سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: گُل ڦُل 1 ۽ 2

باب: --

صفحو :2

دوزخ جي باھھ

 

ڳالھھ ڪندا آھن تھ ھڪ دفعي وتائي فقير کي ماڻس چيو تھ ”ابا، پاڙي مان ٽانڊو تھ کڻي اچ تھ ڪنيءَ چاڙھڻ لاءَ باھھ ٻاريون.“ وتائي ٻاھران چڪر ڏيئي اچي ماءُ کي چيو تھ ”اما، پاڙي ۾ ڪٿي باھھ ٻري ئي ڪانھ ٿي، سو ھٿين خالي موٽي آيس.“ ماڻس اھو ٻڌي، ڪاوڙجي چيو تھ “پاڙي ۾ نھ ھوندي تھ دوزخ ۾ تھ ھوندي- ڪٿي تھ ھوندي! وڃ، وڃي ٽانڊو کڻي اچ تھ ڪني چاڙھيان، دير پيئي ٿئيم!“ وتايو ويچارو ماٺڙي ڪري ٻاھر نڪري ويو ۽ ٿوريءَ دير کان پوءِ ھٿين خالي موٽي آيو- ماءُ کي چيائين، ”اما، دوزخ ۾ ويس ۽ دوزخين کي چيم تھ ”باھھ ڏيو“ جو ”اما، ڪني چاڙھيندي“، پر دوزخين مون کي چيو تھ ”ابا، ھتي باھھ ڪٿان آئي! ھتي جيڪو ايندو آھي، سو پنھنجي ‘باھھ پاڻ سان کينون ايندو آھي‘.“

 

دھلاري

 

شام جو وقت ھو. ھڪ دھلاري پنھنجي ليکي ٻنين ۾ پئي گھميو. جڏھن ھڪ ڍنڍ جي ويجھو پھتو، تڏھن اڇي ريشمي ڪپڙي جو ٽي اڳڙيون ڪناري تي پيل نظر آيس. ‘ھي تھ ڪو اوچو ريشم آھي!، ائين چئي. اڳڙيون کڻي کيسي ۾ وڌائين ۽ گھر موٽي آيو. گھر پھچي سندس ذھن تان اڳڙين جو خيال لھي ويو ۽ پنھنجي ھنڌ تي وڃي ليٽيو.

جيئن ئي سمھڻ جي ڪوشش پئي ڪيائين تھ سندس ڪن تي ڪنھن جي آواز جو جو پڙلاءُ پيو، ڄڻ تھ ڪو کيس سڏيندو ھجي. ڪن ڏيئي ٻڌائين تھ کيس صاف ۽ چٽو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، ڪنھن چيو پئي: ”دھلاري، دھلاري! اٿ، اٿ! جاڳ، جاڳ!“

رات جو وقت ھو، ڏاڍي گھاٽي اوندھ ھئي، کيس ڪجھھ بھ نظر نھ پئي آيو. مگر ھن محسوس  ڪيو تھ سندس ھنڌ تي ڪا ننڍڙي شيءِ پيئي ڊڪي ۽ ڊوڙي. ”توکي ڇا کپي؟“ دھلاريءَ کانئس پڇيو.

”شام جو ڍنڍ تان تو منھنجا ڪپڙا کنيا ھئا، سي واپس ڏي!“

دھلاريءَ جواب ڏنس، ”آءٌ توکي ڪپڙا تھ ڏيندس، پر پھرين ٻڌاءِ تھ تون آھين ڪير؟“

”آھھ!“ آواز وراڻيو، ”آءُ ھڪ تمام وڏي بادشاھ جي ڌيءَ آھيان. مون کي ھڪ ڏائڻ قبضي ۾ ڪري، کڻي آڻي ڪانچ جي جبل تي قيد ۾ رکيو آھي. مون کي پنھنجي ٻن ڀيڻن سان ھر روز انھيءَ ڍنڍ ۾ وھنجڻو پوندو آھي. منھنجا لٽا تو وٽ آھن، جنھنڪري اڄ موٽي نھ سگھيس. منھنجون ڀينر ڪڏھوڪو اڏامي وڃي جبل تي پھتيون آھن، پر آءٌ پوئتي رھجي ويئي آھيان. عرض ٿي ڪريان تھ ڀلائي ڪري منھنجا ڪپڙا موٽائي ڏي“.

”ڌيرج کان ڪم وٺ.“ دھلاريءَ چيس؛ ”ھينئر ئي ٿو موٽائي ڏيانءِ.“

پوءِ ھو اٿيو ۽ پنھنجي کيسي مان ريشمي اڳڙيون ڪڍي، کيس موٽائي ڏنائين. ھوءَ ڪپڙا وٺي ڏاڍي خوش ٿي، ۽ وڃڻ لڳي.

”ھڪ منٽ ترس!“ ھن سڏي چيس؛ ”آءٌ شايد تنھنجي ڪا مدد ڪري سگھان.“

”منھنجي مدد ڪرڻ لاءِ توکي ڪانچ جي جبل تي چڙھڻو پوندو، ۽ ڏائڻ جي چنبي مان ڇڏائڻو پوندو.“ ھن چيو، ”پر، اِھا تنھنجي وس جي ڳالھھ ڪانھي. جيڪڏھن تون جبل وٽ پھچي بھ ويندين، تھ پوءِ بھ چڙھي ڪونھ سگھندين.“

”انسان ھمت ڪري تھ ڪوبھ ڪم مشڪل ڪونھي! ”دھلاريءَ چيس؛ ”مون کي توتي ڪھل ٿي اچي ۽ مون کي ڪنھن جو بھ ڊپ ڪونھي. تون مون کي ڪانچ جي جبل جو رستو ٻڌاءِ.“

 ”آءٌ توکي صرف ايتروئي ٻڌائي ٿي سگھان تھ ڪانچ جي جبل جي واٽ ھڪ ٻيلي جي وچان لنگھي ٿي، جنھن ۾ آدمخور رھندا آھن.“ ائين چئي، ھوءَ تيزيءَ سان اڏامي ويئي.

پرھھ ڦٽيءَ جو دھلاريءَ جي اک کلي، ۽ ھو تڙ تڪڙ ۾ دھل ڳچيءَ ۾ لٽڪائي، بنا ڪنھن ڊپ ڊاءَ جي آدمخورن جي ٻيلي ۾ لنگھي ويو. ٻيلي ۾ پھچي ھن ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريو، پر ڪوبھ نظر ڪونھ آيس. سوچڻ لڳو، ”ھي آدمخور تھ ڪي ڏاڍا آرسي آھن، ڇونھ کين ننڊ مان جاڳايان.“ ائين سوچي، پنھنجو دھل وڄائڻ لڳو- ”ڊم، ڊم، ڊم!“ ايڏو زور سان وڄايائين، جو پکي پکڻ ڊپ کان وڻن تان اڏامڻ لڳا.

گھڙي نھ گذري تھ ھڪ ديو گاھھ جي تيلن مان منھن ٻاھر ڪڍيو، ۽ پوءِ اٿي بيھي رھيو. ديو جو قد کجيءَ جي وڻ کان بھ ڊگھو ھو. ”تون تھ ڪو شرير ٿو ڏسجين.“ ديو رڙ ڪري چيو، ”دھل وڄائي وڄائي، منھنجي مٺي ننڊ ڇو خراب ڪئي اٿئي؟“

”آءٌ دھل ان ڪري پيو وڄايان، جو منھنجي پويان ھڪ ھزار ماڻھو پيا اچن“. دھلاريءَ جواب ڏنس.

”ھو منھنجي جھنگل ۾ ڇو آيا آھن؟“ ديو کانئس پڇيو.

”توکي مارڻ پيا اچن، ۽ ھن ٻيلي کي جنن ڀوتن جي ذات کان پاڪ ڪرڻ ٿا گھرن.“

”اوه! سچ پچ!“ ديو وراڻيو؛ ”ڀل اچن، آءٌ بھ کين ماڪوڙين جيئن چِپي ناس ڪري ڇڏيندس.“

”ڇا، تون سمجھين ٿو تھ تون ڪو انھن کي جھلي سگھندين!“ دھلاريءَ ٽوڪ ڪندي چيس. ”تون جيڪڏھن انھن کي جھلڻ لاءِ جھڪندين تھ ھو گوليءَ جيئن تکا ڊوڙي وڃي پاڻ لڪائيندا؛ جيڪڏھن تون سمھين پوندين تھ ھو ھزارن جي تعداد ۾ وڻن ۽ ٻوٽن مان نڪري، تنھنجي بدن تي چڙھي ويندا؛ انھن وٽ لوھھ جون تکيون ۽ تيز ڪھاڙيون آھن، جن سان ھو تنھنجي کوپري ڪٽي چٽڻي بنائي ڇڏيندا.“

ديو ڏاڍي فڪر ۾ پئجي ويو. دل ئي دل ۾ چوڻ لڳو، ”انھن ننڍڙن چالاڪ ماڻھن سان پڄڻ ڏاڍو مشڪل ڪم آھي. جھنگ جي بگھڙن ۽ رڇن کي قبضي ۾ ڪرڻ تھ آسان آھي، پر زمين جي انھن جيوڙن (انسانن) مان شايد تھ نقصان رسندو.“ نيٺ وڏي واڪي چيائين، ”اي ننڍڙا جيوٰ، منھنجي ڳالھھ ٻڌ! آءٌ توسان واعدو ٿو ڪريان تھ جيڪڏھن توھان موٽي ويندا تھ آءٌ توھان کي ڪڏھن بھ تنگ ڪونھ ڪندس، ۽ توھان جي جيڪڏھن ڪا خواھش ھوندي تھ اھا بھ آءٌ پوري ڪندس. ھاڻ ٻيو ڪو ڪم ھجيئي تھ بلاشڪ چِؤ.“

”تنھنجون ڄنگھون ڏاڍيون ڊگھيون آھن، ان ڪري تون مون کان وڌيڪ تکو ڊوڙي ٿو سگھين. مون کي ڪانچ جي جبل وٽ پھچائي اچ، تھ آءٌ پنھنجي ساٿين کي اشارو ڪريان تھ موٽي وڃن ۽ توکي امن امان ۾ رھڻ ڏين.“

”تھ پوءِ ويجھو اچ، ننڍڙا جيو!“ ديو چيو: ”اچ، منھنجي ڪلھي تي ويھھ تھ کڻي ھلانءِ!“ ائين چئي، ديو ھن کي پنھنجي ڪلھي تي ويھاريو. دھلاري خوشيءَ وچان ”ڊم- ڊم“ ڪري دھل وڄائڻ لڳو. ديو سمجھيو تھ ھو پنھنجي ساٿين کي موٽي وڃڻ جو اشارو پيو ڪري.

ٿورو اڳڀرو وڌيا تھ ھڪ ٻيو ديو ملين، جنھن دھلاريءَ کي پھرئين ديو جي ڪنڌ تان کڻي، پنھنجي ڪوٽ جي ٻيڙي جي ڪاج ۾ لٽڪائي ڇڏيو. دھلاري ٿالھھ  جيڏي وڏي ٻيڙي کي چھٽي پيو، ۽ ھو پنھنجيءَ دل ۾ ڏاڍو خوش پئي ٿيو.

واٽ تي وري ھڪ ٽيون ديو مليو، جنھن دھلاريءَ کي ٻيڙي جي ڪاج مان ڪڍي پنھنجي ٽوپ جي ڪنارن تي کڻي ويھاريو. دھلاري ٽوپ جي ڪنارن تي گھمڻ لڳو، ۽ ٻيلي جي پرينءَ ڀر وارن نظارن مان مزو وٺڻ لڳو. ھن کي تمام پري ھڪ جبل نظر آيو، ۽ ھن دل ۾ سوچيو تھ ھي جبل پڪ ئي پڪ ڪانچ جو جبل آھي.“ ۽ اھو سچ پچ ڪانچ جو جبل ھو. ديو ٻھ چار ٻرانگھون ورائي، وري اچي جبل وٽ پھتو.

جڏھن ديو ھن کي ھيٺ لاھي زمين تي رکيو، تڏھن دھلاريءَ چيس تھ ”جبل جي چوٽيءَ تي پھچاءِ!“

پر ديو پنھنجي ڏاڙھيءَ سان ڍيڪل چپن ۾ ڀڻ ڀڻ ڪندي ڪجھھ چيو، ۽ ٻيلي ۾ لنگھي ويو. ويچارو دھلاري فڪر ۾ پئجي ويو. ايڏو وڏو جبل، ھاڻ چڙھي تھ ڪيئن چڙھي! ڄڻ تھ ڪي ٽي جبل ھڪٻئي جي مٿان رکيل ھجن، ۽ وري اھڙو لسو ۽ چلڪيدار، جھڙو شيشو! ويچارو اچي منجھيو، ڪل نھ پئي پويس تھ ڇا ڪري، ڇا نھ ڪري! جبل تي چڙھڻ جي ڪوشش ڪيائين، پر جيئن ٿي مٿي چڙھيو تھ ترڪي اچي ٿي پٽ تي پيو. ھو اڃا فڪر ۾ اتي بيٺو ھو تھ ٻن ماڻھن کي پاڻ ۾ وڙھندو ڏٺائين. ويجھو اچي ڏٺائين تھ ھو گھوڙي جي ھڪ زين تان پاڻ ۾ پيا وڙھن.

”توھان تھ ڪي ڀوڪ ٿا ڏسجو“، دھلاريءَ رڙ ڪري چيو؛ ”جڏھن توھان وٽ گھوڙو ڪونھي تھ پوءِ گھوڙي جي زين تان پاڻ ۾ ڇو پيا وڙھو؟“

”ابا، ھيءَ ڏاڍي ڪارائتي شيءِ آھي.“ انھن مان ھڪ شخص وراڻيو. ”جيڪڏھن ڪو شخص ھن زين تي ويھي حڪم ڪري تھ اک ڇنڀ ۾ دنيا جي ھڪ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين پھچي سگھي ٿو. ھيءَ زين اسان ٻنھي جي گڏيل ملڪيت آھي. ھاڻ ھن زين تي منھنجي سفر ڪرڻ جو وارو آھي، پر ھي شخص مون کي منھنجو وارو نٿو ڏئي.“

”مون کي موڪل ڏيو تھ توھان جو جھڳڙو نبيريان.“ ائين چئي، دھلاري پرڀرو ويو ۽ ھڪ اڇو لڪڙو زمين ۾ کوڙي، وٽن موٽي آيو، ۽ چيائين تھ ”ھاڻ توھان ٻيئي ڄڻا ھن لڪڙي تائين ڊوڙو. توھان مان جيڪو پھريائين لڪڙي وٽ پھچندو، سو پھريائين سواري ڪندو.“

ھو ٻيئي شخص لڪڙي ڏانھن ڊڪڻ لڳا. ھو جيئن ئي ٿورو پرڀرو ويا تھ دھلاري ٽپو ڏيئي زين تي چڙھي ويٺو، ۽ حڪم ڪيائين تھ ”ڪانچ جي جبل جي چوٽيءَ تي پھچاءِ!“ زين ھوا ۾ اڏاڻي، ۽ اک ڇنڀ ۾ چوٽيءَ تي پھچي ويئي.

جبل جي چوٽيءَ تي پٿر جو ھڪ گھر اڏيل ھو، جنھن جي سامھون مڇين جو ھڪ وڏو تلاءُ ھو. تلاءَ جي ڀرسان وري ھڪ گھاٽو جھنگ ھو، آسپاس نھ ھو ڪو آدم ذات، نھ وري ڪو حيوان! وڻن جي چرچر کان سواءِ ٻيو ڪو آواز ڪنن تي نٿي پيو. ڪڪر سندس بدن کي پئي لڳا.

ھن گھر جو دروازو کڙڪايو. جڏھن دروازو ٽي دفعا کڙڪايائين تھ ھڪ ڀوري رنگ جي، گلابي اکين واريءَ پوڙھيءَ مائيءَ اچي در کوليو. پوڙھيءَ جي نڪ تي چشمو رکيل ھو، جنھن مان ھن اکين جا تارا ڦيرائي ڦيرائي، دھلاريءَ کي چوٽيءَ کان پيرن تائين ذري پرزي پئي ڏٺو. دھلاريءَ کان سندس گھر اچڻ جو سبب پڇيائين، جنھن تي ھن وراڻيو تھ کيس رھڻ لاءِ جاءِ ۽ کاڌي لاءِ مانيءَ ٽڪر جي ضرورت ھئي. پوڙھيءَ چيس تھ، ”توکي جڳھھ بھ ملندي ۽ کاڌو بھ ملندو، پر توکي ڪم بھ ڪرڻو پوندو. آءٌ توکي ٽي ڪم ڪرڻ لاءِ ڏينديس، سي ڪندين؟“

”ڇو نھ ڪندس! آءٌ ڪم- چور ڪين آھيان، ڪھڙو بھ سخت ڪم ھجي، تھ بھ ڪرڻ کان ڪين ڪيٻائيندس.“

اھو ٻڌي، پوڙھيءَ کيس کائڻ لاءِ لذيذ کاڌو ۽ سمھڻ لاءِ آرام وارو بسترو ڏنو.

صبح ٿيندي ئي پوڙھيءَ پنھنجي سنھڙيءَ آڱر مان ٽوٽي لاھي کيس ڏني، ۽ چيائينس تھ ”ھيءُ ٽوٽي وٺ ۽ ان سان تلاءُ جو سڄو پاڻي ڪڍي ٻاھر ڪر؛ پاڻيءَ جو ھڪ قطرو بھ تلاءَ ۾ متان ڪٿي ڇڏيو اٿئي. ھي ڪم رات تائين پورو ٿيڻ گھرجي. تلاءَ ۾ جيڪي مڇيون آھن، انھن کي پنھنجي قسم ۽ وزن جي حساب سان جدا ڪري، ڪناري تي ڪٺو ڪج.“

”ھيءُ تھ عجب جھڙو ڪم چئبو!“

دھلاريءَ پنھنجي منھن چيو ۽ تلاءَ مان ٽوٽيءَ سان پاڻي ڪڍڻ لڳو. منجھند تائين پاڻي ڪڍندو رھيو، پر ان مان ڇا حاصل ٿيڻو ھو! ايڏو وڏو تلاءُ پاڻيءَ سان ڀريل، ۽ ننڍڙي ٽوٽي،- جنھن ۾ پاڻيءَ جا ڏھھ ڦڙا بھ مس ٿي ماپيا! ڀلا تلاءَ جو پاڻي ختم ٿئي بھ ڪيئن! ان ڪم لاءِ تھ ھزارن سالن جي ضرورت ھئي، سو ڀلا ھڪ ڏينھن ۾ ڪيئن پورو ٿئي. منجھند جو ھٿ ٻڌي، ماٺ ڪري ويھي رھيو ۽ پنھنجي منھن چوڻ لڳو، ”آءٌ ڪم ڪريان نھ ڪريان، ڳالھھ ساڳي آھي.“ ايتري ۾ گھر مان ھڪ نوجوان ڇوڪري ٻاھر آئي، ۽ منجھند جي ماني آڻي سندس سامھون رکيائين. ”تون ڪيترو نھ ڏکويل ٿو ڏسجين.“

 نوجوان ڇوڪريءَ سندس لٿل منھن ڏسي چيو، ”تھ ڇا مون سان پنھنجو ڏک ڪونھ اوريندين؟“

دھلاريءَ ھن ڏانھن نھاريو ۽ ڏٺائين تھ ھوءَ ڏاڍي سھڻي ڇوڪري آھي. نيٺ چيائينس تھ ”افسوس! مون کي جيڪو پھريون ڪم مليو آھي، آءٌ اھو بھ نھ پيو ڪري سگھان. آءٌ پوءِ ٻيا ٻھ ڪم ڪيئن ڪندس؟ آءٌ ھت ھڪ شھزاديءَ کي ڳولڻ آيو ھئس، پر اڃا تائين کيس نھ ڏسي سگھيو آھيان.“

ڇوڪريءَ وراڻيو، ”ترس، آءٌ تنھنجي مدد ڪنديس، تون ٿڪل آھين. پنھنجو مٿو منھنجي ھنج ۾ رک، ۽ سمھي پؤ. جڏھن تنھنجي اک کلندي تھ تلاءَ ۾ پاڻيءَ جو ڦڙو نھ ھوندو.“

دھلاريءَ اھو ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو، ۽ سندس ھنج ۾ ليٽي پيو. کيس فوراّ ننڊ اچي ويئي. نوجوان ڇوڪريءَ پنھنجي ”گھر- تھ- ڏيائين“، منڊيءَ تي ھٿ ڦيري چيو تھ ”پاڻي مٿي اچ! مڇيون ٻاھر اچو!“

تلاءَ جو پاڻي اڇو ڌنڌ ٿي مٿي اڏامڻ لڳو ۽ ڪڪرن سان ملي ويو. مڇيون ٽپو ڏيئي ڪناري تي اچي، پنھنجي پنھنجي رنگ ۽ وزن جي حساب سان جدا جدا ٽولا ٺاھي ويھي رھيون.

دھلاريءَ جي جڏھن اک کلي تھ ھيءُ ڪارنامو ڏسي، عجب ۾ پئجي ويو.

نوجوان ڇوڪريءَ چيس، ”ھوءَ ھڪ مڇي ڏسين ٿو، پنھنجي ساٿين کان جدا، اڪيلي پيئي آھي. ھاڻي پوڙھي مائي ڏسندي تھ سڄو ڪم ٿيو پيو آھي، ۽ ھڪ مڇي سڀني کان جدا پيئي آھي، تڏھن چوندي، ”ڀلا ھيءَ مڇي ٻين کان جدا ڇو پئي آھي؟“ جڏھن ھوءَ توکان ھيءُ سوال ڪري تھ مڇي اڇلائي سندس منھن ۾ ھڻج، ۽ چئج تھ ”ڪراڙي ڏائڻ، ھيءَ مڇي آھي تو لاءِ.“

شام جو جڏھن پوڙھي آئي، ۽ دھلاريءَ کان ساڳيو سوال پڇيائين، تڏھن ھن مڇي اڇلائي سندس منھن ۾ ھنئي. ھوءَ جھڙي جي تھڙي بيٺي رھي، ڄڻ تھ بيعزتيءَ جي ڪا پرواھھ ئي نھ ھجيس، مگر سندس اکين ۾ شيطاني چمڪ اچي ويئي.

ٻئي ڏينھن صبح جو پوڙھيءَ چيس، ”ڪالھھ مون توکي سولو ڪم ڏنو ھو؛ پر اڄ ڏاڍو مشڪل ڪم ڏينديسانءِ. اڄ توکي سڄو ٻيلو ڪپڻو آھي، بنڊن کي ڦوڙي، ڪاٺين جون ڀريون ٺاھي رکڻيون آھن. ھيءُ سارو ڪم اڄ شام تائين پورو ٿيڻ گھرجي.“ ائين چئي، کيس ھڪ ڪھاڙي ۽ ٻھ ڪارايون ڏنائين، مگر اھي سڀ اوزار شيھي جا ٺھيل ھئا.

ھو وري منجھي پيو ۽ ڪا ڪل ئي نھ پئي پيس تھ ڇا ڪري. منجھند ٿيندي ئي نوجوان ڇوڪري ھن لاءِ کاڌو کڻي آئي، ۽ چيائينس تھ ”پنھنجو مٿو منھنجي ھنج ۾ رک ۽ سمھي پؤ. تنھنجي جاڳڻ تائين ڪم پورو ٿي ويندو.“

ھن پنھنجي ”گھر- تھ- ڏيائين،“ منڊيءَ کي آڱر ۾ ڦيرايو، سڄو جھنگ ڪڙڪڙاھٽ جو خوفائتو آواز ڪندي، اچي پٽ تي پيو، ڄڻ تھ جـِن وڻن کي ڪيرائيندا ھجن.

دھلاريءَ جي اک کلي تھ ڇوڪري چيس، ”ڏس، جھنگ جا سڀ وڻ ڪپجي چڪا آھن، ۽ ڀريون بھ ٻڌجي چڪيون آھن. مگر ھڪ ٽاري سڀني کان جدا رکي آھي. اڄ رات جو جڏھن پوڙھي اچي تھ اھا ٽاري کيس زور سان ھڻي چئج، ”ڪراڙي ڏائڻ، ھيءَ آھي تولاءِ!“

رات ٿيندي ئي پوڙھي آئي ۽ چيائين تھ ”ڏس، آءُ توکي ڪھڙا نھ سولا ڪم ڏيان ٿي؛ پر ھوءَ ٽاري جدا ڇو رکي آھي؟“

دھلاريءَ ٽاري کنئي، ۽ زور سان منھن تي ھڻي چيائينس، ”ڪراڙي ڏائڻ، ھيءَ آھي تولاءِ!“ پر  پوڙھيءَ کي ڄڻ تھ ڪي ٿيوئي ڪين ھو. ھوءَ تھ پاڻ الٽو مشڪڻ لڳي.

پوڙھيءَ چيس، ”سڀاڻي انھن ڀرين جو ڍڳ جوڙي باھھ ڏج.“ دھلاريءَ صبح جو سوير اٿي ڀريون ھڪ ھنڌ ميڙڻ لڳو، پر سي جھنگ جي ڪاٺين کي اڪيلي سر ھڪ ھنڌ ڪٺو ڪرڻ ناممڪن ھو. منجھند تائين ھن جيڪي ڪيو، سو نھ ڪرڻ جي برابر ھو. سندس ڀاڳ ڀلارا چئبا، جو نوجوان ڇوڪري مشڪل ۾ وري اچي واھرو ٿيس. ھوءَ دھلاريءَ لاءِ منجھند جو کاڌو کڻي آئي. ھن جڏھن کاڌو کائي ڍؤ ڪيو، تڏھن مٿو کڻي سندس ھنج ۾ رکيائين ۽ سمھي پيو. ڪجھھ دير کان پوءِ جاڳيو، ڏٺائين تھ سڄي جھنگ ۾ ٽانڊا پيا تجلا ڏين، ۽ باھھ جا شعلا آسمان کي پيا ڇھن. ڇوڪريءَ دھلاريءَ کي چيو تھ ”ڌيان ڏيئي ٻڌ! اڄ پوڙھي وري بھ توکي ڳالھھ ۾ وٺڻ جي ڪوشش ڪندي. ھوءَ توکي ڪو ڪم چئي تھ بغير ڪنھن ڊپ ڊاءَ جي ڪج، ۽ کيس شڪايت جو موقعو متان ڪي ڏنو اٿيئي. جي تو ٿورو بھ ڊپ ظاھر ڪيو ۽ ذرو بھ ڪيٻايئي تھ ھوءَ توکي فورا جھلي، ھن باھھ جي بٺيءَ ۾ اڇليندي. پر جي تو ھن جي حڪم جي پورائي ڪئي تھ پوءِ تون ھن کي ڪنڌ کان جھلي، باھھ جي انھن شعلن ۾ اڇلائي سگھندين، جنھن ۾ ٻري خاڪ ٿي ويندي“. نوجوان ڇوڪري ائين چئي. موڪلائي ويئي. ھن جي وڃڻ پڄاڻان ڪراڙي ڏائڻ آئي، جنھن باھھ ڏسي عجب مان چيو، ”ايڏي باھھ! مون کي ڏاڍي ٿڌ پئي لڳي! پر ھيءَ باھھ منھنجو ھڏ ھڏ ڪوسو ڪري ڇڏيندي. ٻيو تھ سڀ ٺيڪ آھي، پر ٻڌ تھ، ھن ڄيري ۾ ھڪ اھڙو بنڊ بھ آھي جيڪو اصل نھ ٻرندو. تون اھو بنڊ باھھ مان ڪڍي اچ. جيڪڏھن تو ھيءُ ڪم ڪيو تھ پوءِ تون آزاديءَ سان جتي کپيئي اتي گھمي ڦري سگھين ٿو. ھاڻ مرڪي ھن باھھ ۾ ٽپي پؤ.“

دھلاريءَ ذرو بھ نھ ڪيٻايو ۽ فورا شعلن ۾ ٽپي پيو. شعلن سندس وار بھ ونگو نھ ڪيو. بنڊ گھلي ٻاھر ڪڍي آيو، ۽ اچي پوڙھيءَ جي سامھون رکيائين. زمين کي ڇھندي ئي اھو بنڊ ھڪ خوبصورت ڇوڪريءَ ۾ تبديل ٿي ويو. ھيءَ اھا ساڳي ڇوڪري ھئي، جنھن دھلاريءَ کي مشڪلاتن ۾ روز منجھند جو مدد ڪئي ھئي؛ پر ھن وقت کيس زربفت جا ٻھڪندڙ ڪپڙا پھريل ھئا، جن مان ثابت پئي ٿيو تھ ھيءَ ڇوڪري حقيقت ۾ شھزادي آھي.

ڪراڙيءَ ڏائڻ ھڪ زوردار ٽھڪ ڏيندي، دھلاريءَ کي چيو تھ ”ڇا، تون سمجھين ٿو تھ توکي شھزادي ملي ويئي آھي، پر آءٌ توکي ٻڌايان ٿي تھ ھوءَ اڃا توکي ھٿ نھ آئي آھي.“ ڪراڙيءَ ڏائڻ شھزاديءَ کي جھلي، پاڻ سان کڻي وڃڻ لاءِ جيئن ئي اڳتي وڌي، تيئن دھلاريءَ کيس ٻنھي ھٿن سان سوگھو جھلي، کڻي باھھ ۾ اڇلايو.

پوءِ شھزادي ھر ھر جاچي دھلاريءَ کي ڏسڻ لڳي. جڏھن ڏٺائين تھ ھيءُ ھڪ سھڻو جوان آھي ۽ سندس لاءِ پنھنجي جان خطري ۾ وڌي اٿس، تڏھن پنھنجو ھٿ ھن ڏانھن وڌائيندي چيائين تھ ”تو مون لاءِ پنھنجي جان خطري ۾ وڌي آھي. ھاڻ وعدو ڪر تھ تون مون سان ھميشھ سچو رھندين تھ پوءِ آءٌ توسان شادي ڪريان.“

ائين چئي، ھوءَ ھن کي گھر ۾ وٺي آئي ۽ خزاني سان ڀريل وڏا وڏا ڪٻٽ ۽ پيتيون ڏيکاريائينس، جيڪي ڏائڻ ڪٺا ڪري رکيا ھئا. ھنن سون ۽ چانديءَ جا انبار اتي ئي ڇڏي ڏنا، صرف قيمتي ھيرا ۽ موتي پاڻ سان کنيائون.

ھنن جو ارادو ھاڻ جيئن تھ ڪانچ جي جبل تي وڌيڪ وقت رھڻ جو نھ ھو، ان ڪري شھزاديءَ چيس تھ ”مون کي پنھنجي ”گھر- تھ- ڏيائين“ منڊي، صرف ھڪ ڀيرو آڱر ۾ ڦيرڻي پوندي ۽ اسين اک ڇنڀ ۾ گھر پھچي وينداسين.“

دھلاريءَ چيو، ”ان جھڙي ڪا ٻي ڳالھھ! منڊيءَ کي حڪم ڪر تھ اسان کي شھر جي دروازي تي ھلي پھچائي.“

پوءِ تھ ھڪ سيڪنڊ ۾ اچي شھر جي دروازي تي پھتا، ۽ دھلاريءَ چيو تھ ”ھاڻ آءٌ سڀ کان پھرين پنھنجي مائٽن وٽ ويندس ۽ انھن کي خوشخبري ٻڌائيندس. تون ھن ٻنيءَ ۾ ويھي منھنجو انتظار ڪر، آءٌ جلد ئي موٽي ايندس.“

شھزاديءَ چيس، ”ڀلي وڃ، پر ھڪ ڳالھھ جو خاص خيال رکج. سا ھيءَ تھ پنھنجي مائٽن مان ڪنھن کي بھ ساڄي ڳل تي چمي متان ڏين، جيڪڏھن ائين ڪيئي تھ سڀڪجھھ وساري ويھندين.“

”آءٌ ڀلا توکي ڪيئن ٿو وساري سگھان!“ دھلاريءَ ائين چئي، شھزاديءَ سان ساڄو ھٿ ملائي وعدو ڪيو تھ جلدئي موٽي ايندو.

دھلاريءَ جيڪي ٽي ڏينھن ڪانچ جي جبل تي گذاريا ھئا، سي حقيقت ۾ ٽن سالن جي برابر ھئا. انھن ٽن سالن ۾ سندس شڪل ۾ ايڏو ڦيرو اچي ويو ھو، جو جڏھن ھو پنھنجي گھر ۾ گھڙيو تھ کيس ڪنھن بھ ڪونھ سڃاتو.

ھن سڀني کي ٻڌايو تھ ھو دھلاري آھي. اھو ٻڌي سندس مائٽ کيس خوشيءَ وچان چھٽي پيا، ھن جي دل ايتريقدر ڀرجي آئي جو ھو شھزاديءَ جي نصيحت وساري ويٺو، ۽ پنھنجي ماءُ ۽ پيءُ کي ٻنھي ڳلن تي پيار ڪرڻ لڳو. پنھنجي مائٽن جي ساڄي ڳل کي چمندي، شھزاديءَ جي يادگيري سندس ذھن تان اصل لھي ويئي. پوءِ ھن پنھنجي کيسن مان ھيرن ۽ موتين جا ٻڪ ڀري، ڪڍي ميز تي رکيا. سندس مائٽ ايڏي دولت ڏسي حيران ٿي ويا، ۽ ڪا سڌ نھ پئي پوين تھ ان دولت کي ڇا ڪن.

نيٺ سندس پيءُ ھڪ عاليشان محل اڏايو، جنھن جي چوطرف باغ ھئا، کليل ميدان ھئا، ۽ وڻندڙ ٻيلا ھئا؛ اھو محل سچ پچ تھ شھزادن جي رھڻ لائق ھو. جڏھن محل ٺھي راس ٿيو تھ دھلاريءَ جي ماءُ کيس سڏي چيو، ”پٽ، ھاڻ تون شاديءَ جي لائق ٿيو آھين، مون تو لاءِ ھڪ ڪنوار ڳولي لڌي آھي. ھاڻ ھيءُ ھفتو اسين شاديءَ جي خوشي ڪنداسون.“ پٽ بھ پنھنجو رايو ڏيکاريو ۽ شاديءَ جا شادناما شروع ٿيا.

ھوڏانھن شھزادي ويچاري اھو سڄو وقت شھر جي دروازي وٽ بيٺي رھي. جڏھن شام ٿي ۽ دھلاري ڪونھ موٽيو، تڏھن کيس يقين ٿي ويو تھ ھو پنھنجي مائٽن جو ساڄو ڳل چمي، سڀڪجھھ وساري ويٺو آھي. ھن جي دل کي ڏاڍو ڏک رسيو، ايتريقدر جو پنھنجي پيءُ جي گھر وڃڻ بدران ھوءَ اتي ئي شھر جي ٻاھران جھنگ ۾ رھڻ لڳي. ھوءَ روز شام جو شھر ويندي ھئي، ۽ دھلاريءَ جي گھر وٽان لنگھندي ھئي. ھن گھڻيئي دفعا شھزاديءَ کي ڏٺو، مگر اصل سڃاڻي نھ سگھيو.

ھڪ ڏينھن شھزاديءَ ماڻھن جي واتان ھي اکر ٻڌا تھ ”سڀاڻي دھلاريءَ جي شادي آھي.“ ھيءُ ٻڌي، شھزاديءَ فيصلو ڪيو تھ ھوءَ دھلاريءَ کي پنھنجي بنائڻ جي ھڪ دفعو وري ڪوشش ڪندي.

 

محل ۾ شاديءَ جا شادمانا پئي ٿيا. شھزاديءَ پنھنجي ”گھر- تھ- ڏيائين،“ منڊيءَ کي آڱر ۾ ڦيريندي چيو، ”مون کي ھڪ اھڙو وڳو گھرجي، جيڪو سج جيان تجلا ڏيندو ۽ ٻرندو ھجي.“ ٿوريءَ دير ۾ ھڪ وڳو اچي سندس سامھون پيو. وڳو اھڙو ھو جو ڄڻ تھ سچ پچ سج جي ڪرڻن مان اڻيل ھجي.

محل ۾ جڏھن سڀ ٻيا مھمان بھ اچي ڪٺا ٿيا، تڏھن ھوءَ بھ اندر گھڙي. سندس وڳو ڏسي ماڻھن جو متيون منجھي ويون؛ ڪنوار جنھن کي سھڻن ڪپڙن جو گھڻو چاھھ ھوندو ھو، تنھن جا اصل تاڪ لڳي ويا، ۽ دل ھرکجي پيس. ھوءَ شھزاديءَ وٽ آئي ۽ وڳي خريد ڪرڻ جو ارادو ڏيکاريائين.

شھزاديءَ چيس، ”آءٌ وڳو وڪڻڻ لاءِ تيار آھيان، پر پئسن تي نھ- آءٌ توکي پنھنجو وڳو وڏيءَ خوشيءَ سان ڏينديس، جيڪڏھن تون مون کي گھوٽ جي ڪمري جي ٻاھران سڄي رات گذارڻ جي اجازت ڏين.“

ڪنوار ھيءَ آڇ منظور ڪئي ۽ شھزاديءَ کي گھوٽ جي ڪمري جي ٻاھران رات گذارڻ جي اجازت ڏنائين. مگر ساڳئي وقت گھوٽ کي ننڊ جي دوا بھ پياي ڇڏيائين؛ اھڙي سخت دوا، جنھن دھلاريءَ کي فورا گھريءَ ننڊ ۾ وجھي ڇڏيو.

جڏھن رات جو سڀ سمھي پيا ۽ ھر طرف خاموشي ٿي ويئي، تڏھن شھزادي رڙھي دروازي وٽ آئي. ان کي ٿورو کولي، ماٺيڻي آواز ۾ راڳ ڳائڻ لڳي:

”عرض تون منھنجو ٻڌ، اي دھلاري! توکي پڪاري، درد جي ماري. عھد ڪيوسون ڪيئن نھ جبل تي، قرب ڪنداسون زندگي ساري. اوکيءَ سوکيءَ ڪم ٿي آيس، مون تان تو ٿي جندڙي واري- عرض تون منھنجو ٻڌ، اي دھلاري!“

مگر سندس سڀ ڪوششون اجايون ويون. دھلاريءَ کي اھڙي گھري ننڊ ھئي، جو اک ئي نٿي کلي سگھيس. جڏھن صبح ٿيو تڏھن شھزادي ناڪام موٽي آئي.

ٻئي ڏينھن ھن وري پنھنجي منڊي ڦيرائي چيو تھ ”مون کي اڄ اھڙو وڳو گھرجي، جھڙو چنڊ!“

شام جو جڏھن ھوءَ پنھنجي ڪرڻن جھڙا نرم ۽ نازڪ ڪپڙا پھري محل ۾ داخل ٿي، تڏھن ڪنوار جي لالچي دل وري بھ ھرکجي پيئي، ۽ ھن وڳي جي بدلي ۾ شھزاديءَ کي ٻي رات بھ گھوٽ جي ڪمري جي ٻاھران گذارڻ جي اجازت ڏني.

رات جي ماٺ ۽ خاموشيءَ ۾ ھن اڄ بھ ساڳيو راڳ آلاپيو، مگر دھلاريءَ کي جيئن تھ وري بھ ننڊ جي دوا پياري ويئي ھئي، ان ڪري ھن جي اک نھ کلي. صبح ٿيندي ئي شھزادي ڏک وچان جھنگ ۾ موٽي آئي.

محل جي ڪن نوڪرن شھزاديءَ جو دکدائڪ آواز ۽ آھون زاريون ٻڌيون ھيون، سو صبح ٿيندي ئي انھن گھوٽ کي سربستو احوال ڪري ٻڌايو ۽ کيس چيائون تھ ”جي تو ننڊ جي دوا نھ پيتي ھجي ھا، تھ تون بھ شھزاديءَ جو آواز ٻڌي سگھين ھا.“

جڏھن ٽين رات آئي تھ شھزاديءَ پنھنجي ”گھر تھ ڏيائين“ منڊي ڦيريندي چيو تھ ”مون کي اڄ اھڙو وڳو گھرجي، جيڪو تارن جيان تجلا ڏيندو ھجي!“

شھزادي جڏھن محل ۾ پھتي تھ ڪنوار سندس ڪپڙن کي ڏسي چيو تھ ”آءٌ ھي وڳو ضرور حاصل ڪنديس!“ شھزاديءَ وري بھ ساڳيو شرط رکيو، ۽ وڳي ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويئي.

گھوٽ ٻن راتين جو قصو ٻڌي چڪو ھو، ان ڪري اڄوڪي رات ھن ڪابھ شيءِ نھ کاڌي، ۽ ننڊ جي دوا کائڻ کان بھ نٽائي ويو. جڏھن محل ۾ چوطرف ماٺ ٿي ويئي تھ ھن جي ڪنن تي ھي لفظ پيا:

”عرض تون منھنجو ٻڌ، اي دھلاري! توکي پڪاري، درد جي ماري...!“

راڳ ٻڌندي ئي ھن کي سڀني ڳالھين جي يادگيري اچڻ لڳي، ۽ ھو پڇتاءُ وچان چوڻ لڳو، ”آءٌ ڪھڙو نھ بيوفا ۽ ظالم آھيان! مگر ھيءُ  سڀ ان ڪري ٿيو، جو مون پنھنجي مائٽن جي ساڄيءَ ڳل کي چميو ھو.“ ھو ٽپو ڏيئي اٿيو، ۽ شھزاديءَ جو ھٿ پنھنجي ھٿ ۾ وٺي، سڌو پنھنجي ماءُ ۽ پيءُ جي ڪمري ۾ آيو، ۽ کين چيائين تھ ”منھنجي اصل ڪنوار ھيءَ اٿو. مون کي جيڪڏھن ڪنھن ٻيءَ سان پرڻائيندا تھ ھن سان بي انصافي ٿيندي.“

سندس مائٽن شھزاديءَ کي دل سان پسند ڪيو، ۽ شاديءَ جا شادمانا نئين سر شروع ٿيا، ۽ آخر ٻنھي جي شادي ٿي ويئي. پھرينءَ ڪنوار کي اھي ٽيئي وڳا ڏنا ويا، جن کي گھوٽ جي بدلي ۾ حآصل ڪري، ھوءَ ڏاڍي خوش ٿي.

[”گرمس فيئري ٽيلس“ ڪتاب جي ”ڊرمر“ آکاڻيءَ جو انگريزيءَ مان سنڌي ۾ ترجمو، از حسين عادل.]

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com