وفا منظور چوهاڻ
شڪارپور
اسڪول ۾ برسات
}ٻارن لاءِ ناٽڪ{
منظرڪشي: اسڪول جا ٻه شاگرد پروگرام ۾ شرڪت لاءِ
ايندي، اسٽيج تي چڙهندي، ارشد بلاول کي چئي ٿو.
بلاول.. او...! بلاول.
ٿورو بيهه ته گڏجي اسڪول هلون ٿا.
بلاول: جلدي اچ نه. پروگرام شروع نه ٿي وڃي.
ارشد: بلاول... اڄ اسڪول ۾ ڇا جو پروگرام ٿي رهيو
آهي؟
بلاول: توکي خبر ناهي. اڄ اسان جي اسڪول ۾
پي، آر، پي وارن تعليمي سکيا لاءِ پروگرام ڪيو
آهي.
ارشد: ها... ها! جنهن ۾ اسان جي پهرين ۽ ٻئي جا
اُستاد ٽريننگ ڪري اسان کي پي، آر، پي
(پاڪستان ريڊنگ پراجيڪٽ) تحت پڙهائيندا
آهن. بگ بوڪ مان ڪهاڻيون ۽ نوان لفظ ۽ آواز
سيکاريندا آهن.
بلاول: ها...... ارشد اها ته پي. آر. پي آهي نه.
ارشد:اڙي...... هي ڇا؟
اسڪول ڏانهن وڃڻ لاءِ ته رستو ئي ناهي. روڊ تي
نالين جو ڪِنو پاڻي وَهِي رهيو آهي!
بلاول: ها... ارشد. هي اسان جي شڪارپور شهر جي
حالت آهي. جِتي ڪِٿي ناليون ڦاٽيون پيون آهن. ڪيڏي
نه پاڻي ۾ بدبوءِ ۽ ڌَپَ آهي!
ارشد: نه يار. نه اها ڳالهه صحيح ناهي. شڪارپور جو
ته پاڻي مِٺو ۽ خُوشبودار آهي.
بلاول: هاڻي اهو ناهي رهيو. جَرَ جو پاڻي خراب ٿيڻ
سبب اسان ۾ ڪيتريون بيماريون وڌي ويون آهن. ڪو
ڪامڻ ۾ ڦاٿو پيو آهي، ڪو دم، سهڪي ۽ ٽي بي. ۾ پيو
کنگهي ته ڪو پيٽ جي سُور ۾ پيو رڙيون ڪري! الاڙي
پيٽ ۾ سُور آهي!
ارشد: مون کي اعتبار ئي نه ٿو اچي.
بلاول: پوءِ ڀري اچ هن نلڪي مان پاڻي، ته فيصلو
پاڻهي اسان جا پي، آر، پي جا مهمان ٻڌائيندا، ته
پاڻي مِٺو آهي ڪي ڪؤڙو يا بدبودار؟
ارشد: اجهو هي پاڻي حاضر آهي.
بلاول: اهو پاڻي هنن مهمانن مٿان هار.
ارشد: بلاول ... هي ڇا ٿو چئين. هنن مهمانن تي مان
پاڻي هاريان نه بابا... نه. اهو مون کان نه
ٿيندو.
بلاول: اڙي... هار اهو پاڻي. تڏهن ته اهي مهمان
سڀني کي ٻڌائيندا ته پاڻي مِٺو آهي يا بدبودار.
ارشد: بلاول... چئين ٿو ته، مان اهو پاڻي سائين جن
تي هاريان ٿو. پر يار.. مارَ نه کارائجانءِ.
بلاول: اڙي پنهنجي اها ڊيگهه بند ڪر ۽ وڃي پاڻي
هار. اهو ٻڌي مهمان پريشان ٿي وڃن ٿا، هو سمجهن
ٿا ته بالٽي ۾ ڪو پاڻي آهي. تنهن تي ارشد مهمانن
کي چئي ٿو ته، ارشد: سائين.. مون کي معاف ڪندا، جي
اوهان جا ڪپڙا پاڻيءَ ۾ پُسي وڃن ته.....!
(بالٽي پاڻي جي مهمانن تي هاري ٿو)
بالٽيءَ مان پاڻي بدران گُلن جون پنکڙيون ڪرن
ٿيون.
(ناٽڪ ڏسندڙ تاڙيون وڄائن ٿا)
***
سرمد
عباسي
(قسط: آخري)
خانواهڻ
چاڪليٽ
}ٻارڙن لاءِ وندرائيندڙ ناوليٽ{
کيس پاڻَ ڏانھن ايندو ڏسي گدڙ ڪجهه وِکون پوئتي
ٿيو ۽ پوءِ ھو به پھرين گدڙ جيان تيزيءَ سان
ڊُڪندو قبرستان ڏانھن ھليو ويو.
ٽئي پاڇا به دانھون ڪندا گدڙن جي ڪڍ ڊُڪڻَ لڳا.
جڏھن گدڙ، کٻڙَ جي وڻن پٺيان گم ٿي ويا ته اھي ٽئي
پاڇا به موٽي آيا. تيستائين استاد محمد عامر به
اُٿي ويٺو ۽ زخمي چاڪليٽ کي ھنجَ ۾ کڻي، ٽنهي پاڇن
ڏانھن ڏسڻَ لڳو. ايتري ۾ ڪرم الله جي ٻڌائڻ تي چار
پنج ڳوٺ وارا به لٺيون ۽ ٽارچون کڻي پھچي ويا.
انهن ۾ مامو عزيز الله به ھو.
”استاد،
ڪيڏانھن ويا
گدڙ؟“
ھڪ ڄڻي صداقت پڇيو.
”قبرستان ڏانھن
موٽي ويا. ھنن ٽنهي ھمت ڪري گدڙن کي ڀڄائي ڇڏيو.“
استاد محمد عامر چيو. صداقت پنھنجي ٽارچ ٽنهي جي
مُنھن تي ھنئي.
”ٻي...“
ٽنهي جون شڪليون ڏسي چاڪليٽ
کان ٻِيڪٽ نڪري ويو. استاد محمد عامر مُرڪڻ لڳو.
اھي ٽئي پاڇا ڳوٺ جا ڏنگا ٻار مسرور، فراز ۽ اسرار
ھئا. ٽئي ڄڻا قبرستان مان نڪرڻ کان پوءِ استاد
محمد عامر کي ايندو ڏسي ڪڻڪ ۾ لڪي ويا ھئا، ته
جيئن استاد جي ڪاوڙ کان بچي سگهن. پوءِ استاد کي
خطري ۾ ڏسي ھنن ھمت ڪري گدڙن کي ڀڄائي ڇڏيو ھو.
”ڇا
ٿيو ھو استادَ. چاڪليٽ ۽ گدڙ ھيڏانھن ڪيئن اچي
نڪتا. تون ته ٺيڪ
آھين؟“
مامي عزيز الله پڇيو.
”سڀ
خير آھي ماما.
اوھان ڳڻتي نه ڪريو.“
چاڪليٽ ڪجهه
زخمي آھي. ھن کي ڊاڪٽر ڏانھن وٺي وڃو.“
استاد محمد عامر چيو. مامي عزيز الله چاڪليٽ کي
پنھنجي
ھنج ۾ کنيو ۽ سڀ ڳوٺ
ڏانھن ھلڻَ لڳا. ٻئي ڏينھن، استاد محمد عامر جي
ڪاوڙ ڪرڻ کان اڳ ئي مسرور، فراز ۽ اسرار وٽس پھچي
ويا.
”توھان
ٽنهي اسان جي مدد ڪئي، ان ڪري مون کي توھان تي ڪا
به ڪاوڙ ڪونهي.“
استاد مُرڪندي ٽنهي کي چيو.
سائين اسان وري اھڙي حرڪت نه
ڪنداسين، سٺا ٻارَ ٿي رھنداسين. مسرور چيو. مسرورَ، ٻار حرڪت نه ڪندو ته سٺو ڪيئن لڳندو؟ حرڪتون ۽ شرارتون ڀلي ڪريو،
پر اھو خيال رکو ته ڪنھن کي تڪليف نه پھچي.
پڙھندئو ته سُٺا انسان ٿيندئو. جيڪڏھن چاڪليٽ
پڙھي سگهي ٿو ته توھان ڇو نه؟“
استاد محمد عامر جي ڳالهه ٻڌي ٽئي ڄڻا ھائوڪار ۾
ڪنڌ لوڏڻَ لڳا. مسرور، فراز ۽ اسرار جي سُڌرڻ کان
پوءِ ھڪ ٻيو ماڻهو به سُڌري ويو. آچر جي ڏينھن،
صبح جو ڪرم الله ڊوڙندو مامي عزيز الله جي گهر
آيو.
”ماما...
ماما توهان جا مھمان آيا آھن.“
مامو عزيز الله ٻاھر آيو ته ٽي ڄڻا ھڪ موٽرسائيڪل
وٽ بيٺا ھئا.مرد ۽ عورت سان گڏ ھڪ ٻارڙي ھئي.
”ابا مون اوهان کي ڪو نه سڃاتو؟“
مامي عزيز الله سلام دعا کان پوءِ چيو.
”چاچا اسان ڳوٺ ستابو خان کان آيا آھيون. چاڪليٽ
اوھان جو ڇيلو آھي؟“
ھمراهه پڇيو.
”چاڪليٽ.
ھا ابا منھنجو ڇيلو آھي. خير ته آھي؟“
مامي عزيز الله
حيرت وچان پڇيو.
”پھريان
اسان کي چاڪليٽ
سان ملايو
پوءِ ٻڌائينداسين چاچا سائين.“عورت
چيو.
”ضرور
منھنجي ڌيءُ. ھليا اچو. اوھان جو پنھنجو گهر آھي.“
مامو عزيز الله کين اندر وٺي آيو. جِيجِي سُکان
پَڌرَ ۾ ٻُھاري پئي ڏني. چاڪليٽ ماٺِڙِي ڪري ھڪ
ڪُنڊ ۾ ويٺو، ڪڪڙ ۽ سندس چُوزن ڏانھن نھاري رھيو
ھو. چاڪليٽ جو زخم ھاڻي ٺيڪ ٿي ويو ھو. مرد
تي نظر پوندي ئي چاڪليٽ
”ٻي...
ٻي...“
ڪندو جِيجِيءَ جي پُٺيان لِڪي ويو.
”اڙي...
ھنَ کي ڇا
ٿيو؟“
جِيجِي سُکان چيو.
”الائجي
ڇا ٿيس.“
مامي عزيز الله مُنجهيل انداز ۾ وراڻيو.
”چاڪليٽَ.“
مرد ۽ عورت سان گڏ آيل ٻارڙيءَ اڳتي ايندي چاڪليٽ
کي سڏ ڪيو. ٻارڙيءَ جو آواز ٻڌي چاڪليٽ، جِيجِيءَ
جي پُٺيان مُنھن ڪڍيو ۽ ٻي گهڙي ھُو ڊُڪندو ان
ٻارڙيءَ ڏانھن آيو. ٻارڙيءَ ھڪدم کيس ڀاڪر پائي
مٿي تي چُمِي ڏني. چاڪليٽ به ٻارڙيءَ جي ھٿ تي
پنھنجو مُنھن ڦيرڻ لڳو، ڄڻ ته کيس سڃاڻيندو ھجي.
”ابا
ھيءُ ته اوھان کي سڃاڻي ٿو. ڪير آھيو ٻچا؟“
جِيجِيءَ،حيرت وچان عورت ڏانھن ڏسندي پڇيو.
”امان
مان محمد بخش آھيان. ھيءُ منھنجي زال جنت ۽ ھوءَ
منھنجي ڌيءَ ھيرَ آھي.“
مرد ٻڌايو. جيڪو بخشل ھو. بخشل، ھيرَ کي مٿي ۾
سِروٽو لڳڻ کان پوءِ پنھنجي حرڪتن تي ڏاڍو پريشان
ٿيو ھو. ھن پاڻ ۾ سڌارو آندو ۽ سڀ خراب ڳالهيون
ڇڏي نوڪري ڪرڻَ لڳو ھو. بخشل مامي عزيز
الله کي سڄي ڳالهه ٻڌائي ته ڪيئن ھنَ چاڪليٽ
کي کنيو ھو ۽ چاڪليٽ ڪيئن
ھن وٽان ڀڄي ويو ھو.
”بابا
سائين اسان سوزوڪيءَ
واري ڪلينر
جي مدد سان پڇائون ڪندا پھتا آھيون. چاڪليٽ ۽
اوھان
کان معافي وٺڻ. مون کي معاف ڪجو.“
بخشل جي اکين ۾ ڳوڙھا اچي ويا.
”ابا
ايئن نه چئو پٽ.منھنجو پنھنجو آھين. پاڻ کي سنڀالي
تون سٺو ڪم ڪيو آھي پٽ. مون کي تو کان ڪا به شڪايت
ڪونهي.“
مامي عزيز الله، بخشل کي ڀاڪر پائيندي چيو.
جِيجِي سُکان به اڳتي وڌي جنت کي ڀاڪر پائي سندس
مٿو چُميو. ھيرَ چاڪليٽ سان گڏ کيڏڻ لڳي. مامي ۽
جِيجِيءَ جي گهر ۾ رڳو ٽھڪ ئي ٽھڪ پکڙجي ويا.
ختم ٿيو.
***
ڪرشن
چندر
(قسط: ستين)
سنڌيڪار: عبدالستار لغاري
اُبتو وڻ (ٻاراڻو ناول)
دروازو اندران بند ھيو، يوسف دروازو کڙڪايو،
اندران چوڪيدار آواز ڏنو، جيڪڏھن پنھنجي سر جو خير
گھرو ٿا ته..... يوسف چوڪيدار جي ڳالهه اڌ ۾
ڪٽيندي چيو اسان پنھنجي سر جو خير نٿا گھرون.
چوڪيدار چيو، واپس وڃڻ ۾ توھان جي ڀلائي آھي. يوسف
زور لڳايو ۽ دروازو کلي ويو، اچو، يوسف موھن ۽
شھزادي ھٿ ۾ ھٿ ڏيئي دروازي جي اندر داخل ٿيا،
داخل ٿيندي ئي چوڪيدار ھنن جي تلاشي ورتي ۽ پوءِ
يڪدم دروازو بند ڪري ڇڏيو. ھي وڏو خوبصورت شھر ھو،
گھر، بازار ۽ گھٽيون سڀ پڪيون ھيون. سيمينٽ ۽
ڪنڪريٽ جون ٺھيل ھيون، ۽ صفائي به تمام گهڻي ھئي،
ماڻھو صاف سٿرا ڪپڙا پھري گھمي رھيا ھئا پر سڀ
پريشان ھئا، ڪنھن جي به چھري تي خوشي نه ھئي.
دڪاندارن دڪان جي سامھون لوھي شيخون ھڻي ڇڏيون
ھيون ۽ شيخن جي پٺيان خاموشي سان ويٺل ھئا. گراھڪ
جيئن سامان وٺڻ ايندو ھو، دڪاندار شيخن مان ھٿ
مَٽائي، پئسا وٺي سامان کڻي ڏيندو ھو. عجيب ڳالهه
اھا ھئي ته، لوھ جون شيخون نه رڳو دڪانن ۾ پر ھر
گھٽي، گھر ۾ لڳل ھيون. ھو ڏس ڇا آھي، موھن آسمان
ڏي ڏسندي يوسف کي چيو، يوسف مٿي نھاريو، شھر جي
مٿان، سڀ کان وڏي عمارت جي به مٿان لوھ جي ڄاري
لڳل ھئي، جيڪا پوري شھر تي ڦھليل ھئي. يوسف چيو
عجيب شھر آھي ھي! شھزاديءَ چيو، اسان ايتري وقت
کان شھر ۾ گھمي رھيا آھيون، اسان کي ڪٿي به ڪو وڻ
يا ٻوٽو يا ڪو گل ڏسڻ ۾ ناھي آيو. يوسف وڏي حيرت
مان چيو، آخر ڇا ماجرا آھي!؟ ھن آسپاس جي ڪيترن ئي
ماڻھن کان پڇيو، پر ڪنھن به جواب نه ڏنو، بلڪه
سوال ٻڌڻ شرط ماڻھن کي ڏڪڻي وٺي ٿي وئي، ۽ خاموشي
سان ڪنڌ ھيٺ ڪري ھليا ٿي ويا. ضرور ڪا ڳالهه آھي،
يوسف پنھنجي دوستن کي چيو. موھن چيو ھلو ھتان ڀڄي
ھلون، ھي شھر ڏسي مونکي پنھنجو شھر ٿو ياد اچي،
فرق صرف ايترو آهي، اتي ماڻھو نه ھئا پر ھتي به
ماڻھو ھجڻ باوجود به جھڙا نه ھجن. يوسف چيو، آيا
آھيون ته ھاڻي پوري خبر چار وٺي پوءِ ھلنداسين.
شام جو ٿڪي ٽٽي ھڪ ڪوٺي ۾ وڃي ترسيا، اتي به ھنن
جي تلاشي ورتي وئي، يوسف جي پڇڻ باوجود به تلاشي
وٺڻ جو سبب نه ٻڌايو ويو. ڪوٺي ۾ پھچي يوسف ڏٺو ته
لوهه جي پلنگ تي لوھ جي تارن سان ٺھيل بسترو وڇايل
آهي، وھاڻا، چادرون سڀ لوھ جون ٺھيل آھن. بسترو
ڪجهه اھڙيءَ طرح ٺھيل ھو، جو ماڻھو سُمھڻ کانپوءِ
لوهه جي زِپ بند ڪري ڇڏيندو هو. شھزاديءَ چيو
مونکي اڃ لڳي آھي. يوسف ھيڏانھن ھوڏانھن ڏٺو، ھڪ
ڪنڊ ۾ پاڻي جو نلڪو لڳل ھو، نلڪي ۾ لوھ جي ڄاري
لڳل ھئي، جنھن مان پاڻي ڇڻي ايندو ھو. شھزادي پاڻي
پيتو. خير ٿي ويو، پاڻي به جيڪڏھن لوھ جو ھجي ھا
ته شھزاديءَ جي گلي ۾ ڦاسي پوي ھا. شام جو جيئن سج
لٿو، انھن ٽنھي ڏٺو ته پوري شھر ۾ روشني ڦھلجي وئي
آهي. روشني تمام گهڻي ھئي، ڪٿي به اونداھي نه ھئي.
ٻاھر جو روڊ شيشي وانگر چمڪي رھيو ھو، ان تي ھڪ
وار به پيل ھجي ھا اھو به ڏسڻ ۾ اچي ھا. يوسف
پڇيو، ھي روشني ڪٿان پئي اچي، موھن دري ڏي اشارو
ڪندي چيو ھو ڏس. شھزاديءَ چيو، دري ڏانھن ڏسڻ جي
ڪھڙي ضرورت آهي، مٿي ڇت ڏي ڏسو. ٽيئي ڇت ڏي ڏسڻ
لڳا، ڪوٺي جي ڇت شيشي جي ٺھيل ھئي ۽ ان مان روشني
ڇڻي اندر اچي رھي ھئي. روشني ھڪ وڏي مينار جي مٿان
اچي رھي ھئي، جنھن جي مٿان ھڪ وڏو سج وانگر چمڪندڙ
گولو گھمي رھيو ھو. يوسف چيو، ھن روشني ۾ اسان
ڪيئن سمھي سگھنداسين. شھزاديءَ چيو اھو ته تمام
آسان آهي، پنھنجا ھٿ اکين تي رکي سُمھي رھو. پوءِ
ٽنھي ايئن ڪيو. اڌ رات جو ھڪ زوردار رڙ ٿي، شھزادي
اٿي ويھي رھي، شھزاديءَ موھن کي جاڳايو، موھن وري
يوسف کي اُٿاريو، يوسف اکيون مھٽيندي چيو، ڇا آهي
سُمھڻ به نٿا ڏيو. اٿ اٿ ھي رڙيون ٻڌين ٿو. ڪوٺي
جي ٻاھريان رڙين جو آواز وڌندو ويو، ھاڻي انھن
رڙين ۾ عورتن، مردن ۽ ٻارن جا آواز شامل ٿي ويا،
موھن، شھزادي ۽ يوسف ڪوٺي کان ٻاھر آيا. ڪوٺي جي
ٻاھريان ماڻھن جو ميڙ ھو، ھر ماڻھو پنھنجي ڇاتي تي
ڌڪ ھڻي روئي رھيو ھو. اڳيان ڪجهه ماڻھو ڏھن صندوقن
کي پنھنجي مٿي تي کڻي اڳتي وڌي رھيا ھئا. يوسف ھڪ
ماڻھو کان پڇيو ادا ھنن صندوقن ۾ ڇا آھي؟ ھُش
آھستي ڳالهاءِ، ھنن صندوقن ۾ انھن خوشنصيبن جا لاش
آھن! جن کي اڄ رات شري مھاراج نانگ ڏنگيو آھي.
نانگ ڏنگيو
آھي، شش، ان ماڻھوءَ چيو، نانگ نه، شري مھاراج
نانگ چئو، ڪنھن ٻڌي ورتو ته ڪاوڙ ڪندو. ڪير ڪاوڙ
ڪندو، شري مھاراج نانگ، ۽ مونکي ڊپ ٿو ٿئي ڪٿي ھو
توھان کي به ڏنگ ھڻي خوشنصيب نه ڪري ڇڏي. نانگ جو
ڏنگڻ سان ماڻھو خوشنصيب ٿي ويندو آهي ڇا؟ ھو ته
مري ويندو آهي، شھزاديءَ چيو. ھا مري ويندو آھي،
پر ھتي اسان ان کي خوشنصيب چوندا آھيون، ڇو ته ھن
شھر تي شري مھاراج نانگ جي بادشاهي آھي ۽ ھو ھر
رات ڏھن ماڻھن کي ڏنگ ھڻي خوشنصيب ڪندو آھي. پوءِ
ھن نڀاڳي نانگ کي ماريو ڇو نه ٿا. ڇا ٿو بڪين،اھو
ماڻھو يڪدم ڳاڙهو ٿي ويو، ۽ اھو يوسف، موھن ۽
شھزاديءَ کان پري ٿي، ماڻھن جي ميڙ ۾ شامل ٿي ويو
۽ مٿي تي مٽي وجھي پٽڻ لڳو. رش وڌندي وئي، ماڻھو
جلوس ۾ شامل ٿي ماتم ڪري رھيا ھئا، ڪارين صندوقن
تي ڪاريون چادرون چڙھيل ھيون. صندوقون وڏيون ھيون،
ھڪ صندوق کي ٻارنھن ڄڻن کنيو ھو. ڇا ھي صندوق به
وزني آھي، موھن ھڪ ماڻھوءَ کان پڇيو. ھا ھر صندوق
۾ مرڻ واري جي ملڪيت پيل آھي، اشرفيون، سون،
چاندي، زمين جا ڪاغذ، اھو ڇو، ھتان جو دستور آهي،
جڏھن ڪنھن کي
نانگ منھنجو مطلب شري مھاراج نانگ ڪکيندو
آھي، ته مرڻ واري جي سڄي ملڪيت صندوق ۾ رکي سامھون
مينار تي رکي ايندا آھيون. ڇو؟ مينار جي اندر اسان
جي سرڪار رھندي آھي، اھو ان جو قانون آهي. عجيب
قانون آھي، مرڻ واري جي سڄي ملڪيت به ڦري ويندي
آهي. ھا شھر کي بچائڻ لاءِ خرچ به ته ٿيندو آهي،
ان ماڻھو چيو اھو به ته سوچ مينار جي مٿان جيڪو
روشني جو گولو آھي، انھيءَ جي بجلي تي به لکين
رپيا خرچ ٿيندو آهي. ٻيو ته شھر جي مٿان چئني طرفن
کان لوھ جي تارن جو ڄار وڇايو ويو آھي، جيئن شري
مھاراج نانگ اندر نه گھڙي اچي، سڄي شھر جا وڻ وڍيا
ويا آهن ته جيئن شري مھاراج نانگ کي ڪٿي لڪڻ لاءِ
جڳهه نه ملي، توھان پوري شھر ۾ وڻ نه ڏٺو ھوندو.
ھا تمام عجيب ڳالهه آھي، ڪو وڻ يا گل نظر نه آيو
آهي. اھو سڀ شري مھاراج نانگ کان بچڻ لاءِ ڪيو ويو
آهي، سڀ روڊ، گھر، گھٽيون، بازارون پڪيون ٺھيل
آھن، سڀ ناليون زمين اندر آھن ۽ انھن تي لوھ جون
ڄاريون لڳل آھن. سرڪار آفت کان بچڻ لاءِ ھر قسم جو
انتظام ڪيو آھي، پوءِ به ھر روز شري مھاراج نانگ
ڏھن ماڻھن کي ڪکيندو آھي. اھو نانگ ڪنھن کي نظر نه
ايندو آهي؟ اھا ڪھڙي ڳالهه آھي، ايڏي روشني ٿيڻ
باوجود توھان نانگ کي نٿا ماري سگھو، يوسف حيران
ٿي پڇيو! ھششش.. اھڙيون ڳالهيون نه ڪر، ھن ٻڌي
ورتو ته توکي به ڏنگي ويندو. ان ماڻھو جو رنگ ھيڊو
ٿي ويو، ۽ ڀڄندو ماڻھن جي ميڙ ۾ شامل ٿيڻ کان
پھريان زمين تي ڪري پيو ۽ تڙپڻ لڳو ڏنگي ويو،
مونکي به شري مھاراج نانگ ڏنگ ھڻي ويو!
(هلندڙ......)
علي
محمد پلهه
(قسط: ٽين)
ڳوٺ: پلهه
هڪ ڏينهن جو بادشاهه
پر پاڻ کي خواب ۾ سمجهي وري به اکيون بند ڪري
ڇڏيائين. غلام ڏٺو ته ڪوبه جواب ڪونه مليو ته ان
وري عرض ڪيو ته اميرالمؤمنين! صبح ٿيو آهي، اُٿي
نماز پڙهو.
ابوالحسن کي اتي پڪ ٿي ته آءٌ سجاڳ آهيان. اکيون
کولي کڻي ڏسي ته وڃ! صبح ٿي ويو آهي. ڏاڍو خوش ٿي
پلنگ تي ويهي رهيو. دل ۾ پڪ ٿيس ته ربّ منهنجو
سوال سُڻي مون کي بادشاهه بڻايو آهي ۽ شڪرانه ڪرڻ
لڳو. اهو سارو حال خليفي ويٺي ڏٺو ۽ ماٺ ڪيو دل ۾
پئي کِليو. ايتري ۾ هڪ خوبصورت ٻانهي ابوالحسن جي
آڏو اچي بيٺي ۽ راڳ ڳائيندڙ ٻانهين راڳ پيش ڪيو.
همراهه اهڙو ته خوش ٿيو جو پنهنجو حال ئي وسري ويس
ته آءٌ ڪٿي آهيان ۽ ڪير آهيان.؟ وري اچي خيال پيس
ته جيڪي آءٌ ڏسان ۽ ٻُڌان ٿو، سو سڀ حقيقت آهي يا
خواب؟ وري پنهنجا ٻئي هٿ اکين تي رکي دل ۾ چوڻ لڳو
ته هي نوڪر چاڪر، ٻانها ٻانهيون، عجيب پوشاڪون
پائي ساز سرود کڻي جو هت بيٺا آهن، سي سڀ آءٌ ڏسان
ٿو ۽ آواز ڪنن سان ٻڌان پيو، هي شاهي محل ۽ بسترا
مون وٽ ڪٿان آيا؟ خبر نه آهي ته مغز جاءِ تي آهي
الائي بدلجي ويو آهي؟ اهو خيال ڪري هٿ اکين تان
هٽائي هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو.
مسرور ڪوٽوال ان گهڙيءَ ۾ اچي خدمت ۾ حاضر ٿيس ۽
سلام ڪري چوڻ لڳو ته: امير المؤمنين! ڪهڙو سبب آهي
جو اڄ اوهان فجر نماز نه پڙهي آهي؟ شايد اڄ رات
حضور جن اوجاڳو ڪيو آهي يا وري سائين جن جي طبيعت
ٺيڪ نه آهي. درٻار جو وقت ٿي ويو آهي، تشريف
فرمائي هلو ۽ دستور موجب ڪم ڪار هلايو. سڀ امير
وزير ڪچهريءَ ۾ حاضر آهن. مسرور جي اها گفتگو ٻڌي
کيس پڪ ٿي ته خواب نه آهي، آءٌ جاڳان پيو، پر وري
دل ۾ خيال ڪرڻ لڳو ته هي بادشاهي ڪارخانو مون کي
هٿ ڪيئن آيو! پوءِ مسرور کان پڇڻ لڳو ته امير
المؤمنين ڪنهن کي ٿو چوين؟ آءٌ ته توکي ڪونه ٿو
سڃاڻان. مسرور هٿ ٻڌي چوڻ لڳو: حضور! اهو ڇا پيا
فرمايو؟ خير ته آهي، اوهين امير المؤمنين نه آهيو
ڇا؟ آءٌ اوهان جو ٻانهو ڪيترن ورهين کان اوهان جو
غلام، شايد هاڻي مهربانيءَ جي نظر گهٽ آهي. آءٌ
غلام اميدوار آهيان ته مون تي اها ئي نظر رکو،
جيڪا اول هئي. شايد سائين جن ننڊ ۾ ڪو خراب لڌو
آهي، جنهن ڪري اڄ هي ڳالهيون دستور جي خلاف پيا
ڪريو. اوهان کي ڇا ٿيو آهي؟ ابوالحسن ڪوٽوال جون
اهي ڳالهيون ٻڌي ٽهڪ ڏيڻ لڳو. بادشاهه به سارو حال
ويٺي ڏٺو، سو به ٽهڪ ڏيڻ تي هو، پر پاڻ کي سنڀالي
ورتائين ته متان منهنجو آواز ابوالحسن ٻُڌي وٺي ۽
ڳالهه ظاهر ٿي پوي. پوءِ ابوالحسن ٽنگ ٽنگ تي
چاڙهي پلنگ تي ويهي رهيو. ايتري ۾ حبشي غلام جو
ننڍو پٽ اتي آيو، ان کي سڏي پڇيائينس ته يار! سچ
ٻُڌاءِ ته آئون ڪير آهيان؟ هن ڇوڪر هٿ ٻڌي عرض ڪيس
ته اوهين امير المؤمنين هن ملڪ جا حاڪم آهيو.
ابوالحسن چيس ته نه! تون ڪوڙو آهين. حق تي تنهنجي
صورت ڪاري ٿي آهي. پوءِ وري هڪ حسينه ٻانهيءَ کي
چيائين اوري ته آءُ، منهنجي چيچ ۾ چڪ پاءِ ته مون
کي خبر پوي ته ننڊ ۾ آهيان يا سُجاڳ. ٻانهيءَ ڏٺو
ته خليفو پيو ڏسي، متان ڪاوڙ ڪري، ان ڪري ناز نخري
سان ٽِلندي ان وٽ آئي ۽ چيچ ۾ چڪ پاتائين.
ابوالحسن درد کان پنهنجو هٿ ڇِڪي ورتو.
ابوالحسن دل ۾ چوڻ لڳو ته يا ربّ! هي مان ڇا ٿو
ڏسان جو هڪ رات ۾ آءٌ شهنشاهه ٿي پيو آهيان! پوءِ
ٻانهيءَ کي قسم ڏئي چيائينس ته سچ ٻُڌاءِ ته مان
ڪير آهيان؟ ان جواب ڏنس ته توهين اسان جا مالڪ
آهيو، اسين توهان جون ٻانهيون آهيون. تڏهن
ابوالحسن اتان اُٿڻ جو ارادو ڪيو ته هڪ غلام ڊوڙي
اچي بِسّمِ الله ڪري اُٿاريس.
سڀئي ٻانها ٻانهيون ۽ خواجه محلات ۾ اچي دعائون
ڪرڻ لڳس. ابوالحسن دل ۾ چيو ته پاڪ پروردگار! عجب
ٿو پسان. ڪالهه ابوالحسن ۽ اڄ بادشاهه ٿي پيو
آهيان! منهنجو عقل ئي ڪم نٿو ڪري. ايتري ۾ نوڪرن
پوشاڪ اچي ڍڪايس. غلام صفون ٻڌي ٻنهي طرفن کان
بيٺا ۽ دروازي تائين کيس اُماڻي آيا. مسرور اڳڀرو
ٿي کيس درٻار ۾ وٺي آيو. ابوالحسن اچي تخت جي ڀر ۾
بيهي رهيو. امير وزيرن هٿ کان وٺي بادشاهه کي تخت
تي ويهاريو. سڀ امير، وزير، وڪيل ادب سان هٿ ٻڌي
سلام ۽ دعائون ڪرڻ لڳا. ابوالحسن ڏاڍو خوش ٿيو.
ڏٺائين ته وڏا سورهيه سردار هٿ ٻڌي بيٺا آهن. سڀني
کي ويهڻ جو اشارو ڪري، ماڻهن جا عرض ٻُڌڻ لڳو. وڏي
وزير اتي حاضر ٿي دعا سلام کان پوءِ عرض ڪيو ته
سائين جن تي ڌڻيءَ جو پاڇو دائم ۽ قائم رهي. اهو
سڀ حال ڏسي ابوالحسن کي يقين ٿيو ته آءٌ سجاڳ ۽
خبردار آهيان، خواب نه آهي. جيئن خدا کان گهريم
پئي، تيئن ربّ پاڪ مون کي خليفو بنايو آهي.
حڪومت جي ڪمن ڏي ڌيان ڏيڻ لاءِ وڏي وزير کي حڪم
ڏنائين ته توکي ڪجهه چوڻو آهي؟ وزير هٿ ادب جا
ٻَڌي چيو ته امير فقير سپاهه اوهان جي سلام لاءِ
ٻاهر بيٺا آهن، حڪم ٿئي ته اندر اچن.
ابوالحسن شان سان چيو ته درٻار جو دروازو کولي
ڇڏيو. وزير ڪوٽوال کي حڪم ڏنو ته سڀني کي اندر اچڻ
ڏيو. اهي سڀئي اچي حاضر ٿيا ۽ سلام ڪري هر هڪ
پنهنجي پنهنجي لياقت آهر جاين تي ويهي رهيا. ان
کان پوءِ وزيرَ ماڻهن جون درخواستون پيش ڪيون ۽
ملڪ جي مسئلن کي پيش ڪيو. ايتري ۾ ابوالحسن ڪوٽوال
کي حڪم ڏنو ته فلاڻي پاڙي ۾ اڪبر مُلان ۽ ان جا
چار ساٿي آچر، سومر، رمضان ۽ ميوو رهن ٿا. اتي وڃي
مُلان کي پنج سؤ ۽ باقي هر هڪ کي سؤ سؤ چهبڪ هڻي
شهر نيڪالي ڏئي اچ ۽
منادي ڪندا وڃو ته هيءَ سزا انهن کي ملندي،
جيڪي پنهنجن پاڙي وارن کي تڪليف رسائين ٿا ۽ کين
ڪوڙا دڙڪا ٿا ڏين.
ابوالحسن جي حڪم موجب اهو عمل ڪيو ويو. خليفو جيڪو
لڪو ويٺو هو، سو هن ڪم تي ڏاڍو خوش ٿيو. وزير
درخواستون ٻُڌائي واندو ٿيو. ايتري ۾ ڪوٽوال اچي
عرض ڪيو ته حڪم موجب پنجن ئي ڄڻن کي سزا ڏني وئي.
ڪوٽوال کي مُرڪي چيائين ته آئون به خوش ٿيو آهيان،
هاڻي مون کي دلجاءِ ٿي. خليفو به پردي پويان ڏاڍو
سُرهو ٿيو. ان کان پوءِ وزير کي حڪم ڏنائين ته
فلاڻي پاڙي ۾ ابوالحسن جي ماءُ رهي ٿي، ان کي هڪ
هزار مهرون انعام طور ڏياري موڪليو. جڏهن ڪوٽوال
مائيءَ کي مهرون رسايون ته مائي ڏاڍي خوش ٿي ۽
خليفي کي دعائون ڏيڻ لڳي. وزير چيو ته قبلا! حڪم
موجب مهرون حاجتمند کي پهچي ويون. ابوالحسن ڏاڍو
خوش ٿيو.
درٻار جو ڪم ڪار ختم ٿيو. سڀ سردار سلام ڪندا
روانا ٿيندا ويا. آخر ۾ وزير ۽ خليفو وڃي رهيا.
تخت تان لهي شاهي محل ڏانهن روانا ٿيا. اتي حاجت
ضروريءَ جو خيال ٿيس. نوڪرن واش روم جو در کوليو ۽
ان جي نگهبان زربفت جي جُتي جيڪا خليفو پائي اندر
ويندو هو، سا پيش ڪئي. هي ان کان واقف ڪونه هو، سو
اها جُتي کڻي بغل ۾ رکيائين. وزير چيس: سائين! اها
جُتي پائي واش روم مان ٿي اچو. ابوالحسن ائين ڪيو.
جڏهن اتان ٻاهرنڪتو ته نوڪرن هٿ پير ڌوئاريس.
ڪوٽوال اڳڀرو ٿي ماني کائڻ واري ڪمري ۾ وٺي آيس،
جتي طرحين طرحين طعام تيار هئا ۽ ان سان گڏوگڏ
راڳيندڙ به هئا. مطلب ته طعام سان گڏ ڪلام به هو.
ابوالحسن ماني کائي راڳ ٻُڌي ڏاڍو خوش ٿيو.
(هلندڙ......)
ادب
سان الفت ننڍپڻ کان رهي آهي ۽ پوءِ
اڳتي هلي، هن گهڙي هن وقت تائين ادب سان نينهن جو
ناتو تازو توانو، سرسبز ۽ شاداب سدا رهندو آيو
آهي.
تڏھن شايد اٺين درجي ۾ پڙھندو هوس، جڏھن ڪورس کان
علاوه علمي ادبي ڪتاب اُٿلائڻ پُٿلائڻ جي عادت
لڳي هئي. گهر ۾ موجود ڪتاب، رسالا، ميگزين پڙھڻ
سان گڏ کيسي خرچي لاءِ ملندڙ پئسن مان پهرين
ٻاراڻي ادب جا ڪتاب، رسالا، ميگزين، بتين واري
ناني، ايسپ جون آکاڻيون، حاتم طائي جا قصا، گل ڦل،
گلڙا،
نونهال، آنکِ مچولي ۽ ٽُوٽ بَٽوٽ وٺي پيو پڙھندو
هوس ۽ وري ننڍيون ننڍيون ڪهاڻيون، لطيفا ۽ ڪچي ڦڪي
شاعري انهن ئي مٿين رسالن، ميگزينن ۾ لکندو ۽
ڇپرائيندو رهندو هوس.
هر ڪنهن وڏي اديب جيان مون به لکڻ جي شروعات ٻالڪ
ادب کان ڪندي، وڏن لاءِ لکڻ جو بار به پنهنجي
ڪمزور ڪُلهن تي کڻي ورتو. توڙي جو انهن وڏن اديبن
جيان ٻالڪ ادب ٿوري گهڻي سُڃاڻ ۽ نالڙو به ڏنو هو،
تڏھن به ٻالڪ ادب کي ڇڏي صفا وڏو اديب ٿيڻ جي سگهه
ساري ڪونه سگهيس، جو مون الائي ڇو ائين ٿي محسوس
ڪيو ته جنهن ٻوليءَ ۾ ٻاراڻو ادب نٿو لِکجي، سا
ٻولي ۽ اُن ٻوليءَ جو ادب ڄڻ اڻپورو آهي. اُن ڪري
ئي مون کان هيل تائين ٻاراڻو ادب نه رڳو لکبو اچي،
پر پڙھبو به وڏي شوق ۽ چاهه و چس سان اچي!
منهنجو خيال آهي ته جيئن ٻار وڏن لاءِ لکيل ادب
پڙھندا آهن، تيئن ئي وڏن کي به ٻالڪ ادب پڙھڻ
گهرجي، يقينن کين سکڻ لاءِ گهڻو ڪجهه ملي ويندو،
ٻيو نه ته به کين پنهنجو ٻاروتڻ ته ضرور ياد اچي
ئي ويندو!
مان ڄاڻان ٿو ته وڏا اديب وڏا بادشاهه آهن يا کڻي
چئجي ته شهنشاھ آهن! جن جي آڏي اک غريب مسڪين عوام
تي ٻڏندي ئي ناهي. تيئن وڏا اديب، اڳتي هلي دانشور
ٿي وڃڻ کان پوءِ ٻالڪ ادب تي لکيل ڪتاب
”گُهري
وٺڻ“
کان پوءِ به ٻه چار لفظ رايي يا تعريف ۽ تنقيد جا
لکڻ گوارا به ڪونه ٿا ڪن. بحرحال پوءِ به حق هي
آهي ته وڏن اديبن کي زندگيءَ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪڙو
ڪتاب ٻاراڻي ادب جو ضرور لکڻ گهرجي، ان سان انهن
جي اندر وارو ٻار به زنده سلامت رهندو ته کين
حقيقي خوشي به نصيب ٿيندي! ٻارن جي لاءِ ڇو لکجي؟
ان سوال جي جواب ۾ اڙدو جي نامور ليکڪه محترمه
معظمه تنوير لکي ٿي ته،
"بچوں
کے
لیے
لکھا
جانے
والا ادب، خواہ وہ نثر
کی
صورت
میں
ہو
یا
نظم
کی
شکل
میں
،ان
کے
چھوٹے
چھوٹے
مسائل کا
بہترین
حل
ہے
۔
بچے
کو نہ صرف
اپنے
بہت
سارے
سوالات
کے
جوابات
ملتے
ہیں
بلکہ اس کا ذہن
مزید
فعال ہونا شروع ہو جاتا
ہے."
سو ان ڳالهه کي سمجهندي اڄ به گهڻا ته ڪونه پر ڪي
ٿورا اديب ٻالڪ ادب لکي پنهنجي اندر واري ٻار کي
زنده سلامت رکيو پيا اچن ۽ حقيقي خوشي به ماڻيندا
اچن. ۽ اتي ڳالهه فقط پنهنجي اندر واري ٻار جي
خوشي ۽ مُسرت جي به ڪونهي، پر اُن سان گڏ ٻاراڻي
ادب جا ڪارج پنهنجي قوم جي ٻارڙن جي ذهني توڙي
شعوري سگهه جي سهڻي ۽ سيبتي پالنا به آهي. ٻاراڻو
ادب ٻارن جي تربيتي اوسر ۾ اهميت جوڳي جاءِ رکي
ٿو.
سو اهڙن ئي نامور، اديبن، ليکڪن مان هڪ آهي ڊاڪٽر
پروين موسيٰ ميمڻ صاحبه.
منهنجي هٿ ۾ سندس تازو شايع ٿيل ٻاراڻين ڪهاڻي جو
ڪتاب”پوپٽ
۽ گلاب“
آهي. خوبصورت گلڙن ۽ رنگ برنگي پوپٽ جي تصوير
واري ڪور سان سينگاريل هي ڪتاب, ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ
سولنگي جي لکيل مهاڳ سان
’چانڊوڪي
پبليڪيشن‘
واهي پانڌي اپريل
2023
۾ ڇپايو آهي. جنهن جي قيمت رڳو ٻه سئو رپيا آهي.
هي ڪتاب سنڌي ادب جي آڳاٽن ۽ جهونن ٻالڪ ادب
سرجيندڙ ليکڪن کي وڏي پيار ۽ ادب وچان ارپڻ ڪيو
ويو آهي.
هن ڪتاب
”پوپٽ ۽ گلاب“
کان علاوه ليکڪه پاران ٻاراڻي ادب تي اٺ ڪتاب
ڇپجي
چڪا آهن. سندس هڪ ڪتاب اخلاقي قدر“
جي عنوان سان
2010ع
۾ شايع ٿيو، ڪتاب بي حد ڪامياب ٿيو،”اخلاقي
قدر“جو
ٻيو ڇاپو
2015ع
۽ ٽيون
2020ع
۾ ڇپيو.
2
ٽي تحفا
3
شرارتي جن
4
ماڻڪ موتي لال
5
شهزادي ماهه نور وغيره. جيڪي سڀ جا سڀ ٻارن جي
ذهني پهچ ۽ سندن مزاج
وٽان ڏاڍا دلچسپ آهن.
هن ڪتاب
”پوپٽ
۽ گلاب“
منجهه ڪل سترنهن ڪهاڻيون شامل آهن جيڪي بلڪل ٻارن
جي ڏانءُ ۽ ڏس مطابق سهڻي، سيبتي ۽ سهنجي سنڌي
ٻوليءَ ۾ لکيون ويون آهن.
ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جون هي ڪھاڻيون پڙھي لڳي
ٿو ڄڻ ته هوءَ ننڍڙن ٻارڙن کي چِيچ کان پڪڙي کين
گل ڦل، وڻ ٽڻ، باغ باغيچا، رنگ برنگي پوپٽ، پکي ۽
جانور ڏيکاريندي ۽ ساڻن محبت ڪرڻ جا درس ڏيندي
اڳتي وڌندي هجي. سي به ٻارڙن سان سندن ئي ٻاجهه
ڀري ٻوليءَ ۾! سندس ڪھاڻين جا موضوع رنگ برنگي،
نواڻ سان ڀريل ۽ نرالا آهن. فطرت سان اُنسيت،
پکين، جانورن، جيتن سان محبت ۽ دوستيءَ جا ٻيا
ڪيترائي روپ رنگ ۽ خيال ورجايا آهن.
ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي،
”پوپٽ
۽ گلاب“
۾ ڳاڙھو گلاب ان ڪري اداس ۽ اٻاڻڪو ٿي وڃي ٿو،
جڏھن سندس پيارو دوست نيرو پوپٽ هڪڙو ڏينهن ساڻس
ملڻ ۽ واس وٺڻ ڪونه ٿو اچي، نيٺ سڄي ڏينهن جي
انتظار ۽ اوسيئڙي کان پوءِ اوچتو جڏھن نيرو پوپٽ
وٽس اچي ٿو، ته گل سرهائي محسوس ڪندي پنهنجي دوست
پوپٽ کان سڄو ڏينهن وٽس نه اچڻ جي پڇا ڪري ٿو. هن
مان هڪ دوست جي ٻي دوست لاءِ اُڪنڊ اُڪير ۽ پيار
ظاهر ٿئي ٿو جيڪو به ٻارن لاءِ هڪ سبق ئي آهي.
پوپٽ کيس ڪجهه شرارتي ٻارڙن جي شڪايت ڪندي ٻڌائي
ٿو ته، ڪي شرارتي ڇوڪرا پوپٽن کي ڏاڍو تنگ ڪن ٿا،
کين جيئرو جهلڻ لاءِ هڪٻئي سان شرط لڳائي اسان جي
پٺيان ڊوڙن ٿا، اسان کي زور سان هٿن ۾ جهلي مروڙين
ٿا ته اسان کي ڪيتري تڪليف ٿئي ٿي، اسين به جاندار
آهيون جهڙيءَ ريت کين ڌڪ لڳڻ سان سور ٿئي ٿو،
اهڙيءَ ريت اسان کي به سور ٿو ٿئي، پوءِ هو ڇو
اسان تي رحم نه نٿا ڪن؟ انهن کي ڪير اهو نه ٿو
سمجائي ته اسان سان اهڙو بي رحميءَ جو سلوڪ نه ڪن.“
مان سمجهان ٿو ٻاراڻي ادب تي هي هڪ جاندار ڪهاڻي
آهي، جنهن جو درد ڀريو ۽ احساساتي ڪلائمس ٻارن کي
اهو سمجهائڻ لاءِ ڪافي آهي ته گل، ٻوٽا، پوپٽ ۽
ٻيا جيت، جانور وغيره هن ڌرتيءَ جي گهرج ۽ سونهن
آهن. جن جي حفاظت سنڀال ۽ سار لهڻ اسان انسانن جو
ڪم آهي. هن مجموعي جون باقي ڪهاڻيون، هرڻ جي چوري،
اڇي ڪبوتري، ڪاري مڇي، وفادار جادوئي گهوڙو،
بيوقوف ڍڳو ۽ شينهن وغيره به تمام جاندار، سهل،
سهنجيون ۽ ٻارن جي ڏس ڏانءُ وٽان آهن جن
جي پڙھڻ سان ٻار سٺو لاڀ حاصل ڪري سگهن ٿا.
هن ڪتاب لاءِ فقير محمد سنڌي، ڊاڪٽر پروين موسيٰ
ميمڻ جي سالگره
20
نومبر جي حوالي سان شاهين اخبار ۾ ڇپيل پنهجي هڪ
مضمون ۾ لکن ٿا ته،
”هيءُ
ڪتاب خاص طور جانورن، پکين ۽ فطرت جي نظارن بابت
ڪهاڻين
تي مشتمل آهي، ڪهاڻين ۾
”هرڻ
جي چوري“،
”اڇي ڪبوتري“
”ڪاري
مڇي“،
”ڪوئل“،
”بيوقوف جهرڪو“،
”ٻليءَ جي دوستي“،
”
گابڙو شاهد“
۽ ٻين کي پڙهڻ کانپوءِ پڙهندڙ کي خدا آگاهي،
سچائي، صداقت ۽ همدرديءَ جهڙن جذبن جي ڄاڻ ملي ٿي،
کين اها معلومات ملي ٿي ته ڪهڙا جانور دوستاڻي
رويي جا آهن. ڪتو وفادار جانور آهي ته ڪبوتر امن
جو پکي آهي، نازڪ پوپٽن کي جهلڻ نه گهرجي، کين
آزاد ڇڏجي ته ڀلي گلن جو رس چوسين، گل، وڻ ٽڻ،
ساوڪون، پکي پکڻ ۽ جانور ڌرتيءَ جو حُسن ۽ ضرورت
آهن، هيءُ هڪ بلڪل نرالو ۽ دلپذير ڪتاب آهي، جنهن
جون سترنهن ئي ڪهاڻيون واقعي انوکيون ۽ دلچسپ
آهن.,,
ٻاراڻو ادب تخليق ڪرڻ ھڪ انتھائي اوکو، ڌيان طلب،
ڪنهن قدر ڏکيو ۽ نفيس ڪم آهي، جنهن کي بھترين
انداز سان پيش ڪرڻ ۽ تخليق ڪرڻ وڏو آرٽ آهي ۽ اھو
آرٽ ڊاڪٽرپروين موسى ميمڻ صاحبه وٽ آهي، اميد ته
هو اڳتي به ائين ٻارڙن لاءِ سهڻو، سيبتو ۽ ڪارائتو
ٻاراڻو ادب لکندي رهندي.
***
ايڊيٽر صاحبه السلام عليڪم
اکين جو اوسيئڙو تڏهن ساب پيو جڏهن ڊسمبر جو گُل
ڦُل منهنجي هٿن ۾ پهتو، اکين جو اوسيئڙو ته نومبر
پرچي لاءِ به هو، پر اُميد ۽ اوسيئڙي کي من ۾
سانڍي اسٽال تان گهڻي مشڪل کان پوءِ ورتم ۽ نومبر
واري پرچي جو مواد اوهان ڏانهن موڪلڻ وارو انتظار
به پورو ٿيو.
گُل ڦُل رسالو جڏهن به پڙهڻ لاءِ مليو آهي ته اُن
۾ سدائين نواڻ جي حسناڪي ۽ سونهن جي پالوٽ دل کي
موهيو آهي. اُها ايڊيٽر صاحبه
نجمه پنهور جي محنت ۽ سيڪريٽري گُلبدن جاويد مرزا
۽ چيئرمين مخدوم سائين ۽ صلاحڪاري سٿ جي جاکوڙ
جوئي نتيجو آهي، جو هر ڀيري هر مهيني سان سُهڻو ۽
تڪڙو گُل ڦُل شايع ٿي رهيو آهي، آءٌ دل سان جَس
ڏيان ٿو.
ڪجهه مواد وري موڪليان پيو، اُميد ته محنتن جو سفر
جاري رهندو.
ناشاد شوڪت شنباڻي
ڪلاس ڏهون، هاءِ اسڪول بکر، قناصره ڪوٽڏجي/خيرپور
ميرس
***
محترمه ايڊيٽر صاحبه اسلام عليڪم
اُميد ته پنھنجي پوري سٿ سميت خوش ھوندا، اسان گل
ڦل رسالو ڏاڍي دلچسپي سان پڙھندا آھيون، اسان سڀني
ڪلاس وارن کي اسان جو محترم استاد سائين عبدالستار
لغاري صاحب ھر مھيني گل ڦل گفٽ ۾ ڏيندو آهي. ھن
وقت اسان جي پياري سنڌي ٻوليءَ ۾ ٻارڙن جو ھي واحد
رسالو گُل ڦُل باقاعدگيءَ سان وقت سر شايع ٿي اسان
جي ھٿن ۾ پھچي رھيو آھي. گل ڦل جا سڀ سلسلا وڏي
چاھ سان پڙھندا آھيون، خاص طور تي ناول چاڪليٽ ۽
ابتو وڻ بيحد پسند آھن. اسان سڀ دوست ھن رسالي ۾
مواد موڪليون پيا، اميد ته اسان جو مواد شايع
ڪنديون مهرباني.
پنجين ڪلاس جا شاگرد
گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول، ڳوٺ امير بخش
لغاري، تعلقو ماتلي ضلعو بدين.
***
مانوارا گل ڦل ايڊيٽر، اسلام عليڪم جيئن ته مان
ٻارن لاء ناٽڪ لکيا انھن مان ٽي ناٽڪ اوھان ڏانھن
ميل ڪجن ٿا. جنھن کي گل ڦل رسالي ۾ شايع ڪندا.
وفا منظور چوھاڻ
شڪارپور
***
ايڊيٽر ماهوار گل ڦل ڄام شورو
ادي نجمه پنهور صاحبه
السلام عليڪم، جيئن ته ماهوار گل ڦل لاءِ اڳ به
ڪجهه مواد موڪليو اٿم ۽ هاڻ به
”آرسي
يا آئينو“
جي عنوان سان آرٽيڪل موڪليان پيو، اُميد ته ضرور
شامل اشاعت فرمائيندا ته انتهائي شڪر گذار رهندس.
شفيق عاصم منگي
معرفت نديم فوٽو اسٽيٽ سينٽر، لکيدر، شڪارپور
فيبروري
2024ع
جي
ماهوار
شماري
۾
”لطيفي
لات“
جي سلسلي ۾ ڏنل بيت
”سُر
ڏهر“
جي داستان
پهرئين
جو
ٻيو
نمبر بيت
آهي.
بيت جي سمجهاڻي ۽ مفهوم:
(اي سٻاجها سائين) جيترو تنهنجو نالو پيارو ۽
سٻاجهو آهي، اوترو مون کي گهڻو آسرو ۽ اُميد آهي.
اي مالڪ، تنهنجي طاقت ۽ قدرت جو ڪو ڇيهه يا ڪا حد
ڪانهي (اي مالڪ). مون ٻيا سڀيئي در ڀيٽيا آهن، مگر
بيشڪ تنهنجي دروازي جهڙو (رحمت ۽ ٻاجهه ڀريو) ٻيو
ڪو به دروازو ڪونهي.
بيت جي صحيح معنيٰ لکندڙن جا نالا:
*عبدالسميع: ڪلاس ستون، گورنمينٽ هائير سيڪينڊري
اسڪول بکر جمالي.
*صبغت الله ڏاهري: ڪلاس يارهون، اسد پبلڪ هائير
سيڪينڊري اسڪول شاهپور جهانيان.
*سعد الله ڏاهري: ڪلاس ستون، اسد پبلڪ هائير
سيڪينڊري اسڪول شاهپور جهانيان.
*سليمان
جمالي: ڪلاس ڇهون، سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن
هاءِ اسڪول ڳوٺ جان محمد عرف (مٺياڻي) جمالي ضلع
مٽياري.
*حسين جمالي: ڪلاس ستون، گورنمينٽ هائير سيڪينڊري
اسڪول بکر جمالي.
*مهراڻ ياسين آرائين: ڪلاس ڏهون، هاءِ اسڪول ڦلجي
اسٽيشن دادو
* طفيل احمد جمالي: ڪلاس نائون، گورنمينٽ هائير
سيڪينڊري اسڪول بکر جمالي.
*عبيدالله ڪاڪا: ڪلاس ٽيون، گورنمينٽ پرائمري
اسڪول ڦل ڪاڪا.
*عادل جمالي: ڪلاس پنجون، گورنمينٽ پرائمري اسڪول
پاهڙ جمالي ضلعو مٽياري.
*سعيده سهندڙو: ڳوٺ عظيم سهندڙو ضلع شڪارپور.
*غلام احمد: ڪلاس ستون، گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول
ٽنڊو محمد خان.
*تبسّم جمالي: ڪلاس پنجون، پرائمري اسڪول پاهڙ خان
جمالي.
*خليفو فيصل ڪاڪا: ڪلاس ستون، گورنمينٽ بوائز
هاءِ اسڪول ڦل ڪاڪا ضلع مٽياري.
* ابوبڪر جمالي: ڪلاس ٻارهون، گورنمينٽ هائير
سيڪينڊري اسڪول بکر جمالي تعلقه سعيد آباد.
*محمد بخش سوڍڙو: ڪلاس چوٿون، مخدوم محمد امين
فهيم پرائمري اسڪول هالا نوان.
*محمد يعقوب جمالي: ڪلاس پنجون، گورنمينٽ پرائمري
اسڪول پاهڙ جمالي تعلقه سعيد آباد.
*عبدالباقي ڀٽو: ميرپور ماٿيلو مومل جي ماڙي
گهوٽڪي.
*وقاص آرائين:
ڦلجي اسٽيشن دادو.
*عبدالمالڪ سهندڙو : ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ هائير
سيڪينڊري اسڪول رستم ضلع شڪارپور.
*وفا ياسين آرائين: ڦلجي اسٽيشن دادو.
*شازينه بلوچ: ڪلاس ٻارهون، گورنمينٽ خورشيده بيگم
گرلس ڪاليج حيدرآباد
جاويد علي: ڪلاس ڏهون، گورنمينٽ نور محمد هاءِ
اسڪول حيدرآباد.
بيت جي صحيح معنيٰ لکي موڪليندڙن مان عبدالسميع
جمالي جو ڪُڻو نڪتو آهي، کيس سنڌي ادبي بورڊ پاران
گُل ڦُل جي ڪاپي موڪلجي ٿي. |