سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: گُل ڦُل آگسٽ 1993ع

باب: --

صفحو :2

ٻنهي ڀائرن جيڪا لعل جي تصوير بنائي سا صحيح هئي، پر شاهدن جيئن ته اهو لعل ڏٺو ئي ڪونه هو، تنهن ڪري هو صحيح تصوير بڻائي نه سگهيا. سندن ڪوڙ ظاهر ٿي پيو. بادشاهه کين چيو ته: توهان ڪوڙا آهيو ۽ ڪوڙن شاهدن کي قتل ڪيو ويندو. جان جي خوف کان ٻنهي شاهدن سڄي حقيقت بادشاهه کي ٻڌائي. ان ڳالهه جو اقرار ڪيو ته: برابر ننڍي ڀاءُ هنن کي ڪوڙي شاهدي ڏيڻ لاءِ چيو هو. اهو ڏسي ننڍو ڀاءُ پشيمان ٿيو ۽ پنهنجي خيانت جو اقرار ڪندي، پنهنجي ڀاءُ کان معافي ورتائين. اهڙي ريت ويچاري عورت چوري جي الزام کان بچي وئي. ڪوڙ نيٺ پڌرو ٿيو ۽ حق حقدار کي مليو. شاهه سائين فرمايو آهي.

حق ملي حقدار کي، رقيب پيا رُلن

حبيب سومرو

شاهه لطيف

شاهه لطيف جون مٺڙيون وايون،

اچو ته ٻار گڏجي ڳايون

·      

شاهه لطيف جو رسالو پڙهي،

ٻاراڻو ڪو سبق پرايون

·      

هوش ۽ جذبي جوش منجهان،

گڏجي روشن جوت جلايون.

·      

لعل لطيف جي فن ۽ فڪر کي،

وستي واهڻ شهر پُڄايون.

·      

نانءُ ڀٽائي جي کي ”حبيب“،

راتيان ڏينهان دل سان چاهيو.


 

عطا محمد ڀنڀرو                           (آخري قسط)

علڻ ۽  راڪاس

”تون ايترو سوير ڇو اٿيو آهين. توکي سخت مقابلي کان پوءِ آرام جي ضرورت هئي.“ سندس ڀائرن کيس چيو.

”نه مون کي آرام جي ڪابه ضرورت ڪونهي“ مان پنهنجو پٽو نديءَ ۾ وڃايو آهي سو ڳولڻ وڃي رهيو آهيان“ علڻ چيو.

”انجي ڪهڙي ضرورت آهي. شهر هلنداسون ته اتان ڪو نئون خريد ڪجان“ءِ سندس ڀائرن کيس چيو.

”نه مان پنهنجو پٽو ڳولي هٿ ڪرڻ ٿو چاهيان“

علڻ اڪيلو نديءَ ڏانهن هليو ويو، پر هن پنهنجي پٽي ڳولڻ لاءِ واجهايو به ڪونه. هو پل اُڪري پار ويو جاتي ستيا ناس راڪاسن جو سنگ مر مر جو محل هو. هُو دريءَ رستي محل ۾ اندر وڃي ڄڪڙي هڻي ويهي رهيو انهي لاءِ ته ڏسي ته ان محل ۾ ڪو نئون منصوبو ته ڪونه بڻجي رهيو آهي.

هن ڏٺو ته ٽنهين ستيا ناس راڪاسن جون ٽئي زالون سندن ”اجگر“ پيءُ ۽ سندن ڏائڻ ماءُ پاڻ ۾ ڪچهري ڪري رهيا هئا.

”مان علڻ کان پنهنجي مڙس جو پلاند وٺنديس، پوءِ سج جي گرمي کي قيامت بنائيندس ۽ پاڻ کوه بڻجي ويندس پوءِ کين ڏاڍي اڃ لڳندي. کوهه تي اچي پاڻي پيئندا ته هڪدم مري ويندا.

”تون بلڪل ٺيڪ ٿي چئين ڏائڻ چيو.

مان سندن واٽ تي صوف جو وڻ بڻجي پونديس. جڏهن هو صوف کي چڪ هڻندا ته اتي جو اتي اڦٽ مري پوندا ٻئي راڪاس جي زال چيو واهه واهه، تمام سٺو ڏائڻ چيو.

”مان سندن ننڊ پڙهنديس. مان انهن وٽ پهچي هڪ سٺو آرام غاليچو بنجي پوندس. سڀئي آرام ڪرڻ چاهيندا ته سڙي رک ٿي ويندا. ”ٽئين راڪاس جي زال چيو، ”واهه جا سٽ سٽي اٿيئي تو“ ڏائڻ، چيو، جيڪڏهن اوهان ٽنهي جون اهي ڳالهيون ڪم نه آيون ته پوءِ مان خونخوار شينهڻ بڻجي پوندس ۽ کن پل ۾ کين ڳڙڪائي ڇڏينديس“

علڻ سندن ڳالهيون ويٺي ٻڌيون ۽ پوءِ ڀائرن ڏانهن واپس موٽي آيو.

”تو پنهنجو پٽو لڌو“ ڀائرن کانئس پڇيو.

”ها، مون لڌو“

”اهو ايترو ڪو قيمتي هو جو تون هيترو وقت ڳوليندو هئين.

”ها! منهنجا ڀائرو، ها“ اهو ڏاڍو قيمتي هو، اوهان کي ان جي خبر ناهي،

ان کان پوءِ ٽيئي ڀائر سهي سنڀري پنهنجي ڳوٺ روانا ٿيا. لاهين تان لهندا چاڙهين تان چڙهندا ويئن ۽ ولهار وهندا هٽندا هڪليندا هلندا ويا. ڏينهن ايڏو گرم ٿي ويو، ڄڻ سج نيزي پاند اچي ويو هو، کين محسوس ٿيو جيڪڏهن پاڻيءَ نه مليو ته هو مري ويندا. هنن چرطرف نهاريو ته کين هڪ کوه بنهه ڀر ۾ نظر آيو. مٿي سون جو ٻوڪو به پيو هو.

”اچو ته گهڙي کن آرام ڪريون. پاڻ به ٿڌو پاڻي پيون ته وهٽن کي به پياريون“ ڀائرن علڻ کي چيو.

”نه هرگز نه اسان هن کوهه جو پاڻي ڪونه پيئنداسون. علڻ چيو.

هو هڪدم گهوڙي تان لهي پيو، مياڻ مان تلوار ڪڍي کوه جا کنا کيڙا ڪري ڇڏيائين. کوه مان اندران وٺي اونايون دانهون ۽ رڙيون شروع ٿي ويون. ٻئي طرف ساڙيندڙ گرمي هڪدم هٽي وئي ۽ سندن اڃ به لهي وئي.

”هاڻي توهان ئي سوچيو ته کوهه اندر ڪهڙي قسم جو پاڻي هو“ علڻ کين چيو.

هو هلندا ويا هلندا ويا. خبر ناهي ته هو ڪيترو هليا هوندا ته هنن رستي جي ڪنڌي سان هڪ صوف جو وڻ ڏٺو جيڪو گلابي صوفن سان جهنجيو پيو هو.

ٻه وڏا ڀائر گهوڙن تان هيٺ لهي صوفن پٽڻ تي هئا ته علڻ وڃي کين هٿ کان ورتو تلوار سان صوف جي وڻ کي ڪپي رکيو. صوف جي وٺي روئڻ ۽ رڙڻ شروع ڪيو.

”منهنجا ڀائرو! هاڻي اوهان سوچيو ته هي ڪهڙي قسم جو صوف جو وڻ هو ۽ اهي صوف اسان جي ٿالهين ۾ رکڻ وارا نه هئا“ علڻ چيو پوءِ ٽئي پنهنجن گهوڙن تي سوار ٿي اڳتي روانا ٿي ويا.

گهڻي سفر سبب: کين ڏاڍو ٿَڪُ ٿيو. هنن چو طرف نهاريو. کين هڪ سهڻو غاليچو نظر آيو جنهن مٿان ريشمي گاديلا رکيا هئا.

اچو ته هن غاليچي تي آرام ڪريون جَهٽ پَل ٿڪل هڏن کي فرحت ڏيون“ سندس ٻنهي ڀائرن چيو.

”نه منهنجا ڀائرو! اوهان هن غاليچي کي فرحت بخشش نه سمجهجهو“ علڻ چيو. تنهن تي سندس ڀائر وٺي ڪاوڙيا.

”تون هروڀرو واعظ ويٺو ٿو ڪري. هي شئي ڪريو هي شئي نه ڪريو“ پر علڻ ڪجهه به ڪونه چيو. هن پنهنجو پٽو لاهي غاليچي ڏانهن اڇليو ته اچي ان کي باه ورتو غاليچو سڙي رکي ٿي ويو.

”جيڪڏهن توهان هن عاليچي تي ويهو ها ته سڙي خاڪ ٿي وڃو ها“ علڻ پنهنجن ڀائرن کي چيو.

پوءِ علڻ پنهنجي تلوار کڻي اچي غاليچي کي ورتو. هڻي پرزا پرزا ڪري رکيائين.

منهنجا ڀائرو! اوهان کي منهنجي چوڻ تي ڪُرڪڻ ڪنجهڻ نه گهرجي ها، ڇاڪاڻ جو اهو کوهه، اهو صوفن جو وڻ غاليچو سڀ جادو جا هئا. کُوهه، صوف ۽ غاليچو اهي ٽنهين ستيا ناس راڪاسن جون زالون هيون. هنن اسان کي مارڻ جي سٽ سٽي هئي، پر ڪامياب نه ويون. اٽلو پاڻ تباهه ٿي ويون.

وري پنهنجن گهوڙن تي سوار ٿي سفر تي روانا ٿي ويا. هلندا هلندا ويا تان جو ڏٺائون ته آسمان اونداهو ٿي ويو ۽ ڌرتيءَ لڏڻ لڳي وڻن ۾ زوڪاٽ پئجي ويا، ڇا ڏسن ته هڪ شينهڻ وڏو وات کوليون علڻ ۽ سندس ڀائرن کي کائڻ لاءِ پئي اچي پر کين مارڻ سولو نه هو، هر هڪ پنهنجي خرزين مان لوڻ جي هڪ هڪ ڳوٿري سندس کليل وات ۾ کڻي اڇلي. شينهڻ سمجهيو ته علڻ ۽ سندس ڀائر سندس وات ۾ اچي چڪا آهن. سو مزي سان وڻ چٻاڙڻ لڳي. پر جڏهن کيس محسوس ٿيو ته چٻاڙڻ واري شيءِ علڻ ۽ سندس ڀائر نه بلڪ لوڻ آهي ته وري سندن ڪڍ پئي. ڪاوڙ ۾ سندس وار اڀا هئا. ڏند کڙڪائيندي تيز ڊوڙندي اچي کين پهتي.

علڻ جو شينهڻ کي ايندي ڏٺو ته ڀائرن کي چيائين ته هرڪو جدا جدا طرف سفر ڪري. هڪ کاٻي ويو ”هڪ ساڄي ويو“ علڻ سڌو ئي سڌو هلندو رهيو.

شينهڻ ڊوڙندي ڊوڙندي بيهي رهي ته هوءَ ڪهڙي جي ڪَڍَ وڃي.

هوءِ اڃا ويچار ۾ بيٺي هئي. ڪڏهن هيڏي ٿي نهاريائين ته ڪڏهن هوڏي. علڻ تکو تکو اچي کيس ڀاڪر ۾ ڀري کڻي پوريءَ طاقت سان زمين تي هنيو ته دز ٿي وئي ۽ دز کي هوا اڏائي کڻي هلي وئي.

ان کان پوءِ نه راڪاس نه اجگر نه بلائون انهن علائقن ۾ ڪنهن به ماڻهو ڪونه ڏٺيون.

علڻ ۽ سندس ڀائر پنهنجي پيءُ ماءُ وٽ وڃي خير سان پهتا. پوءِ پنهنجي پيءُ ماءُ سان گڏ ڪڙمت جي ڪم ۾ لڳي ويا. ڪلهه به ڏٺاسون ته خوش هئا.

ولي محمد طاهر زادو                                (سلسليوار)

سنڌ جون رانديون

باب چوٿون

جڙيل رانديڪن سان رانديون

 

ڦوڪي وڄائڻ وارا رانديڪا:

1- توتاڙي: هيءَ ڪچي ڪانيءَ جي نڙانڊيءَ مان ٽن ڀاڱن ۾ ٺهيل هوندي آهي. هيٺين ڀاڱي جي ڍڍر تي ڌار ڌار آواز ڪڍڻ واسطي چار کُپ ڪيل سوراخ هوندا اٿس. چوٽيءَ واري سوراخ ۾  ڪک واري ڪاني، جنهن جي هڪ پاسي کان ڇيت چيريل هوندي، جيڪا ڦوڪ اچڻ تي هيٺ مٿي ٿي آواز پيدا ڪندي:مٿئين کوپي واري ڪاني ڇيت واري ڪاني کي ڍڪيندڙ هوندي آهي. ٻار پئسي ٽِڪي وٺي وات ۾ وجهي وڄائيندو وتندو آهي. هن وقت ڦوڪڻو وجهي به وڄائيندا آهن.

2- سيٽي: هي ٽينَ ۽ پلٽيل قلعي مان ٺهندي آهي. گهڻو ڪري ريلويءَ جا گارڊ گول ڍڍر واري وڏي سيٽي استعمال ڪندا آهن. ان جو نقل ڪري هيءَ سيٽي جوڙي اٿن. منهن وٽان سوڙهي مستطيل چپڙي، ان کان پوءِ هوا جو خال: تنهن کان پوءِ سونگيءَ نموني گول ڍڍر مٿان چپٿري، منهن وٽان ڦوڪ ڏيندس ته وڄندي وچ ۾ ٻوچ جو ڌڌڙو پڻ پيل هوندو اٿس.

3- ڊگهي سيٽي: هيءَ به قلعي جي ٺهيل هوندي آهي. هن جو ڍڍر گول هئڻ بجاءِ وانجهليءَ وانگر ٿورو ڊگهيرو هوندو آهي. ٻار هن کي به وات سان پيو وڄائيندو آهي.

4- وانجهلي: هيءَ بانس مان يا ڪرڙ جي ڪاٺيءَ کي وچان پور ڪري ٺاهيندا آهن. ٻار جڏهن ميلي تي ويندا آهن، ته اتان خريد ڪري ايندا آهن. خاص ڪري ٻهراڙين جا ٻار، ڍورن چارڻ وقت جهنگ ۾ ويٺا وڄائيندا آهن هن جو منهن اڌ گولائيءَ ۾ چپٿرو آهي: ۽ منهن وٽان چپٿرو وڍ آيل هوندو اٿس. ان تي ڏگري لڳل هوندي اٿس، جا مٿئين وڄندڙ نڙيءَ واري سوراخ کي سوڙهو ڪري ٿي. ان کانسواءِ آواز ڪڍڻ لاءِ ڍڍر تي پنج سواراخ ٻيا هوندا اٿس.

5- بينسري:  هيءَ ڪاٺ يا ڌات جي ٺهيل هوندي آهي. اندران پوري هوندي آهي. ٻاهران منڍ ۾ هڪ وڏو، ۽ ٻيا ننڍا سوراخ نڪتل هوندا اٿس. وڏي سوراخ تي چپ رکي وڄائبي آهي.

6- چنگ:  هن جو سڄو نالو ”اپ چنگ“ آهي يعني وات تي وڄائڻ وارو چنگ. (چنگ گهڻن وڄت جي آوازن جو نالو آهي) ننڍا ٻار ڪاني جي منڍ وارو ٽڪر ڀڃي، هڪ ڇيت رهائي ٺاهي وڄائيندا آهن. وڏا لوهه جو ٺهيل چنگ وڄائيندا آهن: لوهه واري ڍڍر اڌ گولائي وارو هوندو آهي، ۽ منهن چمٽي وانگر هوندو اٿس. پر چپٽيءَ جي پروچ ۾ وڄڻ واري پٽي، رُڪ جي باريڪ هوندي اٿس. هن جو چمٽو ڏندن ۾ ڀڪوڙي رڪ جي وريل باريڪ پٽيءَ واري اُڀي تند کي آڱرين جي ٻٽي جوڙ جي مدد سان تڪڙو تڪڙو ڌِڪبو ته جهٽڪو هڻندي. پوءِ وات جي هوا سان ان مان هيٺانهان مٿانهان سُر پيا ڪڍبا آهن. ٻهراڙي جا ڌنار پهنوار چنگ وڄائڻ پسند ڪندا آهن.

7- وات جو واڄو يا باجو: هن جي وچ واري پَٽي ڪاٺيءَ جي، تنهنجي ڪناري واري مستطيل هوندي آهي، ماکيءَ جي ماناري وانگر ٻنهي پاسن تي ۽ پڇاڙيءَ جي سلاميءَ تي چورس سوراخ هوندا اٿس انهن جي مٿان ڌاتوءَ جون ٻه پٽيون ٻنهي پاسن سان ٺوڪيل هونديون اَٿس: ۽ انهن پٽين جي ڇيدن تي سُرن جون ننڍيون ۽ سنهڙيون پيتلي ڇيتُون لڳايل هونديون اٿس. مٿان وري حفاظتي ٽين جا پَترا چلڪيدار ڪُٻ نڪتل، ڪوڪن سان ڀِچايل هوندا اٿس. هن باجي ۾ ”سرگَم“ جا سَت ئي سُر وَڄندا آهن.

سوراخن واري ڪناري کان ڦوڪن ڏيڻ سان وڄندو آهي.

(ب) هٿ سان ڦيرائڻ وارا جُڙيل رانديڪا:

(1) ڦرموٽي: هيءَ ڍڍرمانيءَ وانگر هوندي آهي مٿان ٻُنڊي هوندي اٿس، جنهن ۾ چپٽي وجهي ڦيرائبي آهي: ۽ هيٺان چهنب هوندي اٿس، جنهن تي ڦرندي آهي: ڪاٺ مان به ٺهيل هوندي ۽ ٽين مان به، ٻار پئسي ٽڪي ۾ دڪان تان وٺي اچي گهر ۾ ڦيرائيندو آهي.

(2) لاٽون: هن جا ٻٽي نمونا ٿيندا آهن: هڪ ”عمودي لاٽون“ ٻي چڪري ۽ ٽيون وري ”وانگي لاٽون“

(1) لاٽون: ڪاٺ مان ٺهيل هوندو آهي. هن جو نمونو مخروط (ڪون) يا پِتائي گجر وانگر هوندو آهي، مٿان ٿوري ڄنڊي ۽ مٿو گول هيٺ تري ۾ ڪوڪي مان ڪُند لڳل هوندي اٿس، ٻار دوڪان تان لاٽون ۽ ان جي ڦيرائڻ واسطي ڏور خريد ڪندو. پوءِ ان جي ڪُنڊ ۾ ڏور جو هڪ ڇيڙو ڦاسائي باقي وَرَن تي هڪٻئي مٿان ويڙهي اچي چوٽ تي پهچندو. ڏور جو ٻيو ڇيڙو چيچ ۾ وڪڙ ڏيئي سوگهو جهلي، ساڳئي هٿ ۾ لاٽوءَ کي مٿان پڪڙي اهڙيءَ ريت پٽ تي اڇلي ۽ يڪدم ڏور کي پاڻ ڏانهن ڇڪيندو ته لاٽون ڦرڻ لڳندو.

(2) چڪري: هيءَ به لاٽونءَ وانگر ڏورَ ويڙهي ڦيرائي ويندي آهي. هن کي مٿان گول مٿو ڪونه ٿئي. باقي هيٺون ڌڙ ساڳيون لاٽون وانگيان ٿئيس. پر ان تي ويڙهڻ جا کپ ٿيل هوندا اٿس.

(3) وانگي لاٽون: هيءُ ڪاٺ مان ٺهيل ڪمانگري چٽن تي جَنڊي تي چڙهيل هوندو آهي. هن جو ڍڍر پورو ۽ گول ڪُنڙي وانگر آهي. ان ڪنڙي ڍڍر مٿان هڪ ڊگهي ڳني اُڀي مٿي نڪتل ۽ ٿورو  هيٺ ڄُنڊڙي ڪند ڪيل هوندي اٿس. هن سان اڳٺ وجهڻي جهڙي هڪ ڪاٺي هوندي آهي جنهن جي تري ۾ سوراخ ٿيل هوندو آهي. ان کي چاٻي نالي سان سڏبو آهي. هن کي ڦيرائڻ لاءِ ڏور جو هڪڙو ڇيڙو چاٻيءَ  واري سوراخ مان اُڪاري ڳنڍ ڏئي هٿ ۾ جهلبو، ٻيو ڇيڙو ڳنيءَ جي چوٽيءَ کان وڪڙ ڏيئي، وَرَ ورن جي ڀر ۾ چاڙهي آڻي ڍڍر وٽ دنگ ڪبو. پوءِ لاٽون پيرن سان سڌو جهلي هڪ هٿ چاٻيءَ ۾ قابو ڪري چاٻي ڍڍر سان ٺهڪائي ۽ ٻئي هٿ ۾ ڏور جو پوڇڙ جهلي، ڏور کي وٺي پاڻ ڏي ڇڪبو، ته لاٽون زُوڪو ڪري ڦرندو. هن جو زوزاٽ ڍڍر ۾ ٿيل سوراخ جي ڪري ٿئي ٿو، جو هوا ان ۾ ڦاسي نڪري ٿي ”واڪڻ“، ڦيرائڻ کي چئبو آهي. ان مان هن جو نالو ”واڪي“ يا ”وانگي“ نڪتل آهي.

(3) شُوڪي واري چڪري: ٽين يا دفتريءَ مان گلاس جي تري جيتري گول پَتري ڪٽي، ان جي وچ تي ٻه پُور وڇوٽ سوراخ ڪڍبا آهن.

ڪنارن تي ڪُنگريون به ڪڍن يا ماڳهين لسو ڇڏي ڏين. پوءِ انهن ٻنهي سوراخن سان ڌاڳو يا ڏور اُڪاري ان کي ڳنڍي ڇڏبو. پوءِ ان ڳنڍيل ڏوري کي ٻنهي هٿن جي آڱرين ۾ جهلي، چڪري ڌاڳي جي پوري وچ تي بيهاري ٿورو ڦيرو ڏيئي، پوءِ آڱوٺن جي هلڪي هلڪي ڍرَ ڏيڻ سان پيو ڇڪبو ته چڪري اُبتي ۽ سبتي پئي ڦرندي ۽ منجهائنس شوڪو پيو نڪرندو.

(3) ڪي ٻار ڪو وڏو ٻيڙو ڪوٽ جو کڻي ان جي چئن سوراخن مان ڪن، ٻن ڪُنڊا سوراخن ۾ ڌاڳو وجهي ڳنڍي شوڪي واري چڪريءَ وانگر ڦيرائين.

(4) چرخي: هيءَ ٽينَ مان ٺهيل ٻن ڍڍر دار گول پُڙن کي رِيهه ڏئي وچ ملائين، ته ٺهي پوندي آهي، هن جي ڍڍر واري گڏجڻ جي هنڌ ڏور جو هڪ ڇيڙو سِرڪ ساهي ڪري ٻڌبو، ٻيو ڇيڙو ڏسڻي آڱر جي ڏوڏي ۾ ٻڌبو. پوءِ (جيئن هاڻ رٻڙ جا پاڻي ڀريل ڦوکيُل بال رٻڙ جي تند سان هيٺ اڇلي ڇڪي مٿي جهٽجن ٿا) ۽ تيئن هن کي پهرين ڏور ويڙهبي، پوءِ آڱر سڌي ڪري هيٺ ڇڏبو ۽ وري ٿوري ٿوري ڇڪ ڏبي اچبي، ته ڦيرو کائيندي، مٿي آڱر ڏانهن چڙهندي. وري ڦرندي هيٺ پئي لهندي هن تي ڏور پاڻهي پئي ويڙهبي ۽ کُلندي.

گهلڻ وارا رانديڪا:

(1) ريل يا ڀؤنري ڀؤنري. گهڻو ڪري کوهن مٿان ڪُڙهه ۾ ڦرندي آهي. گهڙو کوهه ۾ واربو ته رسو ڀؤنري مٿان لهي ڀؤنري کي ڦيرائيندو ويندو آهي. اها ڀؤنري جڏهن بيڪار ٿيندي آهي ته ٻار ان جي سوراخ ۾ نوڙي وجهي، ان کي گاڏي ڪري گهليندو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com