سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل آڪٽوبر، ڊسمبر  1998ع

باب: --

صفحو :1

گُل ڦُل آڪٽوبر، ڊسمبر 1998ع

ايڊيٽر: طارق عالم ابڙو

حال احوال

انساني معاشري ۾ قابلِ احترام ۽ عظيم لائق فقط اهو شخص آهي، جنهن ۾ ٻه اوڻايون بلڪل نه هجن.

هڪُ ڪوڙ ۽ ٻي منافقي.

اُنهن ٻنهي بُرن عملن جي باري ۾، اسا جا پيارا نبي حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جن ڇا ٿا فرمائين؟ اچو ته پڙهون:

(1) ابو هريره رضه کان روايت آهي ته رسول ڪريم صلعم جن فرمايو ته منافق جون ٽي نشانيون آهن: ڳالهه ڪري ته ڪوڙ ڳالهائي، وعدو ڪري ته ان جي خلاف ورزي ڪري ۽ جڏهن امانت وٽس رکي وڃي ته ان ۾ خيانت ڪري.

(2) عبدالله بن عمر رضه کان روايت آهي ته رسول صلعم جن فرمايو ته منافق جون ٽي نشانيون آهن:

- ڳالهائي ته ڪوڙ ڳالهائي.

- واعدو ڪري ته ٽوڙي.

- ڪاوڙجي ته گندو ڳالهائي (بدڪلامي ڪري)

(3) ابن عمر رضه کان روايت آهي ته رسول ڪريم ﷺ جن فرمايو ته منافق جو مثال اُنَ ٻڪريءَ جهڙو آهي جيڪا ٻن ڌڻن جي وچ ۾ ڦرندي رهي ٿي. ڪڏهن هڪڙي طرف لاڙو رکي ٿي ته ڪڏهن ٻئي طرف!

ڏاها ٻارؤ! هڪ ”بهترين انسان“ بنجڻ اوهان تي بيحد لازم آهي ته اوهان به سرور ڪائنات جي ٻُڌايل راهه تي وکون رکندا، جيڪا ”اخلاق“ جي منزل تي پهچائيندي. سندن سمورن حُڪمن جي هميشہ پيروي ڪندا ۽ هڪ پاڪ صاف معاشري جي قائم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا رهندا.

اوهان جو

طارق عالم

لطيفي لات

 

سَرَ نِسرِيا پاندَ، اُتر لڳا، آءُ پرين!

مون تو ڪارَڻِ، ڪانَڌ! سَهِسين سُکائون ڪيون.

مٿيون بيت شاهه صاحب جي رسالي مان کنيو ويو آهي. هي، سُر ”سامونڊي“ جي داستان پهرئين جو سترهون نمبر بيت آهي.

سمجهاڻي: سَر جي سلن ڳڀ جهليو آهي ۽ اُتر جو واءُ لڳو آهي، اي ڍوليا! تون موٽي اچ، اي پيارا! تو ڪارڻ مون انيڪ سکائون سکيون آهن.

ڪلياڻ آڏواڻي

چترڪار: علي اڪبر سومرو

گل ڦل جي سمورن پڙهندڙن کي

نئين سال

جون

لک لک واڌايون

ڪنول پَنَ تي ماڪَ،

جَرڪي پنڇيءَ اک جيئن،

هيرا لعل جواهر،

گهوري ڇڏيان تنهن مٿان.

ط- ع

 

ايجادن جي آسري،

ماڻهو ڇا نه ڪيو.

نيري نڀ جي نراڙ تي.

ڪارنهن ميٽُ مَليو.

ط- ع

ياسر قاضي

گل (نظم)

گلن سان مُعطر هي سارو جهان،

گُلن ساڻ مهڪي پوي گُلستان.

 

گلن سان ئي آ سُونهن دنيا سندي،

گلن سان ملي ٿي ترو تازگي.

 

گلن کي گهرن ۾ سجايون پيا،

۽ ڪمرن جي زينت وڌايون پيا.

 

زماني جي سڀ کان اُملهه سُکڙي،

آ مهڪار واري گلن جي نڙي.

 

گلن کي لڙيءَ ۾ پرويون پيا،

ڪو سُهڻو گلن هار پويون پيا.

 

گلن جا هي گجرا هٿن ۾ ‎ٺهن،

آميون، ڀينرون شوق مان ٿيو وڻن.

 

 ڏيون گل محبت جي اظهار لئه،

رکون پيارُ دل ۾ سنسار لئه.

گلن کي نه ٽاريءَ مان هر گز پَٽيو.

گُلن کان نه خوشبوءِ ٻارو کسيو.

ڏسو! گل جيئڻ جو سبق ٿا ڏين.

ڪنڊن ۾ رهي ڀي ٿا هر پل کِلن.

اچو! سڀ گُلن کان محبت سِکون،

محبت جي هر جاءِ خُوشبوءِ ونڊيون.

 

ملي پاڻ ۾ پنکڙين جيان رهون،

نه ڪنهن جي چوڻ تي اسين ڌار ٿيون.

 

اسين ڀي گلن جيئن گذاريو اگر،

سُٺيءَ ريت ٿيندو هي جوين بَسر.

نعيم عامر ڪاتيار

(نظم)

”اسڪول ڏانهن ويندي ڳائڻ وارو ڇوڪرو“

 

ڪنهن ننڍڙي ننڍڙي ڇوڪري،

ڳچيءَ ۾ پائي ٿيلهي کي،

صبح جو اسڪول ڏانهن ويندي،

ڪو گيت انهيءَ هيئن ڳاتو ٿي.

جيڪر ان کي وري ڏسان،

ان ڏي وڃا ۽ ان کي چوان:

”تو گيت ڪو ڳاءِ مان ٿو ٻڌان

جيءَ ۾ توکي جايون ڏيان.

من جنهن لئه ٿيو آتو ٿي،

ڪو گيت انهيءَ هيئن ڳاتو ٿي.

ٻول انهيءَ جا ته اهڙا هيا،

سي ڪنهن نه ٻڌا، سي ڪنهن نه چيا،

هُئي لفظ لفظ ۾ جنهن جي مڻيا،

جنهن ٿي ٻڌا تنهن کي ٿي وڻيا.

سنگيت کان به گهڻو جنهن ڄاتو ٿي،

ڪو گيت انهيءَ هيئن ڳاتو ٿي.

چيو مون کي، هن مون ڏانهن نظر کڻي:

تنهنجي سُستي جي نه مون کي ڳالهه وڻي،

ڇڏ سُستي ڪر تون محنت گهڻي گهڻي،

ڪندو ٻيڙا تنهنجا پار ڌڻي.

ڄڻ اندر ۾ منهنجي ليئو هن پاتو ٿي

ڪو گيت انهيءَ هيئن ڳاتو ٿي.

اها ڳالهه ته منهنجي تون من ۾ رک،

کپي دنيا کي ڏسڻ لئه محبت جي اک،

سُکي رهندين سدا، ڀل هجي اندر ۾ ڏُک،

فلسفو انهيءَ ۾ وڏو، انهيءَ کي سِک.

فلسفي جي صنف کي جنهن سُڇاتو.

ڪو گيت انهيءَ هيئن ڳاتو ٿي.

مقصود گل

ريل راند

ٽِمون، کَمُون، گُلو، گوهر،

ماڻڪ، موتي، جانُو، جعفر.

علُو، احمد، دلبر، ڍولڻ،

ٻار سڀيئي آيا کيڏڻ.

راجُو، رحمُو، رمزو آيو،

حامد، حيدر، حمزو آيو.

سڀني گڏجي راند رچائي،

رنگ برنگي ريل بنائي.

راجُو. ريل هلائڻ وارو،

موتي، ڪُوڪ لڳائڻ وارو.

ڇُڪ ڇُڪ، ڇُڪ ڇُڪ ريلَ اچي وئي،

لهڻ، چڙهڻ جي ويل اچي وئي.

ٽِمُونءَ لال جهنڊي ڦڙڪائي،

رَاجُوءَ جلدي ريل هلائي.

آئي جڏهن سائي جهنڊي،

ريل هلي پَو ڪُو ڪُو ڪندي.

پوئين ٽيشن آئي آهي،

راجُوءَ ريل جهلائي آهي.

هرڪو لهندو ٻالڪ هاڻي،

راند وري ڀِي ڪبي سڀاڻي.

”اڪمل“ ماٿيلوي

محنت

محنت ۾ ئي مانُ آ ٻارو،

محنت سان ئي شان آ ٻارو.

دنيا چنڊ تي پهتي آهي،

ڪاهل وڌيو ڪانه آٻار.

محنت سان آخر آٿيڻو،

مشڪل ڪم آسان آ ٻارو.

محنت وارو خدا کي پيارو،

مُرسل. جو فرمان آ ٻارو.

محنت سان ئي پيدا ٿيندو،

سُک جو هر سامان آ ٻارو.

محنت سڀ کي دعوت ڏئي ٿي،

سُکَ جو هيءُ سامان آ ٻارو.

محنت سان ئي ملندي منزل،

”اڪمل“ جو ايمان آ ٻارو.

ذوالفقار شيخ

”ڪاپي“

ڪاپي ڪونه ڪنداسون هاڻي،

ڪاپي ڪونه ڪنداسون هاڻي.

محنت جو مطلب مون سمجهيو،

مقصد پنهنجو مڃبو ماڻي.

پرچو پهريون آهي سنڌي،

ڏينداسون سو سينو تاڻي.

محنت ڪئي آ مون هن ڀيري،

ڦلُ انهيءَ جو ملندو سڀاڻي.

نمبر پهريون آيو منهنجو،

سَرهو ٿيو هان اهو ڄاڻي.

’زلفي‘ جن ڪئي ڪاپي جام،

تن جو مُنهن آ ڀِيلو هاڻي.

ڪاپي ڪونه ڪنداسون هاڻي،

ڪاپي ڪونه ڪنداسون هاڻي.

فيصل نائچ

قائداعظم

 

پاڪستان 14 آگسٽ 1947ع ۾ انگريزن جي ڊگهي غلامي کان پوءِ آزاد ٿيو. پاڪستان جي آزادي جي تحريڪ ۾ سڀني مسلمانن جوش ۽ خروش سان حصو ورتو. سنڌ صوبو آزاديءَ جي تحريڪ ۾ ڪنهن کان به پوئتي ڪونه هو. سڀ کان اول ته پاڻ سنڌ ڌرتيءَ جو عظيم سپوت محمد علي جناح آهي. جنهن کي هي قوم ”قائداعظم“ ۽ ”بابائي قوم“ جهڙن عظيم لقبن سان ياد ڪري ٿي.

محمد علي پنهنجي ابتدائي تعليم سنڌ مدرسي ڪراچي مان حاصل ڪئي ۽ پوءِ اعليٰ تعليم لاءِ انگلينڊ ويو، جتان قانون جي ڊگري و‎‎ٺي پهرين ڪراچي ۾ ۽ پوءِ بمبئي ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو. جيتوڻيڪ پاڪستان جي تاريخ ۾ هو هڪ عظيم سياستدان ۽ آزاديءَ جو هيرو تسليم ڪيو ٿو وڃي، پر ان کان سواءِ هو هڪ عظيم قانوندان ۽ منصف پڻ هو. هن جي ڏاهپ، عقلمندي ۽ ايمانداري جي تعريف سندس دشمن به ڪندا هئا. سندس دؤر جي وڪيلن جو چوڻ هو، ته محمد علي جناح جي ڪيس لڙڻ جو عجيب انداز هوندو هو، ڪيس هلائيندي هو عدالت جي ڪمري ۾ هڪ خاص انداز ۾ اٿي بيهندو هو ۽ پنهنجي نظر جو هڪ شيشي وارو چشمو هڻي، آهستگيءَ سان جج ڏانهن اک کڻندو هو، سندس چرپر ۽ تحريڪ منجهان هڪ ڏاهي جي جهلڪ صاف نظر ايندي هئي. سنڌ کي ههڙي انسان تي فخر آهي. اڄ پاڪستاني قوم هِن انسان جي محنتن ۽ ڪاوشن جي ڪري الڳ ملڪ جي مالڪ آهي.

مرتب: امام راشدي

وڏي ماڻهوءَ جي ننڍپڻ ۾ جهاتي!

 

سنڌ جو عظيم تاريخدان ۽ محقق پير حسام الدين راشدي، ضلعي لاڙڪاڻي جي هڪ ننڍڙي ڳو‎ٺ ”بهَمڻ“ ۾، تاريخ . 2 سيپٽمبر 1911ع تي ڄائو. راشدي صاحب ڪنهن به اسڪول، ڪاليج يا يونيورسٽيءَ ۾ باقاعده نه پڙهيو. پر هن پنهنجي محنت ۽ شوق سان ايترو پڙهيو، جو دنيا جون يونيورسٽيون کيس اعليٰ اعزازي ڊگريون ڏيڻ تي مجبور ٿي پيون.

پير حسام الدين راشدي، سنڌ جو واحد تاريخدان هو، جنهن سنڌ جي قومي تاريخ لکي. پاڻ سنڌي، فارسي ۽ اردو ۾ تقريباً پنجاهه ڪتاب لکيائين. جن ۾ : مڪلي نامہ هُو ڏوٿي هُو ڏينهن ، ’ڳالهيون ڳو‎ٺ وڻن جون‘، ’ميرمحمد معصوم بکري‘، ’مالڪ ڀنا رابيل‘، ’مرزا عيسيٰ ترخان‘، ’ترخان نامہ‘، ’تاريخ مظهر شاهجهاني‘، ’حديقة الاولياء‘، ’تذڪره امير خاني‘، ’هشت بهشت‘، ’مقالات الشعراء‘، ’سنڌي ادب‘، ’منشور الوصيت‘، ’اسلامي ڪتب خانه‘، ’مرزا غازي بيگ ترخان اور اس ڪي بزمِ ادب‘، ’تذڪره الشعراءِ ڪشمير‘ ۽ ٻيا شامل آهن.

پاڻ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جي مطالعاتي دوري تي ويو. جن ۾ ايران، عراق، انگلينڊ، افغانستان، روس، هندوستان چين، لبنان، مصر، فلپائين، شام ۽ ٻيا ملڪ اچي وڃن ٿا. راشدي صاحب ڪيترن ئي ڏيهي توڙي پرڏيهي علمي ۽ ادبي ادارن جو ميمبر ۽ سربراهه پڻ رهيو. پاڻ سنڌ ۽ سنڌ کان ٻاهر بيشمار علمي ادارا قائم ڪرايائين. جن ۾، انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، سچل اڪيڊمي، وچ ايشيا جي مطالعي جو ادارو ۽ ٻيا ادارا شامل آهن.

پيرحسام الدين راشديءَ کي سندس علمي ۽ تحقيقي خدمتن جي ڪري ڪيترائي وڏا اعزاز مليا. ايران جي بادشاهه کيس ايران جو وڏو علمي اعزاز نشان سپاس درجه اول، ڏنو. ۽ تهران يونيورسٽيءَ کيس پي. ايڇ. ڊي‘ جي اعزازي ڊگريءَ سان نوازيو. راشدي صاحب پهرين اپريل 1982ع تي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو. راشدي صاحب پنهنجي ننڍپڻ جي ڏينهن کي، ڪيترن ئي ڏنل انٽرويوز ۾ ياد ڪيو آهي. خاص ڪري سندس وڏي ڀاءُ پير علي محمد راشديءَ پڻ ڪيترن ئي مضمونن ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي ڀاءُ جي شروعاتي زندگيءَ جو تمام سهڻي انداز ۾ بيان ڪيو آهي. پير علي محمد راشدي، پنهنجي ڀاءُ پير حسام الدين راشديءَ جي ننڍپڻ ۽ ڄمڻ جو ذڪر ڪندي لکيو آهي:

حسام الدين جي ولات ڏڍي ڏکي ٿي. ٽن ڏينهن تائين اسان جي والده مرحومه ويم جي تڪليف ۾ مبتلا رهي. ڊپ ٿي پيو هو ته ٻار مري ويو هوندو يا مري ويندو. ڀلا ڳو‎ٺ ۾ ڪو اليفائيڊ نرس يا ڊاڪٽر ڪٿان آيو، عورتن کي اسپتال ۾ و‎ٺي وڃڻ بابت ته ڪير سوچي به نه ٿي سگهيو. هونئن به انهن ڏينهن ۾ سکر توڙي لاڙڪاڻي ضلعي ۾ هڪ به ايم. بي. بي. ايس ڊاڪٽر ڪونه هو. اهڙي پريشانيءَ جي حالت ۾ اسان جي ڏاڏي پنهنجي دوست ، شيخ غلام محمد کي لاڙڪاڻي مان گهرايو. تنهنڪري انهيءَ مونجهاري ۾ هو به موجود هو. هن صبح جو ئي حساب ڪري ٻڌايو هو ته اڄ شام ٿيڻ کان اڳواٽ ئي ٻار پيدا ٿيندو، جيڪو زندهه هوندو، وڏي ڄمار ٿيندس، خوش نصيب هوندو، وڏو نالو ڪڍندو .

ٽپهري تائين گهران خبر آئي ته ٻار ڄائو آهي، زندهه پر اکيون نه هجڻ جي برابر اٿس. رسم مطابق ٻار کي وهنجاري سهنجاري دائي، ٻاهر ڏاڏا مرحوم وٽ کڻي آئي. شيخ صاحب به ويٺو هو. ٻار جون اکيون بند هيون ۽ انهن مان پُونءِ پئي وهي. اهو ڏسي ڏاڏا کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ ٻار کي شيخ صاحب جي هنج ۾ ڏيندي، چوڻ لڳو: ”غلام محمد، کڻ هن کي، ڪوڙا نجومي، تو به چيو ٿي ته هيءُ ڏاڍو خوش نصيب ٻار ٿيندو ۽ وڏو نالو ڪڍندو، پر هن کي ته اکيون ئي ڪونهن، نالو ڌوڙ ڪڍندو،“ شيخ صاحب ٻار کي هنج ۾ کڻي کلڻ لڳو ۽ ڏاڏا کي چوڻ لڳو:”سائين پير شاهه، اوهان ڳڻتي نه ڪريو. منهنجو حساب سچو آهي. هن جون اکيون به ٿيندون ۽ اهڙيون اکيون ٿيندس جو دنيا ڏسي، اچرج ۾ پئجي ويندي.“

ڏاڏا پنهنجي وڏي ڀاءُ مرحوم حسام الدين شاهه جو نالو ان ٻار تي رکيو. هن جي اکين جو پاڻ علاج ڪيو (هوهڪ حاذق حڪيم به هو) جلدئي ٻار جون اکيون ٺيڪ ٿي ويون.

پيرحسام الدين راشدي پنهنجي تعليم ۽ تربيت بابت لکي ٿو ته:”آءٌ ۽ منهنجو وڏو ڀاءُ علي محمد شاهه ٻئي بهمڻ ۾ پيدا ٿياسون. ننڍپڻ بهمڻ ۾ ئي گذريو، پرذهني پرورش تي حقيقت ۾ مختلف اثر هئا، ٻاهر جا، گهر جا، وڏن جا، ڪتابن جا، اٿي ويٺي جا، وغيره، ڪتابن يا درس مان ماڻهو ايترو نه ٿو پرائي، جيترو ڪتابن سان گڏ مجلس ۽ سٺي صحبت وغيره مان. انساني اصل سکيا تاريخ جي تشڪيل ڏيندڙ ماڻهن سان اٿي ويٺيءَ مان ئي ٿئي ٿي. ڪتابن مان علم ملي ٿو، پر ان سان پختگيءَ نه ٿي پيدا ٿئي. جيئن اسان وٽ چوڻي آهي ته: ”پڙهيو، پر ڪڙهيو ڪين.“ منهنجي سڄي پرورش چڱن ماڻهن سان اٿي ويٺيءَ مان ٿي آهي.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com