| 
								
								
								ادارو 
								
								سوال جواب   
								   
								
								
								قاسم شاهه ڪراچي 
								سوال: اهو ڪهڙو بادشاهه هو، جنهن کي راڳ کان ايڏي ته نفرت هئي، 
								جو ڳائڻا مٿس ٺٺولي ڪرڻ لاءِ هڪ ڏينهن راڳ جو 
								جُڙتو - جنازو ٺاهي اچي سندس محلات کان لنگهيا ته 
								هنن کي ڏسي چيائين "اهڙو اونهو پورجوس، جو وري نه 
								جاڳي." 
								جواب: اورنگزيب، مغل بادشاهه. 
								سوال: راڳ ڳائيندڙ (گويي) جو درجو وڌيڪ آهي يا راڳ جوڙيندڙ 
								(شاعر) جو؟ 
								جواب: هر فنڪار پنهنجي فن ۾ جنهن حد تائين ڪماليت جو درجو رکي 
								ٿو، اهو انهيءَ حد تائين بلند آهي. 
								  
								
								
								محمد مراد،لاڙڪاڻو 
								سوال: "گل ڦل" رسالو پاڪستان کان ٻاهر به ويندو آهي؟ 
								جواب: هائو، هندستان ۾. 
								سوال: سنڌيءَ وانگر سرائڪي ٻوليءَ ۾ به اخبارون ۽ رسالا نڪرن 
								ٿا؟ 
								جواب: اسان جي نظر مان ته ڪو سرائڪي رسالو يا اخبار نه نڪتي 
								آهي.   
								
								
								زبيده، سکر 
								سوال: ادا، رسالي جي گذريل پرچي ۾ "هنن سان ملو" عنوان ڪونه هو، 
								سو ڇو؟ 
								جواب: ڀيڻ، ان عنوان لاءِ ٻارن وٽان مواد (تعارف) ڪونه آيو هو. 
								سوال: ادا، جيئن "گل ڦل" ٻارن جو رسالو آهي، تيئن هن وقت سنڌي 
								ٻوليءَ ۾ زالن جو به اهڙو ڪو رسالو آهي؟ 
								جواب: ڀيڻ، افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته هن وقت سنڌي ٻوليءَ ۾ زالن 
								جو رسالو ڪوبه ڪونهي.   
								
								
								گلزار احمد ميمڻ، ميرپورخاص 
								سوال: ادا، شاهه ڀٽائي وڏو شاعر هو يا اقبال؟ 
								جواب: ڀاءُ، شاهه ڀٽائي سنڌي زبان جو وڏو شاعر هو، ۽ اقبال اردو 
								زبان جو. 
								سوال: مان ٽي سوال موڪليان ته ٽنهي جا جواب ڏيندا؟ 
								جواب: هڪ ڪاٽي ڇڏبو، باقي ٻن جا جواب ڏبا: جيئن گذريل پرچي جي 
								"ڀلا ٻڌايو ته ..." ڪالمن ۾ ٻڌايو ويو هو.   
								
								
								پروين، حيدرآباد  
								سوال: ادا، مان ٽئين ڪلاس ۾ پڙهان ٿي. آءٌ سڄي ڪلاس ۾ هوشيار 
								آهيان، مون کي ڊبل پروموشن ملي سگهندو؟ 
								جواب: ڀيڻ، تون پنهنجي ڪلاس جي ماستر يا ماسترياڻيءَ سان ڳالهه 
								ڪر.   
								
								
								محمود شاهه، دادو 
								سوال: اوهان کي سڀني کان وڌيڪ ڪهڙو پکي وڻندو آهي؟ 
								جواب: ڪڪڙ، ڇو ته اها ناشتي لاءِ آنا ڏيندي آهي. 
								سوال: ادا، مون کي جن ڏسڻ جو شوق آهي، ڇا ڪريان؟ 
								جواب: ادا، اسان ته ماڻهن کي ائين چوندي ٻڌو آهي: 
								"نڪو جنُ جهانَ ۾، نڪو ڀوت پريت."   
								
								
								محمد يعقوب، ڪراچي 
								سوال: اڄڪلهه سنڌ ۾ جنڊيءَ جو سڀ کان سٺو ڪم ڪٿي ٿئي ٿو؟ 
								جواب: هالن ۾. 
								سوال: اڪبر وڏو بادشاهه هو يا سڪندر؟ 
								جواب: اڪبر، ڇو ته هو "سٺو بادشاهه" هو - "وڏو" اهو آهي جو 
								"سٺو" هجي.   
								
								
								عبدالشڪور، ڪنڌڪوٽ 
								سوال: ادا، مان اوهان کي اهڙو سوال موڪليا، جو اوهان پڙهي 
								ڪاوڙجي پئو ته پو”؟ 
								جواب: ڀاءُ، تنهنجي هن سوال ته کلائي وڌو.   
								
								
								حميده خاتون، سکر 
								سوال: ادا، چون ٿا ته زيتون جو وڻ پاڪ آهي، هائو؟ 
								جواب: ڀيڻ، چوندا آهن ته سڀ ميويدار وڻ پاڪ آهن ۽ اهي به جيڪي 
								ٿڌي ڇانوَ ڪن. 
								سوال: ادا، مان حسابن ۾ هوشيار ڪيئن ٿيان؟ 
								جواب: ڀيڻ، تون واندڪائيءَ جي وقت حساب ويهي ڪر.   
								
								
								هدايت الله قريشي، عمرڪوٽ 
								سوال: "سنڌ" لفظ اصل ڪهڙيءَ ٻوليءَ جو آهي؟ 
								جواب: "سنڌ" لفظ سنڌوءَ مان نڪتو آهي ۽ اهو اصل سنسڪرت ٻوليءَ 
								مان نڪتل آهي. 
								سوال: ميرن کان سنڌ جي بادشاهي ڪنهن کسي ۽ ڇاجي ڪري؟ 
								جواب: انگريزن، - انهيءَ ڪري جو مير پاڻ ۾ ٺهيل نه هئا. مشهور 
								چوڻي آهي ته "ميرن کي گهر مان لڳي."   
								
								
								محمد پريل، شهدادپور 
								سوال: ادا، اهڙو ڪو شعر ٻڌايو، جنهن جي معنيٰ ڀلي ڏکي هجي، پر 
								تمام سٺي هجي؟ 
								جواب: سچل جو شعر آهي، ٻڌو: 
								"مين ته ڪوئي خيال هان، 
								مِلسان نال خيال دي." |