مجاهد
”خاموش“ هيسباڻي
وي
سي
آر
وي.
سي. آر
کان
ٻارو رهو
پري،
وي.
سي. آر
ٿي
خانون خراب
ڪري،
ڪهڙو
فائدو وي.
سي.
آر ڏسڻ
مان،
اجايو
سجايو ٻارو
رُلڻ
مان.
پڙهڻ
تي اوهان
دل
لڳايو ٻارو،
ڇو
ٿا اوهين
پنهنجو وقت
وڃايو،
علم
هڪ اهڙي
دولت
آهي،
جنهن
سان ملندي
عزت
آهي،
اوهين
جي نه
علم
پرائيندؤ،
وڏڙا
ٿي پوءِ
پڇتائيندؤ،
جيڪو
ڏسندو وي.
سي.
آر
علم
سان اوهين
ٻارو
لڳايو دل،
”خاموش“
جي نصيحت
تي
ڪيو عمل،
وي.
سي. آر
کان
ٻارو، رهو
پري،
وي.
سي. آر
ٿي
خانو خراب
ڪري.
رشيد
”ارشد“
اچو
ته
کوڙا
پڙهون!
هڪ
ڏوُن ڏوُن،
مسلم
آهيون
ٻه
ڏوُن چار،
ڪلمو
پڙهه يار،
ٽي
ڏوُن ڇهه،
کُڏ
تان لهه!
چار
ڏُون اَٺ،
ڪوڙو
کائي
لٺ!
پنج
ڏُون ڏهه
پڙهي
نٿو
گڏهه!
ڇهه
ڏُون ٻارهن،
بسڪوٽ
آهن
يارهن!
ست
ڏُوهن چوهن
اولهه آهي
هوڏانهن!
اَٺ
ڏُون سورهن،
کولي
پڙهه قرآن،
نَون
ڏوُن ارڙهن،
کوڙا
ياد ڪريان!
ڏهه
ڏُون ويهه،
”ارشد“
ذرو
بيهه!
اڪبر
جسڪاڻي
مولٽي
فوم
۽
هاٿي
ڪو
وقت هو،
جنهن
گهر ۾ ريڊيو
هوندو هو
ته
اهو وڏو
ماڻهو سمجهيو
ويندو هو،
۽
ماڻهو پري
پري
کان ريڊيو
ڏسڻ
ايندا هئا،
ان
کان اڳ
۾
ڪن
وٽ فونو
گرام
هوندو هو،
جنهن
جي چاٻي
ڀربي
هئي، ان
جي
مٿان وڏو
هڪ
لائوڊ وانگيان
آواز
پيدا ڪرڻ
لاءِ
هڪ ڍڪ
رکيو
ويندو هو،
۽
ماني
وانکيان گول
رڪارڊ ڪاري
رنگ
جا هوندا
هئا،
جن تي
گانو
ڀريل هوندو
هو،
پوءِ اهو
رڪارڊ فوني
جي
مٿان هڪ
چرخي
تي رکي
هڪ
سُئي ان
جي
مٿان رکي
ويندي ئي،
پوءِ
رڪارڊ رکيل
چرخي
هلندي هئي،
۽
ان
سُئي جي
مدد
سان اهو
آواز
ٻڌڻ ۾ ايندو
هو.
اهو
فوٽو اڄ
جي
ٻارن متان
نه
ڏٺو هجي،
پر
اهو اڄ
به
ڪنهن وڏي
ماڻهو جي
گهر،
يا ڪنهن
ريڊئي ٺاهيندڙ
مستري جي
دڪان
تي خراب
حالت
۾
پيل هجي
ته
ڏسي سگهجي
ٿو!
ڳوٺن ۾ ماتا
جو
علاج نه
ڪرائيندا هئا،
پر
ڪنور ڀڳت
جي
لولَي
”ٺار
ماتا
ٺار، منهنجي
ٻچن
کي ٺار.“
جو
رڪارڊ ڪٿان
فونو
هٿ ڪري
ٻار
کي ٻڌائبو
هو.
ان سان
ٻار
کي سڪون
ملندو هو،
هاڻ
ته دوا
ايجاد ٿي
چڪي
آهي، ۽ ماتا
جو
مرض ختم
ٿي
ويو آهي،
اصل
ڳالهه ته
فوني
کان پوءِ
ٽيپ
رڪارڊ آيو
آهي،
جنهن ۾ ڪيسٽ
وجهبي آهي،
پر
هاڻ ته
ٽيليويزن جي
اچڻ
کان پوءِ
انهن
شين جي
ايتري ضرورت
نه
رهي آهي.
مٿان
وري ڊش
اينٽنا ۽
V.C.R
جو
اچڻ
ماڻهوءَ لاءِ
هاڻ
پراڻيون شيون
ڪم
جون نه
رهيون آهن!
ٽيليويزن
تي ته
سستين شين
جا
به اهڙا
اشتهار ڏيکاريا
پيا
وڃن، جو
ڄڻ
ته اڳئين
دؤر
جي پرين
جا
قصا ياد
اچيو
وڃن، جن
کي
حڪم ڪبو
هو
ته هر
چيز
حاضر تيئن
هڪ
شيمپو لڳائڻ
سان
وار ننڍڙا
وڏا
ٿيو وڃن،
گنجي
ماڻهوءَ جي
ٽڪڻ
تي وار
ڄميو
اچن، ۽ ڪاري
شڪل
وارو ماڻهو
ڪريم
هڻي ته
ڀورو
ٿيو وڃي،
حقيقت ۾ اها
سڀ
انهن شين
کپائڻ جي
مشهوري آهي،
۽
سادا
ماڻهو اهو
اشٽهار ڏسي،
ٻئي
ڏينهن تي
دڪان
تان وٺي
استعمال ڪن،
۽
فائدي نه
ٿيڻ
کان پوءِ
سمجهيو وڃن،
اصل
ڳالهه اها
آهي
ته اڳ
گهرن
۾
پينگها هوندا
هئا،
۽
کٽون هونديون
هيون، جن
تي
سمهڻ لاءِ
هيٺيان پٿراڻي
وجهبي هئي،
ڪپهه
هجڻ ڪري
نرم
هوندي هئي،
۽
جسم
کي آرام
ملندو هو.
اونهاري ۾ وري
پن
جيڪا تلائن
۾
ٿيندي، ان
جون
تؤنريون هونديون
هيون. سي
وڇائي، مٿان
پاڻي
جو ڇڻڪار
ڪري
سمهبو هو
ته
آرام اچي
ويندو هو،
پر
هاڻ بجلي
جا
پکا، ايئر
ڪنڊيشن اچڻ
کان
پوءِ، اهي
شيون
هڪ ته
اڻلڀ
آهن، يا
اڃا
غريب ماڻهن
جي
استعمال ۾ اچن
ٿيون.
ڳالهه
هئي ٽيليويزن
تي
اشتهار جي،
سو
مولٽي فوم
جو
اشتهار، جنهن
تي
هاٿي به
چڙهي
بيهندو آهي،
ته
ان تي
ڪو
فرق ڪونه
پوندو آهي،
اهو
اشتهار ڏسي،
هڪ
دوست جي
ٻارن
جيڪي ڏاڍا
شرارتي آهن،
تن
پيءُ کي
چيو
ته کين
مولٽي فوم
جو
گدو وٺي
ڏنو
وڃي، پر
اهو
جنهن تي
هاٿي
به پير
رکي
ٿو ته
خراب
نه ٿو
ٿئي،
سو دوست
ويچارو وڃي،
اهو
مولٽي فوم
جو
گدو وٺي
آيو،
ان سان
گڏ
پلنگ به
وٺي
آيو، همراهه
پنج
هزار خرچ
ڪيا،
ٻارن جو
ڏٺو
موٽي فوم
جو
گدو، سو
خوش
ٿيا ۽ مذاق
۾
ان
تي ڪڏن،
ٽپن
پيا، ڪو
جوڊو
ڪراٽي جي
اسٽائيل ۾ ان
کي
مڪون پيو
هڻي،
هڪ ڏينهن
سندن
پيءُ، ماءُ،
شهر
ويا ڪم
سان،
سو ٻارن
سوچيو ته،
هن
تي هاٿي
به
پڙهي بيهي
ٿو
ته ڪو
اثر
ڪونه ٿو
ٿئي،
سو لٺيون
کڻي
اچي ورتائون،
مولٽي فوم
جي
گدي کي،
ويچاري گدي
جو
مٿيون ڪپڙو
ڦاٽي
پيو. اندران
نڪتو، رٻڙ
جو
فوم، سو
ٻارن
رڙ ڪئي،
اڙي
اهو ته
بس
جي سيٽن
۾
هوندو آهي،
جنهن
جا ٽڪر
کڻي،
پاڻي ۾ وجهندا
آهيون ته
پاڻي
چُهي ويندو
آهي،
۽
پوءِ سليٽون
صاف
ڪندا آهيون،
اما،
انهيءَ سان
ٿانءَ صاف
ڪندي
آهي، سو
ذرو
ذرو ڪري
پٽڻ
لڳا، سندن
ماءُ
پيءُ جو
گهر
اچن ته
گدو
شهيد لڳو
پيو
هجي، سندن
پيءُ
کي ڏاڍي
ڪاوڙ
ائي ۽ دڙڪو
ڏيندي چيائين،
ڇورا، هن
سان
ڪهڙو حشر
ڪيو
اٿو، ٻارن
ڊڄندي چيو:
”بابا، ٽيليويزن
تي
ته هاٿي
پير
رکي ٿو
ته
به خراب
نه
ٿو ٿئي،
اسان
ته ٿورا
ڏنڊا
هنيا، ته
ڦاٽي
پيو. هي
ته
سيٽين وارو
رٻڙ
آهي، دڪان
وارو
اوهان کي
ٺڳي
ويو آهي.“
ٻارن
جي اها
ڳالهه ٻڌي
سندن
پيءُ کان
کل
نڪري ويئي
۽
چيائين:
”بابو
اهو
ته کپائڻ
لاءِ
اشتهار ڏيندا
آهن،
اصل ۾ اهو
ئي
فوم آهي.“
ٻارن
چيو:
”پوءِ
اهو
ڪوڙ آهي“
سندن
پيءُ جيڪو
گنجو
هو، تنهن
چيو:
”ابا،
جي
سچ هجي
ته
پوءِ وارن
لاءِ
ڪيترن تيلن
شيمپن جا
اشتهار اچن
ٿا،
مان نه
وٺي
هڻان ها،
۽
مٿي
تي وار
اچن
ها“ اهو
ٻڌي
ٻار کليا،
۽
پوءِ
چيائون:
”بابا
چئبو
ته اهو
دوکو
آهي، سندن
پيءُ
ها ۾ ها
ملائي، ۽ ٻار
پلنگ
تان گاديلو
هٽائي راند
ڪرڻ
لڳا، ۽ وري
راند
ڪندي هڪ
ٻئي
کي چوڻ
لڳا
ته
”يار،
استاد ته
ڪلاس
۾
سچ چوندو
آهي،
ته سوپاريون
۽
چيوگم نه
کائو، اهي
ڏندن
کي خراب
ڪن
ٿا ۽ سوپارين
۾
مٺي
ڪرڻ لاءِ
رنگ
۽
سيڪرين ملائن
ٿا،
جنهن جي
ڪري
ڳلو خراب
ٿئي
ٿو.“ اتي
سندن
ڀيڻ رڙ
ڪندي
چيو:
”ها
ادا،
ماسي نعمت
جي
ڇوڪري کي
سوپاري نڙيءَ
۾
ڦاسي
پئي، ڊاڪٽر
ڪڍڻ
جي ڪوشش
ڪئي،
ڪانه نڪتي،
پوءِ
ويچاري جو
آپريشن ڪري
اها
سوپاري نڙيءَ
مان
ڊاڪٽر ٻاهر
ڪڍي!
ڏاڍو ويچارن
جو
خرچ آيو.“
”ها،
ادي“ هڪ
ڀاءُ
چيو، پوءِ
سڀني
ٻارن واعدو
ڪيو
ته اڄ
کان
وٺي، چيوگم،
سوپاريون يا
ٻيون
جيڪي نقصان
واريون شيون
آهن،
جن لاءِ
استاد ۽ والدين
منع
ڪن ٿا،
سي
ڪونه کائبيون،
پر،
اهي شيون
کائيبون جيڪي
صحت
لاءِ فائديمند
هونديون، سڀني
پاڻ
۾
واعدو ڪيو،
۽
اهو
به چيو
ته
هروڀرو، ٽيليويزن
جي
اشتهار تي
صحت
خراب ڪانه
ڪبي،
نه ته
انهيءَ فوم
جهڙو
حشر ٿيندو،
سڀ
ٻار کلڻ
لڳا.
ثمينه
ميمڻ
/نجمه
پنهور (انٽرويو)
نينا
مرزا
ٻارن
کي ڏسڻ
سان
۽
انهن سان
ملڻ
سان گلن
جو
احساس ٿيندو
آهي،
واقعي ٻار
ته
گل ئي
هوندا آهن،
چوندا آهن
ٻار
مڇ جو
وار،
جيڏانهن ورائجي
اوڏانهن ورندو،
اها
چواڻي ڪيستائين
صحيح
آهي، ان
جو
اندازو اسان
هر
سٺي ٻار
۽
هر
شرارتي ٻار
مان
لڳائي سگهون
ٿا.
ٻار
کان هڪ
مڪمل
انسان ٿيڻ
تائين، هن
جي
چويان پنهنجي
ماءُ
جا ڪيل
اوجاڳا، محنتون،
محبتون، شفقتون،
تهذيب، ماحول-
تمام
اهم ڪردار
ادا
ڪن ٿا،
پيدا
ٿيڻ وقت
سڀ
ٻار هڪ
جيترا معصوم
۽
ڏاها
هوندا آهن،
انهن
کي ماحول
پنهنجي ٻانهن
۾
پالي
وڏو ڪري
ٿو
۽
اهوئي ٻار
اڳتي
هلي هي
خوبصورت ادارا،
تنظيمون ۽ ذميواريون
پنهنجي مضبوط
هٿن
۾
سنڀالي ٿو.
اڪثر
ڏٺو ويو
آهي
ته ڇوڪريون
پڙهائي جي
معاملي ۾ ڇوڪرن
کان
وڌيڪ ذهين
۽
اڳڀريون آهن،
ان
ئي ڳالهه
جي
دعوى ڪندڙ
هڪ
ننڍڙي، پياري
۽
تمام
گهڻي پياري
نينگري جيڪا
ڪلاس
۾
هميشه پهريون
نمبر
اچي ٿي
۽
تمام
ڏاهي سلڇڻي
۽
ڪيو
گڏيءَ جهڙي
نينا
مرزا کان
انٽرويو ٿا
ڪريون.
هن
ننڍڙي نينگري
جنهن
خانداني پس
منظر
۾
جنم ورتو
آهي،
انهيءَ خاندان
کي
علم ۽ ادب
جو
رکوالو چئجي
ته
وڌاءُ نه
ٿيندو، هن
ئي
خاندان اسان
کي
مرزا گل
حسن
احسن ڪربلائي،
مراد
علي مرزا،
ممتاز مرزا
۽
ٻيا
کوڙ سارا
ليکڪ
ڏنا آهن،
ٻارو
نيا مرزا
آهي
ته ننڍڙي
پر
ڪيئن نه
وڏن
جيان ڏاهي
ٿي
ڳالهيون پئي
ڪري،
اچو ته
سندس
پياريون ڳالهيون
توهان کي
به
ٻڌايون.
نينا
مرزا: منهنجو
نالو
آهي، آئون
ٻئي
ڪلاس ۾ پڙهندي
اهيان ۽ هميشه
ڪلاس
۾
هر ٽيسٽ
۾
پهريون نمبر
ايندي آهيان.
س:
توهان کي
اسڪول جي
ڪم
۾
ڪير مدد
ڪرائيندو آهي؟
ج:
مون کي
منهنجي امان
اسڪول جو
ڪم
ڪرائيندي آهي
۽
پوءِ
بابا شام
جو
شيءِ وٺن
لاءِ
وٺي ويندو
آهي.
س:
توهان ايڏا
ڊسپلين وارا
آهيو، توهان
اسان
جي ٻارن
کي
ٻڌايو ته
اهو
سڀ ڪجهه
توهان اسڪول
مان
سکيا آهيو،
يا
گهر مان
يا
ڪنهن ٻي
وٽان؟
ج:
مون کي
امان
الاهي ساريون
سٺيون ڳالهيون
ٻڌائيندي آهي،
ٽيچر
ٽائيم تي
اٿڻ،
پڙهڻ ۽ راند
رهڻ
جا طريقا
ٻڌائيندي آهي،
بابا
۽
ڏاڏي امان
سڀني
سان پيار
ڪرڻ
جو ڏس
ڏيندا آهن.
س:
نينا توهان
گهر
۾
ڪيئن وقت
گذاريندا آهيو؟
ج:
اسڪول مان
اچڻ
کان پوءِ
وهنجي ماني
کائيندي آهيان،
پوءِ
ٿورو آرام
ڪندي
آهيان، ان
کان
پوءِ قرآن
پڙهڻ
ويندي آهيان،
پوءِ
اسڪول جو
ڪم
ڪندي آهيان،
ٿوري
راند ۽ ٿوري
دير
ٽي وي،
تي
ٻارن جا
پروگرام به
ڏسندي آهيان.
س:
توهان کي
پڙهڻ
۾
ڪهڙو مضمون
سولو
ٿو لڳي؟
مون
کي هونئن
ته
ڪجهه به
ڏکيو
ڪونه لڳي
پر
انگريزي ۽ ڊرائنگ
منهنجا پسنديده
مضمون آهن.
س:
نينا ڀلا
اهو
ٻڌايو ته
توهان کي
ٽيچر
پيار ڪنديون
آهن؟
ج:
مون کي
ٽيچر
الاهي سارو
پيار
ڪنديون آهن،
سڀ
کان گهڻو
مون
کي مس
وڻندي آهي،
مون
کي اسڪول
۾
يا
گهر ۾ ڪڏهن
به
مار ۽ دڙڪا
ڪونه
مليا آهن.
س:
توهان اسڪول
جي
ڪتابن کان
سواءِ ٻيا
ڪي
ڪتاب پڙهندا
آهيو؟
ج:
نه مان
اڃا
ڪتاب پڙهي
نٿي
سگهان، پر
امان
ٻارن جي
ڪتابن مان
بيت،
گيت، نظم
۽
ڪهاڻيون پڙهي
ٻڌائيندي آهي،
جيڪي
مون کي
ياد
ٿي وينديون
آهن،
۽
آئون وري
پاڻ
کان ننڍن
ٻارن
کي اُهي
ڪهاڻيون ۽ بيت
ٻڌائيندي آهيان.
س:
نينا ڀلا
توهان ايترو
پڙهندا آهيو،
راند
به ڪندا
آهيو
يا نه؟
ج:
ها آئون
راند
به رهندي
آهيان، گڏين
جي
راند مون
کي
ڏاڍي وڻندي
آهي.
س:
ڪلاس ۾ ڪنهن
سان
دوستي آهي؟
ج:
منهنجي هونئن
ته
سڀني دان
سوتي
آهي، پر
منهنجي پڪي
دوست.... آهي،
اسان
هڪ ڊيسڪ
تي
گڏ ويهندا
آهيون ۽ ڪلاس
ورڪ
به گڏجي
ڪندا
آهيون.
س:
اسان کي
اهوته ٻڌايو
ته
هي ننڍڙي
نينا
وڏي ٿي
ڇا
ٿيندي؟
ج:
آئون وڏي
ٿي
تمام وڏي
آفيسر ٿينديس،
مون
کي آفيس
۾
ڪم
ڪندڙ ڇوڪريون
سٺيون لڳنديون
آهن.
س:
پياري نينا
هاڻي
آخر ۾ پنهنجي
ننڍڙن ساٿين
لاءِ
ڪو پيغام
ڏيو؟
ج:
آئون پاڻ
اڃا
ننڍڙي آهيان،
پنهنجن ننڍڙن
ڀائرن ۽ ڀيڻن
کي
اهو چوندس
ته
تعليم حاصل
ڪرڻ
۽
محنت سان
حاصل
ڪرڻ سان
ئي
ڪنهن وڏي
منزل
تي پهچي
سگهجي ٿو،
وڏن
سان اخلاق
سان
پيش اچو
۽
پاڻ
کان ننڍڙن
سان
پيار سان
هلو.
چڱو
نينا مرزا
توهان سان
الاهي ساريون
ڳالهيون ٿيون،
توهان تمام
گهڻيون ذهين
۽
ڏاهيون آهيو،
شل
اسان جي
سنڌ
جا سڀ
ٻار
ايڏا ڏاها
۽
هوشيار ٿين.
اهو
سوچي اسان
نينا
کان موڪلايو. |