سائين ٽيڪن مل پوءِ ٻارن کي ويهڻ لاءِ چيو، پر
پاڻ اُهو ئي بيٺو رهيو، ۽ ڏاڏيءَ سان ڳالهائيندو
رهيو، ۽ ڳالهائيندي ڳالهائيندي، هن منهنجي مٿي تي
هٿ رکيو، ۽ پوءِ نِوڙي، مون کي ٻنهي ڪڇن کان
جهليندي، مٿي کڻي، ميز تي بيهاريائين، ۽ منهنجي
ڀاءُ کي سڏيندي چيائين: ”عيسيٰ، هي تنهنجو ڀاءُ!“
وري مون کان پڇيائين: ننڍا”سِرائي، هتي پنهنجو ڪو
يار ڏسين ٿو؟“ (اسين ڳوٺ ۾ ”سرائي“ به سڏبا
هئاسين.) مون هٻڪي هٻڪي، ڀڻڪو ڪيو: ”ريوو!“ پوءِ
سائينءَ ريوي کي پاڻ وٽ سڏيو، ۽ ڪرسيءَ تي ويهي،
مون کي ميز تان لاهي، هڪڙي پاسي هڪڙيءَ ٻانهن سان
مون کي ڀاڪر پاتائين، ۽ ٻئي پاسي ٻيءَ ٻانهن ۾
ريوي کي ڀاڪر ۽ جهليائين، ۽ ريوي کان پڇيائين:
”هيءُ تنهنجو يار آهي؟“ اِتي ريوي مشڪي ڏنو ۽ ڪنڌ
لوڏي ’هائو‘ ڪيائين جنهن تي سائينءَ چيو: ”اوهان
ٻيئي يار آهيو!وڙهجو نه! سدا ياررهجو!“ پوءِ ميز
جو خانو کولي، سائينءَ اسان ٻنهي کي ٻ ٻه کٽمٺڙا
ڪڍي ڏنا، ۽ چيائين: ”هاڻي ٻيئي يار، اوهين وڃي
بينچ تي محمد عيسيٰ سان گڏجي ويهو!“ تنهن وچ ۾
ڏاڏيءَ جيڪا ٽٻڻي پتاشن سان ڀريل پاڻ سان آندي هئي
۽ اچڻ سان ميز تي رکي ڇڏي هئائين، اها سائينءَ کڻي
ادا عيسي کي ڏني ۽ چيائينس ته سڀني کي ورهائي ڏي!“
پوءِ هن سائينءَ کي پتاشا ڏنا ۽ سڀني ٻارن کي به
اُهي ورهائي ڏنا، ۽ پوءِ ڏاڏي مون کي اُتي اسڪول ۾
ڇڏي گهر هلي ويئي.
اِهو منهنجي اسڪول جو پهريون ڏينهن هو، بلڪ پهرئين
ڏينهن جون اِهي پهريون گهڙيون هيون، جيڪي منهنجي
دل تي پوريءَ طرح نقش آهن، ۽ تاحيات نقش رهنديون.
اسڪول جي اُن پهرئين ڏينهن جي تصويرن مان هڪڙي
تصوير سڀ کان پياري ۽ سڀ کان چِٽي منهنجي دل تي
ويٺل آهي. ۽ اُها آهي خود سائين ٽيڪن مل جي تصوير،
هو کير جهڙا اڇا ڪپڙا پائيندو هو-
ڊگهين موڪرين کليل ٻانهن، بُٽي ڪالر ۽ وچينءَ
بَريءَ وارو مردنو سنڌي چولو ڊگهو، ٿورو گوڏن کان
مٿڀرو، ۽ ويڪرن پائنچن وارو پائجامو پيرن جي ڀيڊن
تائين ڪاري رنگ جو سليپر ۽ ڪاري بخمل جي ٽوپي اُها
هن جي سدائينءَ جي پوشاڪ هئي. هو 25- 30 سالن جو
جوان مڙس هو، قد جو ڊگهو، ڪجهه سنهاڻ ڏانهن مائل،
رنگ جو ڪڻڪائون ڀورو هوندو هو. منهن سندس گول، نڪ
سنهو پورو پنو، پيٺل کاڏي، اکيون وڏيون ڪاريون،
پيشاني ڪشادي ۽ پوئتي گولائينمڙيل، ۽ وڏي ڳالهه ته
ڪَنَ هن جا ڪافي ڪجهه وڏيرا ۽ لؤندڙين کان پڌرا
ٻاهر نڪتل هوندا هئا. هو جڏهن منهن ۾ نهاريندو هو،
ته ڀانئبو هو ته ڪنهن عجب ۾ ورتل آهي ۽ سندس اکين
جي چمڪ مان ائين سمجهبو هو ڄڻ ماڻهوءِ جي منهن ۾
ڏسي، اُن ۾ ڪجهه ڳولي رهيو آهي. هن جو ڳالهائڻ به
خاص هو- آواز سنهو، ڪجهه ضرورت کان وڌيڪ اوچو،
تاءَ وارو ۽ تاهوت لائيندڙ، ڳالهائيندو هو ته به
پيو مشڪندو هو.ائين ٻڌائڻ لاءِ به آتو هو ۽ ٻڌن
لاءِ به آتو هو. سائين ٽيڪن مل کانسواءِ ٻيو مردن
۾ فقط منهنجو ڏاڏو مرهيات آهي، جن جون شڪليون،
قدبت۽ سڄِي اُنهن جي ڏک ۽ بيهڪ، منهنجي ننڍپڻ جي
ڏينهن جون ڏٺل، منهنجي اڳيان اڄ به ائين صاف ۽
جيئريون جاڳينديون بيٺل آهن، جو جيڪڏهن آءٌ مصور
هجان ته پنهنجي حافظي مان اڄ به اُهي هوند ڪنواس
تي هوبهو آڻي ٿو سگهان.
سائين ٽيڪن مل اسان جي ڳوٺ کان ڪي ويهارو ميل کن
پري آراضيءَ جي شهر جو ويٺل هو. هر ڇنڇر تي هو ڳوٺ
ويندو هو ۽ سومر ڏينهن صبح جي پهر موٽي ايندو
هو. موٽڻ تي هو پاڻ سان هڪ نه ٻي شيءِ ڪڏهن
ٻوراني، ڪڏهن چَوري، ڪڏهن مٺيون مانيون، ڪڏهن سَڱر
۽ بوندي، ڪڏهن رڌل ڪُم ۽ لوڙهه، ۽ اچڻ سان چوندو:
”امڙ هن ڀيري اوهان لاءِ هي ٽول ٺاهي ڏنو.“ ۽
ائين چئي، اُها شيءِ اسان سڀني ٻارن کي ٿوري
ٿوري ڪري ورهائي ڏيئي ڇڏيندو هو.
سائين ٽيڪن مل ميز جي خاني ۾ سدائين کنگهه لاءِ
چاٽي جي برني ۽ پڪل چاش جون ٽڪيون، جن ۾ ڪارا مرچ
۽ لؤنگ پيل هوندا هئا ۽اُهي به ٿڌ ۽ زڪام لاءِ
هونديون هيون، پاڻ وٽ رکندو هو. اُهي به هو گهران
آڻيندو هو ۽ چوندو هو ”هي منهنجي ڪاڪي جون ٺهيل
آهن.“ (اسان کي پوءِ خبر پيئي هئي ته هو پنهنجي
پتا کي ’ڪاڪو، چوندو هو.) اسان جي ڳوٺ ۾ سڄو سال،
۽ خاص ڪري سرءُ ۽ سياري ۾ ليس ۽ کنگهه ۽ سيءَ تپ
جون بيماريون عام هونديون هيون، ۽ مشڪل سان ڪو
ماڻهو اُنهن کان بچيل هوندو هو. (اڄ به جڏهن آءٌ
ڳوٺ ويندو آهيان- هاڻي اسان جو ڳوٺ لڪي آهي، ڇو
جو درياءَ اسان جو ڪچو کڻي ويو ۽ اسان کي ٻوڙي
ٻوڙي، پائي پائي، نيٺ پڪي تي نيئي، لڪيءَ جي
شهر ۾ وڃي آباد ٿيڻ تي مجبور ڪيو اٿس، تڏهن سڄي
رات پنهنجي گهر ۾ توڙي آسپاس جي گهرن مان رڳو
ماڻهن جي کنگهڻ ۽ کانگهارن جي اُڇل جا آواز پيو
ٻڌندو آهيان) سائين ٽيڪن مل اسان ڪلاس ۾ ويٺل ٻارن
مان ڪنهن کي کنگهندي ڏسندو هو ته هڪدم ميز تي پاڻ
وٽ سڏائي، پنهنجي پاسي ۾ بيهاري، چاٽو چٽائيندو
هو، ۽ جي ڏسندو هو ته ڪنهن جي کنگهه گهڻي آهي ته
اُن کي کنگهه جون ٽڪيون ڏيئي، ۽ ڪاڙهي جو نسخو لکي
گهر اماڻي ڇڏيندو هو، ۽ چوندو هوس: ”اميءَ کي چئج
ته اِهو ڪاڙهو ڪاڪي سکومل جي هٽ تان وٺي ڪاڙهي،
اُن ۾ مُستيءَ چپٽي وجهي، صبح سانجهيءَ توکي
پياري، ۽ جي تپ ٿي پويئي ته سمهي پئج، هيڏي هوڏي
نه رلج!“
تپاوليءَ جي موسم ۾، جنهن کي ڏاڏي مرهيات
”سُکاوليءَ جي موسم چوندي هئي، هر جمعي جي ڏينهن
پوئين پهر، سائين ٽيڪن مل اسان مان ويڙهي ويڙهي جو
هڪ هڪ ڇوڪرو گهرائيندو هو، ۽ انهن کي پاڻ سان وٺي
ڳوٺ جا الڳ الڳ ويڙهن ۽ آسپاس جي ڳوٺن ۾ ويندو
هو ۽ ماڻهن ۾ تپ جون ٽڪيون ورهائيندو هو، ۽ اُنهن
جو استعمال انهن کي ٻڌائيندو هو اُنهن ٽڪين
جانالا به اسان جي ڳوٺ ۾ مزي جا هوندا هئا. ڪي
اُنهن کي رڳو ’ڪڙيون ٽڪيون‘ به چوندا هئا. ڪنيون
ٽڪيون به چوندا هئا. پر هيون اُهي ڪوئنين جون
ٽڪيون. هڪ ڀيري ڪنهن مٿئين درجي جي ڇوڪري جي مُنهن
مان گفتو نڪتو: ”اِهي ناهن ڪنيون ناهن ڪڙيون، آهن
ٽڪيون ٽيڪن مل ّ جون!“ شايد پنهنجي ڪنهن وڏي کان
هُن اُهو گفتو ٻڌو هو، جيڪو ڪو زورِ چرچائي هو. پر
جيئن ئي اُهو گفتو اسان ٻارن جي ور چڙهيو، تيئن
اسان لاءِ اسان جي کل خوشيءَ ۽ رؤشني جو ڄڻ هڪڙو
نئون گس نڪتو. ۽ پوءِ ته ان تي ڪيئي گفتا ۽ ڪيئي
پد ٺهي ويا: ”ناهن ڪِنيون، ناهن ڪَڙيون، آهن ٽڪيون
ٽيڪن ملّ جون“ (”مل“ تي زور)- ڪنيون ناهن، ڪڙيون
ناهن (ڪڙيون ناهن، ڪنيون ناهن)، ٽيڪن مل جون ٽڪيون
آهن“. مون ته پوءِ دل ۾، توڙي پنهنجي مُنهن واٽ
ويندي ۽ پنهنجي گهر ۾ (جڏهن ڏاڏو گهر ۾ نه هوندو
هو) ڏاڍيان اُهو گفتو ڪي هزارين ڀيرا اُچاريو
هوندو هڪ ڀيري ته ڏاڏيءَ کان ان کي گهڻي ونڌڻ
ڪري، مار به کاڌيم، ۽ پوءِ گهر ۾ ان جي ونڌ ڇڏي
ڏنيم. اسين ڇوڪرا گڏجي ڪٿي اڪيلا ٿيندا هئاسين ته
زور سان لَئي ۾ ۽ جدا جدا نموني جي جهيل سان اُن
کي اچاريندا هئاسين. ٿيندي ٿيندي، اسان ۾ وري ”ڪتو
ٻڌي ڇيلو کا، ڇيلو ٻڏي ڇيلو کا!“ جهڙن وِ نڌ ڪاري
ٻولن وانگر ”ٽڪيون ٽيڪن مل جون، ٽيڪن مل جون
ٽڪيون!“ ”ٽڪن وارو !“ جا ٻول به عام ٿي ويا. ٽن،
چئن، پنجن جي ٽولي ٺاهي ويهندا هئاسون، هڪڙو ڏهن
، ويهن ، چاليهن تائين انگ ڳڻيندو هو، ٻيو تڪڙو
تڪڙو ٻول چوندو هو، ۽ ٽيون ڳڻيندو هو ته ڪنهن
ڪيترا ڀيرا اُهو ونڌيو يا دهرايو هو جنهن جو وچ
۾ ڪو ٽاڪاڻو پيو ته اُن جو اُهو وارو ختم. سائين
ٽيڪن مل ڪڏهن اسان جا اُهي رؤنشائي ٻول ٻڌي به
وٺندو هو، پر ائين ڪن لاٽار ڪري ڇڏيندو هو، ڄڻ هن
ڪجهه ٻڌوئي ڪونه هو، ۽ اسين هن کي ڏسي ائين چپ ٿي
ويندا هئاسين، ڄڻ اسان کي ڪا ماٺ بلا سونگهي ويئي
هئي.
هاڻي، آءٌ ٿو سوچيان ته سائين ٽيڪن مل جي ڪونئين
جون ٽڪيون ايڏيون ڇو اُنهن ڏينهن ۾ اسان وٽ واڪجي
يا واکاڻجي ويون هيون! هڪ ته اُهي انهن ڏينهن ۾
اسان وٽ نيون نيون آيون هيو، ٻيو ته سائين ٽيڪن
مل اُنهن کي ماڻهن ۾ ورهائڻ ۽ عام ڪرڻ ۾ گهڻي
پرجستائي ٿي ڪئي، ۽ ٽيون ته اُهي ٽڪيون ڪي ڪڙيون
هونديون هيون! بس جهڙيون زهر! ۽ وري اسين ننڍڙا
بار، خاص طرح، جو اُنهن جي ڳهَڻَ مهل ڪندا هائسون
کيٽو، اِنهيءَ ڪري هونئن جو آرام سان تارونءَ وٽ
رکي، پاڻيءَ جي ٻن ڍُڪن پيئڻ سان ڳِسي وڃن (جيئن
سائين ٽيڪن مل اسان کي سمجهائيندو هو) سي اسان جي
آتَن ڏيڻ سبب، يا پوريءَ ريت تارونءَ وٽ نه رکڻ
ڪري، جيسين اُهي گيسجي، اندرنڙگهٽ مان لنگهي، پيٽ
۾ وڃن ئي وڃن، تيسين مٿي وات ۾ ئي اُهي ڳَرڻ شروع
ڪري ڏينديون هيون، ۽ اسان جي زبان ته پوءِ اُنهن
جي ڪڙاڻ جا اسان کي مزا چکائي ڇڏيندي هئي! ۽
گهرن ۾ تپيل ٻارن جا هوندا هئا ٻوڪاڙن تي ٻوڪاڙ!
مٿان سائينءَ جي اُهائي ڌُم لڳي پيئي هوندي هئي:
”دوا آهي، ڪَري هجي، مِٺي هجي، کلي به وٺبي، ڙوئي
به وٺبي! دُک دوا ٻيئي ڳالهه ساڳي، ڙوئي سهڻ
بدران ٻيئي ڳالهه ساڳي، ڙوئي سهڻ بدران کيل سهجن
ته سُٺا!“
آءٌ ڀايان ٿو ته ٻئي يا ٽئين درجي م هوس، جو هڪ
ڀيري ڏاڏيءَ سان گڏجي درياءَ جي تڙ تي ويس.
منهنجي هٿ ۾ ٽي اچر ماچيس جا خالي کوکا هئا، جن کي
ٻهراڙيءَ ۾ تڏهن باڪَسَ (واحد باڪَسُ) چوندا
هئاسين. اُهي مون ٻاراڻي خيال کان گڏ ڪيا هئا.
منهنجي کيسي ۾ ڪي ٻه ٽامي وارا، تڏهوڪي دور جا
ڳرا پئسا به هئا، ٻه اُنهن جااڌ، يعني ”آڌيلا، به
،۽ هڪڙُ ٽاميجو ٽَڪو به هو، جيڪو اڄوڪي روپئي کان
ڏيڍوڻو وڏو ۽ گهٽ ۾ گهٽ ٻيڻو ڳرو هوندو هو. ڏاڏيءَ
کي ڪونڊي ڪپڙن جي ڌوئڻي هئي، ۽ مان ويهي ڪپ سان
راند ڪرڻ لڳس. ڇا ڪيم، جو هڪڙو باڪسُ کولي، اڻ ۾
هڪڙو پئسو وجهي، اوڀاري هٿ کان کڻي پاڻيءَ ۾
ڇڏيم، ته اُهو ترندو جڏهن منهنجي لهواري کڻي ورتم.
پوءِ اُن ۾ ٻيو پئسو وڌم ۽ وري به اُن کي اڳي
وانگر تاري کڻي ورتم. پوءِ اُن ۾ کڻي ٿو ٽڪو به
وجهان، پر اُهو مٿا ترندي، منهنجي لهواري هٿ تائين
اڃا پهتو ئي مس، ته چڀڙڪ ڪري پاڻيءَ ۾ ٻڏي ويو
اُن جو وڏو سبب شايد اِهو هو ته ٻه ٽي ڀيرا تري
اچن ڪري، اُن تي چنبڙيل پنو پُسي ڀَتُ ٿي ويو هو،
۽ مٿان جو پيس ڳري ٽَڪي جو بار، سو سَٽ جهلي نه
سگهوي ۽ ٻُڏي ويو. باڪَس جو ٻُڏڻ ۽ منهنجو اُن کي
جهلڻ لاءِ هيٺ تيکَ ۾ هٿ هڻڻ. بس اِن ۾ منهنجو
پير ترڪي ويو ۽ وڃي پاڻيءَ ۾ پيس. ۽ اُٿلي، پيٽ
ڀير پئجي، ڪپ جي چيڪيءَ ترڪڻي مٽيءَ کي هٿ سان
رهڙڻ لڳس. ڏاڏيءَ، جو اِهو حال ڏٺو، سو ”رس رسول
خدا جا !“ ڪري، وٺي پاڻيءَ ۾ مون ڏانهن اڇل
کاڌائين، ۽ مون کي پڪڙي، کڻي مٿي اڇليائين. بس،
پوءِ هلي پچا. ۽ مون سچي ڳالهه ڪري ٻڌايس. ”ڇو ٿي
ائين ڪيئي؟“ ”ٻيڙيءَ کي ٿي تاريم!“ ”پئسا ڇو ٿي
وڌئيس؟“ ”بار تي کڻايومانس!“
بهرحال ڳالهه سڄي ويڙهي ۾۽ ڳوٺ ۾ پکڙجي ويئي ته
”آخوندياڻيءَ جو پوٽو خدا کڻي بچايو آهي! ڏاڍو
ڇوڪرو آهنڊ ٿي پيو آهي! باڪس ۾ ٿا پئسا وجهجن، سو
ٿو درياءَ ۾ تري! درياءَ جو به ڪو ڊپ نه!“ پهرين
ته ڏاڏيءَ کنج ڪڍي، پوءِ ڏاڏي ڪن مهٽ ڪئي. امڙ
گوڏي تي ويهاري ڳوڙها ڳاڙيا. ۽ ٻئي ڏينهن هلي
دانهن سائين ٽيڪن مل وٽ. سائين ٽيڪن مل سڄي ڳالهه
ٻڌي، مون کان پڇيو: ”پٽ ابراهيم! پاڻيءَ مان ڇا ٿي
ڪڍيئي؟“ ”سائين باڪس جي ٻيڙي!“ ”ان ۾ پئسا ڇو ٿي
وڌئي؟“ ”سائين بار ٿي کڻايومانس!“ اِهو ٻڌي،
سائينءَ ڏاڏيءَ کي چيو: ”آخوندياڻي، تنهنجو هيءُ
پوٽو ته پاتاري ٿيندو! هن ته ٻڏل ٻيڙي ٿي ٻاهر
ڪڍي! هيءُ پئسي جي پٺيان نه پڃ جي پٺيان هو. هيءُ
سوار ٿي نه پر سهڪاري ٿيندوَ.“
ڏاڏي ته پوءِ ويئي هلي، پر سائين ٽيڪن مل بورڊ تي
اُهي لفظ لکي، هڪ هڪ ڪري، بيهي اسان کي سمجهايا.
”پاتاري“ معنيٰ ٻيڙيءَ کي ڪڍڻ وارو، ڪنهن کي مشڪل
مان ڇڏائڻ وارو، ”پُڃ“ معنيٰ چڱو ڪم، يعني ڪنهن
هيڻي سان، ڪنهن بيمار، پنگلي، ودوا، ٻڍي يا ٻار
سان ڀلائي ڪرڻ، ”سوار ٿي“ معنيٰ لالچي، هٻڇي،
رڳو پنهنجو ڀلو سوچڻ وارو، ”سهڪاري “ معنيٰ ٻين جو
ڀلو سوچڻ ۽ ڪرڻ وارو، وغيره، وغيره، اُن ڏينهن
پوءِ، سائين ٽيڪن مل اسان کي سنڌي ڪتاب مان ”ڪتيءَ
۽سندس پاڇي“ واري آکاڻي پڙهي ٻڌائي، جنهن ۾ هڪڙو
ڪتو وات ۾ هڏو کنيو واهه تان لنگهي ٿو، ۽ هيٺ
پاڻيءَ ۾ پنهنجو پاڇو ڏسي، ان کي ٻيو ڪتو سمجهي،
ان جي وات مان هڏي کسڻ لاءِ، رومڙ ڪري ان تي حملو
ڪري ٿو، پر ان رومڙ ۾ ان جي پنهنجي وات وارو هڏو
به نڪري، وڃي واهه ۾ ڪري ٿو ۽ پاڻ به واهه جي تکي
وهندڙ پاڻيءَ لُڙهي لُڙهي ۽ غوطا کائي کائي ٻڏي
وڃي ٿو. اها ڳالهه پڙهي ٻڌائڻ کان پوءِ سائينءَ
اسان کي پنج لفظ سمجهايا، لکايا، ۽ ياد ڪرايا:
ڪامُ (=
سَڌَ)، ڪروڌُ (=
ڪاوڙ)، لوڀُ (=
هٻڇ)، موههُ (=
انڌو چاهه)، آهنڪارُ (=
وڏائي). ۽ چيائين ته ان ڪتي، جو پنهنجي جان گنواني
سو انهيءَ ڪري. جو اُهو ڪامي، ڪروڌي، لوڀي، موهي ۽
اهنڪاري هو: اهي پنج ئي خرابيون اُن ۾ هيون. ۽
اهي ئي پنج خراب عادتون يا ڪُلَڇَڻَ ماڻهوءَ جا به
وڏي ۾ وڏا دشمن آهن. جيڪو ماڻهو اِنهن کان بچي
ٿو، سو ئي ماڻهوءَ سڏجڻ جي لائق ٿو بڻجي، ڇو ته
ان ۾ ماڻهپوپيدا ئي پوءِ ٿئي، ۽ انساني دنيا ۾
جيڪي به ڏک ۽ تڪليفون انسانن کي ڏسڻيون پون ٿيون،
انهن جا ڪارڻ ۽ بنياد فقط اهي پنج شيطاني خصلتون
آهن. چڱي ماڻهوءَ جو ڪم آهي ته اِنهن کان پاڻ کي
بچائي، ۽ پوءِ ئي هو پاڻ به سُکي رهندو ۽ ٻين کي
به سُک ڏيئي ۽ سُکي رکي سگهندو.
هڪڙي ڀيري، جڏهن آءٌ چوٿين درجي ۾ هوس، جمعي ڏينهن
پوئين پهر ۾ سائين ٽيڪن مل اسان کي درياءَ جي ڪپ
تي وٺي ويو، جتي ڪَتيءَ جا نار چڙهيل هئا. هڪڙي
نار ۾ ڀلو جوڙو ڏاندن جو پئي وهيو، ۽ پاڻي ڪينگرن
مان لار ڪندو وهندو پاڙڇ ۾ پئي پيو، پاڙڇ مان
ٿيندو نيسر ۾ ۽ نيسر مان وهندو تکو تکو آڏ ۾ پئي
ويو ائين پئي ڏٺو، ڄڻ هڪڙي نار جو نه پرٻن نارن
جيترو پاڻي هو، جو اڌ کي ٽُبُ ڪيو پئي وهيو.
سائينءَ نار ڏانهن نهاري چيو: ”هيءُ نار ڪيئن نه
ٺيڪ ٺاڪ ڪم پيو ڪري! هيءُ انهيءَ ڪري ٺيڪ ٺاڪ ڪم
پيو ڪري، ڇاڪاڻ ته اُن جو هر هڪ پرزو ۽ هر هڪ حصو
ٺيڪ ٺاڪ ڪم پيو ڪري. جيڪڏهن اُن جو ڪو هڪڙو پرزو
به ڳاڌي، چَڪر، لٺ، ڍينگو، مالهه، پاڙڇ، ٺهڪڻ
وغيره پنهنجو ڪم ٺيڪ ٺاڪ نه ڪري، ته هوند نار بيهي
رهي ۽ ان جو سڄو ڪارج ئي ختم ٿي وڃي.“ پوءِ سائين
نيسر جي منهن تي ٿي بيٺو، ۽ ان جي ڀرسان جنهن ٻاري
کي هاريءَ پهرين پرايو هو، تنهن ڏانهن اشارو ڪري
چيائين: ”هيءُ اسان چو آباد آهي.“ ان جي ڀرواري
ٻاري لاءِ چيائين ته ”هي اسان جا نوداڻي آهن.“ اڏ
وٺي اڳتي وڌياسين ته جيڪو ٻارو اُن وقت ڀرجي رهيو
هو، ان لاءِ چيائين: ”هي ٺٽيءَ جو ڳوٺ آهي.“ ۽ ٻئي
پاسي ٿورو پر ڀرو اشارو ڪري چيائينل ”او هو لڪيءَ
جو شهر آٿوَ! ان کي به پاڻي ملڻو آهي. ڪيئن نه هي
سڀ ٻارا هڪٻئي سان ڳنڍيا پيا آهن! سڀني کي پاڻي
گهرجي، سڀني کي ملندو، پر هڪ کان ٿيندو ٻئي کي
ملندو، ۽سڄو کيت پچندو ۽ آنُ ڪندو . پهرين ڪنهن
کي ٿو ملي، اِن جي ڪا ڳالهه ڪانهي. جنهن ٻاري کي
پنهنجي واري جو جڏهن پاڻي مليو، تڏهن اُن کي ڄڻ
اُهو پهرين مليو. هيءُ سڄو نار هن سڄي کيت لاءِ
پيو وهي جيترو گهڻو پاڻي وهندو ۽ جيتريءَ
جيتريءَ سمڪ، ۽ سداچار سان وهندو اوترو کيت جي
سڀني ٻارن کي اُهو پورو ۽ مهلائتو ملندو. ماڻهن جي
ڪمائي به هن پاڻيءَ مثل آهي. سڀ ماڻهو اُنهيءَ
هڪٻئي جي ڪمائيءَ تي تڳن ٿا، هلن ٿا ۽ خوش رهن ٿا.
آباد نوداڻين جي ڪمائيءَ تي، نوداڻي آباد جي
ڪمائيءَ تي ، ائين ٺٽي آباد ۽ نوداڻين جي ڪمائيءَ
تي، ۽ اُهي ٽيئي لڪيءَ جي ڪمائيءَ تي، ۽ لڪي
انهن سڀني جي ڪمائيءَ تي. ائين هيءَ اسان جي ننڍي
آسپاس جي دنيا، ائين هيءَ اسان جي سڄي سنڌ ۽ سڄي
انساني دنيا هڪٻئي لاءِ ۽ هڪٻئي جي انهيءَ سهڪار
تي هلي ٿي. ڪو به ڪنهن جو خاص شيواڌاري ڪونهي، پر
سڀ هڪٻين جا شيواڌاري آهن. هڪ جو زيان سڀ جو زيان،
هڪ جو ڀلو سڀ جو ڀلو، ۽ اُن جي اُبت به اِئين صحيح
آهي. جيڪڏهن ڪنهن ٻاري کي پاڻي نه مليو ته اُهو
سڪي ويندو، ۽ جيڪڏهن ڪنهن ٻاري کي گهرج کان گهڻو
پاڻي مليو، ته اُهو به اُن پاڻيءَ جي گهڻ ۾ سڙي
ويندو. هر ٻارو پنهنجي سگهه آهر آن ڪندو. سنڀي کي
طاقت سارو ڪمائڻ گهرجي. سڀني کي گهرج سارو ملڻ
گهرجي. اسين سڀ هڪٻئي جي آڌار تي جيئون ٿا. جويا
لُنڊن تي، لُنڊ ٺيٻاٺين تي، ٺيٻاٺي دنبڙن تي،
دُنبڙ لغارين تي، ۽ لغاري اُنهن سڀني تي. هڪڙي
ٻاري کي ٻئي ٻاري جو پاڻي روڪڻ يا کڻڻ نه گهرجي،
ڇو ته اُن ۾ ٻنهي جو نقصان آهي.
اُنهيءَ جمعي جي ڏينهن تي ، ٻاهر کيت ۾، جنهن ۾
ٺيڪ ٺاڪ وهندڙ ڀلي نار جو پاڻي پيچ ڪري رهيو هو،
سائينءَ ٽيڪن مل ڪجهه اِنهيءَ طرح اسان کي سمجهايو
هو ظاهر آهي ته لفظ اِهي نه هئا، جملا اِهي نه
هئا- اِهي جملا ۽ لفظ هاڻي آءٌ پاڻ لکي رهيو آهيان
۽ استعمال ڪري رهيو آهيان: پر ڳالهه سائينءَ
ٽيڪن مل ڪجهه انهيءَ طرح جي ٿي ڪئي
چوٿين درجي جي پهرئين نمبر سان پاس ڪرڻ تي،
امتحانن جي صاحب مون کي ٻه ڪتاب انعام ڏنا: هڪڙو
”گلدستو“، جيڪو سنڌي ادب جي چونڊ مضمونن جو پهريون
ڪتاب هو، جو ديوان ڏيارام وسڻ مل ۽ ديوان ليلارام
پريمچند گڏجي ڪٺو ڪيو هو، ۽ 1907 ۾ پهريون ڀيرو
ڇپيو هو، ۽ ٻيو مرزا قليچ بيگ جو ”گلن جي ٽوڪري“،
جيڪو هڪ جڳ – مشهور جرمن ناول جي انگريزي ترجمي
“Basket of Flowers”
جو بهترين سنڌي ترجمو هو. هي ٻيئي ڪتاب مون کي
اسڪولن جي صاحب ميان عبدالرسول سومري صاحب ڏنا، ۽
ڪيترا سال اُنهن جي اندرئين پهرئين پوري اڌ صفحي
تي سندس انگريزيءَ ۾ ڪيل صحيح ڏسندو رهندو هوس ۽
اُن جي سهڻائيءَ، زورَ ۽ پکيڙ تي عجب کائيندو
رهندو هوس. جڏهن اِهي ٻه ڪتاب مون کي انعام مليا،
تڏهن اِنهن کي ڏسي، سائينءَ ٽيڪن مل مون کي مبارڪ
ڏيندي چيو: ”پٽ ابراهيم، تون ڏاڍو ڀاڳ وارو آهين،
جو اهڙا سٺا ٻه ڪتاب، هن ئي عمر ۾، توکي مليا آهن،
اِهي ڪتاب تون وري وري پڙهج، تون انهن جي پڙهڻ مان
ڪڏهن به ڪونه ٿڪبين. انهن جون ڳالهيون توکي سڄي
عمر ڪم اينديون.“ آءُ اِنهيءَ هدايت لاءِ پنهنجي
پياري سائين ٽيڪن مل جو شڪر گذار آهيان _ جو سندن
اها هدايت مون سورهن آنا سچي ۽ صحيح ڏٺي، اُن تي
پورو عمل به ڪيم. هِن وقت آءُ ذهني طرح ۽ علمي
دنيا ۾ جيئن به آهيان، ۽ جو ڪجهه به آهيان، اُن
لاءِ اِهي ٻه ڪتاب ٻه آءُ پنهنجا محترم ۽ مشفق
استاد سمجهان ٿو. چوٿون درجو اسان کي پاس ڪرائي،
اسان جو سائين ٽيڪن مل اسان جي اسڪول مان بدلي ٿي
ويو. اُهو سال 1924ع جو هو. ۽ اُن ئي سال اسان جو
اصلوڪو، پڪو، نمن جي ڇانوَ ۽ ساوڪ وارو، سادو ۽
سهڻو، سڳورو اباڻو ڳوٺ درياءَ جي پائيندڙ ۾ اچي
ويو، ۽ اسان جو اسڪول ۽ اسين سڀ دربدر ٿي وياسين،
۽ وري اسان جو ڪو پڪو ڳوٺ ٻڌجي نه سگهيو، جنهن ۾
اسين سڀ آباد ۾ گڏ رهڻ وارا راچ ٻيهر دلجمعيءَ ۽
سُک سان گڏ رهي سگهون. اسڪول اسان جو پوءِ اسان
سان گِڏ هِن هُن پَٽ تي، هڪ سال ڇڏي، ٻئي سال کان
فقط چئن درجن تائين هلندو رهيو. 1925ع جو سال مون
اُن ۾ ئي گذاريو ۽ پنجون درجو درجو سنڌي به اُن ۾
پاس ڪيم. پوءِ 1926ع ۾ لڪيءَ جي اسڪول ۾ ڇهين درجي
۾ داخل ٿيس، پر اهو سال منهنجو باهه ۾ پير سڙڻ ڪري
۽ سڄو سال پنگلو ٿي رهڻ ڪري، ضايع ٿي ويو. ٻئي سال
يعني 1927ع ۾ آءُ سن ۾ پهرين درجي انگريزي ۾ وڃي
ويٺس. ۽ ائين پوءِ منهنجي مٿينءَ تعليم جو سلسلو
شروع ٿيو، ۽ جاري رهيو، جنهن جو ڪجهه ذڪر پنهنجن
ٻن مضمونن _ هڪڙي، سائين جي. ايم سيد بابت ”ساٿ
ڌڻي سرواڻ“، ۽ ٻئي علامه دائود پوٽي مرحوم بابت
”جوت ۽ جوتيوان“ __ ۾ مون ڪيو آهي.
سائين ٽيڪن مل ُ جيئن مون کي چوٿون درجو پاس
ڪرائي، اسان وٽان بدلي ٿي ويو، تيئن وري هن کي مون
ڪونه ڏٺو. ٽن سالن جو هوس ته 1918ع ۾ منهنجو بابا
گذاري ويو، ۽ هن جي مهانڊن جو به مون کي ڪو چِٽو
يادگيرو ڪونهي. 1936ع ۾ منهنجي اَمڙ گذاري ويئي.
1942ع ۾ منهنجي ڏاڏي مرهيات گذاريو ۽ ٻئي سال
منهنجي پياري، مون تي ساهه ڇڏڻ واري ڏاڏِي گذاري
ويئي. ڪيترائي ٻيا پيارا دل گهريا مائٽ، دوست ۽
اعليٰ بزرگ اِئين هميشہ لاءِ وڇڙي ويا. پر اُهو
ڏينهن خالي ڪونهي، جڏهن هِن پنهنجي مختصر حياتيءَ
جي سڄي ڪتاب جو دور نٿو ڪريان، ۽ جو گذر ٿي ويو
آهي، اُن جي جهلڪ من جي اکين آڏو ڪيئي ڀيرا چمڪاٽ
ڪري، گذري نٿي وڃي. مون سان ته اِئين آهي، ٻين سان
به شايد اِئين هجي. اونداهي وقت تي روشين جي هِن
جهرمر ۽ جُلوس ۾ سائين ٽيڪن مل منهنجي اڳيان
سدائين ائين چمڪندڙ رهيو آهي جيئن ڪو خاص ۽ الڳ
جوت وارو جرڪندڙ تارو_ اُن جي سُهائيءَ ۽ سونهپ
لاءِ زندگيءَ ۾ آءُ هميشہ ٿورائتو رهيو آهيان ۽
ٿورائتو رهندس.
ڪي تعصبي ۽ شيطان صفت ماڻهو آهن، جيڪي چون ٿا ته
هندو استادن پنهنجن مسلمان شاگردن کي گمراهه ڪيو ۽
هي بڻايو ۽ هو بڻايو. پر جيڪي ائين چون ٿا، اُهي
ئي اسان کي گمراهه ڪن ٿا. اُنهن پاڻ اسان کي
گمراهه ڪيو ۽ اوڙاهه ۾ اُڇليو. اُهي اسان جي سک،
سلامتيءَ ۽ ناموس جا تاڪائو آهن، ۽ اُن لاءِ هو
اسان کي هيڻو ڪرڻ ۽ هيڻو ڏسڻ گهرن ٿا. خدا اُنهن
جي هِن آنيائي سوچ ۽ غرض ڪار عداوت کان اسان کي
پناهه ۾ رکي.
سائين ٽيڪن مل جي هڪڙي خاص ڳالهه مون کان وسري
ويئي. اُها ڪري ڇڏڻ ضروري آهي. اُها ڳالهه هيءَ ته
اسڪولِ وڃڻ کان اڳ اءُ ۽ پنهنجو يار ريوو پاڻ
ڊجندا هئاسون ۽ اسڪول ۾ وڃڻ کان پوءِ ٻين کي
ڊڄاريندا هئاسون ته سائين ٻارن جي ڪنن ۾ ٻليون ٿو
چنبڙائي! سائين ٽيڪن مل ٻارن جي ڪنن ۾ ٻليون ڪونه
چنبڙائيندو هو. ڪو به محبتي ۽ مخلص استاد ائين
ڪونه ڪندو آهي. پر هر محبتي ۽ مخلص استاد پنهنجن
شاگردن کي پنهنجي ادب ۽ ضابطي ۾ رکندو آهي _ ۽ اُن
لاءِ، پيار ۽ پڙهائيءَ سان گڏ، اُنهن تي پنهنجي
علمي ۽ اخلاقي شخصيت ۽ رتبي جو ڏر۽ ڏيا ضرور قائم
رکڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ۽ اُن لاءِ اهڙن چڱن ۽
پيارن استادن مان ڪي ڪهڙو ڪي ڪهڙو انگ اختيار ڪندا
آهن. آءُ پاڻ جڏهن استاد ٿيس_ اِن سان آءُ ڪا دعوا
ڪانه ٿو ڪريان _ تڏهن مون (شايد) سائين ٽيڪن مل جي
ٻلين چنبڙائڻ واريءَ ڳالهه جي سلسلي سان ئي، ڪجهه
وقت هينئن چوڻ شروع ڪيو ۽ مشهور ڪيو ته جيڪڏهن
منهنجو ڪو شاگرد نه پڙهندو يا فضيلت سان نه هلندو،
ته آءُ ان جا ٻيئي ڪن ڇِڪي ، رٻڙ وانگر وڏا ڪري،
مٿي جي پٺيان ان جي ڪياماڙيءَ ۾ زور سان ڳنڍ ڏيئي،
ٻڌي ڇڏيندس، ۽ پوءِ اُهي ڇُڙي به نه سگهندا! هاڻي،
هيءَ ڳالهه ٻارن ۾ قبولجي وڃي ۽ سندن ادب ۽ ضابطي
۾ رهڻ جي خيال کان اُها اثرائتي ۽ نتيجي واري ثابت
ٿئي، ان لاءِ ڪڏهن ڪڏهن، ڪنهن نالائق ۽ ڪم کان
گسائيندڙ ٻار جي ڪنن زور سان وٺي ٻنهي هٿن سان
اهڙي ڇڪ ڏيئي ڇڏجي، جو جانان ڀري جند ڇڏائي، ۽ وري
پنهنجي نالائقيءَ ۽ ڪم کان ڀڃڻ جي روش کان هيڪر ته
پوري پخت توبهه ڪري ڇڏي! سائين ٽيڪن مل وٽ به اُها
ٻلين چنبڙائڻ جي ڳالهه ائين هئي. سائينءَ جي ميز
تي سدائين ٻه لوهه جون اسپرنگن تي بيٺل سوٽ چمٽيون
پيون هونديون هيون، جن کي هو ’ٻليون‘ سڏيندو هو.
اُهي ڪاغذن جي ننڍي وڏي مُچي کي چڪ هڻي رکڻ لاءِ
به ڪم آڻيندو هو، ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن جي چڪ جي مزي
چکائڻ لاءِ ڪنهن نالائق ۽ نڪمي شاگرد جي ڪنن ۾ به
اُهي چنبڙائي، انهن کي لڪائي، مٿان پنهنجي هٿن سان
اهڙو وٺي زور ڏيندو هو، جو هيڪر ته ان نڀاڳي جا
ڪَنَ زُون ڪري اڏامي ويندا هئا. بس سائين ٽيڪن مل
ٻارن جي ڪنن ۾ ٻليون ائين چنبڙائيندو هو. ڪڏهن ڪو
مائٽ پنهنجو ٻار اسڪول ۾ ”ٻاراڻي“ ۾ يا پهرئين
درجي ۾ (انهن ڏينهن ۾ ”جماعت“ يا ”ڪلاس“ جو لفظ ڪم
ڪونه ايندوهو) پهريون ڀيرو داخل ڪرائڻ ايندو هو ته
ٻار پيو روئندوهو ۽ ٻار جومائٽ پيو سائينءَ کي
منٿون ڪندو هو: ”سائين ٽيڪن مل، هن کي ڪنن ۾ ٻليون
چنبڙائجو!“ سائين ٽيڪن مل پيو کلندو هو، ۽ ڪن ڏيو
ڳالهه پيو ٻڌندو هو، ۽ ٿوريءَ ڪجهه دير مدار کان
پوءِ هو، ۽ ٿوريءَ ڪجهه دير مدار کان پوءِ چوندو
هو: ”هن ننڍڙي جي ڪنن ۾ ٻليون ڪونه چنبڙائبيون-
هي ته اسان جو يار آهي! اچ ته ڪڪا توکي ٽول ڏيان!“
ئين چئي ، پنهنجي ’ننڍڙي يار‘ کي ڪڇن ۾ هٿ وجهي،
کڻي ميز تي بيهاريندو ۽ پڇندس: ”ڪڪا، هتي پنهنجو
ڪو يار ڏسين ٿو؟“........
ڊپ ۽ نفرت لاءِ هيءُ هڪ ڪُليو آهي ته ڊپ سان ڊپ
وڌي ويو،لهي نٿو، ۽ نفرت سان نفرت وڌي ٿي گهٽجي
نٿي. پر ڊڄڻ ۽ نفرت ڪرڻ نفسيات ۽ سماجيات جي هڪ
ڏکي ۽ نازڪ ڳالهه آهي، جا هر ڪنهن سان چنبڙي پيئي
آهي ۽ ڪنهن کي ڪانه ٿي ڇڏي، ۽ زندگيءَ جي ضرورتن
لاءِ هر جيئريءَ شيءِ کي ڊڄڻو به پوي ٿو ۽ نفرت
به ڪرڻي پوي ٿي. سائين ٽيڪن مل جو خيال ۽ عمل هن
سلسلي ۾ اِهو هو ته جي ڊپُ يا خوف آهي ته اميد به
آهي، ۽ جي نفرت آهي ته محبت به آهي. نفرت ڪجي يا
نفرت ڪرائجي ته خراب ڪمن ۽ بڇڙين ڳالهين کان، ۽
ڊپ ڪجي يا ڪرائجي ته خراب ڪمن ۽ بڇڙين ڳالهين جي
نتيجن کان. جيڪي خراب ۽ بڇڙا ماڻهو آهن، تن کان
نه نفرت ڪجي ۽ نه اُنهن کان ڊڄجي.پر انهن سان خوب
مقابلو ڪجي. ۽ انهن کي جوڳي سيکت ۽ سزا ڏجي ته
جيئن اڳتي هو اُهي خراب ڪم ۽ بڇڙيون ڳالهيون ڪري
نه سگهن ۽ سندن خراب ڪمن ۽ بڇڙين ڳالهين جي
هاڃيڪار نتيجن کان هو پاڻ به ۽ دنيا جا ٻيا ماڻهو
به بچي سگهن ۽ سلامت رهي سگهن. اهڙي سزا سڀ کان
وڌيڪ اُنهن جي پنهنجي ڀلائيءَ لاءِ آهي ۽ اُها
انهن کي ائين ڏيڻ ڄڻ انهن ۾ چڱائيءَ جي اميد رکڻ
آهي ۽ ساڻن محبت ڪرڻ آهي.
سائين ٽيڪن مل ’ڪَنن ۾ ٻلين چنبڙائڻ‘ جو ڊپ به
گوسڙو ۽ ڪم کان نٽائيندڙ ڇوڪرن لاءِ ڪم آڻيندو هو،
۽ ضرورت وقت اُنهن جي ڪنن ۾ سچ پچ به پنهنجون
هيرايل ٻليون اهڙيون چنبڙائي ڇڏيندو هو، جو اُهي
اُنهن جا ڪن ئي پٽي وينديون هيون!
محمد ابراهيم محمد خان جو- هر هاريءَ جو پٽ، ننڍڙي
ٻهراڙيءَ جي ڳوٺ جو ويٺل، 13 آگسٽ 1915ع تي ڄائو،
پهرين پنهنجي ڳوٺ ’آباد‘ ۾،اُن کان پوءِ ڀرسان
لڪيءَ ۽ سن جي شهرن ۾، اُن کان پوءِ سنڌ مدرسي ۽
ڊي- جي سنڌ ڪاليج ڪراچيءَ ۾، ۽ آخر بمبئيءَ ۾
پڙهيو، ۽ بي- اي، بي- ٽي پاس ڪيائين. 1938ع جي
اپريل ۾ سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ ماسترٿيو، جتي اٺ
سال نوڪري ڪيائين پوءِ ٺٽي ميونسپل هاءِ اسڪول جو
هيڊماستر ٿيو ۽ اتان ٽريننگ ڪاليج فارمين،
حيدرآباد ۾ اُستاد ۽پوءِ 1949ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ
جو سيڪريٽري ٿيو، جتي 12 سال نوڪري ڪيائين، اُن
کان پوءِ 6 سال ويسٽ پاڪستان ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ او-
ايس –ڊي ۽ ساڳئي وقت سنڌي ادبي بورڊ جو اعزازي
سيڪريٽري، ۽ پوءِ جيڪب آباد هاءِ اسڪول جو هيڊ
ماستر، گورنمينٽ ٽريننگ اسڪول ڪوهاٽ جو
پرنسپال، رجسٽرار اگزمنشنن ۽ ڊپٽي ڊئريڪٽر
ايڊوڪيشن سنڌ، انسپيڪٽر آف اسڪولس خيرپور ڊويزن،
پهرين سيڪريٽري ۽ پوءِ ميمبر سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ
تي 1973ع ۾ رٽائر ڪيائين. ڪيئي درسي ۽ ادبي ۽ عملي
ڪتاب لکيا اٿس. هن وقت سنڌي اديبن جي سهڪاري
سنگت،حيدرآباد جو صدر آهي.
غلام محمد لاکو
سنڌيءَ ۾ ڇپجندڙ- ٻاراڻو ادب
(ون يونٽ ٽٽڻ بعد)
جيتوڻيڪ سنڌي ادب جا اهڃاڻ نهايت آڳاٽي وقت کان
ملن ٿا، پر تصنيف ۽ تاليف نهايت دير سان ملي آهي.
مغلن جڏهن وڌي وڌي چوٽ ڪيو ۽ فارسيءَ کي سنڌ تي
پوري قوت سان مڙهيو ويو تڏهن، ٺٽي جي سنڌي عالمن،
سنڌي ٻوليءَ جي بچاءَ لاءِ گڏيل اُپاءَ ورتا.
مخدوم ابوالحسن سنڌي الف- بي تيار ڪري 1700ع ۾
پهريون ڪتاب لکي ان کي تڏهوڪن مدرسن (Schools)
۾ رائج ڪيو. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي ڏينهن ۾ پڻ فارسي
سنڌ جي سرڪاري ٻولي رهي. البته هنن دؤرن ۾ ڪيترائي
ناميارا سنڌي شاعر، عالم ۽ فاضل پيداٿيا، جن
پنهنجي گرم خون سان سنڌي ادب جي آبياري ڪئي.
انگريزن جي آمد ٿيندي سنڌي ٻولي کي سنڌ جي واحد
سرڪاري ٻولي بنايو ويو ۽ ٻوليءَ جي ترقي ۽ بقا
لاءِ فريئر ڪمشنر جي حڪم تي مقرر سنڌي الف – بي
پڻ ٺاهي وئي. پهريون ٻاراڻو درسي ڪتاب هو ”باب
نامو“، جيڪو ديوان ننديرام لکيو ۽ 1853ع ۾
ڇپيو. انگريزن جي دؤر ۾ جتي ٻيو هر قسم جو ادب
لکيو ويو اتي ٻاراڻي ادب تي به خاص ڌيان ڏنو ويو.
قليچ بيگ جون ڪوششون هن ڏس ۾ خاص ڌيان لهڻ.
پاڪستان ٺهڻ سان ڪيترا سنڌي اديب انڊيا لڏي ويا،
ان ڪري هتي هر قسم جي ادبي اوسر کي ڪاپاري ڌڪ لڳو.
ٻيو وڌيڪ ادبي نقصان تڏهن ٿيو، جڏهن ڪراچيءَ کي
وفاقي علائقو قرار ڏئي سنڌ کان ڌار ڪيو ويو. ڇو ته
ورهاڱي کان اڳ پوري سنڌي ادبي انڊسٽري توڙي
يونيورسٽي وغيره هتي ئي هيون. بهرحال هن صورتحال
تي جلدي قابو پاتو ويو. ڪجهه بزرگ اديبن ۽ ڪجهه
نوجوان ليکڪن جي جوش ۽جذبي پيدا ٿيل خال کي پُر
ڪري ورتو. البته هي شڪايت جاري رهي ته سنڌيءَ ۾
ٻاراڻو ادب بِنهه نٿو لکيو وڃي. ورهاڱي بعد سنڌي
ادب جا ٻه ميدان ٿيا، هڪ سنڌ ۾ ۽ ٻيو انڊيا ۾!
پاڻ هتي سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ ٻاراڻي ادب جو جائزو
وٺنداسين.
ورهاڱي کان ڪري 1973ع تائين ڪل 127 سنڌي ٻاراڻا
ڪتاب ڇپيا. هن دؤر جا قابل ذڪر ادارا آهن، گلشن
ادب ٽنڊو محمد خان، سنڌي ادبي بورڊ ۽ آر. ايڇ.
احمد وغيره. هن دؤرجي ڪجهه مکيه ليکڪن جا نالا
آهن، حاجي حقير ابن مڱڻ، فدا سرهيو ۽ نذير حسين
ڀٽي ۽ حسام سومرو وغيره.
پهرين جولاءِ 1970ع تي ون يونٽ ٽٽو. سنڌ جي پنهنجي
انتظاميه قائم ٿي گڏوگڏ ڪراچي موٽي سنڌ کي ملي.
گويا سنڌي سماج کي نئون جنم مليو. اسان جي ادبي
ادارن توڙي عام ليکڪن نئين نسل جي ذهني تربيت تي
خاص ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو. بورڊ ”گل ڦل“ کي وري جاري
ڪيو ۽ سنڌ الاجي وري ماهنامه سائنس ذريعي ٻاراڻي
سنڌي سائنسي مواد تي ڌيان ڏنو. ان کان علاوه گجپ
پاران به هڪ ماهنامه ڪراچيءَ مان ڪڍيو ويو، جيڪو
هينئر خاموش آهي. جيئن الزبيٿ جي دؤر کي انگريزي
ادب ۾ شيڪسپيئر جو دؤر سڏجي ٿو، تيئن اسين به
1975ع کان پوءِ جي دؤر کي ”سنڌيءَ ۾ ٻاراڻي ادب
جو دؤر“ سڏيون ته بيجا نه ٿيندو. ڇو ته مئي 1975ع
۾ تڏهوڪي انتظاميه وڏي پيماني تي سنڌي ادب کي بند
ڪري اها صورتحال پيدا ڪئي، جو اسان جو وڏو ۽ ماهر
اديب به اڄ تائين ان بحران تي قابو پائي نه سگهيو
آهي.
اسان جي سنڌي ٻالڪ تيزي ۽ همٿ سان هن صورتحال جو
مقابلو ڪيو. هن نئين سوچ ۽ ولولي سان قلم کڻي،
سنڌ جا مکيه مسئلا کنيا ۽ زميدار ۽ ايماندار
صحافيءَ وانگر پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿاريو. هن
وقت جيترا ٻاراڻا پبليڪيشن سنڌيءَ ۾ نڪرن ٿا،
اوترا وڏن لاءِ به نٿا ڇپجن! ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي
ته اڄ جي معاشري جي گهرجن آهر، اسان جي ٻار کي
مادري زبان ۾ ادب دستياب ڪونهي، پر پوءِ به
صورتحال مايوس ڪندڙ نه آهي. هڪ خاص ڳالهه جيڪا
اسان جي ٻاراڻي ادب ۾ کوٽ جو ضامن آهي، اها آهي
جو وڏا ليکڪ ٻارن لاءِ لکندي عار محسوس ڪن ٿا. وري
به مکيه شاعرن ٻاراڻا ٻول لکڻ شروع ڪيا آهن، پر
پوءِ به ڪهاڻي ۽ سائنسي توڙي مضمون نويسيءَ تي
خاص ڌيان جي ضرورت آهي.
اسان وٽ ماضي قريب يا حال ۾ مکيه هيٺيان ادارا
ٻاراڻو ادب ڏئي چڪا يا ڏئي رهيا آهن. چڻنگ
پبليڪيشن سن، گونچ پبليڪيشن، صدائي وطن پبليڪيشن
(حيدرآباد)، رابيل پبليڪيشن لاڙڪاڻو، گلشن
پبليڪيشن داد لغاري، پوپٽ پبليڪيشن خيرپور،
ٻارڙا پبليڪيشن عمر ڪوٽ، سانگيئڙا پبليڪيشن ٽنڊو
آدم، لاٽ پبليڪيشن سنڌ يونيورسٽي، ڪينجهر
پبليڪيشن، گلڙا پبليڪيشن، وطن دوست ٻار پبليڪيشن،
نصرت پبليڪيشن تلهار، شهزاده پبليڪيشن ٽنڊو باگو
۽ اداره گلشن ادب ٽنڊو خان وغيره. هنن مان ڪيترا
ادارا اڄ خاموش آهن ۽ ڪجهه اڃا ڪتاب ڪڍندا اچن.
اڄ جو ٻار نهايت سجاڳ آهي سندس پير ڌرتيءَ تي
مضبوط بيٺل آهن. هن وٽ سنڌ جي ڪوڙهئي ۽ بدبوءِ
دار سماج جا انيڪ مسئلا آهن. هو نهايت ڪاميابيءَ
سان قلم ڪاهي پنهنجي ضمير جو آواز دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ
۾ پهچائي رهيو آهي. سنڌي ادبي بورڊ ويجهر ۾ مرحوم
مرزا صاحب جا ڪيترائي ٻاراڻا ڪتاب وري شايع ڪيا
آهن. ان کان علاوه اڄ به سال ۾ هڪ ٻه ڪتاب نوان
نوان ڇاپي رهيو آهي. ’گل ڦل‘ بورڊ جو مشهور رسالو
آهي. انور هالائي جي محنتن رسالي ۾ ڏاڍي نَواڻ
آندي آهي. هن رسالي ۾ هرقسم جو مواد ڏنو وڃِي ٿو.
خاص قابل ذڪر ڪالم آهن: سنڌ جون تاريخي ڪهاڻيون ۽
سائنسي ادب. ڏک جي ڳالهه آهي ته نصابي ليول تي هنن
ٻنهي موضوعن تي خاص ڌيان نه پيو ڏنو وڃي. ناز
سنائي جون ڪوششون پڻ قابل قدر آهن. پبليڪيشن جا
هيل تائين پنڌرهن ڪتاب ڏئي چڪو آهي. اڄ جي ٻار کي
شاعري ۽ افساني جي دنيا مان ڪڍڻ لاءِ هن ڀاءُ
مضمون نويسيءَ جو ڪامياب سلسلو به شروع ڪيو آهي.
هيل تائين اهڙا چار مجموعا به شايع ڪري چڪو آهي.
ٻاراڻي ادب جي ليکڪن ۾ شاعريءَ ۾ اياز گل، ادل
سومرو، سوسن مرزا، بردوسنڌي، مختيار ملڪ، نصير
مرزا ۽ نياز پنهور قابل ذڪر آهن. هنن ٻاراڻي
شاعريءَ ۾ سٺا تجربا ڪيا آهن. ڪهاڻي نويسيءَ ۾
نديم عباسي، ظفر عباسي، شبير سومرو، شهزاد مگسي،
سرور سهتو، غلام سرور لاکو ۽ اڪبر جسڪاڻي نمايان
آهن. ان کان علاوه دادا سنڌي جنهن جو ش ۽ جذبي سان
سنڌ جون تاريخي ڪهاڻيون لکي رهيو آهي، سي پڻ تعريف
جي لائق آهن. البته هڪ ڳالهه جو اشارو ڪندس ته
دادا صاحب سنڌ جي ڪلاسيڪل تاريخ بابت اڄ به پراڻن
مفروضن ۽ فارسي ليکڪن جي غلطين کي دوباره ورجائي
رهيو آهي. ان ڏس ۾ خاص طرح کيس، سيد حسام الدين
راشديءَ جي تاريخي ڪتابن جو اڀياس لازمي طرح ڪرڻ
گهرجي. ورنه اسان جي تاريخ، وقت جي گهرجن جو
پورائو نه ڪري سگهندي.
هي سال اقوام متحده پاران ٻارن جو عالمي سال ڪري
ملهايو پيو وڃي. هن موقعي تي پڻ ٻارن لاءِ اڪيچار
سنڌي ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن، جهڙوڪ نصير مرزا جو
”ڌرتيءَ جا تارا“، اياز گل جو ”گل ۽ تارا“ ۽
مختيار ملڪ جو ”ٽم ٽم ٽانڊاڻا“ وغيره ڏک آهي جو
اسان وٽ ٻارڙن جو عالمي چارٽر تي ڪو به ڌيان نٿو
ڏنو وڃي. اسان جا ٻار سالن کان صدارتي ايوارڊ ۽
روشن تارا لاءِ واجهائي رهيا آهن.
سنڌي اخبارون به انڌوڪاڻو، ٻارن جو صفحو ڪڍي
ٻارڙن جي ذهني تربيت ڪري رهيو آهن. پر کين اڃا به
گهڻو ڪجهه ڪرڻ گهرجي.
هن مختصر جائزي بعد، اسين هن چوڻ ۾ حق بجانب آهيون
ته سنڌيءَ ۾ ٻاراڻي ادب جو آئندو روشن آهي. اسان
جي ادبي ادارن کي خاص طرح ٻاراڻي سائنسي ادب تي
ڌيان ڏيڻ گهرجي.
سگرامداس آڏواڻي
سائنس
جابر ابن حيان
جابرابن حيّان 721ع ۾ ڪوفي جي هڪ مشهور عطار احمد
حيان جي گهر ۾ ڄائو. ننڍپڻ ۾هن قرآن شريف صرف ونحو
۽ دين جي تعليم حاصل ڪئي.
تعليم وارن ڏينهن ۾ پڙهڻ لکڻ بعد ۽ سڄو ڏينهن گهر
جي ڪم ۾ صرف ڪرڻ بعد اتان فارغ ٿي هو پنهنجي پيءُ
جي ڪم ۾ هٿ ونڊائڻ لاءِ دڪان تي اچي ويهندو هو.
دڪان تي ڪم ڪندي ڪندي ئي هن جي دل ۾ ڪيميا جو شوق
پيدا ٿيو. انهيءَ زماني ۾ ڪيميا جي معنيٰ سون ٺاهڻ
سمجهيو ويندو هو. هر ڪيميادان اهو ڪوشش ڪندو هو ته
هو ڪنهن به صورت ۾ سون ٺاهي انهيءَ مان دولت
ڪمائجي.
حقيقت هي آهي ته جابر کي ننڍپڻ کان ئي پڙهڻ، لکڻ ۽
تجربا ڪرڻ جو شوق هو. کيس حضرت اِمام جعفر صادق جي
شاگرديءَ جو فخر حاصل ٿيو. جيڪو علم و فضل ۾ سڀني
کان اعليٰ هو.
انهيءَ زماني ۾ خليفه، بادشاهه ۽ امير ماڻهن به
علم ۽ علم وارن جو تمام گهڻو قدر ڪندا هئا ۽ انعام
و اڪرام ڏيئي انهن جي همت افزائي ڪندا هئا. هارون
الرشيد جي نامور وزير جعفره برمڪي جڏهن جابر ابن
حيان جي شهرت ٻڌي ته کيس درٻار ۾ گهرايو ۽ سندس
قدر ڪيائين.
جابر جي موت کان 2 سؤسال پوءِ بغداد جي هڪ گهٽيءَ
جي کوٽائي ٿي رهي هئي ته اتان هڪ کرل سون جو هٿ
جيترو ٽڪر ۽ چند ٻيون شيون برآمد ٿيون تحقيق ڪرڻ
تي معلوم ٿيو ته اسلامي دنيا جو نامور ترين
ڪيميادان جابر ابن حيان اتي ئي رهندو هو. ڳچ کوجنا
بعد جابر جي سڄي ليبارٽري نڪتي ۽ ڪجهه قلمي ڪتاب
پڻ هٿ لڳا. جيڪي سڀئي جابرابن حيان جون هٿ جون
لکيل هيون ۽ علم ڪيميا معقلق هيون.
انهيءَ علمي خزاني جي هٿ اچڻ تي جابر ابن حيان تي
نئين سر تحقيقات شروع ٿي ۽ هن جون سڀ تصنيفون
دنيا جي تختي تي هڪ ڀيرو وري نمودار ٿيون اڄ
انهيءَ حقيقت کي تسليم ڪيو وڃي ٿو ته جابر قديم
يوناني خيالن کي درست ثابت ڪيو. قديم يوناني
فلسفي چئن بنيادي عنصرن تي زور ڏيندا هئا. باهه،
هوا، پاڻي ۽ مٽي. جابر انهيءَ نظريئي کي جدا جدا
طور تي ترقي ڏني ۽ اهو پڻ ٻڌايو ته زمينن ۾ ڌاتو
ڪهڙيءَ طرح وجود ۾ آيون سندس اهو نظريو سندس غير
معمولي ذهانت جي طرف اشارو ڪري ٿو. قديم عرب عالم
ٽن عنصرن کي بنيادي قرار ڏيندا هئا.
انهيءَ پراڻي زماني ۾ ڪيميا گيري جي شوق ماڻهن ۾
اهڙي لگن پيدا ڪئي جو سون تيار نه ٿيو. پر سائنس
جي انهيءَ شاخ غير معمولي ترقي ڪئي ۽ انهيءَ تي
نوان نوان تجربا ڪيا. جابر انهيءَ طرف توجه ڏنو
۽ ٻڌايو ته اگر ڪنهن ڌاتوءَ ۾ بعض جزا ڪڍي ڇڏجن ۽
بعض ٻيا جزا شامل ڪرڻ ۾ ڪاميابي ٿي وڃي ته اها ڌات
سون ٺاهي سگهي ٿي.
جابر پنهنجي زماني ۾ هڪ بلڪل نئون نظريو پيش ڪيو
ته زمين ۾ مختلف ڌاتو آسماني گرهن جي اثر سان وجود
۾ اچن ٿا. جابر اهو پڻ ٻڌايو ته ٽامي کي سون ۾
بدلائي نٿو سگهجي. وقت ضائع ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو؟
هن ڪيميا جي تاريخ ۾ ”ميزان“جي نالي سان هڪ بلڪ
نئون تصور پيش ڪيو ۽ انهيءَ جي تفصيل پنهنجي ڪتاب
”ڪتاب الميزان“ ۾ پيش ڪئي آهي.
ائين معلوم ٿئي ٿو ته جابرابن حيان جديد جوهري
نظريه جو قائل هو. سندس اها ڪوشش هئي ته ٽامي جي
جوهرن ۾ به اهو ئي توازن پيدا ڪيو وڃي جو سون جي
جوهرن ۾ ملي ٿو. غرض ته جابر اڄ کان 1200 سال اڳ
اهي تصور پيش ڪيا جنهن تي اڄ اسين جديد سائنس جي
عمارت تعمير ڪري رهيا آهيون. قديم ڪيميادانن ۾
جابر صف اول جو سائنسدان هو.
جنهن معدنيات کي ٽي بنيادي گروهن ۾ ورهايو. پهرئين
گروهه ۾ اهي شيون شامل ڪيون ويون. جيڪي باهه ڏيڻ
سان بخار ٿي اڏامي وڃن ٿيون انهن کي جابر روح يا
عرق جو نالو ڏنو. ٻئي گروه ۾ جابر اهڙا ڌاتو جمع
ڪيا جيڪي باهه سان پگهر جي وڃن ٿا. اهي ڌاتو
لچڪدار نه هوندا آهن ۽ چوٽ لڳائڻ سان وڄندا آهن،
صاف ڪرڻ سان انهن تي چمڪ پيدا ٿئي ٿي. ٽئين گروه ۾
جابر اهڙين شين کي جڳهه ڏني جيڪي باهه جي اثر سان
پگهرجن ته ٿا مگر لچڪدار ٿيڻ بدران ڪڙڪ ٿي وڃن ٿا.
۽ ڪُٽڻ سان سرمي جي طرح پسجي وڃن ٿا.
جابر ابن حيان اسلامي دنيا جو مايه ناز سائنسدان
هو. تمام سائنسي علم عربن کان ئي يورپ تاين پهتو
ليڪن ڪيميا جي ميدان ۾ جابر ايترو ته ڪم ڪيو جو
يورپ سندس اثر کان بچي نه سگهيو. بعض ڪيميادانن ته
جابر جو ايترو ته قدر ڪيو جو پاڻ جيڪي ڪتاب
لکيائون سي جابر جي ناولي سان منسوب ڪيائون. جابر
علم ڪيما تي ستاويهه ڪتاب لکيا، جنهن مان 22 ڪتاب
اڄ تائين محفوظ آهن. پندرهينءَ صديءَ تائين سڄي
يورپ ۾ جابر جي تصنيف سند (ڊگري) جودرجو رکندي هئي
۽ ارڙهين صديءَ تائين يورپ جا ڪيميادان جابر جي
ٻڌايل اصولن مطابق ئي ڪم ڪندا هئا.
فرزانه عزيز عباسي، لاڙڪاڻو
ننڍڙا اديب
عالمي سال
مرڪ منهن تي ۽ اکين ۾ آ خوشي،
هي خبر استاد مشفق کان ٻڌي،
۽ سڀن تصديق ان جي آ ڪئي،
چئو وڏي آواز سان گڏجي سڀئي،
ٻارڙن جو سال آهي عالمي،
ٻار پيارو آهي، والد کي اگر،
اک جو تارو ماءُ جو آهي مگر،
پيار جي آهه، ٻار تي سڀ جي نظر،
هيءَ خبر پهچي اسان کي آهه وئي،
ٻارڙن جو سال آهي عالمي،
ٻار جو قد آ ننڍو، پر ڪم وڏو،
اڄ ننڍو آهي، سڀاڻ ٿيندم وڏو،
جوش جذبي سان، ٿئي دم دم وڏو،
واڳ آئيندي جي، هٿ ويندي اچي،
ٻارڙن جو سال آهي عالمي.
ٻار مڇ جو وار آهه سڀڪو چوي،
علم ان کي جو ملي، اهڙو ٿئي،
علم تي سهڻو عمل ڀي هو ڪري،
آزمايو اٿن، اسان کي علم ڏئي،
ٻارڙن جو سال آهي عالمي.
هيءُ اسان تي فرض آهي دوستو،
جان، دل سان، علم سڀ حاصل ڪريو،
۽ عمل ڏي به، اوهين ڪجهه ڌيان ڏيو،
پيار ڏيندو، ماستر، ابو، امي،
ٻارڙن جو سال آهي عالمي.
گل افشان شڪارپور
خادم حسين چانڊيو، مورو، سنڌ
محمد موسيٰ دائودپوٽه، دڙو، سنڌ
گل ڦل
ٻارو گڏجي ڪا ٻاري ٺاهيو،
تنهن ۾ گڏجي راند رچايو.
وعدو ڪريو ته ان کي نڀايو يار،
باغ منهنجي جا گل ڦل ٻار.
علم جي زيور سان جڏهن ٿيندو سينگار،
ڌرتيءَ پنهنجي ساڻ دل لائجو،
هر ڪنهن کي آهي اوهان جو انتظار،
باغ منهنجي جا گل ڦل ٻار.
گئونچ آهيو نيٺ ته گلڙا ٿيندؤ،
ديس پنهنجي لاءِخوشبوءِ ڏيندؤ.
وطن پنهنجي ساڻ ”وفا“ ڪجئو پيار،
باغ منهنجي جا گل ڦل ٻار.
غلام الله وفا ڪپري، هالا
آزاد نظم
شهر جي گهٽين ۾
ڏٺو مون ڦرندڙ
معصوم..............
ٿالهڙو چڻن جو
ڪلهي تي،
وتيو وڪڻندي.
هوس تمنا..............!
هڪ ڏينهن
ٿيندس آئون
وڏو ماڻهو..............
پر،
سڀ خيال اُهي
هوس خالي خالي..............!!
احسان ميمڻ (تلهار)
شرارت جي سزا
هڪ ڳوٺ ۾ زال ۽ مڙس رهندا هئا. هنن جو گذران ٻنيءَ
تي هوندو هو. هو ڳوٺ جي وڏيري جي ٻني ڪندا هئا. هڪ
ڏينهن هنن جي گهر ۾ هڪ گلاب جو گل ٽڙيو، جنهن جو
نالو جاويد رکيائون.
جاويد اڄ ننڍو، سڀاڻ وڏو، آخر ڇهن سالن جو اچي
ٿيو. مائٽن هن کي اسڪول ۾ داخل ڪرايو، پر هي
گهڻو شرارتي ٿي ويو. اسڪول جي بدران وڃي رلندو هو
۽ موڪل واري ٽائيم تي گهر ايندو هو، هن جو ٻيو هڪ
پاڙيسري هو جنهن جو نالو ”آصف“ هو. جيڪو ڏاڍو
محنتي ۽ هوشيار هو. آصف. جاويد کي گهڻو سمجهايو،
پر جاويد شرارتن کان باز نه آيو، هوڏانهن اسڪول ۾
آصف جي هر هڪ استاد عزت ڪندو هو.
ٻئي پاسي جاويد ٻين رول ڇوڪرن سان گڏجي جهنگ ۾ وڃي
آکيرن مان آنا ڪڍندو هو. پاڙي جي ٻارن کي ماريندو
هو. آخر اسڪول نه وڃڻ جي شڪايت جاويد جي پيءُ
تائين پهتي، جاويد کي پڻس گهڻوئي سمجهايو پر جاويد
نه سمجهيو. چوندا آهن ته ”مائٽ ميڻ ۽ اولاد پٿر
هوندو آهي“ سو هي وري به شرارتن کان نه رهيو. هڪ
ڏينهن جاويد اسڪول مان ڀڄي ٻين ڇوڪرن سان گڏجي
جهنگ ۾ وڃي رهيو هو تان جاويد اوچتو ٽپو ڏيئي وڻ
تي چڙهي ويو. اتي هڪ آکيرو ڏٺائين. اڄ ته هن آکيري
۾ آنا نه پر ڄيننڀن جو ڇٽ هو. جاويد جو هٿ وجهڻ تي
ڄينڀن مٿس حملو ڪري ڏنس ۽ سڄائي وڌائونس، نيٺ ساڻو
ٿي ڪِري پيو. جاويد جون ٻئي ٻانهون ڀڄي پيون. هيٺ
سندس ساٿي بيٺا هئا،سي جاويد کي کڻي گهر آيا.
جاويد جو هي حال ڏسي مائٽ پريشان ٿي ويا. اڄ
جاويد جي ماءُ ۽ پيءُ جو چهرو ڪومايل هو. هي تمام
غريب هئا، هنن وٽ ايترو پئسو نه هو جو هن کي
اسپتال کڻائي وڃن، جڏهن اها خبر سندس پاڙيسري آصف
کي پئي سو سڌو جاويد جي گهر آيو. جاويد جي ماءُ ۽
پيءُ کي پريشان ڏسي، هي ڪومائجي ويو، پر پوءِ دل
جهلي جاويد جي پيءُ کان سڄو قصو پڇيو. جاويد جي
پيءُ هن کي سڄو قصو ٻڌايو. آصف سڌو گهر آيو. ۽
ڪجهه پئسا کڻي آيو، جيڪي آصف پنهنجي خرچيءَ مان گڏ
ڪيا هئا. هن اهي پئسا کڻي جاويد جي پيءُ کي ڏنا ۽
چيائين ته هي پئسا وٺو ۽ جاويد کي اسپتال کڻائي
وڃو. جاويد اسپتال ۾ هفتي کن ۾ چاڪ ٿي ويو، ۽ هن
پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ سان واعدو ڪيو ته مان آئيندي
اهڙيون شرارتون نه ڪندس ۽ پڙهي سٺو ماڻهو ٿيندس.
اڄ اهو ساڳيو جاويد هڪ نيڪ ۽ سٺو ڇوڪرو آهي.
- نظير احمد ميمڻ، مٽيار
ڀلائيءَ جو بدلو
استاد ڪلاس ۾ چيو، اوهان روزانو اسڪول ۾ دير سان
ايندا آهيو، سڀاڻي جيڪو ڇوڪرو سڀن کان سوير
ايندو، تنهن کي بال انعام ڏيندس ۽ جيڪو شاگرد سڀن
کان پوءِ ايندو، سو سزا کائيندو. ٻيو ڏينهن سومر
جو هو. سڀ شاگرد پنهنجن شهرن جي اسڪول اچڻ لاءِ،
آنَ اُڀرئي کان تياريون ڪري رهيا هئا. مشتاق ۽
اسلم، جي ساڳي پاڙي ۾ رهندا هئا، سي ڪتاب کڻي،
سويري اسڪول جو رستو ٿا وٺن.
مشتاق: اسلم يار اڄ انعام پنهنجو آهي، جو پاڻ ئي
آهيون، جي اڳ حاضر ٿينداسون.
اسلم: ورندي ڏني ته ادا، جنهن جا نصيب!
اڃا ٿورو هليا مس ته آواز ڪَن تي پين ”اڙي انڌو
آهيان، ٿَڌ ۾ ٿو مران، ڀلائي ڪري گهر ڀيڙو ڪيوم“.
جان اڳتي وڌن ته هڪ جَڏو آهي، جو مٿيان لفظ آلاپي
رهيو آهي.
اسلم: ادا، هل ته پهريائين هن کي گهر پهچايون ۽
پوءِ اسڪول هلون.
مشتاق: چريا، ڪو انعام وڃائڻو آهي ڇا؟
اسلم: هيءَ به فرض ادائي آهي، چوندا آهن ته،
”ڀلائي هڪ ڪري ستر پائي“.
مشتاق: هائو، پر وچ جا کَلا ڪير کائي! ادا، آءُ
اصل ڪونه هلندس، تون وڃين ته ڀلي وڃ، مان انعام
ڪونه وڃائيندس، نڪو وري کٽيل انعام مان حصو به
ڏيندو سانءِ.
اسلم: مشتاق مون کي انعام کان هي فرض وڌيڪ آهي.
مون کي اُنهيءَ انعام جي ڪابه پرواهه نه آهي. ائين
چئي، اسلم فقير کي وٺي ويندو رهيو ۽ مشتاق سوير
اچي اسڪول پهتو. سڀ شاگرد اچي حاضر ٿيا. اسلم به
لڏندو لمندو اچي پهتو. جلد موٽڻ جي ڪوشش هوندي به
سڀن کان دير سان پهتو. سڀ شاگرد سندس منهن ڏانهن
نهاري، کلڻ لڳا ته اجهو ٿو سزا کائي. ايتري ۾
استاد به ڪلاس ۾ اچي وارد ٿيو.
اسلم پوئين بينچ تي ڪنڌ هيٺ ڪري ويٺو هو ۽ مشتاق
مُر ڪندو، منهن مٿي ڪري سيٽجي ويٺو.
ماستر: جنهن شاگرد سڀ کان سوير اچي فرض ادائي ڪئي
آهي، سو اُٿي بيهي ۽ سڀن کان پوءِ آيل به ٻوٿ ٻاهر
ڪڍي ته کين انعام ڏنا وڃن.
مشتاق ٽپ ڏيئي اُٿيو ۽ اسلم هيٺ منهن ڪري بيهي
رهيو.
استاد: اسلم، ڇو فرض ادائي کان گُٿو آهين؟ ٻڌاءِ
ته ڪهڙي سزا ڏيانءِ؟
مشتاق نماڻاڻيءَ سان ساري حقيقت پيش ڪئي.
استاد: شاباس هجي اسلم توکي، ۽ جس هجي تنهنجي
مائٽن کي، جن تو ۾ سچي فرض ادائي ۽ خدمت جو انگ
وڌو آهي، توهڪ جڏي کي گهر پهچائڻ سان، هڪ برخ
شاگرد جهڙو ڪم ڪيو آهي، جو ڪم اسڪول ۾ سوير اچڻ
کان سؤ ڀيرا بهتر آهي. انعام جو لائق به تون آهين.
هاڻ وٺ، هي بال جو توکي انعام ٿو ڏيان، ۽ هي ٻيو
ڪتاب به توکي بخش آهي، جو تو فرض ادائي ڪئي آهي.
سڀن شاگردن کي اسلم وانگر فرض ادائي ڪرڻ گهرجي ۽
نه مشتاق وانگر فقط لوڀ ڏانهن ڏسي، فرض وسارڻ کپي.
- نائيله سنديلو، لاڙڪاڻو.
ايماندار شخص
شهر طرابلس ۾ هڪ شخص جمال اصغر نالي رهندو هو.
جنهن پنهنجو پراڻو گهر دهرائي نئون ٿي جوڙايو.
جڏهن جڳهه جا بنياد کوٽيائون، ته بنيادن مان هڪ
صندوق اشرفين سان ڀريل نڪتي. هو ڏاڍو خوش ٿيو ۽
پنهنجن مائٽن جو دفن ٿيل خزانو سمجهي پنهنجي
ضرورتن تي خرچ ڪرڻ لڳو. ٿوري گهڻي ڏينهن اها خبر
وڃي ملڪ جي حاڪم تائين پهتي، جنهن جمال اصغر کي
درٻار ۾ گهرائي لڌل خزاني جي گُهر ڪئي، ڇو جو مُلڪ
جو قانون مطابق لڌل خزاني جو مالڪ بادشاهه هو.
تنهنڪري جمال اصغر باقي بچيل خزانو بادشاهه جي
حوالي ڪيو.
جمال اصغر واپاري ماڻهو هو، سندس واپار پرڏيهه ۾
هلندو هو تنهنڪري هن کي وڌيڪ فائدو ٿيو.
هڪ ڀيري سلطان نالي هڪ شخص وٽس آيو جيڪو پنهنجي
پراڻي جاءِ جمال اصغر کي وڪرو ڪري ڏئي ويو. جمال
اصغر اُها جاءِ ڊهرائي مٿس ٻي جاءِ ٿي ٺهرائي ته
ان مان به ڪيترو خزانو لڌائين. هي ايماندار هو
تنهنڪري سلطان کي گهرائي چيائين ته ادا هي خزانو
تنهنجي جاءِ مان نڪتو آهي سو اُن جو مالڪ تون
آهين، پر سلطان بنهه ايماندر هو تنهن جمال اصغر کي
چيو ته اهو برابر آهي ته خزانو منهنجي جاءِ مان
نڪتو آهي پراها جاءِ مون وڪرو ڪري توکي ڏني آهي.
تنهنڪري خزاني جو حقدار مان نه تون آهين. هڪ تي هي
ته ٻيءَ تي هو. آخر ڳالهه وڃي بادشاهه جي ڪن پئي.
بادشاهه جي ڪن پئي. بادشاهه ٻنهي جي ايمانداريءَ
کان ڏاڍو متاثر ٿيو ۽ فيصلو ڪيائين. ته جمال اصغر
جو پٽ سلطان جي ڌيءَ سان شادي ڪري ۽ لڌل خزانو
ٻنهي زال مڙسن کي ڏنو وڃي. جيڪا ڳالهه ٻنهي ڄڻن
قبول ڪئي. جمال جي پٽ جي شادي سلطان جي ڌيءَ سان
ٿي ۽ لڌل خزانو ٻنهي زال مڙسن کي ڏنو ويو. بادشاهه
جمال اصغر جو پهريون خزانو به کيس موٽائي ڏنو.
ڏسو ٻارو، صبر ۽ ايمانداري جو ڦل ڪهڙو نه مِٺو
آهي. توهان به ايمانداري سان هلندؤ ته هميشہ فائدي
۾ رهندؤ
- روشن علي راهو، ڀٽ شاهه
منظور علي شيخ، لاڙڪاڻو، سنڌ
چالاڪ نوريئڙو
ٻارو، اوهان نوريئڙو ته ڏٺو هوندو، هي ننڍڙو
جانور هندستان ۽ پاڪستان ۾ عام ڏٺو آهي. هن کي
انگريزيءَ ۾ اسڪئارل- ( ) يا چئنڊي ( ) به چوندا
آهن. هن جي پٺيءَ تي ڪارا ۽ اڇا پٽا ٿيندا آهن، ۽
هن جي پڇ کي گهاٽا وار ڪون ٿين.
هڪ ڀيري جي ڳالهه آهي ته ڪنهن وڻ تي هڪ نوريئڙو ۽
ان جي مادي پنهنجي لاءِ نئون گهرٺاهي رهيا هئا.
هنن کي هڪ ٻچڙو به هيو جيڪو پڻ هنن کي گهر ٺهرائڻ
۾ مدد ڪري رهيو هو. هي ننڍڙو ٻچڙو هر هر وڻ تان
هيٺ لهي پن، گاهه ۽ سنهڙو تيليون ميڙي مٿي پنهنجي
ماءُ ۽ پيءُ کي ٿي ڏٺائين ۽ هيٺ لهي خوشيءَ وچان
چيخون ٿي ڪيانءِ ته اڄ اسان نئين گهر ۾ رهنداسين.
اوچتو هن ننڍڙي ٻچڙي خوف مان دانهون ڪيون. سندس
ماءُ هي رڙيون ٻڌي گهٻرائجي ويئي سندس مت منهنجي
پيئي. ۽ تڪڙ تڪڙ ۾ هيٺ لهي آئي. هن ڏٺو ته پري
کان هڪ نور سندن طرف تيز ڊوڙندو ٿي آيو. ٻچڙو خوف
وچان ڊوڙي ماءُ جي پٺيءَ تي ويهي رهيو ۽ سندس
ماءُ وڻ تي چڙهي ويئي ۽ اهڙيءَ طرح نور جي گرفت
کان نڪري ويا. نور وڻ هيٺان ويهي کين ڪڙي نظر سان
تڪي رهيو هيو. ٻچڙوهيءَ حالت ڏسي، اڃان به رڙيون
ڪرڻ لڳو. سندس پيءُ هي حالت ڏسي هي سوچيو ته ٻچڙو
ڊپ کان ڪِري نه پوي ۽ ظالم نور جي شڪار نه ٿي پوي
۽ ظالم نور جو شڪار نه ٿي پوي. سو پنهنجي جان جوکي
۾ وجهي، مٿان کان هيٺ ٽپو ڏنائين ۽ سنڌو نور جي
ڪنڌ تي ڪِريو ۽ پنهنجي تکن چنبن سان کيس رانڀوٽا
پائڻ لڳو. نور سياڻو هو سو پنهنجي ڪنڌ کي ٻه ٽي
زوردار جهٽڪا ڏياريائين ته نوريئڙُ پَٽ تيپيو،
نور کيس پنهنجي قبضي ۾ ڪيو ۽ چيائين ته”بدمعاش!
سيکاريان ٿو توهان کي رڙيون ڪرڻ. دانهون ڪوڪون ڪري
اسان جي ننڊ ڦٽائي آٿَو.“ پوءِ کيس پنهنجي گهر
وٺي ويو ۽ کيد هڪ کڏڙي ۾ بند ڪري مٿان پٿر
رکيائينس ۽ پوءِ خوشي ڪرڻ لڳو ته ”اسان جي ورهين
جي بک جو احساس ختم ٿي ويندو، اڄ ڍؤ
ڪنداسون،نوريئڙو ويچارو خوف کان سُڪي ويو ۽ سوچڻ
لڳو ته هي ظالم مون سان نه ڄاڻ ڪهڙي جٺ ڪندو ۽ هي
به سوچڻ لڳو ته هاڻي مون کي ڇا ڪرڻ گهرجي آخر کيس
هڪ اٽڪل آئي هن ڇا ڪيوجو ٿورڙو پرتي وڃي وري پاڻ
کي پٿر تي ٿي هنيائين ليڪن سندس هي ڪوشش ناڪام ٿي
ويئي. هوڏانهن وري نور پنهنجي ٻئي ساٿيءَ کي ڳولڻ
ٿي ويو. اوچتو نور جو اهو ساٿي موٽيو جنهن جي تلاش
۾ شاڪري نور هليو هن کي ته خبرنه هئي ه هن کڏ ۾ ڇا
آهي جيئن ئي هن پٿر هٽايو تيئن نوريئڙو ٽپ ڏيئي
ٻاهر ڀڳو نور سندس ڪڍ گهڻو ڀڳو پر پهچي نه سگهيو.
نوريئڙو ان وڻ تي چڙهي ويو جتي سندس گهر هو. هن جي
پهچڻ سان ٻچڙي ۽ سندس ماءُ خوشيون ڪيون ته شڪر آهي
جو سندس جان بچي. ان ڏينهن کان پوءِ ٻچڙو ڪڏهن به
ماءُ کان سواءِ اڪيلو هيٺ نه لهندو هو، ۽ هميشہ
پنهنجي ماءُ پيءُ جي فرمانبراداري هيٺ رهڻ لڳو.
- جان محمد ديناري، لاڙڪاڻو.
لالچ جو انجام
گهڻن سالن جي ڳالهه آهي ته هڪ ڳوٺ ۾ هڪ فقير
پنهنجي ٻارن سميت رهندو هو. هن جا ڏينهن مشڪل سان
گذرندا هئا. آمدني جو ڪو به ذريعو نه هو. هو پني
پنهنجي زال ۽ ٻارن جوپيٽ ڀريندو هو. پر ان جي
باوجود انهن جو گذارو مشڪل سان ٿيندو هو. ڏينهن
جو گهٽي گهٽي ڦري پنندو هو،۽ شام جي وقت ٻار لاءِ
ڪجهه نه ڪجهه ضرور وٺي ويندو هو. ان جي زال
گهڻائي دفعا ان کي محنت مزدوري ڪرڻ لاءِ چيو پرهن
پنڻ کان سواءِ ڪوئي ڪم ڪرڻ پسند نه ڪندو هو، ان کي
پنهنجو آباڻو ڪم ڏاڍو پسندهو. چاهي ان جا ڏينهن
مصيبت ۾ ڇو نه گذرن. ان جامعصوم ٻار بکن ۾ پاهه ڇو
نه هجن صحتمند ۽ مضبوط ٻانهن وارو هي فقير سڀ ڪجهه
ڏسندي به محنت نه ڪندو هو. ان ٻين جي سامهون هٿ
ٽنگڻ کان سواءِ ڪوئي ڪم نه ڪيو هو، هميشہ ان جي دل
۾ اهو خيال ايندو هو ته الله سائين مون کي دولت ڏي
ته مان مزي سان زندگي گذاريان. تڪليف جا ڏينهن
گذري وڃن ۽ ان جا ٻار اطمينان سان وقت گذارن.
انهن خوش فهيمن ۾ هو پنهنجا ڏينهن گذاري رهيو هو.
ان کي اميد هئي ته الله سائين هڪ ڀيرو ان کي
بيشمار دولت ڏيندو ۽ ان جا ڏينهن ڦري ويندا. هڪ
ڏينهن جڏهن فقير جهنگ مان گذري ڳوٺ جي طرف پئي ويو
ته ان جي ”قسمت هڪ امير ماڻهوءَ جي شڪل ۾ان سان
ملڻ لاءِ جهنگ ۾ لٿي، ان جي هٿ ۾ سونن سڪن سان
ڀريل هڪ ٿيلهي هئي. ان فقير سان ڀريل هڪ ٿيلهي
هئي. ان فقير کي آواز ڏنو ته ”اي فقير! ڪجهه دير
ترس ته“فقير حيران ٿي بيهي رهيو. ان کي پري کان هڪ
سهڻي شڪل وارو ماڻهو ايندو ڏسڻ ۾ آيو. فقيرسمجهيو
ته شايد هي ماڻهو رستو ڀلجي پيو آهي ۽ ان کان
رستو پڇڻ اچي ٿو. پر جڏهن هو شخص ڀرسان آيو ته
فقيرکان پڇيائين ته ”تون هن وقت ڪاڏي ٿو وڃين؟“
فقير چيس ته ”مان سامهون ڳوٺ ۾ وڃان پيو.“ ان
ماڻهوءَ پڇيو ته ”خير ته آهي.“ فقير چيو ”ها
خيرآهي. ڪجهه ڪم ٿي پيو آهي.“ ”تون پنهنجي شڪل مان
پريشان لڳي رهيو آهين پر ڇو؟“ ان ماڻهوءَ پڇيو.
”ادا بس ڇا ٿو پڇين آمدني جو ڪو به ذريعو نه آهي.
ٻارٻچا ڏاڍا پريشان آهن. مون کي انهن جو ڏاڍو
خيال ٿي پيو آهي. هاڻي ٻڌاءِ ته اهڙي حالت ۾ ڪيئن
هوش وحواس قابو ۾ هجن.“ فقير جواب ڏنو. فقير جي
اها ڳالهه ٻڌي ان ماڻهوءَ چيو ته ”چڱو ٻڌاءِ
جيڪڏهن ڪوئي تنهنجي مدد ڪري ته.“ ”ته ان جو وڏو
احسان ٿيندو اسان تي.“ فقير پنهنجي عادت کان مجبور
ٿي چيو. ”مان تنهنجي مدد ڪرڻ چاهيان ٿو، چڱو وٺ
پنهنجي جهولي اڳيان ڪر.“ ان ماڻهوءَ پنهنجي سونن
سڪن سان ڀريل ٿيلهي جو مهن کوليندي چيو. ”پر ها،
توکي هي خيال رکڻو آهي ته هڪ به سڪو زمين تي نه
ڪِري، نه ته سڀ مٽيءَ جا ٿي پوندا.“ فقير پنهنجي
چتيءَ لڳل جهولي جهلي. ”چڱو وٺ!“ ماڻهوءَ ان جي
جهولي ۾ سونا سِڪا وڌا. ”بس، يا ٻيا گهرجن“؟ ”ٿورا
ٻيا سائين.“ فقير خوشامند ڪندي چيو. هڪ ماڻهو وٽ
سونن سڪن جو خزانو ڏسي ڪري، ان جي وات ۾ پاڻي اچي
ويو. ”پر ڏس جهولي ڦاٽي پئي ته سڀ سڪا مٽي ٿي
ويندا.“ ”اڃا به، اڃا به“ فقير چوندو رهيو. تان جو
جهولي نيٺ ڦاٽي پئي ۽ سڀ سڪا زمين تي ڪري پيا ۽
مٽيءَ جا ٿي ويا. لالچ ڪيائين ته سون به ڌوڙ ٿي
پيو.
- رخسانه سومرو، سکر.
حبيب الرحمان سيال، نواب شاهه، سنڌ
طوطا رام، ميرپور ماٿيلو
آس اڌوري
ڪلاس ۾ ڇوڪرا واري واري سان اُٿيا ۽ ويٺا ٿي.
سنهڙو ٽهڪڙو ڪلاس ۾ هلڪو ميوزڪ ڏيئي رهيو. سڀ
ڪنهن اڳتي بابت پنهنجا رايا ۽ خيال پئي ظاهر ڪيا.
”شائين مان ڊاڪٽر ٿيندس“. ڪنهن ٿي چيو. ”مان
انجنيئر ٿيندس“. ننڍڙي قد جي بندري، سنهڙي، سپڪڙي
مينهل ڪُڏ ڏيئي چيو ته ”مان شائين صوبيدار ٿيندس“.
وڏو زوردار ٽهڪ اُٿيو، ڄڻ ڪنهن ڀير تي ڏؤنڪو هنيو.
”زپڪ“. ڪهوءَ جي لٺ کي ماستر ڦيرائيندي ٽيبل تي
هنيو. ”گوڙ نه ڪريو“.
چپ چپاپ ٿي ويئي. ڄڻ راڪاس منهن ڪڍيو.
”اڙي تون ٻڌاءِ“ ماستر مون ڏانهن لڪڻ سان اشارو
ڪندي چيو.
مان ڀلڳل بينچ تان اُٿيس ۽ نڪ مان گينگو ڪڍندي ئي
شرمائجي ويس. ڄڻ ڪنهن مون کي شادي ڪرڻ لاءِ چيو
هجي. ”مان شائين شائنس پڙهندس“. دل جهلي چئي ڏنم
ته مان هي ڪي هي پڙهندس.
اوچتو ماستر صاحب شينهن وانگر گجگوڙ ڪندي چيو.
”تون به شائنس پڙهندين. منهن ڪڏهن آرسيءَ ۾ ڏٺو
اٿئي. اچئي ٿو ٻاراڻو به پڙهڻ ڪونه ۽ هلي ٿو مڙس
سائنس پڙهڻ“.
دماغ کي چڪر اچي ويم. ڄڻ ڪنهن زوردار سؤنٽو ٻه
هٿڙيون ڪري، لوندڙي واري ٺڪاءُ ڪرايو هجيم. خاموش
ٿي ويس. ڌرتي پيرن هيٺان نڪري ويئي، پاڻ سنڀالي
ويهي رهيس. ڪجهه وقت ڍڪرن ۾ رهيس. کن کان پوءِ اها
ڳالهه ائين وسري ويئي.
آءٌ ننڍي هوندي کان ئي ڇسو ۽ نٻل هوندو هئس. پڙهڻ
۾ به جڏو هئس. اکر اهڙا هوندا هئم جهڙيون ماڪوڙن
جون ٽنگون. گهر پڙهڻ وقت ڪو جاسوسي ناول کڻي درسي
ڪتاب جي مٿان رکي ويهي پڙهندو هئس. جيئن امان ۽
ابي کي خبر نه پئي، پر جڏهانڪري ماستر طعنو هنيو
هُئم ته ”تون به سائنس پڙهندين“. ان ڏينهن کان
وٺي دل ۾ فيصلو ڪيو هئم ته، ”ضرور پڙهندس“. ٿيو
به ائين، محنت ڪيم. رات جو دير دير تائين بتيءَ جو
تيل ٻاريندو رهندو هئس.
”سڀاڻي رزلٽ پئي اچي“ احمد اڌ هراسيل لهجي ۾ کلندي
چيو. ”لائي ڇا ٿيندو“.
”اهوئي ٿيندو جيڪو منظور خدا هوندو.“ مون دلداري
ڏيندي چيومانس.
رات جي ماني کاڌي، تهڙي نه کاڌي سمهي رهيس. رات
پاسا ورائيندي گذري ويئي. صبح جو اول نام الله
جوڳنهي، سائيڪل تي چڙهي نوشهري پهتس، مان کان اڳ
۾ ئي اخبارن واري وٽ ڇوڪرن جو انبوهه لڳو پيو هو.
مونکي ڏسي مبارڪون ڏيڻ لڳا. ”فرسٽ ڪلاس ۾ آيو آهي.
فرسٽ ڪلاس ۾.........“. مان ڪنهن کي جواب ڏيڻ بغير
اُستاد وٽ پهتس (جيڪو ڪنهن طرف وڃڻ لاءِسواريءَ
جو انتظار ڪري رهيو هو) جنهن مون کي چيو هو ته
”تون سائنس پڙهندين“ پيرين پئي مليومانس. ”مبارڪ
هجئي فرسٽ ڪلاس ۾ آيو آهين.“ ماستر صاحب چيو.
”سائين خيرسلامت اهي اوهان جون دعائون آهن.“ مون
چيو. وقت گذرندو رهيو. گاڏو هلندو رهيو. تان جو
اها منزل به اچي پهتي، جو مون انجنيئرنگ جي پهرين
سال ۾ داخلا لاءِ فارم ڀريو. اهو معاملو به خير
خوبيءَ سان طئي ٿي ويو ۽ هڪ سٺي انجنيئر بنجڻ
لاءِ زور سان محنت ڪرڻ لڳس. شاگرد برادري ۾ به
سٺي مقبوليت ٿي ويئي هئي. ”ڀلاسٺي ۽ محنتي شاگرد
جو ڪنهن وٽ ماءُ ڪونه آهي.“
رات جا ٻارهن ٿيا هئا، چوڪيدار در کڙڪائيندي چيو
ته ”سائين، اوهان جي ڳوٺ کان ٽيليفون آئي آهي.“
”هن مهل ٽيليفون“ مون حيران ٿيندي چيو.
ٽيليفون وڃي کنيم. سوٽ ڳالهايو. ”يار چاچو گذاري
ويو.“
ان ڏينهن کانپوءِ پڙهڻ ڇڏي ڏنم. ڇاڪاڻ ته خرچ ڏيڻ
وارو اڪيلو ڇڏي ويو. گهر جي گاڏي کي گهلڻ لاءِ وڃِ
نوڪري ڪيم. واپڊا ۾ ڪلارڪي ملي ويئي.
هڪ ڏينهن آفيس سپرنٽيڊنٽ هي نوٽيس ڪڍيو ته ”سڀاڻي
سويل اچجو. ڇاڪاڻ سڀاڻي وڏو صاحب معائنو ڪرڻ
ايندو.“ ٻئي ڏينهن سويل ساجهر آفيس ۾ پهتاسين.
ضروري ڪم ڪار کان پوءِ صاحب جڏهن آيوته اهوئي
اسلم جنهن کي آءٌ پڙهائيندو هوس. ان وقت اکين ۾
پاڻي تري آيم، چئي ڏنم ”ڪاش ابا تون هجين ها!“
- بشير ممنائي، نوشهرو فيروز.
پنهنجا پراوا
ڊرائينگ جو پيرڊ شروع ٿيو، اسان جو نئون ڊرائينگ
ٽيچر ڪلاس ۾ آيو، ۽ اچڻ سان ئي سڀني ڇوڪرن کي
چيائين، ”پنهنجون پنهنجون ڊرائينگ ڪاپيون ڪڍو ته
جيئن نئين تصوير ٺاهيون“. سڄي ڪلاس اندر ڪتابن ۾
ڦرڦوٽ ۽ ڊيسڪن جاکڙڪا ٿيا ۽ جلدي بند ٿي ويا سڀني
ڇوڪرن اڳيان نيون ڊرائينگ ڪاپيون هيون، پر اسلم
تمام معصوم ۽ حيران و پريشان استاد جي منهن ڏانهن
تڪي رهيو هو، ايتري ۾ وري استاد جو آواز آيو
”سڀني ڪاپيون ڪڍيون؟“
”ها سائين“.
استاد وري به فقيرائي سڀني ڇوڪرن ڏانهن نهاريو.
جڏهن اسلم تي نظر پيس ته کيس ڏسي چيائين ته ”پٽ
تون وٽ ڊرائينگ ڪاپي ڪانه آهي ڇا“؟
”نه سائين! ٻن- ٽن ڏينهن کان پوءِ وٺي ايندس.
استاد ڪجهه سوچ ۾ اچي ويو ته شايد ڇوڪرو غريب آهي،
پر وري پڇيائينس ته ”پٽ، تنهنجو پيءُ ڇا ڪندو
آهي“؟
”هو سرڪاري آفيسر آهي“؟
وڏي حيرت سان اساد اسلم ڏانهن ڏٺو.
”پوءِ توکي ڊرائينگ ڪاپي وٺڻ کپي“. بجاءِ جواب ڏيڻ
جي اسلم جي ڳاڙهين اکين ۾ پاڻي تري آيو ڪڏهن
استاد ڏانهن پئي نهاريائين ته ڪڏهن سندس نظرون
ڊيسڪ ۾ ٿي کتيون. استاد کي وڌيڪ احساس ٿيو ۽ وڌي
اچي سندس وارن ۾ شفقت جو هٿ گهمائيندي پڇيائينس ،
”رئين ڇو ٿو اسلم! مون توکي ته ڪجهه نه چيو جو
تنهنجي دل کي صدمو رسيو؟“ ”نه.....نه سائين نه،
ائين نه آهي، دراصل بابا اسان کي هڪ پئسو به خرچ
لاءِ نه ڏيندو آهي خبر نه آهي ته ڪٿي خرچ ٿو ڪري
يا الڳ گڏ ٿو ڪري جيڪڏهن خرچ وغيره لاءِ اما
گهرندي اٿس ته ويتر ان کي مار ڏيندو آهي. مجبور
سڄو ڏينهن اما ڀرت ڀريندي آهي ۽ ڪپڙا سبندي ڪندي
آهي جنهن مان گهر جو خرچ ڪندي آهي (سڄي ڳالهه اسلم
هڪ ئي ساهي ۾ چئي ويو.) استاد کيس پيار وچان چيو
اسلم تون غم نه ڪر تو جهڙي ذهين ۽ محنتي ڇوڪري
مٿان منهنجي محنت ۽ دولت قربان آهي گهٽ ۾ گهٽ
تنهنجي زندگي رائگان ٿيڻ نه ڏيندس تو شوق سان
پڙهندو رهه تنهنجي تعليم جو خرچ مان برداشت ڪندس ۽
روزانو خرچي به ڏيندس اسلم جي اکين ۾ خوشي وچان
ڳوڙها تري آيا ۽ حيراني ۽ خوشيءَ جي گڏيل تاثرات
سان استاد ڏانهن تڪڻ لڳو.
- عبدالمنان جوڻيجو، قمبر.
راجيش روي شنڪر ۽ ڪلپنا روي شنڪر، مٺي سنڌ
وساريان نه وسرن
مان هن وقت ڏهين جماعت جو شاگرد آهيان ۽ منهنجي
عمر صرف 15 سال آهي. منهنجي زندگيءَ ۾ ايترا لاها
چاڙها نه آيا آهن. مگر منهنجي زندگيءَ ۾ هڪ اهڙو
واقعو ٿي گذريو آهي، جيڪو مون کان وساري نٿو وسري
۽ نه صرف اڄ تائين ياد آهي پر منهنجي لاءِ شرم ۽
ندامت جو باعث پڻ آهي. اهو واقعو مان هيٺ پيش
ڪريان ٿو:
هيءَ ان وقت جي ڳالهه آهي جڏهن مان ڇهين جماعت
پڙهندو هوس. مون کي ان وقت سائيڪل سکڻ جو تمام
گهڻُو بلڪ حد کان وڌيڪ شوق هوندو هو. هڪ ڏينهن مون
پنهنجي دوست شوڪت کي ان ڳالهه تي راضي ڪيو ته مون
کي سائيڪل سيکاري. سو اسان هڪ سائيڪل جي دوڪان
تان سائيڪل ڪِرائي تي کنئي ۽ اسڪول جي گرائونڊ ۾
منهنجي دوست مون کي سائيڪل سيکارڻ شروع ڪئي.
ڪجهه ڏينهن گذريا مان به ٿوري ٿوري سائيڪل هلائڻ
لڳس. ڪڏهن ڪڏهن سائيڪل ڪِرائي تي کڻي مان پاڻ ئي
روڊ تي سائيڪل هلائيندو هوس.
هڪ ڏينهن اسان کي اسڪول کان سوير موڪل ملي، سو مان
ڪتاب گهر رکي ٻاهر نڪرڻ لڳس ته امڙ پڇيو ته، ”پٽ
سليم ڪيڏانهن ٿو وڃين“؟ مون امڙ کي چيو ته ”مان!
مان سائيڪل سکڻ ٿو وڃان“. امڙ مون کي منع ڪندي
چيو، ”پٽ! هاڻي نه وڃ، ٿوري دير آرام ڪري شام جو
وڃجانءِ. هن وقت ٻاهر ڏاڍي رش هوندي“. ليڪن مون
امڙ جي هڪ به نه ٻڌي ۽ گهر کان ٻاهر نڪري آيس.
سائيڪل کڻي مان اڃا لانگ ورائي چڙهيس ئي مس ته
ڌڙام ڪري سائيڪل سوڌو اچي هيٺ ڪِريس. ڌڪ ته ڏاڍو
لڳو ليڪن سائيڪل هلائڻ جو شوق ۾ مون پرواهه ئي نه
ڪئي. سائيڪل تي ڪوشش ڪري چڙهيس ۽ آهستي آهستي
هلائڻ لڳس. منهنجا هٿ ڏڪي رهيا هئا. رستي تي رش
به ڏاڍي هئي، مان پاڻ کي رش کان بچائيندو پئي ويس
ته اوچتو اسان جي اسڪول جو هڪ استاد صاحب سامهون
اچي ويو. مون بچائڻ جي تمام گهڻي ڪوشش ڪئي ليڪن
سائيڪل سڌو وڃي استاد صاحب جي ٽنگن ۾ لڳي ۽ استاد
ٻئي هيٺ ڪري پياسين. ٻنهي کي ڏاڍا ڌڪ لڳا، منهنجي
مٿي مان ته باقاعدي رت وهڻ لڳو. چڱو ٿيو جو اسپتال
ويجهي هئي. استاد صاحب مون کي اوڏانهن وٺي ويو ۽
منهنجي ملم پٽي ڪرائي ٻاهر اچي مون استاد صاحب کان
دل جي گهراين سان معافي ڪري ڇڏيو پر منهنجو ضمير
مون کي اڄ تائين معاف ڪري نه سگهيو آهي. جيڪڏهن
مان امڙ جو چيو مڃيان ها ته منهنجي اها حالت نه
ٿئي ها ۽ استاد صاحب آڏو شرمندو ٿيڻو نه پوي ها.
- سليم مصطفيٰ ميمڻ، لاڙڪاڻو.
شڪر جو شان
ڳالهه ڪندا آهن ته ڪنهن ڳوٺ ۾ هڪ ڪاٺير ۽ سندس زال
رهندا هئا، ڪاٺير هميشہ الله تعاليٰ جو شڪر بجا
آڻيندو وهو ۽ هر ڳالهه الله پاڪ جي پاران ڀائيندو
هو. ان ڪاٺير وٽ هڪ گڏهه، هڪ ڪتو ۽ هڪ ڪڪڙ هوندا
هئا. اتفاق سان هڪ ڏينهن سندس گڏهه مري ويو، هن
آسمان ڏانهن منهن ڪري چيو ”الله پاڪ جيڪي ڪندو
آهي سو بهتر ڪندو آهي.“ ان تي سندس زال جيڪا بي
صبر ۽ بي شڪر هئي، تنهن ڪاوڙ ۾ اچي پنهنجي مڙس کي
چيو ته اسان جو گڏهه مري ويو، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ بار
کنيو اسان جو ساٿ ڏيندو هو. اهو اسان کي نقصان
پهتو آهي ۽ تون چوين ٿو ”الله پاڪ جيڪي ڪندو سو
بهتر ڪندو آهي.“ پر مڙس ڪجهه به نه ڪڇيو.
ڪجهه ڏينهن بعد سندن ڪتو مري ويو، ان شاڪر بندي
اهي ساڳيا لفظ چيا، سندس زال کي هيڪاري وڌيڪ چڙ
وٺي ويئي ۽ چيائينس ته تون عجيب قسم جو ماڻهو
آهين، ڪتو جيڪو گهرجي چوڪيداري ڪري ويٺو هو ۽ تون
چوين ٿو ته الله جيڪي ڪندو آهي سو بهتر ڪندو آهي.
پر هن ڪجهه به نه ڪڇيو.
ڪجهه عرصي بعد سندن ڪڪڙ به مري ويو، ان ڪاٺير
ساڳيا لفظ پنهنجي چپن تي آندا. سندس زال هيڪاري
وڌيڪ ڪاوڙ ۾ اچي ويئي مڙس کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ لڳي
ته ڪڪڙ جيڪو اسان کي ٻانگ ڏيو سوير اٿاريندو هو ۽
تون چوين ٿو ته ”الله جيڪي ڪندو آهي سو بهتر ڪندو
آهي.“ ان صابر بندي تي انهن لفظن جو شڪر ادا ڪرڻ
لڳو. خدا جي ڪرڻي جو ان ڳوٺ تي ڪن ڌاڙيلن حملو
ڪيو ڪنهن به گهر مان گڏهه جي هينگ، ڪتي جي ڀؤنڪ ۽
ڪڪڙ جي ٻانگ جو آواز ٿي آيو ته ان گهر تي حملو ٿي
ڪيائون، گهر کي لٽي مڙسن کي ماري سندن زالن کي قيد
ڪري ٻانهيون بنائي وٺيو ٿي ويا. هن صابر بندي جي
گهر ۾ ڪنهن به قسم جو آواز نه هو، ڌاڙيلن ان گهر
کي ويران سمجهي ڇڏي ڏنو هن صابر بندي پنهنجي زال
کي چيو ته بختاور! ڏٺئي الله سائين جيئن ڪندو آهي،
بهتر ڪندو آهي. جيڪر آءٌ الله جي ڪئي ته صبر وشڪر
نه ڪريان ها ته پاڻ به نيست ونابود ٿي وڃون ها.
سندس زال تي ڏاڍو اثر ٿيو ۽ هوءَ به صابر و شاڪر
بندي بنجي وئي. ته پيارا ٻارو، اسان کي به گهرجي
ته الله تعاليٰ جي طرفان هي تڪليف تي صبر ۽ شڪر
ڪريون جيئن اُن جو ڦل به اسان کي سٺو ملي وڃي.
نتيجو بنا عنوان - 13
ماهه آڪٽوبر 1979ع ۾ سريش جي ڪهاڻي ڏني ويئي هئي.
جنهن جو عنوان ٻارن کي مقرر ڪرڻو هو. هيٺئين عنوان
کي پهريون نمبر مليو.
عنوان: گهر وڃان يا اسڪول!
موڪليندڙ: پرويز سرور سومرو، پبلڪ اسڪول سکر. کيس
سندس ائدريس تي ويهن روپين جا انعامي ڪتاب موڪليا
پيا وڃن.
اوهانجو امتحان
امتحان نمبر- 52
الف، ڪو ڪم اڪيلي سر 48 ڏينهن ۾ ڪري سگهي ٿو ۽ ب
اهو ڪم اڪيلي سر 32 ڏينهن ۾ ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن
الف- ب ۽ ث ٽيئي گڏجي اهو ڪم ڪن ها ته کين 16
ڏينهن لڳن ها. ٻڌايو ته ث اڪيلي سر اهو ڪم ڪيترن
ڏينهن ۾ پورو ڪري سگهي ها؟
صحيح جواب موڪليندڙن جا نالا گل ڦل ۾ شايع ڪيا
ويندا. جواب موڪلڻ لاءِ اسان وٽ پهچڻ جي آخري
تاريخ 28 جنوري 1980ع آهي. جواب سان گڏ هن رسالي ۾
ڌار ڏنل ڪوپن نمبر 52 ڀري موڪلڻ ضروري آهي. صحيح
جواب موڪليندڙن مان 5 نالا ڪڻن ذريعي ڪڍي، انهن ۾
25 روپين جا ڪتاب انعام طور ورهايا ويندا.
انعام
امتحان نمبر 5 ۾، جن ٻارن جا جواب صحيح آيا آهن،
انهن مان ڪڻن ذريعي هيٺين پنجن ڄڻن جا نالا نڪتا
آهن: 1موهن لعل شاد، ڪراچي. 2- محمد ايوب ڀٽو
هالا پراڻا. 3- محبوب علي شاهه، ڏوڪري . 4- غزاله
زرين شيخ شڪارپور. 5- نصر الله شيخ مٺياڻي ضلع
نواب شاهه.
مٿين ٻارن کي پنجن پنجن روپين جا ڪتاب ڏنا ويندا.
کين گهرجي ته پنهنجون ائڊريسون موڪلي ڪتاب گهرائي
وٺن.
امتحان نمبر-50
سئو روپين جي نوٽ کي مٽائي آڻي ڏيو. انهن ۾ نوٽ
اهڙا هجن جي اڄ ڪلهه هلندڙ آهن پر مٽيل نوٽن جو
تعداد 21 ٿئي ۽ رقم به هڪ سؤ روپيا هجي.
جواب
هڪ وارا پنج، ڏهن وارا ٽي ۽ پنجن وارا تيرهن. ان
کان سواءِ ٻيا به ان سان ملندڙ جلندڙ جواب صحيح
ڏنا ويا آهن. هي حساب اسان کي نديم عباسي کهڙا ضلع
خيرپور ميرس کان موڪليو هو. صحيح جواب ڏيندڙ ٻارن
جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:
”ڪراچي“: موهن لال شاد، ڪرم حسين لغاري، سليم
احمد حيدري، وسيم قاضي، عدنان جهانگير شيخ، ”ميمڻ
ڳوٺ“: محمد سليمان ميمڻ، محمد اختر، غلام قادر
ڄاموٽ، عبدالفاروق ميمڻ، محمد اسلم قاسماڻي،
عبدالحميد ميمڻ، عبدالرشيد ميمڻ، محمد امين، بشير
احمد ميمڻ، محمد انور ميمڻ، عبدالرزاق ميمڻ، نذير
احمد، حڪيم ميمڻ، عبرالرشيد ميمڻ، ”ڳوٺ هاشم
خاصخيلي“: محمد صادق. ”ڳوٺ ملا عرضي بلوچ“: غلام
رسول ڪلمته بلوچ.
”بدين“: کتري عبدالرحيم ايوبي، محمد ايوب ميمڻ،
ظفر عباس خواجه، نائله حبيب ميمڻ“ نور حبيب ميمڻ،
ايم حبيب الله گل ميمڻ، ”ٽنڊو باگو“: حبدار علي
خواجه، اندر جيت لهاڻه، اسلم آزاد ڪڇي، حاجي
عبدالله. خاموش هريش ڪمار لوهاڻو، مرڪ سنڌي، هريش
ڪمار، پرشو تم ڪمار. ”ڪپري موري“: احمد آريسر،
ڏيواراج مل، عبدالشڪور، محمد حنيف سهته، والجي
داس، سکومل، ميميو ڀيل، محمد رفيق سهتو، محمد
سهتومحمد صديق ستهو. ”راڄو خاناڻي“: مٺو مل،
هائوجي مل ميگهواڙ، ٽيڪمداس، پرشور راسي لوهاڻو
ماتلي، پرٿوي راج مهراج، شام سندرڪي آدواڻي ڇتو
ماندراڻي. عبدالمبين شورو، مير عطا محمد خان
ٽالپر. ”ڳوٺ بچل آريسر“: محمد عثمان آريسر، شفيع
آريسر. ”تلهار“: محمد خان نظاماڻي، غلام رضا
جتوئي. جاويد اقبال کوسو. ”نندو شهر“: بشير احمد
بحر، طاهر نواز باجوه ”ڳوٺ ڀاناڻو“: غلام مصطفيٰ
خاصخيلي. ”گولاڙچي“: ايم سليم ميمڻ. ”احمد ڪوٽ“:
عتيق الرحمان ٽالپر. ”ٺٽو“: فياض احمد قريشي، شاهه
زمان، عبدالحميد ممڀائي، لعل چند چمن عزيز احمد،
عبدالله،عبدالمجيد ڀٽو. ”چوهڙ جمالي“: عبدالحق
ميمڻ، عبدالقادر ميمڻ، ڪيشوداس، محمد عثمان ميمڻ،
اقبال احمد کٽي، شمس الدين ميمڻ، حاجي احمد کٽي،
غلام حسين جاداڻي، غلام رسول ميمڻ. ”سجاول“:
اعجاز حسين، هربش ڪمار، فدا حسين ڀٽي، وشنومل
جاويد قريشي، فرخنده قريشي. ”جنگشاهي“: اصغڙ علي
پليجو، عبدالرحمان پليجو. ”يوسف چانڊيو“: محمد
عرس ڪنڀار. محمد مٺن ڪنڀار. ”جهرڪ“: محمد علي
جماري. ”دڙو“: محمد يوسف ميمڻ. ”ليهار خان جوکيو“:
واحد بخش جوکيو. ”درس“: ڪريم بخش“ ”ماڻڪ بهراڻي“:
ظهور احمد بهراڻي. ”تڙ خواجه“: عزيز علي. ”کيسانا
موري“: علي محمد جمالي، بشير احمد سولنگي. ”ٽنڊو
محمد خان“: محمد اسلم قريشي، منظور احمد ميمڻ، آصف
علي دايو، تلسيداس، گورڌن داس، غلا مصطفيٰ زئونر.
”ٽنڊو الهيار“: ڪيول راجپوت، علي اڪبر شاهه، لال
چند، چمن لال ٿري، اسرار علي مجيداڻو، عبدالمجيد
آزاد، جويريهه ميمڻ.، ”ٽنڊو ڄام“: محمد جمن
ڀٽو،منور لعل اوڏ، لعل چند اوڏ. ”چمبڙ“: اسماعيل
حليم، مقبول احمد ميمڻ. ”نصيرپور“: محمد صديق
گراڻو، غلام حيدر شاه، اشفاق احمد ميمڻ. اشفاق
علي شاهه، محمد ايوب کورو،ابراهيم سومرو، حسين
پاڌياڻي، محمد عثمان درس عارف کٽياڻ، موهن لال
سوٽهڙ ٽنڊو سومرو“: عمر فاروق نظاماڻي، محمد خان
نظاماڻي، ”بڪيرا“: حشمت علي شاهه، عاشق حسين
ڀٽي، شفيق احمد ڀٽي. ”ڀينڊو“: ريواچند، خانچند
سوٽهڙ. ”جمع جت“: پيرل جت. ”ولي محمد درس“: نور
نبي درس. ”حاجي اسماعيل“: داد محمد بلوچ. ”سومار
ماڇي“: محمد حسين . ”شير محمد ٺوڙها“: علي مراد
ٽالپر.”وسي ملوڪ شاهه“: محمد بخش ميمڻ. ”خيرمحمد
جروار“: عبدالجليل جروار. ٻلڙي“: ايس سندي. ”قادر
ڏنو شاهه“: محمد دائود ڪنڀار، محمد ابراهيم ڪنڀار.
”حيدرآباد“: سنڌامچند، مير فياض احمد، مهتاب عالم
ميمڻ، قطب علي شاهه، منير احمد ميمڻ، آغا جاويد
پٺاڻ، مصدق حسين جعفري،انيس نور ميمڻ، شگفته
ميراڻي، اعظم پرويز ميمڻ، حفيظ الرحمان سومرو،
شاهه زمان شاهه. ”کيبر،: ديدار احمد شاهه،محمد
هاشم کيبر، امير حيدربلوچ. ”مٽياري“: يونس قمر
شيخ، خادم حسين ميمڻ، عبدالرزاق ميمڻ، ارشاد احمد
ميمڻ. ”هالا “: يونس قمر شيخ، خادم حسين ميمڻ،
عبدالرزاق ميمڻ، ارشاد احمد ميمڻ. ”هالا“ : غلام
الله ڪپري، عاصمه مشڪور ميمڻ، مس فرح ديبا ابڙو،
صفوران حريم ابڙو، فيصل اقبال قاضي، رضوان سعيد
ابڙو، وحيد اسحاق ابڙو، فياض احمد ابڙو، عبدالسلام
انصاري، غلام حسين شيدي. ”ڀٽ شاهه“ : ظفر حسين
خاصخيلي، روشن ڪمار. ”هالا پراڻا: خالد حسين صدر،
عزيز احمد صدر، محمد ايوب ڀٽو، اقبال احمد ميمڻ .
”نيوسعيد آباد“: واسومل، رميش ڪمار، واسومل واڻيو،
امتياز حسين ميمڻ ۽ بيبي شاهين انصاري_
”ميرپورخاص“: امداد علي کهاوڙ، اقبال احمد پٺاڻ،
لڇمڻ چارڻ ، هري ڪنٺ، امجد علي جانواڻي، تنوير
رضوان عباسي، محبوب علي ميمڻ. ”ڏيپلو“: محمد خان
ميهراڻي، محمد ملوڪ راهمون، نياز احمد ملاراڻي،
آصف گل، سريش ڪمار موراڻي، غلام محمد، رياض احمد
ميمڻ، شوڪت محمود ميمڻ، امتياز احمد ميمڻ، ريحانا
ميمڻ، الهورايو ميمڻ، امير محمد ميمڻ، فاضل قادر
ميمڻ، رفيق احمد کٽي، عبدالجبار جوڻيجو، جئه پرڪاش
موراڻي. ”نبي سر“: مدن لال سونارو،گنشيرداس
سنگرامداس، ڀيمومل، رگهومل، نندلال لهاڻو، ”وريام
چانڊيو“: مبارڪ راحمون، ويرمومل، حبيب الله
راحمون، ڏيارام ڪڇي، احمد خان، جمون راحمون، شفيع
محمد چانڊيو. ”چيلهار“: لجپتراءِ، تنوگر گوسوامي.
”جيمس آباد“: شروڻ ڪمار، گرڌاري لعل، شڪيل احمد
شيخ. ”ڇاڇرو“: گنيش مل مينگهواڙ، محمد عمر راهمون،
شير محمد سميجو، تنون مل. ”سهڪي جو تڙ“: ديو منشا
روپاڻي، ڪرشن ڪمار سوٽهڙ. ”سامارو“: هريرام مالهي،
مولچند، لطف علي خاصخيلي، شري جيرام، شيوا رام.
”ڊگهڙي“: ڀڳڙومل، سريش ڪمار. ”نانجي پٽيل“: هيرا
لعل، هائوجي. ”اسلام ڪوٽ“: موهن لعل اڻنداڻي،
ايشور مستانه. ”مٺي“: ڪشور ڪمار، اشوڪ ڪمار.
”ونگڙ، : شيرخان نهڙيو. ”دولت لغاري“: خير محمد
لغاري، غلام مصطفيٰ لغاري. ”نئون ڪوٽ“: عبدالرزاق
خاصخيلي، ”ٽيڪم مالهي“: چيلا رام نارائڻداس.
”ڀڪڙيو“ : ولي محمد ارباب. ”کهاڻو“: امام بخش
سميجو. ”روهيواڙو“: محمد يوسف سميجو. ”مِينهل
بجير“ : حاجي بجير. ”ڪانٽيو“ : اشوڪ ڪمار، ساوڻ
خاصخيلي، عبدالخالق خاصخيلي،”صوفي فقير“: دين
محمد. ”حاجي دودو خان“: محمدصديق لغاري. ”روهيلو“:
پنهون خان نهڙيو.”سوڀارو شاهه“: انور علي شاهه.
”حاجي رمضان ڪالرو“: الهداد ڪالرو. ”جهڏو“: فاروق
اعظم ميمڻ. ”روشن آباد“: محب الله بلوچ. ”لونگ
خاصخيلي“: محمد سليم خاصخيلي، ڪنتر ارجن ڪمار ٽنڊو
جان محمد جيسا رام. ”عثمان هنڱورجو“: محمد يوسف
هنڱورجو، محمد عثمان هنڱورجو. ”مقيم هنڱورجو“:
محمد يوسف هنڱورجو، محمد عثمان هنڱورجو. ”مقيم
هنڱورجو“: محمود احمدهنڱورجو. ”سومر خان زرداري“:
علي حسن زرداري. ”مولوي خيرمحمد“: غلام مصطفيٰ
لغاري،”هٿونگو“: صوبدار بلوچ، پرڪاش کتري،
پرڀولعل. ”خادم حسين زرداري“: حبدار علي زرداري.
باکوڙو“: غلام فاروق لغاري، محمد موسيٰ. ”ٺارو خان
لغاري“: غفور بيگ، تجمل بيگ، شمس الدين بيگ، ”دريا
خان رند“: حضور بخش رند. ”دينپور“: شير محمد شاهه.
”بيگ ڳوٺ“: بچل بيگ، عقمل بيگ. خدا داد ڪپري“:
الهداد ڪپري، بي بي بلقيس خانم. ”شهدادپور“: محمد
اسحاق، شاهنواز رند، جان محمد ڪپري، لال محمد
جمالي. ”ٽنڊو آدم“: فضل الحق رسول بخش خاصخيلي،
طلعت پروين يوسفاڻي، محمد رفيق محمد عيسيٰ
عمراڻي، مسعود احمدچنا، عبدالوحيد ميمڻ، فوزيه
نسرين يوسفاڻي، شاهنواز چنا، شبانه مريم يوسفاڻي،
غلام اڪبر عمراڻي. ”کپرو“: ڀور مل کتري، رميش چند،
نريش ڪمار، ڪشور داس، عمراڻي. ”کپرو“: امتياز
ميمڻ. ”سانگهڙ“: علي حسن نظاماڻي، رامچند. ”امان
الله ڏهري“: يونس ڏاهري، الهه بچايو ڏاهري، حاجي
ڀيل، سائين بخش رند، محمد جمن ابڙو، شهزادي ميل
ٻائي عبدالغفار ابڙو، آمنت سومرو، خيرمحمد ڏاهري،
شهه بيگ منگي، منگهومل،غلام رسول بروهي، غلام حيدر
سومرو.”حاجي نور محمد“: رحيم بخش بروهي،
عبدالرحمان بروهي. ”بخش علي رند“: غلام سرور رند.
”غلام محمد ٿهيم“: اميدعلي ٿهيم ”ڪوٽ نواب“: محمد
عثمان بگٽي، ”موسو هنڱورجو“: عبدالخالق هنڱورجو.
”غازي خان“: علي اڪبر هنڱورجو. ”باقر خان
نظاماڻي!“ اختر حسين نظاماڻي، عرض محمد نظاماڻي.
”غازي خان هنڱرجو“: محمد يوسف گجو، محمد ابراهيم
گجو، بشير احمد. ”جکرو هنڱورجو“: عبدالقادر
هنڱورجو. ”يارو ڏيرو“: جان محمد ڏيرو. ”مراد شر“:
شاهنواز شر. ”ڪنب داڙو“: پير ڏنو ڀاڻو. ”سرهاڙي“:
حبدار علي. ”ڦلهڏنو“: خان محمد ڳاهو. ”ساجن
ڳاهو“: محمد نواز ڳاهو، ”ڪلڻ“: صفت الله سنجراڻي،
امان الله سنجراڻي. ”ٻيراني“: پيوسمل. ”سوڀارو
چانهيو“: محمد عرس چانهيو. ”جهنڊو خان“: نظام
الدين زرداري. ”تاج محمد ڏاهري“: حميده ڏاهري
”ڪنڊيارو“: ٽلومل . ”کٻڙ خان چاڪراڻي“: محمد ڏنل
بلوچ. ”جکرو خان هنڱورجو“: اميد علي هنڱورجو،
عبدالرشيد هنڱورجو عبدالله هنڱورجو. ”دادو“:
ممتاز احمد قريشي، اشتياق احمد ٻارڻ، سليم اختر
مسيح، خان لغاري، عرفان الاهي شيخ. ”سيوهڻ شريف“:
الهه ڏنو راهو، پرديسي نواب خان رند، امداد علي
سهتو. ”آراضي“:خدا بخش خاصخيلي ،سڪندرعلي ملڪ،
ارشد علي ملڪ، نثار احمد ڪلهوڙو، نذير احمد سيال،
فاروق علي خاصخيلي، ”پيارو ڳوٺ“: غلام سرور
چانڊيو، رفيق احمد ابڙو، علي دوست ”عاجز“ گائنچو،
غلام نبي ملاح، اياز احمد پنوهر، ”لاکا“ اسحاق
پنوهر، غلام مصطفيٰ ميمڻ، رضوانه ناز ميمڻ، غلام
قادر ”ميهڙ“. نثر الله شيخ، آفتاب احمد ايري، اسلم
مهيسر محمد اسلم لنڊ، عبدالستار چانڊيو، ”راڌڻ“:
سعيد احمد سومرو، محمد خان گلال، علي محمد ساهڙ،
نزاڪت علي شاهه، شنڪر لعل، عزيز الله سولنگي،
ظفرياب راجپوت، رامچند راجاڻي، عبدالستار گلال ،
مظهر علي شاهه بخاري، عبداللطيف شيخ، هيرانند،
عبدالرحيم شيخ. ”خيرپور ناٿن شاهه“: طار حسين
ٻگهيو، علي اصغر ميراڻي، منصور حسين، سليم رضا
ڪلهوڙو. ”ٽنڊوشهبازه“: محمد موسيٰ ڪانگڙ. ”سن“:
نظام الدين ميمڻ، قمر الدين ميمڻ سنائي.
”پڪاچنا“: غلام ياسين ميمڻ، عبدالطيف قريشي،“ ڀان
سعيد آباد“: عبدالغني ميمڻ. ”ٿرڙي محبت“: سنتوش
ڪمار. ”ڳوٺ سولنگي“: مير عالم سولنگي، ”ڦلجي“:
غلام سرور عباسي، ”نيرهه پير“: فياض احمد
منيراڻي. ”سنڌ يونيورسٽي ڪالوني“: سنتوش ڪمار،
نديم شهزاد ميمڻ، احمد ميمڻ، نويد احمد ميمڻ،
اعجاز احمد ”ٻالڪ“ ميمڻ، اميد علي بلوچ، وسيم گل
مغل. ”سيتا روڊ“: سڪندر علي سولنگي، سيد رضا حسين
شاهه. ”ٿاڻو بولان خان“: وشن داس ڪملاڻي، غلام
مصطفيٰ ميمڻ. ”خداآباد مڱڻجا“: غلام سرور قريشي،
صلاح الدين قريشي، شجاع الدين قريشي. ”مانجهند“:
محمد صالح ميمڻ، وڪيو خان پيرزاده. ”بوبڪ“: دين
محمد عباسي، سيما چنه. ”چند لعل عيسين“: غلام
حيدر قريشي، ”اگهاڻي“: مشتاق احمد ڪلهوڙو.
”فريدآباد“: اڪبر سليم ’سنڌي‘. ”علي خاناڻا“: محمد
هاشم سيال. ”رحمائي ننگر“: نجم الدين سومرو.
”غلام پنوهر“: محمد ايوب پنوهر، صوڀوخان مگسي“:
علي گوهر ڊکڻ. ”فضل لاشاري“: حفيظ الرحمان لاشاري،
”ڳوٺ هيرو خان“: منظور احمد لغاري. ”لاڙڪاڻو“:
غلام حسين شيخ، بگو خوبچنداڻي، مظهر علي عباسي،
غلام سرور سنڌي، قربان علي ’موٽو‘، منظور سومرو
عاقلي، سريش ڪمار جڙ لنگهاڻي، نصرت علي ديدڙ،
ياسمين ناز شيخ، ناز حفيظ الرحمان شيخ، شيخ خليل
نياز، حٻيب الله شيخ، عبدالحميد شيخ، عبدالخالق
شيخ، راجڪمار سچڏيواڻي، مسرت پروين لغاري، امير
علي سانگي، محمد ادريس سيال، منير احمد ميمڻ،
صدرالدين کهاوڙ عاقلي، نثار نواز ڪورائي، شيخ
ڪليم الله سنڌي، الهڏنو سامٽيو، امداد حسين،
غلام نبي ميمڻ، شيخ مقصود الالهي، شيخ سجاد
نظير، سليم مصطفيٰ ميمڻ، ڪريم بخش جوکيو، منير
احمد کهاوڙ، عبدالرؤف سومرو، ارشد ابراهيم
صديقي، غلام حسين صديقي آفتاب ابراهيم صديقي،
محمد عالم جوکيو، عقيل احمد شيخ، محمد گل شيخ،
اختر حسين پنوهر، محمد جاويد عباسي، رحيم بخش
جوکيو غلام مصطفيٰ ميمڻ عبدالرزاق شيخ، جاويد
احمد، گل بهار کوهارو، ميمڻ شوڪت علي سنڌي، شفقت
علي قاضي. ”قمبر“: غلام علي ڪلان، راجه مٺل،
دليپ دولتاڻي، راجه حفيظ جيسراڻي، رشيد باري شيخ،
سليم احمد سيد، سعيد باري شيخ، نظير احمد چنه
سهيل احمد پٺاڻ، سعيد احمد پٺاڻ، سليم احمد شيخ،
الطاف احمد تنيو، سراج الدين شيخ، زبير احمد پٺاڻ.
محمد اسلم پٺاڻ، آر- اي سيال، منور گوپانگ باري،
دليپ ڪمار دولتاڻي، نظير حسين لانگاهه، شفيع محمد
شيخ، ديدار علي بلوچ، رحمت الله شيخ، شاهينه پروين
هڪڙو، محمد ايوب ”بادل“ شيخ، ارشاد احمد شيخ، حفيظ
الله عباسي، جاويد احمد شاهه. ”رتوديرو“:
عبدالعزيز، ممتاز علي، عبدالرشيد منگي، الهداد
بروهي، عبدالرحمان ڀٽو، عبدالغفور چانڊيو، شڪيل
احمد ميمڻ، عبدالطيف سيال، عاشق حسين ٻوسڻ،
عبدالجبار جتوئي، اظهر حسين ابڙو، مجاهد بشير
احمد ڀٽو، محمد نواز جکرو، محمد اڪرم چاچڙ،
عبدالستار جتوئي ، حاجن سيال، حاجي مدد علي
زنگيجو، ناصر پرويز عباسي، مهيش ڪمار. ”ڏوڪري“:
ذوالفقار علي بلوچ، منظور علي ميمڻ، محبوب علي
شاهه، مشتاق احمد سومرو، لياقت علي ميراڻي، موهن
لعل، ڪلياڻداس، غلام رسول ڍڪڻ. ”باڊهه“: ڪلتار
سنگهه ڏوڏاڻي، ڪلتار مل ڊوڊائي، نور محمد شيخ،
ذوالفقار علي شيخ، احمد علي ناز بوهڙ، محمد علي
لنگهو، جئپال لعلواڻي، پرڪاش پاشائي، صدرالدين
جوڻيجو ، برڪت علي مشوري، مهيش لعل ڏوڏاڻي.
ٻلرام. ”نئون ديرو“: عبدالجميل جوکيو، محمد نواز
ڀٽو، بشير احمد ڪٽپر، محمد بخش بلوچ، ڏاهاڻي،
سجاد حسين چنه، ممتاز علي ڀيد، گورڌن داس، شهزادو
ميراڻي. ”شهداد ڪوٽ“: شيخ عبداجبار
سنڌي،انعامالله ڀٽي، ذوالفقار علي سومرو، شيخ
شاهنواز سنڌي، محمد علي شيخ. ”نصيرآباد“: دليپ
ڪمار نانگڏيو،اشوڪ ڪمار پرٿياڻي، ٺاڪر داس جي
پنچائي، غلام عباس شيخ، پرڪاش ڪمار نانگڏيو. ”بنگل
ديرو“: محمد اجمل ڀٽو، مشتق احمد ڀٽو، علي اصغر
ڀٽو. ”خيرمحمد آريجا کان“: عبدالرزاق مڱريو، شفيق
احمد، عبدالله آريجو. ”پٺان“: نيڪ محمد شيخ، نثار
احمد سيال، الطاف علي سيال، ”ٻاگو جوڻيجا“:
عبدالمنان جوڻيجو، عبدالستار جوڻيجو. ”ميرو خان“:
عبدالرؤف ابڙو، واحد بخش تونيه. جيئل داس،
ڀڳوانداس، فيض محمد کوکر، غلام مصطفيٰ کوکر،
ڪوريجه. منير حسين ڪوريجه. ”شڪارپور“: سيد صادق
علي شاهه، مختيار احمد مهر، آصف حسين شاهه، لياقت
علي مغل، مقبول احمد ڦل پوٽو، مقصود احمد ڦل پوٽو،
اوم پرڪاش کلواڻي، ثناءَ الله سومرو، محمد عمر
پٺاڻ، زاهد حسين، پرڪاش لعل فتح چند، مظهر علي
هڪڙو، مهيش ڪمار طالب، غزاله زرينه شيخ، فقير
احمد ابڙو، سترام چند ناريوال،وسيم مصطفيٰ سومرو،
سردار علي هڪڙو، سجاد ڪريم اعوان، راجپال خوبچند،
ظهوراحمد هڪڙو، اياز احمد مغل، اشفاق احمد شيخ،
صابره سيد، الطاف احمد بلوچ، عبدالرحمان دائود
پوٽه، حفيظ الرحمان دائود پوٽه، اسدالرحمان دائود
پوٽه، طارق محمود دائود پوٽه، طاهر محمد دائود
پوٽه، آصف محمود دائود پوٽه، ڪاشف محمود دائود
پوٽه، فضل الحق دائود پوٽه، عرفان الحق دائود
پوٽه، ڪريم بخش دائود پوٽه۽ مقصود احمد دائود
پوٽه. ”سومر ڳوٺ“: مير محمد مهر. ”هارون
ڪاڪيپوٽه“: عزيز الله اي. ڪاڪيپوٽه.”تماچاڻي“:
محمد ابراهيم پيرزاده، اورنگ زيب. ”ڳڙهي ياسين“:
ذوالفقار ”راجه“ انڙ، محرم علي بابو. ”چڪ“: رحيم
داد ”راهي“ سومرو. ”نوشهرو ابڙو“: حميره ولي الله
خان، صبغت الله ڪمبوهه، سهيل احمد ڪمبوهه .”کاهي“:
ايشورلعل.”جيڪب آباد“: ”ڪنڌ ڪوٽ“: نذر حسين شاهه،
ولي محمد منگي مرلي ڌر، اندر لال تلريجا محمد اسلم
”صابر“، عبدالعزيز ”آسي“،حاڪمزادو ڀٽي،ٽائيگررنجيت
سنگهه، انڌير پرڪاش، رامچند ٿهراڻي، ڪئلاش ڪمار
ڌاواڻي، اندرلال. ”ٺل“: غلام نبي گولو ”آزاد“،
عبدالحميد دائود پوٽه،آفتاب احمد، محمدعسيٰ دائود
پوٽه، احسان الله نوناري، ”جيڪب آباد شهر“ : بجاج
ماڻڪ لعل، اشوڪ ڪمار تلريجا، محمد اسلم ڪلهوڙو.
”ڳوٺ گنگواڻي“: محمد اسماعيل، ظفر بشير، اسدالله
نوناري. ”ڪرم پور“: هريچند ڏتومل، هريچند شيوڪرام،
مڪيش ڪمار. ”ڳوٺ وارث ڏنو خان نوناري“: نوراحمد
نوناري. ”ڳوٺ ميرپور موڙو“: مفتي فيضٰ احمد.
بڊاڻي“: مولچند ڪاٺڦاڙ. ”دَڙِي“: محمد يامين دائود
پوٽه. ”ڳوٺ قياس ڀَيو“: محمد عارف ڀيو.
”گڊوٿرمل“: آزاد بلوچ. ”ڳوٺ تاجو ديرو اڍو“:
نظيراحمد عمراڻي. ”ڳوٺ ڊينپور شريف“:عزيزالله ڀٽي.
”ڊکڻ واهڻ“: محمد شريف سومرو. ”ڇتو واهڻ“:
گلزارعلي مِراڻي. ”آگااڻي“ معراج مقصود آگاڻي.
”پيچوها“: عتيق الرحمان سيد بخاري. ”ڇڄڙا شريف“:
منيراحمد ڇڄڙو. ”رحمت پور“: محمد علي سانڊاڻو.”چنا
ماڇي“: ذوالفقار علي چنا.روشن وڳڻ“: الله ڏنو وڳڻ.
”فاضل ڪلهوڙو“: عبدالجبار عباسي. ”ماهوٽه“: محمد
اسلم چاچڙ. ”ڏاتڙي“: وزيرحسين منگي. ”مارو خان
ڏيرو“: خليل احمد ڏيرو. ”وڪڙو“: عصمت الله چنه.
”حاجي ذڪريو“: انور علي جوڻيجو. ”کاهي مينهون“:
آصف قاضي. ”چچا“: عبدالڪريم چچو. ”دائم شوري“:
منظور علي شوري. ”گوگهارو“: جمال الدين مڱڻ.
”مستوئي“: غلام عمر رند. ”ٺيڙهي شريف“: نجم الدين
شيخ، ”محبوب نيونيه“: سليم الله نونيه. ”وسايو
جيهو“: عبدالستار ابڙو، ڪريم بخش سومرو. ”وڪڙو“:
عبدالرسول چنه. ”پيرمحمد ميتلو“: وحيدالرحمان
ميتلو. ”آباد“: غلام احمد ڪلهوڙو.”سکر“: واشديو
تنجواڻي، نذيراحمد چنو، عبدالخالق سومرو غلام
شبير سومرو، پرويز سرور سومرو، رخسانه سومرو، اوم
پرڪاش ڪيولراماڻي، اميش ڪمار ۽ بلديو ڪمار. ”ڳوٺ
غلام حيدر سولنگي“: علي اصغر سولنگي. ”ميرپور
ماٿيلو،ل امان الله سيال، تيرٿ داس، وجيه ڪمار،
عبدلغفار مگسي، حضور بخش مگسي، بيبورام، چندربان،
طوطا رام ۽ عاجز عبدالرزاق سومرو. ”پنو عاقل“:
راجڪمار، شنڪر لعل دولتاڻي سڌامچند، عبدالقدوس
شيخ، اوم پرڪاش پياسي، گل محمد غازي ۽ آٿرام.
”ڏهرڪي“: نريشڪمار، ستيوانگل، سريش ڪمار ۽ ڪلونت
ڪمار. ”جروار“: هريداس پريمي،جڳت لعل محمد عظيم
سنديلو، ڀڳوانداس، حشمت رام ۽ اوم لعل. ”قادرپور“:
پريم چند، سروانند، نور محمد گهوٽو ۽ شنڪر لعل.
”روهڙي،: ذونقيرام، نامديو، عبدالرزاق ميمڻ ۽ نور
نبي شاهاڻي. ”حيات پتافي“: نثار احمد ميراڻي.
”خانپورمهر“: اشوڪ ڪمار. ”ٻڌو جهتيال“: عنايت
بختيار ۽ امان الله جهتيال. ”گهوٽڪي“: ڀڳوانداس ،
خدابخش مهر اشوڪ ڪمار ۽ شبنم لاکو. ”ٽنڊو علي
آباد“: فداحسينخاصخيلي. سونو سيال“: محمد قاسم
سيال. ”خانڳڙهه“: ارشاد احمد انصاري. ”عادل پور“:
شبيراحمد ٿهيم. درويش نانچ“: احمد حسين شاهه.
”گڻگي“: امير حمزو ميراڻي. ”ڇڪ“: طالب هسين.
”سرحد“: محمد ابراهيم. ساٽي مهر“ : محمد شعبان
مهر. ”پيربخس حيدراڻي“: عبدالحفيظ ٿهيم. ”ڪنڌرا“:
امام بخش سومرو ۽ رجب علي مهر. ”دير“: عبدالرشيد
صابر ”خيرپور“: محمد اسحاق شيخ، پيربخش جوڻيجو،
محمد پريل، محمد اڪبر ڪانڌڙو، اهرهسين اي پٺاڻ
”ڳوٺ هڱورجا“ : عنايتالله ميمڻ، نذير احمد لاڙڪ،
محمد اسماعيل ميمڻ، مسعود احمد يوسفاڻي، امداد
علي نظاماڻي، منير احمد ميمڻ، امان الله ميمڻ،
عزيز الله ميمڻ، عبدالستار ميمڻ، غلام شبير کوکر،
انجم اصغر زيدي،غلام اصغر ميمڻ، لياقت علي ميمڻ،
عبدالغني ميمڻ، ۽ محمد سليم ميمڻ. ”گمبت“! غلام
مصطفيٰ شيخ عبدالجبار ميمڻ، بسنت لال مسافر ۽ امان
الله شيخ، ”کيڙا“: شفقت الله خواجه، محمد نواز
خاصخيلي، ظفرالله ميمڻ. ”ڳوٺ درگاهه نواڙو شريف“:
قربان علي صابر ۽ ياسمين قربان. ”ڪوٽڏجي“:
نثاراحمد ۽ گل حسن خاصخيلي“: راجا ڀائي خان، ديدار
حسن سولنگي. ”وارث ڳمڀير“: راهب علي ڪنڀير.
”مهتاڻي“: عادل شر ۽ عبدالغفار جسڪاڻي. ”ڳوٺ حاجي
سعيد خان“: منظور حسين مانڊڻ. ”ڳوٺ حسن آباد:“
سلامت علي خاصخيلي. ”جمعه کوسو“: الهڏنو بلوچ.
”ٺيڙهي حبيب آباد“: قمر الدين شيخ. ”ٽنڊوميرعلي“:
ديدار علي، ”گڏيجي“: انورالدين. ”چوهڙپور“: اقبال
حسين شهاڻي. ”ڦاڙهيارو“: نظام الدين ملاح. ”رپڙي“:
امام الدين پنهور، ”ڳوٺ مانڊڻ“: پير علي مانڊڻ
”ڏيپارجا“: نثاراحمد گلال. نسيم اخترمغل. ”پير
حيات شاهه“: غلام قمبر سمون. ”ميوخان چانڊيو“:
اشرف علي خاصخيلي. باقر شاهه“: غلام مهدي شاهه.
”حيات مري“: نوراحمد سومرو. ”ڳوٺ لائق مشائخ“: علي
نواز مشائخ. ”ٽمهان“: تاج محمد پنهور. ”مام الدين
ڪيريو“: فتح الدين ڪيريو. ”نٿو ڪيريو“: تاج محمد
ڪيريو. ”حاجي سکيو سولنگي“: ممتاز علي سولنگي.
”درگاهه خياري شريف“: پير حماد الله . ڳوٺ
سائينداد جلباڻي“: غلام مصطفيٰ جلباڻي. ”کڏهر“:
موهن مل. ”قادم راهو“: قمرالدين راهو. ”پير شاهه
راشدي“: فضل الله راشدي. ”نيباهو ڀورا“: زينت بيبي
سومرو. ”60 ميل“: گيانچند خان ”جنهياڻي“:
محمدعثمان عباسي. ”بازيدپور“: عمرالدين مڱريو.
”امام آباد“: ساجد ڪريم. ”ڳوٺ مير محمد جوڻو“:
الهه بخش لاکو. ”دائود پنهور“: منظور علي. ”کاهي
قاسم “: امداد علي ميمڻ. ”حاجي خان ميراڻي“:
عبدالعلي. ”موڙاٺ“: عبدالستار بلوچ. ”ڪوڙو ستهو“
روشن علي سهتو. ”قاضي احمد“: رامومل. ”نوابشاهه“:
اختر احمد عباسي، احمد زرداري، سعيد احمد ميمڻ،
محمد حسين ميمڻ، محمد سڄڻ ڀٽي، ثناءُ الله قريشي،
محمد امين عادل، محمد اسلم قاضي، فرحان احمد ميمڻ،
امجد علي ميمڻ، آصف رجحان ميمڻ، ريحانه ميمڻ، ڪرم
الاهي ميمڻ، اعجاز احمد عطار، شفقت علي سرهيو ۽
فياض علي ڪمالاڻي. ”مورو“: ڪذبانو بيگم، ذوالفقار
علي ميمڻ ۽ مقبول احمد ميمڻ. ”سکيو مناهجو“:
جوڻيجو. طارق حسين سومرو، خليل الله لاکو، خدابخش
ٻرڙو،رفيق احمد کوکر ۽ عبدالڪريم کوکر. ”مٺياڻي“:
رياض احمد ڀٽي، امتياز احمد ڀٽي. جان محمد ڀٽي،
رياض ڳوراهو، غلام رسول چڄڙو، نصر الله شيخ، غلام
حيدر ڇڄڙو، غلام مصطفيٰ مشينو، رفيق سرهيو، ۽ عظمت
علي چانڊيو. ”محراب پور“ غضنفرعلي سومرو، سيد
بگاشاهه مهرعلي ٻرڙو، نذير حسين ميمڻ، غلام شبير
ميمڻ، غلامحمد ميمڻ، علي گوهر ميمڻ ۽ نصر الله
ميمڻ ”ڪنڊيارو“: محمد رفيق سومرو، محمد صادق سومرو
۽ محرم علي. ”نوان جتوئي“: حق نواز ميمڻ، امداد
علي سولنگي، نظامالدين منور علي پنوهر. ”صاحب خان
جمالي“: محمد يوسف جمالي. ”ٺاروشاهه“: ساجن داس
ڇاڱواڻي، نعيم حسن ۽ عبدالشڪور سيال. ”ٺوڙها
شريف“: محمود علي عالماڻي ۽ محمد رمضان جتوئي.
”سڪرنڊ“: سعيد احمد خان، عنايت حسين ميمڻ. ”محبت
ديرو جتوئي“: غلام مجتيٰ ڏهراج ۽ احسان علي شاهه.
”سونو چنڙ“: حاجي خان چنڙ ۽ شبير احمد ميمڻ.
”خانواهڻ“: محمد علي ملاح، بشيراحمد ڪونڌر.
”ٺاروشاهه“: غلام مصطفيٰ ميمڻ ۽ علي اصغر ميمڻ.
”سيد وباغ“: عبدالطيف عباسي ۽ محمد اسماعيل
سومرو. ”جمعوخان“: عبدالصمد ڦل، زاهد حسين ميمڻ ۽
بدرالدين ميمڻ. ”مٺاخان“: محمد حنيف جوکيو، ولي
محمد جوکيو ۽ عبدالوهاب جوکيو. ”مٺل بهڻ“: غلام
شبير بهڻ. ”نوشهرو فيروز“: عبدالقدير ميمڻ ريشمان
رضوانه قاضي”کٽن ڏاهري“: محمد رمضان راجپوت.
”ٻانڌي“: اختر علي کوکر. ”ٻرڙا“: عبدالعزيز چنا،
”هالاڻي“: فوزيه قاضي ”اُڌل سهتو“: خادم خادم حسين
سهتو ۽ محمد هاشم سهتو.
مقبول احمد شيخ، ڪنڌڪوٽ
غلام فاروق لغاري، سانگهڙ، سنڌ
هڪ سؤ روپين جي شاندار ورڇ
ڪنهن به ٻار جو صحيح جواب نه آيو
اٺن ڄڻن جا جواب هڪ غلطيءَ ۾ آيا
گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت نمبر 10 جو نتيجو ظاهر
گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت نمبر 10 جو نتيجو 25 نومبر
1979 صبح جو ڏهين وڳي حصو وٺندڙ ٻارن (جيڪي ان وقت
موجود هوا) جي روبرو مسٽر غلام رباني آگرو
سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ ظاهر ڪيو. نتيجو هن ريت
آهي.
ساڄي کان کاٻي
1- گرم3- لک 5- تمر 7- اهي 8- تن 9- ڍنگ.
مٿان کان هيٺ
2- رشتو 4- ڪمائي 5- محنت 6- تهران
ڪنهن به ٻار جو صحيح جواب ڪونه آيو. هڪ غلطيءَ ۾
هيٺين ٻارن جا جواب آيا.
1- سيد انجم اصغر زيدي پوسٽ هنڱورجا ضلع خيرپور
ميرس. 2- نذير احمد لاڙڪ جا ضلع خيرپور ميرس. 4-
ظهور احمد بهراڻي پوسٽ اونگر ضلع ٺٽو. 5- سيد
خليق الرحمان شاهه پوسٽ هالورائنڪ وارهه ضلع
لاڙڪاڻو. 6- عبدالخالق گبول پوسٽ سکيو مناهيجو
ضلع نواب شاهه.7- عبدالقادر دل پوسٽ نيو سعيدآباد
ضلع حيدرآباد. 8- غلام مصطفيٰ موريجو خيرپورميرس.
انعام جي رقم هڪ سؤ روپيه هر ٻار ساڍن ٻارهن روپين
جي حساب سان ورهائڻ لاءِ هر ٻار کي هيٺان ڪتاب
پنڌرهين جنوري 1980ع کانپوسٽ ڪيا پيا وڃن 1- ايسٽ
جون آکاڻيون . 2- گليورجو سير ۽ سفر .
هن چٽاڀيٽيءَ ۾1230 ٻارن حصو ورتو جيڪي سڀ
چٽاڀيٽيءَ ۾ شامل ڪيا ويا.
گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت - 12
هڪ سؤ روپين جو انعام
پهچڻ جي آخري تاريخ: 28- جنوري 1980ع
نتيجو کلڻ جي آخري تاريخ: 29- جنوري 1980ع
سامهون صفحي تي ڏنل خاڪي ۾، خالي خانن ۾ اکر
اهڙيءَ طرح ڀريو جو هيٺ ڏنل جمال سڄا نمبر ڏنا ويا
آهن، ان ريت ئي خال ڀرڻا آهن. خاڪو ۽ ڪوپن ڀري، هن
رسالي مان ڦاڙي اسان کي مٿئين تاريخ کان اڳ ڏياري
موڪليو. لفافي تي گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت – 12 لکڻ
ضروري آهي. ڪوپن ۽ خاڪو پوسٽ ڪارڊ تي به چنبڙائي
موڪلي سگهو ٿا.
جيڪي خانا ڀريل آهن، انهن کي هٿ نه لايو، انهن کي
دل ۾ سوچي ڇڏيو، رڳو خالي خانا ڀرڻا آهن.
صحيح جواب تي هڪ سؤ روپين جا ڪتاب انعام طور ڏنا
ويندا. جي گهڻن حصو وٺندڙن جا جواب صحيح هوندا ته
انهن ۾ هڪ جيترن روپين جا ڪتاب ورهايا ويندا. جي
صحيح ڪو به نه آيو ته هڪ غلطي وارن ۾ انعام ٻي
مهيني سن گڏي ورهايو ويندو.
هن رسالي ۾ آخري صفحي تي ڏنل شرط ۽ هدايتون ضرور
پڙهو ۽ انهن تي عمل ڪري خاڪو ڀري موڪليو.
ساڄي کان کاٻي
1_ صبح هجي يا ________ هنر مند اورچائي کيس شاهه
ڪاريگر بنائي سگهي ٿي.
3_ نانگ جو ڪکيو نوڙيءَ کي به ____ کان نانگ سمجهي
ڪَئهُ کائيندو آهي.
5___ سوريندي ولها! ويو تيل ٻري. (شاهه)
6__ ايماندار ۽ مخلص شخص مرڻ کي مري ويندو _____
ڪوڙ ۽ فريب کان ڪم هر گز نه وٺندو.
8_ وڌيڪ غور ۽ فڪر ڪرڻ سان ____ جون راهون روشن
ٿين ٿيون.
مٿان کان هيٺ
1_____ ايڏو ته مهانگو آهي جو سرندو به خريد ڪرڻ
کان هٻڪن ٿا.
2_ ___ صفا ڪرڻ وارا ٻار هر هنڌ مان پائين ٿا.
3_ سنڌ جو هڪ مشهور ڪهاڻيڪار جنهن جو رام گم آهي ۽
اکر اڳتي پوئتي لکجي ويل آهن.
4_ استاد جي هر نصحيت تي عمل ڪرڻ واري ٻار جو
مستقبل اُن ___ جينءَ روشن هوندو آهي جنهن ۾ قدم
قدم تي رهنمائي هوندي آهي.
7__ ايران جو سڪو ___ جنهن جو الف غائب آهي.
گل ڦل آڏ اکري ڳجهارت _ 12
ڪوپن _ 12
آئون سڀني شرطن ۽ هدايتن کي مڃي خاڪو ڀري موڪليان
ٿو/ ٿي.
نالو:
پوري ائڊريس:
هدايتون ۽ شرط
1_ پنهنجا جواب، هن رسالي ۾ ڇپيل ڳجهارت واري خاڪي
۾ خال ڀري کٽل اکر لکي اُن سان لاڳيتو ڪوپن ڀري،
ٻئي گڏ رسالي مان ڦاڙي موڪلڻا آهن. ڪنهن به ٻئي
پني يا ليڪيل خاڪي تي جواب قبول نه ڪيا ويندا.
2_ مقرر تاريخ کان پوءِ پهتل جواب مقابلي ۾ شريڪ
نه ڪيا ويندا.
3_ ڳجهارتن جي جوابن موڪلڻ وارن لفافن ۾ ڳجهارتن
جي جوابن سان گڏ جيڪو به مواد هوندو، اهو قبول نه
ڪيو ويندو.
4_ هڪ نالي سان ڪيترا به خاڪا موڪلي سگهجن ٿا. پر
هر خاڪي سان گڏ ڪوپن هجڻ ضرور آهي، ۽ اُهي گل ڦل
مان ڪٽيل هجن. جدا جدا نالن سان هڪ به لفافي ۾
ڪيترائي خاڪا موڪلي سگهجن ٿا.
5_ لفافي جي مٿان گل ڦل آڏا اکري ڳجهارت لکڻ ضروري
آهي ۽ پوسٽ باڪس 12_ حيدرآباد جي ائڊريس تي موڪلڻ
کپي.
6_ صحيح نتيجو، کلڻ واري تاريخ جي ٻئي ڏينهن
روزنامه هلال پاڪستان، عبرت سنڌ نيوز آفتاب ۽
مهراڻ ۾ شايع ڪرائڻ ڪوشش ڪئي ويندي.
7_ صحيح جواب، لفافي ۾ بند ڪري، سيل مهر ڪري،
سيڪريٽري سنڌي ادبي بورڊ وٽ ٽجوڙيءَ ۾ رکيو ويو
آهي، جيڪو مقرر تاريخ تي کوليو ويندو.
8_ صحيح جواب تي هڪ هڪ روپين جا ڪتاب انعام طور
ڏنا ويندا. جي هڪ کان وڌيڪ ٻارن جا جواب صحيح
هوندا ته انهن سڀني ۾ هڪ جيترو انعام ورهايو
ويندو. جي هڪ غلطيءَ ۾ ڪوبه نه آيو ته اهو انعام
ايندڙ مهيني جي ڳجهارت ۾ وڌائي ڏنو ويندو.
9_ ڪاٽ ڪوٽ يا پينسل سان ڀريل خاڪا مقابلي ۾ شريڪ
نه ڪيا ويندا.
10_ هن سلسلي ۾ ايڊيٽر جو فيصلو آخري هوندو. جنهن
کي مڃڻ لاءِ سڀ حصو وٺندڙ ٻڌل رهندا ۽ اُن کي ڪنهن
به عدالت ۾ چيلينج نه ڪري سگهيو. |