نظم
وڻي ٿو پيارو رسالو گلن جو،
سدا سونهن وارو رسالو گلن جو
ٽلن مور جهڙا ننڍڙا ٻار سهڻا
ڏسو هي نظارو رسالو گلن جو.
رهي هي هميشہ دعا آهي دل جي،
سدا هي دلارو رسالو گلن جو،
ادب خُلق سان جو سنواري ٿو ٻالڪ،
اهو جيءَ جيارو رسالو گلن جو،
”آصف“ آهي هردم انهيءَ جو پياسو،
قلب جو قرارو رسالو گلن جو.
عبدالمالڪ ”آصف“ پلي
عبدالصمد سومرو مضمون نمبر 1
سلسلو نمبر 43
ٻوڏ جا راڱا ۽ غريب ماڻهو جا حال
جن وٽ صرف الله جو نالو ئي رهيو آهي. هڪ ويلي جي ماني لاءِ
محتاج آهين.
هڪ رات تمام تيز برسات ۽ هوا لڳي، جيڪا ايتري قدر ته تيز هئي جو
پاڻيءَ جون ڇوليون، بندن جي مٿان اچي رهيون هيون،
ڄڻ ڪنهن مٿان اُلر ڪن پيون. ان رات تمام وڏو خطرو
هئو ۽ وڌيڪ نقصان ٿيڻ جو انديشو هئو. اهڙي حالت ۾
غريب ماڻهن وڏي همت سان حالات سان مقابلو ڪيو ۽
بندن کي وڌ ۾ وڌ مضبوط ڪيو. اگر ان وقت باقي رهيل
بند به ٽٽي پون ته اهڙي صورت ۾ الله ئي واهي آهي،
ڇو ته ان وقت مدد جو آسرو بلڪل نه هوندو آهي.
ٻوڏ دوران مختلف بيماريون اچي منهن ڪڍنديون آهن، جهڙوڪ مليريا،
دستن جون بيماريون ۽ ڪالرا وغيرهه. هي اُهي
بيماريون آهن، جن جي بروقت روڪٿام نه ٿيڻ ڪري وڌيڪ
ڦهلجڻ جو خطرو هوندو آهي ۽ هزارين ماڻهو بيمارين ۾
مبتلا ٿي ويندا آهن ۽ موزون علاج ۽ غذا جي گهٽ
دستيابيءَ سبب بيمارين وگهي موت جي چنبي ۾ اچي وڃن
ٿا.
ٻوڏ دوران اهو ڏٺوسين ته ڪجهه جانور تيز ۽ گهڻي پاڻيءَ سبب جلدي
نڪري نه سگهندا. سي ٻڏل جهوپڙين جي مٿان بُکن کان
پاهه ٿيا ويٺا هئا. دانهون ۽ اونايون ڪري رهيا
هئا. غريب ماڻهو جي ڪسمپرسي جي هي حالت ڏسي هيانءُ
ڀرجي اچي ٿو.
تازيون ٻوڏون نه فقط سنڌ جو پر پوري برصغير جو بدترين حادثو
آهن. تاريخ ۾ اهڙيون ٻوڏون وڏيون هاڃيڪار ثابت
ٿيون آهن. ٻوڏن پنهنجي هن عمل سان ڪڏهن مالي ته
ڪڏهن جاني نذرانو ورتو آهي. جنهن پنهنجي موجن سان
قومن ۽ تهذيبن کي ناس ڪيو آهي. سنڌوءَ جي تاريخ
اهڙين واقعن سان ڀري پئي آهي. سنڌوءَ جي سيني ۾
تاريخ جا اَملهه دور سمايل آهن. هن جي اوج کي شايد
ڪير به نه روڪي سگهيو آهي.
اسان وٽ تازو مثال سورجاڻي بند جو آهي، جيڪو پاڻي جي زور وچان
ٽُٽي پيو ۽ هزارين جانيون پاڻي اندر ڦاسي پيون ۽
لکن روپين جا فصل، مال متاع ۽ گهر تباهه ٿي ويا.
هن افسوسناڪ واقعي ۾ ويچارا ماروئڙا، بي وسي جي
حالت ۾ بي يارو مددگار کليل آسمان هيٺيان مدد لاءِ
سڏين پيا. ان وقت جيڪا امداد سرڪاري ڪامورن هٿان
ورهائي پئي وڃي سا بلڪل نه هجڻ جي برابر هئي.
مٿيون مثال صرف ٺٽي ضلع جو آهي. جڏهن ته پوري سنڌ
هن مصيبت ۾ گهيريل هئي.
غريب ماڻهوءَ جي حال جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هو
پنهنجا سر بچائي ٻاهر نڪتا . سندن سارو الهه تَلهه
چٽ ٿي ويو. ويچارا سادهه دل ماروئڙا،
محمد حنيف ناز سلسلو نمبر 43
مضمون نمبر 2
ٻوڏ جا راڱا
انسان هن دنيا ۾ پنهنجي لاءِ جنت جهڙا گهرڙا جوڙي پنهنجي ماڳ،
ڪڙم ۽ قبيلي سان زندگيءَ بسر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.
هوڏانهن هن ڌرتي تي رهندڙ غريب ماڻهو به پنهنجي وت
آهر پنهنجا گهرڙا ۽ جهوپڙيون جوڙي آرام سان
زندگيءَ گذارڻ جي ڪوششن ڪن ٿا.
جڏهن هنن جي آستانن تي رحمت جي بوند بارش جي صورت ۾ وسندي آهي،
ته اڪثر ڪري هن ملڪ جا سڀئي رهواسي ۽ خاص طرح ٿر
جا ڏوٿيئڙا، ماروئڙا ۽ جهانگيئڙا بي حد خوش ٿيندا
آهن ۽ پوءِ جنهن طرف نظر ڪبي آهي، ته ساوڪ ئي ساوڪ
نظر ايندي آهي. پر جڏهن اهائي بارش وڌي ٻوڏ جي
صورت اختيار ڪري ٿي ته پوءِ اها رحمت جي بجاءِ
زحمت بڻجو پوي، ڇو ته هر چيز وزن سان ئي ڀائيندي
آهي. ڏٺو وڃي ته ڳوٺاڻي زندگي عجيب زندگي آهي.
اتان جي زميندارن، هارين ۽ ڪُڙمين جو گهڻو انحصار
زمين ۽ پاڻي تي هوندو آهي. هاري ويچارا سڄو ڏينهن
محنت ۽ مشقت ڪري زميندارن کي خوش ڪن ٿا ۽ سڄو
ڏينهن راهڪي ڪري شام جو پنهنجي ماڳ موٽن ٿا.
سو غريب ماڻهن جي زندگي ائين ئي روان دوان رهي ٿي. انهن غريب
ماڻهن وٽ، پاڻيءَ جو قدر، وڌ ۾ وڌ هوندو آهي. جنهن
جي ذريعي، هو زمين کي آباد ڪن ٿا. جي اهو پاڻي
ضرورت کان وڌيو وڃي ته ٻوڏ ٿيو پوي ۽ نتيجي طور
انهن زمينن سان گڏوگڏ غريب ماڻهن کي پنهنجي
جهوپڙين ۽ ڪچن گهرن جي حفاظت ڪرڻ به مشڪل ٿيو پوي.
زمينن تي هڏ هنيل پورهيو ضايع ٿي وڃي ٿو. محنت ۽
مشقت ۾ مٽي ۽ گاري سان اڏيل ڪچڙا گهر به انهيءَ
ٻوڏ جي نظر ٿيو وڃن. اهي غريب ماڻهو انهيءَ آيل
ٻوڏ ۾ بي يارو مددگار پڪارين ٿا ۽ پنهنجون
جهوپڙيون ۽ هٿڙن سان اڏيل ڪچڙا گهر ڇڏي قافلي جي
صورت اختيار ڪري مجبوراً ڪنهن ٻئي پاسي وڃي سڪونت
اختيار ڪن ٿا. اهو منظر هڪ دل ڏاريندڙ منظر هوندو
آهي.
هاڻي انسانيت جي ناتي، اهو اسان تي فرض عائد ٿئي ٿو ته انهن
غريب ماڻهن جي ترت مدد ڪريون ۽ ٻوڏ ۾ آيل مالي ۽
جاني نقصان کي وس آهر، گهٽائڻ جي ڪوشش ڪريون، ڇو
ته اهي زمين کي چيري فصل تيار ڪن ٿا، اس ۾ محنت
مزدوري ڪن ٿا ۽ اهي غريب ماڻهو ساري عالم لاءِ
دعائون ڪن ٿا.
دستوري
ڪالم
کل ته سهي
پٽ: امان، امان، هن فقيرياڻي کي ماني نه ڏجان
ماءُ: پٽ ڇو؟
پٽ: امان هيءَ گهرندي، الله جي نالي تي آهي ۽ وري کائي پاڻ
ويندي آهي.
(گلاب خان پٺاڻ قمبر علي خان)
ڀاءُ چيو، ڀيڻ کي: ادي اسان جي اسڪول ۾ نئي روشني اسڪول کليو
آهي.
ننڍو ڀاءُ: ها ادي مون پاڻ ڏٺو بلب ٻريا پي.
ٻه موالي نشي ۾ هئا ته آسمان ۾ گجگوڙ ٿي ۽ مينهن وسڻ شروع ٿي
ويو.
هڪ موالي رڙ ڪئي: آسمان ڦاٽي پيو آ، پاڻي وهي پيو، اتي ئي کنوڻ
ٿي ته ٻئي موالي رڙ ڪئي: يار دل نه لاهه ملائڪ
ويلڊنگ ڪن پيا.
(جميل احمد خلجي کهڙا)
هڪ بيوقوف: مان سڄي دنيا جا ڪارخانا خريد ڪندس.
ٻيو بيوقوف: مان وڪڻندس ئي ڪونه!
(ايم- رمضان سيلرو)
هڪ بيوقوف: صبح جو ٻلي کي وهنجاري رهيو هو، سندس ڀاءُ جو ڏٺس،
تنهن چيس ته: چريا ٻلي مري ويندي، پر هو نه مڙيو.
اڌ ڪلاڪ کان پوءِ سندس ڀاءُ واپس آيو، ڏسي ته سندس
بيوقوف ڀاءُ روئي رهيو آهي. هن روئڻ جو سبب پڇيس.
بيوقوف ٻڌايس: ته ٻلي مري وئي آهي. ڀاڻس چيس ته: مون توکي چيو
هو ته نه وهنجارينس.
بيوقوف ڀاءُ جواب ڏنس: ادا ونهنجارڻ تي صرف ڏڪي هئي، مون جو
پاڻي سڪائڻ لاءِ نپوڙيومانس ته مري وئي.
(محمد اسلم شيخ لاڙڪاڻو)
هڪ رئيس وٽ هڪ دعوت نامو آيو، ان ۾ فيملي سميت شريڪ ٿيڻو هو،
رئيس پريشان ٿي ويو ته اتي عورتن سان ڳالهائبو
ڪيئن. هڪ دوست ٻڌايس ته پهرين پڇجان توهان، شادي
شدهه آهيو ۽ پوءِ پڇجان گهڻا ٻار اٿو. اتفاق سان
رئيس کي ٻن ماين جي وچ ۾ جڳهه ملي. رئيس هڪڙي پاسي
منهن ڪري هڪ عورت کي چيو ”توهان شادي شدهه آهيو“
هن چيو ته ”نه“
وري ٻيو لفظ چيائين: گهڻا ٻار اٿو ”عورت خار مان منهن ٻي پاسي
ڪري، ڇڏيو، رئيس سمجهيو ته سوال ابتا ٿي ويا آهن،
سو ٻي پاسي منهن ڪري، عورت کان پڇيائين: اوهان کي
گهڻا ٻار آهن. هن چيو ٽي، رئيس وري ٻيو سوال ڪيو:
اوهان شادي شدهه آهيو، ”عورت کان ٽهڪ نڪري ويو ۽
رئيس منهن هيٺ ڪري ويهي رهيو.
(غلام مرتضيٰ پتافي حيدرآباد)
قلمي دوستي
نالو: طارق علي ڏاهري
ڪلاس: نائون
وندر: ڪرڪيٽ راند کيڏڻ
عمر: 13 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول حاجي خان تعلقو جوهي
نالو: زاهد حسين ملڪ
ڪلاس: ڇهون اي
وندر: علم سان چاهه
عمر: 11 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول غريب آباد، دادو.
نالو: ذوالفقار چاچڙ
ڪلاس: نائون اي
وندر: رسالو پڙهڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: هاءِ اسڪول ڪنڌڪوٽ
نالو: مڪيش ڪمار مڪواڻي
ڪلاس: ستون ڊي
وندر: گل ڦل پڙهڻ
عمر: 12 سال
ائڊريس: روي جنرل اسٽور امام بارگاهه سيٽلائيٽ ٽائون ميرپورخاص
نالو: لڄپت سنڌو
ڪلاس: ڏهون اي
وندر: سنڌ سان محبت
عمر: 15 سال
ائڊريس: هاءِ اسڪول مٺي ٿرپارڪر
نالو: راڌا ڪرشن تلريجا
ڪلاس: ستون بي
وندر: علم سان چاهه
عمر: 12 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول پنو عاقل
نالو: ارشاد علي کوسو
ڪلاس: ڇهون اي
وندر: ادبي ڪتاب پڙهڻ
عمر: 12 سال
ائڊريس: پوسٽ آفيس پنگريو ضلع بدين.
نالو: انور علي ڀٽي
ڪلاس: ڇهون اي
وندر: سنڌي ادب پڙهڻ
عمر: 11 سال
ائڊريس: ڪوارٽر نمبر بي 80 اولڊ وحدت ڪالوني حيدرآباد.
نالو: راجڪمار راٺي
ڪلاس: ڏهون اي
وندر: ادبي ڪتاب پڙهڻ
عمر: 16 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڏيئي
نالو: رشيد لغاري
ڪلاس: اٺون اي
وندر: معلوماتي ڪتاب پڙهڻ
عمر: 13 سال
ائڊريس: زيد بن سلطان هاءِ اسڪول لاڙڪاڻو.
نالو: محمد عمر مهر
ڪلاس: ڏهون بي
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 16 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول عمر ڪوٽ
نالو: امداد علي پهنور
ڪلاس: ستون
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 12 سال
ائڊريس: هاءِ اسڪول کاهي ضلع سانگهڙ.
نالو: محمد حنيف آرزو
ڪلاس: اٺون اي
وندر: انسانيت سان پيار
عمر: 15 سال
ائڊريس: هاءِ اسڪول محمد آباد وايا جلال خان گرگيز
نالو: الطاف حسين پيرزادو
ڪلاس: اٺون سي
وندر: ڪورس جا ڪتاب پڙهڻ
عمر: 14 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول ڪنڊيارو.
نالو: منير احمد نوحاڻي
ڪلاس: ڏهون اي
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: هاءِ اسڪول پريالوءِ.
نالو: گلاب خان پٺاڻ
ڪلاس: نائون
وندر: اسلامي ڪتاب پڙهڻ
عمر: 16 سال
ائڊريس: هاءِ اسڪول قمبر علي خان.
نالو: ٽيڪو ڪالاڻي
ڪلاس: ڏهون
وندر: سنڌ سان پيار
عمر: 16 سال
ائڊريس: نزد پنج گولو چوڪ راجا ميوزڪ سينٽر خيرپور ميرس.
نالو: ديوانند ڪالاڻي
ڪلاس: نائون
وندر: سنڌ سان پيار
عمر: 15 سال
ائڊريس: راجا ميوزڪ سينٽر خيرپور ميرس.
نالو: محمد سليم
ڪلاس: ستون اي
وندر: علمي ڪتاب پڙهڻ
عمر: 13 سال
ائڊريس: پي هاءِ اسڪول ڏيپلو.
نالو: محمد خالد پنهور
ڪلاس: ستون
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 12 سال
ائڊريس: هاءِ اسڪول کاهي، ضلح سانگهڙ.
نالو: انور علي سهتو
ڪلاس: ستون
وندر: ڪتاب پڙهڻ
عمر: 12 سال
ائڊريس: مڊل اسڪول پراڻي وحدت ڪالوني حيدرآباد.
نالو شيوڪ رام
ڪلاس: ستون بي
وندر: ڪرڪيٽ کيڏڻ
عمر: 12 سال
ائڊريس: هاءِ اسڪول پنوعاقل
نالو: يونس پنهور
ڪلاس: ڏهون
وندر: هاڪي کيڏڻ
عمر: 15 سال
ائڊريس: گورنمينٽ هاءِ اسڪول کاهي سانگهڙ.
سلام سنيها
خير محمد مڱريو دلشاد کان: ادا، مون ست خط لکيا آهن، تن مان صرف
ٻن خطن جو جواب مليو آهي، ڇا اهو رڳو اسان سان
ائين ڪريون ٿا ڇا؟ يا بغير پئسن جي جواب نه ڏيندا
آهيو، رسالو دير سان پهچي ٿو اهو آزار رڳو سانگهڙ
وارن سان آهي ڇا؟
(ڀاءُ جواب طلب ڳالهه، جو جواب ڏبو آهي، رسالو دير سان پهچڻ ۾
ڪجهه حيدرآباد جي حالتن جو اثر آهي.)
رعايت الله ڪپري جهڏو: ادل رسالو هاڻ گهٽ ٿيندو پيو وڃي هيٺيون
ترميمون ڪندا. ٻارڙن جا جيڪي فنڪشن ٿين انهن جي
رپورٽ ڏيندا ڪريو، تصويرون رنگين ڏيو ۽ ٻارڙن جا
خط شايع ڪريو. (ڀاءُ اسان رسالي کي بهتر کان بهتر
ڪري شايع ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون پيا. اها رپورٽ شايع
ڪبي، جيڪا اسڪول ۾ ٿيندي ۽ هيڊ ماستر صاحب جي
تصديق ٿيل هوندي. باقي خط ته هر ڀيري شامل ڪندا
آهيون، باقي خط جن ۾ رڳو مٿاڇرو لکيل هوندو آهي
اهي شايع ڪونه ڪندا آهيون).
غلام رسول ڪانڌڙو لاڙڪاڻو: ادل، اوهان وٽ به سفارش هلي ٿي،
سفارش وارو مواد ڇپيو ٿا، مون کوڙ سارو مواد
موڪليو آهي، ڇپيوئي ڪونه ٿا. فوٽو موڪليان ٿو،
شايع ڪندا. توهان وٽ فوٽو تڏهن ڇپبو آهي جڏهن ٻار
پيءَ ٿي ويندو آهي، ۽ اولاد ان جو چوندو آهي ته
بابا جو فوٽو آيو آهي. (ڀاءُ مواد اسان پنهنجي ذهن
آهر سٺو ڇپيندا آهيون، باقي ڪي نوجوان ننڍپڻ جو
فوٽو موڪليندا آهن، ظاهر آهي ته اهو ڇپبو ته اولاد
ضرور چوندو؟ ڇو ته اهو به ٻار جو احتجاج آهي ته،
بابا اهو حق ته منهنجو آهي.)
نذير سنڌي ڪنڌڪوٽ: ادل، سيپٽمبر جو پرچو ملي ويو ناٽڪ موڪليان
پيو، ٻيو ته ڪو نمبر ڪڍو (ڀاءُ توهان جي نمبر واري
شڪايت جلد دور ٿي ويندي. ناٽڪ ۾ ٻارن لاءِ ته ڪا
اصلاح آهي ئي ڪانه)
نظر محمد اوڳاهي گهوٽڪي: ادل سيپمٽبر جو پرچو جلد مليو، پر ان ۾
منهنجو نظم ڪونه هو (ڀاءُ شاعري لاءِ ڪنهن شاعر
کان اصلاح ڪرائي پوءِ موڪليو).
سيد سراج احمد دين پور: ادا اڳ ۾ به هڪ ڪهاڻي موڪليم شايع ڪانه
ٿي. سچل سائين تي مضمون موڪليان ٿو شايع ڪندا.
(ڀاءُ ڪهاڻي ٻارن جي ڏانءَ وٽان نه هئي، ٻيو ته
سچل سائين تي مضمون، ورسي جي موقعي تي شايع ڪري
سگهجي ٿو.) |