ڪوئيز
ڪوئيز لفظ جي معنيٰ آهي، ڪنهن معلومات کي سوالن جي
ذريعي جاچڻ يا پرکڻ. جهڙي طرح اڄ ڪلهه جي دنيا ۾
ٽي وي، ريڊيو ۽ فنڪشنن ۾ شاگردن يا عام ماڻهو جي
ذهانت کي جاچڻ لاءِ انهن کان سوال ڪيا وڃن ٿا،
جيڪي هڪ يا هڪ کان وڌيڪ موضوعن تي مشتمل هوندا
آهن.
ڪوئيز لفظ جي شروعات به هڪ عجيب واقعو آهي. 18
صديءَ جي آخري حصي ۾ هن نموني ٿي. جڏهن ڊبلن شهر
جي هڪ ٿيٽر ڪمپنيءَ جي مئنيجر ڊيلي پنهنجي دوستن
سان رات جو اها شرط لڳائي ته مان اڄ رات لغت ۾ هڪ
بي معنيٰ لفظ شامل ڪندس. جنهن جي معنيٰ جي خبر
ڪنهن کي به نه هوندي. ڊيلي هڪ پينٽر جي مدد سان
رات جو ڊبلن شهر ۾ هي لفظ لڳايو. جڏهن صبح جو ڊبلن
شهر جا ماڻهو اٿيا ته هنن ڀتين تي لکيل ڪوئيز لفظ
ڏسي حيران ٿيا، جيڪو هنن نه اڳ ۾ ٻڌو هو ۽ نه وري
لکيو هو. هي هڪ ٻئي کان ان لفظ جي معنيٰ بابت پُڇڻ
لڳا. تڏهن کان هن لفظ جو استعمال شروع ٿيو، جيڪو
اڄ تائين ان معنيٰ تي قائم آهي.
عارف عباسي دادو
ننڍڙا اديب
بيوقف ڪوري
هڪ ڪوري، پنهنجي هڪ دوست کي چيو ته، ”يار هل ته
ڪيڏانهن گهمڻ هلئون.“ پوءِ هو ان کي پنهنجي ساهرن
جي گهر وٺي ويو سندس ساهرا، هن کي ڏسي ڏاڍو خوش
ٿيا، هن جي ساهرن هنن، لاءِ ڪڪڙ جو ٻوڙ رڌو، پر
ڪوري ڪونه کاڌو. وري رات جو سمهڻ وقت هنڌ به نه
ورتائين، چيائين ته، مون وٽ ريشمي لنگي آهي. سڀ
وڃي ستا، ڪوري کي اچي بک ورايو ۽ مٿان سي به پيو
پوي، سو پنهنجي دوست کي اٿاري، حقيقت ٻڌائينس.
دوست چيس ته چريا مون ته توکي ان وقت چيو هو، نيٺ
اها صلاح بيٺي ته، هو رسي تي منگهه کان لهي رڌڻي ۾
وڃي، بچت ٿيل ماني ٻوڙ کائي، ۽ پوءِ وري رسي جي
مدد سان مٿي چڙهي ايندو. ڪوري ته هيٺ لهي ويو، مٿي
سندس دوست کي ننڊ اچي وئي، ڪوري کي هيٺ سڪل ماني
کان سواءِ ڪجهه به حاصل نه ٿيو، پر بک کان اها به
کائي ويو.
هاڻ مٿي نڪرڻ لاءِ دوست کي اشارو ڪرڻ لڳو، پر هو
ته ننڊ ۾ هو. سو هن وٺي اندر ٿانو ٺڙڪايا، ٿانون
جي آواز تي هن جي سس ۽ ساهري سمجهيو ته چور آهن،
سو وٺي رڙيون ڪيائون، پاڙي وارا گڏ ٿي ويا، در
کوليندي، اچي هن کي ڏنڊن سان ورتائون، رڙين تي
سندس دوست جي اک کلي پئي، هيٺ لهي آيو، ۽ رڙ ڪري
چيائين، ”نه ماريوس هي ته توهان جو نياڻو آهي، بک
لڳي هوس، سو ماني کائڻ لاءِ آيو هو، سڀ ماڻهو کلڻ
لڳس، ۽ صبح جو سوير، سس، سهري کان موڪلائڻ
کانسواءِ دوست کي ساڻ ڪري سويرو ڳوٺ روانو ٿيو،
متان صبح جو ڳوٺ جا ماڻهو کلون ڪن.
بدرالنساء
پورهئي جو ڦل
ٻارو! اسان جي ڳوٺ ۾ سڪندر علي نالي هڪ غريب ڇوڪر
رهندو هو، جنهن جا مائٽ بلڪل تمام غريب ۽ مسڪين
هوندا هئا. ايتريقدر مسڪين هئا، جو ڪنهن ڪنهن مهل
وٽن کائڻ پيئڻ لاءِ کيس ڪجهه به نه هوندو هو، جو
رات جي وقت ڪجهه کائي پئي سمهن ۽ سندس پيءُ پيرسن
ٿي ويو هو ۽ هي ننڍڙو معصوم ٻار سڪندر علي شهر ۾
وڃي پنهنجي عمر آهر وڃي مزدوري ڪري ان مان جيڪي
پئسا ڪمائيندو هو ان مان گهر جي کائڻ پيئڻ جو
سامان وٺي ايندو هو ۽ اهڙي طرح سندن گذارو ٿيندو
هو. معصوم سڪندر علي ننڍڙا ننڍڙا گلن جهڙا ٻار
ڏسندو هو، جيڪي اسڪول پڙهڻ ويندا هئا، ته هن کي به
پڙهڻ لاءِ ڏاڍو شوق پيدا ٿيو پر هاڻ هي معصوم ٻار
سڪندر علي ڪري به ڇا ٿي سگهيو ڇو ته هي سڄو ڏينهن
مزدوري ڪري جيڪي پئسا ڪمائيندو هو ان مان گهر جو
سامان وٺي ويندو هو ۽ هاڻ هي پڙهڻ لاءِ تمام مجبور
ٿي ويو ۽ دل ۾ اٽل فيصلو ڪري ويٺو ته پڙهندس ضرور،
هاڻ هن وٽ ايترو پئسو نه هجي جو اسڪول لاءِ ڪپڙا
يا ڪتاب وغيره وٺي سگهي، بهرحال پنهنجي ماءُ پيءُ
سان وڃي مشورو ڪيائين. سندس ماءُ ۽ پيءُ وڌيڪ
پريشان ٿيڻ لڳا ۽ کيس چيائون ته: پٽڙا اسڪول پڙهڻ
لاءِ پئسا هجن، پاڻ غريب آهيون ۽ ڪمائڻ وارو تون
هڪڙو آهين پوءِ ڪيئن پڙهندين بهرحال ننڍڙي سڪندر
علي کي سندس مائٽن وڌيڪ مجبور ڏسي کيس دل سان
اجازت ڏني، هاڻي ننڍڙو روزاني سويل اٿي نيرن به
ڪونه ڪندو هو ۽ شهر جو رخ ڪندو هو ۽ پنهنجي مزدوري
مان ڪجهه پئسا بچائڻ شروع ڪيائين، ڪجهه ڏينهن کان
پوءِ هن گلن جهڙن ٻارڙن سان گڏجي اسڪول ۾ ويو،
معصوم سڪندر علي لاءِ اسڪول ۾ وڃڻ جو اهو پهريون
ڏينهن هو. جنهن جي ڪري سڀڪو ٻار هن کي ڏسڻ لڳو.
ٿوري دير کان پوءِ سندس ڪلاس ماستر صاحب ڪلاس ۾
آيو ۽ هن جي ايندي شرط هڪ نئين ٻار تي نظر پئي ته
استاد صاحب ننڍڙي سڪندر علي کان اسڪول ۾ اچڻ جو
مقصد پڇيو جتي ننڍڙي سڪندر علي حيران ٿي ڏڪڻ لڳو،
مگر دل کي ڏڍ ڏيئي سڄو قصو ٻڌايو، جنهن تي استاد
صاحب کي سندس ٻڌايل ڳالهين تي رحم آيو ۽ هن کي
اسڪول ۾ داخل ڪيو. هاڻ اسڪول جي پڙهڻ کان پوءِ
ننڍڙو سڪندر علي اسڪول ٽائيم کان پوءِ وڃي مزدوري
ڪري رات جو کيس ست، اٺ ٿي ويندا هئا ۽ پوءِ گهر
ويندو هو، اهڙي طرح ننڍڙو سڪندر علي پڙهندو رهيو ۽
پنهنجي اسڪول ۾ هميشه پنهنجي ڪلاس ۾ پهريون نمبر
ايندو رهيو ۽ پوءِ سندس استاد صاحب هن ننڍڙي جي
لاءِ اسڪالرشپ منظور ڪرائي ۽ اهڙي طرح ننڍڙو سڪندر
علي پڙهندو رهيو ۽ تان جو هو اڄ هڪ وڏي آفيسر جي
حيثيت سان لنڊن ۾ رهي ٿو.
راج ڪمار راٺي
ٻڌي
هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته ڪنهن شهر ۾ گهڻيون مکيون
هڪ دٻي ۾ رهنديون هيون. پر ڪجهه ڏينهن کان پوءِ
مڇرن ان دٻي تي حملو ڪيو، مکين مڇرن کي چيو ته: هي
دٻو اسان جي ابن ڏاڏن جو آهي، پر مڇرن انهن جي هڪ
به نه ٻڌي، مکيون ويچاريون اچي پريشان ٿيون ۽ مکين
هڪ ڏينهن ميٽنگ ڪوٺائي. ان ميٽنگ ۾ مکين جي سردار
چيو ته: ”اهڙي ڪا شيءِ هجي، جيڪا مڇرن کي ماري ناس
ڪري“ انهن مکين مان هڪ مک چيو ته: هڪ شي آهي جيڪا
عام طرح شهر ۾ گهرن ۾ مڇرن کي مارڻ لاءِ استعمال
ڪئي ويندي آهي. جنهن کي مڇر مار دوا چوندا آهن.
تنهن تي مک چيو: اها دوا کڻي ڪير ايندو؟ ان تي سڀ
مکيون خاموش ٿي ويون، ڪافي دير کان پوءِ ڪجهه مکين
چيو ته: اسان وينداسين، مکين جو اهو جواب ٻڌي مکين
جي سردار کي تمام گهڻي خوشيءَ ٿي ۽ چيائين ته:
جيڪڏهن اسان ٻڌي نه ڪنداسين ته پنهنجو گهر (دٻو)
ڪيئن حاصل ڪنداسين. صرف وڏيون وڏيون مکيون هلڻ
لاءِ تيار نه ٿيون باقي سڀ مکيون شهر ڏانهن
روانيون ٿيون. جيڪي مکيون دوا (مڇر مار دوا) کڻڻ
لاءِ روانيون ٿيون انهن کان اهيو واعدو ورتو ويو
ته انهن کي ڪابه تڪليف پهچندي ته به اهي واپس ڪونه
موٽنديون، جيڪڏهن اهي ناڪام موٽيون ته انهن کي هن
دٻي ۾ رهڻ نه ڏنو ويندو. انهن مکين اهو واعدو ڪيو
۽ شهر ڏانهن روانيون ٿيون، شهر جهنگ کان اٽڪل 2
ڪلوميٽر پري هو، رستي جي مصيبتن جي ڪري ڪيتريون
مکيون مري ويون، رات جو ڪنهن هنڌ تي آرام جي لاءِ
ترسي پيون، تمام گهڻين مصيبتن کان پوءِ اهي شهر
پهتيون، ڪجهه دير کان پوءِ مکيون هڪ گهر ۾ پهتيون
ان گهر ۾ ڪافي تلاش کان پوءِ به مڇر مار دوار هٿ
نه آين. سج لهي ويو هڪڙي مک چيو: باقي آخري گهر ۾
ٿا هلون نه ته پوءِ آرام ڪريو پوءِ سڀاڻي تلاش
ڪنديون سين. مکيون جڏهن گهر ۾ ويون ته خوشيءَ جي
انتها نه رهي ۽ انهن ڏٺو ته هڪ ڇوڪر جيڪو مڇرن کي
مارڻ لاءِ ڦوهاري سان اها مڇر مار دوا هاري رهيو
هو جڏهن اهو ڇوڪرو مڇر ماري ويو ته ڦوهارو ڪنڊ ۾
رکيائين ۽ مکيون جلد ڦوهاري ڏانهن ويون ۽ اهو
ڦوهارو کڻي ان جڳهه تان اڏامي هڪ ٻئي جڳهه تي
پناهه ورتي ۽ سڄي رات ان ڦوهاري جي حفاظت ڪنديون
رهيون.
جڏهن مکيون پنهنجي جهنگ ڏانهن پهتيون جيڪي مکيون
اتي رهيل هيون سي انهن مکين کي واپس ڏسي ڏاڍو خوش
ٿيون ۽ مکين وري ٻيهر ميٽنگ ڪوٺائي ته هاڻي انهي
مڇرن کي مارجي ڪهڙي مهل، هڪ مک صلاح ڏني ته رات جي
وقت جڏهن سڀ مڇر ستا پيا هوندا آهن، پر مکين جي
سردار چيو ته رات جي وقت ته مڇر کاڌي جي تلاش ۾
نڪرندا آهن. ان تي وري ٻي مک چيو ته صبح جو سڀ مڇر
دٻي تي هوندا آهن، صبح جي وقت مڇرن تي حملو ڪجي،
اها صلاح سڀني کي پسند آئي، جڏهن صبح ٿيو، سڀ
مکيون ڦوهاري کي هٿ ۾ کڻي مڇرن جي دٻي ڏانهن وڌيون
۽ اهي مکيون جيڪي اڳيان ڦوهاري کي جهلي بيٺيون
هيون انهن پاڻ کي پوري حفاظت سان ڍڪيو هيو ۽
ڦوهاري جي ڇڻڪار شروع ڪري ڏني، اهڙي طرح سڀ مڇر
مکين جي اوچتي حملي جي ڪري مري ويا ۽ جيڪي بچيا
اهي جهنگ ڇڏي ڀڄي ويا پر ڪجهه مکيون جيڪي اڳيان
هيون سي بيهوش ٿي ويون شايد ٿوري دوا جي ڌپ اچي
وين، پر ڪجهه دير کان پوءِ هوش اچي وين ۽ پنهنجي
ڪاميابي ڏسي تمام گهڻيون خوش ٿيون ۽ سڀني چيو ته
واقعي ٻڌي ۾ طاقت آهي.
نسيم پارس
دوستي
مان ڪلاس ۾ سڀني شاگردن کان گهٽ هيس. هڪ ڏينهن
اسڪول ويندو هوس، ته ٻه ڏينهن نه ويندو هوس. ان
ڪري اسڪول جا سڀ ڇوڪرا، مون کي آوار چوندا هئا.
ڪلاس ۾ منهنجو سڀ کان پيارو دوست نجم آهي. هو مون
کي ليڪچر ڏيندو هو ته يار محنت ڪري پڙهه. اسڪول
مان نه گساءِ، جيڪي ماڻهو محنت نه ڪندا آهن، سي
زندگيءَ جي ڪنهن به موڙ تي ڪامياب نه ٿيندا آهن.
محنت ڪري پڙهڻ واري شاگرد جي، هن سماج ۾ سٺي عزت
آهي. پر آئون انهن سڀني ڳالهين کي، هڪ ڪن کان ٻڌي
ٻئي کان ڪڍي ڇڏيندو هوس. ڪجهه مهينا اڳئي، جڏهن
مان اسڪول آيس ته، سائين مون کي چيو ته اڙي ڇورا
ڪم فيئر اٿئي“ نه سائين (مون کيس چيو)
سائين چيو: ”اڙي ڇورا پنج ڏينهن اسڪول نه آئين،
ڪاپي به ڪونه فيئر ڪئي اٿئي.“ اٿي بيهه بينچ تي.
مان بينچ تي. اٿي بيٺس نجم کان اهو برداشت نه ٿيو.
سائين کي چيائين، ”سائين توهان هن کي معاف ڪريو“
هي سڀاڻي ڪاپي فيئر ڪري ايندو. ٻئي ڏينهن جڏهن مان
ڪلاس ۾ اچي ويٺس ته ڪلاس ۾ ڪجهه ڇوڪرا ويٺا هئا
سندس مايوسي ڏسي مون کي به سائين جا لفظ ياد اچي
ويا. مان ٿو چوائين جي سڀاڻي جيڪڏهن هي سڀاڳو ڪاپي
فيئر ڪري ڪونه آيو ته هن جي سزا توکي ملندي. مان
ٿو چوائين انهي ڪري جو تون هن جو گهڻا دفعا هن جي
پاران پيو آهين. بابي منهنجي کي جوان (سائين نجم
کي چيو هو)
مان ڪلاس مان ڀڄڻ جي ڪوشش ۾ هوس ته ايتري ۾ سائين
اچي ڪلاس ۾ داخل ٿيو ۽ ڪلاس ۾ ڄڻ راڪاس اچي ويو
هجي. سائين اچي ڪرسي تي ويٺو ۽ مون کي چيائين ”اڙي
نواب ڪاپي فيئر اٿئي“ نه سائين (مون کيس چيو)
سائين نجم ڏانهن ”اڙي اٿي بيهه“ اڄ هي ڪاپي فيئر
ڪري نه آيو آهي ۽ هن جي سزا تو کي ملندي. ائين چئي
سائين ڏنڊو کڻي شروع ٿي ويو نجم کي. مون کي ائين
محسوس پئي ٿيو ڄڻ آمريڪا ڪنهن ننڍي ملڪ تي بم باري
ڪري رهيو هجي. سائين ڏنڊا هڻي ٿڪجي پيو ۽ ڪلاس کان
ٻاهر نڪري ويو.
مان اچي نجم جي ڀرسان ويٺس ۽ چيومانس. نجم تون
منهنجي ڪري ڏنڊا ڇو کاڌا. تو جهڙو هوشيار شاگرد
استاد جي نظرن ۾ ڪري پيو (نجر ڪجهه دير خاموش
رهيو، ۽ چيائين ڏس يار تون مون سان واعدو ڪر ته اڄ
کان وٺي تون محنت ڪري پڙهندين ۽ اسڪول کان ڪونه
گسائيندين. منهنجي ضمير مون کي ملامت ڪئي، مون ان
ڏينهن کان وٺي اهو واعدو ڪري ڇڏيو ته آئون پڙهندس
۽ محنت ڪري پڙهندس. ان ڏينهن کان وٺي نجم مون کي
روز شام جو پڙهائڻ ايندو آهي. وري هينئر جڏهن اسان
جي رزلٽ نڪتي ته اسين ٻئي پهرين نمبر ۾ پاس ٿياسين
۽ اسان جي دوستي جا چرچا سڄي اسڪول ۾ پکڙجي ويا.
ايم جمن ملاح
جيجل سنڌڙي
منهنجي جيجل سنڌڙي ماءُ،
تنهنجي مٽيءَ تي مان قربان،
منهنجو توتان سر قربان،
منهنجي جيجل سنڌڙي ماءُ
تنهنجي ڌرتيءَ جا ماڻهو ۽ ٻار،
سڀ آهن تنهنجا جان نثار،
منهنجي جيجل سنڌڙي ماءُ.
تنهنجي ڌرتيءَ تي آهن ڄاوا،
هوشو، هيمو ۽ دودي پارا،
جيڪي هئا سڀ تنهنجا سپاهه،
منهنجي جيجل سنڌڙي ماءُ.
زمين تنهنجي ۾ ٿا ٿين،
وونئڻ، ڪڻڪ ۽ چانور،
اناج اهي آهن جيءَ جا جيار،
منهنجي جيجل سنڌڙي ماءُ.
سمون رب نواز باڊاهي
سڌريل ٻار
گُلن کان به نازڪ ٿيا ٻار آهن
اُهي ماءُ پيءُ جا ڳچيءَ هارَ آهن
کِلن ٿا ته ڄڻُ گُل گُلابي ٽِڙَن ٿا
ويا گهر به تن سان ٿي هُٻِڪارَ آهن
ڀلي ڀيٽ ڪَن چِين ۽ روس وارا
هِي پَڌرا ٿيا پاڪَ جا ٻار آهن
ڏيئي هٿ هٿن ۾ سي مڪتب وڃن ٿا
پنهنجي درسگاهه جا هي سينگار آهن
اُهي علم ۽ هنر ۾ هاڪ وارا
ٿيا ملڪ جا سي ئي معمار آهن
زمين جا ستارا اهي نروار آهن
هِتي ۽ هُتي تن جا چمڪار آهن
لکيو شعر امداد“ جوکئه هي سهڻو
اُهي ئي انهي جا ته ويچار آهن
امداد جوکيو
اچو ته مضمون لکون- 50
مضمون موڪلڻ جي آخري تاريخ-28 اپريل 1989ع آهي.
اچو ته مضمون لکون سلسلو ٻارن لاءِ انهي ڪري شروع
ڪيو ويو آهي، ته جيئن انهن کي مضمون لکڻ جو ڏانءُ
اچي، پهريون ۽ ٻيو نمبر مضمون نگارن کي انعام ۾
ڪتاب موڪلبا.
شرط:
1.
هن سلسلي ۾ مئٽرڪ تائين پڙهندڙ شاگرد حصو وٺي سگهن
ٿا.
2.
هن ئي پرچي ۾ اچو ته مضمون لکون-49 جو ڪوپن ڀرڻ
ضروري آهي.
3.
مضمون ٻن وڏن پنن تي هڪ پاسي لکيل هجي،
ٻنهي پاسي
لکيل مضمون کي مقابلي ۾ شامل نه ڪبو.
4.
مضمون سان گڏ اسڪول جي ائڊريس لکڻ گهرجي، ڇو ته
گهڻا وڏا (نوجوان) به حصو وٺن ٿا ان لاءِ ٻي ڪنهن
ائڊريس تي ڪتاب نه موڪلبا. انعامي ڪتاب رجسٽرڊ بڪ
پوسٽ ڪري ٿا موڪلجن. نه ملڻ جي صورت ۾ ادارو ٻڌل
نه رهندو.
عنوان
(هن دؤر ۾ ٽيڪنالاجي جي اهميت واضح ڪريو)
مضمون موڪلڻ جو پتو
ايڊيٽر گل ڦل
سنڌي ادبي بورڊ، پوسٽ ڪوڊ نمبر 76070
ڄام شورو سنڌ.
نتيجو اچو ته مضمون لکون- 48
ماهه فيبروري 1989ع جي پرچي ۾ اچو ته مضمون لکون
جي عنوان تحت هڪ رهنما مواد ڏنو ويو هو. جنهن ۾
هيٺين ٻارن حصو ورتو.
1-
لال لکواڻي مٺي 2- سليم الله سومرو ڳوٺ ميرڪ 3-
چوئٿ مل ستيجاراڻيپور 4- وفا اعجاز علي گل خاصخيلي
لوهي موري 5- زرينه لاڙڪ گڊو 6- عبدالرحيم ڪونڌر
خانواهڻ 7- فياض حسين چنڊ ڪليري نواب شاهه 8- زرقا
سمته محراب پور 9- محمد حفيظ شيخ لاڙڪاڻو 10- حفيظ
الله چاچڙ ڪنڌڪوٽ 11- جميل احمد جتوئي ميرپورخاص
12- وفا ايم ايوب جوڻيجو ميرپور بٺورو 13- احمد
سمون ڳوٺ خير محمد جروار 14- سڪندر علي ابڙو پنو
عاقل 15- زيوو مل سنڌي ميرپورخاص 16- بشير احمد
مزاري ڪشمور 17- عبدالحفيظ ميمڻ خانواهڻ 18-
عبدالباسط ڀٽو لاڙڪاڻو 19- مشتاق کوسو ڪشمور 20-
رفيق احمد لوچي خانواهڻ 21- ممتاز علي ميتلو
لاڙڪاڻو 22- غلام اصغر چانڊيو لاڙڪاڻو 23- شوڪت
رضا آرائين روهڙي 24- غلام مجتبيٰ ڪلوڙ عادلپور
25- صفيه قمبراڻي خيرپورميرس 26- ڪنيا لال شهداد
ڪوٽ 27- رشيد احمد لغاري ميرو خان 28- فضل حق
ڪانڌڙو لاڙڪاڻو 29- رياض احمد ڪاڪيپوٽو رتوديرو
30- اعجاز جاگيراڻي نئون ديرو 31- اياز حسين سومرو
لاڙڪاڻو 32- محمد بچل ڪانهر خيرپور 33- محمد اسلم
ابڙو خانواهڻ 34- ذوالفقار علي چنا پيروز شاهه 35-
عاجز علي ماڪن ڪوري 36- لياقت علي قاضي ماڪن ڪوري
37- نظير حسين قاضي ماڪن ڪوري 38- فريد احمد راڄڙ
الهه آباد 39- سليم احمد ٻگهيو نواب شاهه 40- رجب
علي مڱڻهار سرهاري 41- غلام الرسول سامت ٺل 42-
محمد اسحاق ميمڻ سجاول 43- اعجاز حسين نرڇ شريف
44- رحمت الله لاشاري سيوهڻ 45- محمد اسلم بهلاني
ٽنڊوباگو 46- جميل امجد کٽي بدين 47- عبدالمجيد
راڄڙ حيدرآباد 48- جواد حسين ميمڻ ميرپورخاص 49-
عبدالوهاب خيرپور ميرس 50- نعيم الدين شاهه سجاول
51- رجب علي مڱڻهار سرهاري 52- اشرف جعراڻي سجاول
53- الهيار ٽنڊوباگو 54- ذوالفقار بڙدي پير وسڻ
55- سيد محبوب شاهه نواب شاهه 56- غلام ياسين
سومرو ڏوڪري 57- منير احمد ميرجت ميرپور ميرس 58-
قمرالدين ابڙو شڪارپور 59- غلام علي ڪوريجو نئون
ديرو 60- مريد سومرو سرهاري 61- محمد اسلم جمالي
جيڪب آباد 62- عبدالرؤف ڀٽي 63- ممتاز احمد قريشي
مڪلي 64- رائچند ڪوٽ ميرس 65- گورڌن داس ڪوٽ ميرس
66- عبدالجبار ميراڻي پير جو ڳوٺ 67- ڪامريڊ گلزار
حسين ڊومڪي بخشاپور 68- ربنواز خاصخيلي ڪڍڻ 69-
فاروق احمد ڪلوڙ مسوخان ڪلوڙ 70- مسرور احمد
سولنگي ميرڪ 71- نياز حسين کوکر رتوديرو 72- رعايت
الله ڪپري ڪنري 73- عبدالوهاب ٻرڙو ميرپور ٻرڙو
74- عطا محمد گوريلو ڪنڌڪوٽ 75- مصري ڪمار هريجن
بدين 76- ڪامريڊ محمد اشرف واهرو ڪڍڻ 77- ايس
آفتاب احمد ملڪ ڪنڌڪوٽ 78- محمد بچل سهرياڻي
ڪنڌڪوٽ 79- غلام حسين ميمڻ چوهڙ جمالي 80- لياقت
علي ميتلو نئون ديرو 81- بشير احمد گبول ميرخان
گبول 82- خير محمد لغاري حيدرآباد 83- ساقي حمايت
علي شاهه راشدي شهدادپور 84- فياض علي جانوري
لاڙڪاڻو 85- شاهد گل سمون لاڙڪاڻو 86- عبدالحليم
چنا نئون ديرو 87- عبداللطيف علي شير آباد 88-
غلام رسول بروهي کڏهر 89- عبدالاحد سومرو ڪنڊيارو
90- محمد عتيق سومرو لاڙڪاڻو 91- اسد الله بروهي
بخشو مگسي 92- رحمت الله لاشاري سيوهڻ 93- خادم
حسين ميمڻ مانجهند 94- رشيد احمد ڪليري گهوٽڪي 95-
عبدالحق ڳوٺ ڪالو سيال 96- رسول بخش رونگهو ڪشمور
97- سڪندر اعظم سومرو دائود ڳوٺ 98- شفيع محمد رند
گل شريف 99- عبدالله ڪوڀر جلال پور 100- عاصم رضا
شاهه هنڱورو
*سيد اسدالله شاهه گمبٽ- ساجده پروين مهيسر ڪشمور-
حيدربخش بڇيري- سڪندر علي هليو ڏوڪري- عبدالله سن-
عمل ڪمار جسراڻي فقير- سلطان زمان قريشي ٺٽو- نسيم
الغني قريشي هالا پراڻا- شهبيگ بهراڻي هوت خان
بهراڻي- علي نواز ميمڻ سرهاري- اعجاز احمد مهر
پراڻو سکر- نور محمد نور ڪنڀر عمرڪوٽ-
عطاءالمجتبيٰ چنو نصيرآباد- ممتاز علي شاد ڪشمور-
غلام اڪبر منگي هالا- سيد سلام الله شاهه ٺٽو-
عبدالستار جوکيو لکي غلام شاهه- شاهنواز ميراڻي
گڊو بيراج- غلام قادر ٽالپر ٺٽو- اسدالله تنيو
سکر- آفتاب حسن سومرو محرابپور- سڪندر اعظم جمالي-
گل افشان رضا سومرو سکر- بخشل بروهي بڇيري- توفيق
حيدر ڳوٺ پريل تنيا- خدا بخش رند سڪرنڊ- علي رضا
عمراڻي سجاول- عبدالحنيف مانجهند- نجت الله شاهه
بخاري هنڱورو- وزير خان آدم پهنور- رجب شعبان
ڪلوڙ- گهنشام پرڪاش لنڊ ڪشمور- مير محمد شيخ
خيرپور ميرس- محمد دائود ڪيريو شهدادپور- شمشاد
علي ابڙو ابڙا بڪاد- محبوب علي بروهي ٺٽو- مير
عبدالجبار سعيدو باغ- غلام حيدر ڀنگر ميرپورخاص-
مختيار احمد زئونر سڪرنڊ- رحمت جوڻيجو راڌڻ- اي
ستار سنڌو رڪ شريف- عظيم جروار ڊگهڙي- غفور احمد
عباسي ڇتو چنڊ- اياز حسين جوکيو محرابپور- غلام
حيدر جروار ٽنڊوالهيار- نديم علي شيخ لاڙڪاڻو-
پرنس الله بخش لاکو سڪرنڊ- ممتاز علي بوزدار کپرو-
عنايت الله جمالي هالا- افشان ناز ڀنڀرو بڇيري-
اعظم علي لاکو سڪرنڊ- حميدا سومرو راڌڻ- معراج
احمد عباسي لاڙڪاڻو- گرمکداس حيدرآباد- عائشه ڏيرو
ميهڙ- مارئي مڱريو سکر- عبدالحڪيم اڪرو- عبدالوحيد
ڪلوڙ عادلپور- دانيال حسين آباد گدو- محمد ياسين
اڪو بوزدار- پرنس ديارام ميرپورخاص- يار محمد
گولاٽو ڪنڌڪوٽ- عبدالغني درس غالب کيبر- حسين بخش
ڇٽو سٺ ميل- محمد بخش مراد جوڻيجو نئون ديرو- انور
علي بڙدي ڪورڪي- فريد حسين هيسباڻي نئون ديرو-
ارشاد احمد سيال ڪنڊيارو- غلام نبي سنديلو ڏوڪري-
احمد نور گاڏهي ميهڙ- منظور احمد عباسي قمبر- شاهد
حسين کوسو ميهڙ- ڪلثوم سومرو ميرپور ٻرڙو- فرمان
علي چانڊيو فريدآباد- سعيد احمد چنو شڪارپور-
راحيلا حميدا ميرجت- عبدالرحيم جوکيو مڪلي- امان
الله چانڊيو مٺياڻي- محمد اسلم سومرو ٽنڊو ڄام-
داد محمد گڏاڻي ميرپورماٿيلو- فقير غلام محمد
حيدري انب فقير- حسين بخش آريسر سلطان آباد- زڪريا
فاروق گهانگهرو ڪنڊيارو- خليل الرحمان شهدادڪوٽ-
داد محمد گڏاڻي خانپور مهر- محمد يعقوب ڊهيو نئي
ٻڍ- آفتاب بانو قريشي سجاول- عبدالرافع شيخ
شهدادڪوٽ- عاصي ممتاز شر ٺري ميرواهه- جاويد علي
کتري تلهار- سلمان ابراهيم ڏيپلو- عبدالرشيد مهيسر
ڪشمور- مير محمد جوڻيجو سرڪاري کوهه- ارجڻ ڪمار
مکڻ سمون- محمد سالم ڏاهري ڊگهه بالا- ميهار سٺيو
سعيد متو شاهه- اصغر علي سٺيو سعيد متو شاهه- زاهد
احمد جاني- راجا اشوڪ ڪمار جيمس آباد- صابر حسين
هيسباڻي ڏوڪري- بابو لعل مهيشوري ميرپوربٺورو-
لڄپت سنڌو مٺي- نياز علي شاهه سکر- هرگون لعل مٺي-
عبدالرشيد تنيا بقا شاهه- افتخار الحق ڳاڙهي موري-
اعجاز علي شاهه ٽنڊو گل شاهه- محمد عرس ناريجو
نئون ديرو- نظير حسن لغاري ميرپورخاص- ممتاز علي
کوکر ٺٽ ڳوراهو- ايم رمضان سيلرو نم شريف- الله
جڙيو سٺيو عبدالرحيم ڪاتيار- رسول بخش قاضي ماڪن
ڪوري- غلام اصغر چانڊيو لاڙڪاڻو- پير بخش مهر
لوهي- ظهور احمد ڪلوڙ عادلپور- وفا زاهد حسين
مهيسر ڪنڊيارو- منور حسين ڪلو ڪنڊيارو- امين مهتمم
لوهي- محمد نديم ميمڻ ڪنڊيارو- حبيب الله سومرو
نواب شاهه- عبدالحڪيم ٻگهيو وارهه- بي بي شازيه
پاٽولي حيدرآباد- فارينه نور احمد يوسفاڻي ڏيپلو-
راجا رسول بخش قاضي ماڪن ڪوري- مسعود احمد جوڻيجو
ڏيپلو- محمد وليد ميمڻ پيٽارو- ذوالفقار علي ڏوٻل-
محمد عظيم ٺارو شاهه- علي رضا لغاري ڇور- نويد
عباس سجاول- نديم خان تنيو ڪنڊيارو- عبدالستار
جمالي چوهڙ جمالي- انور آزاد مهر لاکو لنجاري-
الطاف حسين سمون سلطان آباد- فقير محمد جت نئون
ديرو- سليم رضا چانڊيو شهدادڪوٽ- شهديو ڪمار
ڏيپلو- سڪندر علي محبت ديرو- رسول بخش رند بڇيري-
محمد شعبان ڪلوڙ گهوٽڪي- اشفاق احمد ميمڻ هنڱورجا-
فرمان علي تنيو ڳوٺ تنيا- عطاءالله سومرو آباد
لاکا- محمد قاسم شيخ ڏوڪري- منظور علي مغيري قمبر-
موهن لعل صبوجا ڏوڪري- مير حسن بروهي ٺٽو- بخشل
خان سومر ميهڙ- ضمير حسين شيخ سکر- رستم علي رند
ڪراچي- امداد علي ڳوٺ تنيا- ڀڳوان ڏيپلائي ڏيپلو-
طبيبه خاتون ڪڍڻ- ظهور احمد ڪلوڙ گهوٽڪي- فقير
محمد جت
رتوديرو- نثار احمد ڪلوڙ گهوٽڪي- ذوالفقار
هاليپوٽو ٽنڊوالهيار.
ججن جي فيصلي موجب هيٺين ٻارن جا مضمون پهريون ۽
ٻيو نمبر قرار ڏنا ويا آهن ٻنهي ٻارن کي انعام ۾
ڪتاب موڪلبا.
1-
لال لکواڻي ڪلاس نائون اي، گورنمينٽ هاءِ اسڪول
مٺي.
2-
سليم الله اسلم سومرو ميرڪ گمبٽ.
ٻه سئو رپين جي شاندار ورڇ
گل ڦل خال ڀريو 14 جو نتيجو ظاهر ڪيو ويو
هيٺين ٻارن جا جواب صحيح آيا آهن. کين حصي آهر 20
ٻارن کي انعام ڏبو.
نوٽ: اٽڪل ٽي هزار ٻارن جا جواب صحيح آيا آهن. سڀ
نالا شايع ڪرڻ مشڪل آهن، ان لاءِ 20 انعامي نالا
شايع ڪجن ٿا.
جواب: 1000
=
8+8+8+88+888
1.
صفدر علي سهتو ڪلاس نائون سي گورنمينٽ هاءِ اسڪول
ڪنڊيارو
2.
خادم حسين شيخ ڪلاس چوٿون پرائمري اسڪول ڪوٽ ميرس
3.
سعيد احمد گلال ڪتب فروش راڌڻ اسٽيشن
4.
عبدالرحيم دايو ڪلاس ڇهون ڊي پراونشلائيوڊ هاءِ
اسڪول ڏهرڪي
5.
محمد هاشم سومرو ڪلاس ستون بي گورنمينٽ هاءِ اسڪول
جوهي
6.
ارشاد گل سومر ڪلاس نائون بي جوهي
7.
محمد مراد جويو ڪلاس ڇهون سي هاءِ اسڪول وارهه
8.
منظور احمد سومرو ڪلاس نائون گورنمينٽ هاءِ اسڪول
ڀيلار پنوعاقل
9.
فاروق احمد راشدي ڪلاس ستون اي گورنمينٽ هاءِ
اسڪول نئون ديرو
10.
عبدالله شاهاڻي ڪلاس ڏهون هاءِ اسڪول سن
11.
عباس علي لاشاري ڪلاس ڇهون سي هاءِ اسڪول ڳڙهي
ياسين
12.
سڪندراعظم ڪلاس ڏهون هاءِ اسڪول بکر جمالي نيو
سعيدآباد
13.
حق نواز جتوئي ڪلاس اٺون بي هاءِ اسڪول-2 شڪارپور
14.
سنڌو لغاري سيٽ لائيٽ ٽائون سينٽ گرامر اسڪول
ميرپورخاص
15.
نصرالله ميمڻ ڪلاس نائون بي هاءِ اسڪول سجاول
16.
ڇڳن لال مالهي ڪلاس ستون هاءِ اسڪول صوفي فقير
وايا ڍورو نارو
17.
شمن جوڻيجو ڪلاس پنجون پرائمري اسڪول دڙا وايا
باڊهه
18.
سعيد احمد نظاماڻي ڪلاس نائون هاءِ اسڪول ٽنڊو
قيصر وايا ٽنڊو ڄام
19.
رسول بخش رونگهو ڪلاس نائون الف هاءِ اسڪول ڪشمور
ڪالوني-1
20.
عباس علي لاشاري ڪلاس ڇهون سي هاءِ اسڪول ڳڙهي
ياسين.
گل ڦل خال ڀريو- 16
ٻه سئو رپين جو انعام
اسان وٽ پهچڻ جي آخري تاريخ 28 اپريل 1989ع آهي.
گل ڦل خال ڀريو جا هيٺيان اصول ۽ شرط آهن.
1.
رسالي ۾ شامل گل ڦل خال ڀريو حصو ڪٽي موڪلڻ گهرجي.
2.
ويهن کان مٿي جواب صحيح اچڻ تي صرف ويهن ٻارن کي
انعام ڏبو، باقي نالا شايع ڪبا.
3.
گهڻا ”نوجوان“ ٻارن جي سلسلي ۾ حصو وٺن ٿا. ان
لاءِ فيصلو ڪيو ويو آهي ته جيڪي، ٻار اسڪول جي
ائڊريس موڪليندا، انهن کي انعام موڪلبو.
4.
ايڊيٽر جو فيصلو آخري هوندو، ان کي ڪير به چيلينج
ڪري نٿو سگهي.
گل ڦل خال ڀريو- 16
1.
اريلمرورنر ميڪڪو لم........ سن ۾ وٽامن ڊي دريافت
ڪئي.
2.
سنڌ ۾ ست يونيورسٽيون هي آهن.........
3.
سج هڪ سيارو آهي_ يا ستارو؟،
4.
منصور ثاني مشهور شاعر......... کي چوندا آهن.
5.
عطارد سج جي چوڌاري.............. ڏينهن ۾ چڪر
پورو ڪندو آهي.
موڪليندڙ جو نالو: |