سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل نومبر، ڊسمبر 1980ع

باب: --

صفحو :2

الهڏتو وگهيو

جهرندڙ زندگي

معصوم چهرو، نماڻيون اکيون، ميرا ڦاٽل ڪپڙا مٽيءَ ۾ ڀڀوت. حسرت ڀري نگاهن  سان ڏسي. سامهون هڪ جيڏا ننڍڙا ننڍڙا ٻار سهڻا ڌوتل پوتل ڪپڙن ۾ اڇا اُجرا ٺينگ ٽپا ڏيندا رهن ٿا. کلن پيا ٽهڪ ڏيئي هڪ ٻئي کي پڪڙڻ جي ڪوشش پيا ڪن. سندس ننڍڙو من چاهي ٿو ته جيڪر هو به هنن وانگر اڇا اُجرا سٺا سٺا ڪپڙا پائي سٺو ٿي هنن سان راند کيڏي .

سوچي ٿو هو به جيڪر ماڻس کان اڇا اُجرا ڌوتل ڪپڙا پائي. وري ذهن جهٽڪو کائيس ٿو. اڃا صبح ته آني تان ماريو اٿس ننڍڙو من ڦسي پويس ٿو ۽ اکين ۾ لڙڪ بي اختيار ٿي وهنس ٿا. جيڪي ميري ڦاٽل قميص ۾ جذب ٿي وڃن ٿا. ويچاري ٿو امان وٽ آنو آهي پر مون کي هروڀرو نٿي ڏئي. منهنجي امان ڪني آهي. مون کي آنو نٿي ڏئي رهندو ماري ٿي. پاڙي واري ماسي جنت ڪيڏي نه سٺي آهي. هو جاويد ۽ پرويز کي روز صبح جو ننڊ مان اٿاري پيار ڪندي آهي، سٺا سٺا ڪپڙا پارائيندي آهي ۽ آنو آنو خرچي به ڏيندي اٿن ۽ منهنجي امان هو ته مونکي وارن مان وٺي ننڊ مان اٿاريندي آهي. ڪاش! منهنجي به ماسي جنت جهڙي امان هجي ها. جيڪا روز صبح جو پيار ڪري ها سٺا سٺا ڪپڙا پارائي ها خرچي ڏئي ها. جاويد ۽ پرويز کي ڪير ماريندو آهي ته هو انهن جو بدلو ڪندي آهي ۽ منهنجي امان اها ته الٽومون کي ماريندي آهي. ”مئا ڳري ويا تو مان ڇو اچي ڦاٿي آهيان. ڪنڌ لٿا مان ڪو تنهنجي ڪاڻ پاڙي وارن سان ڦٽائينديس ڇا؟ وڃي مر“ پوءِ اچي وٺندي آهي لتن مڪن سان رحم ئي ڪونه ايندو اٿس، ٻيا ٻار به مارين ۾ هوءَ به ماري. ٻين ٻارن جون مائون به گاريون ڏين ڌڪا ڏين پنهنجن ٻارن سان بيهڻ ئي نٿيون ڏين مان ايڏو ڪنو آهيان جو مون کي سڀڪو ماري ٿو، چريو سڏي ٿو، نڀاڳو ٿو سڏي. جيڪر وڏو هجان ته سڀني کي ٺاهي ڇڏيان ها. ننڍڙي هجڻ تي خار اچنس ٿا.

سامهون ٻه ننڍڙا ٻار پاڻ ۾ هٿ هٿ ۾ ڏئي هڪ ٻئي سان کلندا پيا اچن اڇا اجرا سهڻا ٻار، هو کين ڏسي من ئي من خوش ٿيڻ لڳي ٿو. جيڪر منهنجا به ڀائر هجن ها، انهن وانگر هٿ هٿ ۾ ڏئي گهمون ها. کيڏون ها، پوءِ مون کي ڪير به نه ماري ها. پريان ٻه ڇوڪرا ڪلفيون کائيندا پيا اچن، هن جي ڀر ۾ اچي هن کي ڪلفيون ڏيکاري سڪائين ٿا. هن جو وات پاڻي پاڻي ڪري ٿو. هنن کي ڏسندو ئي رهي ٿو. هڪ وڌي هن کي ڌڪو ڏئي ٿو ڪرندي ڪرندي بچي وڃي ٿو. ٻيو هن کي ڌڪ هڻي ڪڍي ٿو. پوءِ ٻئي ڌڪن چنبن سان مارڻ شروع ٿي ٿا وڃن. هو مار سهندو رهي ٿو. ڪجهه به نٿو ڪڇي ڪڇي به ڪيئن؟ هن جو بدلي ڪرڻ وارو ڪير ئي نه هيو، ڪجهه ڪڇندو هو ته انهن ٻارن جون مائرون اچي هن کي ڌڪ هڻنديون گاريون ڏينديون ۽ پوءِ ماڻس به اچي ماريندس ۽ پٽيندس. بک جو شديد احساس ٿئيس ٿو گهر ڏانهن وڃي ٿو. ڊڄندو ماءُ جي ڀر ۾ اچي ”امان مون کي بک لڳي آهي مون کي ماني ڏي“ خارو چان هن ڏانهن ڏسي ٿي.

”هتي ڪو پڻهين جي ماني رکي آهي؟“

”امان مون کي آنو ته نٿي ڏين پر ماني ته ڏي.“

”تون وري مون سان ماڻهو ٿي ٿو ڳالهائين، خدا شل چٽ ڪرئي مئا باهه لڳئي شل مري وڃين ته سک جو ساهه کڻان تو مان ڪيئن اچي ڦاٿي آهيان.“

”نه ته مون کي ماني ڏي مون کي بک لڳي آهي بک ٿو مران“

”وڃي مر مون وٽ ڪانه آهي“.

”امان ڀلا ماسي جنت وارن کان وٺي ڏي.“

”ها تو لاءِ وڌيو ويٺي آهي. رڳو کائڻ جي دير اٿئي. هو ڪنهن کي سڙي مانيءَ جي کل به نه ڏين پاڙي ۾ ڪو به بک مرندو ته ان کي سڪل ڀور به نه ڏيندا.“

”تون مون کي ماني ڏي ڪٿان به وٺي.“ اکين مان لڙڪ لارون ڪري وهنس ٿا.

”مئا تون بس نه ڪندين بيهه ته توکي يڪي ماني ٿي کاريان، رت جون گرڙيون نه ڀرايون مانءِ ته منهنجو نالو ڪتيءَ تي رکجان“ ٺاٺاٺا....... ٺاٺاٺا...... ڌڪ چنبا لتون، رڙيون ”گهوڙاڙي مري ويس امان مون توبهه ڪئي امان مون توبهه ڪئي، مون کي ماني ڪانه کپي مان توکان ڪڏهن به ماني نه گهرندس.“ ”مئا ڳري ويا اڄ توکي يڪي ٿي ماني کارايان“ پاڙي جا ٻار مڙي وڃن ٿا هن کي مار کائيندو ڏسي تاڙيون وڄائن ٿا . کلن ٽهڪ ڏئي هڪ ٻئي کي چون ٿا ڏسو ڏسو ڪيئن نه ٿو مار کائي. ”امان خدا جي واسطي مون تي رحم ڪر مون کي نه مار مان توکان ڪڏهن ماني نه گهرندس.“ هو ساڻو ٿي پٽ تي ڪري ٿو پوي، ڌڪن جي ڪري سندس سنڌ سنڌ ساڻو ٿي پيو سنهيون بوندون وهنس ٿيون، جيڪي قميص ۾ جذب ٿي ٿيون وڃن.

جڏهن سامت ۾ اچي ٿو سور جي پيڙا وڌي وڃيس ٿي. آهستي آهستي سڏڪا ڀريندو اٿي ٿو. مارجي ڊپ کان متلن وري مار ملي. ڪيتري دير تائين پٽ تي ساڻو ٿيو پيو هو. سندس ننڍڙي من ۾ ماءُ لاءِ ڌڪار نفرت ٿيڻ لڳيس ٿي، من ئي من ۾ هن کي ڳالهائي ٿو. ڪني، بڇڙي الله ڪندو ته مري ويندي. بابا به ڪيڏو نه ظالم آهي، جو هو به هن کي نٿو چئي ته هن کي ڇو ٿي مارين، ماني ڇو نٿي ڏين. پر هن ته ڪڏهن به منهنجي مٿي تي هٿ نه ڦيريو آهي. ڪڏهن به مون کي پيار نه ڪيو اٿس. ٻين ڇوڪرن جا پيءَ انهن کي ڪيئن نه پاڻ سان گڏ گهمائيندا آهن. ڪيتري دير تائين روئڻ ڪري اکين مان وهيل لڙڪن جا نشان ڳلن تي لڪيرون ٺاهي بيهي رهيا هيس، هو سڏڪا ڀريندو گهر کان ٻاهر نڪري ٿو سندس لڱ اڃا به سور کان ڪنبن پيا. سنڌ سنڌ سور کان رجهي پيو هيس. ٻاهر پاڙ يوارا ٻار هن کي ڏسي کلن پيا، وڏا وڏا ٽهڪ ڏين ٿا. هن کي وري هو مارڻ لڳن ٿا. پٿر هڻنس ٿا. وهندڙ ناليءَ مان ڪنو پاڻي هڻنس ٿا، هو ماٺ ڪيو اڳتي ويندو رهي ٿو. هنن تي خار به ڏاڍا اچنس ٿا پر ڪري ڇاٿو سگهي.

گهر جي ڀرسان ريلوي اسٽيشن اٿس، جتان هن کي روز گاڏيءَ مان ڪجهه نه ڪجهه سڪل مانيءَ ڀور هٿ ايندو هو. اسٽيشن تي اچي بيهي ٿو. گاڏي آئي آهي ۽ هو مانيءَ ڀور لاءِ هيڏي هوڏي واجهائي ٿو. اوچتو مانيءَ ڀور تي نظر پويس ٿي ۽ هو ڊوڙ پائي کڻڻ جي ٿو ڪري، پر ان کان اڳ هڪ ڪتو لوهه پائي ماني کڻي ٿو وٺي ۽ هو اداس اداس نظرن سان گاڏي ۽ ڪتي کي ڏسڻ ٿو لڳي ۽ پوءِ هڪ ڳيت ڏيئي بيهي رهي ٿو. ريل گاڏي سيٽيون وڄائيندي اسٽيشن تان ويندي رهي ٿي.

ڀولڙي جي  ڀل ۽ ٻيون آکاڻيون

سنڌي ادبي بورڊ جو ٻارن لاءِ بهتر ڪتاب اڄ ئي پنجن روپين ۾ خريد ڪريو.

باتصوير، رنگين سرورق، بهترين ڇپائي.

سرويچ ٿهيم

اڌورا جذبا

اڄ سالوءِ جو پيءُ اداس هو، اڄ هن جي گهر جا ڀاتي بک ۾ پاهه ٿيڻ لڳا. هنن گهر جو مال متاع ٻڪريون بک ڪري ٻيڪي رهيون هيون. هي ڪنهن پاڙي واري ڏي ويا ٿي ته انهيءَ گهر مان اداس ٿي موٽيا پئي. سالوءَ جي پيءُ ڪنهن ذات واري ڏي يا ڪنهن مائٽ ڏي اهو سوچيو پيو وڃي ته متان مائٽ رحم ڪن ۽ ماني ٻوڙ ڏين انهن ڏي وڃي پيو ته اتان يڪ ساهي گهرڻ کان اڳ، ائين چوندا هئا ته ”اسان توهان جو ٺيڪو ته نه کنيو آهي جو اسان وٽ هر هرڀڳا پيا اچو“ سالوءَ جو پيءُ اهو جواب ٻڌي هن جي اکين مان لڙڪ وهي اهي ڏاڙهي ۾ وڇڙجي ويا.

اڄ منجهند هئي، هرڪو ماڻهو وڃي آرامي ٿيو، هر ڪنهن گهر مان پکن ۽ هندورن جو آواز اچي رهيو هو. سالوءَ جي پيءُ جي گهر ۾ ڇنل اڊڙيل جهلي هئي جڏهن منجهند جو سالو جي ماءُ جهلي هڻندي هئي ته ان جون ٻانهون وٺجي وينديون هيون ۽ پاڻ گرميءَ ۾ شل ٿي ويندي هئي ٻاهريون ائين سمجهندو ڄڻ ته سالو جي ماءُ هينئر وهنجي آئي آهي ۽ سالو جي پيءُ جي گهر ۾ هندوري کان سواءِ ڇنل کٽولو هو، جنهن ۾ ننڍڙو رمون روئي رهيو هو ۽ بک جي دانهن ڪري رهيو هو ۽ ان جي ماءُ ننڍڙي رمون کي هر هر چئي رهي هئي ته بس ڪر ابا بس ڪر. ايتري ۾ سالوءَ جو پيءُ به اچي ويو ۽ گوڏا ڀڃي هيٺ صندلي تي ويهي رهيو. رمونءَ جو روئڻ ٻڌي هن جي دل ۾ وڍ پئجڻ لڳا ۽ چيائين ابا ڇو ٿو روئين ماني ته اسان جي مقدر ۾ نه آهي. اسان ماني کي ڳولڻ لاءِ ڪيتري نه ڪوشش ڪري رهيا آهيون مانيءَ کي رحم نٿو اچي ته منهنجي لاءِ منجهند جو ڀڄ ڀڄان لڳي پئي آهي، مان انهن جي بک مٽايان پر............. اهي لفظ چئي سالو جو پيءُ چپ ٿي ويو، اس جو تڙڪو وڌندو ويو هر طرف خاموشي هئي هرڪو ماڻهو آرامي هو پر ننڍڙو رمون اڃا روئي رهيو هو، رمون جي ماءُ پنهنجي ٻچن جو اهو حال ڏسي نه سگهي ۽ اوڇنگارون ڏئي روئي رهي هئي. هي سوچي رهي هئي ته اسان ڪيڏا نه بدنصيب آهيون جو پيٽ سان پٿر ٻڌي هلندا ٿا وتون ۽ منهنجي مائٽاڻي جي گهر ۾ هينئر مڇيون ٿيون رڌجن انهيءَ کي ڏسي سالو جي ماءُ جي دل ۾ الائي ڪهڙيون آهون نڪرنديون هونديون سالوءَ جي ماءُ الله سائين کي ميار ڏيندي چئي ٿي ته الله! هن جهان جا وارث منهنجا پالڻهار اسان کان اهڙي ڪهڙي غلطي ٿي آهي جو اسان کي تون اهڙي سزا ڏيئي رهيو آهين جي ڪئي اٿئون ته پنهنجا ٻانها سمجهي معاف ڪر منهنجا مالڪ. هن اڃا هو چئي بس ڪيو ته ٻڪريون ٻيڪي رهيون هيون اهي ايتري ۾ سالو به اچي ويو، سالو ننڍي هوندي به غريب هو ۽ هن جا ڪپڙا ليڙون هئا، هي گهر ۾ اچي جهلي هيٺان مس اچي ويٺو ته هن کي ماءُ چيو ابا وڃ ٻڪرين لاءِ ڪجهه بازار مان گدرين  جون کلون کڻي اچ ته ٻڪريون کائي جهلو ڪن، ”پر امان ٿورو ساهه پٽڻ ڏي، هينئر اس مان آيو آهيان، ”چڱو ابا“ سالو ٿورو وقت ويهي اٿيو ۽ چيائين امان کارو ڏي ته ان ۾ کڻي اچان، ابا اهو ڪنڊ ۾ پيو اٿئي سالو کارو کڻي ٻاهر کڻي ويو پنڌ ۾ پير اگهاڙا ڇانو جي ڪنڊ سان هلي رهيو هو، ڪيڏي مهل اس جي لڳڻ سان رڙ به پئي نڪتي، آخر سالو وڃي هڪ فروٽ جي دڪان وٽ بيٺو ۽ هيڏي هوڏي لوڻا هڻي رهيو هو. آخر هن کي ڪجهه گدرن جون کلون نظر آيون، هو ڀڄي وڃي کلون کاري ۾ وجهڻ لڳو اوچتو ان دڪان جي مالڪ هن کي ڏسي ورتو، هن اتان هڪل ڪيائينس ته ”متان کنيا اٿئي ڇورا“ هن اتان ٽپ ڏيئي هن کي چماٽ هنئي هن ٻي چماٽ هڻڻ جي ڪئي ته سالو اتي کارو ڇڏي وٺي ڀڳو، ايترو ڀڳو جو گهر ۾ وڃي ساهه پٽيائين، ماءُ هن کي سهڪندو ڏسي چيائين ابا ڇو ٿو سهڪين منهنجا ٻچا. ”امان دڪاندار مون کي ڀڄايو آهي اچ ابا جهلي هيٺان ويهه کڏ ۾ وڃي پوي مئو ماريو. سالو چيو امان بابو ڪاڏي ويو آهي، ابا پڻهين بازار ۾ ڪمائڻ ويو آهي ”چڱو“ آخر شام ٿي سالو جو پيءُ گهر ۾ اتان بازار مان ڪجهه مانيون ۽ ٻڪرين لاءِ گاهه جي ڀري کنيو آيو، جڏهن گهر ۾ گهڙيو سڀني جو منهن خوشي سان ٻهڪڻ لڳو. آخر ماني کائي سمهي پيا، صبح جو اٿن ته ڏسن ته سالو کي ڏاڍو بخار آهي. سالو کي ڊاڪٽر ڏانهن کڻائي ويا، ڊاڪٽر چيو ڇوڪري کي ڏينهن لڳو آهي، آخر ڇوڪري کي گهر ڏي کڻي آيا، ماءُ ڇوڪري سان ڳالهائڻ چاهيو پر هو هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري چڪو هو ماءُ اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي، ۽ سالو جو پيءُ پٽ مٿان ڳوڙها ڳاڙيندو رهيو.

شاهنواز ڀنڊ

آئيندي جي آس

هو پريان اسڪول جي آڏو پوکيل ڇٻر جي ٻاريءَ ۾ ويٺو هو. تمام غمگين ۽ اداس! هر لنگهندڙ هڪ جيڏي کي حسرت ڀرين معصوم چهري تي اداسيءَ جا آثار نمايان نظر اچي رهيا هئا. ائين ٿي لڳو، ڄڻ سندس دل چئي رهي هئي ته ڇا غريب جي ٻار کي پڙهڻ نه گهرجي، ڇا هي اسڪول جي هيڏي ساري عمارت صرف وڏيرن ۽ سرنديءَ وارن ماڻهن جي ٻارن لاءِ ٺهرايل آهي ڇا؟ ڪنهن غريب جي ٻار کي علم پرائڻ جو حق ڪونهي....

چار پيرڊ پورا ٿي چڪا هئا ۽ رسيس ملي چڪي هئي. سڀ ڇوڪرا ٽوليون ٺاهي، پنهنجن دوستن سان گهمي رهيا هئا، مگر هو اڪيلو ۽ غمگين ٿيو ويٺو هو. شايد غريب هو انڪري ساڻس ڪنهن سنگت رکڻ نٿي چاهي. سندس مٿي تي پراڻي سنڌي ٽوپي، پيرن ۾ چتين لڳل باٽا جي چمپل ۽ قميص جيڪا ٻن ٽن هنڌن کان (ڦاٽل هئڻ ڪري) رليءَ سبڻ واري ٿلهي سڳي سان سبيل، ڇوڪرن جي گهمندڙ ٽولين کي نماڻن نيڻن سان نهاري رهيو هو.

مان کيس اداس ڏسي، سندس اداسيءَ جو سبب پڇڻ لاءِ ڀرسان ويس ها، مان کيس سڃاڻان. هو اسان جي پاڙي ۾ رهندڙ هڪ غريب هاريءَ چاچا نورل جو اڪيلو ۽ سڪيلڌو پٽ هو، شمن، چاچا نورل جو ساڻس ڏاڍو پيار هو. هو به ته کيس اڪيلو پٽ، تڏهين ئي ته کيس پڙهڻ ويهاريو هئائين. پنج درجا سنڌي پاس ڪرڻ کان پوءِ، پٽ کي انگريزي پڙهائڻ لاءِ هاءِ اسڪول موڪليو هئائين. هن جي آس هئي ته سندس ننڍڙو، شمن پڙهي ڪا وڏي نوڪري ڪندو ۽ سندس پيريءَ جو سهارو ٿيندو. شمن هاڻي ڇهين جماعت انگريزيءَ جو شاگرد هو.

مان وڌي وڃي سندس ڀرسان بيٺس ۽ پيار مان پڇيم، ادا، شمن! ڇو اتي اڪيلو ويٺو آهين. هن ڪو به جواب ڪونه ڏنو ۽ نماڻائي سان مون ڏانهن نهارڻ لڳو. مان ڏهينءَ جماعت جو شاگرد آهيان، شايد ان ڪري پنهنجو احوال ٻڌائڻ کان شڪ پئي ڪيائين. آخر منهنجي زور ڀرڻ تي معصوميت ڀريل لهجي ۾ چيائين، ”ادا، مون وٽ ڪتاب ڪونه آهن، تنهنڪري سائين ڪلاس ۾ اچڻ نٿو ڏي ۽ چوي ٿو ته رسيس کانپوءِ سڀن وٽ ڪتاب هئڻ گهرجن نه ته ڪلاس ۾ اچڻ نه ڏيندو سانوَ ٻين وٽ ته ڪتاب آهن پر........

”ادا، پوءِ چاچا کي چئو ته ڪتاب وٺي ڏيئي نه“ مون سندس ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چيو. هو ڪجهه مايوس ٿي چوڻ لڳو، ”بابا چوي ٿو ته پئسا ڪونه آهن، اسان غريب آهيون، ڪتاب ڪٿان وٺي ڏيانءِ، بابا هونئن ته مزدوري به ڪندو آهي، پر هينئر ٻنيءَ ۾ ڪم ڪرڻ جي موسم آهي، تنهنڪري ڪا مزدوري ڪري نٿو سگهي.“ مون سوچيو، سچ ٿو چوي هاري ماڻهوءَ کي ٻنيءَ ۾ ڪم ڪرڻ جي مزدوري ته سال ۾ گڏيل نموني ملندي آهي. اها ٻي ڳالهه ته، اها وڏيري، سندس ڪمدار، ڪارائي ۽ قرض وغيره کانپوءِ باقي وڃي بچندي آهي. ڪنهن غريب ويچاري کي ته اهو حق ڪونهي جو، پنهنجو هڪ ٻار پڙهائي سگهي. مون ڪجهه سوچي کيس چيو، ”شمن ادا! هل ته هيڊ ماستر کي چئي توکي ڪتاب وٺرائي ڏيان“ هن مون ڏانهن ڏٺو ۽ سندس منهن تي خوشيءَ جي لهر ڊوڙي ويئي، ٿورڙو مرڪي اٿي بيٺو ۽ هلڻ لاءِ تيار ٿي ويو. مون سوچيو متان هيڊ ماستر ڪاوڙ ڪري ۽ چوي ته تون هن جي سفارش ڪري ۽ چوي ته تون هن جي سفارش لاءِ آيو آهين ڇا؟ پر مون ڪابه پرواهه ڪانه ڪئي. اسين ٻئي سڌو هيڊ ماستر صاحب جي آفيس ڏانهن وياسين مون اجازت ورتي ۽ اندر وياسين. هيڊ ماستر صاحب جي پڇڻ تي، مون کيس ٻڌايو ته ”سائين! هي غريب ڇوڪرو آهي سندس پيءُ هڪ مسڪين هاري آهي. هن وٽ ڪتاب ڪونه آهن، تنهنڪري سندس ڪلاس ٽيچر ناراض ٿي کيس ڪلاس ۾ اچڻ نٿو ڏئي. مهرباني ڪري اسڪول فنڊس مان هن کي ڪتاب وٺي ڏيو.“  هيڊ ماستر صاحب کي هن جو معصوم چهرو ڏسي رحم اچي ويو ۽ چيائين، درخواست لکي ڏيو ته ڪتاب وٺي ڏيانس.“ مون ٻاهر اچي هن کي درخواست لکرائي ۽ هو درخواست کڻي هيڊ ماستر صاحب جي آفيس ڏانهن ويو.

رسيس بند ٿي چڪي هئي. مان تڪڙو تڪڙو پنهنجي ڪلاس ۾ آيس. آخري چئن پيرڊن کان پوءِ جڏهن موڪل ملي ته هو اسڪول جي گيٽ وٽ، نوان ڪتاب ڪچ ۾ کنيو منهنجي انتظار ۾ بيٺو هو. جڏهن مان وٽس آيس، ته هن مون کي نوان ڪتاب ڏيکاريا ۽ خوش ٿي مون ڏانهن نهارڻ لڳو. سندس خاموش نظرون منهنجو شڪريو ادا ڪرڻ لڳيون. مون سندس مٿي تي هٿ گهمايو ۽ هو مون کان موڪلائي هليو ويو مان اتي ئي بيهي رهيس ۽ سندس مستقبل تي سوچڻ لڳس.......

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com