسف عليہ
السلام خزانن جو مالڪ بنجي ويو ۽ هن زراعت تي وڏو
ڌيان ڏنو ۽ آبادگارن کي گهڻو ڪجهه نوازيو ته هو
زراعت جو ڪم زور ۽ ڌيان سان ڪن. ته ٻئي طرف بيبي
زليخا عزيز مصر جي وفات بعد محل ڇڏي هڪ هنڌ وڃي
اڪيلائپ ۾ جهوپڙي اڏي حضرت يوسف عليہ السلام جي
ياد ۾ (يعني اصلي عزيز مصر جي ياد ۾) وڃي رهي ۽
پنهنجي ملڪيت، هيرا، ياقوت وغيره يوسف جي نالي تي
ضرورتمندن ۾ ورهايا. ۽ پنهنجو سڀ ڪجهه لٽائي
ڇڏيائين.
جڏهن زليخا تنگ ٿي پئي ته پنهنجي ”بُتَ“
جنهن جي هوءَ عبادت ڪندي هئي، ان کي چيائين ته
توکي مون تي رحم نه آيو ۽ منهنجي ڪهڙي حالت ٿي وئي
آهي تو منهنجي ڪا به مدد نه ڪئي. هاڻي مان توکان
بيزار آهيان، ائين چئي ”بُتَ“ کي اُڇلائي ڇڏيائين.
حضرت يوسف عليہ السلام جو ڪلمون پڙهيائين ۽ چيائين
ته مان ان خداوند ڪريم تي ايمان آڻيان ٿي جو حضرت
يوسف جو رب آهي ۽ ان بعد صبح شام الله تعاليٰ جي
ذڪر ۾ مشغول رهي. ان بعد حضرت يوسف عليہ السلام
حسب دستور گهوڙي تي سوار ٿي اچي رهيو هو ته زليخا
هيءُ لفظ چيا:
ترجمو: ”يعني پاڪ آهي اها ذات، جنهن بادشاهن کي
گناهن جي شامت جي ڪري غلا ۽ غلامن کي عبادت ۽
اطاعت جي برڪت سان بادشاهه بنائي ڇڏيو.“ الله
تعاليٰ هَوا کي حڪم ڪيو ته زليخا جا اهي لفظ يوسف
جي ڪنن ۾ پهچاءِ ۽ حضرت يوسف عليہ السلام جي ڪنن ۾
بيبي زليخا جا مٿيان لفظ پهتا. جن مٿس اهڙو اثر
ڪيو جو سندس اکين مان ڳوڙها وهي نڪتا ۽ زليخا جا
لفظ ٻڌي هڪ غلام کي حڪم ڪيائين ته پوڙهيءَ جو مقصد
پورو ڪر. غلام زليخا وٽ پهچي کيس چيو ته توهان جي
ڪهڙي حاجت آهي؟ ته زليخا فرمايو ته منهنجو ڪم يا
حاجت صرف يوسف عليہ السلام ۾ آهي ۽ پوڙهي (زليخا)
کي غلام قصرِ شاهي ۾ پهچايو. حضرت يوسف عليہ
السلام جڏهن (ٻاهران) گهر موٽي آيو ته بادشاهي
ڪپڙا لاهي دُرويشانه ڪپڙا پهري عبادت الهٰيءَ ۾
مشغول ٿي ويو، ته اتي هن کي پوڙهي ياد آئي ۽ غلام
کي گهرائي کانئس پڇيائين ته پوڙهيءَ جي حاجت پوري
ڪئي؟ غلام وراڻيو ته پوڙهي چئي پئي ته منهنجو ڪم
صرف يوسف پورو ڪري سگهي ٿو. انڪري مان ان پوڙهيءَ
کي توهان جي محل شاهيءَ ۾ اچي وهاريو آهي. پوءِ
يوسف عليہ السلام غلام کي فرمايو ته پوڙهيءَ کي
وٺي اچ. پوڙهي حاضر ٿي چيو ته اسلام عليڪم! يوسف
عليہ السلام جيڪو ڪنڌ جهڪائي ويٺو هو تنهن تي رقت
طاري ٿي وئي ۽ وعليڪم السلام چئي فرمايائين اَي
پوڙهي مون کي اُهي ئي لفظ ورائي ٻڌاءِ جيڪي هَوا
جي ذريعي منهنجن ڪنن تائين پهتا هئا. بيبي زليخا
چيو ته مون عرض ڪيو هو ته:
ترجمو: حضرت يوسف عليہ السلام فرمايو: سَچ ئي سچ
آهي ليڪن هاڻي ٻڌاءِ تنهنجو ڪهڙو ڪم آهي؟ زليخا
عرض ڪيو ته حضرت توهان جلدي مون کي وساري ڇڏيو؟ ته
يوسف عليہ السلام فرمايو ته توهان ڪير آهيو. مان
توهان کي نه سڃاتو! زليخا چيو ته مان اهو انسان
آهيان جو جڏهن مون توکي ڏٺو ته سڀڪجهه وساري صرف
توکي ئي چونڊيم ۽ توهان لاءِ ساري جواني ۽ خزانا
ختم ڪري ڇڏيم. مان اها ئي زليخا آهيان، تنهنجي
جدائيءَ جي ڪري مون لاءِ دنيا مصيبت جو گهر بنجي
وئي آهي.
زليخا جو حال ٻڌي حضرت يوسف روئي ڏنو ۽ کيس چيائين
ته زليخا تنهنجو حسن وڪمال ۽ شاهي حشمت ڪيڏانهن
وئي. زليخا چيو ته مون کان ان ذات سڀ ڪجهه کسي
ورتو، جنهن توکي قيدخاني مان ڪڍي هن وڏي بادشاهيءَ
جو مالڪ بنائي ڇڏيو آهي.
حضرت يوسف عليہ السلام چيو ته زليخا ڇا ضرورت آهي.
زليخا عرض ڪيو ته ضرورت پوري ڪندين؟ حضرت يوسف چيو
ته انشاءَ الله تعاليٰ پوري ڪندس! زليخا عرض ڪيو
ته منهنجون ٽي ضرورتون آهن.
(1) الله تعاليٰ کان دعا گهرو ته منهنجون اکيون
واپس اچن يعني نظر واپس اچي.
(2) منهنجو اڳوڻو حسن و جمال واپس اچي
(3) مون کي وري جواني اچي.
حضرت يوسف عليہ السلام دعا گهري ته زليخا جون
اکيون روشن ٿي ويون، حسن ۽ جمال به واپس اچي ويس ۽
نوجوان ٿي پئي. پوءِ زليخا وري عرض ڪيس ته توهان
هاڻي مون سان نڪاح ڪيو. ان تي حضرت يوسف عليہ
السلام خاموش ٿي پنهنجو مٿو مبارڪ جُهڪائي ويٺو ته
جبرئيل عليہ السلام نازل ٿيو ۽ حضرت يوسف عليہ
السلام کي فرمايائين ته الله تعاليٰ توهان لاءِ
سلام ڏنا آهن ۽ فرمايو آهي ته زليخا جي اها آرزو
(نڪاح ڪرڻ واري) به پوري ڪر. اڄ تائين زليخا توکي
تدبير ۽ حيلي سان حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ليڪن
محروم رهي ۽ هاڻي هيءَ مون (الله) کان گهري ٿي ۽
تنهنجي ئي ڪري تنهنجي الله تي ايمان آندائين،
انڪري ان جي اُميد پوري ڪر. حضرت يوسف عليہ السلام
اهو رباني حڪم ٻڌي بادشاهه سان ڳالهه ڪئي ۽
بادشاهه مصر جي سمورن اميرن کي دعوت ڏئي وليمو
ڪيو. جنهن ۾ ملائڪ به شريڪ ٿيا ۽ ملائڪ گهوٽ-
ڪنوار لاءِ بهشتي وڳا کڻي آيا ۽ عرض ڪيائون ته
الله تعاليٰ هي ڪپڙن جا جوڙا موڪليا آهن ۽ شادي
مبارڪ به ڏني آهي ۽ اهڙي طرح الله جي حڪم سان حضرت
يوسف عليہ السلام جو بيبي زليخا سان نڪاح ٿي ويو.
حضرت يوسف عليہ السلام جي تاجپوشي: حضرت ابن عباس
رضي الله عنہ جن کان روايت آهي ته جڏهن سال کان هڪ
ڏينهن وڌيڪ ٿيو ته بادشاهه ”جشن شاهانه“ ملهايو ۽
ان ۾ حضرت يوسف عليہ السلام کي گهرائي هڪ سوني تخت
تي وهاريو جنهن تي موتين ۽ ياقوتن جو جڙاءُ هو. ان
سوني تخت جي ڊيگهه 30 هٿ ۽ ويڪر 10 هٿ هئي ان تي
ٽيهه بهترين قالين وڇايل هيون ۽ انهن جي مٿان 7
سنهيون چادرون وڇايل هيون ۽ پاسن کان ريشم لڳل
هئس. حضرت يوسف عليہ السلام جو رنگ برف وانگر ۽
چهرو مبارڪ چوڏهين جي چنڊ وانگر چمڪندڙ هو. تخت تي
ويهڻ کانپوءِ يوسف عليہ السلام کي تاج پهرايو
ويو. ۽ سندس ڪلهن تي بادشاهه پنهنجي تلوار رکي ۽
نيازمندي ۽ عقيدت سان کيس تمام بادشاهي ڪنجيون
سندس حوالي ڪيون. ان وقت مصر جي گاديءَ جو هنڌ
ممفس (منف) هو، جنهن جا آثار اڄ به قاهره جي ڏکڻ ۾
14 ميلن جي مفاصلي تي ملن ٿا. (تفسيرالقرآن (جلد
ٻيون)، صفحو 424- ابولاعليٰ مودودي.)
جڏهن حضرت يوسف عليہ السلام مصر ۾ آيو هو ته ان
وقت راڄڌاني جو هنڌ ”عميسس“ هو جو تهذيب وتمدن جو
وڏو مرڪز هو. اهو شهر ان هنڌ ئي هو جتي هن وقت
”صان“ جو شهر آهي. ان هنڌ عميسس جو محل وقوع
اڀرندي طرف نيل نديءَ جي ڀرسان هو. (قصص القرآن- ص
288)
تاجپوشي بعد حضرت يوسف عليہ السلام 7 سالن ۾ ملڪي
معيشت کي ترقي وٺرائڻ تي زور ڏنو، خاص ڪري اناج
وارن فصلن تي زور ڏنو. ۽ هارين کي وڌ ۾ وڌ سهولتون
ڏنيون ۽ هر سال پيدائش مان گهربل اناج کان بچندڙ
اناج جي حفاظت لاءِ اناج کي انهن ئي سنگن ۾ رکڻ جو
حڪم جاري ٿيندو رهيو ۽ ان اناج لاءِ حضرت يوسف
عليہ السلام نوان- پراڻا گدام ڀرائي ڇڏيا. ۽ ملڪ
خوشحال ٿي ويو. خير خوشيءَ سان 7 سال سڪار وارا
ختم ٿي ويا ۽ هاڻي وري 7 سال ڏڪار وارا آيا جن ۾
برسات بند ٿي وئي ۽ سرسبز علائقن مان ڌوڙ اڏامڻ
لڳي، زرخيز زمينون بنجر بڻجي ويون. حضرت يوسف عليہ
السلام جي تدبير سان جيڪو اناج گودامن ۾ سنگن ۾ ئي
محفوظ رکيو ويو هو، اهو راشن بنديءَ تي هلايو ويو
۽ ملڪي ضرورت پوري ڪرڻ سميت ٻاهرين ملڪن جي ضرورتن
کي پڻ مناسب قيمت تي ڏنو ويو. انهن ملڪن ۾ ڪنعان
جو علائقو پڻ ڏڪار جي پيٽ ۾ اچي ويو هو. ڪنعان مان
حضرت يوسف عليہ السلام جا ڀائر پڻ اناج خريد ڪرڻ
لاءِ مصر پهتا. انهن حضرت يوسف عليہ السلام کي ڪو
نه سڃاتو. ڇاڪاڻ ته هنن جي گمان ۾ به اها ڳالهه ڪا
نه هئي ته يوسف عليہ السلام سون چٽيل ڪرسيءَ تي
ويٺل هوندو، حضرت يوسف جي ڀائرن کي عمده جاءِ تي
وهاريو ويو. دستر خوان تي قسمين قسمين کاڌا رکرائي
انهن کي کارايا ويا. حضرت يوسف راشن جو انتظام ۽
نظرداري پنهنجي هٿ هيٺ رکي هئي. جيئن ته حضرت يوسف
جا ڀائر ڏهه هئا انڪري هنن کي ڏهه اُٺَ اناج جا
ڏنائين، جڏهن ته ڀائرن يارهين ڀاءُ لاءِ به اناج
گهريو جنهن لاءِ يارهون اُٺُ به ڪاهي آيا هئا،
پوءِ حضرت يوسف ته حال احوال مان سڀڪجهه سمجهي ويا
هئا. ليڪن هنن کي چيائين ته هن وقت مان اوهان کي
يارهين ڀاءُ جو حصو ڏيان ٿو ليڪن آئنده ان ڀاءُ کي
به وٺي اچجو، نه ته وري اوهان کي اناج نه ڏنو
ويندو. ۽ حضرت يوسف پنهنجن دربارين کي چيو ته هنن
ڪنعانين جي رهواسين اناج جو جيڪو معاوضو ڏنو آهي،
اهو به انهن جي اناج ۾ وجهي ڇڏيو ۽ دربارين ائين
ئي ڪيو. جڏهن حضرت يوسف جا ڀائر پنهنجي ڳوٺ پهتا ۽
اُٺَن تان سامان لاٿائون ته ڏٺائون ته هنن جيڪو
اناج جو معاوضو ڏنو هو، اهو به اناج مان نڪتو.
پوءِ جڏهن وري ٻيو ڀيرو اناج وٺڻ لاءِ يوسف جي
ڀائرن تياري ڪئي ته هنن حضرت يعقوب عليہ السلام کي
عرض ڪيو ته ابا جان! بنيامين کي اجازت ڏيو ته وڌيڪ
اناج ملندو حضرت يعقوب عليہ السلام پهريان انڪار
ڪيو ليڪن گهڻين منٿن ميڙن بعد حضرت يعقوب عليہ
السلام بنيامين کي مصر ولايت وڃڻ جي اجازت ڏني ۽
يارنهن ڀائر ئي اچي مصر پهتا ته حضرت يوسف عليہ
السلام کين عزت ڏني ۽ طعام کارائڻ وقت ٻه ٻه ڪري
وهارڻ جو حڪم ڪيائين جڏهن ٻيا سڀئي ٻه ٻه ٿي ويٺا
ته بنيامين اڪيلو ٿي ويٺو ۽ روئي رهيو هو ته ڪاش
منهنجو ڀاءُ يوسف زنده هجي ها ته مان به ان سان گڏ
وهان هان ۽ گڏجي کاڌو کائون هان پوءِ حضرت يوسف
بنيامين کي پاڻ سان وهاريو ۽ پاڻ سان گڏ کاڌو
کارايو ۽ پوءِ حڪم ڪيائين ته ٻه ٻه هڪ هڪ ڪمري ۾
سمهن (آرام ڪن) ۽ بنيامين اڪيلو آهي، انڪري ان کي
منهنجي حوالي ڪيو. پوءِ بنيامين حضرت يوسف عليہ
السلام سان گڏ رهيو ۽ کيس ٻڌايائين ته مان تنهنجو
ڀاءُ يوسف آهيان ۽ سڄو احوال ڀائرن جو کيس
ٻڌايائين ۽ صبر جي تلقين ڪيائين. ۽ کانئس والد
صاحب ۽ گهرو حالات جي سڄي خبر ورتائين. ان بعد
حضرت يوسف بنيامين کي چيو ته واپس ڀائرن ڏي هليو
وڃ. بنيامين انڪار ڪيو، پوءِ صلاح مشوره بعد
بنيامين ڀائرن ڏي ويو ۽ جڏهن حضرت يوسف جا ڀائر
ڪنعان واپس ٿي رهيا هئا ته بنيامين جي سامان ۾
شاهي پيالو حضرت يوسف رکرائي ڇڏيو. جڏهن قافلو
ڪجهه اڳتي نڪتو ته پوئتي اهلڪارن ڏٺو ته بادشاهه
وارو پيالو گهر نه آهي ۽ اهلڪار هن قافلي پويان
لڳا ۽ اچي ان کي پهتا ۽ جاچ ڪيائون ته بنيامين جي
سامان مان پيالو نڪتو ۽ بنيامين کي حضرت يوسف جي
دربار ۾ وٺي آيا، اتي ڀائرن چيو ته هيءُ اسان جو
سڳو ڀاءُ نه آهي ۽ هن جو هڪ سڳو ڀاءُ هو، ان به
چوري ڪئي هئي جو هُو پنهنجي پڦيءَ وٽ رهندو هو،
کيس ان نپايو هو. ۽ جڏهن حضرت يعقوب پنهنجي ڀيڻ
کان ان يوسف جي وڏي ٿيڻ تي کانئس گهر ڪئي ته هاڻي
مون کي منهنجو پٽ واپس ڪر ته يوسف جي پُڦيءَ انڪار
ڪيو، پر مجبورن هن کي پيءُ ڏانهن روانو ڪيائين
ليڪن محبت جي ڪري هن جي چيلهه ۾ حضرت اسحاق عليہ
السلام جو هڪ قيمتي پٽو ٻڌي ڇڏيائين ته چوريءَ جي
الزام ۾ يوسف واپس ٿئي ۽ يوسف جي جوان ٿيڻ بعد
سندس پڦيءَ پٽي جي گم ٿيڻ جو سڀني سان ذڪر ڪيو ۽
اهو پٽو حضرت يوسف جي چيلهه ۾ ٻڌل نظر آيو ۽ حضرت
يعقوب شريعت مطابق حضرت يوسف کي سندس پڦيءَ جي
حوالي ڪيو ۽ سندس پڦي يوسف کي پاڻ وٽ مملوڪ بنائي
رهائي ڇڏيو.
اها ڳالهه يوسف جي ڀائرن کي ذهن ۾ هئي انڪري هنن
چيو ته بنيامين جو ڀاءُ به چوري ڪئي هئي (معاذ
الله) پوءِ ڀائرن حضرت يوسف کي عرض ڪيو ته بنيامين
جو والد وڏي عمر جو آهي جيڪو هن جي جدائي برداشت
ڪري نه سگهندو، انڪري مهرباني ڪري اسان مان ڪو ان
جي بدلي پاڻ وٽ وهاريو، پر حضرت يوسف اها قانون جي
انحرافي سمجهي، انڪري ائين ڪرڻ کان جواب ڏنائين.
پوءِ ٻين ڀائرن کي وڏي ڀاءُ چيو ته اوهان وڃو ۽
مان هتي رهان ٿو، پوءِ ٻيا ڀائر قافلي سان گڏ
ڪنعان پهتا ۽ ساري حقيقت پنهنجي پيءُ کي ٻڌايائون
۽ ثابتيءَ لاءِ عرض ڪيائون ته ڀلي توهان ان ڳوٺ
وارن کان پڇو جتي اسان کان جهڙتي وٺي وئي هئي. يا
قافلي وارن کان پڇو جيڪو حضرت يعقوب عليہ السلام
جا پاڙيسري هئا. ڪجهه ڳالهه ٻولهه بعد حضرت يعقوب
عليہ السلام پٽن کي چئي ٿو ته توهان پنهنجي ڀاءُ
جنهن کي مصر ۾ ڇڏي آيا آهيو ان کي ڳولي لهو ۽ اتي
حضرت يوسف عليہ السلام کي به ڳولي لهجو ۽ هڪ خط
عزيز مصر ڏانهن به لکي کين ڏنائين، ته هيءُ خط
منهنجو کڻي وڃو ۽ عزيز مصر کي ڏجو.
حضرت يعقوب عليھ السلام جو خط بنام عزيز مصر:
”هيءُ يعقوب اسرائيل بن اسحاق بن ابراهيم خليل کان
عزيز مصر جي طرف خط آهي. اما بعد ياد رکو ته اسان
جي گهراڻي تي الله تعاليٰ جي طرف کان آزمائش ٿيندي
رهي آهي. مثال طور: اسان جي ڏاڏي ابراهيم عليہ
السلام کي باهه جي آڙاهه ذريعي آزمايو ويو ته ان
صبر ڪيو. منهنجي چاچي حضرت اسماعيل عليہ السلام کي
ذبح ڪرڻ سان آزمايو ويو ته ان صبر ڪيو، ۽ مون
يعقوب کي منهنجي پٽ يوسف جي گمشدگي ۽ جدائيءَ سان
آزمايو ويو جو فراق ۾ پنهنجين اکين جو نور به
وڃائي ويٺس ۽ جسم ڪمزور ٿي ويو ليڪن صبر ڪيم. هاڻي
وري توهان منهنجو فرزند بنيامين روڪي ڇڏيو آهي ۽
توهان جي خيال ۾ اهو چور آهي ليڪن اسان جو گهراڻو
چوري ڪرڻ کان پاڪ آهي. بهتر آهي ته توهان منهنجو
فرزند واپس موڪليو جي نه ته مان اهڙي دعا گهرندس
جو توهان جي ستن پيڙهين تائين اثر ڪندي.“
حضرت يعقوب عليہ السلام مٿيون خط ۽ ڪجهه مُوڙي پٽن
کي ڏئي کين عزيز مصر ڏانهن روانو ڪيو. ۽ هو مصر ۾
اچي پهريائين پنهنجي ان ڀاءُ يهودا سان مليا جيڪو
پاڻهي رهي پيو هو ۽ پوءِ گڏجي وڃي عزيز مصر سان
مليا ۽ والد صاحب جو خط کين ڏنو ۽ پنهنجن مشڪلاتن
جو ذڪر ڪيو ته اَي عزيز مصر هن دفعي اسان وٽ نهايت
ئي ٿوري پونجي آهي، اسين توهان جي پوري قيمت ادا
ڪري نه ٿا سگهون. اسان تي ڪرم نوازي ڪري اناج
عنايت ڪرڻ فرمايو، الله تعاليٰ توهان کي اجر ۽
ثواب عطا ڪرڻ فرمائيندو.
حضرت يوسف جو خط- بنام حضرت يعقوب:
مصر جي بادشاهه کان يعقوب اسرائيل (بنده خدا) جي
طرف هي خط آهي. اما بعد. يا شيخ! توهان جو خط مون
کي مليو. مون ان کي پڙهيو ۽ ڄاڻ معلوم ٿي توهان ان
۾ پنهنجن ابن ڏاڏن صالحن جو ذڪر ڪرڻ فرمايو آهي ۽
انهن صبر ڪيو آهي ۽ ڪامياب ٿيا آهن. توهان کي عرض
ٿو ڪيان ته توهان به صبر ڪرڻ فرمايو“ فقط والسلام.
هيءُ خط جڏهن حضرت يعقوب عليہ السلام کي پهتو ته
حضرت يعقوب عليہ السلام خط ڏسي سڃاتو ته هي خط
حضرت يوسف عليہ السلام جو لکيل آهي.
”هيءُ خط حضرت يوسف عليہ السلام جو ڪنهن وقت حضرت
يعقوب عليہ السلام وٽ پهتو هو ۽ ڪنهن پهچايو هو،
ان جو تفصيل مختلف ڪتابن ۽ تفسير پڙهڻ بعد به مون
کي معلوم ٿي نه سگهيو، باقي هنن ٻنهي خطن جو ذڪر
مون کي مليو جيڪو هن بيان ۾ مون (راقم الحروف) ڄاڻ
خاطر لکي ڇڏيا آهن .“
حضرت يعقوب عليہ السلام جن جي طرفان ٿوري پونجي
ڏئي پٽن کي عزيز مصر ڏانهن موڪليو ۽ پنهنجن
مشڪلاتن جو به ذڪر ڪرڻ به فرمايو. قرآن پاڪ ۾ آهي
ته: ”اَي عزيز مصر اسان ۽ اسان جو اهل وعيال وڏي
تڪليف ۾ ڦاٿل آهي ۽ اسان نهايت ٿورو ملهه کڻي آيا
آهيون، توهان اسان کي (ان جي عيوض) پورو اناج ڏيو
۽ خيرات ڪيو جو خدا پاڪ خيرات ڪندڙن کي ثواب عنايت
فرمائي ٿو.“ (ڀ 13 رڪوع 4)
حضرت يوسف عليہ السلام کين فرمايو ته: ٻڌايو اهو
به توهان کي ياد آهي جو توهان يوسف ۽ ان جي ڀاءُ
سان ڪيو ۽ پوءِ کين ”بيعه نامه“ ڏيکاريو جيڪو انهن
سيدنا يوسف کي وڪرو ڪرڻ بعد مالڪ بن ذعر کي لکي
ڏنو هو ۽ حضرت يوسف وري مالڪ بن ذعر کان ان وقت
ورتو هو جڏهن مالڪ بن ذعر، عزيز مصر کي حضرت يوسف
خزانن جي ڍيرن ۾ وڪرو ڪري ڏنو هو. ”بيعه نامه“ ڏسڻ
سان برادران عزيز مصر يوسف عليہ السلام اهي هٿ اکر
سڃاتا ۽ خيال ڪيائون ته عزيز مصر کي يوسف عليہ
السلام جي ڪنهن خبر ٻڌائي ۽ سوچيائون ته هيءُ خود
حضرت يوسف ته نه آهي. (ايتري ۾) حضرت يوسف نقاب
هٽايو ۽ مٿي تان تاج الڳ ڪيو ته برادران يوسف،
يوسف جي شڪل وشمائل ڏسي سڃاتائون ۽ يوسف عليہ
السلام کي چيائون ته تون يوسف ئي آهي؟ ته حضرت
يوسف جن فرمايو ته: ”مان يوسف آهيان ۽ هيءُ
بنيامين منهنجو سڳو ڀاءُ آهي. خدا تعاليٰ اسان تي
احسان ڪيو آهي جو شخص الله تعاليٰ کان ڊڄي ٿو ۽
صبر ڪري ٿو ته الله بيشڪ نيڪو ڪارن جو اجر ضايع نه
ٿو ڪري.“
يوسف جا ڀائر ڏاڍا پريشان ٿيا ۽ پشيمان ٿيا ۽
معافي گهرڻ لڳا ته حضرت يوسف کين فرمايو ته: ”اڄ
توهان تي ڪا به ملامت نه آهي، الله توهان کي معاف
ڪري ۽ اهوئي سڀني مهرباني ڪندڙن کان وڌيڪ مهربان
آهي.“ پوءِ کانئن ساري خاندان ۽ والد گراميءَ جو
حال احوال ورتو، حضرت يوسف فرمايو ته: هيءُ منهنجو
ڪڙتو (قميص) کڻي وڃو ۽ والد گرامي جي اکين تي
رکندو ته سندن اکيون کُلنديون ۽ روشن ٿي وينديون ۽
توهان سڀني گهر ڀاتين کي مون وٽ وٺي اچو. حضرت انس
بن مالڪ رضي الله عنه جن کان روايت آهي ته اها
قميص حضرت ابراهيم عليہ السلام واري هئي جيڪا کين
جبرئيل عليہ السلام نمرود طرفان آڙاهه ۾ وجهڻ وقت
پارائي هئي ڇاڪاڻ ته نمرود حضرت ابراهيم عليہ
السلام جي قميص به لاهي پوءِ آڙاهه ۾ وڌو هو.
پوءِ اها قميص حضرت اسحاق سانڍي رکي جنهن وري
پنهنجي فرزند حضرت يعقوب عليہ السلام کي ڏني هئي ۽
حضرت يعقوب وري حضرت يوسف کي ڳچيءَ ۾ سون يا
چانديءَ ۾ مڙهي پارائي ڇڏي هئي پوءِ اها قميص يوسف
جي ڀائرن کڻي مصر کان ڪنعان روانا ٿيا ته حضرت
يعقوب کي يڪدم حضرت يوسف جي خوشبوءِ اچڻ لڳي ۽ پاڻ
پاڙي وارن کي ٻڌايائون ته مون کي يوسف جي خوشبوءِ
اچي رهي آهي. واضح رهي ته مصر ۽ ڪنعان جي وچ ۾ 8
مراحل يعني 80 فرسخ هو. هرهڪ فرسخ ٽن ميلن جي
برابر آهي ته 240 = 3+80
ميل ٿيا.
30 ميلن جي هڪ منزل يعني هڪ مرحله ته 240
= 3+80
ميل ٿيا. يعني 240 ميلن تان حضرت يعقوب کي حضرت
يوسف جي قميص مان حضرت يوسف جي خوشبوءِ آئي.
برادران يوسف جي ڀائرن ۾ وڏي ڀاءُ وٽ قميص هئي، ان
وقت ريح صبا الله تعاليٰ کان اجازت گهري ته قميص
کڻي ويندڙ مبشر کان پهريان مون کي اجازت ڏني وڃي
ته ان مبشر کان اڳ مان تنهنجي پياري پيغمبر کي
خوشخبري ٻڌايان. الله پاڪ جي اجازت بعد ان ريح صبا
حضرت يعقوب کي حضرت يوسف جي ملڻ جي خوشبوءِ ذريعي
اچي خبر ڏني. هڪ روايت آهي ته حضرت يوسف پنهنجي
والد بزرگوار ڏانهن قميص رواني ڪرڻ وقت تمام گهڻو
سامان ۽ 200 سواريون پڻ روانيون ڪيون ته جيئن انهن
تي سوار ٿي سمورو اهل وعيال جن جو تعداد 93 هو،
نوڪر، غلام ۽ ڪنيز وغيره کي ڪنعان کان مصر وٺي
اچن. جڏهن برادران يوسف جا ڀائر ڪنعان پهتا ته
يهودا اڳتي وڌي پنهنجي والد بزرگوار کي عرض ڪيو ته
بابا حضور، يوسف زنده آهي، ته حضرت يعقوب عليہ
السلام چيس ته يوسف جو ڇا حال آهي؟ ته يهودا جواب
ڏنس ته يوسف ته مصر جو بادشاهه آهي، ته يعقوب عليہ
السلام پڇيس ته مان شهنشاهيءَ کي ڇا ڪندس مون کي
ٻڌاءِ ته هُو دين تي ڪيئن آهي؟ ته يهودا چيس ته
هُو دين تي مڪمل قائم آهي. پوءِ حضرت يعقوب عليہ
السلام جي مُنهن مبارڪ تي رکي ته سندن اکيون روشن
ٿي ويون. جيئن قرآن پاڪ ۾ اچي ٿو ته: (ترجمو)
”جڏهن خوشخبري ڏيڻ وارو (حضرت يعقوب وٽ) پهتو ته
قميص (ڪُرتو) حضرت يعقوب عليہ السلام جي مُنهن تي
وڌو ۽ هُو (حضرت يعقوب) اکين کان ڏسندڙ ٿي پيو ۽
چوڻ لڳو ته مون توهان کي نه چيو هُو ته مان رب پاڪ
جي طرفان اهو ڄاڻان ٿو جو توهان نه ٿا ڄاڻون.
جڏهن حضرت يعقوب مصر جي قريب پهتو ته يوسف عليہ
السلام کي اطلاع مليو ۽ يوسف عليہ السلام ۽ ريان
بادشاهه 4000 پيادل فوج ۽ 3000 سوار ۽ شهر جا
معززين ۽ عام ماڻهو حضرت يعقوب عليہ السلام جي
استقبال لاءِ شهر کان ٻاهر پهتا. هر سوار کي چاندي
جي ڍال ۽ سون جو جهنڊو ڏنو ويو، ان وقت هيءُ سڀ
سواريون. ۽ ملڪيت وغيره حضرت يوسف جي ئي ملڪيت
هيون. جڏهن حضرت يعقوب عليہ السلام جي نظر استقبال
ڪندڙ هجوم تي پئي ته کين خوشي ٿي. ۽ ساڳئي وقت عجب
۾ پڻ پئجي ويا، ته جبرئيل امين، حضرت يعقوب عليہ
السلام کي عرض ڪيو ته ٿورو مٿي به نهاريو، توهان
استقبالي لشڪر ڏسي تعجب کائو پيا جڏهن ته مٿي سڀ
ملائڪ سڳورا حاضر آهن جيڪي توهان کي خوش ڏسي پاڻ
ملائڪ به خوش نظر اچي رهيا آهن ۽ خوشي ملهائي رهيا
آهن.
جڏهن ته اهي ملائڪ توهان جي اڳ حزن ۽ ملال (ڏک) ۾
محزون (ڏکويل) هئا. حضرت يعقوب عليہ السلام مٿي
نهاري ڏٺو ته ملائڪ به خوشيءَ مان ڄڻ ته جشن
ملهائي رهيا هئا. پوءِ حضرت يعقوب عليہ السلام،
حضرت جبرئيل عليہ السلام کان پڇيو ته انهن ۾ يوسف
ڪهڙو آهي؟ حضرت جبرئيل عليہ السلام، حضرت يعقوب
عليہ السلام کي ٻڌايو ته جيڪو ڇٽيءَ جي هيٺان
نهايت شان وشوڪت سان اچي رهيو آهي، اهو حضرت يوسف
آهي. حضرت يعقوب پنهنجي فرزند حضرت يوسف کي ڏسي
سواريءَ تان لهي پيو ۽ يهودا جي ڪلهن تي هٿ رکي
پيادل هلڻ لڳو. جڏهن حضرت يعقوب سواريءَ تان لٿو
ته جبرئيل عليہ السلام حضرت يوسف وٽ حاضر ٿيو ۽
کين عرض ڪيائين ته توهان جا والد بزگوار پيادل هلي
رهيا آهن انڪري توهان به سواريءَ تان لهي پيادل
هلو. جڏهن حضرت يعقوب ۽ حضرت يوسف هڪٻئي جي ويجهو
پهتا ته حضرت يوسف سلام ڪرڻ جو ارادو ڪيو ته
جبرئيل عليہ السلام کين عرض ڪيو ته اَي حضرت يوسف
سلام ڪرڻ ۾ پهرين پنهنجي والد بزرگوار کي اڳرائي
ڪرڻ ڏي. ڇاڪاڻ ته هو ئي افضل آهي. ۽ پوءِ حضرت
يعقوب عليہ السلام چيو ته: ”اسلام عليڪ يا
مَذَهَبَ الاحزان“ پيءُ پٽ هڪٻئي سان چنبڙي پيا ۽
خوشيءَ مان روئي رهيا هئا ته ملائڪ سڳورا به روئي
رهيا هئا. لشڪر تي عجيب ڪيفيت طاري ٿي وئي. خوشيءَ
مان گهوڙا به هڻڪڻ لڳا. پوءِ حضرت يوسف سڀني کي
چيو ته توهان عزت سان مصر جي شهر ۾ داخل ٿيو ۽
جڏهن قافلو شاهي تخت وٽ پهتو ته يوسف عليہ السلام
پنهنجي والد بزرگوار ۽ سندس اهل وعيال کي نهايت
پروقار طريقي سان دربار شاهيءَ ۾ داخل ڪرڻ جو حڪم
صادر ڪرڻ فرمايو ۽ تمام درباري پنهنجين پنهنجين
نشستن تي ويٺا. حضرت يعقوب کي تخت شاهي تي نهايت
مٿانهينءَ واري جاءِ تي وهاريو ويو. ۽ ٻين کي حسب
مراتب نشستن تي وهاريو ويو. پوءِ حضرت يوسف به تخت
شاهي تي جلوه گر ٿيڻ فرمايو. ته ان وقت سمورا
درباري حسب دستور تخت شاهي جي سامهون تعظيمي سجدي
۾ هليا ويا. ان صورتحال کي ڏسي خاندان يعقوب به
سجدي ۾ هليا ويا.
(هن وقت سڀني جي ملڻ ڪري حضرت يعقوب جو پورو
خاندان خوش هو. ٻئي طرف ڏڪار واري وقت ماڻهن
پهريائين:
پهرين سال ماڻهن درهم ۽ دينار ڏئي اناج خريد ڪيو.
ٻئي سال ماڻهن زيور ۽ جواهرات ڏئي اناج خريد ڪيو.
ٽئين سال ماڻهن چوپايو مال ۽ جانور ڏئي اناج خريد
ڪيو. چوٿين سال ماڻهن پنهنجا غلام ۽ ٻانهيون وڪرو
ڪري اناج خريد ڪيو. پنجين سال ماڻهن پنهنجيون
جاگيرون ۽ ايراضيون وڪرو ڪري اناج خريد ڪيو. ڇهين
سال ماڻهن پنهنجو اولاد وڪرو ڪري اناج خريد ڪيو.
ستين سال ماڻهن پنهنجو پاڻ وڪرو ڪري غلام بنيا.
اهڙي طرح مصر ۽ آسپاس ملڪن جا ماڻهو حضرت يوسف
عليہ السلام جا غلام ٿي ويا ۽ حضرت يوسف عليہ
السلام جي عظمتن ۽ ڪمال جي تڪميل ٿي. جو کين نبوت
به ملي، سڀ عوام غلام به بنيو جو پوءِ ڪير به نه
ٿي چئي سگهيو ته يوسف غلام آهي. هاڻي سڀ سندس ئي
غلام آهن)
شهر کان ٻاهر پهرين ملاقات (پيءُ ۽ پٽ جي) ۾ محبت،
عظمت تي حاوي رهي، جڏهن ته هتي تخت شاهي وٽ عظمت
محبت تي حاوي رهي ۽ سڀ جا سڀ سجده ريز ٿي ويا ۽
حضرت يوسف کي پنهنجي ننڍپڻ وارو خواب ياد اچي ويو
۽ عرض ڪيائين ته بابا حضور! هيءُ ان خواب جو تعبير
آهي جو الله پاڪ سچو ڪري ڏيکاريو، پوءِ حضرت يوسف
جن حضرت يعقوب کي پنهنجي خاص محل (حويلي) ۾ وٺي
ويو ۽ حضرت يوسف جو اولاد، پنهنجي ڏاڏي جي سامهون
باادب ٿي اٿي بيٺو. حضرت يوسف پنهنجي خاندان جو
تعارف ڪرايو. حضرت يعقوب انهن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو
۽ حضرت يوسف، بيبي زليخا سان به پنهنجي پيءُ کي
ملايائين ۽ عرض ڪيائين ته هيءُ منهنجو اولاد مون
کي بيبي زليخا مان ئي آهي. بيبي زليخا، حضرت يعقوب
جا هٿ مبارڪ چميا ۽ عرض ڪيائين ته توهان هن محل ۾
مستقل رهڻ فرمايو. ليڪن حضرت يعقوب عليہ السلام
بيبي زليخا کي فرمايو ته مون کي هيءَ شاهاڻي رهائش
ناپسند آهي ۽ مون کي رهائش لاءِ اهڙي جهوپڙي تيار
ڪرائي ڏيو جهڙي جهوپڙي ڪنعان ۾ منهنجي رهڻ لاءِ
آهي.
حضرت يوسف کي بيبي زليخا مان ٻه فرزند هئا. هڪ جو
نالو افراثيم ۽ ٻئي جو نالو ميثا هو. افراثيم کي
وري نُون پٽ ۽ رحمت نياڻي پيدا ٿيا. ۽ اها رحمت ئي
حضرت ايوب عليہ السلام جي گهر واري (يعني زال) ۽
نُون مان يوشع پيدا ٿيو جو حضرت موسيٰ عليہ السلام
جو خاص خليفي طور مشهور آهي.
سيده زليخا کا فراق (اردو ڪتاب) مؤلف خاڪپائي
خادمانِ عاليه مسڪين گمبٽ، خيرپور ميرس ضلع اڪبر
اُڄڻ سڪندري کهڙائي“
جڏهن ته حضرت علامه مولانا محمد ادريس ڏاهري صاحب،
حضرت يوسف عليہ السلام جي پٽن جا نالا (1) افرائيم
۽ (2) منشا لکيا آهن ۽ رحمت حضرت يوسف عليہ السلام
جي نياڻي ڪري لکي آهي جيڪا حضرت ايوب عليہ السلام
جي گهر واري هئي. (احسن البيان في تفسير القرآن،
جلد 5، ص 159)
حضرت يوسف عليہ السلام پنهنجي والد بزرگوار حضرت
يعقوب عليہ السلام کي وٺي پنهنجي خزانن سان گڏ
ڪاغذ جي ڪارخانن جو به معائنو ڪرايو. (ڪاغذ جي
ايجاد به حضرت يوسف عليہ السلام جي مرهون منت
آهي.) حضرت يعقوب فرمايو ته پٽ يوسف ڪاغذ جي هيترن
ڪارخانن جي باوجود توهان مون ڏانهن هڪ خط به نه
لکيو. جڏهن ته توهان مون کان 8 مرحلن جي فاصلي تي
هُئين. حضرت يوسف عليہ السلام فرمايو ته: ابا حضور
مون کي خط لکڻ کان حضرت جبرئيل عليہ السلام روڪيو
هو. حضرت يعقوب فرمايو ته حضرت جبرئيل کان خط لکڻ
کان روڪڻ جو سبب پڇ ته حضرت يوسف فرمايو ته بابا
حضور توهان خود ان کي گهرائي پڇوس. حضرت يعقوب
عليہ السلام حضرت جبرئيل کي گهرائي کانئس پڇيو ته
اَي جبرئيل توهان حضرت يوسف کي مون ڏانهن خط لکڻ
کان ڇو روڪيو؟ حضرت جبرئيل امين فرمايو ته: الله
تعاليٰ توهان کان امتحان وٺڻ ٿي چاهيو ته ڏسان ته
حضرت يعقوب ڪيترو ٿو صبر ڪري هيءَ هڪ آزمائش هئي.
ان وضاحت کانپوءِ ثابت ٿئي ٿو ته حضرت يعقوب ته
حضرت يوسف ڏانهن خط لکيو هو ليڪن حضرت يوسف جو
حضرت يعقوب ڏانهن لکيل خط جنهن جو مٿي ذڪر ڪري آيو
آهيان، اهو خط نه لکيو ويو هو بلڪ ائين ڪن ليکڪن
لکي ڇڏيو آهي (والله علم) هڪ روايت مطابق حضرت
يعقوب جن حضرت يوسف وٽ 24 سال زنده رهيا ۽ آخر ۾
وصيت ڪئي هئائين ته کيس شام ۾ سندس والد بزرگوار
حضرت اسحاق عليہ السلام جي ڀر ۾ رکيو وڃي، پوءِ
جڏهن حضرت يعقوب 147 سالن جي عمر ۾ 1689ق.م - ۾
وصال فرمايو ته سندس مڙهه صندوق ۾ وجهي حضرت يوسف
عليہ السلام خود پاڻ کڻائي حضرت ابراهيم ۽ حضرت
اسحاق عليہ السلام جي مزارن ڀرسان دفن ڪرايو.
اتفاق سان ان ڏينهن ”عيص“ جو به انتقال ٿيو جيڪو
حضرت يعقوب جو ڀاءُ هو ۽ امڙ جيجل جي بطن مبارڪ ۾
به حضرت يعقوب سان گڏ هو ۽ ٻنهي کي هڪ قبر ۾ گڏ
دفن ڪيو ويو. جهڙي طرح ماءُ جي بطن مبارڪ ۾ گڏ
هئا. ٻئي هڪ ڏينهن جاڙا ڄاول هئا، ٻنهي جي عمر هڪ
جيتري 147 سال هئي ته قبر ۾ به گڏ رهيا.
حضرت يعقوب عليہ السلام جن جو وصال 1689ق.م، ۾ ٿيو
ته سندن جنم جو سال 1836ق.م ٿيندو.
وفات حضرت يوسف عليھ السلام:
ڪاشفيءَ لکيو آهي ته حضرت يوسف کي خواب ۾ سندن
والد بزرگوار حضرت يعقوب آيو ۽ کيس چئي رهيو هو ته
پٽ يوسف تنهنجي ديدار جو شوق آهي، ٽن ڏينهن جي
اندر مون وٽ پهچي وڃ. پوءِ حضرت يوسف سجاڳ ٿيو ته
سڀني گهر ڀاتين کي گڏ ڪيائين (ڪن جو چوڻ آهي ته
بيبي زليخا اڳ ئي وفات ڪري چڪي هئي) ۽ وصيتون
ڪيائين ۽ پنهنجي مملڪت جو وليعهد پنهنجي فرزند
افراثيم يا (افرائيم) کي مقرر ڪيائين. ڪن روايتن ۾
وري اچي ٿو ته يهودا کي وليعهد مقرر ڪيائين. پوءِ
حضرت يوسف خدا پاڪ جي حضور ۾ عرض ڪيو ته (قرآن پاڪ
۾ آهي ته)
ترجمو: اَي منهنجا رَب! تحقيق ڏني تو مون کي
بادشاهي ۽ مون کي خوابن جو تعبير ڪرڻ سيکاريئي.
اَي آسمانن ۽ زمين جا ٺاهيندڙ تون ئي منهنجو
ڪارساز آهين. دنيا ۽ آخرة ۾. ۽ مون کي مسلمان ڪري
وفات ڪراءِ ۽ شامل ڪر مون کي صالحن سان. ڪن روايتن
۾ اچي ٿو ته بيبي زليخا ان وقت زنده هئي وصال ڪا
نه ڪري وئي هئي. تنهن جو حضرت يوسف جي دعا ٻڌي ته
چوڻ لڳي ته.
هڪ فارسي شاعر جي شعر ۾ جنهن جو ترجمو هي آهي:
(1) يا الله! يوسف جي جدائيءَ جي مان طاقت نه ٿي
رکان يا الله يوسف جي روح سان گڏ منهنجو به روح
گڏ.
(2) وفا جي قانون مطابق اهو سٺو نه آهي ته يوسف
دنيا ۾ نه رهي ۽ مان رهان.
(3) پوءِ يوسف چيو ته زليخا کي گهرايو. الوداع جي
وقت ان کي مون وٽ پهچايو.
(4) پوءِ (جنهن کي يوسف حڪم ڪيو زليخا جي آڻڻ جو)
ان چيو ته زليخا غم جي سبب تمام ضعيف ٿي وئي آهي
مٽي ۽ رت ۾ ملي وئي آهي.
(5) ان (زليخا) جي جَانِ، اچڻ جي طاقت ئي نه ٿي
رکي، ان (زليخا) کي ان جي حالت تي ئي ڇڏيو.
(6) جبرئيل امين حاضر ٿيو ۽ هڪ صوف کڻي آيو، جنهن
۾ جنت جي باغ جي زينت هئي.
(7) جڏهن حضرت يوسف اهو صوف هٿ تي رکيو ۽ ان کي
سنگهيو ته ان جو روح پرواز ڪري ويو.
(8) جنهن وقت يوسف عليہ السلام جو روح ان صوف جي
خوشبوءِ سان پرواز ڪري ويو ته ان وقت حاضرين ۾ شور
برپا ٿي ويو.
(9) زليخا پڇيو هيءُ شور ڇا جو آهي، جنهن سان زمين
۽ آسمان پُرِ ٿي ويا آهن.
(10) انهن چيو ته بادشاهه سلامت تخت ڇڏي وصال ڪري
ويو.
(11) اها ڳالهه ٻڌي زليخا ٽي ڏينهن زمين تي ليٽي
رهي.
(12) جڏهن چوٿين ڏينهن هوش ۾ آئي ته پوءِ وري اها
ئي ڳالهه ٻڌي، ٻيو ڀيرو بيهوش ٿي وئي.
(13) ٽئين ٽئين ڏينهن بعد ائين ئي ٽي ڀيرا ٿيندو
رهيو.
(14)جڏهن چوٿون ڀيرو هوش ۾ آئي ته يوسف جي ڳولا
ڪيائين.
(15) بيبي زليخا کي ان کانسواءِ ٻي ڪا به خبر نه
ڏني وئي ۽ ان کي خزاني جي طرح مٽيءَ ۾ رکيو ويو.
(16) هڪ ڏک واري گهر مان هڪ جنبش سان ٻاهر آئي ۽
يوسف جي وفات واري جاءِ ڏانهن رواني ٿي.
(17) ڪڏهن مٿي کان ڪڏهن پيرن جي طرف چمندي رهي ۽
دل مان آواز ڪندي رهي.
(18) جڏهن ان جو درد ۽ حسرت حد کان وڌيو ته خاڪ
بوسيءَ جي رسم جي مطابق سِرُ مبارڪ هيٺ ئي رکيو.
(19) پنهنجون اکيون پنهنجين آڱرين سان ئي ڪڍيائين
(۽) نرگس کي نرگسدان کان ٻاهر ڪڍيو.
(20) نرگس کي مٿي جي پيالي مان ڪڍي مٽيءَ تي رکي
ڇڏيو ڇو ته نرگس مٽيءَ تي ئي پوکڻ بهتر آهي.
(21) زليخا رت سان ڀريل پنهنجو مُنهن مبارڪ مٽيءَ
تي رکيو ۽ ڪمزور حال ۾ زمين کي چميو ۽ پنهنجي
جَانِ الله پاڪ جي حوالي ڪري ڇڏي.
(22) اهو عاشق سٺو آهي جو ان (محبوب) جي جدائيءَ ۾
مري وڃي. دوست جي خلوت گاهه ۾ پنهنجي جان اهڙي طرح
ئي ڏجي.
(23) حريفن جڏهن ان جو اهو حال ڏٺو ته آسمان کي
چيرڻ واري آهه وفغان بلند ڪئي.
(24) (انهن) ان (زليخا) جي مُنهن کي صاف ڪيو يا
ڪرايو ۽ حضرت يوسف جي ڀر ۾ کين دفن ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته حضرت يوسف جي دفنائڻ تي جهڳڙو ٿيو هو
۽ هر ڪنهن پاڙي يا طرف وارا اهو پيا چاهين ته
اسان جي پاڙي يا طرف هي بابرڪت شخصيت رکي وڃي.
ڇاڪاڻ ته ان ۾ هو پنهنجي خوشحالي پيا سمجهن.
بالآخر فيصلو ٿيو ته هڪ سال کين هڪ طرف دفن ڪيو
وڃي ۽ ٻئي سال ٻئي طرف کين دفن ڪيو وڃي.
پهريان جنهن طرف حضرت يوسف کي دفن ڪيو ويو ته ان
طرف خوشحالي ئي خوشحالي ٿي وئي. پر ٻئي طرف وري
قحط سالي ٿي وئي ان کانپوءِ سڀني اتفاق ڪيو ته
حضرت يوسف عليہ السلام جي مزار مبارڪ درياه مصر جي
وچ ۾ هجي، انڪري سنگمرمر جي هڪ صندوق بنائي وئي،
جنهن کي زنجيرن ۾ ٻڌي درياه جي وچ ۾ هيٺ لاهي رکي
وئي. هڪ فارسيءَ واري شاعر چيو آهي:
(1) سخت پٿرن ۾ سوراخ ڪري درياه نيل ۾ رکيو ويو.
(2) هڪ بحرشنائي ۾ غرق ٻيو جدائي کان تشنه لب.
(3) فلڪ جي بيوفائيءَ جو حال ڏسو ته موت کان پوءِ
ان کي يوسف کان جدا ڪري ڇڏيو.
(4) معلوم نه آهي، ان کي عشاق سان ڪينو ڇو آهي جو
انهن جي مرڻ کانپوءِ به آسودو نه ٿو ڇڏي.
حضرت موسيٰ عليہ السلام جي وقت حضرت يوسف عليہ
السلام جي مزار مبارڪ:
حضرت عروه بن زبير کان روايت آهي ته جڏهن حضرت
موسيٰ عليہ السلام مصر کان بني اسرائيل کي وٺي
ٻاهر نڪرڻ جو ارادو ڪيو ته الله پاڪ جو کيس حڪم
ٿيو ته حضرت يوسف عليہ السلام جي جسد اطهر کي به
ساڻ کڻي وڃن ۽ اها سندس يعني حضرت يوسف عليہ
السلام جي وصيت هئي. گهڻي جاچ باوجود مزار شريف جو
پتو نه پيو. پوءِ حضرت موسيٰ عليہ السلام پڙهيو
ڏياريو ۽ 900 سالن جي هڪ پوڙهيءَ عورت چيو ته مون
کي خبر آهي. پوءِ حضرت موسيٰ عليہ السلام ان
پوڙهيءَ جي پٽ سان گڏ ان پوڙهيءَ وٽ پهتو ۽ ان کان
خود دريافت ڪيائين ته پوڙهيءَ ٻڌائڻ لاءِ هيءُ شرط
رکيا:
(1) دعا ڪريو ته مان 17 سالن جي نوجوان ٿيان (2)
مان جيترو زنده رهي آهيان ايتري اڃان به عمر ٿئي
(3) توهان مون کي پاڻ سان گڏ وٺي هلندؤ. ۽ ڪن
روايتن ۾ اچي ٿو ته پوڙيءَ ٽيون شرط اهو رکيو هو
ته مان توهان سان گڏ بهشت ۾ رهان.
حضرت موسيٰ عليہ السلام دعا گهري، ان بعد ان
پوڙهيءَ عورت حضرت يوسف عليہ السلام جي مزار مبارڪ
ڏسي ۽ حضرت موسيٰ عليہ السلام نيل نديءَ مان حضرت
يوسف عليہ السلام جي مزار مبارڪ جيڪا هڪ صندوق جي
شڪل ۾ هئي، ان کي ٻاهر ڪڍرايو. واضح رهي ته حضرت
يوسف عليہ السلام جو مصر ۾ داخل ٿيڻ ۽ حضرت موسيٰ
عليہ السلام جو مصر کان ٻاهر بني اسرائيل کي ڪڍڻ
وارو عرصو 400 سال هو. حضرت موسيٰ عليہ السلام جن
مزار کڻائي اچي سندن بزرگن جي ڀرسان دفن ڪرايو.
حضرت علامه ڏاهري صاحب لکيو آهي ته حضرت يعقوب
عليہ السلام جن جنهن وقت مصر ۾ داخل ٿيا ته سندن
خاندان کي مصر مان وٺي نڪري رهيو هو ته بني
اسرائيل جو تعداد 6 لک 70 هزار مردن ۽ عورتن تي
ٻڌل هو.
هيءُ قصو نهايت اهميت وارو آهي ۽ تمام سهڻو قصو
آهي، انڪري هن قصي کي ٻين ڪيترين ٻولين ۾ ترجمو پڻ
ڪيو ويو ته جيئن ٻين ٻولين وارا ماڻهو به هن قصي
کي چڱيءَ طرح سمجهن ۽ ان مان عبرت ۽ فائدو حاصل
ڪن. جيئن ته قصن داستانن، ڪهاڻين ۽ تاريخي واقعن
جو انسان جي دل ۽ دماغ تي نهايت گهرو اثر ٿئي ٿو
ان ڪري مهذب ۽ متمدن قومن انهن کي سهيڙي محفوظ رکڻ
جون ڪوششون ڪنديون آهن. هي قصو جيڪو يوسف زليخا جي
نالي سان مشهور آهي ۽ هن کي قرآن پاڪ ۾ ”احسن
القصص“ ڪري سڏيو ويو آهي.
فارسيءَ ۾ يوسف زليخا جي قصي کي سڀ کان پهريان
فردوسي (1) (المتوفي 416هه مطابق 1025ع) مثنوي ۾
لکيو. اها مثنوي شايع شايع ٿيل آهي. ان کانپوءِ
(2) مولانا نورالدين جامي (المتوفي 898هه مطابق
1492ع سنڌي جي رنگ ۾ پيش ڪيو. (3) شيخ
عمرالخلوتيءَ 1030هه مطابق 1620ع ۾ ان جو ترڪي
ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو. (4)
Rozenweing
1842ع ۾ ان جو جرمن زبان ۾ ترجمو ڪيو (5)
R. T.H.Griffictk
ان جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو. 1882ع ۾.
(6) شيخ حمد الله حمدي 909هه مطابق 1503ع ۾ ترجمو
ڪيو ترڪيءَ ۾. (7) ابن ڪمال پاشا المتوفي 940هه
مطابق 1534ع ۾ ترڪيءَ ۾ ترجمو ڪيو.
سنڌيءَ ۾ ترجما: (1) سنڌيءَ ۾ يوسف زليخا جو قصو
سنه 1180 مطابق 13ع ڌاري الف اشباع واري قافيي ۾
منظوم ترجمو ڪيو.
الٰهي احمد چئي آهيان عاصي اپارا
ڏڏ ڏوهاري نڪيڻن، عاجز اسارا
اهو قلمي نسخو لنڊن جي مشهور ”انڊيا آفيس لئبرري“
۾ محفوظ آهي. جنهن جو ذڪر ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ
پنهنجي ڪتاب ”مشهور سنڌي قصا: ٻاهريان قصا ۽
داستان ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌيءَ ۾ هيءَ قصو اول
قرآن شريف جي مثالي روايت جي ترجمي سان عام مُروج
هو. محمد ملوڪ پهريون مصنف آهي، جنهن قرآن شريف جي
مثالي روايت جي ترجمي سان هيءُ قصو سنڌيءَ ۾ جوڙيو
جو ناقص صورت ۾ ”انڊيا آفيس- لئبرري“ لنڊن ۾ موجود
آهي. ڊاڪٽر حامد علي خانائيءَ لکيو آهي ته اهو
مصنف ملوڪ نه پر احمد ئي آهي. جو اڳتي هلي ڊاڪٽر
نبي بخش بلوچ صاحب خود به لکيو آهي ته هيءُ قصو
احمد نالي شاعر جو ئي جوڙيل آهي. مسٽر ڪرسٽوفرشيڪل
پنهنجي مضمون ۾ به احمد شاعر لکيو آهي ۽ ڪاتب محمد
ملوڪ آهي. ڊاڪٽر شڪيل، خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي
حوالي سان ان قصي جي وضاحت ۾ لکي ٿو ته: ”شايد هي
احمد شاعر اهو آهي جنهن ملاحسين ڪاشفي جي ڪتاب
”روضة الشهداء“ جو سنه 1172هه مطابق 1758ع ۾ شعري
ترجمو ڪيو. ان مان سمجهيو ته محمد ملوڪ ڪاتب جنهن
1180هه ۾ وفات ڪئي آهي ته پوءِ هيءُ قصو 1180هه
کان اڳ احمد نالي شاعر هن قصي جو منظوم ترجمو ڪيو
هوندو. (2) مولوي محمد حسين ٺٽوي پنهنجي تصنيف
”سيربستان عرف قصص الانبيا“ (1177هه مطابق 1763ع)
جوڙي تيار ڪيو. جنهن ۾ پڻ يوسف زليخا جو قصو بيان
ڪيل آهي. اهو ٻيو سنڌيءَ ۾ ترجمو آهي. جڏهن ته
پهريون قصو احمد نالي شاعر جو ئي آهي. مولوي محمد
حسين جيتوڻيڪ ڪتاب 1177هه ۾ لکيو ليڪن 1382هه ۾
شايع ٿيو. (3) تفسير احسن القصص. مخدوم عبدالله
نرئي وارو جنهن جي ولادت 1150 مطابق 1737ع ۾ هڪ
ننڍڙي ڳوٺ نرئي ۾ ٿي. مخدوم صاحب 1236هه 1823ع ۾
وفات ڪئي سندس مزار سري ڳوٺ ۾ آهي. مخدوم عبدالله
نرئي واري انهي ترجمي ۽ تفسير کي 26 رمضان المبارڪ
1196هه مطابق 4 سپٽمبر 1782ع تي لکي مڪمل ڪيو. هن
کي نظم جي صورت ۾ پيش ڪيو ويو آهي. (4) ”سنڌي بيت
زليخا“ جيئن ته سنڌ اندر هندن مسلمانن ۾ آزاد طبعي
اخوت ۽ ڀائيچاري جو عنصر موجود نظر اچي ٿو. هيءُ
قصو ”سنڌي بيت زليخا“ هندو شاعر ”ديوان خوشيرام“
جو جوڙيل آهي، جو 1305هه مطابق 1888ع ۾ شايع ٿيو.
وري ٻيو ڀيرو 1889ع ۾ ڇپيو، ان مان ان جي مقبوليت
۽ اهميت جي خبر پئي ٿي (5) ”يوسف زليخا“ هيءُ قصو
ميان عبدالواحد ”سائل“ بن حاجي محمد لقمان
حيدرآبادي جو مثنوي جي انداز ۾ جوڙيل آهي سومر
ڏينهن 17 محرم الحرام 1306هه مطابق 23 سپٽمبر
1888ع تي لکي پورو ڪيو. هن ڪتاب کي ليٿو پريس جي
ماهر خوشنويس ميان علي محمد خلق مخدوم ميان محمد
متعلويءَ 30 شوال المڪرم 1313هه مطابق اپريل 1896ع
تي نقل ڪري مڪمل ڪيو جو رئيس ميان عزيز الله ۽
مخدوم ميان عبيدالله جي سعيي ۽ ڪوشش سان ميان
عبدالواحد تاجران ڪتب خانه حيدرآباد سنڌ جي اهتمام
سان سنه 1315هه مطابق 1897ع ۾ مطبع عزيزي گلدسته
محبوبي ٽنڊي مير حسين علي خان مان ڇپجي پڌرو ٿيو.
هي ڪتاب 278 صفحن تي مشتمل آهي. شيخ محمد ابراهيم
خليل جو چوڻ آهي ته هيءَ مثنوي اصل مثنوي جامي تان
ورتل آهي، پر ان ۾ قحط وارو قصو وڌايل آهي جو قرآن
پاڪ ۾ آيل آهي. (نئين زندگي اپريل 1961ع).
(6) ”سنڌي يوسف زليخا منظوم“ جي نالي سان سيد غلام
مرتضيٰ شاهه مرتضائي ٺٽوي (المتوفي 1905ع) مثنوي
لکي آهي. ڪتاب جي اختتام جو سال 1308هه مطابق
1890ع ڄاڻايو آهي. هن سموري مثنوي جو تعلق يوسف
زليخا سان آهي. هي ڪتاب 1310هه مطابق 1892ع ۾ ليٿو
تي ڇپيو، پوءِ ٻيو ڀيرو 1339هه مطابق 1920ع ۾
ڇپيو. (7) ”يوسف زليخا ۽ اخوان يوسف“ هن مثنويءَ
جو جوڙيندڙ مولوي غلام الله ولد ميان محمد دائود
عباسي آهي، ساڪن چوديرو تعلقو واره ضلع قنبر
شهدادڪوٽ. هي ڪتاب ٻن ڀاڱن (1) يوسف زليخا ۽ (2)
اخوان يوسف ۾ ورهايل آهي جو ويڙهومل کٽڻ مل
لاڙڪاڻويءَ ڇپايو هو. پهريون ڀاڱو 1318هه مطابق
1900ع ۾ مڪمل ڪيو ۽ 1328هه مطابق 1910ع ۾ ڇپيو. ۽
ٻيو ڀاڱو 1346هه مطابق 1927ع تي پورو ڪيو.
ڊاڪٽر شيخ ابراهيم خليل لکيو آهي ته هيءَ مثنوي
بحر وزن کان ڪريل آهي، سلاست ۽ رواني، نالي ماتر
به ڪا نه اٿس. (8) ”پرت نامه سنڌي يعني يوسف
زليخا“ هيءَ مثنوي مولانا تاج محمود امروٽي،
مولانا جامي جي مثنوي تان اخذ ڪري لکي آهي. سڀ کان
پهريان هن مثنوي کي مولانا تاج محمد امروٽيءَ جي
هڪ معتقد وڏيري حاجي حاتم خان ڇپرايو. پوءِ مولوي
محمد عظيم ائنڊ سنز شڪارپو واري هن ڪتاب کي 5 ڀيرا
ڇپرايو. (9) ”يوسف زليخا“ هي 33 بيتن تي مشتمل آهي
جو سگهڙ محمد ولد جان محمد ڳوٺ ٻاراچاڻي تعلقو
شهدادپور جو ويٺل هو، ان جو لکيل هو. سندس ولادت
1383هه مطابق 1866ع ۾ ٿي هئي. (10) ”بياض جيلاني“
(قصو حضرت يوسف عليہ السلام) هيءَ سيد زين
العابدين شاهه جيلاني ”زينل“ (المتوفي 16 جنوري
1976ع جي جوڙيل آهي. هيءَ مثنوي واري انداز ۾ بيان
ٿيل آهي جا 7 بابن تي مشتمل آهي. سندس فرزند سيد
محمد عارف شاهه جيلاني نورائي شريف واري 1963ع ۾
مدينه پرنٽنگ پريس حيدرآباد مان ڇپرائي پڌري ڪئي.
هي هو مختصر يوسف زليخا جي قصن جو تعارف جيڪي
سنڌيءَ ٻوليءَ ۾ منظوم ترجما ڪيا ويا.
يوسف زليخا جا سنڌي نثر ۾ ترجما:
(1) ”يوسف زليخا جو وڏو قصو“ تاليف ميان عبداللطيف
1899ع ۾ لاهور ۾ ڇپيو.
(2) ”چمن دلپذير عرف يوسف زليخا سنڌي“ تاليف منشي
سلامت راءِ 1901ع ۾ شايع ٿيو.
(3) ”يوسف مصري“ جوڙيل اديب ۽ صحافي ديوان پرمانند
ميوارام جو، جيڪو 1915ع ۾ ڇپيو.
(4) دُريتيم گوهر ناياب- تصنيف ميان فتح محمد
قريشي کهڙن وارو (المتوفي: 1974ع) هيءُ 1935ع ۾
ڇپيو. سيد حسام الدين راشدي جي قصي کانپوءِ هيءُ
ڪتاب معياري نثر ۾ اچي ٿو. هن تصنيف جي ديباچي ۾
هي فقرو ”حضرت يوسف عليہ السلام جو قصو قرآن پاڪ ۾
الله تعاليٰ سٺو قصو ڪري شمار ڪيو آهي. هيءَ اهڙو
قصو آهي، جنهن جي هر واقعي ۾ اخلاقي سبق سمايل
آهي.“ خانبهادر محمد صديق ميمڻ جو لکيل آهي.
(5) ”يوسف زليخا“ هيءُ داستان رشيد احمد لاشاري جو
تاليف ٿيل آهي. هن جو چوٿون ڇاپو 1955ع ۾ ڇپيو.
رشيد احمد لاشاري 1970ع ۾ وفات ڪئي. هن داستان کي
وري 2000ع ۾ سٺي نموني ڪمپيوٽر ۾ ڪمپوز ڪري ڇپرايو
ويو آهي.
(6) ”داستان يوسف زليخا“ هي داستان ميان گل محمد
صوفي آزاد (و- 1948ع) جو لکيل آهي جو 1960ع ۾
پهريان ڇپيو ۽ وري 1965ع ۾ ٻيو ڀيرو ڇپيو.
(7) ”شعله عشق“ هي انگريزيءَ ۾ ضياء الله جي غلام
علي جو لکيل آهي، جنهن جو سنڌيءَ ۾ ترجمو سندس
فرزند مشتاق عليءَ ڪيو آهي.
(8) ”احسن القصص“ (حضرت يوسف جو قصو) تاليف
پروفيسر لطف الله بدوي (وفات: 19 نومبر 1968ع) |