سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل آڪٽوبر، ڊسمبر 2000ع

باب: --

صفحو :2

ترجمو:- ”رمضان جو مهينو اهڙو (ڀلو) آهي، جنهن ۾ قرآن لاٿو ويو جو ماڻهن جي لاءِ سڌو رستو ڏيکاريندڙ آهي ۽ (ان ۾) هدايت ڪرڻ ۽ (سچ ۽ ڪوڙ جي وچ ۾) فرق ڪرڻ جون چِٽيون ڳالهيون آهن. پوءِ اوهان مان جيڪو انهيءَ مهيني ۾ (گهر ۾) حاضر هجي، تنهن کي ان ۾ روزو رکڻ گهرجي ۽ جيڪو بيمار هجي يا سفر تي (هجي) تنهن کي ٻين ڏينهن مان (اوتري) ڳڻپ (قضا رکڻ لازم) آهي. الله تعاليٰ اوهان تي آساني ڪرڻ گهرندو آهي ۽ اوهان تي (ڪا) اوکائي ڪرڻ نه گهرندو آهي. ۽ (گهرندو آهي) ته اوهين ڳڻپ پوري ڪريو ۽ جيڪا اوهان کي هدايت ڪيائين تنهن تي الله کي وڏائيندا رهو ۽ تان ته اوهين شڪرانو ڪريو.“ (سورة البقره آيت 185).

اسلام اهڙو دين آهي، جنهن هرهڪ شيءِ کي هڪ قاعدي ۽ ضابطي جي ماتحت رکيو آهي. وقت تي کاڌو کائڻ عين اسلامي تعليم جي مطابق آهي. ۽ روزي ۾ هن ضابطي کي ڀڃڻو ڪونهي. پر انسان جي اندر هيءَ قوت ۽ طاقت پيدا ڪرڻ جو مقصد آهي، جنهن سان اهي حيواني خواهشون خود انسان جي پنهنجي ’پاڻ‘ جي قبضي ۾ هجن. انسان انهن خواهشن جي قبضي ۾ نه هجي، ۽ انهن حيواني خواهشن جو غلام نه ٿئي. اهڙي طرح روزي ۾ انهن حيواني خواهشن تي قابو رکڻ جو عملي طريقو سيکاريو ويو آهي. ته جيئن انسان تقويٰ (يعني هر نقصان ڏيندڙ عادت، شيءِ يا طاقت کان پاڻ کي محفوظ رکي سگهڻ) واري راهه لڀي سگهي.

روزي جو ثواب به الله تعاليٰ زبردست رکيو آهي. روزي کان سواءِ ٻيون جيڪي عبادتون آهن، انهن ۾ ڪونه ڪو ظاهري نمونو ۽ طريقو ضرور هوندو آهي. جيئن نماز، زڪواة، حج وغيره، اِنهن عبادتن جي ماڻهن کي ضرور خبر پئجي وڃي ٿي. پر روزي جي خبر الله تعاليٰ کان سواءِ ڪنهن کي به نٿي پئجي سگهي. مثلاً هڪڙو شخص سڀني جي سامهون سحري کائي ٿو ۽ سانجهي تائين ڪنهن جي سامهون نه کائي پر، جيڪڏهن لڪي کائي پئي ته ڪنهن کي به خبر نه پوي. سڀ ڪو اهو سمجهندو ته روزي سان آهي. هاڻي اهو روزي دار سخت گرمي ۾ اڃ کان ساهه نڪرندو هجيس ته، لڪي پاڻي پئي ته ڪنهن کي به خبر نه پوي. پر هُو الله تعاليٰ جي حڪم تي هلندي اها اڃ ۽ بُک برداشت ڪري ٿو. ان لاءِ ان ۾ ڪابه نمائش ڪانهي. تڏهن سڀني عبادتن جو ثواب الله تعاليٰ مقرر ڪري ڇڏيو آهي، سواءِ روزي جي.

روزي ۾ انهن روحاني فائدن کان سواءِ ٻيا بدني فائدا به گهڻائي آهن. سال ۾ هڪ مهينو بدپرهيزي ۽ فضول کائڻ پيئڻ کان بچڻ جي ڪري دماغ ۽ معدي جي صفائي به ٿي وڃي ٿي. (پر هاڻي ابتو عمل ٿي رهيو آهي، اسين بجاءِ ان جي رمضان ۾ گهٽ کائون، پاڻ ٻين مهينن جي مقابلي ۾ رمضان ۾ وڌيڪ کائون پيون ٿا. ان جي ڪري رمضان ۾ جيڪي فائدا حاصل ٿيڻ گهرجن، ان جي بجاءِ جسماني نقصان ٿيو پوي. پر ان جا ذميدار فقط اسين پاڻ خود آهيون).

زبان جي چسڪي، سگريٽ ۽ ٻين فضول کائڻ پيئڻ جي عادتن تي ڪنٽرول ڪري وري نئين سر سادي نموني سان هلڻ تي پاڻ کي هيرائي سگهجي ٿو.

اڃ بک برداشت ڪرڻ سبب، آرام طلبي ۽ سستي کي پاڻ مان ڪڍي سگهجي ٿو. جڏهن انسان بک ۽ اڃ محسوس ڪندو ته کيس تجربو ٿيندو ته معاشري جا اهي فرد، جيڪي ڪنهن سبب ڪري کاڌو پيتو حاصل نٿا ڪري سگهن، يا وري پوريءَ طرح پنهنجون ضرورتون پوريون نٿا ڪري سگهن. انهن کي ڪيتري تڪليف ۽ ڏک پهچي ٿو. اهڙيءَ طرح انهن محرومن لاءِ کيس همدردي پيدا ٿيندي ۽ هو ازخود اُنهن جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو. اهڙي طرح سڄو معاشرو هڪ ٻئي جي همدردي ۽ تعاون تي ٺهي ويندو.

الله تعاليٰ، انسان لاءِ جيڪي به احڪامات ۽ هدايتون ڏنيون آهن. اهي سڀ انسان جي پنهنجي فائدي لاءِ آهن. انهن مان جيڪڏهن اسان فائدو نه وٺي سگهون ته، ان ۾ فقط اسان جي طرفان گهٽتائي آهي.

چونڊ: ارشد لغاري

اڪبر جسڪاڻي

ماکيءَ کان وڌ مِٺڙو ماڻهو

استاد بخاري، ٻارن جو شاعر

استاد بخاريءَ جو اصل نالو احمد شاهه بخاري هو، پاڻ 16- جنوري 1930ع تي دادو ضلعي جي هڪ ڳوٺ غلام چانڊيي ۾ ڄائو. پاڻ پهرين، تعليم کاتي ۾ پرائمري استاد جي حيثيت سان ملازم ٿيو.

شاعري ان دؤر ۾ ئي ڪندو هو. ايم. اي. سنڌي ادب ۽ بي ايڊ، ڪيل هئس. ان کان پوءِ کيس ليڪچرار جي حيثيت ۾ نوڪري ملي. جتان پروفيسر ٿي گورنمينٽ ڊگري ڪاليج دادو مان رٽائر ٿيو.

استاد بخاري سنڌي ٻوليءَ جو اهو شاعري هو، جنهن شاعريءَ جي هر صنف تي لکيو آهي. پاڻ قومي شاعري به ڪيائين ته مجازي به. سندس ڪيترائي ڪلام ريڊيو تي مشهور فنڪارن ڳايا آهن. استاد بخاري موسيقي جو به ڄاڻو هو. اڪثر مشاعرن ۾ جڏهن ترنم سان شعر پڙهندو هو ته، ماڻهو جهومي اٿندا هئا. جڏهن قومي شاعري جذباتي انداز ۾ پڙهندو هو ته، لونءَ ڪانڊارجي ويندي هئي.

استاد بخاري طبيعت جو سادو، ملڻ جلڻ ۾ وڏي ننڍي سان هڪ جهڙو سڀاءُ رکندو هو. پاڻ جڏهن دادو ڪاليج ۾ استاد هو، تڏهن گهر کان ڪاليج تائين، سائيڪل تي ايندو ويندو هو. ائين کڻي چئجي ته استاد سائين، سڄي ڄمار دادو شهر ۾ سائيڪل تي هلندي عوامي انداز ۾ گذاري.

شوڪت سنڌي جي مٺائي جي دڪان تي ويهبو هو ۽ کانئس استاد جو پڇبو هو، ته چوندو هو: ”بس، ڄاڻ استاد، سائيڪل تي هِتان هُتان نروار ٿيندو.“ واقعي ٿيندو به ائين هو.

’جوهيءَ‘ جي هڪ مشاعري ۾ ڪيترائي شاعر آيل هئا، استاد جڏهن قومي شاعري پڙهڻ شروع ڪئي، ته ماڻهن هر هر استاد کي چيو پئي: ”سائين ٻيو شعر ٻڌايو.“ استاد کان پوءِ، جڏهن فيض بخشاپوري فارسي زده شاعري پڙهي ته ماڻهو گوڙ ڪندي چوڻ لڳا، ”سائين، ان جو سنڌي ۾ ترجمو به ٻڌايو.“

جنهن تي فيض صاحب ڪاوڙجي استاد کي چيو، ”چند وات ڳاڙهن ڇورن جي واهه واهه تي پنهنجي مقام تان ڪري پئين!“ ته استاد کلندي چيو هوس: ”سائين! اهي ئي اسان جو مستقبل آهن.“

استاد بخاري، جڏهن ترنم سان ٻي، ڀي، پي، ڀي، ٻاتي ٻولي، سنڌي ٻولي قومي ٻولي جهونگاريندو هو ته، چؤطرف ويٺلن ۾ ماٺ ڇانئجي ويندي هئي.

استاد بخاري ٻارن لاءِ به ڪيترائي گيت ۽ نظم لکيا. جيڪي درسي ڪتابن ۾ به شامل آهن.

استاد جا هيٺيان شاعري جا مجموعا شايع ٿيل آهن:

(1) گيت اسان جا جيت اسان جي. (2) لهر لهر درياء، (3) اوتون جوتون، (4) ڪاري ڪڪر هيٺ، (5) گيت گلابي ٻارن جا، (6) ڌرتي سرتي، (7) ڪُوڪڻ يا ڪلياڻ، (8) ٻاراڻا ٻول (ترتيب ڏنل).

استاد کي ڪينسر جي موذي مرض نهوڙي وڌو. پاڻ لنڊن مان علاج ڪرائي به آيو ۽ کيس ٻيهر تپاس لاءِ لنڊن وڃڻو هو. پر افسوس....

استاد، هڪ سال تائين موت کي اکين سان ڏسندو رهيو. ۽ چپن تي ڌرتيءَ جا گيت جهونگاريندو رهيو.

استاد، ادبي سنگت جي وفد کي چيو هو: ”مان، موت کي اکين سان ڏسان پيو، بس آخري خواهش اٿم ته منهنجا سڀ ڪتاب شايع ٿين.“ پر افسوس جو اڃا تائين استاد بخاريءَ جا ڪافي مجموعا اڻ ڇپيل ئي آهن.“

استاد بخاري کي بيهوشي جي حالت ۾ ڪراچي نيو ويو. جتي 9- آڪٽوبر جمعي جي رات 8 بجي دم ڏنائين.

انالله وانا اليہ راجعون.

ائين اسان جو ماکيءَ کان وڌ مٺڙو ماڻهو موڪلائي ويو. سندس آخري خواهش هئي ته، مخدوم بلاول جي ڀرسان کيس دفن ڪيو وڃي، پر اتي ڪو ڦڏو ٿي پيو ۽ استاد کي دادوءَ ۾ ئي دفن ڪيو ويو.

منور علي سومرو

جمشيد نسروانجي

هڪ نيڪ دل انسان!

ڪراچي ۾ رهندڙ لکين انسان، شايد ان املهه ۽ يگاني ورثي کان واقف هجن. جيڪو جمشيد نسروانجي اسان جي حوالي ڪري ويو. ايترن ورهين گذرڻ کانپوءِ ڪراچي وڌي ويجهي آهي ۽ پنهنجو منهن مهانڊو بدلائي چڪي آهي. پر جمشيد نسروانجي کي ڪراچي جي آئيندي جي گهڻو اڳ پئجي چڪي هئي. ان وقت ڪراچي جي آدمشماري صرف ٽي لک هئي. نسروانجي ڪراچي ميونسپالٽي جي پريزيڊنٽ جي طور شهر جي ويڪرن رستن جون رٿائون جوڙيون، ان جي تفريگاهن، اسڪولن، ڪاليجن، اسپتالن، آمدرفت، پاڻيءَ جي رسائي ۽ نيڪال لاءِ سوچ ويچار ڪري اڳواٽ پيش بندي ڪئي. نسروانجي جي ڪيترن ئي ساٿين، انهن رٿائن لاءِ گهربل ڳرن خرچن ۾ ساڻس اختلاف ڪيو، هنن اهو سوچيو ٿي ته سٺ سٺ بلڪ سؤ سؤ فٽ ويڪرن رستن جي، ههڙي پرسڪون شهر لاءِ ڪابه ضرورت ڪانهي. پر نسروانجي سدائين اهوئي چوندو رهيو ته ڪراچي وڌڻي آهي، ۽ دنيا جي سامونڊي ۽ هوائي بندرن جي قطار ۾ اچڻي آهي. جمشيد، پنهنجي رٿائن ۾ هڪ باعمل، وڏي حوصلي وارو ۽ عقلمند انسان هو. هن جي هڪ ئي  دلي تانگهه هئي ته ڪراچي جي رهواسين کي اهي سڀ موقعا ملن ته جيئن هو صحتمند ۽ سُکي زندگي گذارين ۽ سندن ٻارن کي صحيح تعليم ملي سگهي. ۽ هو پنهنجي صلاحيتن پٽاندر وڌن ويجهن، ترقي ڪن ۽ خوش رهن.

اڄ ڪراچي هڪ شاهه شهر آهي، ان جي رهواسين جو انگ هڪ ڪروڙ تائين وڃي رسيو آهي. اڄ ڪراچي پاڪستان جو شاهوڪار ۽ اهم شهر آهي، پر افسوس جو اڄ تعليم، رهائش، آمدرفت. خوراڪ، پاڻي، صحت ۽ صفائيءَ جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوبه جمشيد نسروانجي ڪونهي. اڄ ڪراچي رڳو گوڙ شور جو شهر وڃي رهيو آهي. دونهين ۾ ويڙهيل، ڪِنَ ڪچري جي ڌپ ۾ ورتل، پيئڻ جي صاف پاڻيءَ لاءِ سِڪايل ۽ آمدرفت جي سهولتن کان ڪافي وانجهيل. اڄ هن شهر ۾ پاڻ ارپڻ واري جذبي جي جاءِ تي سهل پسندي، فائدن حاصل ڪرڻ جي ڪڏهن نه ختم ٿيندڙ بک وڃي بچي آهي. ڪراچي قرب ۽ پنهنجائپ جي شهر بدران رڳو رکائپ ۽ دُوريءَ جو شهر بڻجي ويو آهي.

هاڻ نه اهو شهر رهيو نه ئي جمشيد نسروانجي جهڙا شفيق انسان، جن اسان کي نه وسرڻ جهڙا سبق ڏنا آهن. غريبن ۽ مسڪين انسانن جي لاءِ بيمارن لاءِ، گگدامن لاءِ ڪهل، قياس اُلڪي ۽ اون جا سبق! جمشيد جي دور ۾ اڃايل جانورن لاءِ پاڻي جا مرض هئا ۽ جانورن کي ظلم کان بچائيندڙ جماعت پنهنجي ڪم ۾ هميشہ چست رهندي هئي. جمشيد ان جي پوري طرح پرگهور لهندو هو ۽ سنڀال ڪندو هو. غريبن ۽ بيروزگارن کي مالي مدد ڏني ويندي هئي. پر اهو سڀ ڪجهه اهڙي ته ماٺ ميٺ ۽ لِڪ ۾ ٿيندو هو جو ڪنهن کي به خبر نه پوندي هئي ته ڪنهن کي ڪيترو مليو! ڪٽنبن جا ڪٽنب ائين آباد هئا.

جمشيد نسروانجي هڪ صوفي منش انسان هو. هُو هر وقت ميونسپل انتظاميه جي الڳ الڳ کاتن جي نگهباني ۽ چڪاس ڪندو هو، خاص ڪري جيڪڏهن ڪٿي باهه جو حادثو ٿئي ته گُهگهُو ٻڌي فوراً اتي پهچي ويندو هو. پوءِ ڏينهن هجي يا رات، پنهنجي موٽر ۾ چڙهي باهه وسائيندڙ عملي جي نظرداري ڪندو هو. هڪ ڀيري اڌ رات جو ايليفنسٽن اسٽريٽ ۾ باهه جو هڪ وڏو حادثو ٿيو، فائربرگيڊ اچي پهتي. اتي نسروانجي ڏٺو ته فائربرگيڊ جو بالا عملدار ڪجهه منجهيل هو، ۽ غلط هدايتون ڏئي رهيو هو. نسروانجي سوچيو ته ههڙي صوتحال کي جيڪڏهن ائين ڇڏيو ويو ته باهه سڄي پاڙي کي وڪوڙي ويندي، جمشيد نسروانجي هڪدم سمجهي ويو ته ڳالهه ڇا آهي، دراصل اهو بالاعملدار نشي ۾ هئڻ ڪري غلط هدايتون ڏئي رهيو هو. جمشيد نسروانجي واپس آفيس پهچي، ان عملدار کي هٽائي چارج سندس نائب جي حوالي ڪري ڇڏي. ۽ ٻئي ڏينهن ان غير ذميدار عملدار کي نوڪريءَ تان خارج ڪري ڇڏيائين. ان نااهل آفيسر معافيءَ جي درخواست ڪئي ۽ پڪا پختا وعدا ڪيائين ته اڳتي نشو پتو ڪونه ڪندو.

جمشيد نسروانجي دل جو نرم ۽ طبع جو شفيق انسان هو. پر ان وقت هُنَ، نشئي عملدار جي هڪ به نه ٻڌي، ۽ پنهنجي فيصلي تي اٽل رهيو. پر نسروانجي هن نشئي عملدار جي عيال کي ايستائين پنهنجي کيسي مان معقول الائونس ڏيندو رهيو. جيستائين ان پنهنجي خانگي نوڪريءَ جو ٻيو ڪو بندوبست نه ڪري ورتو. ۽ ان ڏس ۾ به نسروانجي سندس مدد ڪئي. پر عوام جي خدمت واري ملازمت ۾، ان ملازم جي غفلت ۽ لاپرواهي کانئس برداشت نه ٿي سگهي.

جمشيد نسروانجي جون خدمتون جيتريون لکجن اوتريون گهٽ. اسان جيڪڏهن جمشيد نسروانجي جي شخصيت ۽ ڪردار کي هڪ ئي لفظ ۾ بيان ڪرڻ چاهيون ته اهو لفظ آهي، ”پاڻ ارپڻ“ هن پنهنجي هر فرض ۽ ذميواري کي ڀلي ڀت سمجهيو ٿي ۽ ان کي پاڻ ارپڻ واري جذبي سان ادا ڪرڻ گهريو ٿي، ۽ ان ڏس ۾ کيس سخت ۽ لاڳيتو ڪم ڪرڻو پوندو هو، ۽ ڪافي قربانيون ڏيڻون پونديون هيون. پر ان راهه ۾ هو ڪڏهن به پوئتي نه هٽيو ۽ ڪڏهن هار نه کاڌائين. جمشيد نسروانجي جي زندگي جو ڪو ٻيو مقصد نه هو، صرف ”پاڻ ارپڻ“ ئي هن جي جيئڻ جو مقصد هو.

محمد اسماعيل عرساڻي

رُڃ

رُڃ جو ڏيکاءُ به هڪ ڪوڙو ڏيکاءُ آهي. پر ڏسڻ وارن جون اکيون ويساهه ڪري وينديون آهن ته اٿاهه پاڻي پيو لهرون هڻي، جنهن ماڻهوءَ کي ڪل نه هوندو ته رُڃ ڇا آهي ۽ ڪڏهن اهڙو رنگ نه ڏٺو هوندائين سو ته ڏسي تپرس ۾ پئجي ويندو ۽ مڃيندوئي ڪين ته اهوڪو پاڻي نه آهي، آهي رڃ به سج جي ڪرڻن جو جادو. رڻ پٽن ۽ ويڪرن پوٺن ۾ هيءُ ڏيک ڏسي سگهبو آهي، اهو ڏيک گهڻو ڪري ڌرتتيءَ جو ڏسبو آهي، جڏهن سج جا ڪرڻا ڌرتيءَ تي تکا پوندا آهن. رڻ جي ويجهو ماڻهو پيو لنگهندو ۽ هي رونشو ڏسندو ته دانهن ڪندو ته ”يارو پاڻي ڙي پاڻي“، پر پاڻي هوندو ته مورهين ڪونه آهي. ڀلا ڪير نه مڃي، رڳو بيٺل پاڻي هجي ۽ اڇ لڳي پئي هجي ته به ٻي ڳالهه آهي، هن ۾ ته لهريون پيون لڳنديون آهن ۽ سج کان تَتل ميدانن تي اهي لهرون ڄڻ ته ناچ پيون ڪنديون آهن. ٻيو ته ڇڏيو پر جي انهن پوٺن ۾ ڪو ننڍو ٻوٽو يا وڻ هوندو آهي ته ان جو پاڇو به چٽو ئي چٽو انهيءَ ڪُوڙي پاڻيءَ ۾ پيو ڏسڻ ۾ ايندو آهي.

رڃ جو ٻيو ڏيک هي به هوندو آهي ته ان ۾ هرڪا شيءِ وڏي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. پريان پريان رڻ ۾ ڪو ڇيڻو لٿل هوندو آهي ته ائين ڀانئبو آهي ته ڪا ننڍي ٽڪري آهي، ڪو ٻوٽو هوندو آهي ته وڏو وڻ پيو ڏسڻ ۾ ايندو آهي. ڪو اُٺ پيو لنگهندو آهي ته ان جون ٽنگون ڊگهيون ڊگهيون ۽ چوٽي ڄڻڪ اڀ سان پئي لڳندي آهي. اهي شيون ڪوهين پري هونديون. پر ڀانئبو ته ويجهڙيون آهن.

ٽيون ڏيک رُڃ جو اهو به هوندو آهي ته جڏهن سج جا ڪرڻا ميدانن تي تکا ۽ آڏا پوندا آهن، ته هرڪا شيءِ ابتي پئي ڏسڻ ۾ ايندي آهي. اهو ڪم سڄو سج جي ڪرڻن جو آهي. جڏهن اهي ڌرتيءَ تي آڏا پون ٿا ته ڪرڻن جو جنسار ائين ڏسڻ ۾ ايندو آهي.

رُڃ هرڻن ويچارن لاءِ ته وڏو آزار آهي. هرڻ پاڻي پيئي ڪڏهن ڪڏهن سو جو هيترو پاڻي ڏسندو آهي ۽ ڪو ماڻهو جنهن جو ڊپ ٿئيس، سو به نه ڏسي ته وڏا وڏا ڇال ماريندو پاڻيءَ پٺيان ڊوڙندو آهي، ڀائيندو ته اجهو ٿو پاڻيءَ کي رسان، ڊوڙندو ويندو ته پاڻي اڃا به اڳڀرو ڏيکائي ڏيندس، وري ڊوڙندو ته اڃا به اڳي. اهڙيءَ ريت ڪڏهن ته ويچارو رڃ ۾ ڊوڙي ڊوڙي پران ڏيندو آهي. سنڌيءَ ۾ چوندا آهن ته ”هرڻ وانگيان رُڃ جي ڏيک تي هرکجي نه وڃ ته مرڳو مرين نه!“ ساڳيءَ ريت ڏاهن اسان کي رُڃ مان اها سمجهاڻي ڏني آهي ته هن پرٿويءَ جون ڌن ۽ مايا ميڙڻ ائين آهي، جيئن هرڻ جو رُڃ ۾ پاڻيءَ پٺيان ڊوڙڻ، ان ڪري خدا کي ياد ڪر ۽ ڌن تي موهت نه ٿي، آخر ڄائو به اگهاڙو آهين ۽ ويندي به اگهاڙو. هتان ڪجهه به پاڻ سان کڻي نه ويندين، تنهنڪري هن ڪوڙيءَ جيوت تي بانور نه ڪر ۽ ڌن ميڙڻ جو لوڀ من مان ڪڍي ڇڏ. تون آهين هڪ مٽيءَ جو پتلو، مٽيءَ مان جڙيو آهين ۽ نيٺ مٽيءَ ۾ ويندين. ڪنهن سگهڙ چيو آهي ته:

ڪين آهين ڪين ٿيندين ڪين ڪو ڪارج ڪماءِ،

جو اچئي ڪم سُڀا ٻيو سڀ ڦٽو ڪر ڪار ڪم.

فاروق احمد ٻٻر

مسلمان سائنسدانن جون ايجادون

مسلمان سائنسدانن، تحقيقات سان گڏ عملي طرح به تمام اهم ڪم سرانجام ڏنا. ضروري آهي ته مسلمان سائنسدانن جي انهن ايجادن جو ذڪر ڪجي، جن دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو.

1- بارود: قديم زماني کان مختلف قسم جا ڪيميائي جُزا جنگين ۾ استعمال ڪيا ويندا هئا، جن سان باهه لڳي ويندي هئي. 7 صدي عيسوي کان اڳ، يورپ کي اهڙن جُزن جي ڪابه خبر نه هئي. خيال ڪيو وڃي ٿو ته، يورپ ۾ انهن نسخن کي پهچائڻ وارو هڪ شاهي معمار ”ڪالي“ نالي هو. يونانين عربن جي محاصري وقت باهه لڳائڻ وارا هٿيار استعمال ڪيا. ۽ انهن کي پوشيده رکيو. اهو نسخو گندرف، کؤنر ۽ چرٻي مان ٺاهيو ويو هو. ان جو مثال هڪ عيسائي ”هياسبن“ جا هي لفظ آهن. ”مسلمان عربن جي طرفان جيڪا باهه وسي رهي هئي. اِها تمام هيبتناڪ هئي.“ زان ويل (Zaan well) لکي ٿو ته هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ايتري خطرناڪ باهه ڪڏهن نه ڏٺي. هي ان باهه کي اڏرندڙ ازده جيان تشبيهه ڏي ٿو. جڏهن هي سينٽ لوئي جي ڀرسان پهچندو هو ته چوندو هو: ”اي منهنجا خدا، مون کي ۽ منهنجي فوج کي هن بلا کان بچاءِ.“

2- بندوق: مير فتح الله خان شيرازي کي تاريخ ۾ بندوق ۽ بندوق جي پائوڊر ٺاهڻ جو موجد چيو وڃي ٿو. خيال ڪيو وڃي ٿو ته بندوق جو پائوڊر پهريائين چينين ٺاهيو پر (Joseph Hell) پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو:

“Gun powder was a great invention of the Arbs. Who wear already using guns.”

3- گاسليٽ: ’زان ويل‘ لکي ٿو ته اڳين وقتن ۾ باهه لڳائڻ لاءِ گاسليٽ کي ڪم آندو ويندو هو. تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته، گاسليٽ جو سڀ کان پهريائين استعمال به عربن ڪيو. آزربئجان جي تيل جا چشما ان زماني ۾ مشهور هئا. اتان گاسليٽ، مصر ۽ شام آندو ويندو هو. ابن فضل الله تفصيل سان احوال لکندي، لکيو آهي ته، عربي زبان ۾ گاسليٽ کي ”نفظ“ جي لفظ سان سڏيو ويندو آهي. هن لفظ، يورپ جي زبانن ۾ Naphth جي شڪل اختيار ڪئي آهي.

4- واچ: قطبي، پهريون واچ ميڪر هو. جنهن واچ ٺاهي. عباسي حڪومت ۾ واچ جو استعمال عام هو. مشهور خليفي هارون الرشيد پنهنجي همعصر فرانس جي بادشاهه ”شارليمن“ کي هڪ واچ تحفي طور ڏني هئي. بغداد جي مشهور يونيورسٽيءَ ”مستنصريه“ هڪ عجيب قسم جو گهڙيال ايجاد ڪيو. جنهن جو ڊائل آسمان ۽ زمين وانگر هو. جيڪو ان جي مٿاڇري تي وقت ڏيکارڻ لاءِ ڦرندو هو.

5- هوائي چَڪي: سڀ کان اڳ، مير فتح الله خان، برصغير ۾ هوائي چڪي “Wind Mill” تيار ڪئي. هالينڊ ۾ هوائي چڪي مير فتح الله خان جي بڻايل هوائي چڪيءَ کان 50 سال بعد ۾ ٺاهي وئي. هوائي چڪي، مير فتح الله (فتح پور سيڪري) جي هڪ پهاڙي چوٽي تي لڳائي هئي. ”آثار اڪبري“ ۾ لکيل آهي ته، فتح پور سيڪري جي پهاڙي تي جيڪا هوائي چڪي، مير فتح الله ٺاهي هئي. ان جا آثار اڄ به موجود آهن.

6- جهاز ٺاهڻ جا ڪارخانه: مسلمانن سڀ کان اول شام ۽ مصر جي ساحل تي جهاز ٺاهڻ جا وڏا وڏا ڪارخانه قائم ڪيا. آفريڪا جي گورنر موسيٰ بن نصير، وڏي ڪوشش سان اُسڪندريه ۾ جهاز سازيءَ جو وڏو ڪارخانو قائم ڪيو هو.

اسپين جي خليفي عبدالرحمان هڪ ايترو وڏو بحري جهاز قائم ڪرايو هو، جو يورپ ۾ ان جيترو وڏو بحري جهاز ڪونه هو. حضرت امير معاويه جو سامونڊي ٻيڙو ٻارنهن سؤ ۽ ڪيترن جهازن تي مشتمل هو. ان کان علاوه مسلمانن، اسپين، دمشق ۽ تيونس ۾ به اهڙا ڪارخانه قائم ڪيا هئا. جن ۾ تير کان وٺي توب تائين هٿيار تيار ٿيندا هئا.

راجا راجيش ڪمار

ايڊز

”انسان جي دشمن بيماري“

ڏٺو وڃي ته هر شيءِ جا ٻه رخ هوندا آهن. هڪ مثبت يا روشن ۽ ٻيو منفي يا تاريڪ. اهو اصول انساني ارتقائي تاريخ ۾ به بدرجه اتم ملي ٿو. جتي انسان جديد دور ۾ داخل ٿي، نت نيون ايجادون ڪري ۽ قسمين قسمين مشينون ٺاهي، پنهنجي زندگي کي آرامده بڻايو آهي، اتي اهي ئي مشينون هن لاءِ هاڃيڪار به ثابت ٿيون آهن. غارن ۾ زندگي گذاريندڙ انسان، محلاتن ۽ فليٽن ۾ پهچي، جتي قسمين قسمين مصنوعات جا مزا ماڻيا آهن، اتي اهو انسان قدرتي ماحول ۽ فطري حسن کان محروم پڻ ٿيو آهي. زندگي جي هر شعبي جيان ميڊيڪل سائنس ۾ به حضرت انسان ڪيئي ڪارناما سرانجام ڏنا آهن. مليريا ۽ ماتا جهڙين موذي مرضن کي ختم ڪري، تمام وڏو ڪم ڪيو اٿائين، پر افسوس جو اهو ئي انسان، جڏهن فطرت جي خلاف ورزي ڪرڻ لڳو ته الله تعاليٰ کيس ڪينسر، هيپاٽائيٽس بي ۽ ايڊز جهڙين ڀوائتين بيمارين ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو. جيڪي بيماريون اڃا تائين لاعلاج آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com