ڀلا هي
وڻ
ڏسو
جنهنجون لامون
هيٺ
زمين
طرف
جهڪيل آهن،
ٻارو
هي
وڻ فرمانبرداريءَ
جو
وڻ آهي،
پاڻ
سڳورا پنهنجي
محبوب الله
پاڪ
۽
پنهنجي مائيٽن
جا
بيحد فرمانبردار
هئا،
اوهان به
پنهنجي والدين،
استادن ۽ وڏڙن
جا
فرمانبردار ٿي رهندؤ
ته
ان وڻ
وانگر سدا
سرسبز ۽ گهاٽا
رهندؤ.
چڱو
ٻارو!
اسين
ٿڪيا
ته نه
آهيون، پر
رهيل
باغ وري
ٻئي
دفعي،
پر ياد
رکو،
کنيل
ٻوٽن
جي سنڀال
صحيح
ڪجو،
موڪلاڻي
ڪانهي، سدائين
گڏ.
رشد ارشد
قرآن
مجيد
ديس اسان
جو
پاڪستان،
۽
دستور اٿس
قرآن!
ڪرتون
تلاوت روز
سندي،
رب جا
منجهس آهن
فرمان!
آهي خزانو
عظم
ڀريو،
ڇا
ٿو
پڇين
قرآن جو
شان!
جنهن کي
ڪونهي چاهه
سندو،
اڻ پورو
آهيس
ايمان!
حق، ناحق
کي
ڌار
ڪري!
ان لئه
ان
کي
چون فرقان!
شرڪ جي
معافي
ڪانهي ڪا!
الله جو
آهي
اعلان!
ڏئي
توفيق خدا
مون
کي،
سِر، ساهه
صدقي
جان قربان!
موت اچيم
شهادت جو،
”ارشد“
دل
۾ اٿم
ارمان!
اشرف زمان
پير چنڊامي
حمد
رب جليل
حمد ۽ تنهنجي
ثنا
هر پل
لکان
لکندو رهان،
گيت تنهنجي
شان
۾
ٺاهي
چوان چوندو
رهان.
چيز هرڪا
ٿي
ڏئي
دعوت
اوهانجي فڪر
جي،
چيز هر
ڪنهن
ڏي
سدا
ويٺو
ڏسان
ڏسندو رهان.
راهبر جنهن
راهه
جو آن
پاڻ
تون تنهنجو
رسول
صه،
راهه اهڙيءَ
ته
هميشه مان
هلان
هلندو رهان.
جو ڪري ساراهه
تنهنجي وات
انهيءَ جو
مٺو،
ڌيان
سان
تعريف تنهنجي
پيو
ٻڌان
ٻڌندو
رهان،
تنهنجي خاطر
جا
اچي تڪليف
سر
تي سا
ڀلي،
سور سي
سرتي
سڀئي خوش
ٿي
سهان
سهندو رهان.
موت اشهد
جي
اچي
ڪلمي سان
بس
ٻيو
ڇا
کپي،
سو دفعا،
جي
موت اهڙي
سان
مران مرندو
رهان.
لم يلد
سندي
اخلاص سورة
بااليقين،
صدف ۽ ايمان
سان
پيو ٿو پڙهان
پڙهندو رهان.
يا خدا
اشرف
دعا توکان
گهر
ٿو
هي سدا،
جيئن ٿو اڄ
ملان
کلان
هر پل
ائين
کلندو
رهان.
ڊاڪٽر
عبدالجبار جوڻيجو
قُوقُولِي
قُوقُو
ماسي
مَرجان وٽ
هڪ
وڏو مرغي
خانو
هو، اُن
۾
ڪيتريون
ئي
بدڪون
ڪُڪڙ ۽ چوزا
وغيره هئا،
هوءَ
انهن جي
تمام
گهڻي
ڌيان ۽ محنت
سان
سنڀال
ڪندي هئي.
اُنهن ۾ هڪڙو
ڪڪڙ
هو،
جنهن جي
ڳاڙهي
ڊگهي
۽
وڻندڙ چؤنر
هئي.
اُن
جو
پڇ به
وڻندڙ ۽ رنگا
رنگ
هو.
هو
تمام
مغرور هو
۽
ڪنهن
جي
ڳالهه
تي
ڌيان ئي
نه
ڏيندو
هو.
اُن
ڪُڪڙ
جو
نالو قُوقُولِي
قُوقُو هو.
هر
شام
جو سج
لهڻ
وقت ماسي
مرجان تاڙي
وڄائي سڀني
کي
ٻچڪاريندي
چوندي هئي:
”ڪِيش
ڪِيش!!
آرام
جو
وقت آهي.
هلو
اندر.“
ماسيءَ
جو
آواز ٻڌڻ سان
سڀ
بدڪون،
ڪڪڙيون، ڪڪڙ ۽ چوزا
اندر
پنهنجين پنهنجين
مقرر
جاين ۽
کُڏين ۾ هليا
ويندا هئا،
پر
قوقولي قوقو
اصل
ڪن
ته
ڏيندو هو
۽
وڏي
مشڪل
سان ماسي
مرجان کيس
ڌِڪي زبردستي
کڏيءَ
۾
بند
ڪندي هئي.
اهڙي
ئي
هڪ شام
ماسي
مرجان سڀني
کي
سڏي
رهي هئي.
ٻيا
ته
سڀ اندر
ويا،
پر قُولي
قُوليِ قُو
قُو
نه آيو،
۽
اڱڻ
۾
گهمندو رهيو.
ماسي
مرجان چيو:
”قوقو
لي قوقو!
ٻڌءِ
ڪونه!!
جو
چيم ته
آرام
جو وقت
آهي،
کُڏي
۾
ڇو
نٿو وڃين؟“
قوقولي
قوقو
چيو:
”ٻڌم!
پر
دل
نٿي چوي“
ماسي
مرجان چيو:
”عجب
آهي!
آءُ
هاڻي
سڀ
کڏيون ۽ مرغدان
جو
در بند
ٿي
ڪريان،
پوءِ
تون
ٻاهر ميدان
۾
رهجي
ويندين.“
پر
هُن
هڪ نه
ٻڌي
۽
چيائين:
”منهنجي
به
اهائي مرضي
آهي.“
ماسي
مرجان هڪ
ڀيرو
وري
به چيو:
”قوقولي قوقو!
ڌيان
سان
ٻڌ!!
رات
ٿيڻ
واري
آهي.
سردي
وڌي
ويندي ۽ تون
سيءَ
۾
اڪيلو هوندين،
ڪڪر
به
ڇائنجي
ويا آهن.
مينهن اچي
ويو
ته ڀڄي پوندين!“
ڪڪڙ بي
پرواهيءَ سان
جواب
ڏنو:
”واه
واه!
آءُ
هيڏو
وڏو ۽ طاقتور
آهيان!!
مون
کي
سيءُ
ڇو
ٿيندو،“
ماسي
آخر
ڪڪ
ٿي
هلي ويئي
۽
مرغي
خاني جو
در
بند ڪري وڃي
پنهنجي ڪم کي لڳي.
قوقولي
قوقو
ٻاهر
اڪيلو رهجي
ويو
۽
ميدان ۾ گهمندو
۽
راند
کيڏندو
رهيو.
ڳئون،
رڍون، ۽
ٻڪريون به
ڌنارن
سان
گڏ
موٽي
وٿاڻن ۾ آيون،
هر
ماڻهو پنهنجي
پنهنجي گهر
۾
قابو
ٿي
ويهي رهيو.
قوقو
لي قوقو
ڦونڊجي
چيو:
”هي
ڪڪڙ
ڪيترا بيوقوف
آهن،
جهٽ پٽ
وڃي
کُڏين
۾
لڪا ۽ وڃي
ستا!
هي
ٻاهر جو
مزو
نه وٺي
سگهيا.“
هو
پنهنجي
فيصلي تي
خوش
هو ۽ سوچڻ
لڳو
ته
”چڱو
ڪيم
جو
ماسي مرجان
جو
چيو نه
مڃيم.“
ٿورو
وقت ئي
نه
گذريو هو
جو
چوڌاري خاموشي
ڇانئجي
ويئي.
آهستي
آهستي جاين
جون
بتيون به
وسامي ويون
۽
هر
طرف اونڌهه
ٿي
ويئي.
هو
بلڪل اڪيلو
ٿي
ويو.
ٿوري
دير ۾ سندس
همت
به جواب
ڏيڻ
لڳي
۽
ڊڄڻ
لڳو.
مينهن
جي
ڦڙ
ڦڙ
به شروع
ٿي
ويئي
۽
ٿوري
دير
۾
مينهن تيز
ٿي
ويو،
قوقولي قوقو
هيڏانهن هوڏانهن
پناهه
ڳولهڻ لڳو
ته
ڪنهن
طاق هيٺ
يا
اوٽ ۾ لڪي،
لڪڻ
جي اهڙي
جاءِ
مليس، جنهن
۾
پنهنجو اڌ
بدن
مس لڪائي
سگهيو ۽ باقي
اڌ
مينهن ۾ پُسندو
۽
آلو
ٿيندو
رهيو.
گهڻو
ڦريو
جيئن
پسيل پاسو
سڪائي،،،، پر
وريو
ڪجهه
به نه،
عرض
ته مينهن
۽
سرديءَ کيس اهڙو
سانوڻ
ڪيو
جو گپ
۾
ڪري
پيو.
ٻئي
ڏينهن
صبح جو
ميدان تي
ڪا
شي
مينهن ۾ پسيل
پيل
نظر آئي
ٿي،
هو
قوقولي قوقو
هو.
ماسي
مرجان
ڊوڙندي آئي
۽
کيس
گهڻي
پيار سان
کڻي
اندر
ويئي ۽ گرم
ٽوال
۾
ويڙهائين، گرم
پاڻي
جا
ڪجهه ڦڙا به
وات
۾
وڌائيندس.
آهستي
آهستي حالت
سڌرندي ويس.
اُن
کان
پوءِ
ٽوال مان
ٻاهر
نڪري
هليو ويو.
ان
کان پوءِ
ماسي
مرجان جڏهن
هر
شام جو
اڃان
ڪڪڙن
۽
بدڪن کي اندر
سڏڻ
لاءِ رڳو
چوندي هئي:
”ڪِيش
ڪِيش!
آرام
جو وقت
آهي.“
ته
قوقولي
قوقو سڀني
کان
اڳ
اندر پنهنجي
کُڏي
۾
هليو
ويندو هو،
ڇو
جو
هُن نادان
۽
بي
چيو هجڻ
جي
سزا
ڀوڳي هئي.
(فارسيءَ
مان
ترجمو)
غلام مصطفى
سولنگي، شڪارپور
سڄي
دنيا جي
ٻارڙن
جي
ماءُ
مڌر
ٽريسا
نفرتن
کي
کڻي
ڪيترو
به
پکيڙيو، بک
۽
غربت
کي
ڀلي
عام ڪيو،
پر
پوءِ
به،
پيار
جا
ڏيئا وسامي
نه
سگهندا ۽ پيار
جي
لاٽ
ٻاريندڙ،
هميشه جاڳندا
رهندا.
هي
آواز
دنيا جي
ان
عورت جو
آهي،
جنهن پنهنجي
زندگي
ڏکايل انسانن
جي
خدمت لاءِ
ارپي
ڇڏي
آهي، سندس
عمر
هن وقت
اٽڪل
ڇهاسي
سال آهي،
پر
پوءِ به
هوءَ
پنهنجي ارادن
وانگر اٽل
۽
همت
ڀري
آهي، عام
طرح
ڇهاسي
سالن تائين
پهچندي پهچندي
هَٿ
پير جواب
ڏئي
ويندا آهن،
همت
۽
طاقت
موڪلائي
ويندي آهي،
گهمڻ
لاءِ لٺِ،
ڏسڻ
لاءِ
عينڪ،
کائڻ لاءِ
ٻٽيهي
۽
صحت
لاءِ دوا
ضروري ٿي ويندي
آهي.
ان
عمر
جون عورتون
هن
دنيا کان عملي
طرح
ڪٽجي
پنهنجي اولاد
جي
سهاري تي
هلنديون آهن،
پر
مڌر ٽريسا
اڄ به
پوري
جوش ۽ جذبي
سان
انسانيت جي
ڏکن
کي
سکن
۾
بدلائڻ لاءِ
ڏينهن
رات
پاڻ پتوڙي
رهي
آهي.
مڌر
ٽريسا 27
آگسٽ
1915ع
۾ اڳوڻي
يوگو
سلاويا جي
هڪ
ڳوٺ
”اسڪوپجي“
۾
پيدا
ٿي.
سندس
اصل
نانءُ ايگنز
آهي،
هن جي
پيءُ
ماءُ جو
تعلق
البانيا سان
هو،
جيڪي شاديءَ
کان
پوءِ
يوگو سلاويا
۾
هجرت
ڪري
آيا هئا،
ٽريسا
سميت
کين
ٽي
ٻار
هئا.
مڌر
ٽريسا
جو
والد هڪ
خانگي اداري
۾
ٿوري
پگهار تي
ملازم هو،
ان
ڪري
سندن گذارو
ڏکيائيءَ
سان
ٿيندو
هو.
ننڍڙي
ٽريسا
گهڻو
عرصو غربت
۾
گذاريو هو،
اهوئي سبب
هو،
جو سندس
دل
۾
غريبن جي
خدمت
جو جذبو
ننڍي
هوندي کان ئي
جاڳيو هو
۽
جڏهن
هوءَ
ٻارهن سالن
جي
ٿي
ته سماجي
ڀلائيءَ
جي
ڪمن
۾
بهرو وٺڻ
لڳي.
هوءَ
1949ع
۾
ڪلڪتي
آئي، جتي
هن
سينٽ ميري
هاءِ
اسڪول ۾ جاگرافي
پڙهائڻ شروع
ڪئي
۽
پوءِ
ڪيترائي
ورهيه ان
اسڪول جي
پرنسپال به
رهي.
ڪلڪتي
۾
هن غربت،
بک
۽
بيماريءَ وگهي
انسانيت کي تڙپندي
ڏٺو
۽
پوءِ
پاڻ کي ان
انسانيت تي
ڏکن
ڏولاون
کي
ختم ڪرڻ جو
فيصلو
ڪيائين.
ڀلائيءَ
جي ڪم جي
شروعات ننڍڙي
پيماني تي
ڪئي
وئي.
سندس
پنج
ڇهه
سهيليون هيون،
جيڪي
ساڻس گڏجي
غريبن لاءِ
کاڌو
۽
دوائون گڏ
ڪنديون
وتنديون هيون،
پوءِ
آهستي آهستي
سندن
ڪم
وڌندو ويو
۽
اڄ
هزارين سسٽرز،
برادرز، پادري
۽
رضاڪار بک،
غربت
۽
بيماريءَ سان
وڙهي
رهيا آهن.
هزارين بيمارن،
بکين
۽
بي گهرن
لاءِ
گهر
ٺاهيا ويا
آهن.
مڌر
ٽريسا
جا
اهي گهر
نه
صرف هندستان
۾
اڏيل
آهن، پر
ٽئين
دنيا
جي ڳچ ملڪن
۾
پڻ
بي اجهن
کي
اَجهو مهيا
ڪيو
ويو
آهي.
ان
سموري
ڪم
جو مقصد
فقط
الله پاڪ
جو
انسانيت جي
خدمت
ذريعي راضپو
حاصل
ڪرڻ
آهي.
مڌر
ٽريسا
غربت
سان مهاڏو
اٽڪايو بيٺي
آهي.
شهرت
۽
انعام جي
لالچ
۾
نه،
پر
فقط
الله جي
رضا
حاصل ڪرڻ لاءِ،
اهو
الله
جيڪو هڪ
اٽل
سچائي آهي،
جيڪو
سراپا محبت
آهي،
جيڪو
ٻاجهارو
آهي،
جيڪو
انسانن سان
تمام
گهڻو پيار
ڪري
ٿو.
تنهن
ڪري
اسان
کي
به انسانن
سان
پيار ڪرڻ گهرجي.
هن
نفسانفسي
۽
خود غرضيءَ
واري
دور ۾ هر
ڪو
ماڻهو پنهنجي
معاشي خوشحاليءَ
۽
پئسن
ڏوڪڙن
جمع ڪرڻ جي
ڪوشش
۾
رُڌل
آهي.
پر
مڌر
ٽريسا
دنيا دولت
کان
نفرت
ڪري
ٿي.
سندس
خيال
۾
انسانيت جي
خدمت
ئي انسانيت
جي
اصل معراج
آهي.
هن
جو
چوڻ آهي
ته،
”اسان
جي
دنيا ۾ اصل
مقصد
الله پاڪ
جي
عبادت ۽ انسانن
جي
خدمت هجڻ
گهرجي، الله
سائين انسانن
سان
تمام گهڻي
محبت
ڪري
ٿو،
ان ڪري اسان
کي
به
ائين ئي
ڪرڻ
گهرجي، غريبن
جي
ڏکن
کي
ختم ڪرڻ ۽ کين خدا
جي
ڏني
۾
ڀاڱي
ڀائيوار
بنائڻ ئي
وڏي
عبادت آهي.“
مڌر
ٽريسا
جي
زندگيءَ جو
اصل
مقصد به
اهو
ئي آهي.
ان
مقصد کي آڏو
رکندي هيل
تائين هڪ
سئو
اسڪول
کوليا ويا
آهن،
جن ۾ ويهن
هزارين کان مٿي
ٻارڙا
تعليم حاصل
ڪري
رهيا
آهن، ان
کان
سواءِ
260
اسپتالون
کوليون
ويون
آهن، جتي
هر
سال لکين
نِڌڻڪن
ٻارن جون
زندگيون بچايون
وينديون آهن.
”شيشُو
ڀَوَن“
نالي
چاليهه يتيم
گهر
ٺاهيا
ويا آهن،
جن
۾
فوٽ پاٿن
۽
روڊن
رستن تي
ڌڪا
کائيندڙ
۽
گند
ڪچري
جي
ڍيرن تي
رڙيون ريهون
ڪندڙ
بي
سهارا
ٻارن کي پاليو
ويندو آهي.
گڏوگڏ اهڙن
ٻارن
کي
پڻ
پاليو ويندو
آهي،
جن کي پيءُ
ماءُ
نه
کاڌو
کارائي سگهندو
آهي
۽
نه سندن
علاج
ڪرائي
سگهندا
آهن.
هر
يتيم
گهر ۾ اٽڪل
هزارکن
ٻارن کي
کاڌو ڏنو ويندو
آهي.
جيڪو
سڄي رات
۽
سڄي
ڏينهن
انهن
ٻارن لاءِ
رڌيو
ويندو آهي.
هڪ
ويلي تي
ساڍا
ست مڻ
چانور، ڇهه سئو
آنا،
۽
سوا ڇهه مڻ
سبزي
رڌي ويندي
آهي.
مڌر
ٽريسا
کي
ٻارن
سان
بيحد پيار
آهي.
هيءُ
انهن
سڀني
ٻارڙن کي پنهنجو
اولاد سمجهندي
آهي.
سندس
چوڻ
آهي ته
”ٻارڙن
کي
مانيءَ کان سواءِ
هڪ
ٻي
شئي جي
به
سخت گهرج
آهي،
سا آهي
پيار
اسان
کين
ججهو
پيار
ڏيندا آهيون.“
گذريل
چاليهن سالن
دؤران هن
بيواهه عورتن
لاءِ
35
گهر،
41
ڪوڙهه
مرڪز
۽
121
موبائيل اسپتالون
کوليون
آهن،
ان کان سواءِ
(Gift of Love)
(پيار
جي سوکڙي)
نالي سان
ويهن
بسترن جو
ايڊز
مرڪز پڻ
کوليو
ويو
آهي، جتي
ايڊزسَٽيل
مريضن جو
علاج
ڪيو
ويندو آهي.
مڌر
ٽريسا
هندستان جي
چاليهن شهرن
۾
ڀلائي
جا
ڪم
ڪيا
آهن ۽ هاڻي
ته
سندس ڪم سري
لنڪا،
فلپائن، نيپال،
مينامر (برما)،
آسٽريليا، برازيل،
انگولا، ميڪسيڪو
۽
وچ
ايشيا تائين
پکڙجي چڪو
آهي.
انهن
خدمتن جي
صلي
۾
کيس
1989ع
۾
نوبل امن
انعام پڻ
ڏنو
ويو
هو، سچ
پچ
ته هوءَ
دنيا
۾
امن ۽ پيار
جي
ديوي آهي.
مڌر
ٽريسا
۽
سندس
هزارين سسٽرز
۽
برادرز وقت
کي
وڏي
خيال سان
خرچ
ڪندا
آهن.
اهي
سڀئي
صبح جو
ساڍي
چئين کان پنجين
بجي
تائين دنيا
۾
امن
۽
خوشحال ۽
ڀائيچاري جي
دعا
گهُري ويندي
آهي.
دعا
کان
پوءِ
ٻه
ڪلاڪ
الله پاڪ
جي
عبادت ڪئي ويندي
آهي،
ستين بجي
نيرن
۾
هڪ ڪوپ چانهه،
ٻه
اُڦراٽا، هڪ
آنو
۽
هڪ
ڪيلو ڏنو
ويندو آهي.
اٺين
بجي کان هرڪو
پنهنجي ڪم ۾ جُنبي
ويندو آهي،
ڪو
ٻارن
کي
پڙهائيندو آهي
ته
ڪو
علاج
ڪندو آهي
۽
ڪي
وري
موبائيل
ڪلينڪ هلائڻ
لاءِ
شهرن ۽
ڳوٺن
ڏانهن نڪري
ويندا آهن.
منجهند جو
سَوا
ٻارهين
جي عبادت
کان
پوءِ
منجهاندو ڪيو ويندو
آهي.
مانجهاندي
۾
چانور، ڪڻڪ جي
ماني، گوشت
مڇي
۽
سبزي هوندي
آهي.
وري
شام
جو
ڇهين بجي
کان
پوءِ
اسپتالن ۾
ٻارن جي
سار
سنڀال لڌي
ويندي آهي.
ست
وڄي
پنجاهه منٽن
تي
رات جي
ماني
کاڌي
ويندي آهي،
نائين کان
ڏهين بجي
تائين عبادت
ڪئي
ويندي آهي،
۽
ڏهين
بجي
کان
پوءِ هر
ڪو
ننڊ
ڪرڻ
لاءِ هليو
ويندو آهي.
باقي
مڌر
ٽريسا هڪ
بجي
تائين دفتري
ڪم
ڪار
ڪندي
رهندي آهي.
حيرت
آهي، جو
ان
جي باوجود
به
هوءَ سڀني
ڪارڪن
وانگر وقت
تي
سجاڳ ٿي ويندي
آهي.
مڌر
ٽريسا
هن
ڌرتيءَ
تي
الله
پاڪ پاران
موڪليل هڪ
رحمت
آهي، ان
ڪري
هوءَ
خدا جي
خلق
سان محبت
ڪري
ٿي،
ان
محبت جي
اڻانگي سفر
۾
هوءَ
ڪڏهن
به ٿڪي ناهي،
هن
عظمت جي
بلندين
کي
ڇُهيو
آهي، ۽ خدا
پاڪ
جو راضپو
حاصل
ڪري
ورتو آهي.
مقصود
گل
الف
ب پٽي
سبق
چوٿون
”ک“
سان کوٽ نه
دل
۾
ڌاريون،
پلپل
پيار
ورهايون
جوت
ججهيري جڳ
۾
جرڪي،
ڏات جا
ڏيئا
ٻاريون،
ساڙ
حسد
آ
ڀڙڪا باهيون،
باهه
کان
پاڻ
بچايون.
”گ“
گلابي
گل
ٿو
مرڪي،
سهڻو
ڪيئن
سرهاڻ
کڻي،
پوپٽ،
ڀونئر،
ڀنڀوريون
اڏري،
واس
وٺڻ
لئه آيا،
پوپٽ
گل
جان سونهن
سنيها،
پيارن
کي
پهچايون.
”ڳ“
ڳوٺ
۾
ڳالهه
هُلي وئي،
ڊش انٽينا
آئي،
ان
کان بهتر
پياري سمجهو،
پيارا
ٻار
پڙهائي،
لکڻ
پڙهڻ
سان پيار
وڌائي،
سڀ
ڪجهه پوءِ
پرايون،
”گهه“
سان
گهر
۾
ڪِٽ
پِٽ گهپي،
مورُ
مناسب ناهي،
مانُ
وڏن
جو، پيار
ننڊن
سان،
گهر
کي
ٿو
مهڪائي،
خوشين
جا
گل هر
هنڌ
ورڇي،
هر
من
کي
مهڪايون،
”گ“
سان
سنڱ
سڃاڻون پنهنجا،
دشمن
کان
ڪيون
دوري،
پنهنجي
ڌرتيءَ
دل
واريءَ سان،
الفت
آهه
ضروري،
شاهه
لطيف
جا بيت
۽
وايون،
ڳليءَ
ڳليءَ ۾
ڳايون،
”ل“
لياقت
وارا
ٻالڪ،
وهوا
وڻندا آهن،
علم
ادب
اخلاق جا
زيور،
سهڻا
ٺهندا
آهن،
زينت
وارا
زيور پائي،
پنهنجو
پاڻ
سجايون
”م“
مٺي
آ
ماءُ اسان
جي،
جهوليءَ
۾
جنهن
پاليو،
اوجاڳ
اکڙين کي
ڏيئي،
ساري
عمر
سنڀاليو،
جيجل
جي
پيرن ۾ جنت،
تنهن
جنت
۾
جايون.
”ن“
نصيب
ته
ڀاڙي
ويهڻ،
ڪاهل جو
ڪم
آهي،
محنت
ماڳ
رسائڻ واري،
ڀاڳ ڇڏي بدلائي،
محبت
واريءَ محنت
سان
اڄ،
پنهنجا
ڀاڳ
بڻايون،
”ڻ“
اهي وڻ
ماحولي گدلاڻ،
گهٽائڻ
وارا،
سج
واري
اوزوني تهه
کي،
بيشڪ
سي
ته بچائن،
وڻ
وڻ
پوکي هر
هڪ
ٻالڪ،
وڻ
وڻڪار
وڌايون،
”و“
وڏائي
آڪڙ
ايڏي،
مور
نه
ٺهندي
آهي،
مغرورن
جي
چوٽي آخر،
هڪ
ڏينهن
ڊهندي آهي،
ڪنهن کي نيچ
نه
سمجهون
ٻارو،
سڀ
کي سيني
لايون.
”هه“
هوش
سنڀالي هلجي،
همٿ
سان
هر واري،
لوڀي
ٺوڳي
کوڙ
ڦرن
ٿا،
بچجي
تن
کان
بچجي،
همٿ
جا
هٿيار هٿن
۾،
ڦورن تي
ڦهڪايون،
”ء“
اندر
جي
آئيني کي،
رکجي
صاف
سدائين،
مرڪون،
جرڪون مک
تي
رکجو،
هردم
منهنجا سائين،
سڪ
سان
هي سنسار
سجائي،
محبت
مشڪ
کنڊايون،
”ي“
سان
ياد
جو پيا
هردم،
ننڍڙا
ٻار
نصيحت،
الفابٽ
۾
سمجهائي جا،
شاعر
آهه
حقيقت،
موتيو،
مگرو
رابيلي گل،
سنڌڙي
باغ
بڻايون.
اعجاز
اسد
پليجو |