احمد خان مدهوش
غزل
مستن جو، ديوانن جو، ملنگن جو ادب ڪر،
اي يار، اسان عشق جي بندن جو ادب ڪر.
شيطان نه ٿي، حسن جي مخزن جو ادب ڪر،
انسان ۾ الله جي مسڪن جو ادب ڪر.
آدم جي خدو خال جي نقشن جو ادب ڪر،
بيهڪ جو، بناوت جو، نمونن جو ادب ڪر.
صورت جو ثنا خوان ٿي، صورت ۾ خدا ڏس،
ڪو خالقِ اڪبر جي ارادن جو ادب ڪر.
هڪ عرض اِهو، عشق جي ماريل جي مدد ڪر،
ٻيو عرض اِهو، حسن پرستن جو ادب ڪر.
جي پيار جي دعويٰ ٿو ڪرين، روڪ نه مون کي،
نيڻن جي ڪشش، روح جي رشتن جو ادب ڪر.
فطرت ۾ اٿئي پيار سمايل ته سڌو سنئون،
احساس ڌري، پيار جي جذبن جو ادب ڪر.
حاسد جو وٺي روپ نه تنقيد ڪندو ڪر،
جي پاڻ اديب آن ته اديبن جو ادب ڪر.
ايڏو نه ٿي بي قدر، او بي قدر زمانا!
ڪو حضرتِ مدهوش جي شعرن جو ادب ڪر.
ادل سومرو
غزل
گيت- نگر جو گس ٿي ڳولي،
پين اُڃاري مس ٿي ڳولي.
واهڻ جي هڪ سادي نينگر،
ميري ڍنڍ ۾ عڪس ٿي ڳولي.
تنهنجي اکين ۾ چاهت منهنجي،
گم ٿيل هڪڙو شخص ٿي ڳولي.
موت کان اڳ ۾ هيسيل هرڻي،
شينهن اکين ۾ ترس ٿي ڳولي.
ايڪسيڊنٽ ۾ پير وڃائي،
ناتر ننڊ ۾ رقص ٿي ڳولي.
اياز گل
غزل
دل تان گذري وئي، ڪٽار هئي،
ڪنهن وڇڙي ويل جي سار هئي.
ٻه وهاڻا پيا ها بستر تي،
ڪجهه سُندر گهڙين جي ڇار هئي.
ڪي مئل خواب وئي ڪري جيئرا،
معجزو هو ڪوئي، نهار هئي!
تون نه هئين ته ائين گذاريوسي،
روشني ڄڻ اکين کان ڌار هئي.
تنهنجي در تان ورياسي اهڙي طرح،
هار وانگي ڳچيءَ ۾ هار هئي.
پنهنجي چؤڦيرئي رهين اُڏندو،
هيءَ ڪهڙي مٺا! اُڏار هئي
موت تائين نه ٿي سگهي پوري،
زندگي وياج تي اُڌار هئي.
آثم ناٿن شاهي
غزل
تنهنجي چائنٺ جي ڏاڪي تان ـــ
جيڪو ماڻهو هيٺ ڪريو هو:
تو به ڏٺو هو، مون به ڏٺو هو.
پيار اسان جو واريءَ مُٺ جيان ـــ
واچوڙن ۾ جئن وکريو هو:
تو به ڏٺو هو، مون به ڏٺو هو.
پائيندڙ دريا جي ڪپ تي ـــ
ڪانهن گهڙي لئه جو نِسريو هو:
تو به ڏٺو هو، مون به ڏٺو هو.
هلندي هلندي ڪيئن اچانڪ ـــ
چرخو اُبتو ڪالهه ڦِريو هو؟
تو به ڏٺو هو، مون به ڏٺو هو.
توکي، مون کي دنيا وارن ـــ
ڪيئن ڪيئن قينچن سان ڪتريو هو:
تو به ڏٺو هو، مون به ڏٺو هو.
نورالهديٰ شاهه
بيوسي
منهنجن
ابن ڏاڏن
۽
پڙڏاڏن جا هڏا!
قبرن منجهان نڪري اچو
منهنجي ڏيهه جي ماضيءَ سان ڳنڍيل کنڊر،
ٻيهر جُڙي پئو،
منهنجا هموطن درياهه!
اُٿلي پئو،
۽ او منهنجي ديس جي ڌرتي!
ماڻهوءَ جي هانوَ جيان
دانهن ڪري
ڦاٽي پئو!
جيئن اسان جو عذاب
پڙاڏو بڻجي
ايڏي گونج ڪري، جو
ڪائنات سڄي اُن جي لپيٽ ۾ اچي
اسان جي هم آواز ٿئي!
خاڪي جويو
وائي
اڃان نينهن نچي، پيار پچي
پريت نگر جي پنڌ ۾.
ڪيڏاري جي ڪُوڪ تي، ڪُڏي ڪو ته اچي:
پيار پچي- پريت نگر جي پنڌ ۾.
تيسين تڙپون تند تي، جيسين رُت رچي،
پيار پچي- پريت نگر جي پنڌ ۾.
ڄر ڄراٽو ڄاڻ جو، ڪوئي مچ مچي،
پيار پچي- پريت نگر جي پنڌ ۾.
نصير مرزا
پاڻيءَ جي ڪهاڻي
ستارا!
ستارا!
اڙي، او ستارا!
اسان جي نصيبن جي نيري اُفق تي،
نه کڙندين ڪڏهن ڇا؟
ڪبوتر!
ڪبوتر!
اڙي، او ڪبوتر!
مديني جا پيارا ڪبوتر!
پَرن ۾ لِڪائي،
سڳوري نبيءَ کي اسان جا
سنيها
نه پهچائيندين ڇا؟
ته سنڌڙيءَ جو شهباز،
ڀِٽ جو ڀٽائي
سَن جو سَنائي:
خدا جي خدائي، نه توکان گهرن ٿا-
گهرن ٿا فقط،
پنهنجي دريا ۾ پاڻي؛
اِهائي ڪهاڻي.
ستارا!
ستارا!
مختيار ملڪ
غزل
دل ۾ ڪو پيار نظربند آهي،
منهنجو اظهار نظربند آهي.
سانت ۾ سُر لڪي ويا سارا،
ڪوئي فنڪار نظر بند آهي.
ذهن تي نقش ٿي ويو ڪوئي،
هڪڙو ويچار نظر بند آهي.
تنهنجي انڪار مان ٿيو پڌرو،
تنهنجو اقرار نظربند آهي.
منهنجي دل منجهه ائين آهين ڄڻ،
سارو سنسار نظربند آهي.
دل جي معصوم خواهشن ۾ ڪو،
چلولو يار نظربند آهي.
پيار پنهنجي ۾ تو ڏٺو آهي،
هڪڙو ”مختيار“ نظربند آهي.
بخشڻ مهراڻوي
آخري هڏڪي!
خود فريبي آهي
تنهنجي ڳولا ۽ جستجو جو سفر!
پوءِ به هي اکيون،
پرديسي پکين جيان
تنهنجي ديس جون متلاشي آهن.
جتي جو ساحل
اسان کان رُٺل آهي.
سمنڊ،
ڪنهن پراڻي يار جيان
پنهنجو ڀاڪر آڇي ٿو
منهنجي ندي
تنهنجي درشن لئه پياسي آهي
آءٌ آخري بار توکي ڏسڻ ٿو چاهيان
هڪڙو آخري ساهه
توکي تحفي ۾ ڏيئڻو آهي
هڪڙي آخري هِڏڪي،
تنهنجي هٿن تي رکڻي آهي!
احمد سولنگي
نظم
خواب ۾ تون هئين ۽ هڪ گهوڙو،
دُور ٿي وياسين ريت ڪناري؛
ڀيڄ ڀنيءَ جو جهرڪين جهوريو،
اکڙين مان ويون ننڊ ٻُهاري!
سورج نڪتو بُرج مٿان ۽،
شهر جون گونگيون گهٽيون جاڳيون؛
ماڪ سان پوپٽ منهڙو ڌوئي،
ڳوليون پنهنجون مُکڙيون ساڳيون!
ٿڌڙيءَ اُس تي مِٽي مهڪي،
رنگ رنگ جو رومال کُلي پيو؛
ٻور نديءَ تي وڻ مان برسيو،
واهوندي جو واءُ گهلي پيو!
مون ته گهريو هو تنهنجو سپنو،
رات- ڪناري، حرف دعا جو؛
توکي مون کان ڌار ڪري ويو،
ڪرڻو، پٿر، ڦولُ هوا جو!
مولا بخش چانڊيو
هائيڪو
اکر پيا اُڻجن،
شاعر! تنهنجا رت ڦڙا
گيت پيا بڻجن.
آئين روبرو
ڪيڏي ڦهلي ڦول جان،
ڀاڪر ۾ خوشبو!
سارو ڏينهن ڪڙهي
سرمئي سانجهه اچي ويئي
سوني طشت چڙهي!
مقصود گل
ترائيل
نيڻ ڏيئا
تولاءِ ٻئي نيڻ ڏيئا رات جو ٻاري،
راهن ۾ رکي ديد، سندءِ راهه ڏسان ٿو،
هر واءُ جي ڪڙڪي تي ڪنايان ۽ ڪسان ٿو،
پنهنجي ئي اکين مينهن ۾ هر روز پسان ٿو،
هر ساهه کڄي ساهه سان ٿو توکي سنڀاري،
مان روز ڏيئي لاٽ جان ٻهڪان ۽ ٻران ٿو،
تولاءِ ٻئي نيڻ ڏيئا رات جو ٻاري.
سندءِ ياد
ها، ياد سندءِ سور ڀي ۽ ساهه ڀي آهي،
ان ياد سهاري ٿو اڃا جڳ ۾ جيئان پيو،
ڪنهن ويل ڪري ياد کِلي آءٌ روئان پيو،
ڳوڙهن سان دکي ديد جا مان درد ڌوئان پيو،
ها، ياد سندءِ چوٽ ڀي ۽ چاهه ڀي آهي،
سک، چين، خوشي کوڙ، سوين سُور سهان پيو،
ها، ياد سندءِ سور ڀي ۽ ساهه ڀي آهي.
وقت
ايندو نه وَيل وقت، پرين پيار ڪري وٺ،
هيءَ واءُ درياهه سندي وير وري ڪيئن،
هيڪر جا گهلي هير وڃي هير وري ڪيئن،
تقدير لکي آه جا تحرير وري ڪيئن،
انڪار ڇڏي قرب جو اقرار ڪري وٺ،
ٽاڻي جا مڪي آهه سا تصوير وري ڪيئن،
ايندو نه ويل وقت پرين پيار ڪري وٺ. |