ان خوشيءَ جي موقعي تي هيڊ ماستر صاحب مختصر تقرير
ڪندي ٻاڙن کي آئندي سنوراڻ لاءِ ڪجهه هدايتون ۽
نصيحتون ڪيون ۽ علم جي فضيلت ۽ اهميت کان پڻ آگاهه
ڪيو. اهڙي ريت پوري اسڪول جو نتيجو نڪرڻ بعد موڪل
ٿي وئي. گلڻ به پنهنجن سنگتين ساٿين کان موڪلائي
گهر ڏي راهي ٿيو. رستي ۾ هلندي هلندي هو سوچن جي
درياءُ غرق ٿي ويو ....
”سانجهيءَ جو جڏهن بابو گهر موٽندو ته پنهنجا سڀ
هار لاهي بابي جي ڳچيءَ ۾ وجهندس. ۽ ها هڪڙو هار
امان کي به پارائيندس. پوءِ بابو منهنجي ڪاميابيءَ
تي خوش ٿي مون کي ڊَڊي تي کڻندو ۽ مان ڳراٽڙي پائي
کانئس پنهنجو ڪيل وعدو پورو ڪرائيندس. ڪالهه بوٽ
ڦاٽي وڃڻ جي شڪايت ڪئي مانس ته چيو هئائين ته جي
پهريون نمبر آئين ته توکي نئون بوٽ وٺي ڏيندس نه
ته پراڻي بوٽ کي چتي هڻائي ڏيندوسانءِ. هاڻي ڏسان
ته ڪئين نٿو نئون بوٽ وٺي ڏي! هاڻ ته مان انگريزي
پڙهندس پوءِ اهو پراڻو بوٽ ٿوروئي پائيندس!“ هو دل
ئي دل ۾ گد گد ٿيڻ لڳو ۽ اهي پهه پچائيندي جڏهن
گهر جي گهٽيءَ ۾ پهتو ته هن جي خيالن جي زنجير ٽٽي
پئي.
گهر جي اڳيان ماڻهن جو ميڙ ڏسي هو وائڙو ٿي ويو.
هن ويجهو وڃي ماڻهن ڏانهن سوالي نظرن سان نهاريو.
ننڍڙي گلڻ جو ڪومايل چهرو ڏسي ماڻهن جي وات کي ڄڻ
مُنڊ لڳي ويو هو ۽ ڪجهه ڪڇي نه ٿي سگهيا. گلڻ ڊوڙ
پائي گهر ۾ گهڙي ويو. کٽ تي پڻس جو لاش پيو هو.
ويچارو ولڻ مٽي ڍوئيندي ڪنهن اوچيءَ جاءِ تان ڪري
پيو هو. گلڻ جوپيءُ مزدور ماڻهو هو ۽ جاين ٺاهڻ جو
ڪم ڪندو هو. هو ٻين لاءِ ته بلند ۽ عاليشان بنگلا
اڏيندو هو، پر سندس لاءِ مٽيءَ جوجهڙو تهڙو ڪچو
گهر هو. جنهن کي جنت بنائڻ لاءِ ڏينهن رات محنت
ڪندو هو. مٽيءَ مان گهر جوڙي ٻين لاءِ راحت ۽ آرام
مهيا ٿي ڪيائين. اڄ انهن بلند ۽ عاليشان عمارتن
ساڻس بيوفائي ڪري کيس هميشہ هميشہ لاءِ مٽيءَ جي
ڍير ۾ ملائي ڇڏيو.
اهو منظر ڏسي گلڻ کان دانهن نڪري ويئي ۽ ڊوڙي وڃي
پيءُ کي چنبڙيو. ”بابا هي توکي ڇا ٿي ويو. تون
اسان کان ايترو جلد ڇو رسي وئين. تو پنهنجو واعدو
به پورو نه ڪيو. تون ته چوندو هئين ته توکي پڙهائي
وڏو ماڻهو بڻائيندس. ڏس بابا اڄ مان ڪامياب ٿيو
آهيان. پنهنجي قول پهريون نمبر آيو آهيان. هڪ ڀيرو
اکيون کولي ڏس نه! ڇا ان خوشي جي موقعي تي منهنجو
وات به مٺو نه ڪرائيندين؟ ائين چئي سڏڪا ڀري روئڻ
لڳو. گلڻ جا اهي لفظ ماڻس جي دل ۾ گهاو وجهي رهيا
هئا. ماڻس ڇڪي پٽ کي پنهنجي سيني سان لاتو ۽ کيس
دلداريون ڏيڻ لڳي.
گلڻ اٿي پنهنجي ڳچيءَ مان هار لاهي پيءُ جي لاش تي
وڌا ۽ گوڏن ۾ منهن هڻي روئڻ لڳو.
بي رحم وقت ڪنهن جي پرواهه ڪرڻ بنا ساڳيءَ رفتار
سان هلندو رهيو. پڻس جي وفات کي پورا ٻه مهينا
گذري ويا. ننڍپڻ ۾ ئي پيءُ جي جدائيءَ کيس جهوري
وڌو هو. ڪنهن به ڪم ۾ سندس دل نه لڳندي هئي. اسڪول
وڃڻ به ڇڏي ڏنو هئائين. ماڻس کي پنهنجي پٽ جو ڏاڍو
اونو هو ۽ کيس اسڪول وڃڻ لاءِ زور ڀريو.
پر گلڻ چيو ”نه امان! پاڻ وٽ ايترا پئسا ڪو نه آهن
جو نوان ڪتاب ۽ يونيفارم خريد ڪري سگهون. انگريزي
پڙهڻ ڪو چرچو نه آهي.“
”ٻچڙا تون ڪو به فڪر نه ڪر. مان توکي پيءُ بنجي
پڙهائي وڏو ماڻهو بڻائيندس. مان تنهنجي لاءِ ڏينهن
رات محنت ڪندس.“ ماڻس کيس ڀاڪر پائيندي چيو.
”نه امان! مان توکي ايڏي تڪليف ڪرڻ هرگز نه ڏيندس.
خدا کي شايد منهنجو وڏو ماڻهو بنجڻ پسند نه هو،
هاڻي مون به پڪو پهه ڪيو آهي ته بابي وانگر محنت ۽
مزوري ڪندس.“
اهو ٻڌي ماڻس جي اکين مان ڳوڙها ڪري پيا ۽ چوڻ لڳي
ته ”پٽ تنهنجي هيءَ عمر مزدوري ڪرڻ جي ناهي. تون
ته اڃان پاڻ گل جهڙو معصوم آهين. اهي ڳالهيون
تنهنجي سوچڻ جون ناهن.“
ماءُ جي اکين مان لڙڪ وهندا ڏسي گلڻ جون اکيون به
آليون ٿي ويون ۽ اکيون اگهندي چيائين:
”امان! مان هاڻي ننڍڙو ٿورو ئي آهيان. منهنجي دوست
احمد کي به ته پيءُ ڪونهي! هو به ته مزدوري ڪندو
آهي. پورا ڏهه روپيا روزانه ٿو ڪمائي. ڏس نه امان!
هاڻي مان ئي ته تنهنجو آسرو ۽ اميد آهيان ۽ مون کي
ئي پيٽ خاطر ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو آهي. جيڪڏهن مان به
همت هاري ويٺس ته پوءِ اسان جو ڪهڙو حال ٿيندو؟
ائين چئي گلڻ اٿيو ۽ گهر جي اڱڻ ۾ رکيل پيءُ جي
ڪوڏر ۽ تغاري پنهنجن ننڍڙن ۽ نازڪ هٿن ۾ سنڀالي،
دل ۾ پڪو عزم ڪيائين ته مان پنهنجي ننڍڙي ڀيڻ ۽
ڀاءُ جو سهارو ٿيندس. محنت ۽ مزدوري ڪري پنهنجي
ننڍي ڀاءُ کي وڏو ماڻهو بنائيندس. امڙ جي ٻُڍاپي
جي لٺ ٿيندس. هن ننڍڙي گهر کي ٻيهر خوشين سان
مالامال ڪندس، انشاءِالله ضرور ڪندس.
سخاوت
سخاوت اها نه آهي ته توهان مون کي اُها شيءِ ڏيو،
جنهن جي توهان کي ضرورت نه هجي پر سخاوت اها آهي
ته توهان مون کي اها شيءِ ڏيو، جنهن جي توهان کي
مون کان وڌيڪ ضرورت هجي. (خليل جبران)
موڪليندڙ: عزيزالله جلباڻي، رتوديرو.
محمود مغل (سائنس)
مسلمان ۽ سائنس
اڄڪلهه مغربي ملڪ سائنس ۾ اڳرا آهن، ۽ اسان انهن
جي ڀيٽ ۾ نٿا اچي سگهون. پر پيارا ٻارو، يقين ڪريو
ته انهيءَ سائنس جو پايو وجهندڙ اسان مسلمان ئي
آهيون. ڪيترا اها ڳالهه ڄاڻن ٿا ته نيوٽن کان ڇهه
سئو سال پهرين مسلمان مادي جي گڏيل ڇڪ يعني ميلاپ
جي اصول کان واقف ٿي ويا هئا.
هوائي جهاز جو سڀ کان پهرين تجربو ابن فرناس ڪيو
هو.
گليليو کان اڳي ابن يونس پنڊولم جي اصول کان واقف
ٿي ويو هو.
ابن سينيا جو ڪتاب ’قانون‘ پنج سؤ سالن تائين يورپ
جي طبي ڪاليجن ۾ درسي حيثيت ۾ پڙهايو ويندو هو.
ذڪرياالرازي، دنيا جو پهريون حڪيم هو. جنهن ماتا ۽
ارڙي جي علامتن ۽ ان جي علاج تي بحث ڪيو ۽ اصول
ٺاهيا جيڪي اڄ تائين مڃيا وڃن ٿا.
يارهين صدي عيسوي ۾ يعني ”ڪوپرني ڪس“ کان 500 سال
اڳي مسلمان نظام شمسي جي اصول کي سمجهي ويا هئا ۽
زمين جي ڦيري کي صحيح سمجهيو هو. حسابن ۾ ٻڙي جو
صحيح استعمال ۽ ان جي جاءِ ۽ هڪ کان 9 تائين انگن
جو الڳ الڳ استعمال سڀ کان پهرين الخوارزمي ڪيو هو
۽ علم حساب جو بنياد وڌو. رڳو ايتري تائين نه پر
(الجبر و المقابله) تائين ايجاد ڪيائين، جنهن کي
عام طرح آلجبرا چيو وڃي ٿو.
حيوانن تي تحقيق ۽ انهن تي پهرين تصنيف حافظ
الدميري ڪئي.
موسيقي ۾ سائنسي طريقي سان کوجنا ۽ تحقيق فارابي
شروع ڪئي هئي. زهراوي آپريشن (وڍڪٽ) کي سائنسي
بنيادن تي قائم ڪيو اڄ تائين انهي فن ۾ انهيءَ
مصنف جي ڪتاب کي سونهون سمجهيو ويندو آهي. حيوانن
جي علاج کي اڄ به ابن بيطار جي نالي سان بيطاري
چيو ويندو آهي.
آسمان ۾ جيڪي به چمڪندڙ ستارا آهن، انهن جا نالا
پڻ عربي ۾ آهن. راجر بيڪن جي ڪتاب ”اوپٽڪس“، جيڪو
روشني بابت آهي ۽ ڏاڍو مشهور آهي. اهو حقيقت ۾
الهيثم جي ڪتاب ’المناظر‘ جو ڄڻ ته ترجمو آهي. عمر
خيام شاعر کان وڌيڪ حساب دان هو. هڪجهڙائي جو هڪ
قسم ’برابري چورس‘ ان جي ايجاد آهي.
اڄڪلهه جي مشهور تيزابن، ”شوري ۽ گندرف جي تيزابن“
جو ٺاهيندڙ ’جابر بن حيان‘ آهي. ماءِ الملوڪ جنهن
کي اڄڪلهه عام طور تي لاطيني نالي ’اڪواريجيا‘ سان
ياد ڪيو ٿو وڃي. اهو لفظ اصل ۾ ماءِ الملوڪ جو
لفظي ترجمو آهي. هي تيزاب تجربي گاهن ۾ سون ٺاهڻ
لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي ۽ جابر جي ايجاد آهي.
پري نه وڃو. ڪير يقين ڪندو ته زمين جي شڪل معلوم
ڪرڻ جو پهريون ۽ آخري تجربو پڻ مسلمانن سنڌ جي
ريگستان ۾ ڪيو هو. المقصد ته ڪيترن جا نالا ڳڻائي
ڪيترن جا ڳڻائجن. ڪهڙين ڪهڙين ايجادن جا نالا
وٺجن. مسلمانن جي چوٽيءَ جي سائنسدانن ۽ ان جي
ڪارنامن تي جي لکجي ته وقت کٽي ويندو، پر ڪارناما
نه کٽندا، بنيادي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن مسلمان
هينئر ڪا به ايجاد نه ڪن، تڏهن به سندن نالو سائنس
جي تاريخ ۾ نمايان هوندو ڇو ته انهن سائنس جو
بنياد وڌو آهي.
مسلمانن کان اڳي سائنسي علمن ۾ به فلسفو هلندو هو
۽ يونان وارا انهيءَ ۾ ماهر سمجهيا ويندا هئا. پر
هو رڳو عقل جو سهارو وٺندا هئا، ۽ قياس تي ڀروسو
ڪندا هئا، مسلمانن هڪ عظيم ڪم اهو ڪيو جو سڀني شين
جا تجربا ڪيا ۽ جن شين جا تجربا ڪامياب ويا تن کي
عملي جامو پارايائون، جي ناڪام ويا تن کي ڇڏي
ڏنائون.
هي ڪا خالي دعويٰ ڪانهي پر دنيا جا ڏاها به اها
ڳالهه مڃن ٿا. يورپ جي هڪ مشهور مصنف ’بري فالٽ‘
جو چوڻ آهي ته جنهن کي اسين سائنس چئون ٿا سا يورپ
۾ نئين تحقيق ڇنڊڇاڻ کان پوءِ نئين نموني سان اڀري
۽ يونان وارا انهيءَ مان ناواقف هئا. سڄي دنيا کي
سائنس جي علمن ۾ واقف ڪرائڻ ۾ عربن جو مکيه ڪردار
رهيو آهي.
اڄڪلهه اسين جنهن کي ترقي يافته يورپ چئون ٿا سو
ڪنهن وقت اونداهو کنڊ هو. تاريخ ۽ تمدن وارا ان
زماني کي هڪ اونداهي دور سان ياد ڪن ٿا. يورپ کي
اونداهي مان ڪڍڻ وارا مسلمان ئي هئا، جي هو نه هجن
ها ته يورپ هينئر تائين اونداهيءَ ۾ هجي ها،
مسلمان نه هجن ها ته سائنس به نه هجي ها.
سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته مسلمانن ايڏو وڏو انقلابي
ڪم ڪيئن ڪيو ۽ ڇا لاءِ ڪيو، ۽ اهو شوق انهن کي
ڪيئن پيدا ٿيو. شايد شروعاتي دؤر کان وٺي، مسلمانن
انهي سائنس جي علم سان دلچسپي رکي ۽ اهو وڌندو
رهيو ۽ عباسين جي دؤر ۾ هن علم ايتري ترقي ڪئي جو
هن جي روشني سان سڄي دنيا چمڪڻ لڳي. سوال ڏاڍو
ڏکيو آهي پر جواب به سولو آهي. اهو هيءُ آهي ته هي
ڪرشمو صرف اسلام جو آهي. حقيقت ۾ اهو اسلام هو
جنهن قرآن مان هن علم جي شروعات ڪرائي. ڄاڻڻ وارا
ڄاڻن ٿا ته سڄو قرآن غور ۽ فڪر جي مشاهدن سان ڀريو
پيو آهي. اهو واضح آهي ته جاندار يا بي جان جي
پيدا ٿيڻ اسرڻ، نپجڻ ۽ اڀرڻ جو سمورو ذڪر قرآن پاڪ
۾ موجود آهي.
النظر و مافي السماوات و الارض (قرآن)
(ڏسو جيڪي ڪجهه زمين ۽ آسمان ۾ آهي.)
ٻي حڪم هيٺ سڀني عالمن ۽ فاضلن، خدا جي هن جهان کي
سمجهڻ ۽ سمجهائڻ کي سدائين پنهنجي ضرورت لاءِ
استعمال ڪيو ڇاڪاڻ ته رب العزت ۽ پروردگار عالم جي
عظمت جو اندازو ته ان وقت صحيح معنيٰ ۾ ٿي سگهي ٿو
جڏهن هن ڪائنات جي وسعت ۽ عظمت جو صحيح اندازو ٿي
وڃي.
نتيجو بنا عنوان - 3
ماهه سيپٽمبر 1978ع جي پرچي ۾ سليم رضا ناز ڀٽيءَ
جي ڪهاڻي ڏني ويئي هئي، جنهن جو عنوان، ٻارن کي
مقرر ڪرڻو هو. پهتل عنوانن مان ججن جي فيصلي مطابق
”احساس“ عنوان پهريون نمبر آيو. اهو عنوان ٻن ٻارن
لکي موڪليو آهي: 1- ارشاد علي عباسي، ڳوٺ محبت
ديرو جتوئي ضلع نواب شاهه. 2- مس رضيه شيخ،
لاڙڪاڻو. انهن ٻنهي ٻارن کي انعام ويهن رپين جا
ڪتاب ڏنا ويندا. هرهڪ کي ڏهن رپين جا ڪتاب ڏنا
ويندا. کين گهرجي ته پنهنجي ائڊريس موڪلي، پنهنجا
انعامي ڪتاب گهرائي وٺن. ان کان سواءِ هيٺيان
عنوان به پسند آيا:
پڇتاءُ ۽ لڙڪ، ضمير جو آواز، جذبن جي موٽ، همدردي،
خوشيءَ جا لڙڪ ۽ پيار جي موٽ.
جن ٻارن هن ڪالم ۾ حصو ورتو آهي، انهن جا نالا هيٺ
ڏجن ٿا.
”ڪنڌڪوٽ“: محمد اسلم صابر، سنتوش ڪمار منڌاڻ،
عبدالعزيز ڀٽو. ”ڳوٺ ميرپور ٻرڙو“: غلام مصطفى
چنو. ”سکر“: مسعود احمد جوڻيجو، شفيع محمد منگي.
”ڳڙهي ياسين“: الهه بخش اداسي سومرو، اجيت ڪمار
بٺيجا. ”قادرپور“: شنڪرلال. ”شڪارپور“: راجپال
خوبچند. ”کهڙا“: محمد عمر ميمڻ، رحمت الله خواجه.
”صوڀوديرو“: غلام شبير عباسي، غلام اصغر عباسي،
بشيران ناز عباسي، فهميده راڻي عباسي. ”محبت ديرو
جتوئي“: ارشاد علي عباسي، انور علي عباسي ۽ لياقت
علي عباسي. ”ڳوٺ هوت خان جلباڻي“: محمد ابراهيم
سمون. ”ٺارو شاهه“: غلام محمد سولنگي. ”نواب
شاهه“: ارشد حسين شيخ، محمد حسين شيخ، اسلم پرويز
ڏاهري. ”مورو“: مسرت اختر قاضي. ”درٻيلو“: سليم
ميمڻ. ”نيو سعيد آباد“: محمد اسلم قاضي. ”هالا“:
شهناز ميمڻ، گل منير سرهيو، سيما شاهين. ”مٽياري“:
امجد حسين شيخ. ”ٽنڊو قيصر“: سليم احمد ميمڻ،
فاروق احمد نظاماڻي. ”ٽنڊوالهيار“: علي اڪبر شاهه.
”خواجن جو ڳوٺ“: پهلاج داس. ”حيدرآباد“: فياض احمد
ٽالپر، عنايت حسين ميربحر. ”بلڙي“: ايس- سنڌي.
”ڳوٺ باکوڙو“: ڌڻي بخش ناريجو، عبدالوهاب ناريجو.
”ڳوٺ بشام بروهي“: خادم حسين بروهي. ”سرهاڙي“: ناز
ڪنول پهلاج راءِ. ”کپرو“: نريش ڪمار ڪانجاڻي.
”شهدادپور“: ٽهلرام کتري. ”ڳوٺ عبدالرحيم پهوڙ“:
امام بخش پهوڙ. ”ميرپورخاص“: عبدالرحمان پنهور.
”روشن آباد“: محمد سڄڻ علياڻي، محب الله علياڻي.
”ڳوٺ مکڻ سمون“: هاوجي. ”عمرڪوٽ“: اشوڪ ڪمار آزاد،
راجڪمار کتري، ليکراج مل کتري. ”ڏيپلو“: عبدالله
ميمڻ، حفيظ الله ميمڻ، الهورايو ميمڻ. ”ڍورونارو“:
ارشد علي، عبدالله پنجابي. ”اسلام ڪوٽ“: موهن لال
اڻينداڻي. ”ڳوٺ عبدالله کوسو“: زرينا کوسو.
”جهڏو“: عنائت الله حامداڻي. ”راڄو خاناڻي“: پرڪاش
راءِ. ”ماتلي“: سلطان احمد خاصخيلي، عرفان احمد
خاصخيلي. ”ٽنڊوباگو“: منظور احمد خاصخيلي، سليم
اڪبر خواجه، الطاف علي خواجه. ”بدين“ ظفر عباس
خواجه. ”ڳوٺ بگهاڙ موري“: هاشم شاهه. ”ڳوٺ درساڻو
ڇنو“: فضل حسين جوکيو. ”ڳوٺ مراد ميمڻ“: ڀيشم ڪمار
جيسراڻي. ”دادو“: فوزيا ميمڻ، محمد نواز جمالي،
علي اصغر قريشي، محمد يونس شيخ. ”بوبڪ“: خالد حسين
کهڙو. ”سيوهڻ“: محمد رمضان ڪنڀر. ”راڌڻ“: غلام
مصطفيٰ جوڻيجو، نظير علي جوڻيجو. ”ٿاڻو بولاخان“:
محسن علي ميمڻ. ”ڳوٺ ڏيٿا“: عنايت الله ميربحر.
”سنڌ يونيورسٽي ڪالوني“: نبي بخش شورو، علي بخش
شورو، اشتياق حسين ارباب. ”لاڙڪاڻو“: ڪشور ڪمار،
شفقت علي ابڙو، ممتاز علي بلوچ، رضيه شيخ،
عبدالواحد ڀٽو، مصطفيٰ ڪمال ابڙو، محمد مهدي شاهه،
عبدالله صديقي. ”نئون ديرو“: عبدالغفار ڪٽپر.
”رتوديرو“: طفيل احمد راجپوت، علي احمد ميمڻ، سراج
احمد سومرو. ”قمبر“: رياض علي ٻرڙو، ذوالفقار علي
راهوجه. ”شهدادڪوٽ“: ممتاز علي شيخ، غلام عباس
شيخ. ”باڊهه“: عبدالله جهتيال ۽ عبدالغفور راڄپر.
|